الم (آيت : 1) |
الف ــ لام ــ ميم |
غُلِبَتِ الرّومُ (آيت : 2) |
روم (ايران کان) شڪست کائي ويو. |
فى أَدنَى الأَرضِ وَهُم مِن بَعدِ غَلَبِهِم سَيَغلِبونَ (آيت : 3) |
(ايراني سرحد جي) ويجهي وارن علائقن ۾. اِن شڪست کان پوءِ هو وري عنقريب پنھنجا کسيل علائقا واپس وٺندو. |
فى بِضعِ سِنينَ لِلَّهِ الأَمرُ مِن قَبلُ وَمِن بَعدُ وَيَومَئِذٍ يَفرَحُ المُؤمِنونَ (آيت : 4) |
نَون سالن جي اندر اندر. شڪست ۽ فتح ڏيارڻ سڀ الله تعالى جي اختيار ۾ آهي. (بھرحال جنھن ڏينھن رومي کٽيندا) الله تعالى جي مدد سان ايمان وارن کي به ان ڏينھن خوشخبري ملندي. |
بِنَصرِ اللَّهِ يَنصُرُ مَن يَشاءُ وَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 5) |
الله تعالى جنھن جي چاهيندو آهي تنھن جي مدد ڪندو آهي ۽ هو زبردست ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
وَعدَ اللَّهِ لا يُخلِفُ اللَّهُ وَعدَهُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 6) |
(جھڙي ريت رومي ايرانين کي شڪست ڏيندا اهڙي طرح مسلمان به مشرڪن کي شڪست ڏيندا اهو) الله تعالى جو وعدو آهي. الله تعالى پنھنجي ڪيل وعدي جي خلاف ورزي نه ڪندو آهي پر گهڻا ماڻهو ان ڳالهه کي ڄاڻن ئي نٿا. |
يَعلَمونَ ظٰهِرًا مِنَ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَهُم عَنِ الءاخِرَةِ هُم غٰفِلونَ (آيت : 7) |
هي ماڻهو رڳو دنيا جي ظاهري حالتن کي ڄاڻن ٿا پر آخرت جي حالتن کان صفا غافل آهن. |
أَوَلَم يَتَفَكَّروا فى أَنفُسِهِم ما خَلَقَ اللَّهُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما إِلّا بِالحَقِّ وَأَجَلٍ مُسَمًّى وَإِنَّ كَثيرًا مِنَ النّاسِ بِلِقائِ رَبِّهِم لَكٰفِرونَ (آيت : 8) |
ڇا انهن ماڻهن پنھنجو پاڻ ويھي ڪڏهن غور نه ڪيو آهي ته الله تعالى، آسمانن، زمين ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ رهندڙ مخلوق کي برحق ۽ هڪ مقرر وقت لاءِ پيدا ڪيو آهي پر گهڻا ماڻهو پنھنجي پالڻھار جي آڏو پيش ٿيڻ جا ئي انڪاري آهن. |
أَوَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَيَنظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ مِن قَبلِهِم كانوا أَشَدَّ مِنهُم قُوَّةً وَأَثارُوا الأَرضَ وَعَمَروها أَكثَرَ مِمّا عَمَروها وَجاءَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَما كانَ اللَّهُ لِيَظلِمَهُم وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 9) |
