الم (آيت : 1) |
اَرٿ الٓمّٓ جو، ڄاڻي ڄاڻڻهار، |
غُلِبَتِ الرّومُ (آيت : 2) |
رَسي رُومين هارِ، |
فى أَدنَى الأَرضِ وَهُم مِن بَعدِ غَلَبِهِم سَيَغلِبونَ (آيت : 3) |
ڀر وارِئَ ڀُون ۾، پائـِن سَندنِ هار پُٺيان، سي سِگھون سوڀن هار، |
فى بِضعِ سِنينَ لِلَّهِ الأَمرُ مِن قَبلُ وَمِن بَعدُ وَيَومَئِذٍ يَفرَحُ المُؤمِنونَ (آيت : 4) |
ڪن سالن ۾، ڪم سڀَيَئيِ اڳ ، پوءِ، آگي هار، ۽ مؤمن مَڃِيندڙ حق جا، اُنِهئ ڏِينهن اِظهار، ٿِيندا باغ بَهار، |
بِنَصرِ اللَّهِ يَنصُرُ مَن يَشاءُ وَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 5) |
واحِد جي واهر سان. واحِد وڻيسِ تِنهن کي، ڏئي اُهکي ۾ آڌار، ۽ سو سَٻاجھو صَحِي؛ |
وَعدَ اللَّهِ لا يُخلِفُ اللَّهُ وَعدَهُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 6) |
اِي قادِر جا قرار، وَاحِد سَندسِ وَعدي ۾، ڪري نه ڦير ڦار، پر رَکَنِ نه سُڌ سَنڀار، گھڻا ماڻهو مُورِهين. |
يَعلَمونَ ظٰهِرًا مِنَ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَهُم عَنِ الءاخِرَةِ هُم غٰفِلونَ (آيت : 7) |
هِن حياتِئَ خَسِيس جو، ظاهِر حال ضرور، مُورک ڄاڻنِ مُورهين، پَريان ٻِي نه پَرُوڙ، ۽ ويسلا وَهلُور، اُهي آهن آخِرت کان. |
أَوَلَم يَتَفَكَّروا فى أَنفُسِهِم ما خَلَقَ اللَّهُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما إِلّا بِالحَقِّ وَأَجَلٍ مُسَمًّى وَإِنَّ كَثيرًا مِنَ النّاسِ بِلِقائِ رَبِّهِم لَكٰفِرونَ (آيت : 8) |
ڇا، ويهي سَندنِ وُجودن ۾، وِلهن نه ڪيو ويچار؟ ته اَلله نه اُڀ، ڀُون جوڙيا، جيڪِي مَنجھنِ جِنسار، مگر سڀ موجُود سي، اکين اڳيان اِظهار، ۽ مُقرّر مُدّت سِيئن، پرڪُوڙڪُٽاڪُفار، آهِن مَنجھ اِنڪار، سَندنِ ڌڻِئَ جي ديدار کان. |
أَوَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَيَنظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ مِن قَبلِهِم كانوا أَشَدَّ مِنهُم قُوَّةً وَأَثارُوا الأَرضَ وَعَمَروها أَكثَرَ مِمّا عَمَروها وَجاءَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَما كانَ اللَّهُ لِيَظلِمَهُم وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 9) |
ڇا، ڀورا ڀُون نه گُھميا؟ پوءِ پَسنِ پَڇاڙي پار، اُنهن ڪنان اڳـيَن جا، ته ٿِي ڪِهڙِي تَن سان ڪار، هُئا قرارا قُوةّ ۾ تِنِين کان تڪرار، جَن کيڙي کِہ، ڪَئين ڪيون تَليون ڀليون تيار، ويتر وساريون اِنهن ڪنان، جيڪي وَسايون وَلهار، آيَنِ مُرسل اُنهن جا، کڻِي نِشانيون نِروار، پوءِ ذَرو ظُلم نَه اُنهن سان، ڪيو ڪو ڪلتار، پرهاڻو هاڃيڪار، هُئا پاڻهِين ڪَندڙ پاڻ سان. |
