الم (آيت : 1) |
الف لام ميم . |
غُلِبَتِ الرّومُ (آيت : 2) |
مغلوب ڪيا ويا رومي . |
فى أَدنَى الأَرضِ وَهُم مِن بَعدِ غَلَبِهِم سَيَغلِبونَ (آيت : 3) |
ويجهي زمين ۾ ۽ اهي پنهنجي مغلوب هجڻ کان پوءِ جلد غالب ٿيندا . |
فى بِضعِ سِنينَ لِلَّهِ الأَمرُ مِن قَبلُ وَمِن بَعدُ وَيَومَئِذٍ يَفرَحُ المُؤمِنونَ (آيت : 4) |
ٿورن سالن ۾ الله جو ئي امر آهي اڳي ۽ پوءِ ۽ ان ڏينهن خوش ٿيندا مؤمن . |
بِنَصرِ اللَّهِ يَنصُرُ مَن يَشاءُ وَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 5) |
الله جي مدد سان مدد ڪري ٿو جنهن جي گهري ۽ اهو ئي غالب، مهربان آهي . |
وَعدَ اللَّهِ لا يُخلِفُ اللَّهُ وَعدَهُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 6) |
الله جو وعدو آهي نه ٿو خلاف ورزي ڪري الله پنهنجي وعدي جي ۽ پر گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن . |
يَعلَمونَ ظٰهِرًا مِنَ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَهُم عَنِ الءاخِرَةِ هُم غٰفِلونَ (آيت : 7) |
ڄاڻن ٿا ظاهري حياتي دنيا واري ۽ اهي آخرت کان غافل آهن. |
أَوَلَم يَتَفَكَّروا فى أَنفُسِهِم ما خَلَقَ اللَّهُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما إِلّا بِالحَقِّ وَأَجَلٍ مُسَمًّى وَإِنَّ كَثيرًا مِنَ النّاسِ بِلِقائِ رَبِّهِم لَكٰفِرونَ (آيت : 8) |
ڇا نه غور ڪيائيون پنهنجي وجودن ۾ ته نه پيدا ڪيو الله آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪو انهي جي وچ ۾ آهي مگر حق ۽ مدي مقرر سان ۽ تحقيق گهڻا ماڻهو پنهنجي رب جي ملاقات جا البته انڪار ڪندڙ آهن . |
أَوَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَيَنظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ مِن قَبلِهِم كانوا أَشَدَّ مِنهُم قُوَّةً وَأَثارُوا الأَرضَ وَعَمَروها أَكثَرَ مِمّا عَمَروها وَجاءَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَما كانَ اللَّهُ لِيَظلِمَهُم وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 9) |
ڇا نه گهميا زمين ۾ پوءِ ڏسن ته ڪہڙي طرح هئي پڇاڙي انهن جي جيڪي انهن کان اڳي هئا، هئا وڌيڪ انهن کان طاقت ۾ ۽ کيڙيائون زمين ۽ آباد ڪيائون ان کي وڌيڪ ان کان جو هنن ان کي آباد ڪيو آهي ۽ آيا انهن وٽ انهن جا رسول روشن دليلن سان پوءِ نه آهي الله جو شان تانته ظلم ڪري انهن تي ۽ پر نفسن پنهنجن تي ٿي ظلم ڪيائون . |
ثُمَّ كانَ عٰقِبَةَ الَّذينَ أَسٰـُٔوا السّوأىٰ أَن كَذَّبوا بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَكانوا بِها يَستَهزِءونَ (آيت : 10) |
ان کان پوءِ هئي پڇاڙي انهن جي جن برائي ڪئي بڇڙي هن سببان جو ڪوڙو چيائون الله جي آيتن کي ۽ انهن سان چٿرون ڪندا هئا . |