ڇا هي ماڻهو زمين ۾ گهميا ڦريا نه آهن جو ڏسن ته انهن کان اڳ اهڙن ماڻهن جوڇا انجام ٿيو؟ اُهي ته هنن کان به وڌيڪ طاقتور هئا ۽ زمين کي کيڙي آباد ڪرڻ ۾ کانئن تمام گهڻو اڳتي هئا. انهن وٽ اسان جا رسول سڳورا واضح نشانيون کڻي آيا (پراُنهن ماڻهن انڪار ڪيو ۽ کين ان جو نتيجو به ڀوڳڻو پيو ) الله تعالى انهن جي مٿان ذري جيترو به ظلم نه ڪيو هو پر انهن ماڻهن پنھنجو پاڻ تي ظلم ڪيو هو. |
ثُمَّ كانَ عٰقِبَةَ الَّذينَ أَسٰـُٔوا السّوأىٰ أَن كَذَّبوا بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَكانوا بِها يَستَهزِءونَ (آيت : 10) |
پوءِ برو انجام ٿيو انهن ماڻهن جو جن برا ڪم ڪيا. الله تعالى جي آيتن سڳورين کي ڪوڙو ڪيو ۽ (ڪوڙي ڪرڻ کان پوءِ) انهن تي ٽوڪون به ڪندا هئا. |
اللَّهُ يَبدَؤُا۟ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ ثُمَّ إِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 11) |
(ڇا هي ماڻهو غور نٿا ڪن ته) الله تعالى ئي پھريون ڀيرو پيدا ڪري ٿو ۽ هو ان کي (ختم ڪرڻ کان پوءِ) ٻيھر پيدا ڪندو. ۽ توهان سڀني کي ان ڏانهن ئي موٽايو ويندو. |
وَيَومَ تَقومُ السّاعَةُ يُبلِسُ المُجرِمونَ (آيت : 12) |
۽ جڏهن قيامت جو ڏينھن برپا ٿيندو ته ڏوهاري ماڻهو وڏا مايوس ٿي ويندا. |
وَلَم يَكُن لَهُم مِن شُرَكائِهِم شُفَعٰؤُا۟ وَكانوا بِشُرَكائِهِم كٰفِرينَ (آيت : 13) |
(دنيا ۾) جن کي هو شريڪ ڪندا هئا انهن مان ڪير به انهن جي سفارش ڪرڻ وارو موجود نه هوندو. بلڪه اُن وقت هو پنھنجي شريڪن جا انڪاري ٿيندا. |
وَيَومَ تَقومُ السّاعَةُ يَومَئِذٍ يَتَفَرَّقونَ (آيت : 14) |
۽ جڏهن قيامت جو ڏينھن برپا ٿيندو ته ان ڏينھن سڀني ماڻهن کي (اعمال جي حساب سان) الڳ الڳ ڪيو ويندو. |
فَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَهُم فى رَوضَةٍ يُحبَرونَ (آيت : 15) |
پوءِ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا، اهي سڀ شاندار باغن ۾ وڏي سُک سان رهندا. |
وَأَمَّا الَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَلِقائِ الءاخِرَةِ فَأُولٰئِكَ فِى العَذابِ مُحضَرونَ (آيت : 16) |
۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو، اسان جي آيتن ۽ آخرت جي ڏينھن پيش ٿيڻ کي ڪوڙو ڪيو، سي سڀ جا سڀ عذاب ۾ جڪڙيل هوندا. |
فَسُبحٰنَ اللَّهِ حينَ تُمسونَ وَحينَ تُصبِحونَ (آيت : 17) |
بس!(اي نبيﷺ!)توهان صبح ۽ شام هر وقت الله تعالى جي پاڪيزگي بيان ڪندا رهو. |
وَلَهُ الحَمدُ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَعَشِيًّا وَحينَ تُظهِرونَ (آيت : 18) |
آسمانن ۽ زمين ۾ ان جي ئي تعريف ڪئي وڃي ٿي، سو توهان به منجهند ۽ رات جو الله تعالى جي تعريف بيان ڪندا رهو. |