ثُمَّ كانَ عٰقِبَةَ الَّذينَ أَسٰـُٔوا السّوأىٰ أَن كَذَّبوا بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَكانوا بِها يَستَهزِءونَ (آيت : 10) |
ڪيون، جَن جھان ۾، موٽِي مَديون مُور، ٿِئـِي عاقِبت اُنهن جِي زَبُونِي ضرُور، جِيئن ڪُوڙا ڪوٺِيندا هُئا، مولي جا مذڪور، ۽ مُرڳوئـِي مَغرور، ڪُٽيون ڪَنداهُئا تن مٿان. |
اللَّهُ يَبدَؤُا۟ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ ثُمَّ إِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 11) |
اَلله جَلَّ جَلالہٗ، پهرِين جوڙي پاڻ، موٽِي موٽائي اُن کي سَگھ پَنهنجِي ساڻ، تنهن ڏي تِنهن پُڃاڻ، اَوهين مِڙئـِي موٽندا. |
وَيَومَ تَقومُ السّاعَةُ يُبلِسُ المُجرِمونَ (آيت : 12) |
۽ جڏهن قائـِم ٿِي قِيام ، ته لَٿا اَسارن آسَرا، |
وَلَم يَكُن لَهُم مِن شُرَكائِهِم شُفَعٰؤُا۟ وَكانوا بِشُرَكائِهِم كٰفِرينَ (آيت : 13) |
هُوندنِ ڪو نه حَشر ۾، ڪو وسيلو وَريام، سَندنِ سُفارِشيَن مان، بَلڪ اُهي بَدنام، هُوندا اِنڪارِي عام، سَندنِ سُفارِشيَن کان. |
وَيَومَ تَقومُ السّاعَةُ يَومَئِذٍ يَتَفَرَّقونَ (آيت : 14) |
۽ جڏهن قِيامت قائـِم ٿِي، ته وِڇڙن تِهِين وار، |
فَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَهُم فى رَوضَةٍ يُحبَرونَ (آيت : 15) |
پوءِ آيا جي اِيمان ۾، پڻ چڱا ڪيؤَن ڪم ڪار، سي گوهر مَنجھ گُلزار، وِندرايا وَڃن سي. |
وَأَمَّا الَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَلِقائِ الءاخِرَةِ فَأُولٰئِكَ فِى العَذابِ مُحضَرونَ (آيت : 16) |
پَر جي ڦِريا کَــئون فرمان، پڻ اسان جون آيتون، ڪوٺيائون ڪُوڙيون، پڻ جِيڻ ٻي جھان، مَنجھ ئـِي مڱر مڪان، حاضر سي هر حال ۾. |
فَسُبحٰنَ اللَّهِ حينَ تُمسونَ وَحينَ تُصبِحونَ (آيت : 17) |
پوءِ پاڪ چَئو پَرور کي، سانجِھي، صُبح ساڻ، |
وَلَهُ الحَمدُ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَعَشِيًّا وَحينَ تُظهِرونَ (آيت : 18) |
۽ آهي اُڀ، زَمِين ۾، واجِب تنهن واکاڻ، پڻ سُمهڻي، ۽ سج جڏهن، مٿان مُڙيو پاڻ، |
يُخرِجُ الحَىَّ مِنَ المَيِّتِ وَيُخرِجُ المَيِّتَ مِنَ الحَىِّ وَيُحىِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها وَكَذٰلِكَ تُخرَجونَ (آيت : 19) |
جِيرو موئي، مُئو جِيري مان، ٿو ڪڍي سُرت سُڄاڻ، ۽ اهڙي ئـِي اُهڃاڻ، قَبرن مان ڪَڍيا وڃو. |
