الم (آيت : 1) |
ا-ل-م |
تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ الحَكيمِ (آيت : 2) |
هي آيتون آهن ان ڪتاب جون جيڪو حڪمت وارو آهي |
هُدًى وَرَحمَةً لِلمُحسِنينَ (آيت : 3) |
هدايت ۽ رحمت آهن انهن ڀلارن جي لاءِ |
الَّذينَ يُقيمونَ الصَّلوٰةَ وَيُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَهُم بِالءاخِرَةِ هُم يوقِنونَ (آيت : 4) |
جيڪي قائم ڪن ٿا نماز ۽ ڏيندا رهن ٿا زڪواة ۽ اهي آخرت تي (پورو پورو) يقين رکن ٿا |
أُولٰئِكَ عَلىٰ هُدًى مِن رَبِّهِم وَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 5) |
اهڙا ئي ماڻهو آهن هدايت تي پنهنجي رب جي طرفان ۽ اهي ڇوٽڪارو حاصل ڪندڙ آهن |
وَمِنَ النّاسِ مَن يَشتَرى لَهوَ الحَديثِ لِيُضِلَّ عَن سَبيلِ اللَّهِ بِغَيرِ عِلمٍ وَيَتَّخِذَها هُزُوًا أُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 6) |
۽ ڪو اهڙو ماڻهو به آهي جيڪو خريد ڪري ٿو دل لڀائيندڙ ڪلام، جيئن گمراهه ڪري ماڻهن کي الله جي راهه کان بنا علم جي، ۽ (ان راهه جي دعوت کي) ڀوڳ مذاق بڻائي ڇڏي، اهڙن ماڻهن جي لاءِ عذاب آهي تمام ذليل ڪندڙ |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِ ءايٰتُنا وَلّىٰ مُستَكبِرًا كَأَن لَم يَسمَعها كَأَنَّ فى أُذُنَيهِ وَقرًا فَبَشِّرهُ بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 7) |
۽ جڏهن ٻڌايون وڃن ٿيون ان کي اسان جون آيتون، ته وڏي تڪبر سان منهن ڦيري ڇڏي ٿو، ڄڻ ته ٻڌو ئي ناهي ان کي، ڄڻ ته سندس ڪن ٻوڙا آهن، ٺيڪ آهي کيس هڪ عذاب جي خوشخبري ڏي اهو دردناڪ هوندو |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم جَنّٰتُ النَّعيمِ (آيت : 8) |
بيشڪ جيڪي ماڻهو ايمان آڻن ۽ عمل سٺا ڪن، انهن جي لاءِ جنتون آهن نعمتن سان ڀريل |
خٰلِدينَ فيها وَعدَ اللَّهِ حَقًّا وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 9) |
رهندا سدائين انهن ۾، اهو وعدو الله جو سچو آهي، ۽ اهو زبردست حڪمت وارو آهي |
خَلَقَ السَّمٰوٰتِ بِغَيرِ عَمَدٍ تَرَونَها وَأَلقىٰ فِى الأَرضِ رَوٰسِىَ أَن تَميدَ بِكُم وَبَثَّ فيها مِن كُلِّ دابَّةٍ وَأَنزَلنا مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَنبَتنا فيها مِن كُلِّ زَوجٍ كَريمٍ (آيت : 10) |
(جنهن) خلقيو آهي آسمانن کي بنا ٿنڀن جي جن کي توهان ڏسو ٿا، ۽ هن کوڙي ڇڏيا زمين ۾ جبل، جيئن اها لڙهڪي نه وڃي توهان سميت، ۽ هن پکيڙي ڇڏيا آهن هر قسم جا نور، ۽ وسايوسين آسمان مان پاڻي، ۽ ڦٽايون ٿا ان ۾ طرحين طرحين جون وڻندڙ شيون |
