الم (آيت : 1) |
الم |
غُلِبَتِ الرّومُ (آيت : 2) |
رومين ڀر واري زمين ۾ شڪست کاڌي، |
فى أَدنَى الأَرضِ وَهُم مِن بَعدِ غَلَبِهِم سَيَغلِبونَ (آيت : 3) |
۽ اهي شڪست کائڻ بعد جلد ٿورن ئي ورهن ۾ ، غالب ٿيندا. |
فى بِضعِ سِنينَ لِلَّهِ الأَمرُ مِن قَبلُ وَمِن بَعدُ وَيَومَئِذٍ يَفرَحُ المُؤمِنونَ (آيت : 4) |
اڳي توڙي پوءِ الله جو ئي حڪم آهي. ۽ ان ڏينهن ايمان وارا الله جي فتح (ڏيڻ) سان خوش ٿيندا. |
بِنَصرِ اللَّهِ يَنصُرُ مَن يَشاءُ وَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 5) |
الله جنهن کي گهري ٿو تنهن کي فتح ڏي ٿو. ۽ اهو ئي زبردست (۽) نهايت رحم وارو آهي. |
وَعدَ اللَّهِ لا يُخلِفُ اللَّهُ وَعدَهُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 6) |
الله (اهو) وعدو ڪيو آهي. الله پنهنجو وعدو نه ٿو ڦيري پر گهڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن. |
يَعلَمونَ ظٰهِرًا مِنَ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَهُم عَنِ الءاخِرَةِ هُم غٰفِلونَ (آيت : 7) |
اهي دنيا جي ظاهر حياتيءَ کي ڄاڻن ٿا ۽ اهي آخرت کان (بالڪل) غافل آهن. |
أَوَلَم يَتَفَكَّروا فى أَنفُسِهِم ما خَلَقَ اللَّهُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما إِلّا بِالحَقِّ وَأَجَلٍ مُسَمًّى وَإِنَّ كَثيرًا مِنَ النّاسِ بِلِقائِ رَبِّهِم لَكٰفِرونَ (آيت : 8) |
ڇا پنهنجي دلين ۾ فڪر نه ڪيائون، ته الله آسمانن ۽ زمين کي ۽ جو ڪجهه انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي، تنهنکي پوريءَ تدبير سان ۽ هڪ مقرر مدت لاءِ ئي پيدا ڪيو آهي. ۽ بيشڪ گهڻا ماڻهو پنهنجي پاليندڙ سان ملڻ کي نه ٿا مڃين. |
أَوَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَيَنظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ مِن قَبلِهِم كانوا أَشَدَّ مِنهُم قُوَّةً وَأَثارُوا الأَرضَ وَعَمَروها أَكثَرَ مِمّا عَمَروها وَجاءَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَما كانَ اللَّهُ لِيَظلِمَهُم وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 9) |
ڇا زمين ۾ نه گهميا آهن ته ڏسن ته ڪيئن انهن جي پڇاڙي ٿي جيڪي انهن کان اڳ هئا، اُهي انهن کان طاقت ۾ وڌيڪ هئا ۽ انهن زمين کي کيڙيو ۽ زمين کي آباد ڪيائون هنن جي آباد ڪرڻ کان وڌيڪ ۽ انهن وٽ سندن رسول پڌرا حڪم کڻي آيا. پوءِ الله مٿن ظلم ڪرڻ وارو نه هو پر اهي پاڻ تي پاڻ ظلم ڪري رهيا هئا. |
ثُمَّ كانَ عٰقِبَةَ الَّذينَ أَسٰـُٔوا السّوأىٰ أَن كَذَّبوا بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَكانوا بِها يَستَهزِءونَ (آيت : 10) |
وري جن بڇڙائي ڪئي تن جي نهايت بڇڙي پڇاڙي ٿي، هن ڪري جو الله جي آيتن کي ڪوڙو ڪيائون ۽ انهن تي مسخريون ڪندا هئا. |