اللَّهُ يَبدَؤُا۟ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ ثُمَّ إِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 11) |
الله نئين نموني ٺاهي ٿو مخلوق ان کان پوءِ وري پيدا ڪندو ان کي ان کان پوءِ ان ڏانهن موٽايا ويندؤ. |
وَيَومَ تَقومُ السّاعَةُ يُبلِسُ المُجرِمونَ (آيت : 12) |
۽ جنهن ڏينهن قائم ٿيندي قيامت نا اميد ٿيندا مجرم . |
وَلَم يَكُن لَهُم مِن شُرَكائِهِم شُفَعٰؤُا۟ وَكانوا بِشُرَكائِهِم كٰفِرينَ (آيت : 13) |
۽ نه هوندو انهن جي لاءِ شريڪ بنايلن انهن جي مان سفارش ڪندڙ ۽ هوندا پنهنجن شريڪ بنايلن جا انڪار ڪندڙ . |
وَيَومَ تَقومُ السّاعَةُ يَومَئِذٍ يَتَفَرَّقونَ (آيت : 14) |
۽ جنهن ڏينهن قائم ٿيندي قيامت ان ڏينهن جدا ٿيندا . |
فَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَهُم فى رَوضَةٍ يُحبَرونَ (آيت : 15) |
پوءِ پر جن ايمان آندو ۽ ڪيائون ڀلا ڪم پوءِ اهي باغ (بهشت) ۾ خوش ڪيا ويندا . |
وَأَمَّا الَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَلِقائِ الءاخِرَةِ فَأُولٰئِكَ فِى العَذابِ مُحضَرونَ (آيت : 16) |
۽ پر جن ڪفر ڪيو ۽ ڪوڙو چيائون اسان جي آيتن ۽ آخرت جي ملڻ کي پوءِ اهي عذاب ۾ حاضر ڪيل هوندا . |
فَسُبحٰنَ اللَّهِ حينَ تُمسونَ وَحينَ تُصبِحونَ (آيت : 17) |
پوءِ الله جي پاڪائي بيان ڪيو جنهن وقت سانجهي ڪيو ٿا ۽ جنهن وقت صبح ڪيو ٿا . |
وَلَهُ الحَمدُ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَعَشِيًّا وَحينَ تُظهِرونَ (آيت : 18) |
۽ ان جو ئي حمد آسمانن ۽ زمين ۾ آهي ۽ پوئين پهر ۽ جنهن وقت منجهند ڪيو ٿا . |
يُخرِجُ الحَىَّ مِنَ المَيِّتِ وَيُخرِجُ المَيِّتَ مِنَ الحَىِّ وَيُحىِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها وَكَذٰلِكَ تُخرَجونَ (آيت : 19) |
ڪڍي ٿو جيئري کي مئل مان ۽ ڪڍي ٿو مئل کي جيئري مان ۽ آباد ڪري ٿو زمين کي ان جي غير آباد هجڻ کان پوءِ ۽ اهڙي طرح اوهان به ڪڍيا ويندؤ . |
وَمِن ءايٰتِهِ أَن خَلَقَكُم مِن تُرابٍ ثُمَّ إِذا أَنتُم بَشَرٌ تَنتَشِرونَ (آيت : 20) |
۽ ان جي نشانين مان هي آهي ته پيدا ڪيائين اوهان کي مٽيءَ مان ان کان پوءِ انهيءَ مهل اوهان ماڻهو ٿي گهمو ڦرو ٿا . |
وَمِن ءايٰتِهِ أَن خَلَقَ لَكُم مِن أَنفُسِكُم أَزوٰجًا لِتَسكُنوا إِلَيها وَجَعَلَ بَينَكُم مَوَدَّةً وَرَحمَةً إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 21) |
۽ ان جي نشانين مان هي به آهي ته پيدا ڪيائين اوهان لاءِ اوهان (جي جنس) مان زالون تانته سڪون وٺو انهن سان ۽ ڪيائين اوهان ۾ پيار ۽ ٻاجهه بلا سڪ ان ۾ البته نشانيون آهن ان قوم جي لاءِ جيڪي سوچين ٿا . |
