الم (آيت : 1) |
ا-ل-م |
غُلِبَتِ الرّومُ (آيت : 2) |
مغلوب ٿي (هار کائي) ويا رومي |
فى أَدنَى الأَرضِ وَهُم مِن بَعدِ غَلَبِهِم سَيَغلِبونَ (آيت : 3) |
ويجهي ئي سر زمين ۾، ۽ اهي پنهنجي مغلوبي بعد وري غالب اچي ويندا |
فى بِضعِ سِنينَ لِلَّهِ الأَمرُ مِن قَبلُ وَمِن بَعدُ وَيَومَئِذٍ يَفرَحُ المُؤمِنونَ (آيت : 4) |
چند سالن ۾ (ٿوري ئي وقت ۾)، الله جو ئي اختيار آهي اڳي به ۽ ان کان پوءِ به، ۽ اهو ڏينهن اهو هوندو جو بخشيل فتح تي (مسلمان) خوشيون ملهائيندا |
بِنَصرِ اللَّهِ يَنصُرُ مَن يَشاءُ وَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 5) |
الله جي مدد سان، مدد ڪرڻ جنهن کي گهري، ۽ اهو ئي زبردست ۽ مهربان آهي |
وَعدَ اللَّهِ لا يُخلِفُ اللَّهُ وَعدَهُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 6) |
وعدو ڪيو آهي الله، خلاف ورزي نه ڪندو الله پنهنجي وعدي جي پر ڪيترا ئي ماڻهو اهو نٿا ڄاڻن |
يَعلَمونَ ظٰهِرًا مِنَ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَهُم عَنِ الءاخِرَةِ هُم غٰفِلونَ (آيت : 7) |
ڄاڻن ٿا ماڻهو ظاهري حصو پنهنجي حياتيءَ جو جيڪا دنياوي آهي ۽ اهي پاڻ ئي آخرت کان (بلڪل) بي خبر آهن |
أَوَلَم يَتَفَكَّروا فى أَنفُسِهِم ما خَلَقَ اللَّهُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما إِلّا بِالحَقِّ وَأَجَلٍ مُسَمًّى وَإِنَّ كَثيرًا مِنَ النّاسِ بِلِقائِ رَبِّهِم لَكٰفِرونَ (آيت : 8) |
ڇا انهن غور فڪر نه ڪيو آهي پنهنجو پاڻ تي ڪڏهن به؟ پيدا ڪيو آهي الله آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي انهن جي وچ ۾ آهي حق سان ۽ هڪ مقرر مدت جي لاءِ، پر حقيقت ۾ ڪيترا ئي ماڻهو آهن جيڪي پنهنجي رب جي ملاقات جا منڪر آهن |
أَوَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَيَنظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ مِن قَبلِهِم كانوا أَشَدَّ مِنهُم قُوَّةً وَأَثارُوا الأَرضَ وَعَمَروها أَكثَرَ مِمّا عَمَروها وَجاءَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَما كانَ اللَّهُ لِيَظلِمَهُم وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 9) |
ڇا اهي ماڻهو گهميا ڦريا نه آهن زمين ۾ جو کين ڏسڻ ۾ اچي ها انهن ماڻهن جي پڄاڻي، جيڪي انهن کان پهرين ٿي گذريا آهن؟ اهي ته وڌيڪ طاقت رکندڙ هئا انهن کان ۽ انهن وڌيڪ کيڙيو هو زمين کي ۽ انهن ايترو آباد ڪيو هو جيترو هنن آباد نه ڪيو آهي، ۽ آيا هئا انهن وٽ سندن رسول چٽين نشانين سان، پوءِ الله مٿن ظلم ڪرڻ وارو نه هو پر اهي ئي پاڻ پنهنجي مٿان ظلم ڪري رهيا هئا |
