الم (آيت : 1) |
الف- لام- ميم. |
غُلِبَتِ الرّومُ (آيت : 2) |
رومين هارايو. |
فى أَدنَى الأَرضِ وَهُم مِن بَعدِ غَلَبِهِم سَيَغلِبونَ (آيت : 3) |
ويجهي ملڪ ۾- پر هو سندن هارائڻ کان پوءِ جلد ئي کٽيندا. |
فى بِضعِ سِنينَ لِلَّهِ الأَمرُ مِن قَبلُ وَمِن بَعدُ وَيَومَئِذٍ يَفرَحُ المُؤمِنونَ (آيت : 4) |
ٿورن ورهين ۾، هن کان اڳ توڙي پوءِ سڀ ڪم الله جي هٿ ۾ آهي ۽ ان ڏينهن مؤمن خوش هوندا. |
بِنَصرِ اللَّهِ يَنصُرُ مَن يَشاءُ وَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 5) |
الله جي مدد سان، هو جنهن کي وڻيس ان کي مدد ڏئي ۽ اهو ئي غالب مهربان آهي. |
وَعدَ اللَّهِ لا يُخلِفُ اللَّهُ وَعدَهُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 6) |
الله انجام ڪيو آهي ۽ الله پنهنجو انجام نه ڦيرائيندو آهي، پر ماڻهن مان گهڻا نٿا ڄاڻن. |
يَعلَمونَ ظٰهِرًا مِنَ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَهُم عَنِ الءاخِرَةِ هُم غٰفِلونَ (آيت : 7) |
هو دنيا جي ظاهر حياتيءَ جون ڳالهيون ته ڄاڻيندا آهن، پر آخرت کان بي خبر آهن. |
أَوَلَم يَتَفَكَّروا فى أَنفُسِهِم ما خَلَقَ اللَّهُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما إِلّا بِالحَقِّ وَأَجَلٍ مُسَمًّى وَإِنَّ كَثيرًا مِنَ النّاسِ بِلِقائِ رَبِّهِم لَكٰفِرونَ (آيت : 8) |
ڇا هنن پنهنجي دلين ۾ غور نه ڪيو، ته الله آسمانن ۽ زمين ۽ جيڪي منجهن آهي، ان کي پوريءَ رٿ ۽ مقرر مدت سان ئي بڻايو آهي؟ بيشڪ ماڻهن مان گهڻا سندن ڌڻي جي ملاقات کان انڪار ڪندڙ آهن. |
أَوَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَيَنظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ مِن قَبلِهِم كانوا أَشَدَّ مِنهُم قُوَّةً وَأَثارُوا الأَرضَ وَعَمَروها أَكثَرَ مِمّا عَمَروها وَجاءَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَما كانَ اللَّهُ لِيَظلِمَهُم وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 9) |
ڇا، هو ملڪ ۾ نه گهميا آهن، جو نظر ڪن ته جيڪي کانئن اڳ هئا، تن جي پڇاڙي ڪهڙي ٿي؟ جي هنن کان وڌيڪ طاقت وارا هئا، زمين کي کيڙيائون، سندن آباد ڪيل کان وڌيڪ ان کي آباد ڪيائون ۽ وٽن اسان جا رسول معجزن سان آيا، الله کي ته مٿن ظلم ڪرڻو ڪو نه هو، پر هو پنهنجي پاڻ تي ظلم ڪندڙ هئا. |
ثُمَّ كانَ عٰقِبَةَ الَّذينَ أَسٰـُٔوا السّوأىٰ أَن كَذَّبوا بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَكانوا بِها يَستَهزِءونَ (آيت : 10) |
وري بڇڙائي ڪندڙن جي بڇڙي پڇاڙي ٿي جو هنن الله جي آيتن کي ڪوڙ سمجهيو ۽ انهن تي مسخريون ڪندا هئا. |
