الم (آيت : 1) |
الم |
غُلِبَتِ الرّومُ (آيت : 2) |
(هتان کان) تمام ويجهي ملڪ ۾ رومين (نصارن، فارسين ۽ آتش پرستن کان) شڪست کاڌي. |
فى أَدنَى الأَرضِ وَهُم مِن بَعدِ غَلَبِهِم سَيَغلِبونَ (آيت : 3) |
۽ اهي شڪست کائڻ کان پوءِ جلد (فارسين تي) غالب ٿيندا. |
فى بِضعِ سِنينَ لِلَّهِ الأَمرُ مِن قَبلُ وَمِن بَعدُ وَيَومَئِذٍ يَفرَحُ المُؤمِنونَ (آيت : 4) |
ٿورن ورهين ۾ اڳي توڙي پوءِ الله جو ئي حڪم آهي، ۽ ان ڏينهن ايمان وارا خدا جي مدد سان خوش ٿيندا. |
بِنَصرِ اللَّهِ يَنصُرُ مَن يَشاءُ وَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 5) |
هو جنهن کي گهري ٿو تنهن کي مدد ڏئي ٿو ۽ اهو ئي زبردست (۽) نهايت رحم وارو آهي. |
وَعدَ اللَّهِ لا يُخلِفُ اللَّهُ وَعدَهُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 6) |
خدا (اهو) وعدو ڪيو آهي. خدا پنهنجو وعدو نه ٿو ڦيري پر گهڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻين. |
يَعلَمونَ ظٰهِرًا مِنَ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَهُم عَنِ الءاخِرَةِ هُم غٰفِلونَ (آيت : 7) |
اهي دنيا جي ظاهري حياتي کي ڄاڻن ٿا ۽ اهي آخرت کان (بلڪل) غافل آهن. |
أَوَلَم يَتَفَكَّروا فى أَنفُسِهِم ما خَلَقَ اللَّهُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما إِلّا بِالحَقِّ وَأَجَلٍ مُسَمًّى وَإِنَّ كَثيرًا مِنَ النّاسِ بِلِقائِ رَبِّهِم لَكٰفِرونَ (آيت : 8) |
ڇا انهن ماڻهن پنهنجي دلين ۾ (ايترو به غور يا) فڪر نه ڪيو ته الله آسمانن ۽ زمين کي ۽ جو ڪجھ ٻنهي جي وچ ۾ آهي، تنهن کي حق سان ۽ هڪ مقرر مدت لاءِ ئي پيدا ڪيو آهي. ۽ ان ۾ شڪ ئي نه آهي ته گهڻا ماڻهو پنهنجي پروردگار (جي بارگاھ) جي حضور (قيامت) کي ئي نه ٿا مڃين. |
أَوَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَيَنظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ مِن قَبلِهِم كانوا أَشَدَّ مِنهُم قُوَّةً وَأَثارُوا الأَرضَ وَعَمَروها أَكثَرَ مِمّا عَمَروها وَجاءَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَما كانَ اللَّهُ لِيَظلِمَهُم وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 9) |
ڇا زمين ۾ اهي ماڻهو گهميا ڦريا نه آهن جو ڏسن ته ڪئين انهن جي پڇاڙي (خراب) ٿي جيڪي انهن کان اڳ هئا. هوڏانهن اهي طاقت ۾ به هنن کان وڌيڪ هئا ۽ انهن زمين کي کيڙيو يا آباد ڪيو هو هنن ماڻهن جي آباد ڪرڻ کان (به) وڌيڪ پڻ انهن وٽ سندن رسول پڌرا ۽ کليل معجزا به آندا هئا (تڏهن به انهن نه مڃيو) پوءِ خدا (ته) مٿن ظلم ڪرڻ وارو نه هو پر اهي پاڻ تي پاڻ (نافرماني سبب) ظلم ڪري رهيا هئا. |
