الم (آيت : 1) |
ال۬مّ۬ (الف ـ لام ـ ميم) |
اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ الحَىُّ القَيّومُ (آيت : 2) |
الله جنهن کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي، اها سدائين زنده رهڻ واري دائم قائم هستي آهي، جيڪو ڪائنات جو انتظام سنڀاليو بيٺو آهي |
نَزَّلَ عَلَيكَ الكِتٰبَ بِالحَقِّ مُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ وَأَنزَلَ التَّورىٰةَ وَالإِنجيلَ (آيت : 3) |
اي نبي! انهيءَ ئي توتي هيءُ ڪتاب نازل ڪيو آهي، جنهن حق آندو آهي ۽ انهن ڪتابن جي تصديق ڪندڙ آهي، جيڪي اڳ آيا هئا. هن کان اڳ هو انسانن جي هدايت لاءِ تورات ۽ انجيل نازل ڪري چڪو آهي |
مِن قَبلُ هُدًى لِلنّاسِ وَأَنزَلَ الفُرقانَ إِنَّ الَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِ اللَّهِ لَهُم عَذابٌ شَديدٌ وَاللَّهُ عَزيزٌ ذُو انتِقامٍ (آيت : 4) |
۽ هن ئي اها ڪسوٽي لاٿي آهي (جنهن سان حق ۽ ناحق کي پرکي سگهجي). هاڻي جيڪي ماڻهو الله جي حڪمن کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪندا، انهن لاءِ پڪ ئي پڪ سخت سزا آهي. الله بيحد طاقت وارو ۽ برائيءَ جو بدلو وٺڻ وارو آهي |
إِنَّ اللَّهَ لا يَخفىٰ عَلَيهِ شَيءٌ فِى الأَرضِ وَلا فِى السَّماءِ (آيت : 5) |
زمين توڙي آسمان جي ڪابه شيءِ الله کان ڳجهي نه آهي |
هُوَ الَّذى يُصَوِّرُكُم فِى الأَرحامِ كَيفَ يَشاءُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 6) |
اهوئي ته آهي، جيڪو توهان جي مائرن جي پيٽن ۾ توهان جون شڪليون جيئن وڻيس تيئن بڻائي ٿو. انهيءَ زبردست ۽ حڪمت واري کانسواءِ ٻيو ڪوبه معبود ناهي |
هُوَ الَّذى أَنزَلَ عَلَيكَ الكِتٰبَ مِنهُ ءايٰتٌ مُحكَمٰتٌ هُنَّ أُمُّ الكِتٰبِ وَأُخَرُ مُتَشٰبِهٰتٌ فَأَمَّا الَّذينَ فى قُلوبِهِم زَيغٌ فَيَتَّبِعونَ ما تَشٰبَهَ مِنهُ ابتِغاءَ الفِتنَةِ وَابتِغاءَ تَأويلِهِ وَما يَعلَمُ تَأويلَهُ إِلَّا اللَّهُ وَالرّٰسِخونَ فِى العِلمِ يَقولونَ ءامَنّا بِهِ كُلٌّ مِن عِندِ رَبِّنا وَما يَذَّكَّرُ إِلّا أُولُوا الأَلبٰبِ (آيت : 7) |
اي نبي! انهيءَ ئي الله ته هيءُ ڪتاب توتي نازل ڪيو آهي، جنهن ۾ ٻن قسمن جون آيتون آهن: هڪ محڪمات، جيڪي ڪتاب جو اصل بنياد آهن ۽ ٻيون متشابهات، جن ماڻهن جي دلين ۾ ڏنگائي آهي، اهي ته فتني جي ڳولا ۾ هميشه متشابهات جي ڪڍ لڳل هوندا آهن ۽ انهن کي معنيٰ ڍڪائڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا آهن، حالانڪه انهن جو صحيح مطلب الله کانسواءِ ٻيو ڪوبه نٿو ڄاڻي. ٻئي طرف جيڪي ماڻهو علم ۾ ڀــَـڙ آهن، اهي چون ٿا ته "اسان جو انهن تي ايمان آهي، اهي سڀ اسان جي رب جي پار کان ئي آهن" ۽ سچي ڳالهه اها آهي ته ڪنهن شيءِ مان صحيح سبق فقط عقلمند ماڻهو ئي حاصل ڪندا آهن |
رَبَّنا لا تُزِغ قُلوبَنا بَعدَ إِذ هَدَيتَنا وَهَب لَنا مِن لَدُنكَ رَحمَةً إِنَّكَ أَنتَ الوَهّابُ (آيت : 8) |
اهي الله کان دعا گهرندا رهندا آهن ته "اي اسان جا رب! جڏهن تون اسان کي سنئين دڳ لائي چڪو آهين ته پوءِ اسان جي دلين کي ڪنهن ڏنگائيءَ ۾ نه وجهجانءِ ، اسان کي پنهنجي فيض جي گنج مان رحمت عطا ڪر جو تون ئي ته فيض عطا ڪندڙ آهين |
رَبَّنا إِنَّكَ جامِعُ النّاسِ لِيَومٍ لا رَيبَ فيهِ إِنَّ اللَّهَ لا يُخلِفُ الميعادَ (آيت : 9) |
اي اسان جا رب! بيشڪ تون سڀني ماڻهن کي هڪڙي ڏينهن گڏ ڪرڻ وارو آهين، جنهن جي اچڻ ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي، تون پنهنجي وعدي کان ڪڏهن به ڦرڻ وارو نه آهين |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا لَن تُغنِىَ عَنهُم أَموٰلُهُم وَلا أَولٰدُهُم مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا وَأُولٰئِكَ هُم وَقودُ النّارِ (آيت : 10) |
جن ڪفر جي واٽ ورتي آهي، انهن کي الله جي مقابلي ۾ نڪي سندن مال ڪنهن ڪم ايندو ۽ نه اولاد. هو دوزخ جو ٻارڻ بڻبا |
كَدَأبِ ءالِ فِرعَونَ وَالَّذينَ مِن قَبلِهِم كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا فَأَخَذَهُمُ اللَّهُ بِذُنوبِهِم وَاللَّهُ شَديدُ العِقابِ (آيت : 11) |
۽ انهن جي پڇاڙي اهڙي ٿيندي جهڙي فرعون جي ساٿين ۽ انهن کان اڳ وارن بي فرمانن جي ٿي هئي، جو انهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو سڏيو هو، نتيجو اهو ٿيو جو الله سندن گناهن سبب کين پڪڙيو ۽ اها ته حقيقت آهي ته الله سخت سزا ڏيندڙ آهي |
قُل لِلَّذينَ كَفَروا سَتُغلَبونَ وَتُحشَرونَ إِلىٰ جَهَنَّمَ وَبِئسَ المِهادُ (آيت : 12) |
اي نبي! جن ماڻهن تنهنجي دعوت کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، انهن کي ٻڌائي ڇڏ ته ڄاڻ آيو اهو وقت جڏهن توهان بي وس بڻايا ويندؤ ۽ جهنم ڏانهن هڪليا ويندؤ ۽ جهنم ڏاڍو بڇڙو ٺڪاڻو آهي |
قَد كانَ لَكُم ءايَةٌ فى فِئَتَينِ التَقَتا فِئَةٌ تُقٰتِلُ فى سَبيلِ اللَّهِ وَأُخرىٰ كافِرَةٌ يَرَونَهُم مِثلَيهِم رَأىَ العَينِ وَاللَّهُ يُؤَيِّدُ بِنَصرِهِ مَن يَشاءُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَعِبرَةً لِأُولِى الأَبصٰرِ (آيت : 13) |
توهان جي لاءِ انهن ٻن ٽولن مان هڪڙو عبرت جو نشان هو، جيڪي (بدر ۾) هڪ ٻئي سان دوبدو ٿيا. هڪڙو ٽولو الله جي راه ۾ وڙهي رهيو هو ۽ ٻيو ٽولو ڪافر هو. ڏسڻ وارا انهن ئي کليل اکين سان ڏسي رهيا هئا ته ڪافر ٽولو مؤمن ٽولي کان ٻيڻو هو مگر (نتيجي ثابت ڪيو ته) الله پنهنجي فتح ۽ نصرت سان جنهن جي به وڻيس مدد ٿو ڪري. اکين وارن لاءِ ان ۾ وڏو سبق سمايل آهي |
زُيِّنَ لِلنّاسِ حُبُّ الشَّهَوٰتِ مِنَ النِّساءِ وَالبَنينَ وَالقَنٰطيرِ المُقَنطَرَةِ مِنَ الذَّهَبِ وَالفِضَّةِ وَالخَيلِ المُسَوَّمَةِ وَالأَنعٰمِ وَالحَرثِ ذٰلِكَ مَتٰعُ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَاللَّهُ عِندَهُ حُسنُ المَـٔابِ (آيت : 14) |
ماڻهن لاءِ نفس کي هرکائيندڙ، عورتون، اولاد، سون چانديءَ جا ڍڳ، چونڊ گهوڙا، چوپايو مال ۽ ٻنيون ڏسڻ ۾ ڏاڍا سهڻا بڻايا ويا آهن، مگر اهي سڀ دنيا جي چند ڏينهن جي حياتيءَ جو سامان آهن، اصل ۾ جيڪو رهڻ جو سٺو هنڌ آهي اهو ته الله وٽ آهي |
قُل أَؤُنَبِّئُكُم بِخَيرٍ مِن ذٰلِكُم لِلَّذينَ اتَّقَوا عِندَ رَبِّهِم جَنّٰتٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَأَزوٰجٌ مُطَهَّرَةٌ وَرِضوٰنٌ مِنَ اللَّهِ وَاللَّهُ بَصيرٌ بِالعِبادِ (آيت : 15) |
چوين ته مان توهان کي ٻڌايان ته انهيءَ کان به وڌيڪ ڀلي شيءِ ڪهڙي آهي؟ جيڪي ماڻهو تقويٰ اختيار ڪندا، انهن لاءِ سندن رب وٽ باغ آهن، جن جي هيٺان نهرون پيون وهنديون، اتي هو هميشه واري زندگي گذاريندا، پاڪ زالن جو ساٿ هوندنِ ۽ الله جي رضا سان نوازيا ويندا، الله پنهنجن بندن جي هلت چلت تي نظر رکي ٿو |
الَّذينَ يَقولونَ رَبَّنا إِنَّنا ءامَنّا فَاغفِر لَنا ذُنوبَنا وَقِنا عَذابَ النّارِ (آيت : 16) |
هي اهي ماڻهو آهن، جيڪي چون ٿا ته "اي اسان جا رب! اسان ايمان آندو آهي، اسان جون خطائون بخش ۽ اسان کي دوزخ جي باهه کان بچاءِ " |
