الم (آيت : 1) |
ال۬مّ۬ (الف ـ لام ـ ميم) |
غُلِبَتِ الرّومُ (آيت : 2) |
رومين ڀر واري علائقي ۾ هار کاڌي |
فى أَدنَى الأَرضِ وَهُم مِن بَعدِ غَلَبِهِم سَيَغلِبونَ (آيت : 3) |
۽ پنهنجي انهيءَ هار کان پوءِ ٿورن سالن اندر هو وري سوڀارا ٿيندا |
فى بِضعِ سِنينَ لِلَّهِ الأَمرُ مِن قَبلُ وَمِن بَعدُ وَيَومَئِذٍ يَفرَحُ المُؤمِنونَ (آيت : 4) |
الله جي ئي هٿ وس آهي، سڀ ڪجهه اڳي به ۽ پوءِ به، انهيءَ ڏينهن (الله جي عنايت ڪيل سوڀ) تي مسلمان ڏاڍيون خوشيون ملهائيندا |
بِنَصرِ اللَّهِ يَنصُرُ مَن يَشاءُ وَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 5) |
الله جي مدد سان، الله جنهن کي چاهي فتح ڏئي ٿو، هو زبردست ۽ ٻاجهارو آهي |
وَعدَ اللَّهِ لا يُخلِفُ اللَّهُ وَعدَهُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 6) |
اهو وعدو الله جو ڪيل آهي، الله پنهنجي وعدي جي خلاف ڪڏهن به نه هلندو آهي، پر گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن |
يَعلَمونَ ظٰهِرًا مِنَ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَهُم عَنِ الءاخِرَةِ هُم غٰفِلونَ (آيت : 7) |
ماڻهو دنيا جي زندگيءَ جي ظاهري ڏيک ويک کي ته ڄاڻن ٿا، باقي آخرت کان بلڪل اڻ ڄاڻ آهن |
أَوَلَم يَتَفَكَّروا فى أَنفُسِهِم ما خَلَقَ اللَّهُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما إِلّا بِالحَقِّ وَأَجَلٍ مُسَمًّى وَإِنَّ كَثيرًا مِنَ النّاسِ بِلِقائِ رَبِّهِم لَكٰفِرونَ (آيت : 8) |
ڀلا ڪڏهن پنهنجو پاڻ تي ڪو سوچ ويچار نه ڪيو اٿن ڇا؟ الله آسمانن ۽ زمين کي ۽ انهن سمورين شين کي جيڪي انهن جي وچ ۾ آهن، برحق ۽ مقرر ڪيل مدي لاءِ ئي پيدا ڪيو آهي، پر گهڻا ئي ماڻهو پنهنجي رب سان ملڻ جا انڪاري آهن |
أَوَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَيَنظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ مِن قَبلِهِم كانوا أَشَدَّ مِنهُم قُوَّةً وَأَثارُوا الأَرضَ وَعَمَروها أَكثَرَ مِمّا عَمَروها وَجاءَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَما كانَ اللَّهُ لِيَظلِمَهُم وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 9) |
ڇا اهي ماڻهو زمين ۾ گهميا ڦريا ناهن، جو کين انهن ماڻهن جي پڇاڙي نظر اچي ها، جيڪي کانئن اڳ ٿي گذريا آهن؟ اهي هنن کان وڌيڪ طاقتور هئا ۽ زمين خوب کيڙي هئائون ۽ ان کي ايترو آباد ڪيو هئائون، جيترو هنن نه ڪيو آهي، وٽن سندن رسول چٽيون نشانيون کڻي آيا، پوءِ الله ته مٿن ظلم ڪرڻ وارو نه هو، پر هو پاڻ تي پاڻ ئي ظلم ڪري رهيا هئا |