ثُمَّ كانَ عٰقِبَةَ الَّذينَ أَسٰـُٔوا السّوأىٰ أَن كَذَّبوا بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَكانوا بِها يَستَهزِءونَ (آيت : 10) |
آخرڪار نتيجو انهن ماڻهن جو برو نڪتو جن برايون ڪيون، ان ڪري ته ڪوڙو چيو انهن الله جي آيتن کي ۽ اهي انهن تي چٿرون ڪندا هئا |
اللَّهُ يَبدَؤُا۟ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ ثُمَّ إِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 11) |
الله ئي شروعات ڪري ٿو خلق جي، پوءِ اهو ئي ورجائيندو ان کي پوءِ ڏانهس ئي توهان موٽايا ويندؤ |
وَيَومَ تَقومُ السّاعَةُ يُبلِسُ المُجرِمونَ (آيت : 12) |
۽ اهو ڏينهن ۽ اها گهڙي قائم ٿيندي ان ڏينهن ڏوهاري هڪا ٻڪا رهجي ويندا |
وَلَم يَكُن لَهُم مِن شُرَكائِهِم شُفَعٰؤُا۟ وَكانوا بِشُرَكائِهِم كٰفِرينَ (آيت : 13) |
۽ نه ٿيندا انهن جا شريڪ سندن سفارشي ۽ ٿي ويندا انهن جا شريڪ سندن انڪاري |
وَيَومَ تَقومُ السّاعَةُ يَومَئِذٍ يَتَفَرَّقونَ (آيت : 14) |
۽ ان ڏينهن تي جڏهن قائم ٿيندي قيامت ان ڏينهن اهي الڳ ٿي ويندا |
فَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَهُم فى رَوضَةٍ يُحبَرونَ (آيت : 15) |
پوءِ اهي جن ايمان آندو ۽ عمل سٺا ڪيا، اهي هڪ باغ ۾ نهايت خوش رکيا ويندا |
وَأَمَّا الَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَلِقائِ الءاخِرَةِ فَأُولٰئِكَ فِى العَذابِ مُحضَرونَ (آيت : 16) |
۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ ڪوڙو چيائون اسان جي آيتن ۽ اسان جي ملاقات آخرت کي، اهي ماڻهو هوندا عذاب حاضر ۾ رکيا ويندا |
فَسُبحٰنَ اللَّهِ حينَ تُمسونَ وَحينَ تُصبِحونَ (آيت : 17) |
پوءِ پاڪائي بيان ڪريو الله جي جڏهن توهان شام ڪريو ٿا ۽ جڏهن توهان صبح ڪريو ٿا |
وَلَهُ الحَمدُ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَعَشِيًّا وَحينَ تُظهِرونَ (آيت : 18) |
۽ انهيءَ (الله) لاءِ آهي سڀ ساراهه آسمانن ۽ زمين ۾، ۽ (پاڪائي بيان ڪريو ان جي) ٽپهري جو، ۽ جڏهن توهان تي ظهر (ٻن پهرن) جو وقت ايندو آهي |
يُخرِجُ الحَىَّ مِنَ المَيِّتِ وَيُخرِجُ المَيِّتَ مِنَ الحَىِّ وَيُحىِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها وَكَذٰلِكَ تُخرَجونَ (آيت : 19) |