وَمِن ءايٰتِهِ خَلقُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاختِلٰفُ أَلسِنَتِكُم وَأَلوٰنِكُم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِلعٰلِمينَ (آيت : 22) |
۽ ان جي نشانين مان آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪرڻ ۽ اوهان جي زبانن ۽ رنگن جو مختلف هجڻ آهي بيشڪ ان ۾ البته نشانيون آهن ڄاڻندڙن جي لاءِ . |
وَمِن ءايٰتِهِ مَنامُكُم بِالَّيلِ وَالنَّهارِ وَابتِغاؤُكُم مِن فَضلِهِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَسمَعونَ (آيت : 23) |
۽ ان جي نشانين مان اوهان جي ننڊ آهي رات جو ۽ ڏينهن جو ۽ اوهان جي طلب ڪرڻ آهي ان جي فضل مان بلاشڪ ان ۾ البته نشانيون ان قوم جي لاءِ جيڪي ٻڌن ٿا . |
وَمِن ءايٰتِهِ يُريكُمُ البَرقَ خَوفًا وَطَمَعًا وَيُنَزِّلُ مِنَ السَّماءِ ماءً فَيُحيۦ بِهِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 24) |
۽ ان جي نشانين مان آهي جو ڏيکاري ٿو اوهان کي وڄ ڊيڄارڻ ۽ اميد رکڻ لاءِ ۽ لاهي ٿو آسمان مان پاڻي پوءِ آباد ڪري ٿو ان سان زمين ان جي ويران هجڻ کان پوءِ بلاشڪ ان ۾ البته نشانيون آهن ان قوم جي لاءِ جيڪي عقل رکن ٿا . |
وَمِن ءايٰتِهِ أَن تَقومَ السَّماءُ وَالأَرضُ بِأَمرِهِ ثُمَّ إِذا دَعاكُم دَعوَةً مِنَ الأَرضِ إِذا أَنتُم تَخرُجونَ (آيت : 25) |
۽ ان جي نشانين مان آهن هي جو بيٺو آسمان ۽ زمين ان جي امر سان ان کان پوءِ جڏهن سڏيندو اوهان کي هڪ ڀيرو سڏڻ زمين مان ته ان مهل اوهان نڪرندؤ . |
وَلَهُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ كُلٌّ لَهُ قٰنِتونَ (آيت : 26) |
۽ ان جو آهي جيڪو آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ آهي سڀئي ان جا فرمانبردار آهن . |
وَهُوَ الَّذى يَبدَؤُا۟ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ وَهُوَ أَهوَنُ عَلَيهِ وَلَهُ المَثَلُ الأَعلىٰ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 27) |
۽ اهو ئي آهي جيڪو نئين نموني ٺاهي ٿو مخلوق ان کان پوءِ ان کي موٽائيندو ۽ اهو گهڻو آسان آهي ان لاءِ ۽ ان جو ئي شان مٿاهون آهي آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ ۽ اهو ئي غالب، حڪمت وارو آهي. ع |
ضَرَبَ لَكُم مَثَلًا مِن أَنفُسِكُم هَل لَكُم مِن ما مَلَكَت أَيمٰنُكُم مِن شُرَكاءَ فى ما رَزَقنٰكُم فَأَنتُم فيهِ سَواءٌ تَخافونَهُم كَخيفَتِكُم أَنفُسَكُم كَذٰلِكَ نُفَصِّلُ الءايٰتِ لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 28) |
