الم (آيت : 1) |
الف – لام – ميم. |
غُلِبَتِ الرّومُ (آيت : 2) |
رومي سلطنت مغلوب ٿي ويئي آهي (جو ايرانين کين زبردست شڪستون ڏنيون آهن.) |
فى أَدنَى الأَرضِ وَهُم مِن بَعدِ غَلَبِهِم سَيَغلِبونَ (آيت : 3) |
ويجهي ملڪ (شام ۽ فسطين) ۾ (رومين تي ايراني غالب پئجي ويا آهن) پر (توهان ڏسندؤ ته) انهيءَ شڪست بعد رومي وري (ايرانين تي) غالب پوندا. |
فى بِضعِ سِنينَ لِلَّهِ الأَمرُ مِن قَبلُ وَمِن بَعدُ وَيَومَئِذٍ يَفرَحُ المُؤمِنونَ (آيت : 4) |
ٿورن ئي سالن اندر (يعني 3 کان 9 سالن اندر رومي غالب پوندا) هر ڳالهه جو فيصلو ۽ اختيار اڳي به الله تعاليٰ جي هٿ ۾ هو ۽ آئينده به سندس ئي هٿ ۾ رهندو ۽ انهيءَ (فتح واري) ڏينهن مسلمان خوشيون ڪندا (جو). |
بِنَصرِ اللَّهِ يَنصُرُ مَن يَشاءُ وَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 5) |
الله جي مدد سان (رومين کي به فتح حاصل ٿيندي ۽ مسلمانن کي به بدر وٽ فتح حاصل ٿيندي) بيشڪ الله تعاليٰ جنهن کي چاهي ٿو تنهن جي مدد ڪري ٿو ۽ هو وڏي طاقت وارو، غالب رهڻ وارو ۽ وڏي رحم وارو آهي. |
وَعدَ اللَّهِ لا يُخلِفُ اللَّهُ وَعدَهُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 6) |
اهو الله تعاليٰ جو واعدو آهي (ته ايمان وارن ۽ نيڪ عمل ڪندڙن کي سوڀ ڏيندو) الله تعاليٰ ڪڏهن به پنهنجي واعدي جي خلاف نٿو وڃي (۽ واعدو ضرور پورو ڪري ٿو ڇڏي) پر گهڻا ماڻهو اها ڳالهه نٿا ڄاڻن (۽ سمجهن ٿا ته جن کي گهڻو لشڪر، گهڻا هٿيار ۽ گهڻي دولت آهي سي ئي سوڀارا ٿيندا). |
يَعلَمونَ ظٰهِرًا مِنَ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَهُم عَنِ الءاخِرَةِ هُم غٰفِلونَ (آيت : 7) |
(اهي ڀليل ماڻهو) هن دنيا جي زندگيءَ جون رڳو ظاهري حالتون ڄاڻن ٿا (انسان جي اندروني حالت جي خبر کين ڪانه ٿي پوي) ۽ هو آخرت جي حالت کان بلڪل بي خبر آهن. |
أَوَلَم يَتَفَكَّروا فى أَنفُسِهِم ما خَلَقَ اللَّهُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما إِلّا بِالحَقِّ وَأَجَلٍ مُسَمًّى وَإِنَّ كَثيرًا مِنَ النّاسِ بِلِقائِ رَبِّهِم لَكٰفِرونَ (آيت : 8) |
ڇا هي ماڻهو پنهنجي دلين ۾ (اڪيلائي ۾ ويهي دماغ هلائي) غور ۽ فڪر نٿا ڪن؟ (۽ نٿا سمجهن ته) الله تعاليٰ جو آسمانن کي ۽ زمين کي پيدا ڪيو آهي سو بنا مصلحت ۽ حقي مقصد جي پيدا نه ڪيو آهي ۽ انهن کي هڪ خاص مقرر مدي لاءِ پيدا ڪيو اٿس. ۽ (تنهن هوندي به) بيشڪ گهڻائي (بي وقوف) ماڻهو اها ڳالهه نه ٿا مڃين ته ڪو (قيامت جي ڏينهن) پنهنجي پروردگار جي آڏو پيش ڪيا ويندا. |
أَوَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَيَنظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ مِن قَبلِهِم كانوا أَشَدَّ مِنهُم قُوَّةً وَأَثارُوا الأَرضَ وَعَمَروها أَكثَرَ مِمّا عَمَروها وَجاءَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَما كانَ اللَّهُ لِيَظلِمَهُم وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 9) |
(غور ۽ فڪر جي طاقت ڪانه اٿن ته ڪم از ڪم تاريخي واقعا هن ئي دنيا ۾ ڪامراني ۽ ناڪاميءَ جا ڏسن) ڇا هي ماڻهو ڌرتيءَ تي سير سفر ڪونه ٿا ڪن؟ ۽ (سير سفر ڪندي) نٿا ڏسن ته جيڪي (بدڪار نافرمان) ماڻهو کانئن اڳي ٿي گذريا آهن تن جي پڇاڙي ڪهڙي نه (خراب) ٿي؟ اهي ماڻهو هئا به هُنن کان طاقت ۾ گهڻو وڌيڪ. هنن زمين کي کيڙيو ۽ آباد ڪيو ۽ جيتري قدر هنن ماڻهن ملڪ کي آباد ڪيو آهي، تنهن کان گهڻو وڌيڪ هنن آباد ڪيو هو (۽ آدشماري گهڻي وڌائي هئي) ۽ انهن ڏي به رسول چٽين نشانين سان آيا هئا (پر هُنن مٿن ويساهه نه ڪيو ۽ نافرماني ۽ ظلمن ۾ وڌندا ويا تنهن ڪري خدا کين تباهه ڪري ڇڏيو، ڏسو) خدا اهڙو ناهي جو هنن سان بي انصافي ڪري، پر هنن پاڻ تي پاڻ ظلم ڪيو (جو بدعمل ڪري پاڻ تي تباهي آندائون). |