اهو ڪڍندو آهي جيئرو مئل مان ۽ ڪڍي ٿو مئل کي جيئري مان، ۽ زندگي ڏئي ٿو زمين کي موت کان پوءِ، ۽ اهڙيءَ طرح توهان به (موت جي حالت مان) ڪڍيا ويندؤ |
وَمِن ءايٰتِهِ أَن خَلَقَكُم مِن تُرابٍ ثُمَّ إِذا أَنتُم بَشَرٌ تَنتَشِرونَ (آيت : 20) |
سندس نشانين مان هي آهي ته توهان کي پهريائين مٽيءَ مان پيدا ڪيو پوءِ توهان انسان آهيو جو (زمين ۾) پکڙندا وڃو ٿا |
وَمِن ءايٰتِهِ أَن خَلَقَ لَكُم مِن أَنفُسِكُم أَزوٰجًا لِتَسكُنوا إِلَيها وَجَعَلَ بَينَكُم مَوَدَّةً وَرَحمَةً إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 21) |
۽ هي به ان جي نشانين مان آهي ته هن خلقيون توهان جي جنس مان توهان جون زالون جيئن سڪون حاصل ڪريو انهن وٽ، ۽ پيدا ڪئي توهان ۾ محبت ۽ رحمت، بيشڪ ان ۾ گهڻيون ئي آهن نشانيون (انهن جي لاءِ) جيڪي سوچ ويچار ڪن ٿا |
وَمِن ءايٰتِهِ خَلقُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاختِلٰفُ أَلسِنَتِكُم وَأَلوٰنِكُم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِلعٰلِمينَ (آيت : 22) |
۽ ان جي نشانين مان خلقڻ آسمانن ۽ زمين جو، ۽ فرق (رکيو) توهان جي ٻولين ۽ رنگن جو، بيشڪ ان ۾ گهڻيون ئي نشانيون آهن علم وارن جي لاءِ |
وَمِن ءايٰتِهِ مَنامُكُم بِالَّيلِ وَالنَّهارِ وَابتِغاؤُكُم مِن فَضلِهِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَسمَعونَ (آيت : 23) |
۽ سندس نشانين مان توهان جو سمهڻ رات ۽ ڏينهن جو ۽ توهان جو ڳولڻ آهي سندس فضل (روزيءَ) جو، بيشڪ ان ۾ گهڻيون ئي نشانيون آهن انهن ماڻهن جي لاءِ جيڪي (غور سان) ٻڌن ٿا |
وَمِن ءايٰتِهِ يُريكُمُ البَرقَ خَوفًا وَطَمَعًا وَيُنَزِّلُ مِنَ السَّماءِ ماءً فَيُحيۦ بِهِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 24) |
۽ آهي سندس نشانين مان ڏيکاريندو آهي بجليءَ جي چمڪ توهان کي ڊيڄارڻ ۽ اميد رکڻ لاءِ ۽ وسائيندو آهي آسمان مان پاڻي ۽ پوءِ حياتي ڏيندو آهي ان سان زمين کي ان جي مرڻ کان پوءِ، بيشڪ ان ۾ گهڻيون ئي نشانيون آهن انهن ماڻهن لاءِ جيڪي عقل کان ڪم وٺندا آهن |
وَمِن ءايٰتِهِ أَن تَقومَ السَّماءُ وَالأَرضُ بِأَمرِهِ ثُمَّ إِذا دَعاكُم دَعوَةً مِنَ الأَرضِ إِذا أَنتُم تَخرُجونَ (آيت : 25) |
۽ آهي سندس نشانين مان هي ته قائم آهن آسمان ۽ زمين سندس حڪم سان، پوءِ جيئن ئي سڏيندو توهان کي ته هڪ ئي سڏ تي اوچتو زمين مان بس توهان نڪري ايندؤ |
وَلَهُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ كُلٌّ لَهُ قٰنِتونَ (آيت : 26) |