هنيائين اوهان جي لاءِ مثال اوهان مان ڇا اوهان جي لاءِ انهن مان جو مالڪ ٿيا سڄا هٿ اوهان جا شريڪ ان ۾ جو رزق ڏنوسون اوهان کي پوءِ اوهان ان ۾ برابر آهيو ڊڄندا آهيو انهن کان مثل ڊڄڻ اوهان جي پاڻ کان اهڙي طرح سان تفصيل سان بيان ڪيون ٿا نشانيون ان قوم جي لاءِ جي عقلمند آهن . |
بَلِ اتَّبَعَ الَّذينَ ظَلَموا أَهواءَهُم بِغَيرِ عِلمٍ فَمَن يَهدى مَن أَضَلَّ اللَّهُ وَما لَهُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 29) |
بلڪ تابع ٿيا اهي شخص جو ظلم ڪيائون پنهنجن سڌن سان علم کان سواءِ پوءِ ڪير هدايت ڪندو ان کي جنهن کي گمراھ ڪيو الله ۽ ناهن انهن جا ڪي مددگار . |
فَأَقِم وَجهَكَ لِلدّينِ حَنيفًا فِطرَتَ اللَّهِ الَّتى فَطَرَ النّاسَ عَلَيها لا تَبديلَ لِخَلقِ اللَّهِ ذٰلِكَ الدّينُ القَيِّمُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 30) |
پوءِ سامهون رک منهن (مبارڪ) پنهنجو دين لاءِ پورو هڪ طرف هوندڙ الله جي دين تي جو پيدا ڪيائين ماڻهن کي ان تي ناهي تبديلي الله جي خلقڻ کي اهو ئي دين سڌو آهي ۽ پر گهڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن . |
مُنيبينَ إِلَيهِ وَاتَّقوهُ وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَلا تَكونوا مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 31) |
موٽندڙ ٿي ان ڏانهن ۽ ڊڄو ان کان ۽ نماز قائم ڪيو ۽ نه ٿيو مشرڪن مان . |
مِنَ الَّذينَ فَرَّقوا دينَهُم وَكانوا شِيَعًا كُلُّ حِزبٍ بِما لَدَيهِم فَرِحونَ (آيت : 32) |
انهن مان جن ٽڪرا ٽڪرا ڪيو پنهنجي دين کي ۽ ٿيا ٽولا ٽولا هر ڪا ٽولي ان تي جيڪو انهن وٽ آهي خوش ٿيندڙ آهي. |
وَإِذا مَسَّ النّاسَ ضُرٌّ دَعَوا رَبَّهُم مُنيبينَ إِلَيهِ ثُمَّ إِذا أَذاقَهُم مِنهُ رَحمَةً إِذا فَريقٌ مِنهُم بِرَبِّهِم يُشرِكونَ (آيت : 33) |
۽ جڏهن پهچي ٿي ماڻهن کي ڪا تڪليف ته سڏين ٿا پنهنجي رب کي رجوع ڪندڙ ٿي ان ڏانهن ان کان پوءِ جڏهن چکائيندو آهي انهن کي پاڻ وٽان مهرباني ته ان وقت هڪ ٽولي انهن مان پنهنجي رب سان شرڪ ڪن ٿا . |
لِيَكفُروا بِما ءاتَينٰهُم فَتَمَتَّعوا فَسَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 34) |
تانته بي شڪري ڪن ان جي جيڪو اسان انهن کي ڏنو آهي پوءِ (اي بي شڪري ڪرڻ وارؤ!) مزا وٺو جلد ڄاڻندؤ . |
أَم أَنزَلنا عَلَيهِم سُلطٰنًا فَهُوَ يَتَكَلَّمُ بِما كانوا بِهِ يُشرِكونَ (آيت : 35) |
ڇا لاٿو اسان انهن تي ڪو دليل پوءِ اهو بيان ڪري ٿو ان جي باري ۾ جنهن کي شريڪ ڪندا هئا . |
وَإِذا أَذَقنَا النّاسَ رَحمَةً فَرِحوا بِها وَإِن تُصِبهُم سَيِّئَةٌ بِما قَدَّمَت أَيديهِم إِذا هُم يَقنَطونَ (آيت : 36) |
۽ جڏهن چکايون ٿا ماڻهن کي مهرباني ته خوش ٿين ٿا ان تي ۽ جيڪڏهن پهچي ٿي انهن کي ڪا تڪليف ان جي ڪري جو اڳتي موڪليو سندن هٿن ته ان وقت اهي مايوس ٿين ٿا . |