وَمِن ءايٰتِهِ أَن خَلَقَكُم مِن تُرابٍ ثُمَّ إِذا أَنتُم بَشَرٌ تَنتَشِرونَ (آيت : 20) |
۽ سَندسِ ثابتين مان، صَحِي هِي سُهڃاڻ، ته آن کي مُنڍ، مِٽئَ مان، پيدا ڪيائـِين پاڻ، ڪَئين پُريون تِنهن پُڃاڻ، پکڙو پِئاپَٽن ۾. |
وَمِن ءايٰتِهِ أَن خَلَقَ لَكُم مِن أَنفُسِكُم أَزوٰجًا لِتَسكُنوا إِلَيها وَجَعَلَ بَينَكُم مَوَدَّةً وَرَحمَةً إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 21) |
۽ اُن جي اُهڃاڻن مان، هِئَ نِشاني نِروار، ته اَهنجون جويون اَوهان مان، جوڙيون رَبَّ، جَبار، ته ساڪِن ٿِيو سُک سان، اوهين اُنهن پِيار، پَڪيون پُختيون ثابِتيون، اُنهِئ ۾ اِظهار، وَٺنِ جي ويچار، ڪارڻ تِنهِين قوم جي. |
وَمِن ءايٰتِهِ خَلقُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاختِلٰفُ أَلسِنَتِكُم وَأَلوٰنِكُم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِلعٰلِمينَ (آيت : 22) |
۽ اُن جي اُهڃاڻن مان، قائـِم برقرار، جوڙڻ اُڀ، زمين جون، نشانِي نروار، ۽ ٻَهون اوهان جو ٻوليون، رنگ، رنگ ڌارو ڌار، پَڌرا آهِن پار، اُن ۾ عاقِلن لئي. |
وَمِن ءايٰتِهِ مَنامُكُم بِالَّيلِ وَالنَّهارِ وَابتِغاؤُكُم مِن فَضلِهِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَسمَعونَ (آيت : 23) |
۽ اُن جي اُهڃاڻن مان، پَڌرو آهي پيغام، ڪرڻ ڏينهن ۽ رات ۾، اوهان جو آرام، ۽ ڳوٺِين ڳولڻ اُنهن جو، توھ سَندسِ مان طعام، اُن ۾ عبرت عام، سُڻِن تِنهِين ساٿ لئي. |
وَمِن ءايٰتِهِ يُريكُمُ البَرقَ خَوفًا وَطَمَعًا وَيُنَزِّلُ مِنَ السَّماءِ ماءً فَيُحيۦ بِهِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 24) |
۽ اُن جي اُهڃاڻن مان، ته وِڄڙيون مَنجھ وَلهار، آن کي اُميد، ڊَپ ۾، ٿو ڏيکاري ڏاتار، اُتاري ٿو اُڀ ڪنان، مِينهن نارو نار، ڀُون کي سَندسِ سُڪڻ پُٺيان، جِنهن سان، سِينگاري، ستار، اُن ۾ پَڌرا پار، سوچِين تِنهن ساٿ لئي. |
وَمِن ءايٰتِهِ أَن تَقومَ السَّماءُ وَالأَرضُ بِأَمرِهِ ثُمَّ إِذا دَعاكُم دَعوَةً مِنَ الأَرضِ إِذا أَنتُم تَخرُجونَ (آيت : 25) |
۽ اُن جي اُهڃاڻن مان، نِشاني نِروار، ته اُڀ، ڀُون اُن جي اَمر سان، بِينهن برقرار، موٽِي آن کي مِٽئَ مان، واڪيائين، جنهن وار، تِنهِين دَم تيار، اَوهين ڪري، قطارون نِڪرندا. |
وَلَهُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ كُلٌّ لَهُ قٰنِتونَ (آيت : 26) |
۽ جيڪي اُڀ، زمين ۾، سڀ آهن اُنهِئَ هارِ، تهدِل تابِعدار، آهِن سَڀيـِئ اُن جا. |