ثُمَّ كانَ عٰقِبَةَ الَّذينَ أَسٰـُٔوا السّوأىٰ أَن كَذَّبوا بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَكانوا بِها يَستَهزِءونَ (آيت : 10) |
نيٺ جن ماڻهن برايون ڪيون هيون انهن جي پڇاڙي ڏاڍي خراب ٿي، جو هنن الله جي آيتن کي ڪوڙو سڏيو هو ۽ وري انهن تي ٺٺوليون به ڪندا هئا |
اللَّهُ يَبدَؤُا۟ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ ثُمَّ إِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 11) |
الله ئي نئين ســِـر خلق خلقي ٿو ۽ اهوئي ٻيهر به ائين ڪندو. پوءِ ڏانهس ئي توهان موٽائي آندا ويندؤ |
وَيَومَ تَقومُ السّاعَةُ يُبلِسُ المُجرِمونَ (آيت : 12) |
۽ جڏهن اها گهڙي قائم ٿيندي ته ڏوهاري هڪا ٻڪا ٿي ويندا |
وَلَم يَكُن لَهُم مِن شُرَكائِهِم شُفَعٰؤُا۟ وَكانوا بِشُرَكائِهِم كٰفِرينَ (آيت : 13) |
سندن گهڙيل شريڪن مان ڪوبه سندن سفارشي نه بڻبو ۽ هو پنهنجن شريڪن جا انڪاري بنجي ويندا |
وَيَومَ تَقومُ السّاعَةُ يَومَئِذٍ يَتَفَرَّقونَ (آيت : 14) |
جنهن ڏينهن اها گهڙي قائم ٿيندي ته ان ڏينهن (سمورا انسان) ٽولا ٽولا ٿي ويندا |
فَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَهُم فى رَوضَةٍ يُحبَرونَ (آيت : 15) |
جن ماڻهن ايمان آندو آهي ۽ نيڪ عمل ڪيا اٿن، اهي هڪڙي باغ ۾ ڏاڍو خوش رکيا ويندا |
وَأَمَّا الَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَلِقائِ الءاخِرَةِ فَأُولٰئِكَ فِى العَذابِ مُحضَرونَ (آيت : 16) |
۽ جن ڪفر ڪيو آهي ۽ اسان جي آيتن کي ۽ آخرت واريءَ ملاقات کي ڪوڙ سڏيو اٿائون، اهي عذاب ۾ حاضر ڪيل هوندا |
فَسُبحٰنَ اللَّهِ حينَ تُمسونَ وَحينَ تُصبِحونَ (آيت : 17) |
تنهنڪري پاڪائي بيان ڪريو الله جي، جڏهن توهان شام ڪندا آهيو ۽ جڏهن توهان صبح ڪندا آهيو |
وَلَهُ الحَمدُ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَعَشِيًّا وَحينَ تُظهِرونَ (آيت : 18) |
آسمانن توڙي زمين ۾ انهيءَ لاءِ ئي تعريف آهي ۽ (تسبيح ڪريو سندس) ٽيپهريءَ جو ۽ جڏهن توهان تي ٻن پهرن جو وقت اچي ٿو |
يُخرِجُ الحَىَّ مِنَ المَيِّتِ وَيُخرِجُ المَيِّتَ مِنَ الحَىِّ وَيُحىِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها وَكَذٰلِكَ تُخرَجونَ (آيت : 19) |
هو جيئري کي مئي مان ڪڍي ٿو ۽ مئل کي جيئري مان ڪڍي ٿو ۽ زمين کي سندس موت کان پوءِ وري ٿو جيئاري ۽ ائين توهان به (موت واري حالت مان) ڪڍيا ويندؤ |