ثُمَّ كانَ عٰقِبَةَ الَّذينَ أَسٰـُٔوا السّوأىٰ أَن كَذَّبوا بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَكانوا بِها يَستَهزِءونَ (آيت : 10) |
پوءِ جن بڇڙائي ڪئي تن جي نهايت بڇڙي پڇاڙي ٿي، تنهنڪري خو خدا جي آيتن کي ڪوڙو ڪيائون ۽ انهن تي مسخريون ڪندا هئا. |
اللَّهُ يَبدَؤُا۟ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ ثُمَّ إِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 11) |
خدا تعالى مخلوقات کي پهرئين ڀيري پيدا ڪيو وري ٻيهر پيدا ڪندو ۽ وري ان ڏي ئي اوهان کي موٽايو ويندو. |
وَيَومَ تَقومُ السّاعَةُ يُبلِسُ المُجرِمونَ (آيت : 12) |
۽ جنهن ڏينهن قيامت قائم ٿيندي تنهن ڏينهن ڏوهاري نا اميد ٿيندا. |
وَلَم يَكُن لَهُم مِن شُرَكائِهِم شُفَعٰؤُا۟ وَكانوا بِشُرَكائِهِم كٰفِرينَ (آيت : 13) |
۽ سندن (خدا سان هٿراڌو بنايل) شريڪن مان ڪي به انهن لاءِ سفارش ڪندڙ نه هوندا ۽ اهي (خود به) پنهنجن شريڪن جا انڪار ڪندڙ ٿيندا. |
وَيَومَ تَقومُ السّاعَةُ يَومَئِذٍ يَتَفَرَّقونَ (آيت : 14) |
۽ جنهن ڏينهن قيامت قائم ٿيندي تنهن ڏينهن (مومنن کان) ڪافر جدا ٿي ويندا. |
فَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَهُم فى رَوضَةٍ يُحبَرونَ (آيت : 15) |
پوءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا آهن تن کي (بهشت جي) باغ ۾ (رهائي) خوش ڪيو ويندو. |
وَأَمَّا الَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَلِقائِ الءاخِرَةِ فَأُولٰئِكَ فِى العَذابِ مُحضَرونَ (آيت : 16) |
پر جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن ۽ آخرت جي حضوري کي ڪوڙو ڪيو آهي عذاب ۾ گرفتار ڪيل هوندا. |
فَسُبحٰنَ اللَّهِ حينَ تُمسونَ وَحينَ تُصبِحونَ (آيت : 17) |
پوءِ جنهن مهل اوهان کي سانجهي ٿئي ۽ جنهن مهل اوهان کي صبح ٿئي تنهن مهل خدا جي پاڪائي بيان ڪريو. |
وَلَهُ الحَمدُ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَعَشِيًّا وَحينَ تُظهِرونَ (آيت : 18) |
۽ آسمانن ۽ زمين ۾ سندس تعريف آهي ۽ پوئين پهر ۽ جنهن مهل اوهان کي منجهد ٿئي (تنهن مهل به سندس پاڪائي بيان ڪريو) |
يُخرِجُ الحَىَّ مِنَ المَيِّتِ وَيُخرِجُ المَيِّتَ مِنَ الحَىِّ وَيُحىِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها وَكَذٰلِكَ تُخرَجونَ (آيت : 19) |
اهو مئل مان جيئري کي ڪڍي ٿو ۽ جيئري مان مئل کي ڪڍي ٿو ۽ زمين کي ان جي مري وڃڻ کان پوءِ جياري (سائو ڪري) ٿو. ۽ اهڙي طرح اوهان کي (به مرڻ کان پوءِ زمين مان) ڪڍو ويندو. |