وَهُوَ الَّذى يَبدَؤُا۟ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ وَهُوَ أَهوَنُ عَلَيهِ وَلَهُ المَثَلُ الأَعلىٰ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 27) |
۽ اهو، سو جو اوّل کان، ٿو جوڙي جوڙ جھان، موٽِي موٽائـِيندو اُن کي، اُتس اِهو آسان، ۽ اهي اُڀ، زمين ۾، اُن جو اَعلىٰ شان، سو غالِب بي گُمان ، پڻ حِڪمتي هوشيار. |
ضَرَبَ لَكُم مَثَلًا مِن أَنفُسِكُم هَل لَكُم مِن ما مَلَكَت أَيمٰنُكُم مِن شُرَكاءَ فى ما رَزَقنٰكُم فَأَنتُم فيهِ سَواءٌ تَخافونَهُم كَخيفَتِكُم أَنفُسَكُم كَذٰلِكَ نُفَصِّلُ الءايٰتِ لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 28) |
آن کي اوهان پاڻ جو، مولى ڏِنو مِثال، اَهنجي، گَھرو گولن مان، جن تي قبضو اَهنجو ڪالھ، ڀيڙو اوهان سان آهي ڪو مَنجھ ملڪيت ۽ مال؟ آن کي جيڪِي آجڪو، بخشيوسون بَحال، خادم، خان ٻئي هُجو، مالڪ هڪ مِثال، ڀَو ڀانيو تن کان، جِيئن هِڪ ٻئي کان هرحال، کولي کولي اِن طرح، ٿا صفا سَمجھايون ڳالھ، جي سمجھن چڱِي چال، ڪارڻ تِنهِين قوم جي. |
بَلِ اتَّبَعَ الَّذينَ ظَلَموا أَهواءَهُم بِغَيرِ عِلمٍ فَمَن يَهدى مَن أَضَلَّ اللَّهُ وَما لَهُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 29) |
اُٽلو جَن اَنڌير ڪيا، پاتا تِنين پير، سَندن سَڌن پُٺيان، ڪِنهن عِلم عقل بغير، پوءِ جنهن کي رَبَّ رُلايو، تنهن کي سَنئين سُهائي ڪير؟ ۽ اُنهن جا اُهکي وير، ڪونهي ڪير واهرو. |
فَأَقِم وَجهَكَ لِلدّينِ حَنيفًا فِطرَتَ اللَّهِ الَّتى فَطَرَ النّاسَ عَلَيها لا تَبديلَ لِخَلقِ اللَّهِ ذٰلِكَ الدّينُ القَيِّمُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 30) |
پوءِ سِڌو سَنئون ڪردين ڏي، مُنهن پَنهنجو مِهربان، سوئـِي ديِن ڌڻِئ جو جِنهن تي اُپائـِين اِنسان، ڏِسندِين جوڙ جبار ۾، مَٽ سَٽ مُدامِي ڪانه، قائـِم اُهوئي قاعدو، سَندو رَبَّ، سُبحان، پر ماڻهو گھڻا مُورهين، نه ڌارِينِ دل ڌِيان، مُڙندڙ هر مَڪان، اُن ڏي ۽ ڊِڄو به اُن کان. |
مُنيبينَ إِلَيهِ وَاتَّقوهُ وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَلا تَكونوا مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 31) |
۽ پُورو پَڙهو نماز کي، نه ٿيو مُشرڪن مان مُور، |
مِنَ الَّذينَ فَرَّقوا دينَهُم وَكانوا شِيَعًا كُلُّ حِزبٍ بِما لَدَيهِم فَرِحونَ (آيت : 32) |
جَن پَٿَ ڪيو پَنهنجو دِين کي، ٿيا فِرقا ساڻ فُتور، جنهن وٽ، جو مذڪور، تنهن تي،. هر فِرقو ڪري فَرحتون. |