وَمِن ءايٰتِهِ أَن خَلَقَكُم مِن تُرابٍ ثُمَّ إِذا أَنتُم بَشَرٌ تَنتَشِرونَ (آيت : 20) |
سندس نشانين مان هي آهي ته هن توهان کي مٽيءَ مان پيد ڪيو، پوءِ ان ئي وقت توهان بشر آهيو جو (زمين ۾) پکڙبا وڃو ٿا |
وَمِن ءايٰتِهِ أَن خَلَقَ لَكُم مِن أَنفُسِكُم أَزوٰجًا لِتَسكُنوا إِلَيها وَجَعَلَ بَينَكُم مَوَدَّةً وَرَحمَةً إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 21) |
۽ سندس نشانين مان هي آهي ته هن توهان جي ئي جنس مان زالون بڻايون، تانته توهان وٽن قرار ماڻيو ۽ توهان جي وچ ۾ محبت ۽ رحمت پيدا ڪيائين، بيشڪ ان ۾ ڪيتريون ئي نشانيون آهن، انهن ماڻهن لاءِ جيڪي سوچ ويچار ڪن ٿا |
وَمِن ءايٰتِهِ خَلقُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاختِلٰفُ أَلسِنَتِكُم وَأَلوٰنِكُم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِلعٰلِمينَ (آيت : 22) |
۽ سندس ئي نشانين مان آسمانن ۽ زمين جي پيدائش ۽ توهان جي ٻولين ۽ رنگن جو هڪ ٻئي کان الڳ هئڻ آهي، بيشڪ ان ۾ گهڻيون ئي نشانيون آهن ڄاڻندڙن لاءِ |
وَمِن ءايٰتِهِ مَنامُكُم بِالَّيلِ وَالنَّهارِ وَابتِغاؤُكُم مِن فَضلِهِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَسمَعونَ (آيت : 23) |
۽ سندس ئي نشانين مان توهان جو رات توڙي ڏينهن جو سمهڻ ۽ توهان جو سندس فضل جي ڳولا ڪرڻ آهي. بيشڪ هن ۾ ڪيتريون ئي نشانيون آهن انهن ماڻهن لاءِ جيڪي (ڌيان ڏئي) ٻڌندا آهن |
وَمِن ءايٰتِهِ يُريكُمُ البَرقَ خَوفًا وَطَمَعًا وَيُنَزِّلُ مِنَ السَّماءِ ماءً فَيُحيۦ بِهِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 24) |
سندس ئي نشانين مان اها ڳالهه به آهي ته هو توهان کي کنوڻ جا چمڪاٽ ڏيکاري ٿو، ڊڄڻ لاءِ به ۽ اميد ڏيارڻ لاءِ به ۽ آسمان مان پاڻي وسائي ٿو، پوءِ ان جي وسيلي زمين کي سندس موت کانپوءِ وري جيئرو ڪري ٿو، بيشڪ ان ۾ ڪيتريون ئي نشانيون آهن انهن ماڻهن لاءِ جيڪي عقل کان ڪم وٺن ٿا |
وَمِن ءايٰتِهِ أَن تَقومَ السَّماءُ وَالأَرضُ بِأَمرِهِ ثُمَّ إِذا دَعاكُم دَعوَةً مِنَ الأَرضِ إِذا أَنتُم تَخرُجونَ (آيت : 25) |
۽ سندس نشانين مان هي آهي ته سندس حڪم سان آسمان ۽ زمين قائم آهن، پوءِ جيئن ئي توهان کي زمين منجهان هڪڙو ئي سڏ ڪيائين، ته توهان جهٽ پٽ نڪري ايندؤ |
وَلَهُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ كُلٌّ لَهُ قٰنِتونَ (آيت : 26) |
آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي به آهي، سڀ سندس ئي آهي ۽ سڀئي سندس حڪم هيٺ آهن |
وَهُوَ الَّذى يَبدَؤُا۟ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ وَهُوَ أَهوَنُ عَلَيهِ وَلَهُ المَثَلُ الأَعلىٰ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 27) |
اهوئي نئين ســـِـر خلق پيدا ڪري ٿو ۽ اهوئي ٻيهر به ائين ڪندو ۽ اهو ته ان لاءِ وڌيڪ آسان آهي. آسمانن ۽ زمين ۾ سندس صفت سڀ کان مٿانهين آهي ۽ هو زبردست ۽ حڪمت وارو آهي |
ضَرَبَ لَكُم مَثَلًا مِن أَنفُسِكُم هَل لَكُم مِن ما مَلَكَت أَيمٰنُكُم مِن شُرَكاءَ فى ما رَزَقنٰكُم فَأَنتُم فيهِ سَواءٌ تَخافونَهُم كَخيفَتِكُم أَنفُسَكُم كَذٰلِكَ نُفَصِّلُ الءايٰتِ لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 28) |
هو توهان کي توهان جي پنهنجي وجود مان هڪ مثال ڏئي ٿو. ڇا توهان جي هٿ وس آيل غلامن مان ڪي غلام اهڙا به آهن، جيڪي اسان پاران توهان کي ڏنل مال دولت ۾ توهان سان توهان جي برابر ئي شريڪ هجن ۽ توهان کانئن ائين ڊڄندا هجو، جيئن پاڻ ۾ پنهنجي هڪجهڙن کان ڊڄندا آهيو؟ ائين اسان آيتون کولي کولي سمجهايون ٿا، انهن ماڻهن لاءِ جيڪي عقل کان ڪم وٺن ٿا |
بَلِ اتَّبَعَ الَّذينَ ظَلَموا أَهواءَهُم بِغَيرِ عِلمٍ فَمَن يَهدى مَن أَضَلَّ اللَّهُ وَما لَهُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 29) |
مگر اهي ظالم بنا ڪنهن ڄاڻ جي، پنهنجن خيالن جي ڪڍ لڳا آهن. هاڻي ڪير ٿو ان شخص کي رستو ڏيکاري سگهي، جنهن کي الله ئي ڀٽڪائي ڇڏيو هجي، اهڙن ماڻهن جو ته ڪوبه مددگار ڪونهي |
فَأَقِم وَجهَكَ لِلدّينِ حَنيفًا فِطرَتَ اللَّهِ الَّتى فَطَرَ النّاسَ عَلَيها لا تَبديلَ لِخَلقِ اللَّهِ ذٰلِكَ الدّينُ القَيِّمُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 30) |
سو (اي نبي ۽ نبي جا پوئلڳو!) ٻيا سڀ در ڇڏي پنهنجو رخ هن دين ڏانهن ڪري ڇڏيو، ڄمي بيهه، انهيءَ فطرت تي جنهن تي الله انسان کي پيدا ڪيو آهي، الله جي جوڙيل جوڙ ۾ ڪابه ڦيرڦار ٿيڻي ناهي. اهوئي سڌو سنئون ۽ سچو دين آهي، پر گهڻا ماڻهو ڄاڻن ئي نٿا |
مُنيبينَ إِلَيهِ وَاتَّقوهُ وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَلا تَكونوا مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 31) |
(قائم ٿي وڃو انهيءَ ڳالهه تي) الله ڏانهن ئي رخ ڪندي ۽ کانئس ڊڄو ۽ نماز قائم ڪريو ۽ انهن مشرڪن مان نه ٿيو |
مِنَ الَّذينَ فَرَّقوا دينَهُم وَكانوا شِيَعًا كُلُّ حِزبٍ بِما لَدَيهِم فَرِحونَ (آيت : 32) |