ثُمَّ كانَ عٰقِبَةَ الَّذينَ أَسٰـُٔوا السّوأىٰ أَن كَذَّبوا بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَكانوا بِها يَستَهزِءونَ (آيت : 10) |
پوءِ جيڪي ماڻهو برائيون ٿا ڪن تن جي پڇاڙي نيٺ بڇڙي ٿيندي، ڇو ته هنن الله جي نشانين کي ڪوڙو ٺهرائي مڃڻ کان انڪار ڪيو (نه رڳو ايترو پر) انهن نشانين ۽ حڪمن تي ٽوڪون ۽ مسخريون ڪيون. |
اللَّهُ يَبدَؤُا۟ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ ثُمَّ إِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 11) |
الله ئي آهي جو شين ۽ جانورن کي اول اول پيدا ڪري ٿو ۽ پوءِ به بار بار پيدا ڪندو رهي ٿو ۽ ڪندو رهندو (توهان انسانن کي به مرڻ بعد وري زنده ڪندو) پوءِ توهان کي سندس حضور ۾ موٽائي آندو ويندو. |
وَيَومَ تَقومُ السّاعَةُ يُبلِسُ المُجرِمونَ (آيت : 12) |
۽ انهيءَ ڏينهن جڏهن (پڇاڻي ۽ بدلي واري) گهڙي قائم ڪئي ويندي تڏهن گهنگار ماڻهو نااميديءَ جي بحر ۾ غوطا کائيندا. |
وَلَم يَكُن لَهُم مِن شُرَكائِهِم شُفَعٰؤُا۟ وَكانوا بِشُرَكائِهِم كٰفِرينَ (آيت : 13) |
۽ سندن (هٿرادو ٺهرايل) ديوتائون جن کي خدا سان شريڪ سمجهندا هئا تن مان ڪوبه سندن سفارشي ڪونه ٿيندو. بلڪ هو پاڻ (حقيقت کي سمجهي) انهن ديوتائن يا شريڪن جا منڪر ٿيندا. |
وَيَومَ تَقومُ السّاعَةُ يَومَئِذٍ يَتَفَرَّقونَ (آيت : 14) |
۽ جنهن ڏينهن اها گهڙي قائم ٿيندي تنهن ڏينهن ماڻهن کي (سندن نيڪ ۽ بدعملن موجب) جدا جدا ڪيو ويندو. |
فَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَهُم فى رَوضَةٍ يُحبَرونَ (آيت : 15) |
پوءِ جن ماڻهن (هن دنيا ۾ سچين حقيقتن تي) ايمان آندو هوندو ۽ (انهن موجب) نيڪ عمل ڪيا هوندائون سي بهشت جي باغ ۾ خوشين ۽ موجن ۾ هوندا. |
وَأَمَّا الَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَلِقائِ الءاخِرَةِ فَأُولٰئِكَ فِى العَذابِ مُحضَرونَ (آيت : 16) |
۽ جن ماڻهن (جهل ۽ خودغرضيءَ سببان حقيقتن کان) انڪار ڪيو ۽ اسان جي نشانين ۽ حڪمن کي ڪوڙو ٺهرايو ۽ پڻ آخرت ۾ (جزا ۽ سزا لاءِ) خدا جي روبرو اچڻ واري ڳالهه تي اعتبار نه ڪيو سي سڀ حاضر ڪري عذاب ۾ وڌا ويندا. |
فَسُبحٰنَ اللَّهِ حينَ تُمسونَ وَحينَ تُصبِحونَ (آيت : 17) |
سو توهان (مؤمن ۽ مسلمان هر وقت) صبح توڙي شام الله تعاليٰ جي پاڪائي ۽ شان بيان ڪندا رهو. |
وَلَهُ الحَمدُ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَعَشِيًّا وَحينَ تُظهِرونَ (آيت : 18) |
۽ آسمانن ۾ توڙي زمين ۾ سندس ئي ساراهه آهي (يعني سندس اعليٰ صفتون ۽ وصفون هر هنڌ ظاهر آهن) (سو سندس اعليٰ صفتون بيان ڪندا رهو) ٽپهريءَ جي وقت توڙي ڏينهن لڙڻ وقت. |
يُخرِجُ الحَىَّ مِنَ المَيِّتِ وَيُخرِجُ المَيِّتَ مِنَ الحَىِّ وَيُحىِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها وَكَذٰلِكَ تُخرَجونَ (آيت : 19) |
الله تعاليٰ (ڏسو ته) بي جان شين مان جاندار پيدا ڪري ٻاهر آڻي ٿو ۽ جاندار شين مان بي جان شيون ڪڍي ٻاهر آڻي ٿو، ۽ زمين کي سندس موت بعد (يعني سربسز ۽ آباد ڪري ٿو ڇڏي) ۽ اهڙيءَ طرح اوهان انسانن کي به (مرڻ بعد جيئرو ڪري) ٻاهر ڪڍيو ويندو. |