الصّٰبِرينَ وَالصّٰدِقينَ وَالقٰنِتينَ وَالمُنفِقينَ وَالمُستَغفِرينَ بِالأَسحارِ (آيت : 17) |
اهي ماڻهو صبر ڪندڙ آهن، سچار آهن، فرمانبردار ۽ فياض آهن ۽ رات جي پوين پهرن ۾ استغفار ڪندڙ آهن |
شَهِدَ اللَّهُ أَنَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ وَالمَلٰئِكَةُ وَأُولُوا العِلمِ قائِمًا بِالقِسطِ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 18) |
الله پاڻ انهيءَ ڳالهه جي شاهدي ڏني آهي ته هن کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي ۽ ملائڪ ۽ سڀئي علم وارا پڻ سچائيءَ ۽ انصاف سان شاهدي ٿا ڏين ته انهيءَ زبردست ۽ حڪمت واريءَ هستيءَ کانسواءِ اصلي ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي |
إِنَّ الدّينَ عِندَ اللَّهِ الإِسلٰمُ وَمَا اختَلَفَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ إِلّا مِن بَعدِ ما جاءَهُمُ العِلمُ بَغيًا بَينَهُم وَمَن يَكفُر بِـٔايٰتِ اللَّهِ فَإِنَّ اللَّهَ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 19) |
الله وٽ دين فقط اسلام آهي، انهيءَ دين کان هٽي جيڪي مختلف طريقا انهن ماڻهن اختيار ڪيا هئا، جن کي ڪتاب ڏنو ويو هو سو به تڏهن جڏهن جو وٽن علم به پهچي ويو هو، سو رڳو هڪ ٻئي سان ڏاڍائي ڪرڻ خاطر ئي ائين ڪيو هئائون ۽ جيڪو الله جي حڪمن ۽ هدايتن جي تابعداريءَ کان انڪار ڪندو، الله کي انهيءَ کان حساب وٺڻ ۾ ڪابه دير نه ٿي لڳي |
فَإِن حاجّوكَ فَقُل أَسلَمتُ وَجهِىَ لِلَّهِ وَمَنِ اتَّبَعَنِ وَقُل لِلَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ وَالأُمِّيّۦنَ ءَأَسلَمتُم فَإِن أَسلَموا فَقَدِ اهتَدَوا وَإِن تَوَلَّوا فَإِنَّما عَلَيكَ البَلٰغُ وَاللَّهُ بَصيرٌ بِالعِبادِ (آيت : 20) |
هاڻي جيڪڏهن اي نبي! اهي ماڻهو توسان جهڳڙو ڪن ته چوينِ ته "مان ۽ منهنجي پوئلڳن ته الله جي آڏو ڪنڌ نوائي ڇڏيو آهي". پوءِ اهل ڪتاب ۽ جيڪي اهل ڪتاب ناهن ٻنهي کان پــُـڇ ته "ڇا توهان به سندس فرمانبرداري ۽ ٻانهپ قبول ڪئي آهي؟" جيڪڏهن ڪئي اٿن ته پوءِ سنئون رستو لڌو اٿن ۽ جيڪڏهن منهن موڙيائون ته توتي فقط پيغام پهچائڻ جي ئي ذميواري هئي، اڳتي الله پاڻيهي پنهنجن ٻانهن جا معاملا ڏسندڙ آهي |
إِنَّ الَّذينَ يَكفُرونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَيَقتُلونَ النَّبِيّۦنَ بِغَيرِ حَقٍّ وَيَقتُلونَ الَّذينَ يَأمُرونَ بِالقِسطِ مِنَ النّاسِ فَبَشِّرهُم بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 21) |
جيڪي ماڻهو الله جا حڪم ۽ هدايتون مڃڻ کان انڪار ڪن ٿا ۽ سندس نبين کي ناحق قتل ڪن ٿا ۽ اهڙن ماڻهن کي مارڻ تي سندرو ٻڌن ٿا، جيڪي عدل ۽ انصاف جو حڪم ڏيڻ لاءِ ماڻهن مان اٿي کڙا ٿين ٿا، انهن کي دردناڪ سزا جي خوشخبري ڏئي ڇڏ |
أُولٰئِكَ الَّذينَ حَبِطَت أَعمٰلُهُم فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَما لَهُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 22) |
اِهي اُهي ماڻهو آهن، جن جا عمل دنيا توڙي آخرت ۾ اڪارتا ويا ۽ واهر ڪرڻ وارو به ڪوئي نه هوندن |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ أوتوا نَصيبًا مِنَ الكِتٰبِ يُدعَونَ إِلىٰ كِتٰبِ اللَّهِ لِيَحكُمَ بَينَهُم ثُمَّ يَتَوَلّىٰ فَريقٌ مِنهُم وَهُم مُعرِضونَ (آيت : 23) |
ڇا تو نه ڏٺو آهي ته جن ماڻهن کي ڪتاب جي علم مان ڪو حصو مليو آهي، انهن جو ڪهڙو حال آهي؟ انهن کي جڏهن الله جي ڪتاب ڏانهن سڏيو وڃي ٿو ته جيئن هو انهن جي وچ ۾ فيصلو ڪري، ته انهن مان هڪڙو ٽولو انهيءَ کان لنوائي ٿو، ۽ انهيءَ فيصلي ڏانهن اچڻ کان منهن موڙيو ڇڏي |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قالوا لَن تَمَسَّنَا النّارُ إِلّا أَيّامًا مَعدودٰتٍ وَغَرَّهُم فى دينِهِم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 24) |
انهن جي اها هلت ان ڪري آهي جو هو چون ٿا ته "دوزخ جي باهه ته اسان کي ڇهندي به نه ۽ جيڪڏهن دوزخ جي سزا کڻي ملي ته به هوندي مس ڪي ڳاڻ ڳڻيا ڏينهن." سندن گهڙيل عقيدن کين پنهنجي دين جي معاملي ۾ ڏاڍين غلط فهمين ۾ وجهي ڇڏيو آهي |
فَكَيفَ إِذا جَمَعنٰهُم لِيَومٍ لا رَيبَ فيهِ وَوُفِّيَت كُلُّ نَفسٍ ما كَسَبَت وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 25) |
پر پوءِ سندن حالت ڇا بڻبي، جڏهن اسان کين ان ڏينهن جنهن جي اچڻ ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ميڙي گڏ ڪنداسون ۽ ان ڏينهن هر ڪنهن کي سندس ڪمائيءَ جو پورو پورو بدلو ڏنو ويندو ۽ ڪنهن تي به ڪو ظلم نه ٿيندو |
قُلِ اللَّهُمَّ مٰلِكَ المُلكِ تُؤتِى المُلكَ مَن تَشاءُ وَتَنزِعُ المُلكَ مِمَّن تَشاءُ وَتُعِزُّ مَن تَشاءُ وَتُذِلُّ مَن تَشاءُ بِيَدِكَ الخَيرُ إِنَّكَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 26) |
چؤ اي الله! ملڪ جا مالڪ، تون جنهن کي وڻيئي حڪومت ڏئين ۽ جنهن کان وڻيئي کسي وٺين، جنهن کي چاهين عزت بخشين، جنهن کي گهرين ذليل ڪري ڇڏين، ڀلائي تنهنجي هٿ ۾ آهي، بيشڪ تون هر شيءِ تي قادر آهين |
تولِجُ الَّيلَ فِى النَّهارِ وَتولِجُ النَّهارَ فِى الَّيلِ وَتُخرِجُ الحَىَّ مِنَ المَيِّتِ وَتُخرِجُ المَيِّتَ مِنَ الحَىِّ وَتَرزُقُ مَن تَشاءُ بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 27) |
رات کي ڏينهن ۾ ٿو لپيٽيندو اچين ۽ ڏينهن کي رات ۾، مئل مان جيئرو جاڳندو ٿو ڪڍين ۽ جيئري جاڳندي مان مئل ۽ جنهن کي وڻيئي بنا حساب جي ٿو رزق ڏئين |
لا يَتَّخِذِ المُؤمِنونَ الكٰفِرينَ أَولِياءَ مِن دونِ المُؤمِنينَ وَمَن يَفعَل ذٰلِكَ فَلَيسَ مِنَ اللَّهِ فى شَيءٍ إِلّا أَن تَتَّقوا مِنهُم تُقىٰةً وَيُحَذِّرُكُمُ اللَّهُ نَفسَهُ وَإِلَى اللَّهِ المَصيرُ (آيت : 28) |
مؤمنن کي کپي ته مؤمنن کي ڇڏي ڪافرن کي پنهنجو ساٿي ۽ ڀرجهلو ڪنهن به صورت ۾ نه بڻائين، جيڪو ائين ڪندو ان جو الله سان ڪوبه واسطو ناهي. باقي اهو معاف اَٿو جو توهان انهن جي ظلم کان بچڻ لاءِ ظاهري طرح ائين ڪيو، مگر الله توهان کي پنهنجي ذات کان ڊيڄاري ٿو ۽ توهان کي ڏانهس ئي موٽي هلڻو آهي |
قُل إِن تُخفوا ما فى صُدورِكُم أَو تُبدوهُ يَعلَمهُ اللَّهُ وَيَعلَمُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 29) |
اي نبي! ماڻهن کي خبردار ڪر ته توهان جي اندر ۾ جيڪي ڪجهه به آهي، ان کي لڪايو توڙي پڌرو ڪريو، الله ته ان کي ڄاڻي ٿو. آسمانن ۽ زمين جي ڪابه شيءِ سندس علم کان ٻاهر نه آهي ۽ سندس اقتدار هر شيءِ تي ڇانيل آهي |
يَومَ تَجِدُ كُلُّ نَفسٍ ما عَمِلَت مِن خَيرٍ مُحضَرًا وَما عَمِلَت مِن سوءٍ تَوَدُّ لَو أَنَّ بَينَها وَبَينَهُ أَمَدًا بَعيدًا وَيُحَذِّرُكُمُ اللَّهُ نَفسَهُ وَاللَّهُ رَءوفٌ بِالعِبادِ (آيت : 30) |
اهو ڏينهن اچڻو آهي جڏهن هرڪو پنهنجي ڪمائيءَ جو ڦل حاضر ٿيل ڏسندو، پوءِ کڻي ڪنهن ڀلائي ڪئي هوندي يا برائي، هر ماڻهو انهيءَ ڏينهن اها تمنا ڪندو ته جيڪر اهو ڏينهن کانئس اڃان گهڻو پري هجي ها. الله توهان کي پنهنجي ذات کان ڊيڄاري ٿو ۽ هو ته پنهنجي بندن جو ڏاڍو خير خواهه آهي |