وَمِن ءايٰتِهِ أَن خَلَقَكُم مِن تُرابٍ ثُمَّ إِذا أَنتُم بَشَرٌ تَنتَشِرونَ (آيت : 20) |
۽ سندس (قدرت جي) نشانين مان هي (به) آهي جو اوهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيائين وري ان ئي وقت اوهين ماڻهو بنجي (زمين تي) گهمڻ ڦرڻ لڳا. |
وَمِن ءايٰتِهِ أَن خَلَقَ لَكُم مِن أَنفُسِكُم أَزوٰجًا لِتَسكُنوا إِلَيها وَجَعَلَ بَينَكُم مَوَدَّةً وَرَحمَةً إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 21) |
۽ سندس (قدرت جي)نشانين مان هي (به) آهي جو اوهان لاءِ اوهان (جي جنس) مان زالون پيدا ڪيائين ته انهن سان آرام وٺو ۽ اوهان جي وچ ۾ پيار ۽ شفقت پيدا ڪيائين. بيشڪ هن (ڳالھ ۾) غور ڪرڻ وارن لاءِ (خدا جي قدرت جون) ڪيتريون ئي نشانيون آهن. |
وَمِن ءايٰتِهِ خَلقُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاختِلٰفُ أَلسِنَتِكُم وَأَلوٰنِكُم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِلعٰلِمينَ (آيت : 22) |
۽ سندس نشانين مان آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪرڻ ۽ اوهان جي زبانن ۽ اوهان جي رنگن جو جدا جدا هئڻ آهي. بيشڪ ان ۾ واقف ڪارن لاءِ ڪيئي نشانيون آهن. |
وَمِن ءايٰتِهِ مَنامُكُم بِالَّيلِ وَالنَّهارِ وَابتِغاؤُكُم مِن فَضلِهِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَسمَعونَ (آيت : 23) |
پڻ رات ۽ ڏينهن جو اوهان جو سمهڻ ۽ سندس فضل ۽ ڪرم (روزي) تلاش يا حاصل ڪرڻ به ان جي (قدرت جي) نشانين مان آهي. بيشڪ ان ۾ (دل سان) ٻڌندڙن لاءِ ڪيئي نشانيون آهن. |
وَمِن ءايٰتِهِ يُريكُمُ البَرقَ خَوفًا وَطَمَعًا وَيُنَزِّلُ مِنَ السَّماءِ ماءً فَيُحيۦ بِهِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 24) |
۽ سندس (قدرت جي) نشانين مان هڪ هيءَ به آهي جو اهو ڊڄڻ ۽ اميد رکڻ لاءِ اوهان کي وڄ ڏيکاري ٿو ۽ آسمان مان پاڻي وسائي ٿو پوءِ ان سان زمين کي ان جي مرڻ کان پوءِ جياري (آباد ڪري) ٿو. بيشڪ ان ۾ عقل وارن لاءِ (قدرت جون) ڪيئي نشانيون آهن. |
وَمِن ءايٰتِهِ أَن تَقومَ السَّماءُ وَالأَرضُ بِأَمرِهِ ثُمَّ إِذا دَعاكُم دَعوَةً مِنَ الأَرضِ إِذا أَنتُم تَخرُجونَ (آيت : 25) |
پڻ سندس (قدرت جي) نشانين مان هڪ هيءَ به آهي ته آسمان ۽ زمين سندس حڪم سان قائم آهن. وري جڏهن اوهان کي (مرڻ کان پوءِ) هڪ ڀيرو سڏيندو ته سڀئي زمين مان جيئرا ٿي) اوهين نڪرندو. |
وَلَهُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ كُلٌّ لَهُ قٰنِتونَ (آيت : 26) |
۽ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهن سي سندس آهن. سڀني سندس فرمانبردار آهن. |