اللَّهُ يَبدَؤُا۟ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ ثُمَّ إِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 11) |
الله ئي خلق کي اول ٿو بنائي، وري ان کي ٻيهر بنائيندو، پوءِ وري اوهين ان ڏي موٽائبا. |
وَيَومَ تَقومُ السّاعَةُ يُبلِسُ المُجرِمونَ (آيت : 12) |
جنهن ڏينهن قيامت قائم ٿيندي، گنهگار نا اميد ٿيندا. |
وَلَم يَكُن لَهُم مِن شُرَكائِهِم شُفَعٰؤُا۟ وَكانوا بِشُرَكائِهِم كٰفِرينَ (آيت : 13) |
۽ سندن (بنايل الله جي) ڀائيوارن مان ڪو به سندن شفاعت نه ڪندو ۽ هو انهن ڀائيوارن جا منڪر ٿيندا. |
وَيَومَ تَقومُ السّاعَةُ يَومَئِذٍ يَتَفَرَّقونَ (آيت : 14) |
جنهن ڏينهن قيامت قائم ٿيندي، ان ڏينهن ماڻهو ڀاڱا ڀاڱا ٿيندا. |
فَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَهُم فى رَوضَةٍ يُحبَرونَ (آيت : 15) |
پوءِ جن ايمان آندو۽ چڱا ڪم ڪيا، سي باغن ۾ خوش ڪيا ويندا. |
وَأَمَّا الَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَلِقائِ الءاخِرَةِ فَأُولٰئِكَ فِى العَذابِ مُحضَرونَ (آيت : 16) |
مگر جن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن ۽ قيامت جي ملڻ کي ڪوڙو سمجهيو، سي عذاب ۾ حاضر ڪيا ويندا. |
فَسُبحٰنَ اللَّهِ حينَ تُمسونَ وَحينَ تُصبِحونَ (آيت : 17) |
الله جي پاڪائي بيان ڪريو، جنهن مهل اوهين شام ڪريو ۽ جنهن مهل صبح ڪريو. |
وَلَهُ الحَمدُ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَعَشِيًّا وَحينَ تُظهِرونَ (آيت : 18) |
۽ انهيءَ لاءِ واکاڻ آهي، آسمانن خواهه زمين ۾- ۽ پوئين پهر ۽ اوهان جي اڳئينءَ ڪرڻ وقت به. |
يُخرِجُ الحَىَّ مِنَ المَيِّتِ وَيُخرِجُ المَيِّتَ مِنَ الحَىِّ وَيُحىِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها وَكَذٰلِكَ تُخرَجونَ (آيت : 19) |
هو مئي مان جيئرو ٿو ڪڍي ۽ جيئري مان مئو ٿو ڪڍي- ۽ زمين کي سندس مرڻ کان پوءِ ٿو جيئاري_ ۽ ائين ئي اوهان کي جيئرو ڪبو. |
وَمِن ءايٰتِهِ أَن خَلَقَكُم مِن تُرابٍ ثُمَّ إِذا أَنتُم بَشَرٌ تَنتَشِرونَ (آيت : 20) |
سندس نشانين مان هيءَ به آهي، جو اوهان کي مٽيءَ مان بڻايائين، اوهين تڏهن ماڻهو ٿي گهمو ڦرو ٿا. |
وَمِن ءايٰتِهِ أَن خَلَقَ لَكُم مِن أَنفُسِكُم أَزوٰجًا لِتَسكُنوا إِلَيها وَجَعَلَ بَينَكُم مَوَدَّةً وَرَحمَةً إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 21) |
سندس نشانين مان هيءَ به آهي، جو هن اوهان جي ئي جنس مان اوهان لاءِ زالون خلقيون، ته انهن سان آرام وٺو ۽ اوهان جي وچ ۾ پيار ۽ ٻاجهه پيد اڪيائين- بيشڪ انهي ۾ ڌيان رکندڙ قوم لاءِ نشانيون آهن. |