جن پنهنجو پنهنجو دين الڳ بنايو آهي ۽ ٽولا ٽولا ٿي ويا آهن ۽ جنهن ٽولي وٽ جيڪي آهي، انهيءَ تي اهو خوش آهي |
وَإِذا مَسَّ النّاسَ ضُرٌّ دَعَوا رَبَّهُم مُنيبينَ إِلَيهِ ثُمَّ إِذا أَذاقَهُم مِنهُ رَحمَةً إِذا فَريقٌ مِنهُم بِرَبِّهِم يُشرِكونَ (آيت : 33) |
ماڻهن جي حالت اها آهي جو جڏهن کين ڪا تڪليف ٿي پهچي ته الله ڏانهن منهن ڪري کيس سڏين ٿا، پوءِ وري جڏهن هو کين پنهنجي رحمت جو مزو وٺائي ٿو ته هڪدم انهن مان ڪي ماڻهو پنهنجي رب سان شرڪ ڪرڻ لڳن ٿا |
لِيَكفُروا بِما ءاتَينٰهُم فَتَمَتَّعوا فَسَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 34) |
تانته اسان جي ڪيل احسان جي ناشڪري ڪن. چڱو مزا ماڻي وٺو، سگهوئي اوهان کي خبر پئجي ويندي |
أَم أَنزَلنا عَلَيهِم سُلطٰنًا فَهُوَ يَتَكَلَّمُ بِما كانوا بِهِ يُشرِكونَ (آيت : 35) |
ڇا اسان مٿن ڪو ثبوت لاٿو آهي، جيڪو انهيءَ شرڪ جي سچي هئڻ جي شاهدي ڏئي ٿو، جيڪو هو ڪن ٿا؟ |
وَإِذا أَذَقنَا النّاسَ رَحمَةً فَرِحوا بِها وَإِن تُصِبهُم سَيِّئَةٌ بِما قَدَّمَت أَيديهِم إِذا هُم يَقنَطونَ (آيت : 36) |
جڏهن اسان ماڻهن کي رحمت جو مزو وٺائيندا آهيون ته هو ان تي ڏاڍو بود ۾ اچي ويندا آهن ۽ جڏهن پنهنجي هٿن جي ڪرتوتن سبب مٿن ڪا مصيبت ايندي آهي ته امالڪ نااميد ٿيڻ لڳندا آهن |
أَوَلَم يَرَوا أَنَّ اللَّهَ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ وَيَقدِرُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 37) |
ڇا اهي ڏسن نٿا ته الله ئي جنهن جو وڻيس رزق ڪشادو ڪري ٿو ۽ (جنهن جو گهري) تنگ ڪري ٿو. بيشڪ ان ۾ تمام گهڻيون نشانيون آهن، انهن ماڻهن لاءِ جيڪي ايمان آڻن ٿا |
فَـٔاتِ ذَا القُربىٰ حَقَّهُ وَالمِسكينَ وَابنَ السَّبيلِ ذٰلِكَ خَيرٌ لِلَّذينَ يُريدونَ وَجهَ اللَّهِ وَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 38) |
تنهنڪري (اي مؤمن) ويجهي مٽ مائٽ کي سندس حق ڏي ۽ مسڪين ۽ مسافر کي به (سندس حق ڏي) اها ڳالهه ڏاڍي ڀلي آهي انهن ماڻهن لاءِ، جيڪي الله جي رضا جا طالب آهن ۽ اهي ئي ڪامياب آهن |
وَما ءاتَيتُم مِن رِبًا لِيَربُوَا۟ فى أَموٰلِ النّاسِ فَلا يَربوا عِندَ اللَّهِ وَما ءاتَيتُم مِن زَكوٰةٍ تُريدونَ وَجهَ اللَّهِ فَأُولٰئِكَ هُمُ المُضعِفونَ (آيت : 39) |
جيڪو وياج توهان ڏيو ٿا، تانته ماڻهن جي مالن ۾ ملي وڌي ويجهي، الله وٽ اهو نٿو وڌي ۽ جيڪا زڪواة توهان الله جي رضا حاصل ڪرڻ لاءِ ڏيو ٿا، انهيءَ جا ڏيندڙ حقيقت ۾ پنهنجا مال وڌائيندڙ آهن |