يُخرِجُ الحَىَّ مِنَ المَيِّتِ وَيُخرِجُ المَيِّتَ مِنَ الحَىِّ وَيُحىِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها وَكَذٰلِكَ تُخرَجونَ (آيت : 19) |
هو مئل مان زنده کي ۽ زنده مان مُئل کي ڪڍي ٿو ۽ زمين کي غير آباد ٿيڻ کان پوءِ سرسبز ۽ شاداب ڪري ٿو ۽ اهڙي طرح توهان به مرڻ کان پوءِ (زمين مان) جيئرا ڪڍيا ويندا. |
وَمِن ءايٰتِهِ أَن خَلَقَكُم مِن تُرابٍ ثُمَّ إِذا أَنتُم بَشَرٌ تَنتَشِرونَ (آيت : 20) |
ان جي نشانين مان هي نشاني به آهي ته هُن توهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو پوءِ ڏسندي ڏسندي توهان انسان جي صورت ۾ پکڙجندا وڃو ٿا. |
وَمِن ءايٰتِهِ أَن خَلَقَ لَكُم مِن أَنفُسِكُم أَزوٰجًا لِتَسكُنوا إِلَيها وَجَعَلَ بَينَكُم مَوَدَّةً وَرَحمَةً إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 21) |
ان جي نشانين مان هي به آهي ته هُن توهان جي لاءِ توهان جي جنس مان ئي گهر واريون پيدا ڪيون آهن ته جيئن انهن مان سڪون حاصل ڪريو ۽ هن توهان جي وچ ۾ محبت ۽ رحمدلي پيدا ڪئي آهي. بيشڪ انهن (حقيقتن) ۾ سوچ رکڻ وارن لاءِ گهڻيون ئي نشانيون آهن. |
وَمِن ءايٰتِهِ خَلقُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاختِلٰفُ أَلسِنَتِكُم وَأَلوٰنِكُم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِلعٰلِمينَ (آيت : 22) |
ان جي نشانين مان آسمان ۽ زمين جو پيدا ڪرڻ ۽ توهان جي ٻولين ۽ توهان جي رنگن جو مختلف هجڻ به آهي. بيشڪ ان ۾جهان وارن لاءِ وڏيون نشانيون آهن. |
وَمِن ءايٰتِهِ مَنامُكُم بِالَّيلِ وَالنَّهارِ وَابتِغاؤُكُم مِن فَضلِهِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَسمَعونَ (آيت : 23) |
ان جي نشانين مان توهان جو رات ۽ ڏينھن جو ننڊ ڪرڻ ۽ ان جي فضل (يعني رزق) کي تلاش ڪرڻ به آهي. انهن سڀني ڳالهين ۾ غور سان ٻڌڻ وارن لاءِ يقينًا وڏيون نشانيون آهن. |
وَمِن ءايٰتِهِ يُريكُمُ البَرقَ خَوفًا وَطَمَعًا وَيُنَزِّلُ مِنَ السَّماءِ ماءً فَيُحيۦ بِهِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 24) |
ان جي نشانين مان هي به آهي ته هو توهان کي ڊيڄارڻ ۽ اميد رکڻ واسطي کنوڻ جا چمڪاٽ ڏيکاري ٿو. آسمان مان پاڻي نازل ڪري ٿو ۽ پوءِ ان سان غير آباد زمين سرسبز ۽ شاداب ٿي وڃي ٿي. بيشڪ انهن ڳالهين ۾ عقل رکڻ وارن لاءِ وڏيون نشانيون آهن. |
وَمِن ءايٰتِهِ أَن تَقومَ السَّماءُ وَالأَرضُ بِأَمرِهِ ثُمَّ إِذا دَعاكُم دَعوَةً مِنَ الأَرضِ إِذا أَنتُم تَخرُجونَ (آيت : 25) |
آسمان ۽ زمين جو ان جي حڪم سان قائم رهڻ به ان جي نشانين مان آهي ۽ جڏهن هو توهان کي (مرڻ کان پوءِ) زمين مان نڪرڻ لاءِ سڏيندو ته توهان فوراً نڪري ايندا. |
وَلَهُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ كُلٌّ لَهُ قٰنِتونَ (آيت : 26) |
آسمانن ۽ زمين جي هر شيءِ ان جي ئي آهي ۽ هر شيءِ ان جي فرمانبردار آهي. |
وَهُوَ الَّذى يَبدَؤُا۟ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ وَهُوَ أَهوَنُ عَلَيهِ وَلَهُ المَثَلُ الأَعلىٰ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 27) |
اهو (الله) ئي آهي جيڪو پھريون ڀيرو پيدا ڪري ٿو ۽ وري ان کي (ختم ڪرڻ کان پوءِ) ٻيھر پيدا ڪندو، اهو ڪم ان جي لاءِ انتهائي سولو آهي. آسمانن ۽ زمين ۾ ان جو ئي شان بلند آهي ۽ هو زبردست حڪمت وارو آهي. |
ضَرَبَ لَكُم مَثَلًا مِن أَنفُسِكُم هَل لَكُم مِن ما مَلَكَت أَيمٰنُكُم مِن شُرَكاءَ فى ما رَزَقنٰكُم فَأَنتُم فيهِ سَواءٌ تَخافونَهُم كَخيفَتِكُم أَنفُسَكُم كَذٰلِكَ نُفَصِّلُ الءايٰتِ لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 28) |
(الله تعالى) توهان لاءِ توهان جو ئي مثال پيش ڪري ٿو ته جيڪو رزق اسان توهان کي عطا ڪيو آهي ڇا ان ۾ اوهان جا غلام (يعني نوڪر) به شريڪ آهن؟ جي شريڪ آهن ته توهان ٻئي برابر ٿي ويندا پر توهان پنھنجي مال ۾ غلامن جي شرڪت کان ايئن ڊڄو ٿا جيئن پاڻ ۾ هڪ جھڙن (مالدار) ماڻهن کان ڊڄندا آهيو. اسان عقلمند ماڻهن لاءِ اهڙيءَ طرح نشانيون وڏي تفصيل سان بيان ڪندا آهيون. |
بَلِ اتَّبَعَ الَّذينَ ظَلَموا أَهواءَهُم بِغَيرِ عِلمٍ فَمَن يَهدى مَن أَضَلَّ اللَّهُ وَما لَهُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 29) |
پر ظالم ماڻهو ته بغير ڪنھن ڄاڻ جي پنھنجي خواهشن جي پويان لڳا رهيا. الله تعالى جنھن کي (سندس عملن جي ڪري) گمراهه ڪري سو ان کي ڪير سڌو رستو ڏيکاريندو؟ ۽ اهڙن ماڻهن جا ته ڪير مددگار به نه هوندا. |
فَأَقِم وَجهَكَ لِلدّينِ حَنيفًا فِطرَتَ اللَّهِ الَّتى فَطَرَ النّاسَ عَلَيها لا تَبديلَ لِخَلقِ اللَّهِ ذٰلِكَ الدّينُ القَيِّمُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 30) |
(اي مؤمنو!) توهان پنھنجو منھن وڏي اطمينان سان (الله تعالى جي) دين ڏانھن ڦيري ڇڏيو ۽ الله تعالى جي ٺاهيل نظام (يعني دين فطرت) جي پيروي ڪريو جنھن تي هُن انسان کي بنايو آهي. الله تعالى جي پيدا ڪيل نظام ۾ ڪابه تبديلي نه ٿيندي آهي. صحيح دين اهوئي آهي پر گهڻا ماڻهو ان ڳالهه کي ڄاڻن ئي نٿا. |
مُنيبينَ إِلَيهِ وَاتَّقوهُ وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَلا تَكونوا مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 31) |