قُل إِن كُنتُم تُحِبّونَ اللَّهَ فَاتَّبِعونى يُحبِبكُمُ اللَّهُ وَيَغفِر لَكُم ذُنوبَكُم وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 31) |
اي نبي! ماڻهن کي ٻڌائي ڇڏ ته "جيڪڏهن توهان سچ پچ الله سان محبت ڪريو ٿا ته منهنجي پيروي ڪريو ته الله توهان سان محبت ڪندو ۽ توهان جا گناهه معاف ڪندو. هو ڏاڍو معاف ڪندڙ ۽ رحيم آهي" |
قُل أَطيعُوا اللَّهَ وَالرَّسولَ فَإِن تَوَلَّوا فَإِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ الكٰفِرينَ (آيت : 32) |
چوينِ ته "الله ۽ رسول جي تابعداري ڪريو" پوءِ جيڪڏهن تنهنجي اها دعوت قبول نه ڪن ته پوءِ ته ائين ٿي ئي نٿو سگهي ته الله اهڙن ماڻهن سان ڪا محبت ڪري، جيڪي سندس ۽ سندس رسول جي تابعداريءَ کان انڪار ڪندا هجن |
إِنَّ اللَّهَ اصطَفىٰ ءادَمَ وَنوحًا وَءالَ إِبرٰهيمَ وَءالَ عِمرٰنَ عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 33) |
الله آدم ۽ نوح ۽ آل ابراهيم ۽ آل عمران کي ساري جهان وارن تي ترجيح ڏيئي پنهنجي رسالت لاءِ چونڊيو هو |
ذُرِّيَّةً بَعضُها مِن بَعضٍ وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 34) |
اهي هڪ ئي سلسلي جا ماڻهو هئا، جو انهن مان هڪڙا ٻين جو اولاد هئا. الله سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي |
إِذ قالَتِ امرَأَتُ عِمرٰنَ رَبِّ إِنّى نَذَرتُ لَكَ ما فى بَطنى مُحَرَّرًا فَتَقَبَّل مِنّى إِنَّكَ أَنتَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 35) |
(هو ان وقت ٻڌي رهيو هو) جڏهن عمران جي زال چئي رهي هئي، "منهنجا رب ! مان ان ٻار کي جيڪو منهنجي پيٽ ۾ آهي، تنهنجي نذر ڪريان ٿي، اهو تنهنجي ئي ڪم لاءِ وقف هوندو، منهنجي انهيءَ نذراني کي قبول ڪر، تون ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهين.“ |
فَلَمّا وَضَعَتها قالَت رَبِّ إِنّى وَضَعتُها أُنثىٰ وَاللَّهُ أَعلَمُ بِما وَضَعَت وَلَيسَ الذَّكَرُ كَالأُنثىٰ وَإِنّى سَمَّيتُها مَريَمَ وَإِنّى أُعيذُها بِكَ وَذُرِّيَّتَها مِنَ الشَّيطٰنِ الرَّجيمِ (آيت : 36) |
پوءِ جڏهن نياڻي ڄايس ته چيائين: "اي رب منهنجا! مون ته ڌيءُ ڄڻي آهي"، حالانڪه جيڪو ڄڻيو هئائين الله کي ته ان جي ڄاڻ هئي ۽ پٽ ڌيءُ جهڙو ته نه ٿيندو آهي. خير، "مون ان جو نالو مريم رکيو آهي ۽ مان کيس ۽ سندس اولاد کي شيطان تـڙيل جي فتني کان تنهنجي پناهه ۾ ڏيان ٿي" |
فَتَقَبَّلَها رَبُّها بِقَبولٍ حَسَنٍ وَأَنبَتَها نَباتًا حَسَنًا وَكَفَّلَها زَكَرِيّا كُلَّما دَخَلَ عَلَيها زَكَرِيَّا المِحرابَ وَجَدَ عِندَها رِزقًا قالَ يٰمَريَمُ أَنّىٰ لَكِ هٰذا قالَت هُوَ مِن عِندِ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ يَرزُقُ مَن يَشاءُ بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 37) |
پوءِ سندس رب انهيءَ ڇوڪريءَ کي خوشيءَ سان قبول فرمايو ۽ کيس ڏاڍي سٺي نينگري ڪري پالي وڏو ڪيو ۽ زڪريا کي سندس سنڀاليندڙ بڻايائين. زڪريا جڏهن به ان وٽ محراب ۾ ويندو هو ته وٽس ڪا نه ڪا کاڌي پيتي جي شيءِ ڏسندو هو. پڇندو هوس: مريم، هيءُ تو وٽ ڪٿان آيو؟ هوءَ وراڻي ڏيندي هئي: "الله وٽان آيو آهي. الله جنهن کي چاهي بنا حساب جي رزق ڏئي ٿو" |
هُنالِكَ دَعا زَكَرِيّا رَبَّهُ قالَ رَبِّ هَب لى مِن لَدُنكَ ذُرِّيَّةً طَيِّبَةً إِنَّكَ سَميعُ الدُّعاءِ (آيت : 38) |
اهو ڏسي زڪريا پنهنجي رب کي ٻاڏايو، چيائين: "رب منهنجا! پنهنجي قدرت سان مون کي به نيڪ اولاد عطا ڪر، تون ئي دعا ٻڌندڙ آهين" |
فَنادَتهُ المَلٰئِكَةُ وَهُوَ قائِمٌ يُصَلّى فِى المِحرابِ أَنَّ اللَّهَ يُبَشِّرُكَ بِيَحيىٰ مُصَدِّقًا بِكَلِمَةٍ مِنَ اللَّهِ وَسَيِّدًا وَحَصورًا وَنَبِيًّا مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 39) |
جواب ۾ فرشتن سڏيس جڏهن هو محراب ۾ بيٺو نماز پڙهي رهيو هو ته "الله توکي يحيٰ جي خوشخبري ڏئي ٿو. هو الله جي طرفان هڪڙي فرمان جي تصديق ڪندڙ بڻجي ايندو. هن جو اڳواڻن ۽ بزرگن وارو انداز هوندو ۽ نفس تي نهايت ضابطو رکڻ وارو هوندو، نبي هوندو ۽ صالحن منجهان ليکيو ويندو" |
قالَ رَبِّ أَنّىٰ يَكونُ لى غُلٰمٌ وَقَد بَلَغَنِىَ الكِبَرُ وَامرَأَتى عاقِرٌ قالَ كَذٰلِكَ اللَّهُ يَفعَلُ ما يَشاءُ (آيت : 40) |
زڪريا چيو: "منهنجا رب! مون کي پٽ ڪٿان ٿيندو، مان ڏاڍو پوڙهو ٿي ويو آهيان ۽ منهنجي زال به سَنڍ آهي". جواب مليس: "ائين ئي ٿيندو. الله ته جيڪي وڻيس سو ڪري ٿو" |
قالَ رَبِّ اجعَل لى ءايَةً قالَ ءايَتُكَ أَلّا تُكَلِّمَ النّاسَ ثَلٰثَةَ أَيّامٍ إِلّا رَمزًا وَاذكُر رَبَّكَ كَثيرًا وَسَبِّح بِالعَشِىِّ وَالإِبكٰرِ (آيت : 41) |
عرض ڪيائين: "منهنجا مالڪ! پوءِ ڀلا ڪا نشاني منهنجي لاءِ مقرر ڪر". فرمايائين: "نشاني اها آهي ته تون ٽي ڏينهن ماڻهن سان سواءِ اشارن جي ڳالهه ٻولهه نه ڪري سگهندين. انهيءَ عرصي ۾ پنهنجي رب کي گهڻو ياد ڪجانءِ ۽ صبح شام سندس تسبيح ڪندو رهجانءِ " |
وَإِذ قالَتِ المَلٰئِكَةُ يٰمَريَمُ إِنَّ اللَّهَ اصطَفىٰكِ وَطَهَّرَكِ وَاصطَفىٰكِ عَلىٰ نِساءِ العٰلَمينَ (آيت : 42) |
پوءِ اهو وقت آيو جڏهن ملائڪن مريم کي اچي چيو: "اي مريم!ّ الله توکي چونڊيل شخصيت بڻايو آهي ۽ توکي پاڪائي عطا ڪئي آهي ۽ ساري دنيا جي عورتن تي توکي ترجيح ڏيئي پنهنجي خدمت لاءِ چونڊيو آهي |
يٰمَريَمُ اقنُتى لِرَبِّكِ وَاسجُدى وَاركَعى مَعَ الرّٰكِعينَ (آيت : 43) |
اي مريم! رب جي حڪمن جي بندي بنجي رهه، کيس سجدا ڪندي رهه ۽ جيڪي بندا سندس آڏو جهڪن ٿا، انهن سان گڏ تون به جهڪندي ڪر" |
ذٰلِكَ مِن أَنباءِ الغَيبِ نوحيهِ إِلَيكَ وَما كُنتَ لَدَيهِم إِذ يُلقونَ أَقلٰمَهُم أَيُّهُم يَكفُلُ مَريَمَ وَما كُنتَ لَدَيهِم إِذ يَختَصِمونَ (آيت : 44) |
اي نبي! اهي غيب جون خبرون آهن، جيڪي اسان توکي وحيءَ جي ذريعي ٻڌايون ٿا ۽ تون ته ان وقت اتي موجود نه هئين، جڏهن هيڪل جي مجاورن اهو فيصلو ڪرڻ لاءِ ته مريم جو سنڀاليندڙ ڪير ٿئي، پنهنجا پنهنجا قلم پئي اڇلايا، ۽ نڪي تون ان وقت موجود هئين، جڏهن انهن پاڻ ۾ جهڳڙو پئي ڪيو |
إِذ قالَتِ المَلٰئِكَةُ يٰمَريَمُ إِنَّ اللَّهَ يُبَشِّرُكِ بِكَلِمَةٍ مِنهُ اسمُهُ المَسيحُ عيسَى ابنُ مَريَمَ وَجيهًا فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَمِنَ المُقَرَّبينَ (آيت : 45) |
۽ جڏهن ملائڪن چيو: "اي مريم! الله توکي پنهنجي هڪ فرمان جي خوشخبري ڏئي ٿو، ان جو نالو مسيح عيسيٰ پٽ مريم هوندو، دنيا ۽ آخرت ۾ وڏيءَ عزت وارو هوندو. الله جي ويجهن ٻانهن مان ليکيو ويندو |
وَيُكَلِّمُ النّاسَ فِى المَهدِ وَكَهلًا وَمِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 46) |
ماڻهن سان پينگهي ۾ به ڳالهائيندو ۽ وڏيءَ عمر کي پهچي به، ۽ هو هڪ صالح شخص هوندو" |