وَمِن ءايٰتِهِ خَلقُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاختِلٰفُ أَلسِنَتِكُم وَأَلوٰنِكُم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِلعٰلِمينَ (آيت : 22) |
۽ سندس نشانين مان آهي آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪرڻ، ۽ اوهان جي زبانن خواهه رنگن جو فرق، بيشڪ انهي ۾ ڄاڻيندڙن لاءِ نشانيون آهن. |
وَمِن ءايٰتِهِ مَنامُكُم بِالَّيلِ وَالنَّهارِ وَابتِغاؤُكُم مِن فَضلِهِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَسمَعونَ (آيت : 23) |
۽ سندس نشانين مان آهي هي اوهان جو رات ۽ ڏينهن جو سمهڻ ۽ اوهان جو سندس فضل ڳولڻ، بيشڪ انهي ۾ ٻڌندڙ شخصن لا ءِ نشانيون آهن. |
وَمِن ءايٰتِهِ يُريكُمُ البَرقَ خَوفًا وَطَمَعًا وَيُنَزِّلُ مِنَ السَّماءِ ماءً فَيُحيۦ بِهِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 24) |
۽ سندس نشانين مان هي آهي، جو اوهان کي ڊپ ۽ اميد رکڻ لاءِ وڄ ڏيکاريندو آهي ۽ آسمان مان پاڻي موڪليندو آهي، جنهن سان زمين کي ان جي مرڻ بعد جيئاريندو آهي، بيشڪ انهي ۾ سمجهه رکندڙ شخص لاءِ نشانيون آهن. |
وَمِن ءايٰتِهِ أَن تَقومَ السَّماءُ وَالأَرضُ بِأَمرِهِ ثُمَّ إِذا دَعاكُم دَعوَةً مِنَ الأَرضِ إِذا أَنتُم تَخرُجونَ (آيت : 25) |
۽سندس نشانين مان آسمان خواهه زمين جو سندس حڪم سان قائم رهڻ آهي، پوءِ وري جڏهن اوهان کي زمين مان نڪرڻ لاءِ ئي هڪ دفعي سڏيندو، ته جهٽ پٽ اوهين نڪري ايندؤ. |
وَلَهُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ كُلٌّ لَهُ قٰنِتونَ (آيت : 26) |
۽ جيڪي به آسمانن خواهه زمين ۾ آهي سو سندس ئي آهي، سڀ سندس تابعدار آهن. |
وَهُوَ الَّذى يَبدَؤُا۟ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ وَهُوَ أَهوَنُ عَلَيهِ وَلَهُ المَثَلُ الأَعلىٰ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 27) |
۽ هو ئي اهو آهي جو خلق اول بڻائيندو آهي، پوءِ وري ان کي ٻيهر بنائيندو- ۽ اهو انهي لاءِ بلڪل سولو آهي- ۽ هن جي صفت آسمانن خواهه زمين ۾ مٿانهين آهي- ۽ هو غالب، ڏاهپ وارو آهي. |
ضَرَبَ لَكُم مَثَلًا مِن أَنفُسِكُم هَل لَكُم مِن ما مَلَكَت أَيمٰنُكُم مِن شُرَكاءَ فى ما رَزَقنٰكُم فَأَنتُم فيهِ سَواءٌ تَخافونَهُم كَخيفَتِكُم أَنفُسَكُم كَذٰلِكَ نُفَصِّلُ الءايٰتِ لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 28) |
هن اوهان لاءِ اوهان جو ئي هڪ مثال بيان ڪيو آهي؛ ڀلا، جيڪي شخص اوهان جا ٻانها آهن سي اوهان کي اسان جي ڏنل رزق ۾ اهڙا هڪ جهڙا ڀائيوار آهن ڇا، جو اوهين انهن جو اهڙو ڊپ رکو، جهڙو پنهنجي پاڻ جو ڊپ رکو؟ اهڙيءَ طرح اسين سمجهه رکندڙ شخص لاءِ نشانيون کولي بيان ڪندا آهيون. |