(ٻيا سڀ دينَ ڇڏي) توهان ان ڏي ئي موٽو، ان کان ڊڄو، نماز قائم ڪريو ۽ مشرڪن مان نه ٿيو. |
مِنَ الَّذينَ فَرَّقوا دينَهُم وَكانوا شِيَعًا كُلُّ حِزبٍ بِما لَدَيهِم فَرِحونَ (آيت : 32) |
۽ انهن ماڻهن مان به نه ٿيو جن پنھنجي دين کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو ۽ هو پاڻ ۾ مختلف گروهه ٿي ويا ۽ هر گروهه ان تي خوش پيو ٿئي جيڪو وٽس آهي. |
وَإِذا مَسَّ النّاسَ ضُرٌّ دَعَوا رَبَّهُم مُنيبينَ إِلَيهِ ثُمَّ إِذا أَذاقَهُم مِنهُ رَحمَةً إِذا فَريقٌ مِنهُم بِرَبِّهِم يُشرِكونَ (آيت : 33) |
۽ جڏهن ماڻهن کي ڪا تڪليف پھچندي آهي ته هو موٽ کائي پنھنجي پالڻھار کي سڏيندا آهن ۽ جڏهن هو کين پنھنجي رحمت سان نوازيندو آهي ته انهن مان ڪي وري فوراً پنھنجي پالڻھار سان گڏ شرڪ ڪرڻ لڳندا آهن. |
لِيَكفُروا بِما ءاتَينٰهُم فَتَمَتَّعوا فَسَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 34) |
ته جيئن هو اسان جي ڪيل مھرباني جي ناشڪري ڪن. (ٺيڪ آ) مزا ڪري وٺو توهان کي جلد ئي پتو پئجي ويندو. |
أَم أَنزَلنا عَلَيهِم سُلطٰنًا فَهُوَ يَتَكَلَّمُ بِما كانوا بِهِ يُشرِكونَ (آيت : 35) |
ڇا اسان جي طرفان هنن وٽ ڪو اهڙو دليل آيو آهي، جيڪو کين شرڪ لاءِ چوندو هجي؟ |
وَإِذا أَذَقنَا النّاسَ رَحمَةً فَرِحوا بِها وَإِن تُصِبهُم سَيِّئَةٌ بِما قَدَّمَت أَيديهِم إِذا هُم يَقنَطونَ (آيت : 36) |
۽ اسان جڏهن به ماڻهن کي رحمت سان نوازيندا آهيون ته هو ڦونڊجي ويندا آهن ۽ جڏهن کين پنھنجي ڪيل برن ڪمن جي ڪا سزا ملندي آهي ته هو اتي جو اُتي مايوس ٿي ويندا آهن. |
أَوَلَم يَرَوا أَنَّ اللَّهَ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ وَيَقدِرُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 37) |
ڇا انهن ماڻهن نه ڏٺو آهي ته الله تعالى جنھن لاءِ چاهيندو آهي رزق ۾ ڪشادگي پيدا ڪندو آهي ۽ جنھن لاءِ چاهيندو آهي ته ان جي رزق ۾ گهٽتائي ڪندو آهي؟ بيشڪ يقين رکڻ وارن لاءِ انهن ڳالهين ۾ وڏيون نشانيون آهن. |
فَـٔاتِ ذَا القُربىٰ حَقَّهُ وَالمِسكينَ وَابنَ السَّبيلِ ذٰلِكَ خَيرٌ لِلَّذينَ يُريدونَ وَجهَ اللَّهِ وَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 38) |
توهان رشتيدار ، مسڪين ۽ مسافر کي سندن حق ڏيندا ڪريو. اها ڳالهه انهن ماڻهن لاءِ بھتر آهي جيڪو الله تعالى جي رضا چاهيندو آهي. اهڙا ئي ماڻهو ڪاميابي حاصل ڪندڙ آهن. |
وَما ءاتَيتُم مِن رِبًا لِيَربُوَا۟ فى أَموٰلِ النّاسِ فَلا يَربوا عِندَ اللَّهِ وَما ءاتَيتُم مِن زَكوٰةٍ تُريدونَ وَجهَ اللَّهِ فَأُولٰئِكَ هُمُ المُضعِفونَ (آيت : 39) |