قالَت رَبِّ أَنّىٰ يَكونُ لى وَلَدٌ وَلَم يَمسَسنى بَشَرٌ قالَ كَذٰلِكِ اللَّهُ يَخلُقُ ما يَشاءُ إِذا قَضىٰ أَمرًا فَإِنَّما يَقولُ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 47) |
اهو ٻڌي مريم چيو، "رب منهنجا! مون کي ٻار ڪٿان ٿيندو، مون کي ته ڪنهن انسان هٿ ئي نه لاتو آهي". جواب مليس، "ائين ٿي رهندو، الله ته جيڪي وڻيس سو خلقي سگهي ٿو. هو جڏهن ڪنهن ڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪندو آهي ته رڳو چوندو آهي ته، ٿي پئه ۽ اهو ٿي پوندو آهي.“ |
وَيُعَلِّمُهُ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَالتَّورىٰةَ وَالإِنجيلَ (آيت : 48) |
(فرشتن چيو) "۽ الله ان کي ڪتاب ۽ حڪمت جي تعليم ڏيندو. تورات ۽ انجيل وارو علم سيکاريندو |
وَرَسولًا إِلىٰ بَنى إِسرٰءيلَ أَنّى قَد جِئتُكُم بِـٔايَةٍ مِن رَبِّكُم أَنّى أَخلُقُ لَكُم مِنَ الطّينِ كَهَيـَٔةِ الطَّيرِ فَأَنفُخُ فيهِ فَيَكونُ طَيرًا بِإِذنِ اللَّهِ وَأُبرِئُ الأَكمَهَ وَالأَبرَصَ وَأُحىِ المَوتىٰ بِإِذنِ اللَّهِ وَأُنَبِّئُكُم بِما تَأكُلونَ وَما تَدَّخِرونَ فى بُيوتِكُم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لَكُم إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 49) |
۽ بني اسرائيل ڏانهن پنهنجو رسول ڪري اماڻيندو". (۽ جڏهن هو رسول بڻجي بني اسرائيل وٽ آيو ته چيائين ته) "مان توهان جي رب وٽان توهان ڏي نشاني کڻي آيو آهيان، مان توهان جي آڏو مٽيءَ مان پکيءَ جي شڪل جو بوتو بڻائي ان ۾ ڦوڪ ٿو ڏيان ته اهو الله جي حڪم سان پکي ٿي پوي ٿو. مان الله جي حڪم سان ڄائي ڄم جي انڌي کي سڄو ۽ ڪوڙهه واري کي چڱو ڀلو ٿو ڪريان ۽ سندس حڪم سان مئن کي جيئرو ٿو ڪريان، مان توهان کي ٻڌايان ٿو ته توهان ڇا ٿا کائو ۽ پنهنجن گهرن ۾ ڇا گڏ ڪري رکيو اٿوَ، ان ۾ توهان جي لاءِ ڪافي نشاني آهي، جيڪڏهن توهان ايمان آڻڻ وارا آهيو |
وَمُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَىَّ مِنَ التَّورىٰةِ وَلِأُحِلَّ لَكُم بَعضَ الَّذى حُرِّمَ عَلَيكُم وَجِئتُكُم بِـٔايَةٍ مِن رَبِّكُم فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 50) |
۽ مان انهيءَ تعليم ۽ هدايت جو تصديق ڪندڙ ٿي آيو آهيان، جيڪا تورات مان هن وقت منهنجي سامهون موجود آهي ۽ ان لاءِ آيو آهيان ته توهان لاءِ ڪن انهن شين کي حلال بڻايان، جيڪي توهان تي حرام ڪيون ويون آهن، ڏسو مان توهان جي رب جي طرفان توهان وٽ نشاني کڻي آيو آهيان، تنهنڪري الله کان ڊڄو ۽ منهنجي تابعداري ڪريو |
إِنَّ اللَّهَ رَبّى وَرَبُّكُم فَاعبُدوهُ هٰذا صِرٰطٌ مُستَقيمٌ (آيت : 51) |
الله منهنجو به رب آهي ۽ توهان جو به رب آهي، ان ڪري توهان سندس ٻانهپ اختيار ڪريو، اهوئي سڌو رستو آهي" |
فَلَمّا أَحَسَّ عيسىٰ مِنهُمُ الكُفرَ قالَ مَن أَنصارى إِلَى اللَّهِ قالَ الحَوارِيّونَ نَحنُ أَنصارُ اللَّهِ ءامَنّا بِاللَّهِ وَاشهَد بِأَنّا مُسلِمونَ (آيت : 52) |
جڏهن عيسيٰ محسوس ڪيو ته بني اسرائيل ته ڪفر ۽ انڪار تي ئي بيٺا آهن ته چيائين: "ڪير ٿو الله جي راهه ۾ منهنجو مددگار ٿئي؟" حوارين جواب ڏنو، "اسان آهيون الله جا مددگار، اسان الله تي ايمان آندو، شاهد ٿجانءِ ته اسان مسلم (الله جي آڏو تابعداريءَ ۾ سر نوائڻ وارا) آهيون |
رَبَّنا ءامَنّا بِما أَنزَلتَ وَاتَّبَعنَا الرَّسولَ فَاكتُبنا مَعَ الشّٰهِدينَ (آيت : 53) |
اي اسان جا رب! جيڪو فرمان تو نازل ڪيو آهي، اسان ان کي مڃيوسون ۽ رسول جي تابعداري قبول ڪئي، اسان جو نالو به شاهدي ڏيڻ وارن ۾ لکي ڇڏ" |
وَمَكَروا وَمَكَرَ اللَّهُ وَاللَّهُ خَيرُ المٰكِرينَ (آيت : 54) |
پوءِ بني اسرائيل (مسيح جي خلاف) رٿون رٿڻ لڳا. موٽ ۾ الله به ڳجهي رٿ رٿي ۽ اهڙين رٿن رٿڻ ۾ الله سڀني کان زور آهي |
إِذ قالَ اللَّهُ يٰعيسىٰ إِنّى مُتَوَفّيكَ وَرافِعُكَ إِلَىَّ وَمُطَهِّرُكَ مِنَ الَّذينَ كَفَروا وَجاعِلُ الَّذينَ اتَّبَعوكَ فَوقَ الَّذينَ كَفَروا إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ ثُمَّ إِلَىَّ مَرجِعُكُم فَأَحكُمُ بَينَكُم فيما كُنتُم فيهِ تَختَلِفونَ (آيت : 55) |
(اها الله جي ڳجهي تدبير ئي هئي) جڏهن چيائين، "اي عيسيٰ هاڻي مان توکي واپس گهرائي وٺندس ۽ توکي پاڻ ڏانهن کڻي وٺندس ۽ جن تنهنجو انڪار ڪيو آهي انهن کان (يعني انهن سان گڏ گندي ماحول ۾ رهڻ کان) توکي پاڪ ڪندس ۽ تنهنجي تابعداري ڪرڻ وارن کي قيامت تائين انهن ماڻهن تي مٿانهون رکندس، جن تنهنجو انڪار ڪيو آهي. پوءِ توهان مڙني کي نيٺ مون وٽ اچڻو آهي، ان وقت مان انهن ڳالهين جو فيصلو ڪري ڇڏيندس، جن بابت توهان ۾ اختلاف پيدا ٿيو آهي |
فَأَمَّا الَّذينَ كَفَروا فَأُعَذِّبُهُم عَذابًا شَديدًا فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَما لَهُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 56) |
جن ماڻهن ڪفر ۽ انڪار واري روش اختيار ڪئي آهي، تن کي دنيا توڙي آخرت ٻنهي ۾ سخت سزا ڏيندس ۽ ڪوبه سندن مدگار نه هوندو |
وَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَيُوَفّيهِم أُجورَهُم وَاللَّهُ لا يُحِبُّ الظّٰلِمينَ (آيت : 57) |
۽ جن ايمان آڻڻ ۽ نيڪ عمل ڪرڻ واري واٽ ورتي آهي، تن کي سندن اجر پوري جو پورو ملندو ۽ (ڄاڻي ڇڏيو ته) الله ظالمن سان ڪڏهن به محبت نه ڪندو آهي" |
ذٰلِكَ نَتلوهُ عَلَيكَ مِنَ الءايٰتِ وَالذِّكرِ الحَكيمِ (آيت : 58) |
اي نبي! هي آيتون ۽ حڪمت ڀريل بيان آهن، جيڪي اسان توکي ٻڌائي رهيا آهيون |
إِنَّ مَثَلَ عيسىٰ عِندَ اللَّهِ كَمَثَلِ ءادَمَ خَلَقَهُ مِن تُرابٍ ثُمَّ قالَ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 59) |
الله جي نظر ۾ عيسيٰ جو مثال آدم وانگر آهي، جو الله کيس مٽيءَ مان پيدا ڪيو، پوءِ حڪم ڪيائينس ته: "ٿيءُ" ۽ اهو ٿي پيو |
الحَقُّ مِن رَبِّكَ فَلا تَكُن مِنَ المُمتَرينَ (آيت : 60) |
اهائي آهي اصل حقيقت جيڪا تنهنجي رب طرفان ٻڌائي پئي وڃي ۽ تون انهن ماڻهن مان نه ٿجانءِ، جيڪي انهيءَ ڳالهه ۾ شڪ ٿا ڪن. |
فَمَن حاجَّكَ فيهِ مِن بَعدِ ما جاءَكَ مِنَ العِلمِ فَقُل تَعالَوا نَدعُ أَبناءَنا وَأَبناءَكُم وَنِساءَنا وَنِساءَكُم وَأَنفُسَنا وَأَنفُسَكُم ثُمَّ نَبتَهِل فَنَجعَل لَعنَتَ اللَّهِ عَلَى الكٰذِبينَ (آيت : 61) |
اهو علم تو وٽ اچي وڃڻ کان پوءِ هاڻي جي ڪو توسان انهيءَ باري ۾ جهڳڙو ڪري ته اي نبي! چويس ته "اچو، اسان ۽ توهان پاڻ به اچون ۽ پنهنجن ٻارن ٻچن کي به وٺي اچون ۽ الله کان دعا گهرون ته جيڪو ڪوڙو هجي، انهيءَ تي الله جي لعنت پوي" |
إِنَّ هٰذا لَهُوَ القَصَصُ الحَقُّ وَما مِن إِلٰهٍ إِلَّا اللَّهُ وَإِنَّ اللَّهَ لَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 62) |
اهي بالڪل صحيح واقعا آهن ۽ حقيقت اها آهي ته الله کانسواءِ ٻيو ڪوبه خدا ڪونهي ۽ اها الله جي ئي هستي آهي، جنهن جي طاقت سڀني کان زور آهي ۽ جنهن جي حڪمت سان پيو ٿو دنيا جو چرخو هلي |
فَإِن تَوَلَّوا فَإِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِالمُفسِدينَ (آيت : 63) |