اللَّهُ يَبدَؤُا۟ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ ثُمَّ إِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 11) |
الله نئين سر پيدا ڪري ٿو وري ٻيهر پيدا ڪندو وري ان ڏي ئي اوهان کي موٽايو ويندو. |
وَيَومَ تَقومُ السّاعَةُ يُبلِسُ المُجرِمونَ (آيت : 12) |
۽ جنهن ڏينهن قيامت قائم ٿيندي تنهن ڏينهن ڏوهاري نااميد ٿيندا. |
وَلَم يَكُن لَهُم مِن شُرَكائِهِم شُفَعٰؤُا۟ وَكانوا بِشُرَكائِهِم كٰفِرينَ (آيت : 13) |
۽ سندن (الله سان ٺهرايل) شريڪن مان ڪي به انهن لاءِ سفارش ڪندڙ نه هوندا ۽ اهي پنهنجن شريڪن جا انڪار ڪندڙ ٿيندا. |
وَيَومَ تَقومُ السّاعَةُ يَومَئِذٍ يَتَفَرَّقونَ (آيت : 14) |
۽ جنهن ڏينهن قيامت قائم ٿيندي تنهن ڏينهن ماڻهو جدا جدا ٿي ويندا. |
فَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَهُم فى رَوضَةٍ يُحبَرونَ (آيت : 15) |
پوءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا آهن تن کي (بهشت جي) باغ ۾ خوش ڪيو ويندو. |
وَأَمَّا الَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَلِقائِ الءاخِرَةِ فَأُولٰئِكَ فِى العَذابِ مُحضَرونَ (آيت : 16) |
۽ جن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ۽ آخرت جي ملڻ کي ڪوڙو ڪيو آهي سي عذاب ۾ حاضر ڪيل هوندا. |
فَسُبحٰنَ اللَّهِ حينَ تُمسونَ وَحينَ تُصبِحونَ (آيت : 17) |
پوءِ جنهن مهل اوهان کي سانجهي ٿئي ۽ جنهن مهل اوهان کي صبح ٿئي تنهن مهل الله جي پاڪائي بيان ڪريو. |
وَلَهُ الحَمدُ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَعَشِيًّا وَحينَ تُظهِرونَ (آيت : 18) |
۽ آسمانن ۽ زمين ۾ سندس تعريف آهي ۽ پوئين پهر ۽ جنهن مهل اوهان کي منجهند ٿئي (تنهن مهل به سندس پاڪائي بيان ڪريو. |
يُخرِجُ الحَىَّ مِنَ المَيِّتِ وَيُخرِجُ المَيِّتَ مِنَ الحَىِّ وَيُحىِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها وَكَذٰلِكَ تُخرَجونَ (آيت : 19) |
اهو مئل مان جيئري کي ڪڍي ٿو ۽ جيئري مان مئل کي ڪڍي ٿو ۽ زمين کي ان جي مرڻ کان پوءِ جياري ٿو ۽ اهڙيءَ طرح اوهان کي (به مرڻ کان پوءِ زمين مان) ڪڍيو ويندو. |
وَمِن ءايٰتِهِ أَن خَلَقَكُم مِن تُرابٍ ثُمَّ إِذا أَنتُم بَشَرٌ تَنتَشِرونَ (آيت : 20) |
۽ سندس نشانين مان هيءَ (به) آهي جو اوهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيائين وري ان ئي وقت اوهين ماڻهو ٿيا (جتي ڪٿي) پکڙيل. |
وَمِن ءايٰتِهِ أَن خَلَقَ لَكُم مِن أَنفُسِكُم أَزوٰجًا لِتَسكُنوا إِلَيها وَجَعَلَ بَينَكُم مَوَدَّةً وَرَحمَةً إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 21) |
۽ سندس نشانين مان هي (به) آهي ته اوهان لاءِ اوهان (جي جنس) مان زالون پيدا ڪيائين ته انهن سان آرام وٺو ۽ اوهان جي وچ ۾ پيار ۽ شفقت پيدا ڪيائين. بيشڪ ان ۾ فڪر ڪرڻ واري قوم لاءِ نشانيون آهن. |