وَهُوَ الَّذى يَبدَؤُا۟ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ وَهُوَ أَهوَنُ عَلَيهِ وَلَهُ المَثَلُ الأَعلىٰ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 27) |
۽ اهو آهي جو نئين سر پيدا ڪري ٿو وري ٻيهر (قيامت ۾) پيدا ڪندو ۽ اهو (ڪم) ان لاءِ بلڪل آسان آهي. ۽ آسمانن ۽ زمين ۾ سندس اعلى صفت آهي. ۽ اهو زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. |
ضَرَبَ لَكُم مَثَلًا مِن أَنفُسِكُم هَل لَكُم مِن ما مَلَكَت أَيمٰنُكُم مِن شُرَكاءَ فى ما رَزَقنٰكُم فَأَنتُم فيهِ سَواءٌ تَخافونَهُم كَخيفَتِكُم أَنفُسَكُم كَذٰلِكَ نُفَصِّلُ الءايٰتِ لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 28) |
۽ اسان (اوهان جي سمجهائڻ لاءِ) اوهان جو ئي هڪ مثل بيان ڪيو آهي ته جو ڪجھ اوهان کي عطا ڪيو ويو آهي، ڇا تنهن مان اوهان جي غلامن مان ڪو (به) اوهان جو شريڪ آهي جو (اهو ۽) اوهين هڪجهڙا ٿيو (۽ ڇا!) اوهين انهن کان اهڙو ئي ڊڄو ٿا جهڙو اوهين پاڻ (حق يا حصو نه ڏيڻ ۾) ڊڄو ٿا؟ (پوءِ بندن کي خدا جو شريڪ ڇو ٿا بنايو) عقل وارن لاءِ اسين اهڙي طرح پنهنجون آيتون کولي ٻڌايون ٿا. |
بَلِ اتَّبَعَ الَّذينَ ظَلَموا أَهواءَهُم بِغَيرِ عِلمٍ فَمَن يَهدى مَن أَضَلَّ اللَّهُ وَما لَهُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 29) |
پر (سرڪش) وڏائي ڪندڙن ته سواءِ سوچ ويچار ڪرڻ جي پنهنجي نفساني خواهشن جي پيروي ڪئي، (۽ خدا جا شريڪ ٺهرايائون) مطلب ته خدا جنهن کي گمراهي ۾ ڇڏي ڏئي (ته) ان کي سڌي راھ تي ڪير آڻي سگهي ٿو؟ پڻ انهن جا ڪي به مددگار نه آهن. |
فَأَقِم وَجهَكَ لِلدّينِ حَنيفًا فِطرَتَ اللَّهِ الَّتى فَطَرَ النّاسَ عَلَيها لا تَبديلَ لِخَلقِ اللَّهِ ذٰلِكَ الدّينُ القَيِّمُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 30) |
ته (اي رسول) تون باطل (طريقي) کان پاسو ڪري پنهنجو رخ دين ڏانهن سڌو ڪر. اها ئي خدا جي (بناوٽ) بنايل آهي جنهن تي ماڻهن کي پيدا ڪيو اٿس خدا جي پيدائش کي ڪا مٽ سٽ نه آهي. سڌو دين اهو آهي پر گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن. |
مُنيبينَ إِلَيهِ وَاتَّقوهُ وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَلا تَكونوا مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 31) |
(اوهين سڀئي) ان ڏي رجوع ڪري (سندس بندگي ڪريو) ۽ ان کان ڊڄو ۽ نماز قائم ڪريو ۽ مشرڪن مان نه ٿيو، |
مِنَ الَّذينَ فَرَّقوا دينَهُم وَكانوا شِيَعًا كُلُّ حِزبٍ بِما لَدَيهِم فَرِحونَ (آيت : 32) |