وَإِذا مَسَّ النّاسَ ضُرٌّ دَعَوا رَبَّهُم مُنيبينَ إِلَيهِ ثُمَّ إِذا أَذاقَهُم مِنهُ رَحمَةً إِذا فَريقٌ مِنهُم بِرَبِّهِم يُشرِكونَ (آيت : 33) |
۽ آيو جڏهن انسان تي، ڪو ڏُکيو وقت ڏُڪار، ته دانهِينِ سَندسِ ڌڻِئَ کي، پانهون تِنهنجي پار، پاڻئون ڪيائين اُنهن سان، جڏهن سُهنج سُڪار، اِجھو ٽولِي اُنهن مَنجھان، پيا بنائـِن ڀائيوار، سَندسِ سائـِينءَ پاڪ سان، |
لِيَكفُروا بِما ءاتَينٰهُم فَتَمَتَّعوا فَسَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 34) |
تان اُن کان ڪن انڪار، جيڪي اَسان عطا، کِينِ ڪيو، پوءِ وَٺو وَٽابو وار، تڪڙو پوءِ پڪڙ، اَوهين سَمجِھي وِيندا سَڀَئـِي، |
أَم أَنزَلنا عَلَيهِم سُلطٰنًا فَهُوَ يَتَكَلَّمُ بِما كانوا بِهِ يُشرِكونَ (آيت : 35) |
ڇا اَسان مَٿنِ موڪليو، پَڌرو ڪو پيغام؟ پوءِ اُهوئـِي، اُنهن جو، ڪَريٿو ڪلام، آگي سان عَلام، جن ڀانئـِن ڀائيوار ٿا |
وَإِذا أَذَقنَا النّاسَ رَحمَةً فَرِحوا بِها وَإِن تُصِبهُم سَيِّئَةٌ بِما قَدَّمَت أَيديهِم إِذا هُم يَقنَطونَ (آيت : 36) |
۽ ماڻهن مَزو مِهر جو، وٺايو سون جنهن وار، ته سَرها ٿيا سَرِير ۾، سبب سال سُڪار، ۽ جي ڪَڙڪيو، ڪئـِي سَندنِ کان، مَٿنِ ڏُرت ڪار، ته لاهِن پِيا لاچار، اِجھو اُميدون، آسَرا. |
أَوَلَم يَرَوا أَنَّ اللَّهَ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ وَيَقدِرُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 37) |
ڇا، نه ڏِٺئون؟ ته ڏئي گھڻو ، جنهن لئي، گُھري غفار، وَڻيسِ تِنهن جي توڻ کي، تنگ ڪري تڪرار، اُن ۾ پَڌرا پار، جي وِسهن تَن واسطي. |
فَـٔاتِ ذَا القُربىٰ حَقَّهُ وَالمِسكينَ وَابنَ السَّبيلِ ذٰلِكَ خَيرٌ لِلَّذينَ يُريدونَ وَجهَ اللَّهِ وَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 38) |
پوءِ ساري ڏِيو سَڳن کي، سَندنِ حق حِساب، ۽ مسڪين ۽ مسافر کي، اِي بِهتر هر ڪِنهن باب، اُنهن لئي اِرادو جي رکن، سائـِينءَ جي ثواب، ۽ اِهي ڪامِل ڪامياب، مَن مُرادون ماڻڻان. |
وَما ءاتَيتُم مِن رِبًا لِيَربُوَا۟ فى أَموٰلِ النّاسِ فَلا يَربوا عِندَ اللَّهِ وَما ءاتَيتُم مِن زَكوٰةٍ تُريدونَ وَجهَ اللَّهِ فَأُولٰئِكَ هُمُ المُضعِفونَ (آيت : 39) |
۽ ڀورا! اَوهين جا ڀيٽ ڏِيو، ته وَڌي ماڻهنِ مال، وڌي نه واحد وٽ سو؛ ۽ جو ڏِيو ڏاتر نال، جنهن ۾ سَڱ سائـِينءَ جو، رَکنِ خاص خيال، لاشڪ اِهيئـِي لال، ٻِيڻ ڪمائـِيندڙ ٻاجھ سان. |