جيڪڏهن اهي ماڻهو (انهيءَ شرط سان مقابلي ۾ اچڻ کان) منهن موڙيندا (ته سندن فسادي هجڻ ظاهر ٿي پوندو) پوءِ الله ته فساد برپا ڪندڙن جي حالت کان واقف ئي آهي |
قُل يٰأَهلَ الكِتٰبِ تَعالَوا إِلىٰ كَلِمَةٍ سَواءٍ بَينَنا وَبَينَكُم أَلّا نَعبُدَ إِلَّا اللَّهَ وَلا نُشرِكَ بِهِ شَيـًٔا وَلا يَتَّخِذَ بَعضُنا بَعضًا أَربابًا مِن دونِ اللَّهِ فَإِن تَوَلَّوا فَقولُوا اشهَدوا بِأَنّا مُسلِمونَ (آيت : 64) |
اي نبي چؤ! "اي اهل ڪتاب! اچو هڪ اهڙيءَ ڳالهه ڏانهن جيڪا اسان جي ۽ توهان جي وچ ۾ ساڳئي آهي، اها ڳالهه ته اسان الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي به ٻانهپ نه ڪريون، ساڻس ڪنهن کي به شريڪ نه ڪريون ۽ اسان مان ڪوبه الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به پنهنجو رب نه بڻائي". انهيءَ دعوت کي قبول ڪرڻ کان جيڪڏهن هو منهن موڙين ته کولي چوين ته شاهد ٿجو، اسان ته مسلم (رڳو الله جي ٻانهپ ۽ تابعداري ڪرڻ وارا) آهيون |
يٰأَهلَ الكِتٰبِ لِمَ تُحاجّونَ فى إِبرٰهيمَ وَما أُنزِلَتِ التَّورىٰةُ وَالإِنجيلُ إِلّا مِن بَعدِهِ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 65) |
اي اهل ڪتاب! توهان ابراهيم جي باري ۾ اسان سان ڇو ٿا جهڳڙو ڪيو؟ تورات ۽ انجيل ته ابراهيم کان پوءِ ئي نازل ٿيا آهن، پوءِ ايترو به نٿا سمجهو؟ |
هٰأَنتُم هٰؤُلاءِ حٰجَجتُم فيما لَكُم بِهِ عِلمٌ فَلِمَ تُحاجّونَ فيما لَيسَ لَكُم بِهِ عِلمٌ وَاللَّهُ يَعلَمُ وَأَنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 66) |
توهان کي جن ڳالهين جو علم آهي، انهن بابت ته خوب بحث ڪري چڪا آهيو. هاڻي انهن معاملن بابت ڇا لاءِ ٿا بحث ڪريو، جن بابت توهان کي ڪا ڄاڻ ئي ڪانهي، الله ئي ٿو ڄاڻي توهان نٿا ڄاڻو |
ما كانَ إِبرٰهيمُ يَهودِيًّا وَلا نَصرانِيًّا وَلٰكِن كانَ حَنيفًا مُسلِمًا وَما كانَ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 67) |
ابراهيم ته نڪي يهودي هو ۽ نه عيسائي، بلڪه هو ته ٻيا سڀ در ڇڏي مسلم بڻجي ويل هو ۽ هو ڪڏهن به مشرڪن مان نه هو |
إِنَّ أَولَى النّاسِ بِإِبرٰهيمَ لَلَّذينَ اتَّبَعوهُ وَهٰذَا النَّبِىُّ وَالَّذينَ ءامَنوا وَاللَّهُ وَلِىُّ المُؤمِنينَ (آيت : 68) |
ابراهيم سان واسطيدار هجڻ جو سڀني کان وڌيڪ حق جي ڪنهن کي آهي ته انهن کي ئي آهي، جن سندس پيروي ڪئي ۽ هينئر هيءُ نبي ۽ سندس مڃڻ وارا انهيءَ ڳالهه جا وڌيڪ حقدار آهن. الله ته فقط انهن جو حامي ۽ مددگار آهي جيڪي مؤمن آهن |
وَدَّت طائِفَةٌ مِن أَهلِ الكِتٰبِ لَو يُضِلّونَكُم وَما يُضِلّونَ إِلّا أَنفُسَهُم وَما يَشعُرونَ (آيت : 69) |
(اي ايمان آڻڻ وارؤ) اهل ڪتاب مان هڪ ٽولو چاهي ٿو ته ڪنهن طرح توهان کي سنئينءَ واٽ کان ٿـيڙي ڇڏي حالانڪه حقيقت ۾ هو پنهنجو پاڻ کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي به گمراهيءَ ۾ نه وجهي رهيا آهن پر کين ان ڳالهه جي سمجهه ڪانهي |
يٰأَهلَ الكِتٰبِ لِمَ تَكفُرونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَأَنتُم تَشهَدونَ (آيت : 70) |
اي اهل ڪتاب!ڇو ٿا الله جي آيتن جو انڪار ڪريو، حالانڪه توهان پاڻ ئي ٿا پيا شاهدي ڏيو |
يٰأَهلَ الكِتٰبِ لِمَ تَلبِسونَ الحَقَّ بِالبٰطِلِ وَتَكتُمونَ الحَقَّ وَأَنتُم تَعلَمونَ (آيت : 71) |
اي اهل ڪتاب، ڇو ٿا حق تي باطل جو پوش چاڙهي حق کي شڪي بڻايو ۽ ڇو ٿا پيا ڄاڻي واڻي حق کي لڪايو؟ |
وَقالَت طائِفَةٌ مِن أَهلِ الكِتٰبِ ءامِنوا بِالَّذى أُنزِلَ عَلَى الَّذينَ ءامَنوا وَجهَ النَّهارِ وَاكفُروا ءاخِرَهُ لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 72) |
اهل ڪتاب مان هڪڙو ٽولو چوي ٿو ته هن نبيءَ جي مڃڻ وارن تي جيڪو نازل ٿيو آهي ان تي صبح جو ايمان آڻي شام جو انڪار ڪريو ته مــَـنَ ائين ڪو اهي ماڻهو پنهنجي ايمان کان ڦري وڃن |
وَلا تُؤمِنوا إِلّا لِمَن تَبِعَ دينَكُم قُل إِنَّ الهُدىٰ هُدَى اللَّهِ أَن يُؤتىٰ أَحَدٌ مِثلَ ما أوتيتُم أَو يُحاجّوكُم عِندَ رَبِّكُم قُل إِنَّ الفَضلَ بِيَدِ اللَّهِ يُؤتيهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 73) |
وري پاڻ ۾ چون ٿا ته پنهنجي مذهب واري کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي به ڳالهه نه مڃو، اي نبي! چوين ته "حقيقت ۾ هدايت ته آهي ئي الله واري هدايت ۽ اها انهيءَ جي ئي ڏات آهي، جو ڪنهن کي اهوئي ڏنو وڃي، جيڪو ڪنهن وقت توهان کي ڏنو ويو هو، يا وري ٻين کي توهانجي رب آڏو پيش ڪرڻ لاءِ توهان جي خلاف ڪو مضبوط دليل ملي وڃي". اي نبي! چوين ته "فضل ۽ مرتبو ته الله جي هٿ ۾ آهي، جنهن کي وڻيس عطا ڪري، هو ڪشادي نظر وارو آهي ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو |
يَختَصُّ بِرَحمَتِهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ ذُو الفَضلِ العَظيمِ (آيت : 74) |
پنهنجي رحمت لاءِ جنهن کي چاهي مخصوص ڪري ڇڏي ٿو ۽ سندس فضل تمام وڏو آهي" |
وَمِن أَهلِ الكِتٰبِ مَن إِن تَأمَنهُ بِقِنطارٍ يُؤَدِّهِ إِلَيكَ وَمِنهُم مَن إِن تَأمَنهُ بِدينارٍ لا يُؤَدِّهِ إِلَيكَ إِلّا ما دُمتَ عَلَيهِ قائِمًا ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قالوا لَيسَ عَلَينا فِى الأُمِّيّۦنَ سَبيلٌ وَيَقولونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 75) |
اهل ڪتاب مان ڪو ته اهڙو آهي جو جيڪڏهن تون مٿس اعتماد ڪري دولت جو ڍڳ به حوالي ڪندين ته به هو تنهنجو مال واپس ادا ڪندو ۽ ڪنهن جي حالت وري اها آهي، جو جيڪڏهن تون هڪڙو دينار به امانت رکينس ته واپس نه ڪندو، سواءِ ان جي جو تون سندس سر تي سوار ٿي بيهين. انهن جي انهيءَ اخلاقي حالت جو سبب اهو آهي ته هو چون ٿا ته "اُمين" (غير يهودين) جي معاملي ۾ اسان کي ڪوبه حساب ڏيڻو ناهي" ۽ اها ڳالهه پاڻ گهڙي الله تي ٿا هڻن، توڻي جو ڄاڻن ٿا (ته الله اهڙي ڪابه ڳالهه نه چئي آهي) |
بَلىٰ مَن أَوفىٰ بِعَهدِهِ وَاتَّقىٰ فَإِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُتَّقينَ (آيت : 76) |
ڀلا ڇونه حساب ڏيندا؟ جيڪو به پنهنجي قول کي پاڙيندو ۽ پاڻ کي گناهن کان بچائيندو، اهو الله جو پيارو ٿيندو، ڇو جو الله پرهيزگارن کي پسند ڪندو آهي |
إِنَّ الَّذينَ يَشتَرونَ بِعَهدِ اللَّهِ وَأَيمٰنِهِم ثَمَنًا قَليلًا أُولٰئِكَ لا خَلٰقَ لَهُم فِى الءاخِرَةِ وَلا يُكَلِّمُهُمُ اللَّهُ وَلا يَنظُرُ إِلَيهِم يَومَ القِيٰمَةِ وَلا يُزَكّيهِم وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 77) |
باقي جيڪي ماڻهو الله سان ڪيل قول ۽ پنهنجن کنيل قَسمن کي ٿورڙيءَ قيمت تي وڪڻي ڇڏين ٿا ته انهن لاءِ آخرت ۾ ڪوبه حصو ڪونهي، الله قيامت جي ڏينهن نڪي انهن سان ڳالهائيندو ۽ نه انهن ڏانهن نظر ڪندو ۽ نه وري کين پاڪ ڪندو، بلڪه انهن لاءِ ڏاڍي دردناڪ سزا آهي |
وَإِنَّ مِنهُم لَفَريقًا يَلوۥنَ أَلسِنَتَهُم بِالكِتٰبِ لِتَحسَبوهُ مِنَ الكِتٰبِ وَما هُوَ مِنَ الكِتٰبِ وَيَقولونَ هُوَ مِن عِندِ اللَّهِ وَما هُوَ مِن عِندِ اللَّهِ وَيَقولونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 78) |