اللَّهُ الَّذى خَلَقَكُم ثُمَّ رَزَقَكُم ثُمَّ يُميتُكُم ثُمَّ يُحييكُم هَل مِن شُرَكائِكُم مَن يَفعَلُ مِن ذٰلِكُم مِن شَيءٍ سُبحٰنَهُ وَتَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 40) |
الله ئي آهي جنهن توهان کي پيدا ڪيو، پوءِ توهان کي رزق ڏنائين، پوءِ هو توهان کي موت ٿو ڏئي ۽ پوءِ ورائي توهان کي جيئرو ڪندو. ڇا توهان جي گهڙيل شريڪن مان به ڪو اهڙو آهي، جيڪو انهن مان ڪو ڪم به ڪندو هجي؟ پاڪ آهي هو ۽ تمام مٿي ۽ مٿانهون آهي، انهيءَ شرڪ کان، جيڪو اهي ماڻهو ڪن ٿا |
ظَهَرَ الفَسادُ فِى البَرِّ وَالبَحرِ بِما كَسَبَت أَيدِى النّاسِ لِيُذيقَهُم بَعضَ الَّذى عَمِلوا لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 41) |
فساد کڙو ٿي ويو سڪيءَ توڙي سمنڊ ۾، ماڻهن جي پنهنجي هٿن جي ڪمائيءَ جي ڪري ته جيئن (الله) کين مزو چکائي سندن ڪن عملن جو، ته مــَـن اهي موٽن |
قُل سيروا فِى الأَرضِ فَانظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ مِن قَبلُ كانَ أَكثَرُهُم مُشرِكينَ (آيت : 42) |
(اي نبي) چوينِ ته زمين ۾ ڪجهه گهمي ڦري ڏسو ته اڳ ٿي گذريل ماڻهن جي پڇاڙي ڪهڙي ٿي چڪي آهي، انهن مان گهڻا مشرڪ ئي هئا |
فَأَقِم وَجهَكَ لِلدّينِ القَيِّمِ مِن قَبلِ أَن يَأتِىَ يَومٌ لا مَرَدَّ لَهُ مِنَ اللَّهِ يَومَئِذٍ يَصَّدَّعونَ (آيت : 43) |
تنهنڪري (اي نبي) تون پنهنجو رخ انهيءَ سڌي سنئين دين ڏي ڪري ڇڏ، هن کان اڳ جو اهو ڏينهن اچي، جنهن جي ٽرڻ جي ڪابه صورت الله جي طرفان ناهي. انهيءَ ڏينهن ماڻهو هڪ ٻئي کان جدا ٿي ويندا |
مَن كَفَرَ فَعَلَيهِ كُفرُهُ وَمَن عَمِلَ صٰلِحًا فَلِأَنفُسِهِم يَمهَدونَ (آيت : 44) |
جنهن ڪفر ڪيو آهي، ان جي ڪفر جو وبال ان تي آهي ۽ جن نيڪ عمل ڪيا آهن، اهي پنهنجي لاءِ ئي پيا ٿا (ڇوٽڪاري جو رستو) صاف ڪن |
لِيَجزِىَ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ مِن فَضلِهِ إِنَّهُ لا يُحِبُّ الكٰفِرينَ (آيت : 45) |
ته جيئن الله ايمان آڻڻ وارن ۽ عمل صالح ڪرڻ وارن کي پنهنجي فضل سان اجورا ڏئي ۽ بيشڪ هو ڪافرن کي پسند نٿو ڪري |
وَمِن ءايٰتِهِ أَن يُرسِلَ الرِّياحَ مُبَشِّرٰتٍ وَلِيُذيقَكُم مِن رَحمَتِهِ وَلِتَجرِىَ الفُلكُ بِأَمرِهِ وَلِتَبتَغوا مِن فَضلِهِ وَلَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 46) |