أَوَلَم يَرَوا أَنَّ اللَّهَ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ وَيَقدِرُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 37) |
ڇا نه ڏٺو اٿن؟ ته بلاشڪ الله ڪشادو ڪري ٿو رزق جنهن جي لاءِ گهري ۽ تنگ ڪري ٿو بلاشڪ ان ۾ البته نشانيون آهن ان قوم جي لاءِ جيڪي ايمان آڻين ٿا. |
فَـٔاتِ ذَا القُربىٰ حَقَّهُ وَالمِسكينَ وَابنَ السَّبيلِ ذٰلِكَ خَيرٌ لِلَّذينَ يُريدونَ وَجهَ اللَّهِ وَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 38) |
پوءِ ڏي قرابت دار کي ان جو حق ۽ مسڪين کي ۽ مسافر کي اهو ڀلو آهي انهن جي لاءِ جيڪي الله جي رضا جو ارادو رکن ٿا ۽ اهي ئي ڪامياب آهن . |
وَما ءاتَيتُم مِن رِبًا لِيَربُوَا۟ فى أَموٰلِ النّاسِ فَلا يَربوا عِندَ اللَّهِ وَما ءاتَيتُم مِن زَكوٰةٍ تُريدونَ وَجهَ اللَّهِ فَأُولٰئِكَ هُمُ المُضعِفونَ (آيت : 39) |
۽ جيڪو اوهان ڏنو زياده حاصل ڪرڻ لاءِ تانته وڌي ماڻهن جي مالن ۾ پوءِ نه ٿو وڌي الله وٽ ۽ جيڪي ڏنو اوهان زڪواة مان الله جي رضا جو ارادو رکو ٿا پوءِ اهيئي ٻيڻو ڪندڙ آهن . |
اللَّهُ الَّذى خَلَقَكُم ثُمَّ رَزَقَكُم ثُمَّ يُميتُكُم ثُمَّ يُحييكُم هَل مِن شُرَكائِكُم مَن يَفعَلُ مِن ذٰلِكُم مِن شَيءٍ سُبحٰنَهُ وَتَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 40) |
الله اهو آهي جنهن پيدا ڪيو اوهان کي ان کان پوءِ اوهان کي رزق ڏنائين ان کان بعد اوهان کي ماريندو ان کان بعد اوهان کي جيئرو ڪندو ڇا اوهان جي شريڪ (ٺاهيلن) مان ڪو آهي جو ڪري انهن (ڪمن) مان ڪجهه پاڪائي آهي ان جي ۽ تمام مٿاهون آهي ان کان جيڪي شريڪ بنائين ٿا . |
ظَهَرَ الفَسادُ فِى البَرِّ وَالبَحرِ بِما كَسَبَت أَيدِى النّاسِ لِيُذيقَهُم بَعضَ الَّذى عَمِلوا لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 41) |
ظاهر ٿيو فساد پٽ ۾ ۽ سمنڊ ۾ ان سببان جيڪي (برا ڪم) ڪيا ماڻهن جي هٿن تانته چکائي انهن کي ڪجهه ان (جي سزا) مان جيڪي ڪيائون ته مانَ اهي موٽن . |
قُل سيروا فِى الأَرضِ فَانظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ مِن قَبلُ كانَ أَكثَرُهُم مُشرِكينَ (آيت : 42) |
فرماءِ ته گهمو زمين ۾ پوءِ ڏسو ته ڪيئن هئي پڇاڙي انهن جي جيڪي اڳي (گذريا) هئا گهڻا انهن مان مشرڪ . |
فَأَقِم وَجهَكَ لِلدّينِ القَيِّمِ مِن قَبلِ أَن يَأتِىَ يَومٌ لا مَرَدَّ لَهُ مِنَ اللَّهِ يَومَئِذٍ يَصَّدَّعونَ (آيت : 43) |
پوءِ سڌو رک منهن پنهنجو مضبوط دين جي لاءِ اڳي هن کان جو اچي اهو ڏينهن جو ناهي رد ٿيڻ ان جو الله وٽان ان ڏينهن جدا جدا ٿيندا . |
مَن كَفَرَ فَعَلَيهِ كُفرُهُ وَمَن عَمِلَ صٰلِحًا فَلِأَنفُسِهِم يَمهَدونَ (آيت : 44) |