وَمِن ءايٰتِهِ خَلقُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاختِلٰفُ أَلسِنَتِكُم وَأَلوٰنِكُم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِلعٰلِمينَ (آيت : 22) |
۽ سندس نشانين مان آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪرڻ ۽ اوهان جي زبانن ۽ اوهان جي رنگن جو جدا جدا هئڻ آهي. بيشڪ ان ۾ ڄاڻندڙن لاءِ نشانيون آهن. |
وَمِن ءايٰتِهِ مَنامُكُم بِالَّيلِ وَالنَّهارِ وَابتِغاؤُكُم مِن فَضلِهِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَسمَعونَ (آيت : 23) |
۽ سندس نشانين مان رات ۽ ڏينهن ۾ اوهان جو سمهڻ ۽ اوهان جو سندس فضل مان روزي گهرڻ آهي. بيشڪ ان ۾ ٻڌندڙ قوم لاءِ نشانيون آهن. |
وَمِن ءايٰتِهِ يُريكُمُ البَرقَ خَوفًا وَطَمَعًا وَيُنَزِّلُ مِنَ السَّماءِ ماءً فَيُحيۦ بِهِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 24) |
۽ سندس نشانين مان هيءَ آهي جو اهو ڊڄڻ ۽ اميد رکڻ لاءِ اوهان کي وڄ ڏيکاري ٿو ۽ آسمان مان پاڻي وسائي ٿو پوءِ ان سان زمين کي ان جي مرڻ کان پوءِ جياري ٿو. بيشڪ ان ۾ عقل کان ڪم وٺڻ واريءَ قوم لاءِ نشانيون آهن. |
وَمِن ءايٰتِهِ أَن تَقومَ السَّماءُ وَالأَرضُ بِأَمرِهِ ثُمَّ إِذا دَعاكُم دَعوَةً مِنَ الأَرضِ إِذا أَنتُم تَخرُجونَ (آيت : 25) |
۽ سندس نشانين مان آسمانن ۽ زمين جو سندس حڪم سان بيهڻ آهي. وري جڏهن اوهان کي هڪ ڀيرو زمين مان سڏيندو ته جهٽ پٽ اوهين نڪرندو. |
وَلَهُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ كُلٌّ لَهُ قٰنِتونَ (آيت : 26) |
۽ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو سندس آهي. سڀئي سندس فرمانبردار آهن. |
وَهُوَ الَّذى يَبدَؤُا۟ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ وَهُوَ أَهوَنُ عَلَيهِ وَلَهُ المَثَلُ الأَعلىٰ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 27) |
۽ هو اُهو آهي جو نئين سر پيدا ڪري ٿو وري ٻيهر پيدا ڪندو ۽ اهو (ڪم) ان لاءِ بالڪل آسان آهي. ۽ آسمانن ۽ زمين ۾ سندس مٿاهين صفت آهي ۽ اهو زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. |
ضَرَبَ لَكُم مَثَلًا مِن أَنفُسِكُم هَل لَكُم مِن ما مَلَكَت أَيمٰنُكُم مِن شُرَكاءَ فى ما رَزَقنٰكُم فَأَنتُم فيهِ سَواءٌ تَخافونَهُم كَخيفَتِكُم أَنفُسَكُم كَذٰلِكَ نُفَصِّلُ الءايٰتِ لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 28) |
اُن (الله) اوهان (جي حالتن) مان هڪ مثال بيان ڪيو آهي ته جيڪو مال اسان اوهان کي ڏنو آهي ان ۾ اوهان جي غلامن مان ڪي به اوهان جا ڀائيوار آهن ڇا جو ان ۾ اوهين (سڀئي) برابر ٿيو (جنهن ڪري) اوهين انهن کان اهڙيءَ طرح ڊڄو جيئن اوهين پاڻ مان هڪ جهڙن کان ڊڄندا آهيو. اهڙيءَ طرح عقل کان ڪم وٺڻ واريءَ قوم لاءِ نشانيون کولي بيان ڪريون ٿا. |