بَلِ اتَّبَعَ الَّذينَ ظَلَموا أَهواءَهُم بِغَيرِ عِلمٍ فَمَن يَهدى مَن أَضَلَّ اللَّهُ وَما لَهُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 29) |
بلڪ ظالم شخص ته سواءِ ڪنهن ڄاڻ جي پنهنجين سڌن جا تابعدار بنيا آهن- پوءِ ڀلا ان کي ڪير واٽ لڳائي، جنهن کي الله گمراهه ڪيو؟ ۽ انهن لاءِ ڪو به مددگار ڪونهي. |
فَأَقِم وَجهَكَ لِلدّينِ حَنيفًا فِطرَتَ اللَّهِ الَّتى فَطَرَ النّاسَ عَلَيها لا تَبديلَ لِخَلقِ اللَّهِ ذٰلِكَ الدّينُ القَيِّمُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 30) |
پوءِ تون پنهنجي مهاڙ دين لاءِ هڪ طرفي ڪري بيهار- الله جو دين اهو آهي، جنهن تي ماڻهن کي پيدا ڪيو اٿس- الله جي خلقڻ کي ڪا به ڦير گهير ڪانهي- اهو ئي سڌو دين آهي، مگر گهڻا ماڻهو ڄاڻ نٿا رکن. |
مُنيبينَ إِلَيهِ وَاتَّقوهُ وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَلا تَكونوا مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 31) |
الله ڏي موٽندڙ ٿي ان کان ڊڄو، نماز هميشه ٺاهي ٺاهي پڙهو ۽ انهن مان نه ٿيو، جن الله سان ٻين کي ڀائيوار ڪيو. |
مِنَ الَّذينَ فَرَّقوا دينَهُم وَكانوا شِيَعًا كُلُّ حِزبٍ بِما لَدَيهِم فَرِحونَ (آيت : 32) |
جن سندن دين کي ٽڪر ٽڪر ڪيو ۽ ٽوليون ٽوليون ٿي ويا، هر ڪا ٽولي ان تي پيئي خوش ٿئي، جيڪي وٽس آهي. |
وَإِذا مَسَّ النّاسَ ضُرٌّ دَعَوا رَبَّهُم مُنيبينَ إِلَيهِ ثُمَّ إِذا أَذاقَهُم مِنهُ رَحمَةً إِذا فَريقٌ مِنهُم بِرَبِّهِم يُشرِكونَ (آيت : 33) |
۽ جڏهن ماڻهن کي ڪا تڪليف رسندي آهي، ته سندن ڌڻيءَ ڏي مهاڙ ڪري کيس پڪاريندا آهن- وري جڏهن هو انهن کي پاڻ وٽان رحمت ڏيندو آهي، تڏهن منجهانئن هڪ ٽولو سندن ڌڻيءَ سان ٻيا ڀائيوار بنائيندو آهي. |
لِيَكفُروا بِما ءاتَينٰهُم فَتَمَتَّعوا فَسَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 34) |
ته جيڪي کين ڏنوسون، ان جي بي شڪري ڪن، پوءِ ڀل هينئر فائدا وٺو، اجهو ٿي اوهان کي خبر پوي. |
أَم أَنزَلنا عَلَيهِم سُلطٰنًا فَهُوَ يَتَكَلَّمُ بِما كانوا بِهِ يُشرِكونَ (آيت : 35) |
ڇا، اسان هنن تي ڪا سَند لاٿي آهي؟ جا انهن جي سچائي بابت ساڻن ڳالهائي ٿي، جن کي هو الله سان ڀائيوار ٿا بنائين؟ |
وَإِذا أَذَقنَا النّاسَ رَحمَةً فَرِحوا بِها وَإِن تُصِبهُم سَيِّئَةٌ بِما قَدَّمَت أَيديهِم إِذا هُم يَقنَطونَ (آيت : 36) |
۽ جڏهن ماڻهن تي ٻاجهه ڪندا آهيون، تڏهن هو انهن تي خوش ٿيندا آهن_ وري جي سندن هٿن جي ڪيتن سبب کين ڪا تڪليف رسندي آهي، ته تڏهن هو نا اميد ٿيندا آهن. |