وَمِن ءايٰتِهِ أَن خَلَقَكُم مِن تُرابٍ ثُمَّ إِذا أَنتُم بَشَرٌ تَنتَشِرونَ (آيت : 20) |
۽ هن جي (يعني الله جي) نشانين مان هڪڙي نشاني هيءَ آهي ته هن اوهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو آهي، پوءِ ڏسو ته (اگرچه خسيس شمار ڪيل مٽيءَ مان ٺاهيل آهيو ته به) توهان (وڏي مرتبي ۽ شان وارا) انسان آهيو ۽ (ڪيئن نه) زمين تي پکڙجي ويا آهيو. |
وَمِن ءايٰتِهِ أَن خَلَقَ لَكُم مِن أَنفُسِكُم أَزوٰجًا لِتَسكُنوا إِلَيها وَجَعَلَ بَينَكُم مَوَدَّةً وَرَحمَةً إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 21) |
۽ سندس نشانين مان هڪڙي نشاني هيءَ آهي ته هن توهان منجهان ئي توهان جي لاءِ عورتون پيدا ڪيون آهن. انهيءَ لاءِ ته توهان انهن وٽ آرام ۽ فرحت محسوس ڪيو. ۽ هن اوهان جي وچ ۾ محبت ۽ رحمدلي رکي آهي. بيشڪ انهيءَ ۾ انهن ماڻهن لاءِ وڏيون نشانيون آهن جيڪي غور ۽ فڪر ڪندڙ آهن. |
وَمِن ءايٰتِهِ خَلقُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاختِلٰفُ أَلسِنَتِكُم وَأَلوٰنِكُم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِلعٰلِمينَ (آيت : 22) |
۽ آسمانن ۽ زمين جو خلقڻ ۽ (ماڻهن جي) ٻولين ۽ رنگن جو اختلاف به الله جي نشانين مان ڪي نشانيون آهن. بيشڪ انهيءَ ۾ به انهن ماڻهن لاءِ نشانيون آهن، جيڪي علم وارا آهن. |
وَمِن ءايٰتِهِ مَنامُكُم بِالَّيلِ وَالنَّهارِ وَابتِغاؤُكُم مِن فَضلِهِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَسمَعونَ (آيت : 23) |
۽ سندس نشانين مان هڪ نشاني آهي اوهان جي رات ۽ ڏينهن واري ننڊ (جا غم ٽار ۽ تازو توانو ڪندڙ آهي) ۽ اوهان جو سندس فضل ۽ روزي جي تلاش (۾ نڪرڻ ۽ ڪم ڪاريون ڪرڻ). بيشڪ انهيءَ ۾ به انهن ماڻهن لاءِ نشانيون آهن، جيڪي (حق جون ڳالهيون ڪن ڏيئي ڌيان سان) ٻڌن ٿا. |
وَمِن ءايٰتِهِ يُريكُمُ البَرقَ خَوفًا وَطَمَعًا وَيُنَزِّلُ مِنَ السَّماءِ ماءً فَيُحيۦ بِهِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 24) |
۽ سندس نشانين مان هڪ نشاني هيءَ آهي ته هو اوهان کي (ڪڪرن ۾) بجلي ڏيکاري ٿو جنهن جي ڏسڻ سان اوهان کي خوف ٿو ٿئي (ته متان ساڙي وجهي) ۽ اوهان کي اميد به ٿي ٿئي (ته مينهن وسندو گاهه نڪرندا ۽ اناج ميوا ۽ ڀاڄيون پيدا ٿيندون) ۽ هيءَ به هڪ نشاني آهي ته هو آسمان مان برسات موڪلي ٿو جنهن جي وسيلي زمين کي سندس موت بعد وري جيئرو ڪري ٿو ڇڏي. (يعني خشڪ ۽ ويران زمين کي سبرسبز ۽ آباد ڪري ٿو ڇڏي) بيشڪ انهيءَ ۾ به انهن ماڻهن لاءِ نشانيون آهن جيڪي عقل کان ڪم ٿا وٺن. |
وَمِن ءايٰتِهِ أَن تَقومَ السَّماءُ وَالأَرضُ بِأَمرِهِ ثُمَّ إِذا دَعاكُم دَعوَةً مِنَ الأَرضِ إِذا أَنتُم تَخرُجونَ (آيت : 25) |
۽ سندس نشانين مان هڪ نشاني هيءَ (به) آهي ته سندس ئي حڪم سان آسمان ۽ زمين قائم آهن. (جنهن خدا کي ايڏي وڏي قدرت آهي سو ڇا نٿو ڪري سگهي) پوءِ جڏهن هو اوهان کي هڪڙي ئي سڏ سان زمين مان نڪري اچڻ لاءِ سڏيندو تڏهن توهان هڪدم ٻاهر نڪري ايندؤ. |
وَلَهُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ كُلٌّ لَهُ قٰنِتونَ (آيت : 26) |
۽ جيڪي به آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو سڀ الله جو آهي. سڀ شيون ۽ جانور سندس پورا پورا فرمانبردار آهن. |