بَلِ اتَّبَعَ الَّذينَ ظَلَموا أَهواءَهُم بِغَيرِ عِلمٍ فَمَن يَهدى مَن أَضَلَّ اللَّهُ وَما لَهُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 29) |
پر ظالم علم کان سواءِ پنهنجن خواهشن جي پٺيان لڳن ٿا. پوءِ جنهن کي الله گمراهه ڪيو تنهن کي ڪير رستو ڏيکاريندو. ۽ انهن جا ڪي به مددگار نه آهن. |
فَأَقِم وَجهَكَ لِلدّينِ حَنيفًا فِطرَتَ اللَّهِ الَّتى فَطَرَ النّاسَ عَلَيها لا تَبديلَ لِخَلقِ اللَّهِ ذٰلِكَ الدّينُ القَيِّمُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 30) |
پوءِ (اي پيغمبرﷺ !) تون ابراهيم () جي طريقي تي ٿي پنهنجو منهن دين لاءِ سڌو ڪر. الله جي (بنايل) فطرت جي جنهن تي ماڻهن کي پيدا ڪيو اٿس (تنهن جي تابعداري ڪر ڇو ته) الله جي پيدائش کي ڪا مٽ سٽ نه آهي. سڌو دين اهو آهي پر گهڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن. |
مُنيبينَ إِلَيهِ وَاتَّقوهُ وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَلا تَكونوا مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 31) |
(اوهين سڀئي) ان ڏي رجوع ڪري (سندس بندگي ڪريو) ۽ ان کان ڊڄو ۽ نماز قائم ڪريو ۽ (الله سان) شريڪ ٺهرائيندڙن مان نه ٿيو، |
مِنَ الَّذينَ فَرَّقوا دينَهُم وَكانوا شِيَعًا كُلُّ حِزبٍ بِما لَدَيهِم فَرِحونَ (آيت : 32) |
انهن مان (نه ٿيو) جن پنهنجي دين کي ڌار ڌار ڪري ڇڏيو ۽ جماعتون ٿي ويا. سڀڪا جماعت ان (چيز) تي خوش آهي جا وٽس آهي. |
وَإِذا مَسَّ النّاسَ ضُرٌّ دَعَوا رَبَّهُم مُنيبينَ إِلَيهِ ثُمَّ إِذا أَذاقَهُم مِنهُ رَحمَةً إِذا فَريقٌ مِنهُم بِرَبِّهِم يُشرِكونَ (آيت : 33) |
۽ جڏهن ماڻهن کي ڪا تڪليف پهچي ٿي ته پنهنجي پاليندڙ ڏي رجوع ڪندڙ ٿي ان کي سڏين ٿا وري جڏهن پاڻ وٽان کين ڪنهن مهربانيءَ جو مزو چکائي ٿو ته ان وقت ئي انهن مان هڪ جماعت پنهنجي پاليندڙ سان شريڪ ٺهرائي ٿي. |
لِيَكفُروا بِما ءاتَينٰهُم فَتَمَتَّعوا فَسَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 34) |
هن لاءِ ته جيڪي اسان انهن کي ڏنو آهي تنهن جي بي شڪري ڪن سو اوهين مزا ڪري وٺو پوءِ اوهان کي حقيقت معلوم ٿي ويندي. |
أَم أَنزَلنا عَلَيهِم سُلطٰنًا فَهُوَ يَتَكَلَّمُ بِما كانوا بِهِ يُشرِكونَ (آيت : 35) |
يا ته اسان انهن تي ڪا ثابتي لاٿي آهي جا ان بابت ڳالهائي ٿي جنهن جي ڪري الله سان شريڪ پيا ڪن. |
وَإِذا أَذَقنَا النّاسَ رَحمَةً فَرِحوا بِها وَإِن تُصِبهُم سَيِّئَةٌ بِما قَدَّمَت أَيديهِم إِذا هُم يَقنَطونَ (آيت : 36) |
۽ جڏهن ماڻهن کي (ڪنهن مهربانيءَ جو مزو) چکايون ٿا ته ان سان خوش ٿين ٿا. ۽ جيڪڏهن کين ڪا برائي پهچي ٿي انهن (ڪرتوتن) جي ڪري جن کي سندن هٿن اڳي موڪليو آهي ته ان ئي وقت اهي نااميد ٿين ٿا. |