جنهن ڪفر ڪيو پوءِ ان تي ان جي ڪفر جو بار آهي ۽ جنهن ڪيا صالح عمل پوءِ پنهنجي لاءِ ٿا تياري ڪن . |
لِيَجزِىَ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ مِن فَضلِهِ إِنَّهُ لا يُحِبُّ الكٰفِرينَ (آيت : 45) |
تانته بدلو ڏئي انهن کي جن ايمان آندو ۽ ڪيائون صالح عمل پنهنجي فضل سان بلاشڪ اهو نه ٿو محبت رکي ڪافرن سان . |
وَمِن ءايٰتِهِ أَن يُرسِلَ الرِّياحَ مُبَشِّرٰتٍ وَلِيُذيقَكُم مِن رَحمَتِهِ وَلِتَجرِىَ الفُلكُ بِأَمرِهِ وَلِتَبتَغوا مِن فَضلِهِ وَلَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 46) |
۽ ان جي نشانين مان آهي هي جو موڪلي ٿو هوائون بشارت ڏيندڙ ڪري ۽ تانته چکائي اوهان کي پنهنجي رحمت مان ۽ تانته هلن ٻيڙيون ان جي امر سان ۽ تانته طلب ڪيو ان جي فضل مان ۽ مَنَ اوهان شڪر ڪيو . |
وَلَقَد أَرسَلنا مِن قَبلِكَ رُسُلًا إِلىٰ قَومِهِم فَجاءوهُم بِالبَيِّنٰتِ فَانتَقَمنا مِنَ الَّذينَ أَجرَموا وَكانَ حَقًّا عَلَينا نَصرُ المُؤمِنينَ (آيت : 47) |
۽ البته تحقيق مڪلياسون تو کان اڳي پيغمبر سندن قوم ڏانهن پوءِ آيا انهن وٽ روشن دليلن سان پوءِ بدلو ورتوسون انهن کان جيڪي بي فرمان ٿيا ۽ آهي حق اسان تي مؤمنن جي مدد ڪرڻ . |
اللَّهُ الَّذى يُرسِلُ الرِّيٰحَ فَتُثيرُ سَحابًا فَيَبسُطُهُ فِى السَّماءِ كَيفَ يَشاءُ وَيَجعَلُهُ كِسَفًا فَتَرَى الوَدقَ يَخرُجُ مِن خِلٰلِهِ فَإِذا أَصابَ بِهِ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ إِذا هُم يَستَبشِرونَ (آيت : 48) |
الله اهو آهي جيڪو موڪلي ٿو هوائون پوءِ کڻن ٿيون ڪڪر کي پوءِ پکيڙي ٿو ان (ڪڪر) کي آسمان ۾ جيئن گهري ٿو ۽ ڪري ٿو ان کي تهه تهه پوءِ ڏسندين ڦڙين کي نڪرن ٿيون وچ ان جي مان پوءِ جڏهن پهچائي ٿو اهو جنهن کي گهري پنهنجن ٻانهن مان ته ان وقت اهي خوش ٿيندا آهن . |
وَإِن كانوا مِن قَبلِ أَن يُنَزَّلَ عَلَيهِم مِن قَبلِهِ لَمُبلِسينَ (آيت : 49) |
جيتوڻيڪ هئا ان کان اڳي جو وسايو وڃي انهن تي ان کان اڳي البته نا اميد ٿيندڙ . |
فَانظُر إِلىٰ ءاثٰرِ رَحمَتِ اللَّهِ كَيفَ يُحىِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها إِنَّ ذٰلِكَ لَمُحىِ المَوتىٰ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 50) |
پوءِ ڏس الله جي رحمت جي نشانين ڏانهن ته ڪيئن آباد ڪري ٿو زمين کي ان جي ويران ٿيڻ کان پوءِ بلاشڪ اهو البته جيئرو ڪندڙ آهي مئلن کي ۽ اهو هر شيءِ تي قادر آهي . |
وَلَئِن أَرسَلنا ريحًا فَرَأَوهُ مُصفَرًّا لَظَلّوا مِن بَعدِهِ يَكفُرونَ (آيت : 51) |
۽ البته جيڪڏهن موڪليون اسين واءُ پوءِ ڏسن ان (پوک) کي ڦڪو ٿيندڙ ته البته لڳا رهن ان کان پوءِ ڪفر ڪندا رهن. |