انهن مان ڪي ماڻهو اهڙا آهن، جيڪي ڪتاب پڙهندي ائين ٿا زبان وچڙائين، جو تون ڀائيندين ته جيڪي پڙهن پيا اهو ڪتاب مان ئي آهي، هوڏانهن اهو ڪتاب مان نه هوندو آهي، هو چون ٿا ته اهو جيڪي اسان پڙهون پيا اهو الله جي طرفان آهي، حالانڪه اهو الله جي طرفان نه هوندو آهي. هو ڄاڻي واڻي ڪوڙي ڳالهه ٿا الله تي هڻن |
ما كانَ لِبَشَرٍ أَن يُؤتِيَهُ اللَّهُ الكِتٰبَ وَالحُكمَ وَالنُّبُوَّةَ ثُمَّ يَقولَ لِلنّاسِ كونوا عِبادًا لى مِن دونِ اللَّهِ وَلٰكِن كونوا رَبّٰنِيّۦنَ بِما كُنتُم تُعَلِّمونَ الكِتٰبَ وَبِما كُنتُم تَدرُسونَ (آيت : 79) |
ڪنهن به انسان لاءِ اهو روا نه آهي ته الله ته کيس ڪتاب ۽ حڪم ۽ نبوت عطا ڪري ۽ هو ماڻهن کي چوي ته الله جي بدران توهان منهنجا بندا ٿيو. هو ته اهوئي چوندو ته سچا رباني بنجي وڃو، جيئن انهيءَ ڪتاب جي تعليم جي تقاضا آهي، جنهن کي توهان پڙهو ۽ پڙهايو ٿا |
وَلا يَأمُرَكُم أَن تَتَّخِذُوا المَلٰئِكَةَ وَالنَّبِيّۦنَ أَربابًا أَيَأمُرُكُم بِالكُفرِ بَعدَ إِذ أَنتُم مُسلِمونَ (آيت : 80) |
اهو ته توهان کي ڪڏهن به نه چوندو ته فرشتن کي يا نبين کي پنهنجو رب بنايو. ڇا اهو ٿي سگهي ٿو ته ڪو نبي توهان کي ڪفر جو حڪم ڪري، جڏهن جو توهان مسلم هجو؟ |
وَإِذ أَخَذَ اللَّهُ ميثٰقَ النَّبِيّۦنَ لَما ءاتَيتُكُم مِن كِتٰبٍ وَحِكمَةٍ ثُمَّ جاءَكُم رَسولٌ مُصَدِّقٌ لِما مَعَكُم لَتُؤمِنُنَّ بِهِ وَلَتَنصُرُنَّهُ قالَ ءَأَقرَرتُم وَأَخَذتُم عَلىٰ ذٰلِكُم إِصرى قالوا أَقرَرنا قالَ فَاشهَدوا وَأَنا۠ مَعَكُم مِنَ الشّٰهِدينَ (آيت : 81) |
ياد ڪريو، جڏهن الله پيغمبرن کان وعدو ورتو هو ته، "اڄ مون توهان کي ڪتاب ۽ حڪمت سان نوازيو آهي، سڀاڻي جيڪڏهن ڪو ٻيو رسول توهان وٽ انهيءَ تعليم جي تصديق ڪندڙ ٿي اچي، جيڪا اڳيئي توهان وٽ موجود هجي ته توهان کي ان تي ايمان آڻڻو پوندو ۽ سندس مدد ڪرڻي پوندي". اهو فرمائي الله پــُـڇيو: "ڇا توهان انهيءَ جو اقرار ڪريو ٿا ۽ انهيءَ باري ۾ منهنجي طرفان وِڌلَ قول پاڙڻ جي ذميواريءَ جو بار کڻو ٿا؟" چيائون: "هائو اسان اقرار ڪريون ٿا". الله فرمايو: "چڱو توهان به شاهد ٿجو ۽ مان به توهان سان گڏ شاهد آهيان" |
فَمَن تَوَلّىٰ بَعدَ ذٰلِكَ فَأُولٰئِكَ هُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 82) |
هن کان پوءِ جيڪي پنهنجي قول کان ڦري ويا اهي ئي فاسق آهن |
أَفَغَيرَ دينِ اللَّهِ يَبغونَ وَلَهُ أَسلَمَ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ طَوعًا وَكَرهًا وَإِلَيهِ يُرجَعونَ (آيت : 83) |
ڇا هاڻي اهي ماڻهو الله جي فرمانبرداريءَ جو طريقو (الله جو دين) ڇڏي ڪنهن ٻئي طريقي جي ڪڍ آهن؟ حالانڪه آسمانن ۽ زمين جون سموريون شيون رضا خوشيءَ سان يا لاچار الله جون ئي فرمانبردار (مسلم) آهن ۽ ڏانهس ئي سڀني کي موٽي هلڻو آهي |
قُل ءامَنّا بِاللَّهِ وَما أُنزِلَ عَلَينا وَما أُنزِلَ عَلىٰ إِبرٰهيمَ وَإِسمٰعيلَ وَإِسحٰقَ وَيَعقوبَ وَالأَسباطِ وَما أوتِىَ موسىٰ وَعيسىٰ وَالنَّبِيّونَ مِن رَبِّهِم لا نُفَرِّقُ بَينَ أَحَدٍ مِنهُم وَنَحنُ لَهُ مُسلِمونَ (آيت : 84) |
اي نبي! چؤ ته "اسان الله کي مڃون ٿا، انهيءَ تعليم کي مڃون ٿا، جيڪا اسان تي نازل ڪيل آهي ۽ انهيءَ تعليم کي به مڃون ٿا جيڪا ابراهيم، اسماعيل، اسحاق، يعقوب ۽ يعقوب جي اولاد تي نازل ٿي هئي ۽ انهن هدايتن تي به ايمان آڻيون ٿا، جيڪي موسيٰ ۽ عيسيٰ ۽ ٻين نبين کي سندن رب وٽان ڏنيون ويون هيون، اسان انهن جي وچ ۾ ڪوبه فرق نٿا ڪريون ۽ اسان الله جا تابعدار (مسلم) آهيون" |
وَمَن يَبتَغِ غَيرَ الإِسلٰمِ دينًا فَلَن يُقبَلَ مِنهُ وَهُوَ فِى الءاخِرَةِ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 85) |
جيڪو به ماڻهو انهيءَ فرمانبرداريءَ (اسلام) کانسواءِ ڪو ٻيو طريقو اختيار ڪرڻ گهرندو ته سندس اهو طريقو ڪڏهن به قبول نه ڪيو ويندو ۽ آخرت ۾ به هو وڏي خساري ۾ پوندو |
كَيفَ يَهدِى اللَّهُ قَومًا كَفَروا بَعدَ إيمٰنِهِم وَشَهِدوا أَنَّ الرَّسولَ حَقٌّ وَجاءَهُمُ البَيِّنٰتُ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 86) |
اهو ڪيئن ٿي ٿو سگهي ته الله اهڙن ماڻهن کي هدايت نصيب ڪري،جن ايمان جي نعمت ملڻ کانپوءِ وري ڪفر اختيار ڪيو،حالانڪه هو پاڻ اها شاهدي ڏئي چڪا آهن ته اهو رسول برحق آهي ۽ وٽن چٽيون نشانيون پڻ اچي چڪيون آهن. الله ظالمن کي ته هدايت نه ڏيندو آهي |
أُولٰئِكَ جَزاؤُهُم أَنَّ عَلَيهِم لَعنَةَ اللَّهِ وَالمَلٰئِكَةِ وَالنّاسِ أَجمَعينَ (آيت : 87) |
سندن ظلم جو صحيح بدلو اهوئي آهي، جو مٿن الله ۽ ملائڪن ۽ سڀني انسانن جي لعنت ٿيل آهي |
خٰلِدينَ فيها لا يُخَفَّفُ عَنهُمُ العَذابُ وَلا هُم يُنظَرونَ (آيت : 88) |
انهيءَ حالت ۾ هو هميشه رهندا، نه سندن سزا ۾ ڪا هلڪائي ٿيندي ۽ نڪي کين ڪا مهلت ڏني ويندي |
إِلَّا الَّذينَ تابوا مِن بَعدِ ذٰلِكَ وَأَصلَحوا فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 89) |
ها باقي اهي ماڻهو بچي سگهندا، جيڪي پوءِ تائب ٿي توبهه ڪري پاڻ کي سڌاريندا، الله ته بخشڻهار ۽ ٻاجهارو آهي |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا بَعدَ إيمٰنِهِم ثُمَّ ازدادوا كُفرًا لَن تُقبَلَ تَوبَتُهُم وَأُولٰئِكَ هُمُ الضّالّونَ (آيت : 90) |
پر جن ماڻهن ايمان آڻڻ کان پوءِ ڪفر اختيار ڪيو ۽ وري پنهنجي ڪفر ۾ ويا وڌندا، انهن جي توبهه هرگز قبول نه ٿيندي. اهڙا ماڻهو ته پڪا گمراهه آهن |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا وَماتوا وَهُم كُفّارٌ فَلَن يُقبَلَ مِن أَحَدِهِم مِلءُ الأَرضِ ذَهَبًا وَلَوِ افتَدىٰ بِهِ أُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ أَليمٌ وَما لَهُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 91) |
پڪ ڄاڻو ته جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو ۽ ڪفر جي حالت ۾ ئي دم ڏنائون، انهن مان ڪو جيڪڏهن پاڻ کي سزا کان بچائڻ لاءِ سڄي زمين جيترو سون عيوض ۾ ڏئي ته به اهو قبول نه ڪيو ويندس، اهڙن ماڻهن لاءِ دردناڪ سزا تيار ٿي پئي آهي ۽ کين ڪوبه مددگار نه ملندو |
لَن تَنالُوا البِرَّ حَتّىٰ تُنفِقوا مِمّا تُحِبّونَ وَما تُنفِقوا مِن شَيءٍ فَإِنَّ اللَّهَ بِهِ عَليمٌ (آيت : 92) |
توهان تيستائين نيڪيءَ کي نٿا پهچي سگهو جيستائين (الله جي واٽ ۾) پنهنجون اهي شيون خرچ نه ڪريو، جيڪي توهان کي پياريون آهن ۽ جيڪي به توهان خرچ ڪندؤ الله ان کان بي خبر نه هوندو |
كُلُّ الطَّعامِ كانَ حِلًّا لِبَنى إِسرٰءيلَ إِلّا ما حَرَّمَ إِسرٰءيلُ عَلىٰ نَفسِهِ مِن قَبلِ أَن تُنَزَّلَ التَّورىٰةُ قُل فَأتوا بِالتَّورىٰةِ فَاتلوها إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 93) |