اللَّهُ الَّذى خَلَقَكُم ثُمَّ رَزَقَكُم ثُمَّ يُميتُكُم ثُمَّ يُحييكُم هَل مِن شُرَكائِكُم مَن يَفعَلُ مِن ذٰلِكُم مِن شَيءٍ سُبحٰنَهُ وَتَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 40) |
جنهن اوهان کي جوڙيو، آهي اُهو اَلله، آن کي رِزق رساڻِيو، وَرِي سوئـِي ڪڍندان ساھ، موٽِي اوهان موئن ۾، وِجھندو ساھ صُباح، آستانن ۾ اَهنجي، ڪو اِهڙو واهرُو واھ!، ڪري اُن ڪمن مان، ڪو هڪڙو، جو همراھ، پَڪ تن کان، پاڪ سو، گڏِين، جَن گُمراھ، ۽ بيشڪ بادشاھ ٿِيو مَٿاهون مِڙن کان. |
ظَهَرَ الفَسادُ فِى البَرِّ وَالبَحرِ بِما كَسَبَت أَيدِى النّاسِ لِيُذيقَهُم بَعضَ الَّذى عَمِلوا لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 41) |
بَربادِي بر، بحر ۾، ظاهِر ٿئـٖي ضرور، جنهن مُوجب ٿيون مَٺايون، ماڻهنِ هَٿان مُور، تان چکائينِ، تَن مان چاشنِي، ڪَيؤن جي قُصور، مانَ سي مَغرور، موٽي اَچن ماڳ تي!. |
قُل سيروا فِى الأَرضِ فَانظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ مِن قَبلُ كانَ أَكثَرُهُم مُشرِكينَ (آيت : 42) |
چَئو اولہ، اوڀر ڀُون ۾، ساري ڪريو سَير، پوءِ پَسو ته پَڇاڙِي پَهريَنِ، ڪِيئن ٿئـِي ڍونڍن ڍير، هُئا گڏِيندڙ غير، اَڪثر ماڻهون اُنهن مَنجھان. |
فَأَقِم وَجهَكَ لِلدّينِ القَيِّمِ مِن قَبلِ أَن يَأتِىَ يَومٌ لا مَرَدَّ لَهُ مِنَ اللَّهِ يَومَئِذٍ يَصَّدَّعونَ (آيت : 43) |
پوءِ صَحِي سَنواٽي دِين ڏي، ڪر پَنهنجو مُنهن مُقرّر، اَ ڳي اُنهِئَ ڏينهن کان، ته اَچِي بِيهي بَرسِر، جِنهنجو جھالُو ناھِ ڪو، پَرور کان ڪِنهن پَر، اُنهِئَ ڏينهن آخِر، ٽِڙِي ٿِيندا ٽوليون. |
مَن كَفَرَ فَعَلَيهِ كُفرُهُ وَمَن عَمِلَ صٰلِحًا فَلِأَنفُسِهِم يَمهَدونَ (آيت : 44) |
جو ڦِريو ته سزا ڦِرڻ جي، آهي اُنهِئَ تي پاڻ، ۽ صَحِي سُڌارا جَن ڪيا، ته سُود سَندنِ ئـِي ڪاڻ، |
لِيَجزِىَ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ مِن فَضلِهِ إِنَّهُ لا يُحِبُّ الكٰفِرينَ (آيت : 45) |
تان بَخشي سَندسِ ڀال مان، اُنهن کي مَڃِي جَن آڻ، پڻ چَليا چڱائـِئَ ساڻ؛ هُو قُرب نه ڏئـِي ڪو ڪافِرِينِ. |
وَمِن ءايٰتِهِ أَن يُرسِلَ الرِّياحَ مُبَشِّرٰتٍ وَلِيُذيقَكُم مِن رَحمَتِهِ وَلِتَجرِىَ الفُلكُ بِأَمرِهِ وَلِتَبتَغوا مِن فَضلِهِ وَلَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 46) |