أَوَلَم يَرَوا أَنَّ اللَّهَ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ وَيَقدِرُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 37) |
ڇا انهن نه ڏٺو ته الله جنهن لاءِ گهري ٿو تنهن جي روزي ڪشادي ڪري ٿو ۽ (جنهن لاءِ گهري ٿو تنهن جي) تنگ ڪري ٿو. بيشڪ ان ۾ ايمان واريءَ قوم لاءِ نشانيون آهن. |
فَـٔاتِ ذَا القُربىٰ حَقَّهُ وَالمِسكينَ وَابنَ السَّبيلِ ذٰلِكَ خَيرٌ لِلَّذينَ يُريدونَ وَجهَ اللَّهِ وَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 38) |
پوءِ مائٽيءَ واري ۽ مسڪين ۽ مسافر کي سندن حق ڏي. (اهو ڏيڻ) انهن لاءِ چڱو آهي جيڪي الله جي رضامندي گهرن ٿا ۽ اهي ئي ڪامياب آهن. |
وَما ءاتَيتُم مِن رِبًا لِيَربُوَا۟ فى أَموٰلِ النّاسِ فَلا يَربوا عِندَ اللَّهِ وَما ءاتَيتُم مِن زَكوٰةٍ تُريدونَ وَجهَ اللَّهِ فَأُولٰئِكَ هُمُ المُضعِفونَ (آيت : 39) |
۽ جو وياج اوهين ڏيو ٿا ته ماڻهن جي مالن ۾ (پهچي) وڌي، سو الله وٽ نه ٿو وڌي. ۽ جيڪا زڪوات الله جي رضامنديءَ جو ارادو ڪري ڏيو ٿا سو اُهي (زڪوات ڏيندڙ) ئي پنهنجي ڏنل زڪوات کي (الله وٽ) وڌائيندڙ آهن. |
اللَّهُ الَّذى خَلَقَكُم ثُمَّ رَزَقَكُم ثُمَّ يُميتُكُم ثُمَّ يُحييكُم هَل مِن شُرَكائِكُم مَن يَفعَلُ مِن ذٰلِكُم مِن شَيءٍ سُبحٰنَهُ وَتَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 40) |
الله اهو آهي جنهن اوهان کي پيدا ڪيو وري اوهان کي روزي ڏنائين وري اوهان کي ماري ٿو وري اوهان کي جياريندو. ڇا اوهانجن (الله سان ٺهرايل) شريڪن مان ڪو اهڙو آهي جو انهن (ڪمن) مان ڪجهه ڪري سگهي ۽ هو پاڪ آهي ۽ انهن کان بلند آهي جن کي (سندس) شريڪ ٺهرائين ٿا. |
ظَهَرَ الفَسادُ فِى البَرِّ وَالبَحرِ بِما كَسَبَت أَيدِى النّاسِ لِيُذيقَهُم بَعضَ الَّذى عَمِلوا لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 41) |
ماڻهن جي هٿن جي ڪمائيءَ سببان خشڪيءَ ۽ سمنڊ ۾ فساد ظاهر ٿيو انهيءَ ڪري ته جيڪي ڪيائون تن مان ڪن (ڪمن) جي کين سزا چکائي ته مَنَ اهي موٽن. |
قُل سيروا فِى الأَرضِ فَانظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ مِن قَبلُ كانَ أَكثَرُهُم مُشرِكينَ (آيت : 42) |
(اي پيغمبرﷺ! کين) چئو ته زمين ۾ سيرڪريو! پوءِ ڏسو ته اڳين جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟ گهڻا انهن مان (الله سان) شريڪ ٺهرائيندڙ هئا. |
فَأَقِم وَجهَكَ لِلدّينِ القَيِّمِ مِن قَبلِ أَن يَأتِىَ يَومٌ لا مَرَدَّ لَهُ مِنَ اللَّهِ يَومَئِذٍ يَصَّدَّعونَ (آيت : 43) |
پوءِ (اي پيغمبرﷺ!) پنهنجي منهن کي ان ڏينهن جي اچڻ کان اڳ سڌي دين لاءِ سڌو ڪر جنهن (ڏينهن) کي الله جي طرفان رد نه ٿيڻو آهي. ان ڏينهن (مومن ۽ ڪافر هڪ ٻئي کان) الڳ الڳ ٿيندا. |
مَن كَفَرَ فَعَلَيهِ كُفرُهُ وَمَن عَمِلَ صٰلِحًا فَلِأَنفُسِهِم يَمهَدونَ (آيت : 44) |