هٰذا خَلقُ اللَّهِ فَأَرونى ماذا خَلَقَ الَّذينَ مِن دونِهِ بَلِ الظّٰلِمونَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 11) |
اها ته آهي خلقيل الله جي پوءِ ڀلا مون کي ڏيکاريو ته ڇا خلقيو آهي ٻين انهن کان سواءِ، اصل ۾ اهي ظالم گمراهي ۾ پيل آهن ظاهر ظهور |
وَلَقَد ءاتَينا لُقمٰنَ الحِكمَةَ أَنِ اشكُر لِلَّهِ وَمَن يَشكُر فَإِنَّما يَشكُرُ لِنَفسِهِ وَمَن كَفَرَ فَإِنَّ اللَّهَ غَنِىٌّ حَميدٌ (آيت : 12) |
۽ بيشڪ اسان ڏني هئي لقمان کي حڪمت ته شڪر گذار ٿئي الله جو، ۽ جيڪو به شڪر ڪندو ته بيشڪ اهو کيس ئي فائدو ڏيندو، ۽ جيڪو ڪفر ڪندو، ته حقيقت ۾ الله بي نياز ۽ ساراهيل آهي |
وَإِذ قالَ لُقمٰنُ لِابنِهِ وَهُوَ يَعِظُهُ يٰبُنَىَّ لا تُشرِك بِاللَّهِ إِنَّ الشِّركَ لَظُلمٌ عَظيمٌ (آيت : 13) |
۽ (ياد ڪر) جڏهن چيو لقمان پنهنجي پٽ کي ۽ اهو کيس نصيحت پيو ڪري، اي پٽڙا! نه شريڪ ڪجانءِ ڪنهن کي الله سان، حقيقت ۾ شرڪ ظلم آهي تمام وڏو |
وَوَصَّينَا الإِنسٰنَ بِوٰلِدَيهِ حَمَلَتهُ أُمُّهُ وَهنًا عَلىٰ وَهنٍ وَفِصٰلُهُ فى عامَينِ أَنِ اشكُر لى وَلِوٰلِدَيكَ إِلَىَّ المَصيرُ (آيت : 14) |
۽ حقيقت ۾ اسان انسان کي پنهنجي والدين جو حق سڃاڻڻ جو تاڪيد ڪيو جو ڪمزوري سهي سندس ماءُ کيس پيٽ ۾ کنيو ۽ سندس ٿڃ ٻن سالن ۾ ڇڏائجي ٿي، (حڪم ڪيوسين) ته حق مڃو منهنجو ۽ پنهنجي والدين جو، آخر مون ڏي ئي موٽڻو آهي |
وَإِن جٰهَداكَ عَلىٰ أَن تُشرِكَ بى ما لَيسَ لَكَ بِهِ عِلمٌ فَلا تُطِعهُما وَصاحِبهُما فِى الدُّنيا مَعروفًا وَاتَّبِع سَبيلَ مَن أَنابَ إِلَىَّ ثُمَّ إِلَىَّ مَرجِعُكُم فَأُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 15) |
پر جيڪڏهن اهي توتي دٻاءُ وجهن ته شريڪ ڪر مون سان ڪنهن اهڙي کي، جنهن جي باري ۾ توکي ڪو علم ناهي، پوءِ نه مڃجان انهن جي ڳالهه ۽ ساڻن سلوڪ ڪندو رهه دنيا ۾ بهتر نموني جو، ۽ پيروي ان شخص جي راهه جي ڪر جنهن جو رُخ مون ڏي آهي، پوءِ مون ڏي ئي سڀني کي موٽڻو آهي، پوءِ ان وقت توهان کي ٻڌائيندس ته توهان ڪهڙا عمل ڪندا رهيا آهيو |
يٰبُنَىَّ إِنَّها إِن تَكُ مِثقالَ حَبَّةٍ مِن خَردَلٍ فَتَكُن فى صَخرَةٍ أَو فِى السَّمٰوٰتِ أَو فِى الأَرضِ يَأتِ بِهَا اللَّهُ إِنَّ اللَّهَ لَطيفٌ خَبيرٌ (آيت : 16) |
(۽ لقمان چيو) اي پٽڙا! ڪابه شيءِ ڀلي اَهُر جي داڻي جيتري (ڇو نه) هجي ۽ اها لڪل هجي ڀلي ڪنهن ٽَڪر (جبل) ۾ يا (اها) آسمانن ۾ يا (اها) زمين ۾ هجي، ڪڍي وٺندو ان کي الله، بيشڪ الله گَهري نظر وارو باخبر آهي |