۽ ان جا ئي آهن سڀ ٻانها آسمانن ۽ زمين ۾، سڀ جا سڀ سندس فرمان جا تابعدار آهن |
وَهُوَ الَّذى يَبدَؤُا۟ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ وَهُوَ أَهوَنُ عَلَيهِ وَلَهُ المَثَلُ الأَعلىٰ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 27) |
۽ اهو (الله) اهو ئي آهي جيڪو شروعات ڪري ٿو تخليق جي، پوءِ ورجائيندو ان کي، اهو ته ان لاءِ آسان آهي، ۽ سندس صفت مٿاهين اعليٰ آهي آسمانن ۽ زمين ۾، ۽ اهو زبردست حڪمت وارو آهي. |
ضَرَبَ لَكُم مَثَلًا مِن أَنفُسِكُم هَل لَكُم مِن ما مَلَكَت أَيمٰنُكُم مِن شُرَكاءَ فى ما رَزَقنٰكُم فَأَنتُم فيهِ سَواءٌ تَخافونَهُم كَخيفَتِكُم أَنفُسَكُم كَذٰلِكَ نُفَصِّلُ الءايٰتِ لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 28) |
اهو توهان کي ڏئي ٿو مثال خود توهان جي پنهنجي ئي وجود مان، ڇا توهان جي انهن ئي ٻانهن مان جيڪي توهان جي ملڪيت ۾ آهن جيڪي برابر هجن توهان جي، اسان جي ڏنل ان مال ۽ دولت ۾، توهان انهن کان اهڙيءَ طرح ڊڄو ٿا جهڙيءَ طرح توهان پاڻ ۾ هڪ جهڙن کان ڊڄو ٿا؟ اهڙيءَ طرح اسان کولي نشانيون بيان ڪندا آهيون انهن ماڻهن لاءِ جيڪي عقل کان ڪم وٺن ٿا |
بَلِ اتَّبَعَ الَّذينَ ظَلَموا أَهواءَهُم بِغَيرِ عِلمٍ فَمَن يَهدى مَن أَضَلَّ اللَّهُ وَما لَهُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 29) |
پر پويان لڳي پيا آهن هي ظالم پنهنجن خيالن جي پنهنجي اڻڄاڻائي سان، پوءِ ڪير ڏيکاري سگهي ٿو واٽ ان شخص کي جنهن کي گمراهه ڪيو هجي الله، اهڙن ماڻهن جو ناهي ڪوبه مددگار |
فَأَقِم وَجهَكَ لِلدّينِ حَنيفًا فِطرَتَ اللَّهِ الَّتى فَطَرَ النّاسَ عَلَيها لا تَبديلَ لِخَلقِ اللَّهِ ذٰلِكَ الدّينُ القَيِّمُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 30) |
(اي نبي ۽ پيروڪارؤ!) رخ ڪريو هڪ مَنا ٿي ان دين ڏي مضبوطيءَ سان، قائم رهو انهي فطرت تي، الله پئدا ڪيو آهي انسانن کي جنهن تي، ته بدلائي نٿي سگهجي ٺاهيل جوڙ الله جي اهو ئي بس دين آهي سڌو سنئون، پر ڪيترا ئي ماڻهو (ڪجهه) نٿا ڄاڻن. |
مُنيبينَ إِلَيهِ وَاتَّقوهُ وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَلا تَكونوا مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 31) |
(قائم رهو ان ڳالهه تي) رخ رکندي ان (الله) ڏي، ۽ ڊڄو ان کان ۽ قائم ڪريو نماز کي ۽ نه ٿيو انهن مشرڪن مان |
مِنَ الَّذينَ فَرَّقوا دينَهُم وَكانوا شِيَعًا كُلُّ حِزبٍ بِما لَدَيهِم فَرِحونَ (آيت : 32) |