جيڪو ڪافر ٿيو اُن جو ڪفر اُن تي آهي ۽ جن چڱو ڪم ڪيو سي پاڻ لاءِ ئي جاءِ ٿا ٺاهين. |
لِيَجزِىَ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ مِن فَضلِهِ إِنَّهُ لا يُحِبُّ الكٰفِرينَ (آيت : 45) |
هن لاءِ ته جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي پنهنجي فضل مان بدلو ڏي. بيشڪ الله ڪافرن کي پسند نه ٿو ڪري. |
وَمِن ءايٰتِهِ أَن يُرسِلَ الرِّياحَ مُبَشِّرٰتٍ وَلِيُذيقَكُم مِن رَحمَتِهِ وَلِتَجرِىَ الفُلكُ بِأَمرِهِ وَلِتَبتَغوا مِن فَضلِهِ وَلَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 46) |
۽ سندس نشانين مان هيءَ آهي جو اُهو هوائون موڪلي ٿو جيڪي (مينهن جي) خوشخبري ڏيندڙ آهن ۽ هن لاءِ ته اوهان کي پنهنجي رحمت (مينهن) جو ڪجهه مزو چکائي ۽ هن لاءِ ته سندس حڪم سان ٻيڙيون هلن ۽ هن لاءِ ته اوهين (دريائي مسافريءَ سان) سندس فضل مان (روزي) گهرو ۽ مَن اوهين شڪر ڪريو. |
وَلَقَد أَرسَلنا مِن قَبلِكَ رُسُلًا إِلىٰ قَومِهِم فَجاءوهُم بِالبَيِّنٰتِ فَانتَقَمنا مِنَ الَّذينَ أَجرَموا وَكانَ حَقًّا عَلَينا نَصرُ المُؤمِنينَ (آيت : 47) |
۽ بيشڪ اسان تو کان اڳ رسولن کي سندن قوم ڏي موڪليو پوءِ اهي وٽن ظاهر نشانيون کڻي آيا پوءِ جن ڏوهه ڪيو تن کان اسان بدلو ورتو ۽ اسان تي ايمان وارن جي مدد ڪرڻ لازم هئي. |
اللَّهُ الَّذى يُرسِلُ الرِّيٰحَ فَتُثيرُ سَحابًا فَيَبسُطُهُ فِى السَّماءِ كَيفَ يَشاءُ وَيَجعَلُهُ كِسَفًا فَتَرَى الوَدقَ يَخرُجُ مِن خِلٰلِهِ فَإِذا أَصابَ بِهِ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ إِذا هُم يَستَبشِرونَ (آيت : 48) |
الله اهو آهي جو هوائن کي موڪلي ٿو، پوءِ اهي ڪڪرن کي اٿارين ٿيون پوءِ جيئن گهري ٿو تيئن انهن کي آسمان ۾ پکيڙي ٿو ۽ انهن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ٿو، پوءِ تون مينهن کي ڏسين ٿو جو انهن جي وچان پيو نڪري. پوءِ پنهنجن ٻانهن مان جن کي گهري ٿو تن کي جڏهن اهو (مينهن) پهچائي ٿو ته اُهي ان وقت خوش پيا ٿين. |
وَإِن كانوا مِن قَبلِ أَن يُنَزَّلَ عَلَيهِم مِن قَبلِهِ لَمُبلِسينَ (آيت : 49) |
۽ بيشڪ اُهي مٿن (مينهن) وسائڻ کان اڳ نااُميد هئا. |
فَانظُر إِلىٰ ءاثٰرِ رَحمَتِ اللَّهِ كَيفَ يُحىِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها إِنَّ ذٰلِكَ لَمُحىِ المَوتىٰ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 50) |
پوءِ الله جي رحمت جي نشانين ڏي ڏس ته ڪيئن زمين کي ان جي مرڻ کان پوءِ جياري ٿو. بيشڪ اهوئي مئلن کي جياريندڙ آهي. ۽ اهو ئي سڀ ڪنهن شئي تي قدرت رکندڙ آهي. |
وَلَئِن أَرسَلنا ريحًا فَرَأَوهُ مُصفَرًّا لَظَلّوا مِن بَعدِهِ يَكفُرونَ (آيت : 51) |
۽ جيڪڏهن اسين هڪ هوا موڪليون پوءِ اهي ان (پوک) کي هيڊو (سُڪل) ڏسن ته ان کانپوءِ ناشڪري ڪرڻ لڳي ويندا. |