يٰبُنَىَّ أَقِمِ الصَّلوٰةَ وَأمُر بِالمَعروفِ وَانهَ عَنِ المُنكَرِ وَاصبِر عَلىٰ ما أَصابَكَ إِنَّ ذٰلِكَ مِن عَزمِ الأُمورِ (آيت : 17) |
اي پٽڙا! قائم ڪر نماز ۽ حڪم ڪر نيڪيءَ جو ۽ منع ڪر برائيءَ کان ۽ صبر ڪر ان تي جيڪا مصيبت اچي، بيشڪ هي اهي ڳالهيون آهن جن جو گهڻو تاڪيد ڪيل آهي |
وَلا تُصَعِّر خَدَّكَ لِلنّاسِ وَلا تَمشِ فِى الأَرضِ مَرَحًا إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ كُلَّ مُختالٍ فَخورٍ (آيت : 18) |
۽ نه ڳالهاءِ منهن پاسيرو ڪري ماڻهن سان، ۽ نه هل زمين تي آڪڙ سان، بيشڪ الله پسند نٿو ڪري ڪنهن پاڻ پسند ڪندڙ شخص فخر ڪندڙ کي |
وَاقصِد فى مَشيِكَ وَاغضُض مِن صَوتِكَ إِنَّ أَنكَرَ الأَصوٰتِ لَصَوتُ الحَميرِ (آيت : 19) |
۽ وچٿرائيءَ جي چال هل ۽ جَهڪو رک پنهنجو آواز، بيشڪ بڇڙو آواز (سڀني آوازن ۾) آواز (هينگ) گڏهه جي آهي |
أَلَم تَرَوا أَنَّ اللَّهَ سَخَّرَ لَكُم ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَأَسبَغَ عَلَيكُم نِعَمَهُ ظٰهِرَةً وَباطِنَةً وَمِنَ النّاسِ مَن يُجٰدِلُ فِى اللَّهِ بِغَيرِ عِلمٍ وَلا هُدًى وَلا كِتٰبٍ مُنيرٍ (آيت : 20) |
ڇا توهان نٿا ڏسو ته بيشڪ الله تابع ڪيون آهن توهان جي لاءِ جيڪي ڪجهه آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ شيون آهن ۽ مڪمل ڪيون آهن توهان تي پنهنجون نعمتون ظاهر آهن يا لڪل آهن؟ ۽ پوءِ به انسانن مان ڪي اهڙا به آهن جيڪي جهڳڙو ڪن ٿا الله جي باري ۾ بنا ڪنهن علم جي يا ڪنهن هدايت يا ڪتاب روشني ڏيندڙ جي |
وَإِذا قيلَ لَهُمُ اتَّبِعوا ما أَنزَلَ اللَّهُ قالوا بَل نَتَّبِعُ ما وَجَدنا عَلَيهِ ءاباءَنا أَوَلَو كانَ الشَّيطٰنُ يَدعوهُم إِلىٰ عَذابِ السَّعيرِ (آيت : 21) |
۽ جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته پيروي ڪريو ان شيءِ جي جيڪا نازل ڪئي آهي الله، ته چون ٿا ته، اسان ان شيءِ جي پيروي ڪنداسين جنهن تي ڏٺو آهي (هلندي) پنهنجي ابن ڏاڏن کي، ڇا اهي انهن جي ئي پيروي ڪندا پوءِ شيطان ڀلي سڏي انهن کي ان عذاب ڏي جيڪو ڀڙڪندڙ باهه جو هجي؟ |
وَمَن يُسلِم وَجهَهُ إِلَى اللَّهِ وَهُوَ مُحسِنٌ فَقَدِ استَمسَكَ بِالعُروَةِ الوُثقىٰ وَإِلَى اللَّهِ عٰقِبَةُ الأُمورِ (آيت : 22) |
۽ جيڪو (شخص) حوالي ڪري پاڻ کي الله جي ۽ اهو سٺو هجي عمل ۾، تنهن بيشڪ هڪ سٺو سهارو جهلي ورتو ڀروسي جوڳو، ۽ الله وٽ ئي آهي آخري فيصلو سڀني معاملن جو |