أَوَلَم يَرَوا أَنَّ اللَّهَ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ وَيَقدِرُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 37) |
ڇا، هنن ڪو نه ڏٺو آهي ته الله ئي جنهن جو وڻيس تنهن جو رزق ڪشادو خواهه تنگ ڪندو آهي بيشڪ انهي ۾ مڃيندڙ قوم لاءِ نشانيون آهن. |
فَـٔاتِ ذَا القُربىٰ حَقَّهُ وَالمِسكينَ وَابنَ السَّبيلِ ذٰلِكَ خَيرٌ لِلَّذينَ يُريدونَ وَجهَ اللَّهِ وَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 38) |
پوءِ عزيزن، مسڪينن ۽ مسافرن کي سندن حق ڏي- اهو چڱو آهي انهن لاءِ، جي الله جو راضپو گهرندا آهن ۽ اهي ئي شخص ڇوٽڪاري وارا آهن. |
وَما ءاتَيتُم مِن رِبًا لِيَربُوَا۟ فى أَموٰلِ النّاسِ فَلا يَربوا عِندَ اللَّهِ وَما ءاتَيتُم مِن زَكوٰةٍ تُريدونَ وَجهَ اللَّهِ فَأُولٰئِكَ هُمُ المُضعِفونَ (آيت : 39) |
۽ اوهان جيڪي وياج مان ڏنو، ته ماڻهن جي مال ۾ وڌي، سو الله وٽ ڪونه وڌندو ۽ جيڪي الله جو راضپو گُهري زڪوات ڏني هجيوَ، سا ئي ٻيڻ بنائيندي. |
اللَّهُ الَّذى خَلَقَكُم ثُمَّ رَزَقَكُم ثُمَّ يُميتُكُم ثُمَّ يُحييكُم هَل مِن شُرَكائِكُم مَن يَفعَلُ مِن ذٰلِكُم مِن شَيءٍ سُبحٰنَهُ وَتَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 40) |
الله اهو آهي، جنهن اوهان کي خلقيو، وري اوهان کي رزق ڏنائين، وري اوهان کي ماريندو، وري اوهان کي جيئاريندو، اوهين جن کي (الله جا) ڀائيوار پيا بنايو، تن مان ڪو اهڙو آهي جو انهن مان ڪو به ڪم ڪري سگهي؟ هو پاڪ آهي ۽ انهي کان گهڻو مٿي آهي جو اوهين ساڻس ڀائيوار پيا بنايو. |
ظَهَرَ الفَسادُ فِى البَرِّ وَالبَحرِ بِما كَسَبَت أَيدِى النّاسِ لِيُذيقَهُم بَعضَ الَّذى عَمِلوا لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 41) |
زمين خواهه سمنڊ ۾ ماڻهن جي هٿن جي ڪيتي سبب فساد ظاهر ٿيو، ته کين سندن ڪمن جي ڪجهه سزا چکائي، ته من اهي باز اچن. |
قُل سيروا فِى الأَرضِ فَانظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ مِن قَبلُ كانَ أَكثَرُهُم مُشرِكينَ (آيت : 42) |
چئو ته زمين ۾ گهمي ڏسو، پوءِ ڏسو ته جيڪي کانئن اڳ هئا، تن جي پڇاڙي ڪهڙي ٿي! هنن مان گهڻا الله سان ٻيا ڀائيوار مقرر ڪندڙ هئا. |
فَأَقِم وَجهَكَ لِلدّينِ القَيِّمِ مِن قَبلِ أَن يَأتِىَ يَومٌ لا مَرَدَّ لَهُ مِنَ اللَّهِ يَومَئِذٍ يَصَّدَّعونَ (آيت : 43) |
پوءِ تون پنهنجو منهن سڌي دين ڏي بيهار- ان ڏينهن جي اچڻ کان اڳ، جنهن کي الله وٽان رد ٿيڻو نه آهي- ان ڏينهن ماڻهو ڌار ڌار حالتن ۾ هوندا. |
مَن كَفَرَ فَعَلَيهِ كُفرُهُ وَمَن عَمِلَ صٰلِحًا فَلِأَنفُسِهِم يَمهَدونَ (آيت : 44) |