توهان جيڪو ماڻهن کي سُود تي مال ڏيندا آهيو ته جيئن اهو وڌي، الله تعالى جي نظر ۾ اهو وڌندو نه آهي. حقيقت ۾ مال ته اهو وڌندو آهي جيڪو توهان الله تعالى جي رضا لاءِ زڪوات جي صورت ۾ ڏيندا آهيو. |
اللَّهُ الَّذى خَلَقَكُم ثُمَّ رَزَقَكُم ثُمَّ يُميتُكُم ثُمَّ يُحييكُم هَل مِن شُرَكائِكُم مَن يَفعَلُ مِن ذٰلِكُم مِن شَيءٍ سُبحٰنَهُ وَتَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 40) |
الله تعالى توهان کي پيدا ڪيو، توهان کي روزي ڏني، توهان کي موت ڏيندو ۽ پوءِ وري توهان کي (ٻيهر) جيئرو ڪندو. توهان جي ٺاهيل شريڪن مان ڪو اهڙو آهي جيڪو انهن ڪمن مان ڪو هڪ به ڪري سگهي؟ الله تعالى جي ذات انهن جي شريڪن کان پاڪ ۽ وڏي مٿانهين آهي. |
ظَهَرَ الفَسادُ فِى البَرِّ وَالبَحرِ بِما كَسَبَت أَيدِى النّاسِ لِيُذيقَهُم بَعضَ الَّذى عَمِلوا لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 41) |
ماڻهن جي ڪيل برن عملن جي ڪري ئي زمين ۽ پاڻي ۾ فساد پکڙجي ويو آهي ته جيئن الله تعالى کين برن عملن جي سزا چکائي ۽ هُو برن ڪمن کان باز اچن. |
قُل سيروا فِى الأَرضِ فَانظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ مِن قَبلُ كانَ أَكثَرُهُم مُشرِكينَ (آيت : 42) |
تون انهن ماڻهن کي چئو ته زمين ۾ گهمي ڦري ڏسو ته گذريل ماڻهن جو ڪھڙو انجام ٿيو آهي؟ اُنهن مان گهڻا ماڻهو شرڪ ڪندڙ هئا. |
فَأَقِم وَجهَكَ لِلدّينِ القَيِّمِ مِن قَبلِ أَن يَأتِىَ يَومٌ لا مَرَدَّ لَهُ مِنَ اللَّهِ يَومَئِذٍ يَصَّدَّعونَ (آيت : 43) |
تون پنھنجورخ ان ڏينھن جي اچڻ کان پھريائين ئي مضبوط دين ڏانھن ڦيرائي ڇڏ جيڪوالله تعالى جي طرفان ٽري نٿو سگهي. ان ڏينھن سڀ ماڻهو هڪ ٻئي کان ڌار ڌار ٿي ويندا. |
مَن كَفَرَ فَعَلَيهِ كُفرُهُ وَمَن عَمِلَ صٰلِحًا فَلِأَنفُسِهِم يَمهَدونَ (آيت : 44) |
جنھن ڪفر ڪيو، پنھنجي ڪفر جو ذميدار به اهوئي پاڻ آهي ۽ جنھن نيڪ عمل ڪيا اهو پنھنجي لاءِ ئي (سٺي) جاءِ ٺاهي ٿو. |
لِيَجزِىَ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ مِن فَضلِهِ إِنَّهُ لا يُحِبُّ الكٰفِرينَ (آيت : 45) |
ته جيئن (الله تعالى) اهڙن ماڻهن کي جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا تن کي پنھنجي مھربانيءَ سان (سُھڻو) بدلو ڏئي. بيشڪ هو ڪفر ڪرڻ وارن کي پسند ئي نه ڪندو آهي. |
وَمِن ءايٰتِهِ أَن يُرسِلَ الرِّياحَ مُبَشِّرٰتٍ وَلِيُذيقَكُم مِن رَحمَتِهِ وَلِتَجرِىَ الفُلكُ بِأَمرِهِ وَلِتَبتَغوا مِن فَضلِهِ وَلَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 46) |