جن ماڻهن ٺاهيو آهي الڳ دين پنهنجو ۽ ورهائجي ويا آهن ٽولن ۾، هر ڪنهن ٽولي وٽ جيڪي ڪجهه آهي اهو ان ۾ خوش آهي |
وَإِذا مَسَّ النّاسَ ضُرٌّ دَعَوا رَبَّهُم مُنيبينَ إِلَيهِ ثُمَّ إِذا أَذاقَهُم مِنهُ رَحمَةً إِذا فَريقٌ مِنهُم بِرَبِّهِم يُشرِكونَ (آيت : 33) |
۽ جڏهن ڪا تڪليف پهچي ٿي ماڻهن کي ته رجوع ٿي پنهنجي رب ڏي ان کي پڪاريندا آهن، پوءِ جڏهن اهو کين مزو وٺائيندو آهي پنهنجي رحمت مان ته هڪدم ڪي ماڻهو انهن مان پنهنجي رب سان شرڪ ڪرڻ لڳن ٿا |
لِيَكفُروا بِما ءاتَينٰهُم فَتَمَتَّعوا فَسَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 34) |
جيئن ناشڪري ڪن اسان جي ڪيل احسان جي، چڱو مزا ماڻيو، جلد ئي توهان کي معلوم ٿي ويندو |
أَم أَنزَلنا عَلَيهِم سُلطٰنًا فَهُوَ يَتَكَلَّمُ بِما كانوا بِهِ يُشرِكونَ (آيت : 35) |
ڇا اسان نازل ڪئي آهي انهن تي ڪا سَنَد، جيڪا شاهدي ڏيندي هجي ان سچائيءَ جي جيڪو هو شرڪ ڪري رهيا آهن؟ |
وَإِذا أَذَقنَا النّاسَ رَحمَةً فَرِحوا بِها وَإِن تُصِبهُم سَيِّئَةٌ بِما قَدَّمَت أَيديهِم إِذا هُم يَقنَطونَ (آيت : 36) |
۽ جڏهن به چکائيندا آهيون ماڻهن کي رحمت جو مزو ته ان تي اهي ڦونڊجي ويندا آهن، ۽ جي ڪا مصيبت انهن تي ايندي آهي سندن ڪرتوتن جي ڪري سندن هٿان ته هڪدم مايوس ٿي ويندا آهن |
أَوَلَم يَرَوا أَنَّ اللَّهَ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ وَيَقدِرُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 37) |
ڇا اهي ماڻهو ڏسن نٿا ته بيشڪ الله ئي ڪشادو ڪندو آهي رزق، جنهن لاءِ گهري ۽ تنگ به ڪندو آهي، بيشڪ ان ۾ گهڻيون ئي نشانيون آهن انهن ماڻهن لاءِ جيڪي ايمان آڻين ٿا |
فَـٔاتِ ذَا القُربىٰ حَقَّهُ وَالمِسكينَ وَابنَ السَّبيلِ ذٰلِكَ خَيرٌ لِلَّذينَ يُريدونَ وَجهَ اللَّهِ وَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 38) |
سو (اي مؤمن!) ڏيندو ڪر مائٽ کي سندس حق ۽ مسڪين کي ۽ اهو جيڪو مسافر آهي، اهو سٺو آهي طريقو انهن ماڻهن جي لاءِ جيڪي چاهن ٿا رضا الله جي، اهي ئي ماڻهو آهن ڪاميابي ماڻڻ وارا |
وَما ءاتَيتُم مِن رِبًا لِيَربُوَا۟ فى أَموٰلِ النّاسِ فَلا يَربوا عِندَ اللَّهِ وَما ءاتَيتُم مِن زَكوٰةٍ تُريدونَ وَجهَ اللَّهِ فَأُولٰئِكَ هُمُ المُضعِفونَ (آيت : 39) |
۽ جيڪو ڏيندا آهيو توهان وياج جيئن شامل ٿي وڃي مال ماڻهن جي ۾ ۽ وڌي وڃي، پر اهو نٿو وڌي الله وٽ، ۽ جيڪا ڏيو ٿا توهان زڪواة خوشنودي حاصل ڪرڻ جي لاءِ الله جي ڪري، انهيءَ جا ڏيندڙ حقيقت ۾ پنهنجو مال وڌائن ٿا |