جنهن پنهنجي (اصلي) دين ۾ تفرقو وڌو ۽ جدا جدا فرقا ٿي ويا، جو (دين) جنهن فرقي وٽ آهي (سو) تنهن ۾ ئي خوش آهي. |
وَإِذا مَسَّ النّاسَ ضُرٌّ دَعَوا رَبَّهُم مُنيبينَ إِلَيهِ ثُمَّ إِذا أَذاقَهُم مِنهُ رَحمَةً إِذا فَريقٌ مِنهُم بِرَبِّهِم يُشرِكونَ (آيت : 33) |
۽ جڏهن ماڻهن کي ڪا تڪليف پهچي ٿي ته پنهنجي پالڻهار کي سڏين ٿا وري جڏهن پاڻ وٽان کين ڪنهن مهربانيءَ جو مزو چکائي ٿو ته ان وقت ئي انهن مان ڪي ماڻهو پنهنجي پروردگار سان شريڪ ٺهرائن ٿا. |
لِيَكفُروا بِما ءاتَينٰهُم فَتَمَتَّعوا فَسَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 34) |
هن لاءِ ته جيڪي اسان انهن کي ڏنو آهي تنهن جي (ڀلي) ناشڪري ڪن، سو اوهين مزا ڪري وٺو پوءِ (قيامت ۾) اوهان کي حقيقت معلوم ٿي ويندي. |
أَم أَنزَلنا عَلَيهِم سُلطٰنًا فَهُوَ يَتَكَلَّمُ بِما كانوا بِهِ يُشرِكونَ (آيت : 35) |
ڇا اسان انهن تي ڪا ثابتي نازل ڪئي آهي جا ان بابت (حق هجڻ) کي بيان ڪري ٿي جنهن جي ڪري خدا سان شريڪ پيا ڪن. |
وَإِذا أَذَقنَا النّاسَ رَحمَةً فَرِحوا بِها وَإِن تُصِبهُم سَيِّئَةٌ بِما قَدَّمَت أَيديهِم إِذا هُم يَقنَطونَ (آيت : 36) |
۽ جڏهن ماڻهن کي ڪنهن مهربانيءَ (جو مزو) چکايون ٿا. ۽ جڏهين کين ڪا برائي پهچي ٿي انهن (ڪرتوتن) جي ڪري جن کي سندن هٿن اڳي موڪليو آهي ته ان ئي وقت اهي نا اميد ٿين ٿا. |
أَوَلَم يَرَوا أَنَّ اللَّهَ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ وَيَقدِرُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 37) |
ڇا انهن ماڻهن ايترو به غور نه ڪيو ته خدا جنهن لاءِ گهري ٿو تنهن جي روزي ڪشادي ڪري ٿو ۽ (جنهن لاءِ گهري ٿو تنهن جي) تنگ ڪري ٿو. بيشڪ ان ۾ ايمان وارن لاءِ (خدا جي قدرت جون) ڪيئي نشانيون آهن. |
فَـٔاتِ ذَا القُربىٰ حَقَّهُ وَالمِسكينَ وَابنَ السَّبيلِ ذٰلِكَ خَيرٌ لِلَّذينَ يُريدونَ وَجهَ اللَّهِ وَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 38) |
ته (اي رسول پنهنجي) قرابتدار (فاطمه زهرا) جو حق (فدڪ) ڏي ۽ مسڪين ۽ مسافر کي (به). (اهو ڏيڻ) انهن لاءِ چڱو آهي جيڪي خدا جي رضامندي گهرن ٿا ۽ اهي ئي ماڻهو (آخرت ۾) پنهنجي دلي مراد ماڻيندا. |
وَما ءاتَيتُم مِن رِبًا لِيَربُوَا۟ فى أَموٰلِ النّاسِ فَلا يَربوا عِندَ اللَّهِ وَما ءاتَيتُم مِن زَكوٰةٍ تُريدونَ وَجهَ اللَّهِ فَأُولٰئِكَ هُمُ المُضعِفونَ (آيت : 39) |
۽ جو وياج اوهين ڏيو ٿا ته ماڻهن جي مالن ۾ (پهچي) وڌي سو خدا وٽ نه ٿو وڌي. ۽ جيڪا زڪوات خدا جي رضامندي جو ارادو ڪري ڏيو ٿا سو اهي (زڪوات ڏيندڙ) ئي پنهنجي ڏنل زڪوات کي (خدا وٽ) وڌائيندڙ آهن. |