ان جي نشانين مان هي به نشاني آهي ته هو خوشخبري ڏيندڙ (ٿڌڙي) هوائون موڪليندو آهي ته جيئن (برسات جي صورت ۾) توهان کي پنھنجي رحمت سان نوازي ۽ سندس حڪم سان ئي پاڻي ۾ ٻيڙيون هلنديون رهن ته جيئن توهان ان جو فضل تلاش ڪري شڪرگذار ٻانها ٿي وڃو. |
وَلَقَد أَرسَلنا مِن قَبلِكَ رُسُلًا إِلىٰ قَومِهِم فَجاءوهُم بِالبَيِّنٰتِ فَانتَقَمنا مِنَ الَّذينَ أَجرَموا وَكانَ حَقًّا عَلَينا نَصرُ المُؤمِنينَ (آيت : 47) |
اسان توهان کان اڳ ڪيترن ئي رسول سڳورن کي پنھنجي قومن ڏانھن موڪليو پوءِ اُهي چٽيون نشانيون کڻي انهن وٽ پھتا (پر انهن مان گهڻن ماڻهن نشانين کي نه مڃيو) ته اسان انهن ڏوهاري ماڻهن کان بدلو ورتو. ايمان وارن جي مدد ڪرڻ اسان تي لازمي آهي. |
اللَّهُ الَّذى يُرسِلُ الرِّيٰحَ فَتُثيرُ سَحابًا فَيَبسُطُهُ فِى السَّماءِ كَيفَ يَشاءُ وَيَجعَلُهُ كِسَفًا فَتَرَى الوَدقَ يَخرُجُ مِن خِلٰلِهِ فَإِذا أَصابَ بِهِ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ إِذا هُم يَستَبشِرونَ (آيت : 48) |
اهو الله ئي آهي جيڪو هوائن کي موڪليندو آهي ته جيئن ڪڪرن کي وٺي هلن پوءِ هو پنھنجي مرضيءَ سان ڪڪرن کي آسمان ۾ ٽيڙي پکيڙي ڇڏيندو آهي وري انهن جا هڪ ٻئي جي مٿان تهن مٿان تَهه ٺاهيندو آهي پوءِ تون ڏسندو آهين ته ان جي وچ مان مينھن جا ڦُڙا نڪرندا ايندا آهن. پوءِ هو پنھنجي مرضيءَ سان جن ٻانهن تي مينھن وسائيندو آهي ته هو ڏاڍا خوش ٿي ويندا آهن. |
وَإِن كانوا مِن قَبلِ أَن يُنَزَّلَ عَلَيهِم مِن قَبلِهِ لَمُبلِسينَ (آيت : 49) |
حالانڪه اِهي ئي ماڻهو مينھن وسڻ کان اڳ وڏا مايوس ٿيا ويٺا هئا. |
فَانظُر إِلىٰ ءاثٰرِ رَحمَتِ اللَّهِ كَيفَ يُحىِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها إِنَّ ذٰلِكَ لَمُحىِ المَوتىٰ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 50) |
الله تعالى جي رحمت وارين نشانين ڏانھن ٿوري نظر ڪريو ته ڪيئن هو زمين کي غيرآباد هجڻ کان پوءِ سرسبز ۽ شاداب ڪري ٿو؟ ۽ (اهڙي طريقي سان ئي) هو ضرور مئلن کي جيئرو ڪندو ۽ هو هر شيءِ تي وڏي قدرت رکندڙ آهي. |
وَلَئِن أَرسَلنا ريحًا فَرَأَوهُ مُصفَرًّا لَظَلّوا مِن بَعدِهِ يَكفُرونَ (آيت : 51) |
پر جيڪڏهن اسان اهڙي هوا موڪليون جنھن سان هو پنھنجي فصل کي سُڪو ۽ پيلو ڏسن ته پوءِ هو ان وقت ئي ناشڪري ڪرڻ لڳندا آهن. |
فَإِنَّكَ لا تُسمِعُ المَوتىٰ وَلا تُسمِعُ الصُّمَّ الدُّعاءَ إِذا وَلَّوا مُدبِرينَ (آيت : 52) |
(اي نبيﷺ!) جڏهن هي ماڻهو (حق کي) پُٺي ڏيئي بيھن ته بيشڪ توهان اهڙن مئلن ۽ ٻوڙن کي ڪابه شيءِ نٿا ٻڌائي سگهو. |