جنهن ڪفر ڪيو، ان تي سندس ڪفر پوندو ۽ جنهن چڱا ڪم ڪيا سي پاڻ لاءِ هنڌ وڇائين ٿا. |
لِيَجزِىَ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ مِن فَضلِهِ إِنَّهُ لا يُحِبُّ الكٰفِرينَ (آيت : 45) |
انهي لاءِ ته جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن کي الله سندس فضل سان بدلو ڏئي- بيشڪ هن کي ڪافر پسند نه آهن. |
وَمِن ءايٰتِهِ أَن يُرسِلَ الرِّياحَ مُبَشِّرٰتٍ وَلِيُذيقَكُم مِن رَحمَتِهِ وَلِتَجرِىَ الفُلكُ بِأَمرِهِ وَلِتَبتَغوا مِن فَضلِهِ وَلَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 46) |
۽ سندس هڪ نشاني هيءَ آهي، ته مبارڪ ڏيندڙ هَوائون ٿو موڪلي_ هن لاءِ ته، اوهان کي پنهنجي رحمت مان ڪجهه چکائي ۽ سندس حڪم سان ٻيڙيون هلن ۽ اوهين سندس فضل (رزق) ڳوليو ۽ مَن اوهين شڪر ڪريو. |
وَلَقَد أَرسَلنا مِن قَبلِكَ رُسُلًا إِلىٰ قَومِهِم فَجاءوهُم بِالبَيِّنٰتِ فَانتَقَمنا مِنَ الَّذينَ أَجرَموا وَكانَ حَقًّا عَلَينا نَصرُ المُؤمِنينَ (آيت : 47) |
۽ بيشڪ اسان توکان اڳ گهڻن رسولن کي سندن قوم ڏي موڪليو، پوءِ اهي انهن وٽ معجزن سان آيا، پوءِ جن نافرماني ڪئي، تن کان بدلو ورتوسون- ۽ اسان تي حق آهي مؤمنن جي مدد ڪرڻ. |
اللَّهُ الَّذى يُرسِلُ الرِّيٰحَ فَتُثيرُ سَحابًا فَيَبسُطُهُ فِى السَّماءِ كَيفَ يَشاءُ وَيَجعَلُهُ كِسَفًا فَتَرَى الوَدقَ يَخرُجُ مِن خِلٰلِهِ فَإِذا أَصابَ بِهِ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ إِذا هُم يَستَبشِرونَ (آيت : 48) |
الله اهو آهي، جيڪو هوائن کي موڪلي ٿو، جي ڪڪرن کي کڻنديون آهن، پوءِ جيئن هو گهرندو آهي، تيئن انهن کي آسمان ۾ پکيڙيندو آهي ۽ کين تهه تهه ڪندو آهي، پوءِ تون ڦڙين کي انهن جي وچ مان نڪرندي ڏسندو آهين، پوءِ جڏهن سندس ٻانهن مان جن تي وڻيس، تن تي مينهن پهچائيندو آهي، تڏهن اهي خوش ٿيندا آهن. |
وَإِن كانوا مِن قَبلِ أَن يُنَزَّلَ عَلَيهِم مِن قَبلِهِ لَمُبلِسينَ (آيت : 49) |
جيتوڻيڪ ان جي مٿن وسائڻ کان اڳ هو ڏاڍا نا اميد هئا. |
فَانظُر إِلىٰ ءاثٰرِ رَحمَتِ اللَّهِ كَيفَ يُحىِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها إِنَّ ذٰلِكَ لَمُحىِ المَوتىٰ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 50) |
پوءِ الله جي رحمت جي نشانين ڏي ڏس، ته ڪيئن زمين کي سندس مرڻ بعد جيئاري ٿو! بيشڪ اهو ضرور مئن کي به جيئاريندو ۽ هو هر ڳالهه تي وس وارو آهي. |
وَلَئِن أَرسَلنا ريحًا فَرَأَوهُ مُصفَرًّا لَظَلّوا مِن بَعدِهِ يَكفُرونَ (آيت : 51) |
پوءِ جيڪڏهن اسين وري ڪو اهڙو واءُ موڪليون، جنهن کان پوک کي پيلو ٿيندي ڏسين، ته ان کانپوءِ وري هو بي شڪري ڪرڻ لڳندا آهن. |