وَهُوَ الَّذى يَبدَؤُا۟ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ وَهُوَ أَهوَنُ عَلَيهِ وَلَهُ المَثَلُ الأَعلىٰ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 27) |
۽ اهو ئي آهي جو شين، جانورن وغيره کي اول اول پيدا ڪري ٿو ۽ پوءِ به پيدا ڪندو رهي ٿو، ۽ اها ڳالهه هن لاءِ نهايت ئي آسان آهي. (سو نيڪن کي حال توڙي مستقبل ۾ ڪامران ڪرڻ ۽ نافرمانن کي حال ۾ توڙي مستقبل ۾ ناڪام ڪرڻ ڪا ڏکي ڳالهه ڪانهي. نه ڪي قيامت جي ڏينهن وري ماڻهن کي جيئرو ڪرڻ ڪا ڏکي ڳالهه آهي) ۽ بلند ۾ بلند مثال (۽ صفتون) آسمانن ۾ توڙي زمين ۾ فقط الله جي لاءِ آهن، ۽ هو ئي هر چيز تي غالب آهي ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. |
ضَرَبَ لَكُم مَثَلًا مِن أَنفُسِكُم هَل لَكُم مِن ما مَلَكَت أَيمٰنُكُم مِن شُرَكاءَ فى ما رَزَقنٰكُم فَأَنتُم فيهِ سَواءٌ تَخافونَهُم كَخيفَتِكُم أَنفُسَكُم كَذٰلِكَ نُفَصِّلُ الءايٰتِ لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 28) |
الله تعاليٰ توهان جي لاءِ توهان (جي ئي تجربي) مان هڪڙو مثال (توحيد جي سمجهاڻي لاءِ) ڏئي ٿو (ڏسو) جيڪو رزق اسان اوهان کي ڏنو آهي تنهن ۾ پنهنجي ٻانهن کي به ڪڏهن ڀائيوار ڪيو ٿا (ايتري قدر) جو اوهان ۽ اوهان جا ٻانها ان رزق ۾ برَبر ٿي وڃو يا توهان انهن (ٻانهن) کان اهڙوئي ڊڄو ٿا جهڙو هڪٻئي کان ٿا ڊڄو؟ (هرگز نه) اهڙيءَ طرح اسان پنهنجون نشانيون ۽ حڪم کولي کولي بيان ڪيون ٿا انهن ماڻهن لاءِ جيڪي عقل کان ڪم ٿا وٺن. |
بَلِ اتَّبَعَ الَّذينَ ظَلَموا أَهواءَهُم بِغَيرِ عِلمٍ فَمَن يَهدى مَن أَضَلَّ اللَّهُ وَما لَهُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 29) |
(پر افسوس جو ڀليل انسان رحيم ۽ ڪريم خدا جي حڪمن تي نٿا هلن) اٽلندو اُهي جيڪي ظلم ڪري رهيا آهن سي بنا سوچ سمجهه ۽ ڄاڻ جي پنهنجي نفساني خواهشن جي تابعداري ڪري رهيا آهن (۽ حقيقت ۾ وقتي فائدي يا خوشيءَ لاءِ دائمي مصيبتون خريد ڪري رهيا آهن) پوءِ ڪير اهڙي ماڻهوءَ کي هدايت ڪري سڌي راهه تي آڻي سگهندو، جنهن کي الله تعاليٰ (سندس ئي جهالت ۽ ظلم سببان) گمراهه ڪري ڇڏيندو آهي. ۽ (ياد رکو ته) اهڙن (ظالمن) لاءِ ڪوبه مددگار ڪونه ٿيندو (جو کين تباهيءَ ۽ عذاب کان بچائي سگهي.) |
فَأَقِم وَجهَكَ لِلدّينِ حَنيفًا فِطرَتَ اللَّهِ الَّتى فَطَرَ النّاسَ عَلَيها لا تَبديلَ لِخَلقِ اللَّهِ ذٰلِكَ الدّينُ القَيِّمُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 30) |
سو (اي منهنجا پيغمبر!) تون (غيرن جي حڪمن ۽ خواهشن کان منهن موڙي) فقط الله جي سيکاريل سچي دين تي پنهنجو رخ محڪم رک (يعني رڳو سندس حڪمن جي پيروي ڪر اهو سچو دين ڪهڙو آهي؟) اهو آهي الله تعاليٰ جي فطرت (يا جوڙ) جنهن تي انسانن کي پيدا ڪيو اٿس. انهيءَ (اعليٰ ۽ نيڪ) فطرت ۾ جنهن تي الله تعاليٰ (انسان کي) خلقيو آهي ڪابه ڦيرڦار ٿيڻ نه ڏيو. اهوئي آهي سچو ۽ سڌو دين. پر (افسوس جو) اڪثر ماڻهو اها ڳالهه نٿا ڄاڻن. |
مُنيبينَ إِلَيهِ وَاتَّقوهُ وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَلا تَكونوا مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 31) |
(پنهنجي فطرت يعني سچي دين کان جيڪڏهن هٽي ويا آهيو ته وري به) انهيءَ الله ڏانهن موٽو ۽ سندس نافرمانيءَ جي نتيجن کان ڊڄو ۽ نماز جو نظام قائم ڪيو ۽ مشرڪ نه ٿيو (يعني فقط هڪ الله جا فرمانبردار ٻانها ٿي رهو). |
مِنَ الَّذينَ فَرَّقوا دينَهُم وَكانوا شِيَعًا كُلُّ حِزبٍ بِما لَدَيهِم فَرِحونَ (آيت : 32) |