وَما أَنتَ بِهٰدِ العُمىِ عَن ضَلٰلَتِهِم إِن تُسمِعُ إِلّا مَن يُؤمِنُ بِـٔايٰتِنا فَهُم مُسلِمونَ (آيت : 53) |
۽ نه ئي انڌن ماڻهن کي سندن گمراهيءَ مان ڪڍي هدايت وارو رستو ڏيکاري سگهو ٿا. توهان رڳو انهن فرمانبردار ماڻهن کي ٻڌائي سگهو ٿا جيڪي اسان جي آيتن تي ايمان آڻين ٿا. |
اللَّهُ الَّذى خَلَقَكُم مِن ضَعفٍ ثُمَّ جَعَلَ مِن بَعدِ ضَعفٍ قُوَّةً ثُمَّ جَعَلَ مِن بَعدِ قُوَّةٍ ضَعفًا وَشَيبَةً يَخلُقُ ما يَشاءُ وَهُوَ العَليمُ القَديرُ (آيت : 54) |
الله تعالى ئي آهي جنھن توهان کي ڪمزور حالت ۾ پيدا ڪيو، وري ڪمزور حالت کان پوءِ (جواني جي صورت ۾) طاقت ور بنايو ۽ وري ان کان پوءِ ڏٻرائپ ۽ پوڙهائپ ڏنائين، هو (هر شيءِ) پنھنجي مرضيءَ سان پيدا ڪندو آهي. هو وڏو علم وارو ۽ وڏي طاقت وارو آهي. |
وَيَومَ تَقومُ السّاعَةُ يُقسِمُ المُجرِمونَ ما لَبِثوا غَيرَ ساعَةٍ كَذٰلِكَ كانوا يُؤفَكونَ (آيت : 55) |
۽ قيامت برپا ٿيڻ واري ڏينھن ڏوهاري قَسَمَ کڻي چوندا ته اسان (دنيا ۾) رڳو هڪ گهڙي زندگي گذاري آيا آهيون. اهڙي طرح ئي هو دنيا ۾ ڌوکو کائيندا هئا. |
وَقالَ الَّذينَ أوتُوا العِلمَ وَالإيمٰنَ لَقَد لَبِثتُم فى كِتٰبِ اللَّهِ إِلىٰ يَومِ البَعثِ فَهٰذا يَومُ البَعثِ وَلٰكِنَّكُم كُنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 56) |
۽ جيڪي علم وارا هوندا سي انهن کي چوندا ته توهان الله تعالى جي لکيل حساب سان قيامت واري ڏينھن تائين رهيا آهيو. پوءِ اهو ئي ته آهي قيامت وارو ڏينهن، جنهن کي توهان سمجهندا ئي ڪونه هئا. |
فَيَومَئِذٍ لا يَنفَعُ الَّذينَ ظَلَموا مَعذِرَتُهُم وَلا هُم يُستَعتَبونَ (آيت : 57) |
ان ڏينھن ظالمن کي سندن بھانا ڪو به فائدو نه پھچائي سگهندا ۽ کين معافي گهرڻ لاءِ چيو به نه ويندو. |
وَلَقَد ضَرَبنا لِلنّاسِ فى هٰذَا القُرءانِ مِن كُلِّ مَثَلٍ وَلَئِن جِئتَهُم بِـٔايَةٍ لَيَقولَنَّ الَّذينَ كَفَروا إِن أَنتُم إِلّا مُبطِلونَ (آيت : 58) |
اسان هن قرآن مجيد ۾ ماڻهن جي لاءِ هر قسم جا مثال پيش ڪيا آهن. هاڻي تون کڻي انهن وٽ ڪهڙي به نشاني آڻيندين ته به ڪافر اهو چوندا ته توهان بلڪل ڪوڙا آهيو. |
كَذٰلِكَ يَطبَعُ اللَّهُ عَلىٰ قُلوبِ الَّذينَ لا يَعلَمونَ (آيت : 59) |
اهڙي طرح ئي الله تعالى علم کان پري رهندڙن جي دلين تي مھر هڻي ڇڏيندو آهي. |
فَاصبِر إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ وَلا يَستَخِفَّنَّكَ الَّذينَ لا يوقِنونَ (آيت : 60) |
(بھرحال) توهان صبر ڪريو. بيشڪ الله تعالى جو وعدو سچو آهي (ان وعدي تي) يقين نه رکندڙ ماڻهو توهان کي ڪمزور عقيدي وارو نه ڪري ڇڏين. |