فَإِنَّكَ لا تُسمِعُ المَوتىٰ وَلا تُسمِعُ الصُّمَّ الدُّعاءَ إِذا وَلَّوا مُدبِرينَ (آيت : 52) |
پوءِ بلاشڪ تون نه ٿو ٻڌائين مئلن کي ۽ نه ٿو ٻڌائين ٻوڙن کي سڏ جڏهن ڦريا پٺي ڏيندڙ . |
وَما أَنتَ بِهٰدِ العُمىِ عَن ضَلٰلَتِهِم إِن تُسمِعُ إِلّا مَن يُؤمِنُ بِـٔايٰتِنا فَهُم مُسلِمونَ (آيت : 53) |
۽ ناهين تون هدايت ڪندڙ انڌن کي انهن جي گمراهيءَ کان نه ٿو ٻڌائين تون مگر ان کي جيڪو ايمان آڻي ٿو اسان جي آيتن تي پوءِ اهي مڃڻ وارا آهن. ع |
اللَّهُ الَّذى خَلَقَكُم مِن ضَعفٍ ثُمَّ جَعَلَ مِن بَعدِ ضَعفٍ قُوَّةً ثُمَّ جَعَلَ مِن بَعدِ قُوَّةٍ ضَعفًا وَشَيبَةً يَخلُقُ ما يَشاءُ وَهُوَ العَليمُ القَديرُ (آيت : 54) |
الله اهو آهي جنهن پيدا ڪيو اوهان کي ڪمزوريءَ (واري حالت) ۾ ان کان پوءِ ڪيائين ڪمزوريءَ کان پوءِ طاقت ان کان پوءِ ڪيائين قوت کان پوءِ ڪمزوري ۽ ٻڍڙائپ پيدا ڪري ٿو جيڪي گهري ۽ اهو ئي گهڻو ڄاڻندڙ قدرت رکندڙ آهي . |
وَيَومَ تَقومُ السّاعَةُ يُقسِمُ المُجرِمونَ ما لَبِثوا غَيرَ ساعَةٍ كَذٰلِكَ كانوا يُؤفَكونَ (آيت : 55) |
۽ جنهن ڏينهن قائم ٿيندي قيامت ته قسم کڻي چوندا مجرم ته نه رهيا (دنيا ۾) هڪ گهڙيءَ کان سواءِ اهڙي طرح اونڌا ڦيرايا ويا هئا . |
وَقالَ الَّذينَ أوتُوا العِلمَ وَالإيمٰنَ لَقَد لَبِثتُم فى كِتٰبِ اللَّهِ إِلىٰ يَومِ البَعثِ فَهٰذا يَومُ البَعثِ وَلٰكِنَّكُم كُنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 56) |
۽ چيو انهن جيڪي ڏنا ويا علم ۽ ايمان ته البته تحقيق رهيؤ اوهان الله جي ڪتاب ۾ (لکيل موافق) اٿڻ جي ڏينهن تائين پوءِ هيءُ آهي اٿڻ جو ڏينهن ۽ پر اوهان نه ڄاڻندا هيئو. |
فَيَومَئِذٍ لا يَنفَعُ الَّذينَ ظَلَموا مَعذِرَتُهُم وَلا هُم يُستَعتَبونَ (آيت : 57) |
پوءِ ان ڏينهن نه نفعو ڏيندو انهن کي جن ظلم ڪيو عذر پيش ڪرڻ انهن جو ۽ نه اهي توبہ ڪرڻ جي طلب ڪيا ويندا. |
وَلَقَد ضَرَبنا لِلنّاسِ فى هٰذَا القُرءانِ مِن كُلِّ مَثَلٍ وَلَئِن جِئتَهُم بِـٔايَةٍ لَيَقولَنَّ الَّذينَ كَفَروا إِن أَنتُم إِلّا مُبطِلونَ (آيت : 58) |
۽ البته تحقيق بيان ڪيوسون ماڻهن جي لاءِ هن قرآن ۾ هر مثال ۽ البته جيڪڏهن آڻيندين تون انهن وٽ ڪا نشاني ته البته ضرور چوندا اهي جن ڪفر ڪيو ته ناهيو اوهان مگر باطل جا پوڄاري . |
كَذٰلِكَ يَطبَعُ اللَّهُ عَلىٰ قُلوبِ الَّذينَ لا يَعلَمونَ (آيت : 59) |
اهڙي طرح مهر هڻي ٿو الله انهن جي دلين تي جيڪي نه ٿا ڄاڻن . |
فَاصبِر إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ وَلا يَستَخِفَّنَّكَ الَّذينَ لا يوقِنونَ (آيت : 60) |
پوءِ صبر ڪر بيشڪ الله جو وعدو سچو آهي ۽ نه هلڪڙو بنائين توکي اهي شخص جيڪي نه ٿا يقين رکن . |