اللَّهُ الَّذى خَلَقَكُم ثُمَّ رَزَقَكُم ثُمَّ يُميتُكُم ثُمَّ يُحييكُم هَل مِن شُرَكائِكُم مَن يَفعَلُ مِن ذٰلِكُم مِن شَيءٍ سُبحٰنَهُ وَتَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 40) |
خدا اهو آهي جنهن اوهان کي پيدا ڪيو وري اوهان کي روزي ڏنائين وري اوهان کي ماريندو ۽ وري اوهان کي جياريندو. ڇا اوهانجي (خدا سان ٺهرايل) شريڪن مان ڪو اهڙو آهي جو انهن (ڪمن) مان ڪجھ ڪري سگهي؟ ۽ اهو پاڪ آهي ۽ انهن کان بلند آهي جن کي (سندن شريڪ ٺهرائن ٿا. |
ظَهَرَ الفَسادُ فِى البَرِّ وَالبَحرِ بِما كَسَبَت أَيدِى النّاسِ لِيُذيقَهُم بَعضَ الَّذى عَمِلوا لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 41) |
خود ماڻهن جي ئي هٿن جي ڪمن ڪري خشڪيءَ ۽ تريءَ ۾ فساد ظاهر ٿيو، انهيءَ ڪري ته جيڪي اهي ماڻهو ڪري چڪا تن مان ڪن ڪرتوتن جو خدا کين مزو چکائي ته من اهي ماڻهو (اڃا به) باز اچن. |
قُل سيروا فِى الأَرضِ فَانظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ مِن قَبلُ كانَ أَكثَرُهُم مُشرِكينَ (آيت : 42) |
(اي رسول! کين) چئو ته زمين ۾ سير ڪري ته ڏسو، ته اڳين ماڻهن جي پڇاڙي ڪئين ٿي؟ جن مان گهڻا (خدا سان) شريڪ ٺهرائيندا هئا. |
فَأَقِم وَجهَكَ لِلدّينِ القَيِّمِ مِن قَبلِ أَن يَأتِىَ يَومٌ لا مَرَدَّ لَهُ مِنَ اللَّهِ يَومَئِذٍ يَصَّدَّعونَ (آيت : 43) |
ته (اي پيغمبر) تون ان ڏينهن جي اچڻ کان اڳ، جيڪي خدا جي طرفان ضرور ايندو (۽) ان جي اچڻ کي ڪو به روڪي نه سگهندو، پنهنجو رخ، مضبوط (۽ سڌي) دين ڏي ڪري ڇڏ، ان ڏينهن ماڻهو (پريشان ٿي) جدا جدا ٿي ويندا. |
مَن كَفَرَ فَعَلَيهِ كُفرُهُ وَمَن عَمِلَ صٰلِحًا فَلِأَنفُسِهِم يَمهَدونَ (آيت : 44) |
جيڪو ڪافر ٿيو ان جو ڪفر ان تي آهي ۽ جن چڱا ڪن ڪيا سي پاڻ لاءِ ئي آسائش جو سامان ٺاهن ٿا. |
لِيَجزِىَ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ مِن فَضلِهِ إِنَّهُ لا يُحِبُّ الكٰفِرينَ (آيت : 45) |
هن لاءِ ته جن ايمان آندو چڱا ڪم ڪيا تن کي پنهنجي فضل (۽ ڪرم) مان چڱو بدلو ڏئي. بيشڪ خدا ڪافرن کي پسند نه ٿو ڪري. |
وَمِن ءايٰتِهِ أَن يُرسِلَ الرِّياحَ مُبَشِّرٰتٍ وَلِيُذيقَكُم مِن رَحمَتِهِ وَلِتَجرِىَ الفُلكُ بِأَمرِهِ وَلِتَبتَغوا مِن فَضلِهِ وَلَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 46) |
۽ سندس نشانين مان هيءَ (به) آهي جو هوائون موڪلي ٿو جيڪي (مينهن جي) خوش خبري ڏيندڙ آهن ۽ هن لاءِ ته اوهان کي پنهنجي رحمت جو ڪجھ مزو چکائي پڻ هن لاءِ ته سندس حڪم سان ٻيڙيون هلن ۽ هن لاءِ ته اوهين سندس فضل ۽ ڪرم مان (پنهنجي روزي) حاصل ڪريو ته من اوهين شڪر ڪريو. |