(مشرڪ نه ٿيو) انهن ماڻهن منجهان نه ٿيو جن دين کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو ۽ فرقا ٺاهيا ۽ جدا جدا ٽوليون ٿي ويا. هرهڪ ٽوليءَ جا ماڻهو پنهنجن پنهنجن خيالن رسمن وغيره تي فخر، ناز ۽ خوشيون ڪري رهيا آهن (۽ خدا جي حڪمن تي عمل ڪرڻ ڇڏي ڏنو اٿن). |
وَإِذا مَسَّ النّاسَ ضُرٌّ دَعَوا رَبَّهُم مُنيبينَ إِلَيهِ ثُمَّ إِذا أَذاقَهُم مِنهُ رَحمَةً إِذا فَريقٌ مِنهُم بِرَبِّهِم يُشرِكونَ (آيت : 33) |
۽ جڏهن ماڻهن کي ڪا تڪليف پهچي ٿي تڏهن پنهنجي پروردگار کي پڪارين ٿا ۽ (پشيمان ٿي گناهه ڦٽي ڪري) ڏانهس موٽن ٿا، پر پوءِ جڏهن (سندن نيڪ عملن جي ڪري) الله تعاليٰ کين پنهنجي رحمت جو مزو چکائي ٿو تڏهن ڏسو ته انهن مان ڪي (وري) پنهنجي پروردگار سان ٻين کي به شريڪ ٿا ڪن (يعني خدا جا ڪي حڪم ڇڏي شيطان جا يا ٻين جا حڪم مڃڻ لڳن ٿا). |
لِيَكفُروا بِما ءاتَينٰهُم فَتَمَتَّعوا فَسَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 34) |
(ائين نٿا سمجهن ته الله تعاليٰ ئي کين پنهنجي رحمت سان خوشحال ڪيو آهي.) جيڪي اسان کين عطا ڪيو آهي تنهن جا بي شڪر ٿا ٿين ۽ انڪار ٿا ڪن (ته ڪو اهي نعمتون الله وٽان عطا ٿيل آهن. چڱو! ڀلي بي شڪر ٿيو) ۽ (گهڙيءَ جون) موجون ماڻي وٺو. پر جلدئي توهان کي خبر پئجي ويندي (ته نافرمانيءَ جو نتيجو ڪهڙو نه خراب ٿو ٿئي). |
أَم أَنزَلنا عَلَيهِم سُلطٰنًا فَهُوَ يَتَكَلَّمُ بِما كانوا بِهِ يُشرِكونَ (آيت : 35) |
يا هيئن آهي ڇا ته اسان کين ڪا سند يا اختيار يا دليل موڪليو آهي، جو هنن کي ٻڌائي ٿو اهي شيون جنهن ڪري اهي خدا سان شريڪ ٿا ڪن؟ (اهڙي سند کين بلڪل ڪانه موڪليل آهي). |
وَإِذا أَذَقنَا النّاسَ رَحمَةً فَرِحوا بِها وَإِن تُصِبهُم سَيِّئَةٌ بِما قَدَّمَت أَيديهِم إِذا هُم يَقنَطونَ (آيت : 36) |
۽ جڏهن اسان ماڻهن کي پنهنجي رحمت جو مزو چکايون ٿا تڏهن هو ان تي خوشيون ڪن ٿا، پر جيڪڏهن سندن ئي بدعملن جي شامت کان مٿن ڪا مصيبت اچي ڪڙڪي ٿي تڏهن ڏسو ته هو هڪدم مايوسيءَ ۾ غرق ٿي وڃن ٿا. |
أَوَلَم يَرَوا أَنَّ اللَّهَ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ وَيَقدِرُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 37) |
(گهڻائي ماڻهو رزق دولت ۽ ٻين نعمتن لاءِ گناهه ۽ ظلم ڪن ٿا) هو نٿا ڏسن ڇا ته يقيناً الله ئي جنهن کي چاهي تنهن لاءِ رزق ڪشادو ڪري ٿو ڇڏي ۽ (جنهن لاءِ چاهي تنهن لاءِ) توري ماپي ڏئي ٿو (يعني ٿورو رزق ڏئي ٿو). انهيءَ ۾ ايمان وارن لاءِ نشانيون آهن. (جيڪي الله جي قانونن جي پابندي ڪري ان جي قدر واري رزق جا مستحق بڻجن ٿا). |
فَـٔاتِ ذَا القُربىٰ حَقَّهُ وَالمِسكينَ وَابنَ السَّبيلِ ذٰلِكَ خَيرٌ لِلَّذينَ يُريدونَ وَجهَ اللَّهِ وَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 38) |
پوءِ (جڏهن ته رزق خدا جو آهي نه اوهان جو، تڏهن خدا جي حڪم موجب) مائٽن کي، مسڪينن کي ۽ واٽهڙو مسافرن کي سندن حق ڏيو ۽ (ياد رکو ته) ائين ڪرڻ ۾ انهن ماڻهن لاءِ وڏي بهتري آهي جيڪي الله جي راضپي جي طلب رکن ٿا ۽ يقيناً اهي ئي ماڻهو (دنيا توڙي آخرت ۾) ڪامياب ۽ آسودا رهندا. |
وَما ءاتَيتُم مِن رِبًا لِيَربُوَا۟ فى أَموٰلِ النّاسِ فَلا يَربوا عِندَ اللَّهِ وَما ءاتَيتُم مِن زَكوٰةٍ تُريدونَ وَجهَ اللَّهِ فَأُولٰئِكَ هُمُ المُضعِفونَ (آيت : 39) |