۽ اُن جي اُهڃاڻن مان، ٿو موڪلي مَلهار، ڏِيندڙ مبارڪون مُلڪ ۾، ڀَرتُو بادبهار ته مَزو سَندسِ مِهر جو، چکائـِينِيان چوڌار، ۽ هَلن سَندسِ حُڪم سان، ٻيڙا اَندر ٻار، ته ڪَمايو سَندسِ ڪَرم مان، وَسِيلي واپار، ۽ اِن آسري آڌار، ته ڳڻ اُنهئَ جا ڳائيو! |
وَلَقَد أَرسَلنا مِن قَبلِكَ رُسُلًا إِلىٰ قَومِهِم فَجاءوهُم بِالبَيِّنٰتِ فَانتَقَمنا مِنَ الَّذينَ أَجرَموا وَكانَ حَقًّا عَلَينا نَصرُ المُؤمِنينَ (آيت : 47) |
۽ مُرسل توکان مَهندا ڀَرا، موڪلياسون مُور، پَنهنجي پَنهنجي قومن ڏي، آينِ پوءِ اَهڳور، پَڌرن پيغامن سان، پاران پاڪ حُضور، پوءِ وير وَرتاسون تن کان، جن ڪيا ڏوه قُصور، ۽ اَسان تي ضرُور، مَدد مُؤمِنن جِي. |
اللَّهُ الَّذى يُرسِلُ الرِّيٰحَ فَتُثيرُ سَحابًا فَيَبسُطُهُ فِى السَّماءِ كَيفَ يَشاءُ وَيَجعَلُهُ كِسَفًا فَتَرَى الوَدقَ يَخرُجُ مِن خِلٰلِهِ فَإِذا أَصابَ بِهِ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ إِذا هُم يَستَبشِرونَ (آيت : 48) |
مالڪ سو، جو موڪلي، واوَن ڏُونهن وَلهار، ڪاهِن سي ڪَڪَرن کي، پوءِ کولٖينِ خَلقَڻهار، اوسي پاسي اُڀ ۾، جِيئن گُھري رَبَّ غفّار، ۽ ٽوڙي ڪَرينِ ٽَڪرا، هِن، يا هُن وَلهار، وَسي وِچان اُن جي، مِينهن نارونار، جنهن لئي گُھري سَندنِ گولن مان، جڏهن پُهتو تَن پار، وَھ وَھ ڪن تِنهن وار، پَسيو پَلر پالوٽيون. |
وَإِن كانوا مِن قَبلِ أَن يُنَزَّلَ عَلَيهِم مِن قَبلِهِ لَمُبلِسينَ (آيت : 49) |
۽ توڻي اڳي اُن کان هُئا، نااُميد نِبار، پوءِ پارِ ربَّ جي رحمت جي، کولي نِيڻ نِهار، |
فَانظُر إِلىٰ ءاثٰرِ رَحمَتِ اللَّهِ كَيفَ يُحىِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها إِنَّ ذٰلِكَ لَمُحىِ المَوتىٰ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 50) |
ته ڀُون کي سَندسِ سُڪڻ پُٺيان ڪِيئن جِياري جَبّار، آهي سو اِظهار مُئا جِيارِيندڙ مُورهِين. ۽ آهي هَر ڪِنهن شئ تي، قادِر، سو ڪَلتار، . |
وَلَئِن أَرسَلنا ريحًا فَرَأَوهُ مُصفَرًّا لَظَلّوا مِن بَعدِهِ يَكفُرونَ (آيت : 51) |
جي موڪليوسون مُورهِين، ڪو ڏُرٽ، واءُ ڏُڪار، ته پسي پِيلاڻ پوک تي، حال ڦِريَنِ هيڪار، هَڻنِ هَٿ هزار، پُٺيان سَندسِ پِيلاڻ جي |
فَإِنَّكَ لا تُسمِعُ المَوتىٰ وَلا تُسمِعُ الصُّمَّ الدُّعاءَ إِذا وَلَّوا مُدبِرينَ (آيت : 52) |
تون نه سُڻائي سَگھندِين، مِيان! مُئن کي مُور، ۽ ٻوڙن نه ٻُڌائـِين، مُرسل! ڪو مَذڪُور، |
وَما أَنتَ بِهٰدِ العُمىِ عَن ضَلٰلَتِهِم إِن تُسمِعُ إِلّا مَن يُؤمِنُ بِـٔايٰتِنا فَهُم مُسلِمونَ (آيت : 53) |