فَإِنَّكَ لا تُسمِعُ المَوتىٰ وَلا تُسمِعُ الصُّمَّ الدُّعاءَ إِذا وَلَّوا مُدبِرينَ (آيت : 52) |
سو (اي پيغمبرﷺ!) تون نه مئلن کي ٻڌائي سگهين ٿو ۽ نه ٻوڙن کي سڏ ٻڌائي سگهين ٿو جڏهن اهي پٺ ڏيئي ڦرن ٿا. |
وَما أَنتَ بِهٰدِ العُمىِ عَن ضَلٰلَتِهِم إِن تُسمِعُ إِلّا مَن يُؤمِنُ بِـٔايٰتِنا فَهُم مُسلِمونَ (آيت : 53) |
۽ نه تون انڌن کي سندن گمراهيءَ کان رستو ڏيکاريندڙ آهين تون رڳو اُنهن کي ٻڌائي سگهين ٿو جيڪي اسان جي آيتن تي ايمان آڻين ٿا پوءِ اهي فرمانبردار آهن. |
اللَّهُ الَّذى خَلَقَكُم مِن ضَعفٍ ثُمَّ جَعَلَ مِن بَعدِ ضَعفٍ قُوَّةً ثُمَّ جَعَلَ مِن بَعدِ قُوَّةٍ ضَعفًا وَشَيبَةً يَخلُقُ ما يَشاءُ وَهُوَ العَليمُ القَديرُ (آيت : 54) |
الله اهو آهي جنهن اوهان کي ڪمزوريءَ مان (جيڪا ماءُ جي پيٽ ۾ ٿئي ٿي) پيدا ڪيو وري ڪمزوريءَ کانپوءِ (جوانيءَ جي) طاقت ڏني. وري طاقت کان پوءِ ڪمزوري ۽ ٻڍاپڻ ڏنو. جيڪي گهُري سو پيدا ٿو ڪري. ۽ اهو (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ قدرت رکندڙ آهي. |
وَيَومَ تَقومُ السّاعَةُ يُقسِمُ المُجرِمونَ ما لَبِثوا غَيرَ ساعَةٍ كَذٰلِكَ كانوا يُؤفَكونَ (آيت : 55) |
۽ جنهن ڏينهن قيامت قائم ٿيندي تنهن ڏينهن ڏوهاري قسم کڻندا ته هڪ گهڙي کانسواءِ (دنيا ۾ ) نه رهيا هئا. اهڙيءَ طرح ئي (دنيا ۾ ) ابتا پيا وڃن. |
وَقالَ الَّذينَ أوتُوا العِلمَ وَالإيمٰنَ لَقَد لَبِثتُم فى كِتٰبِ اللَّهِ إِلىٰ يَومِ البَعثِ فَهٰذا يَومُ البَعثِ وَلٰكِنَّكُم كُنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 56) |
۽ هب جن کي علم ۽ ايمان ڏنو ويو آهي سي چوندا ته الله جي ڪتاب ۾ اوهين جيئري ٿي اٿڻ جي ڏينهن تائين رهيا آهيو پوءِ هيءَ جيئري ٿي اٿڻ جو ڏينهن آهي پر اوهان نه ٿي ڄاتو. |
فَيَومَئِذٍ لا يَنفَعُ الَّذينَ ظَلَموا مَعذِرَتُهُم وَلا هُم يُستَعتَبونَ (آيت : 57) |
پوءِ ان ڏينهن ظالمن کي سندن بهانو فائدو نه ڏيندو ۽ نه انهن کان توبھ جي گُهر ڪئي ويندي. |
وَلَقَد ضَرَبنا لِلنّاسِ فى هٰذَا القُرءانِ مِن كُلِّ مَثَلٍ وَلَئِن جِئتَهُم بِـٔايَةٍ لَيَقولَنَّ الَّذينَ كَفَروا إِن أَنتُم إِلّا مُبطِلونَ (آيت : 58) |
۽ بيشڪ اسان ماڻهن لاءِ هن قرآن ۾ سڀ ڪنهن قسم جا مثال بيان ڪيا آهن ۽ (اي پيغمبرﷺ!) جيڪڏهن تون انهن وٽ ڪابه نشاني آڻيندين ته ڪافر چوندا ته اوهين رڳو ڪوڙ ڪندڙ آهيو. |
كَذٰلِكَ يَطبَعُ اللَّهُ عَلىٰ قُلوبِ الَّذينَ لا يَعلَمونَ (آيت : 59) |
اهڙي طرح جيڪي نه ٿا ڄاڻن تن جي دلين تي الله مهر هڻي ٿو. |
فَاصبِر إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ وَلا يَستَخِفَّنَّكَ الَّذينَ لا يوقِنونَ (آيت : 60) |
پوءِ (اي پيغمبرﷺ!) تون صبر ڪر بيشڪ الله جو وعدوسچو آهي ۽ جيڪي (تنهنجي چوڻ تي) يقين نه ٿا رکن سي تو کي هلڪو نه ڪن. |