۽ توهان جيڪي ڏيو ٿا انهيءَ لاءِ ته ماڻهن جي مال ملڪيت مان، وياج سان (يا ٻين ناجائز طريقن سان) دولت هٿ ڪيون ۽ وڌايون سا الله وٽ هرگز ڪانه وڌندي. (بلڪ الله تعاليٰ اوهان کي مصيبتن هيٺ آڻيندو) پر جيڪي توهان صدقن ۽ زڪوات طور خدا جي راضپي جي طلب ۾ ائين ڪيو ٿا (سا دولت بيشڪ وڌندي ۽ پاڪ ٿيندي) اهڙن ئي ماڻهن کي (الله وٽان) وڌندڙ انعام ۽ نعمتون ملنديون. |
اللَّهُ الَّذى خَلَقَكُم ثُمَّ رَزَقَكُم ثُمَّ يُميتُكُم ثُمَّ يُحييكُم هَل مِن شُرَكائِكُم مَن يَفعَلُ مِن ذٰلِكُم مِن شَيءٍ سُبحٰنَهُ وَتَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 40) |
(ياد رکو ته) الله ئي آهي، جنهن اوهان کي خلقيو آهي ۽ جنهن اوهان کي رزق ڏنو آهي. اهوئي اوهان کي ماريندو ۽ وري (جزا ۽ سزا لاءِ) جيئرو ڪندو. اوهان جن (ديوتائن وغيره) کي مون سان شريڪ ٺهرايو آهي تن مان آهي ڪو اهڙو جو انهن ڳالهين مان ڪابه ڳالهه ڪري سگهي. (يعني خلقي، رزق ڏئي ۽ ماري ۽ جيئاري. هرگز نه!) پاڪ آهي الله تعاليٰ ۽ بلڪل بلند ۽ بالا آهي انهن کان جن کي هو خدا سان شريڪ ٺهرائين ٿا. |
ظَهَرَ الفَسادُ فِى البَرِّ وَالبَحرِ بِما كَسَبَت أَيدِى النّاسِ لِيُذيقَهُم بَعضَ الَّذى عَمِلوا لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 41) |
خشڪيءَ توڙي پاڻيءَ تي (سڄي دنيا ۾) فساد ئي فساد (يعني بگاڙو ئي بگاڙو) پکڙجي ويو آهي جو ماڻهن پاڻ پنهنجي هٿن سان بدعمل ڪيا آهن. (اهو فساد ۽ بگاڙو هن لاءِ ٿيو آهي) ته ماڻهن جيڪي بدعمل ڪيا آهن تن مان ڪن جي نتيجن جو مزو چکن (يعني مصيبتون ڏسن) انهيءَ لاءِ ته من (مصيبتن ۾ غور ۽ فڪر ڪري حق جي راهه ڏي) موٽن. |
قُل سيروا فِى الأَرضِ فَانظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ مِن قَبلُ كانَ أَكثَرُهُم مُشرِكينَ (آيت : 42) |
(اي پيغمبر ماڻهن کي) چئو ته، توهان ملڪ ۾ سير سفر ڪيو ۽ ڏسو ته توهان کان اڳين ماڻهن جي پڇاڙي ڪهڙي نه (خراب) ٿي. انهن اڳين ماڻهن مان (جن جي پڇاڙي خراب ٿي) گهڻا ماڻهو مشرڪ هئا. (يعني خدا جي خالص ٻانهپ ڇڏي ٻين جي حڪمن تي عمل ڪرڻ لڳا هئا). |
فَأَقِم وَجهَكَ لِلدّينِ القَيِّمِ مِن قَبلِ أَن يَأتِىَ يَومٌ لا مَرَدَّ لَهُ مِنَ اللَّهِ يَومَئِذٍ يَصَّدَّعونَ (آيت : 43) |
سو (اي پيغمبر!) تون پنهنجو رخ سچي دين تي (يعني خدا جي خالص ٻانهپ تي) محڪم رک انهيءَ کان اڳي جو اهو ڏينهن (تباهيءَ جو) الله تعاليٰ وٽان اچي وڃي جنهن کي پوءِ ڪابه روڪ ڪانه ٿي سگهندي (يعني پوءِ تباهيءَ کان بچي ڪونه سگهبو.) انهيءَ ڏينهن سڀ ماڻهو جدا جدا (ٽولين ۾) ورهائجي ويندا (گهنگارن کي جدا ڪري تباهه ڪيو ويندو ۽ نيڪن کي جدا ڪري ڪامران ڪيو ويندو.) |
مَن كَفَرَ فَعَلَيهِ كُفرُهُ وَمَن عَمِلَ صٰلِحًا فَلِأَنفُسِهِم يَمهَدونَ (آيت : 44) |
جيڪي (حقيقتن کان) انڪار ڪن ٿا (۽ بدعمل ٿا ڪن) سي پنهنجي انڪار جو (۽ بدعملن جو) نتيجو لوڙيندا، ۽ جيڪي صالح عمل ڪن ٿا سي پنهنجي لاءِ (آرام ۽ امن امان جو) ڪوچ وڇائي رهيا آهن. |
لِيَجزِىَ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ مِن فَضلِهِ إِنَّهُ لا يُحِبُّ الكٰفِرينَ (آيت : 45) |
جو (الله تعاليٰ جو قانون آهي ته) جيڪي ماڻهو سچو ايمان رکن ٿا ۽ نيڪ عمل ڪن ٿا، تن کي پنهنجي فضل سان وڏا انعام ۽ نعمتون ڏئي. الله تعاليٰ بي شڪر منڪرن کي بلڪل پسند نٿو ڪري. |
وَمِن ءايٰتِهِ أَن يُرسِلَ الرِّياحَ مُبَشِّرٰتٍ وَلِيُذيقَكُم مِن رَحمَتِهِ وَلِتَجرِىَ الفُلكُ بِأَمرِهِ وَلِتَبتَغوا مِن فَضلِهِ وَلَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 46) |