وَلَقَد أَرسَلنا مِن قَبلِكَ رُسُلًا إِلىٰ قَومِهِم فَجاءوهُم بِالبَيِّنٰتِ فَانتَقَمنا مِنَ الَّذينَ أَجرَموا وَكانَ حَقًّا عَلَينا نَصرُ المُؤمِنينَ (آيت : 47) |
۽ (اي پيغمبر) اسان تو کان ٻيا به ڪيئي پيغمبر سندن قومن ڏي موڪليا ۽ اهي (انهن ڏي) ظاهر نشانيون (معجزا) کڻي آيا (پر انهن کين نه مڃيو) ته انهن ڏوهارين کان اسان (خوب) بدلو ورتو. ۽ اسان تي ته مومنن جي مدد ڪرڻ لازم ئي هئي. |
اللَّهُ الَّذى يُرسِلُ الرِّيٰحَ فَتُثيرُ سَحابًا فَيَبسُطُهُ فِى السَّماءِ كَيفَ يَشاءُ وَيَجعَلُهُ كِسَفًا فَتَرَى الوَدقَ يَخرُجُ مِن خِلٰلِهِ فَإِذا أَصابَ بِهِ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ إِذا هُم يَستَبشِرونَ (آيت : 48) |
الله اهو آهي جو هوائن کي موڪلي ٿو، پوءِ اهي ڪڪرن کي اٿارين ٿيون پوءِ جيئن گهري تئين انهن کي آسمان ۾ پکيڙي ٿو ۽ انهن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ٿو، پوءِ تون مينهن کي ڏسين ٿو جو انهن جي وچان پيو نڪري پوءِ جڏهن خدا انهن بندن مان جن کي گهري ٿو تن کي اهو (مينهن) پهچائي ٿو ته اهي ان وقت خوش پيا ٿين. |
وَإِن كانوا مِن قَبلِ أَن يُنَزَّلَ عَلَيهِم مِن قَبلِهِ لَمُبلِسينَ (آيت : 49) |
جيتوڻيڪ اهي ماڻهو مٿن (باران رحمت) وسڻ کان اڳ ۾ (مينهن کان) شروع سان ئي بلڪل مايوس (۽ بي وس) هئا. |
فَانظُر إِلىٰ ءاثٰرِ رَحمَتِ اللَّهِ كَيفَ يُحىِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها إِنَّ ذٰلِكَ لَمُحىِ المَوتىٰ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 50) |
ته پوءِ خدا جي رحمت جي آثارن کي ڏسو ته ڪئين نه زمين کي ويران هجڻ کان پوءِ آباد ڪري ٿو. بيشڪ اهو ئي مئلن کي جياريندڙ آهي ۽ اهو ئي سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. |
وَلَئِن أَرسَلنا ريحًا فَرَأَوهُ مُصفَرًّا لَظَلّوا مِن بَعدِهِ يَكفُرونَ (آيت : 51) |
۽ جيڪڏهن اسين هڪ (اهڙي) هوا موڪليون (جنهن ڪري) ان (پوک) کي هيڊو (سڪل) ڏسن ته وري ناشڪري ڪرڻ لڳي ويندا. |
فَإِنَّكَ لا تُسمِعُ المَوتىٰ وَلا تُسمِعُ الصُّمَّ الدُّعاءَ إِذا وَلَّوا مُدبِرينَ (آيت : 52) |
سو (اي پيغمبر) تون نه مئلن کي ٻڌائي سگهين ٿو ۽ نه وري ٻوڙن کي ٻڌائي سگهين ٿو. (خاص ڪري) جڏهن اهي پٺ ڏيئي ڦرن ٿا. |
وَما أَنتَ بِهٰدِ العُمىِ عَن ضَلٰلَتِهِم إِن تُسمِعُ إِلّا مَن يُؤمِنُ بِـٔايٰتِنا فَهُم مُسلِمونَ (آيت : 53) |