اللَّهُ الَّذى خَلَقَكُم ثُمَّ رَزَقَكُم ثُمَّ يُميتُكُم ثُمَّ يُحييكُم هَل مِن شُرَكائِكُم مَن يَفعَلُ مِن ذٰلِكُم مِن شَيءٍ سُبحٰنَهُ وَتَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 40) |
الله ئي آهي جنهن خلقيو توهان کي، پوءِ رزق ڏنو توهان کي، پوءِ موت ڏيندو آهي توهان کي، پوءِ زنده ڪندو توهان کي، ڇا آهي ڪو توهان جي ٺاهيل شريڪن ۾ جيڪو اهڙو ڪم ڪندو هجي انهن مان توهان جو، اهو پاڪ آهي (الله) ۽ گهڻو مٿي ۽ مٿاهون ان شرڪ کان جيڪي اهي ڪن ٿا |
ظَهَرَ الفَسادُ فِى البَرِّ وَالبَحرِ بِما كَسَبَت أَيدِى النّاسِ لِيُذيقَهُم بَعضَ الَّذى عَمِلوا لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 41) |
وڌي ويو آهي فساد خشڪي ۾ ۽ تريءَ (پاڻي) ۾، (اهو توهان جي) پنهنجي هٿن جي ڪمائي آهي ماڻهن جي، جيئن کين مزو چکائي سندن ڪن عملن جي ڪري من اهي مڙي وڃن |
قُل سيروا فِى الأَرضِ فَانظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ مِن قَبلُ كانَ أَكثَرُهُم مُشرِكينَ (آيت : 42) |
(اي نبي!) چؤ انهن کي ته گهمو ڦرو زمين ۾، پوءِ ڏسو ته ڪهڙو انجام ٿي چڪو آهي انهن ماڻهن جو جيڪي اڳي ٿي گذريا آهن، منجهانئن گهڻا ته مشرڪ هئا |
فَأَقِم وَجهَكَ لِلدّينِ القَيِّمِ مِن قَبلِ أَن يَأتِىَ يَومٌ لا مَرَدَّ لَهُ مِنَ اللَّهِ يَومَئِذٍ يَصَّدَّعونَ (آيت : 43) |
پوءِ (اي نبي!) پنهنجو رخ سنئين دين ڏي مضبوطيءَ سان بيهار، ان کان اڳي جو اهو اچي ڏينهن، جنهن جي ٽري وڃڻ جي صورت ناهي الله جي طرفان، ان ڏينهن ماڻهو هڪٻئي کان ٽٽي ڌار ٿي ويندا |
مَن كَفَرَ فَعَلَيهِ كُفرُهُ وَمَن عَمِلَ صٰلِحًا فَلِأَنفُسِهِم يَمهَدونَ (آيت : 44) |
جنهن ڪفر ڪيو ان جو وبال ان جي ڪفر تي آهي، ۽ جنهن عمل سٺا ڪيا، اهي پاڻ ئي پنهنجي جاءِ ٺاهي رهيا آهن |
لِيَجزِىَ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ مِن فَضلِهِ إِنَّهُ لا يُحِبُّ الكٰفِرينَ (آيت : 45) |
جيئن انهن ماڻهن کي (الله) ايمان آڻڻ ۽ عمل سٺا ڪرڻ وارن کي پنهنجي فضل جو بدلو ڏئي، بيشڪ اهو پسند نه ڪندو آهي ڪافرن کي |
وَمِن ءايٰتِهِ أَن يُرسِلَ الرِّياحَ مُبَشِّرٰتٍ وَلِيُذيقَكُم مِن رَحمَتِهِ وَلِتَجرِىَ الفُلكُ بِأَمرِهِ وَلِتَبتَغوا مِن فَضلِهِ وَلَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 46) |