وَمَن كَفَرَ فَلا يَحزُنكَ كُفرُهُ إِلَينا مَرجِعُهُم فَنُنَبِّئُهُم بِما عَمِلوا إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 23) |
۽ جيڪو ڪفر ڪري ٿو پوءِ ان جو اهو توکي غمگين نه ڪري ڪفر، اسان وٽ ئي موٽندا اهي سڀ، اسين ئي کين ٻڌائينداسين ته اهي ڇا ڇا ڪري آيا آهن، بيشڪ الله ڄاڻي ٿو سڀ ڳجهه سينن جا |
نُمَتِّعُهُم قَليلًا ثُمَّ نَضطَرُّهُم إِلىٰ عَذابٍ غَليظٍ (آيت : 24) |
اسان انهن کي موقعو ڏيون پيا ٿورڙو ئي مزا ماڻڻ جو، پوءِ کين بيوس ڪري گهلي وينداسين عذاب ڏي جيڪو تمام سخت آهي |
وَلَئِن سَأَلتَهُم مَن خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ لَيَقولُنَّ اللَّهُ قُلِ الحَمدُ لِلَّهِ بَل أَكثَرُهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 25) |
۽ جيڪر تون پڇين انهن کان ته ڪنهن پيدا ڪيو آهي آسمانن ۽ زمين کي ته اهي ضرور چوندا الله، تون چؤ، الحمد لله! پر انهن مان گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن |
لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ إِنَّ اللَّهَ هُوَ الغَنِىُّ الحَميدُ (آيت : 26) |
الله جو ئي آهي سڀ ڪجهه جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي، بيشڪ الله ئي بي نياز پاڻ ئي ساراهيل آهي |
وَلَو أَنَّما فِى الأَرضِ مِن شَجَرَةٍ أَقلٰمٌ وَالبَحرُ يَمُدُّهُ مِن بَعدِهِ سَبعَةُ أَبحُرٍ ما نَفِدَت كَلِمٰتُ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 27) |
۽ جيترا به آهن زمين ۾ وڻ، جيڪڏهن اهي قلم ٿي پون ۽ سمنڊ (مس ٿي پوي) ان کان پوءِ ست ٻيا به سمنڊ مس مهيا ڪن تڏهن به کٽڻ جون ناهن الله جون ڳالهيون، بيشڪ الله زبردست حڪيم آهي |
ما خَلقُكُم وَلا بَعثُكُم إِلّا كَنَفسٍ وٰحِدَةٍ إِنَّ اللَّهَ سَميعٌ بَصيرٌ (آيت : 28) |
توهان سڀني انسانن جو پيدا ڪرڻ ۽ ته بس ائين آهي ان لاءِ جيئن ڪنهن هڪ شخص کي ٻيهر جيارڻ، بيشڪ الله سڀ ڪجهه ٻڏندڙ ۽ ڏسندڙ آهي |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ يولِجُ الَّيلَ فِى النَّهارِ وَيولِجُ النَّهارَ فِى الَّيلِ وَسَخَّرَ الشَّمسَ وَالقَمَرَ كُلٌّ يَجرى إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى وَأَنَّ اللَّهَ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 29) |
ڇا تون ڏسين نٿو ته بيشڪ الله پوئيندو ايندو آهي رات کي ڏينهن ۾ ۽ پوئيندو آهي ڏينهن کي رات ۾؟ ۽ تابع ڪيو اٿس سج ۽ چنڊ کي، سڀ هلندا پيا وڃن هڪ مقرر وقت تائين (ڇا تون نٿو ڄاڻين ته) جيڪي به ڪريو ٿا الله هر انهيءَ عمل کان باخبر آهي |