۽ الله تعاليٰ جي نشانين مان هڪڙي هيءَ آهي ته هو هوائن کي موڪلي ٿو ته (برسات جي) خوشخبري پهچائين. ۽ انهيءَ لاءِ ته هو اوهان کي پنهنجي رحمت جو مزو چکائي، ۽ انهيءَ لاءِ ته جهاز سندس حڪم سان (درياهن ۽ سمنڊن تي) هلندا رهن ۽ توهان الله جي فضل (۽ دولت وغيره) جي تلاش ۾ نڪري پئو ۽ انهيءَ لاءِ ته من توهان شڪرگذار ٿيو (۽ خدا جي نعمتن کي چڱيءَ طرح ڪم ۾ آڻيو). |
وَلَقَد أَرسَلنا مِن قَبلِكَ رُسُلًا إِلىٰ قَومِهِم فَجاءوهُم بِالبَيِّنٰتِ فَانتَقَمنا مِنَ الَّذينَ أَجرَموا وَكانَ حَقًّا عَلَينا نَصرُ المُؤمِنينَ (آيت : 47) |
۽ هيءَ حقيقت آهي ته (جيئن اسان هوائون ۽ برسات ماڻهن جي فائدي لاءِ موڪليون ٿا تيئن) اسان توکان اڳي به گهڻائي رسول سندن قومن ڏي موڪليا ۽ اهي رسول انهن ماڻهن ڏي روشن دليل ۽ چٽيون نشانيون کڻي آيا. پوءِ جن ماڻهن (کين نه مڃيو ۽) گناهه ڪندا رهيا تن کي اسان پورو پورو بدلو ڏنو (يعني سزا ڏني ۽ تباهه ڪيو) ۽ اهو اسان تي حق هو (۽ اسان جو فرض هو) ته اسان ايمان وارن جي مدد ڪيون (۽ کين ڪامياب ڪيون). |
اللَّهُ الَّذى يُرسِلُ الرِّيٰحَ فَتُثيرُ سَحابًا فَيَبسُطُهُ فِى السَّماءِ كَيفَ يَشاءُ وَيَجعَلُهُ كِسَفًا فَتَرَى الوَدقَ يَخرُجُ مِن خِلٰلِهِ فَإِذا أَصابَ بِهِ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ إِذا هُم يَستَبشِرونَ (آيت : 48) |
الله ئي آهي جو هوائون موڪلي ٿو جي هوائون ڪڪرن کي مٿي کڻن ٿيون. پوءِ هو انهن ڪڪرن کي آسمان ۾ پکيڙي ٿو ۽ ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ٿو تان جو توهان ڏسو ٿا ته ڪڪرن منجهان مينهن جا ڦڙا نڪرڻ (۽ ڪرڻ) لڳن ٿا. پوءِ جڏهن هو پنهنجي بندن مان جنهن کي وڻيس ٿو تنهن کي ان مينهن جو فائدو پهچائي ٿو، تڏهن ڏسو ته اهي ماڻهو وڏيون خوشيون ٿا ڪن. |
وَإِن كانوا مِن قَبلِ أَن يُنَزَّلَ عَلَيهِم مِن قَبلِهِ لَمُبلِسينَ (آيت : 49) |
اگرچه برسات کان اڳي اهي ماڻهو نهايت ئي نااميد هئا ۽ مايوس ٿي چڪا هئا (تڏهن به برسات بعد موجن ۾ اچي ويا). |
فَانظُر إِلىٰ ءاثٰرِ رَحمَتِ اللَّهِ كَيفَ يُحىِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها إِنَّ ذٰلِكَ لَمُحىِ المَوتىٰ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 50) |
سو الله تعاليٰ جي رحمت جا نتيجا ۽ اثر ڏسو ته ڪيئن زمين کي سندس موت بعد زنده ڪري ٿو ڇڏي (يعني خشڪ زمين کي سرسبز ڪري ٿو ڇڏي) يقيناً اهوئي خدا مئل ماڻهن کي زنده ڪري ڇڏيندو، ڇو ته هن کي هر چيز تي قدرت ۽ غلبو آهي. |
وَلَئِن أَرسَلنا ريحًا فَرَأَوهُ مُصفَرًّا لَظَلّوا مِن بَعدِهِ يَكفُرونَ (آيت : 51) |
۽ جيڪڏهن اسان (ٻئي قسم جي) هوا موڪليون ۽ پوءِ اهي ماڻهو ڏسن ته (ان هوا جي ڪري) سندن پوکون سوڪ ٿي ويون ته پوءِ هو هڪدم بي شڪر (منڪر) ٿي پون ٿا. (۽ مايوس ٿي پون ٿا، حالانڪ وقتي مصيبتن جو مقابلو ڪرڻ مؤمن جو فرض آهي ۽ مقابلو ڪرڻ سان وڌيڪ ترقي ڪري ٿو). |
فَإِنَّكَ لا تُسمِعُ المَوتىٰ وَلا تُسمِعُ الصُّمَّ الدُّعاءَ إِذا وَلَّوا مُدبِرينَ (آيت : 52) |
سو (اي پيغمبر!) تون ائين نٿو ڪري سگهين جو مئل تنهنجي ڳالهه ٻڌن، نڪي ائين ڪري ٿو سگهين جو ٻوڙا تنهنجو سڏ ٻڌن، جڏهن ته هو پٺي ڏيئي پٺتي موٽي ٿا پون. |
وَما أَنتَ بِهٰدِ العُمىِ عَن ضَلٰلَتِهِم إِن تُسمِعُ إِلّا مَن يُؤمِنُ بِـٔايٰتِنا فَهُم مُسلِمونَ (آيت : 53) |