۽ سندس نشانين مان هي آهي ته اهو موڪليندو آهي هوائن کي خوشخبري ڏيڻ لاءِ توهان کي پنهنجي ٻاجهه مان حصو ڏيڻ لاءِ ۽ ٻيڙيون هلن سندس حڪم سان ۽ توهان طلب ڪريو سندس فضل ۽ ٿي وڃو توهان سندس شڪر گذار |
وَلَقَد أَرسَلنا مِن قَبلِكَ رُسُلًا إِلىٰ قَومِهِم فَجاءوهُم بِالبَيِّنٰتِ فَانتَقَمنا مِنَ الَّذينَ أَجرَموا وَكانَ حَقًّا عَلَينا نَصرُ المُؤمِنينَ (آيت : 47) |
۽ بيشڪ اسان موڪليوسين تو کان اڳ ۾ رسولن کي سندن قوم ڏي، پوءِ انهن وٽ کڻي آيا روشن نشانيون، پوءِ بدلو ورتوسين جن ماڻهن ڪيو هو ڏوهه ۽ (ذمه) حق هو اسان تي مدد ڪرڻ مؤمنن جي |
اللَّهُ الَّذى يُرسِلُ الرِّيٰحَ فَتُثيرُ سَحابًا فَيَبسُطُهُ فِى السَّماءِ كَيفَ يَشاءُ وَيَجعَلُهُ كِسَفًا فَتَرَى الوَدقَ يَخرُجُ مِن خِلٰلِهِ فَإِذا أَصابَ بِهِ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ إِذا هُم يَستَبشِرونَ (آيت : 48) |
الله ئي آهي جيڪو موڪلي ٿو هوائن کي، پوءِ اهي کڻنديون آهن ڪڪرن کي، اهو (الله) آسمان ۾ جيئن گهرندو آهي پکيڙيندو آهي ۽ انهن کي ورهائيندو آهي ٽڪرن ۾، (اي نبي! ڏسندو آهين) مينهن جون ڦڙيون ڪڪرن مان وسنديون آهن، پوءِ جڏهن پهچائي ٿو انهن کي جنهن کي چاهي پنهنجن بندن ۾، ته اهي امالڪ خوش ٿي ويندا آهن |
وَإِن كانوا مِن قَبلِ أَن يُنَزَّلَ عَلَيهِم مِن قَبلِهِ لَمُبلِسينَ (آيت : 49) |
۽ جيتوڻيڪ ان جي وسڻ کان اڳ ۾ (جيستائين اهو وسي) اهي مايوس ٿي رهيا هئا |
فَانظُر إِلىٰ ءاثٰرِ رَحمَتِ اللَّهِ كَيفَ يُحىِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها إِنَّ ذٰلِكَ لَمُحىِ المَوتىٰ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 50) |
پوءِ ڏسو (اهي) اثر الله جي رحمت جا، ته ڪيئن ٿو جياري زمين کي ان جي مرڻ کان پوءِ، بيشڪ اهو ئي جياريندڙ آهي مئلن کي، ۽ اهو ئي (وس وارو قادر آهي) هر شيءِ تي |
وَلَئِن أَرسَلنا ريحًا فَرَأَوهُ مُصفَرًّا لَظَلّوا مِن بَعدِهِ يَكفُرونَ (آيت : 51) |
۽ جي موڪليون اسان اهڙي هوا جنهن جي اثر سان پنهنجي پوک کي پيلو ٿيندو ڏسن ته پوءِ اهي ڪفر ڪرڻ لڳندا آهن |
فَإِنَّكَ لا تُسمِعُ المَوتىٰ وَلا تُسمِعُ الصُّمَّ الدُّعاءَ إِذا وَلَّوا مُدبِرينَ (آيت : 52) |
(اي نبي!) تون بيشڪ ٻڌائي نٿو سگهين مئن کي ۽ نه وري ٻڌائي سگهين ٿو انهن ٻوڙن کي پنهنجو سڏ، جيڪي وڃي رهيا هجن پٺي ڏئي |
وَما أَنتَ بِهٰدِ العُمىِ عَن ضَلٰلَتِهِم إِن تُسمِعُ إِلّا مَن يُؤمِنُ بِـٔايٰتِنا فَهُم مُسلِمونَ (آيت : 53) |