۽ ان جي نشانين مان هي آهي ته هو هوائون موڪلي ٿو، خوشخبري ڏيڻ لاءِ ۽ توهان کي پنهنجي رحمت مان فائدي وٺائڻ لاءِ ۽ اِن لاءِ ته ٻيڙيون سندس حڪم سان هلن ۽ توهان سندس فضل تلاش ڪريو ۽ سندس شڪرانا ادا ڪريو |
وَلَقَد أَرسَلنا مِن قَبلِكَ رُسُلًا إِلىٰ قَومِهِم فَجاءوهُم بِالبَيِّنٰتِ فَانتَقَمنا مِنَ الَّذينَ أَجرَموا وَكانَ حَقًّا عَلَينا نَصرُ المُؤمِنينَ (آيت : 47) |
۽ اسان توکان اڳ رسولن کي پنهنجي پنهنجي قوم ڏي موڪليو ۽ هو وٽن چٽيون نشانيون کڻي آيا. پوءِ جن ڏوهه ڪيا، تن کان اسان بدلو ورتو ۽ اسان تي اهو حق هو ته اسان مؤمنن جي مدد ڪريون |
اللَّهُ الَّذى يُرسِلُ الرِّيٰحَ فَتُثيرُ سَحابًا فَيَبسُطُهُ فِى السَّماءِ كَيفَ يَشاءُ وَيَجعَلُهُ كِسَفًا فَتَرَى الوَدقَ يَخرُجُ مِن خِلٰلِهِ فَإِذا أَصابَ بِهِ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ إِذا هُم يَستَبشِرونَ (آيت : 48) |
الله ئي آهي جيڪو هوائن کي موڪلي ٿو ۽ اهي ڪڪرن کي کڻن ٿيون، پوءِ هو انهن ڪڪرن کي آسمان ۾ پکيڙي ٿو، جيئن گهري ٿو ۽ ان کي ڀاڱا ڪري ٿو، پوءِ تون ڏسين ٿو ته مينهن جون ڦـڙيون ڪڪرن منجهان پيون ٽمن. اها برسات جڏهن هو پنهنجن بندن مان جن تي چاهي ٿو، وسائي ٿو ته هو ان وقت خوش ٿي وڃن ٿا |
وَإِن كانوا مِن قَبلِ أَن يُنَزَّلَ عَلَيهِم مِن قَبلِهِ لَمُبلِسينَ (آيت : 49) |
حالانڪه ان جي وسڻ کان اڳ هو ڏاڍا نااميد پئي ٿيا |
فَانظُر إِلىٰ ءاثٰرِ رَحمَتِ اللَّهِ كَيفَ يُحىِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها إِنَّ ذٰلِكَ لَمُحىِ المَوتىٰ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 50) |
پوءِ ڏس الله جي رحمت جا اثر ته مئل زمين کي هو وري ڪيئن ٿو جيئاري اٿاري. بيشڪ هو مئلن کي جيئرو ڪندڙ آهي ۽ هو هر شيءِ تي وس وارو آهي |
وَلَئِن أَرسَلنا ريحًا فَرَأَوهُ مُصفَرًّا لَظَلّوا مِن بَعدِهِ يَكفُرونَ (آيت : 51) |
۽ جيڪڏهن اسان ڪا اهڙي هوا موڪليون، جنهن جي ڪري سندن پوک هيڊي ٿيندي نظر اچينِ ته ڪفر ڪرڻ لڳندا آهن |
فَإِنَّكَ لا تُسمِعُ المَوتىٰ وَلا تُسمِعُ الصُّمَّ الدُّعاءَ إِذا وَلَّوا مُدبِرينَ (آيت : 52) |
(اي نبي) تون مئلن کي نٿو ٻڌائي سگهين ۽ نه وري انهن ٻوڙن کي سڏ سڻائي سگهين ٿو، جيڪي پٺي ڏيو پيا وڃن؟ |
وَما أَنتَ بِهٰدِ العُمىِ عَن ضَلٰلَتِهِم إِن تُسمِعُ إِلّا مَن يُؤمِنُ بِـٔايٰتِنا فَهُم مُسلِمونَ (آيت : 53) |
۽ نڪي تون انڌن کي سندن گمراهيءَ مان ڪڍي سنئين دڳ لائي سگهين ٿو. تون ته رڳو انهن کي ٻڌائي سگهين ٿو، جيڪي اسان جي آيتن تي ايمان آڻن ٿا ۽ اطاعت ۾ ڪنڌ نوائي ڇڏين ٿا |