نڪي تون انڌن کي سندن گمراهيءَ مان ڪڍي سڌيءَ واٽ تي آڻي ٿو سگهين، تون ته فقط انهن کي پنهنجي ڳالهه ٻڌائي سگهين ٿو، جيڪي اسان جي نشانين ۽ حڪمن تي ايمان رکن ٿا ۽ اسان جي حڪمن جي تعميل ۽ فرمانبرداري ڪن ٿا. |
اللَّهُ الَّذى خَلَقَكُم مِن ضَعفٍ ثُمَّ جَعَلَ مِن بَعدِ ضَعفٍ قُوَّةً ثُمَّ جَعَلَ مِن بَعدِ قُوَّةٍ ضَعفًا وَشَيبَةً يَخلُقُ ما يَشاءُ وَهُوَ العَليمُ القَديرُ (آيت : 54) |
اهو الله ئي آهي جنهن اوهان کي (ڄمڻ وقت) ضعيف حالت ۾ پيدا ڪيو، پوءِ هيڻائيءَ جي حالت بعد اوهان کي طاقتور جوان ڪيائين، ۽ وري طاقت بعد اوهان کي هيڻائي ۽ اڇا وار (يعني پوڙهائي) ڏنائين، هو جيئن چاهي ٿو تيئن خلقي ٿو ۽ هو سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي ۽ ڪامل قدرت وارو آهي. |
وَيَومَ تَقومُ السّاعَةُ يُقسِمُ المُجرِمونَ ما لَبِثوا غَيرَ ساعَةٍ كَذٰلِكَ كانوا يُؤفَكونَ (آيت : 55) |
(پوءِ الله اوهان کي ماريندو ۽ قيامت جي ڏينهن وري جيئرو ڪري اٿاريندو) ۽ جنهن ڏينهن (حساب ڪتاب ڏيڻ واري) گهڙي قائم ٿيندي تنهن ڏينهن گنهگار چوندا ته اسان ته هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ ڪونه ترسيا آهيون. اهڙيءَ ئي طرح (دنيا ۾ به) هو ڀليل رهيا (۽ خبر ڪانه پوندي هين ته آخر حساب ڪتاب ڏيڻو پوندو ۽ بدعملن جي سزا ملندي). |
وَقالَ الَّذينَ أوتُوا العِلمَ وَالإيمٰنَ لَقَد لَبِثتُم فى كِتٰبِ اللَّهِ إِلىٰ يَومِ البَعثِ فَهٰذا يَومُ البَعثِ وَلٰكِنَّكُم كُنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 56) |
پر جن ماڻهن کي علم ۽ ايمان ڏنو ويو هو سي (کين) چوندا ته سچي ڳالهه هيءَ آهي ته توهان الله جي ڪتاب ۾ (لکيل ۽ مقرر ڪيل مدت) ترسيا آهيو ۽ اڄ قيامت جو ڏينهن آهي، (جنهن تائين توهان ترسيا آهيو) پوءِ اهو اٿو قيامت جو ڏينهن، پر توهان ته ڄاڻندائي ڪونه هئو (نڪي مڃيندا هئو ته ڪو قيامت ٿيندي). |
فَيَومَئِذٍ لا يَنفَعُ الَّذينَ ظَلَموا مَعذِرَتُهُم وَلا هُم يُستَعتَبونَ (آيت : 57) |
پوءِ انهيءَ ڏينهن جن ماڻهن (دنيا ۾) ظلم ڪيا هوندا تن کي سندن عذر ۽ بهانا ڪم نه ايندا. نڪي کين چيو ويندو ته (پشيمان ٿي) خدا جي مهرباني ۽ فضل جي طلب ڪيو. |
وَلَقَد ضَرَبنا لِلنّاسِ فى هٰذَا القُرءانِ مِن كُلِّ مَثَلٍ وَلَئِن جِئتَهُم بِـٔايَةٍ لَيَقولَنَّ الَّذينَ كَفَروا إِن أَنتُم إِلّا مُبطِلونَ (آيت : 58) |
هيءَ حقيقت آهي ته اسان ماڻهن (کي سمجهائڻ) لاءِ هن قرآن ۾ هر قسم جا مثال (۽ سمجهاڻيون) ڏنيون آهن، پر (اي پيغمبر! جيڪڏهن تون هنن وٽ ڪوبه حڪم يا نشاني آڻيندين ته جيڪي ماڻهو (ضد ۽ تڪبر ڪري) ڪفر ۽ انڪار تي ڄمي بيٺا آهن سي ضرور چوندا ته توهان (مسلمان) ڪوڙيون واهيات ڳالهيون ٻڌائيندڙ آهيو. |
كَذٰلِكَ يَطبَعُ اللَّهُ عَلىٰ قُلوبِ الَّذينَ لا يَعلَمونَ (آيت : 59) |
اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ انهن ماڻهن جي دلين تي مهر لڳائي ٿو ڇڏي، جيڪي (ضد ڪري) جاهل ٿا رهن (۽ حقيقتن کي سمجهڻ جي ڪوشش ئي نٿا ڪن). |
فَاصبِر إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ وَلا يَستَخِفَّنَّكَ الَّذينَ لا يوقِنونَ (آيت : 60) |
سو (اي پيغمبر!) تون (انهن ماڻهن جو ڪجهه به خيال نه ڪر ۽ پنهنجي تبليغ جي ڪم ۾) ثابت قدم رهه ۽ يقين ڄاڻ ته الله جو واعدو سچو آهي (ته هو ضرور مؤمنن کي غالب ڪندو) ۽ اهي ماڻهو جن کي علم ۽ يقين ڪونهي تن جي ڪري تون مايوس نه ٿي (۽ ڪوشش ۾ ڪا گهٽتائي نه ڪر.) |