کائڻ واريون اهي سموريون شيون (جيڪي شريعت محمديءَ ۾ حلال آهن) بني اسرائيل لاءِ به حلال هيون، باقي ڪي شيون اهڙيون به هيون، جيڪي تورات جي نازل ٿيڻ کان اڳ اسرائيل (حضرت يعقوب) پاڻ تي پاڻ ئي حرام ڪري ڇڏيون هيون. کين چؤ ته، "جيڪڏهن توهان (پنهنجي اعتراض ۾) سچا آهيو ته کڻي اچو تورات ۽ اچي ان کي پڙهو |
فَمَنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ مِن بَعدِ ذٰلِكَ فَأُولٰئِكَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 94) |
ان کانپوءِ به جيڪي ماڻهو پنهنجيون گهڙيل ڪوڙيون ڳالهيون الله تي هڻندا ته اهي ئي اصل ۾ ظالم آهن" |
قُل صَدَقَ اللَّهُ فَاتَّبِعوا مِلَّةَ إِبرٰهيمَ حَنيفًا وَما كانَ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 95) |
چؤ: الله جيڪو به فرمايو آهي، سچ فرمايو آهي. توهان ٻيا دَرَ ڇڏي ابراهيم جي ئي طريقي تي هلو ۽ ابراهيم ڪڏهن به شرڪ ڪندڙن مان نه هو |
إِنَّ أَوَّلَ بَيتٍ وُضِعَ لِلنّاسِ لَلَّذى بِبَكَّةَ مُبارَكًا وَهُدًى لِلعٰلَمينَ (آيت : 96) |
بيشڪ سڀ کان پهرين عبادت جي جاءِ جيڪا انسانن لاءِ جوڙي وئي، اُها اِها ئي آهي، جيڪا مڪي ۾ آهي. ان کي برڪت وارو ڪيو ويو ۽ ساري جهان لاءِ هدايت جو مرڪز بڻايو ويو |
فيهِ ءايٰتٌ بَيِّنٰتٌ مَقامُ إِبرٰهيمَ وَمَن دَخَلَهُ كانَ ءامِنًا وَلِلَّهِ عَلَى النّاسِ حِجُّ البَيتِ مَنِ استَطاعَ إِلَيهِ سَبيلًا وَمَن كَفَرَ فَإِنَّ اللَّهَ غَنِىٌّ عَنِ العٰلَمينَ (آيت : 97) |
منجهس پڌريون نشانيون آهن. ابراهيم جي عبادت ڪرڻ واري جاءِ آهي ۽ اها اهڙي آهي، جو جيڪو به ان ۾ داخل ٿيو ان کي امن ملي ويو. ماڻهن تي الله جو اهو حق آهي ته جنهن کي به انهيءَ گهر تائين پهچڻ جي طاقت هجي، اهو ان جو حج ڪري ۽ جيڪو انهيءَ حڪم تي هلڻ کان انڪار ڪندو ته ان کي معلوم هئڻ گهرجي ته الله کي سڄي جهان مان ڪنهن جي به ڪاڻ ڪانهي |
قُل يٰأَهلَ الكِتٰبِ لِمَ تَكفُرونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَاللَّهُ شَهيدٌ عَلىٰ ما تَعمَلونَ (آيت : 98) |
چؤ: اي اهل ڪتاب! توهان ڇو ٿا الله جون ڳالهيون مڃڻ کان انڪار ڪريو؟ جيڪي به حرڪتون توهان ڪريو پيا، الله سڀ ڪجهه ڏسي ٿو |
قُل يٰأَهلَ الكِتٰبِ لِمَ تَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ مَن ءامَنَ تَبغونَها عِوَجًا وَأَنتُم شُهَداءُ وَمَا اللَّهُ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 99) |
چؤ: اي اهل ڪتاب! توهان کي ڇا ٿيو آهي، جو جيڪو الله جي ڳالهه مڃي ٿو، ان کي به ٿا الله جي راهه کان روڪيو ۽ چاهيو ٿا ته اهو ڏِنگي واٽ وٺي، حالانڪه توهان پاڻ (ان جي سنئينءَ واٽ هئڻ جا) شاهد آهيو. توهان جي ڪرتوتن کان الله غافل نه آهي |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِن تُطيعوا فَريقًا مِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ يَرُدّوكُم بَعدَ إيمٰنِكُم كٰفِرينَ (آيت : 100) |
اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن توهان انهن اهل ڪتاب مان ڪنهن به ٽولي جي ڳالهه مڃي ته هو توهان کي ايمان کان ڦيرائي ڪفر ڏانهن موٽائيندا |
وَكَيفَ تَكفُرونَ وَأَنتُم تُتلىٰ عَلَيكُم ءايٰتُ اللَّهِ وَفيكُم رَسولُهُ وَمَن يَعتَصِم بِاللَّهِ فَقَد هُدِىَ إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 101) |
توهان لاءِ ڪفر ڏانهن وڃڻ جو هاڻي ڪهڙو سبب آهي، جڏهن ته توهان کي الله جون آيتون ٻڌايون ٿيون وڃن ۽ توهان ۾ سندس رسول موجود آهي؟ جيڪو الله جو دامن سوگهو جهليندو، اهو ضرور سنئين واٽ لهندو |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ حَقَّ تُقاتِهِ وَلا تَموتُنَّ إِلّا وَأَنتُم مُسلِمونَ (آيت : 102) |
اي ايمان وارؤ! الله کان ائين ڊڄو، جهڙو ان کان ڊڄڻ جو حق آهي ۽ توهان تي موت نه اچي مگر ان حالت ۾ ته توهان مسلمان هجو |
وَاعتَصِموا بِحَبلِ اللَّهِ جَميعًا وَلا تَفَرَّقوا وَاذكُروا نِعمَتَ اللَّهِ عَلَيكُم إِذ كُنتُم أَعداءً فَأَلَّفَ بَينَ قُلوبِكُم فَأَصبَحتُم بِنِعمَتِهِ إِخوٰنًا وَكُنتُم عَلىٰ شَفا حُفرَةٍ مِنَ النّارِ فَأَنقَذَكُم مِنها كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُم ءايٰتِهِ لَعَلَّكُم تَهتَدونَ (آيت : 103) |
سڀئي گڏجي الله جي رسيءَ کي قابو ڪري جهليو ۽ تفرقي بازيءَ ۾ نه پئو، الله جي انهيءَ احسان کي ياد ڪريو، جيڪو هن توهان تي ڪيو آهي. توهان هڪ ٻئي جا دشمن هيؤ، هن توهان جون دليون پاڻ ۾ ڳنڍيون ۽ سندس فضل ۽ ڪرم سان توهان پاڻ ۾ ڀائر بڻجي ويؤ، توهان باهه سان ڀريل کڏ جي ڪناري تي بيٺا هيؤ، الله توهان کي ان کان بچائي ورتو، اهڙيءَ ريت الله پنهنجيون نشانيون توهان جي آڏو پڌريون ٿو ڪري ته مــَـنَ انهن مان توهان کي پنهنجي فلاح وارو سڌو رستو هٿ اچي وڃي |
وَلتَكُن مِنكُم أُمَّةٌ يَدعونَ إِلَى الخَيرِ وَيَأمُرونَ بِالمَعروفِ وَيَنهَونَ عَنِ المُنكَرِ وَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 104) |
توهان ۾ ڪي ماڻهو ته ضرور اهڙا هئڻ گهرجن، جيڪي نيڪيءَ ڏانهن سڏين، ڀلائيءَ جو حڪم ڪن ۽ براين کان روڪيندا رهن، جيڪي ماڻهو اهي ڪم ڪندا، اهي ئي ڇوٽڪارو ماڻيندا |
وَلا تَكونوا كَالَّذينَ تَفَرَّقوا وَاختَلَفوا مِن بَعدِ ما جاءَهُمُ البَيِّنٰتُ وَأُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 105) |
متان انهن ماڻهن وانگر ٿيو جيڪي فـــِـرقا فرقا ٿي ويا ۽ چٽيون صاف هدايتون ملڻ کان پوءِ وري اختلافن ۾ پئجي ويا، اهڙن ئي ماڻهن لاءِ يقيناً وڏو عذاب آهي. |
يَومَ تَبيَضُّ وُجوهٌ وَتَسوَدُّ وُجوهٌ فَأَمَّا الَّذينَ اسوَدَّت وُجوهُهُم أَكَفَرتُم بَعدَ إيمٰنِكُم فَذوقُوا العَذابَ بِما كُنتُم تَكفُرونَ (آيت : 106) |
جڏهن ڪي منهن سرخرو هوندا ۽ ڪي منهن دانگي مليل هوندا. جن جا منهن ڪاراٺيل هوندا (انهن کي چيو ويندو ته) ڇا ايمان جي نعمت ملڻ کان پوءِ به توهان ڪفر واري هلت اختيار ڪئي؟ ته پوءِ هاڻي انهيءَ نعمت جي مڃوتي نه ڪرڻ ڪري عذاب جو مزو چکو |
وَأَمَّا الَّذينَ ابيَضَّت وُجوهُهُم فَفى رَحمَةِ اللَّهِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 107) |
باقي جن جا منهن چمڪندا هوندا انهن کي الله جي رحمت جي دامن ۾ جڳهه ملندي ۽ هو سدائين اتي ئي رهندا |
تِلكَ ءايٰتُ اللَّهِ نَتلوها عَلَيكَ بِالحَقِّ وَمَا اللَّهُ يُريدُ ظُلمًا لِلعٰلَمينَ (آيت : 108) |
اهي الله جا حڪم آهن، جيڪي اسان توکي کولي جيئن جو تيئن ٻڌايون ٿا، ڇو جو الله جو دنيا وارن تي ظلم ڪرڻ جو ڪوبه ارادو ڪونهي |
وَلِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَإِلَى اللَّهِ تُرجَعُ الأُمورُ (آيت : 109) |
آسمانن ۽ زمين جي سمورين شين جو مالڪ الله آهي ۽ سڀ معاملا الله جي ئي بارگاهه ۾ پيش ٿيندا آهن |
كُنتُم خَيرَ أُمَّةٍ أُخرِجَت لِلنّاسِ تَأمُرونَ بِالمَعروفِ وَتَنهَونَ عَنِ المُنكَرِ وَتُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَلَو ءامَنَ أَهلُ الكِتٰبِ لَكانَ خَيرًا لَهُم مِنهُمُ المُؤمِنونَ وَأَكثَرُهُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 110) |