اللَّهُ الَّذى خَلَقَكُم مِن ضَعفٍ ثُمَّ جَعَلَ مِن بَعدِ ضَعفٍ قُوَّةً ثُمَّ جَعَلَ مِن بَعدِ قُوَّةٍ ضَعفًا وَشَيبَةً يَخلُقُ ما يَشاءُ وَهُوَ العَليمُ القَديرُ (آيت : 54) |
اهو الله آهي، جنهن هيڻائي واري حالت کان توهان جي پيدائش جي شروعات ڪئي، پوءِ هيڻائي کان پوءِ طاقت ڏنائين، پوءِ وري انهيءَ طاقت کان پوءِ توهان کي هيڻو ۽ پوڙهو ڪري ڇڏيائين. هو جيڪي چاهي سو پيدا ڪري ٿو. هو سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ، هر شيءِ تي قدرت وارو آهي |
وَيَومَ تَقومُ السّاعَةُ يُقسِمُ المُجرِمونَ ما لَبِثوا غَيرَ ساعَةٍ كَذٰلِكَ كانوا يُؤفَكونَ (آيت : 55) |
۽ جنهن ڏينهن قيامت قائم ٿيندي ته ڏوهاري ڏاڍا قسم کڻي چوندا ته اسان هڪڙي گهڙيءَ کان وڌيڪ رهيا ئي ڪونه آهيون، ائين ئي ته دنيا واري زندگيءَ ۾ پيا دوکا کائيندا هئا |
وَقالَ الَّذينَ أوتُوا العِلمَ وَالإيمٰنَ لَقَد لَبِثتُم فى كِتٰبِ اللَّهِ إِلىٰ يَومِ البَعثِ فَهٰذا يَومُ البَعثِ وَلٰكِنَّكُم كُنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 56) |
پر جن کي علم ۽ ايمان نصيب ٿيو هو، اهي چوندا ته الله جي لکئي (ڪتاب) ۾ ته، توهان قيامت تائين پيل رهيا آهيو، سو اهوئي ڏينهن اَٿوَ جيئري ٿي اٿڻ جو، پر توهان نه ڄاڻندا هيؤ |
فَيَومَئِذٍ لا يَنفَعُ الَّذينَ ظَلَموا مَعذِرَتُهُم وَلا هُم يُستَعتَبونَ (آيت : 57) |
پوءِ اهوئي ڏينهن هوندو، جنهن ۾ ظالمن کي سندن بهانا ڪوبه نفعو نه ڏيندا ۽ نه وري کين ڪو معافيءَ گهرڻ لاءِ چيو ويندو |
وَلَقَد ضَرَبنا لِلنّاسِ فى هٰذَا القُرءانِ مِن كُلِّ مَثَلٍ وَلَئِن جِئتَهُم بِـٔايَةٍ لَيَقولَنَّ الَّذينَ كَفَروا إِن أَنتُم إِلّا مُبطِلونَ (آيت : 58) |
هن قرآن ۾ اسان ماڻهن کي هر قسم جي مثالن سان سمجهايو آهي. تون کڻي ڪهڙي به نشاني آڻيندين، جن ماڻهن مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي، سي ائين ئي چوندا ته توهان ڪوڙ تي آهيو |
كَذٰلِكَ يَطبَعُ اللَّهُ عَلىٰ قُلوبِ الَّذينَ لا يَعلَمونَ (آيت : 59) |
اهڙي ريت الله مهر هڻي ڇڏيندو آهي، انهن ماڻهن جي دلين تي جيڪي بي علم آهن |
فَاصبِر إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ وَلا يَستَخِفَّنَّكَ الَّذينَ لا يوقِنونَ (آيت : 60) |
پوءِ (اي نبي) تون صبر ڪر، بيشڪ الله جو وعدو سچو آهي ۽ ڪڏهن به توکي هلڪو محسوس نه ڪن اهي ماڻهو، جيڪي يقين نٿا ڪن |