وَرِياپُٺيرا پاڻهِين، ويل تِنهِين، وَهلُور، ۽ هادِي تون نَه، حُضور!، اَنڌن، سَندنِ اَنڌير مان. تون نه سُڻائي سَگھندِين، مگر مَڃيا، جَن پاڻ، اَسان جا اُهڃاڻ، پوءِ آهِن اُهي اسلام تي. |
اللَّهُ الَّذى خَلَقَكُم مِن ضَعفٍ ثُمَّ جَعَلَ مِن بَعدِ ضَعفٍ قُوَّةً ثُمَّ جَعَلَ مِن بَعدِ قُوَّةٍ ضَعفًا وَشَيبَةً يَخلُقُ ما يَشاءُ وَهُوَ العَليمُ القَديرُ (آيت : 54) |
اَلله اُهو، جنهن جوڙيان، هِيڻائـِئَ مان هاڻ، ضُعف پُٺيان زور وَرِي، پيدا ڪيائـِين پاڻ، وَرِي وَڏپڻ ۽ ڪاڻ وَڏِي، وَڏِي پُهچ پُڃاڻ، جيڪِي گُھري جَلَّ شانَہ، سو پيدا ڪري پاڻ، ۽ سوئـِي سُرت سُڄاڻ، پڻ قادِر هر ڪِنهن ڪم تي. |
وَيَومَ تَقومُ السّاعَةُ يُقسِمُ المُجرِمونَ ما لَبِثوا غَيرَ ساعَةٍ كَذٰلِكَ كانوا يُؤفَكونَ (آيت : 55) |
۽ جڏهن قِيامت قائم ٿئي، ته قسم کڻن ڪُفّار، ته هَي هَي! هِن جَھان ۾، گھاريو نه گھڙِي، ڌار! اهڙي ئـِي آچار، هُئا ڦيربا فِريب سان. |
وَقالَ الَّذينَ أوتُوا العِلمَ وَالإيمٰنَ لَقَد لَبِثتُم فى كِتٰبِ اللَّهِ إِلىٰ يَومِ البَعثِ فَهٰذا يَومُ البَعثِ وَلٰكِنَّكُم كُنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 56) |
۽ تَن اُتو، جَن عطا ٿيو، عِلم ۽ اِيمان، ته قادِر جي ڪتاب ۾، جاٽيان مَنجھ جھان، مُقرّر مَحشر ڏِينهن سئين؛ هِي مَحشر جو ميدان، پَر پَروڙيو ڪو نه، ڳهيلا!، اَوهِين ڳالهڙِي. |
فَيَومَئِذٍ لا يَنفَعُ الَّذينَ ظَلَموا مَعذِرَتُهُم وَلا هُم يُستَعتَبونَ (آيت : 57) |
پوءِ تِنهن ڏِينهن نه، تِڙڇن، تن کي، سَندنِ عُذر صفا، جَن ڪيا جاڙجفا، ۽ نه گُهرين موٽڻ ماڳ تي. |
وَلَقَد ضَرَبنا لِلنّاسِ فى هٰذَا القُرءانِ مِن كُلِّ مَثَلٍ وَلَئِن جِئتَهُم بِـٔايَةٍ لَيَقولَنَّ الَّذينَ كَفَروا إِن أَنتُم إِلّا مُبطِلونَ (آيت : 58) |
۽ ڪَئين ڏِناسون قُرآن ۾، ماڻهن لاءِ مثال، جي آندِئي اُنهن وٽ مُعجزو، ڀليرا! بَحال، ۽ ڦِريا جِي فرمان کان، سي چوندا اِهِڙي چال، آهيو نَه اَوهين ٻِي ڳالھ، مَگر مُورک مُورِهين. |
كَذٰلِكَ يَطبَعُ اللَّهُ عَلىٰ قُلوبِ الَّذينَ لا يَعلَمونَ (آيت : 59) |
مُهر هَڻي مَضبوط ٿو، مالِڪ اِن مثال، تَن سَندي سِيني تي، جي نه سوچِين سَچِي ڳالھ، |
فَاصبِر إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ وَلا يَستَخِفَّنَّكَ الَّذينَ لا يوقِنونَ (آيت : 60) |
پوءِ سَہ، ته آهن صاحب جا، بيشڪ ٻول بحال، ۽ اِهي نه اُٿارِين توکي، هَلڪائـِئَ تي ڪِنهن حال، مَٿي قِيامت ڪالھ، جن کي ناھِ يَقِين ڪو. |