فَإِنَّكَ لا تُسمِعُ المَوتىٰ وَلا تُسمِعُ الصُّمَّ الدُّعاءَ إِذا وَلَّوا مُدبِرينَ (آيت : 52) |
پوءِ رسول! تون نڪي مئن کي سڏ ٻڌائي سگهندين، نڪي ٻوڙن کي، جڏهن پٺيرا ٿين. |
وَما أَنتَ بِهٰدِ العُمىِ عَن ضَلٰلَتِهِم إِن تُسمِعُ إِلّا مَن يُؤمِنُ بِـٔايٰتِنا فَهُم مُسلِمونَ (آيت : 53) |
۽ نڪي تون انڌن کي سندن گمراهيءَ کان روڪي رستو ڏيکاري سگهندين، تون ته رڳو انهن کي ٻڌائي سگهندين، جن اسان جي آيتن تي ايمان آندو ۽ پوءِ هو تابعدار به ٿيا. |
اللَّهُ الَّذى خَلَقَكُم مِن ضَعفٍ ثُمَّ جَعَلَ مِن بَعدِ ضَعفٍ قُوَّةً ثُمَّ جَعَلَ مِن بَعدِ قُوَّةٍ ضَعفًا وَشَيبَةً يَخلُقُ ما يَشاءُ وَهُوَ العَليمُ القَديرُ (آيت : 54) |
الله اهو آهي، جنهن اوهان کي هيڻائي مان بنايو_ هيڻائيءَ کانپوءِ طاقت ڏنائين، پوءِ وري طاقت کان پوءِ هيڻائي ۽ ٻڍاپو ڏنائين_ جيئن وڻيس تيئن ٿو خلقي ۽ اهو ڄاڻيندڙ وس وارو آهي. |
وَيَومَ تَقومُ السّاعَةُ يُقسِمُ المُجرِمونَ ما لَبِثوا غَيرَ ساعَةٍ كَذٰلِكَ كانوا يُؤفَكونَ (آيت : 55) |
جنهن ڏينهن قيامت قائم ٿيندي، ڏوهاري قسم کڻندا ته ”اسين دنيا ۾ گهڙيءَ کان وڌيڪ نه رهيا هئاسون،“ اهڙي طرح هو دنيا ۾ اجايون ڳالهيون ڪندا هئا. |
وَقالَ الَّذينَ أوتُوا العِلمَ وَالإيمٰنَ لَقَد لَبِثتُم فى كِتٰبِ اللَّهِ إِلىٰ يَومِ البَعثِ فَهٰذا يَومُ البَعثِ وَلٰكِنَّكُم كُنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 56) |
۽ جن کي علم ۽ ايمان ڏنل آهي، سي چوندا ته ”اوهين ته الله جي ڪتاب موجب قيامت تائين رهيا آهيو- پوءِ اهو اٿوَ قيامت جو ڏينهن، پر اوهين نه ڄاڻيندا هئا.“ |
فَيَومَئِذٍ لا يَنفَعُ الَّذينَ ظَلَموا مَعذِرَتُهُم وَلا هُم يُستَعتَبونَ (آيت : 57) |
پوءِ ان ڏينهن ظالمن کي سندن عذر ڪرڻ مان ڪو فائدو نه ٿيندو ۽ نڪي کانئن توبهه طلب ڪبي. |
وَلَقَد ضَرَبنا لِلنّاسِ فى هٰذَا القُرءانِ مِن كُلِّ مَثَلٍ وَلَئِن جِئتَهُم بِـٔايَةٍ لَيَقولَنَّ الَّذينَ كَفَروا إِن أَنتُم إِلّا مُبطِلونَ (آيت : 58) |
۽ بيشڪ اسان هن قرآن ۾ ماڻهن لاءِ هر جنس جا مثال بيان ڪيا، جيڪڏهن وٽن ڪا نشاني آڻين، ته ڪافر ضرور چوندا ته، ”اوهين صفا ڪوڙا آهيو.“ |
كَذٰلِكَ يَطبَعُ اللَّهُ عَلىٰ قُلوبِ الَّذينَ لا يَعلَمونَ (آيت : 59) |
اهڙيءَ طرح الله اڻ ڄاڻن جي دلين تي مهر هڻندو آهي. |
فَاصبِر إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ وَلا يَستَخِفَّنَّكَ الَّذينَ لا يوقِنونَ (آيت : 60) |
پر تون صبر ڪر، بيشڪ الله جو وعدو سچو آهي ۽ جيڪي يقين نٿا رکن، تن کان تون دل نه لاهه. |