۽ نه تون انڌن کي سندن گمراهيءَ کان (ڦيري) راھ تي آڻي سگهين ٿو. تون رڳو انهن کي ٻڌائي (سمجهائي) سگهين ٿو جيڪي اسان جي آيتن تي ايمان آڻين ٿا پوءِ اهي ئي ماڻهو اسلام آڻڻ وارا آهن. |
اللَّهُ الَّذى خَلَقَكُم مِن ضَعفٍ ثُمَّ جَعَلَ مِن بَعدِ ضَعفٍ قُوَّةً ثُمَّ جَعَلَ مِن بَعدِ قُوَّةٍ ضَعفًا وَشَيبَةً يَخلُقُ ما يَشاءُ وَهُوَ العَليمُ القَديرُ (آيت : 54) |
خدا اهو آهي جنهن اوهان کي هڪ نهايت ڪمزور شيءِ (نطفي) مان پيدا ڪيو پوءِ ان ئي (اوهان ۾) ننڊپڻ جي ڪمزوري کان پوءِ (جوانيءَ جي) طاقت عطا ڪئي. وري طاقت کان پوءِ ڪمزوري ۽ ٻڍاپو ڏنو. جيڪي گهري سو پيدا ڪري ٿو. ۽ اهو (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ قدرت رکندڙ آهي. |
وَيَومَ تَقومُ السّاعَةُ يُقسِمُ المُجرِمونَ ما لَبِثوا غَيرَ ساعَةٍ كَذٰلِكَ كانوا يُؤفَكونَ (آيت : 55) |
۽ جنهن ڏينهن قيامت قائم ٿيندي تنهن ڏينهن ڏوهاري قسم کڻندا ته هڪ گهڙيءَ کان سواءِ (دنيا ۾) نه رهيا هئا. ائين ئي اهي ماڻهو (دنيا ۾ به) ڦڙتيون کائيندا رهيا (ڪوڙ ڳالهائيندا رهيا) |
وَقالَ الَّذينَ أوتُوا العِلمَ وَالإيمٰنَ لَقَد لَبِثتُم فى كِتٰبِ اللَّهِ إِلىٰ يَومِ البَعثِ فَهٰذا يَومُ البَعثِ وَلٰكِنَّكُم كُنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 56) |
۽ جن ماڻهن کي (خدا جي بارگاھ مان) علم ۽ ايمان ڏنو ويو آهي سي چوندن ته (اڙي!) اوهين ته خدا جي ڪتاب مطابق ڏينهن قيامت تائين (برابر) رهيا آهيو ۽ هي ته قيامت جو ئي ڏينهن آهي پر اوهان نه ٿي ڄاتو. |
فَيَومَئِذٍ لا يَنفَعُ الَّذينَ ظَلَموا مَعذِرَتُهُم وَلا هُم يُستَعتَبونَ (آيت : 57) |
پوءِ ان ڏينهن سرڪشي ماڻهن کي نه سندن معذرت ئي ڪم ايندي ۽ نه انهن جي شنوائي ٿيندي. |
وَلَقَد ضَرَبنا لِلنّاسِ فى هٰذَا القُرءانِ مِن كُلِّ مَثَلٍ وَلَئِن جِئتَهُم بِـٔايَةٍ لَيَقولَنَّ الَّذينَ كَفَروا إِن أَنتُم إِلّا مُبطِلونَ (آيت : 58) |
۽ بيشڪ اسان ماڻهن لاءِ هن قرآن ۾ سڀ ڪنهن قسم جا مثال بيان ڪيا آهن. ۽ (اي پيغمبر) جيڪڏهن تون انهن ڏي ڪو به معجزو آڻيندين تڏهن به پڪ ڪافر چوندا ته اوهين رڳو دغا باز (چالاڪ) آهيو. |
كَذٰلِكَ يَطبَعُ اللَّهُ عَلىٰ قُلوبِ الَّذينَ لا يَعلَمونَ (آيت : 59) |
جيڪي ماڻهو سمجھ (۽ علم) نه ٿا رکن تن جي دلين تي (نظر ڪري) خدا هيئن تصديق ڪري ته اهي ايمان نه آڻيندا. |
فَاصبِر إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ وَلا يَستَخِفَّنَّكَ الَّذينَ لا يوقِنونَ (آيت : 60) |
ته (اي پيغمبر) تون صبر ڪر بيشڪ خدا جو وعدو سچو آهي ۽ ائين نه (ٿئي جو) جي ماڻهو (تنهنجي) تصديق نه ٿا ڪن سي تو کي (ٻهڪائي) هلڪو نه ڪن! |