۽ نه وري تون ڏيکاري سگهين ٿو انڌن کي سنئين راهه جا گمراهيءَ مان کين ڪڍي، تون ته رڳو ٻڌائي سگهين ٿو جيڪي ايمان آڻيندا اسان جي آيتن تي، پوءِ فرمانبردار ٿي رهندا |
اللَّهُ الَّذى خَلَقَكُم مِن ضَعفٍ ثُمَّ جَعَلَ مِن بَعدِ ضَعفٍ قُوَّةً ثُمَّ جَعَلَ مِن بَعدِ قُوَّةٍ ضَعفًا وَشَيبَةً يَخلُقُ ما يَشاءُ وَهُوَ العَليمُ القَديرُ (آيت : 54) |
الله ئي ته آهي جنهن توهان کي پيدا ڪيو هيڻائيءَ جي حالت ۾، وري ان هيڻائيءَ واري حالت کان پوءِ سگهه پيدا ڪيائين، وري ڪيائين ان کان پوءِ هيڻائي ۽ پوڙهائپ ڏنائين، اهو پيدا ڪندو آهي جيئن چاهي، ۽ اهو ئي سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ وس وارو آهي |
وَيَومَ تَقومُ السّاعَةُ يُقسِمُ المُجرِمونَ ما لَبِثوا غَيرَ ساعَةٍ كَذٰلِكَ كانوا يُؤفَكونَ (آيت : 55) |
۽ جڏهن قائم ٿيندي قيامت جي گهڙي، قسم کڻي چوندا مجرم ته اسان نه رهيا آهيون هڪ لمحي کان وڌيڪ، اهڙيءَ طرح ئي اهي دنيا ۾ دوکو کائيندا هئا |
وَقالَ الَّذينَ أوتُوا العِلمَ وَالإيمٰنَ لَقَد لَبِثتُم فى كِتٰبِ اللَّهِ إِلىٰ يَومِ البَعثِ فَهٰذا يَومُ البَعثِ وَلٰكِنَّكُم كُنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 56) |
۽ اهي چوندا جن کي ڏنو ويو هو علم ۽ ايمان، بيشڪ توهان رهيا آهيو الله جي لکيل ڪتاب ۾ ڏينهن قيامت تائين، پوءِ هي اهو ئي ڏينهن قيامت وارو هوندو (توهان جي جيئري ٿي اٿڻ وارو ڏينهن) پر توهان ان کي نٿي ڄاتو |
فَيَومَئِذٍ لا يَنفَعُ الَّذينَ ظَلَموا مَعذِرَتُهُم وَلا هُم يُستَعتَبونَ (آيت : 57) |
پوءِ ان ڏينهن ڪوبه فائدو نه ملندو انهن ظالمن کي سندن معذرت ڪرڻ جو ۽ نه وري کين معافي وٺڻ لاءِ چيو ويندو |
وَلَقَد ضَرَبنا لِلنّاسِ فى هٰذَا القُرءانِ مِن كُلِّ مَثَلٍ وَلَئِن جِئتَهُم بِـٔايَةٍ لَيَقولَنَّ الَّذينَ كَفَروا إِن أَنتُم إِلّا مُبطِلونَ (آيت : 58) |
۽ اسان سمجهايو آهي ماڻهن کي هن قرآن ۾ طرح طرح جي (ڪيترن ئي) مثالن سان، ۽ تون کڻي ڪيتريون ئي نشانيون آڻين، پر اهي چوندا جن ماڻهن انڪار ڪيو آهي ته توهان (ڪوڙا آهيو) باطل تي آهيو |
كَذٰلِكَ يَطبَعُ اللَّهُ عَلىٰ قُلوبِ الَّذينَ لا يَعلَمونَ (آيت : 59) |
اهڙيءَ طرح ٺپو هڻي ڇڏيندو آهي الله انهن ماڻهن جي دلين تي جيڪي ڪجهه نٿا ڄاڻن (بي علم آهن) |
فَاصبِر إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ وَلا يَستَخِفَّنَّكَ الَّذينَ لا يوقِنونَ (آيت : 60) |
(اي نبي!) پوءِ صبر ڪر، بيشڪ الله جو وعدو سچو آهي، ۽ هرگز توکي هلڪو نه سمجهن اهي ماڻهو جيڪي يقين نٿا رکن |