ذٰلِكَ بِأَنَّ اللَّهَ هُوَ الحَقُّ وَأَنَّ ما يَدعونَ مِن دونِهِ البٰطِلُ وَأَنَّ اللَّهَ هُوَ العَلِىُّ الكَبيرُ (آيت : 30) |
اهو سڀڪجهه ان ڪري آهي ته بيشڪ الله ئي حق آهي ۽ ان کي ڇڏي پڪارين ٿا اهي ماڻهو جن ٻين شين کي سي سڀ باطل آهن، ۽ بيشڪ الله ئي (سڀ کان) وڏو ۽ مٿانهون آهي |
أَلَم تَرَ أَنَّ الفُلكَ تَجرى فِى البَحرِ بِنِعمَتِ اللَّهِ لِيُرِيَكُم مِن ءايٰتِهِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِكُلِّ صَبّارٍ شَكورٍ (آيت : 31) |
ڇا توهان ڏسو نٿا ته بيشڪ ٻيڙي هلندي آهي سمنڊ ۾ الله جي فضل سان، ته جيئن توهان کي ڏيکاري پنهنجون نشانيون، حقيقت ۾ ان ۾ گهڻيون ئي نشانيون آهن ان شخص لاءِ جيڪو صبر ۽ شڪر ڪندڙ هجي |
وَإِذا غَشِيَهُم مَوجٌ كَالظُّلَلِ دَعَوُا اللَّهَ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ فَلَمّا نَجّىٰهُم إِلَى البَرِّ فَمِنهُم مُقتَصِدٌ وَما يَجحَدُ بِـٔايٰتِنا إِلّا كُلُّ خَتّارٍ كَفورٍ (آيت : 32) |
۽ جڏهن موج ڇانئجي ويندي آهي (سمنڊ ۾) ڇپر وانگر ته اهي سڏيندا آهن الله کي خالص ڪري ان کي پنهنجي دين جي لاءِ، پوءِ جڏهن هو کين بچائي خشڪي تي آڻيندو آهي ته انهن مان ڪو وچ وارو ٿيو پوي، ۽ انڪار نٿو ڪري اسان جي آيتن جو سواءِ هر ان شخص جي جيڪو غدار ۽ بي شڪرو آهي |
يٰأَيُّهَا النّاسُ اتَّقوا رَبَّكُم وَاخشَوا يَومًا لا يَجزى والِدٌ عَن وَلَدِهِ وَلا مَولودٌ هُوَ جازٍ عَن والِدِهِ شَيـًٔا إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ فَلا تَغُرَّنَّكُمُ الحَيوٰةُ الدُّنيا وَلا يَغُرَّنَّكُم بِاللَّهِ الغَرورُ (آيت : 33) |
اي انسانو! بچو پنهنجي رب جي غضب کان ۽ ڊڄو ان ڏينهن کان نه ڀريندو عيوضو ڪوبه والد پنهنجي پٽ بدران ۽ نه (وري) پٽ ڪوبه عيوضو پنهنجي والد لاءِ ڀريندو، بيشڪ وعدو الله جو سچو آهي، پوءِ هي دوکي ۾ نه وجهي توهان کي حياتي دنيا جي، ۽ نه ڪو دوکي باز توهان کي الله جي باري ۾ دوکو ڏئي سگهي ٿو |
إِنَّ اللَّهَ عِندَهُ عِلمُ السّاعَةِ وَيُنَزِّلُ الغَيثَ وَيَعلَمُ ما فِى الأَرحامِ وَما تَدرى نَفسٌ ماذا تَكسِبُ غَدًا وَما تَدرى نَفسٌ بِأَىِّ أَرضٍ تَموتُ إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ خَبيرٌ (آيت : 34) |
بيشڪ الله وٽ ئي علم آهي ان گهڙي (قيامت) جو، ۽ اهو ئي وسائي ٿو مينهن ۽ اهو ئي ڄاڻي ٿو ته مائرن جي پيٽ ۾ ڇا پيو نپجي، ۽ ڪوبه نٿو ڄاڻي ساهه وارو ته هو ڪهڙي ڪمائي ڪندو سڀاڻي، ۽ نه وري اها خبر آهي ڪنهن شخص کي ته ڪهڙي سرزمين تي مرندو، بيشڪ الله ئي ڄاڻندڙ ۽ باخبر آهي |