هاڻي دنيا جو اهو سڀني کان ڀلو ٽولو توهان ئي آهيو، جن کي انسانن جي هدايت ۽ سڌاري لاءِ ميدان ۾ آندو ويو آهي. توهان نيڪيءَ جو حڪم ڪريو ٿا ۽ برائيءَ کان روڪيو ٿا ۽ توهان جو الله تي ايمان آهي. اهي اهل ڪتاب جيڪر ايمان آڻين ها ته انهن لاءِ ڏاڍو ڀلو هو. توڻي جو منجهانئن ڪي ماڻهو ايماندار به آهن پر سندن اڪثر ماڻهو نافرمان آهن |
لَن يَضُرّوكُم إِلّا أَذًى وَإِن يُقٰتِلوكُم يُوَلّوكُمُ الأَدبارَ ثُمَّ لا يُنصَرونَ (آيت : 111) |
اهي توهان کي ڪوبه نقصان پهچائي نه سگهندا، وڌ ۾ وڌ کڻي ٿورڙو ستائيندا، جيڪڏهن توهان سان وڙهندا ته پٺي ڏيئي ڀڄندا. پوءِ وري اهڙا بي وس ٿي پوندا، جو ڪٿان ڪا مدد ئي نه ملندن |
ضُرِبَت عَلَيهِمُ الذِّلَّةُ أَينَ ما ثُقِفوا إِلّا بِحَبلٍ مِنَ اللَّهِ وَحَبلٍ مِنَ النّاسِ وَباءو بِغَضَبٍ مِنَ اللَّهِ وَضُرِبَت عَلَيهِمُ المَسكَنَةُ ذٰلِكَ بِأَنَّهُم كانوا يَكفُرونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَيَقتُلونَ الأَنبِياءَ بِغَيرِ حَقٍّ ذٰلِكَ بِما عَصَوا وَكانوا يَعتَدونَ (آيت : 112) |
هي جتي به ڏٺا ويا مٿن ذلت جو چهبڪ وسيو، پر جي الله جي پناهه يا ماڻهن جو سهارو وٺڻ سان ڪو بچاءُ ٿين ته اها ٻي ڳالهه آهي، اهي الله جي غضب ۾ وڪوڙجي ويا آهن، مٿن سڃائي ۽ ڏتـڙيل حالت مڙهجي وئي آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿيو آهي، جو الله جي آيتن سان ڪفر پئي ڪيائون ۽ نبين کي ناحق قتل ڪيائون. اهو سڀ ڪجهه سندن نافرمانين ۽ حد کان لنگهي وڃڻ جو نتيجو آهي |
لَيسوا سَواءً مِن أَهلِ الكِتٰبِ أُمَّةٌ قائِمَةٌ يَتلونَ ءايٰتِ اللَّهِ ءاناءَ الَّيلِ وَهُم يَسجُدونَ (آيت : 113) |
مگر سڀئي اهل ڪتاب هڪجهڙا نه آهن، انهن ۾ ڪي اهڙا به آهن، جيڪي سڌي واٽ تي قائم آهن ۽ رات جو الله جون آيتون پڙهندا آهن ۽ سندس آڏو سجدا پيا ڪندا آهن |
يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَيَأمُرونَ بِالمَعروفِ وَيَنهَونَ عَنِ المُنكَرِ وَيُسٰرِعونَ فِى الخَيرٰتِ وَأُولٰئِكَ مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 114) |
الله ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان اٿن، نيڪيءَ جو حڪم ڪن ٿا، برائين کان روڪين ٿا ۽ ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ وک وڌائيندا رهن ٿا. اهي صالح ماڻهو آهن |
وَما يَفعَلوا مِن خَيرٍ فَلَن يُكفَروهُ وَاللَّهُ عَليمٌ بِالمُتَّقينَ (آيت : 115) |
۽ جيڪا نيڪي به اهي ڪندا، ان جي اجر کان محروم نه ٿيندا. الله ته پرهيزگارن کي خوب ڄاڻي ٿو |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا لَن تُغنِىَ عَنهُم أَموٰلُهُم وَلا أَولٰدُهُم مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا وَأُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 116) |
باقي جن ڪفر جي روش اختيار ڪئي ته الله جي مقابلي ۾ نڪي سندن مال ۽ دولت کين ڪنهن ڪم ايندي ۽ نه اولاد، هو ته باهه ۾ پوڻ وارا آهن ۽ هميشه باهه ۾ ئي پيا هوندا |
مَثَلُ ما يُنفِقونَ فى هٰذِهِ الحَيوٰةِ الدُّنيا كَمَثَلِ ريحٍ فيها صِرٌّ أَصابَت حَرثَ قَومٍ ظَلَموا أَنفُسَهُم فَأَهلَكَتهُ وَما ظَلَمَهُمُ اللَّهُ وَلٰكِن أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 117) |
جيڪي ڪجهه هو هن دنيا واري حياتيءَ ۾ خرچ ڪن ٿا، ان جو مثال ان هوا وانگر آهي، جنهن ۾ برف جهڙي ٿڌ هجي ۽ اها انهن ماڻهن جي پوک تي گــُـهلي جن پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪيو آهي ۽ ان کي ناس ڪري ڇڏي. الله ته مٿن ڪو ظلم نه ڪيو آهي پر حقيقت ۾ هو پنهنجي مٿان پاڻ ظلم ڪن ٿا |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّخِذوا بِطانَةً مِن دونِكُم لا يَألونَكُم خَبالًا وَدّوا ما عَنِتُّم قَد بَدَتِ البَغضاءُ مِن أَفوٰهِهِم وَما تُخفى صُدورُهُم أَكبَرُ قَد بَيَّنّا لَكُمُ الءايٰتِ إِن كُنتُم تَعقِلونَ (آيت : 118) |
اي ايمان آڻڻ وارؤ! پنهنجن (مسلمانن) کانسواءِ ٻين کي پنهنجو رازدان نه بڻايو جو هو توهان کي تباهيءَ ۾ وجهڻ واري ڪنهن به موقعي مان فائدو وٺڻ ۾ ڪين ٿا گهٽائين. توهان کي جنهن ڳالهه کان نقصان ٿو پهچي اهائي کين ڏاڍي پسند آهي، سندن اندر وارو بغض سندن واتن مان پيو ٿو بــَـکي ۽ جيڪو اندر ۾ سانڍيو اٿن، اهو ته اڃان به سخت آهي. اسان توهان کي صاف چٽيون هدايتون ڏئي ڇڏيون آهن، جيڪڏهن توهان کي عقل آهي (ته انهن سان واسطو رکڻ ۾ احتياط ڪندؤ) |
هٰأَنتُم أُولاءِ تُحِبّونَهُم وَلا يُحِبّونَكُم وَتُؤمِنونَ بِالكِتٰبِ كُلِّهِ وَإِذا لَقوكُم قالوا ءامَنّا وَإِذا خَلَوا عَضّوا عَلَيكُمُ الأَنامِلَ مِنَ الغَيظِ قُل موتوا بِغَيظِكُم إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 119) |
توهان ته انهن سان محبت ٿا ڪريو مگر هو توهان سان محبت نٿا ڪن، حالانڪه توهان ته سڀني آسماني ڪتابن کي مڃيو ٿا. جڏهن هو توهان سان ملن ٿا ته چون ٿا ته اسان به (توهان جي رسول ۽ توهان جي ڪتاب کي) مڃيو آهي پر جڏهن جدا ٿين ٿا ته توهان جي خلاف سندن بغض ۽ ساڙ جي حالت اها آهي، جو پنهنجن آڱرين کي چـَـڪ ٿا پائين، چوين ته پنهنجي ڪاوڙ ۾ پاڻ ئي سڙي مرو. الله ته سينن جا ڳجهه به ڄاڻندڙ آهي |
إِن تَمسَسكُم حَسَنَةٌ تَسُؤهُم وَإِن تُصِبكُم سَيِّئَةٌ يَفرَحوا بِها وَإِن تَصبِروا وَتَتَّقوا لا يَضُرُّكُم كَيدُهُم شَيـًٔا إِنَّ اللَّهَ بِما يَعمَلونَ مُحيطٌ (آيت : 120) |
توهان جو ڪو ڀلو ٿئي ٿو ته انهن کي برو ٿو لڳي ۽ توهان تي ڪا مصيبت ٿي اچي ته ڏاڍا خوش ٿا ٿين، پر سندن ڪابه سٽيل ســِـٽ توهان جي خلاف ڪارگر ٿي نه سگهندي، پر شرط اهو آهي ته توهان صبر کان ڪم وٺو ۽ الله کان ڊڄي ڪم ڪندا رهو. جيڪو ڪجهه اهي ڪن ٿا الله ان کي گهيرو ڪندڙ (ڄاڻندڙ) آهي |
وَإِذ غَدَوتَ مِن أَهلِكَ تُبَوِّئُ المُؤمِنينَ مَقٰعِدَ لِلقِتالِ وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 121) |
(اي نبي! مسلمانن آڏو اهو واقعو بيان ڪر) جڏهن تون صبح سوير ئي پنهنجي گهر کان نڪري پيو هئين ۽ (احد جي ميدان ۾) مسلمانن کي جنگ لاءِ پئي هتي هـُـتي بيهاريئي. الله سڀ ڪجهه ٻڌي ٿو ۽ هو ڏاڍو باخبر آهي |
إِذ هَمَّت طائِفَتانِ مِنكُم أَن تَفشَلا وَاللَّهُ وَلِيُّهُما وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 122) |
ياد ڪريو! جڏهن توهان مان ٻه ٽولا بزدلي ڏيکارڻ وارا هئا. حالانڪه الله سندن مدد لاءِ موجود هو ۽ مؤمنن کي ته الله تي ئي ڀروسو ڪرڻ کپي |
وَلَقَد نَصَرَكُمُ اللَّهُ بِبَدرٍ وَأَنتُم أَذِلَّةٌ فَاتَّقُوا اللَّهَ لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 123) |
آخر انهيءَ کان اڳ بدر جي جنگ ۾ به ته الله توهان جي مدد ڪري چڪو هو، توڻي جو تڏهن ته توهان ڏاڍا ڪمزور هيؤ، تنهنڪري توهان کي گهرجي ته الله جي ناشڪريءَ کان بچو، اميد ته هاڻي توهان شڪرگذار بڻبؤ |
إِذ تَقولُ لِلمُؤمِنينَ أَلَن يَكفِيَكُم أَن يُمِدَّكُم رَبُّكُم بِثَلٰثَةِ ءالٰفٍ مِنَ المَلٰئِكَةِ مُنزَلينَ (آيت : 124) |
اي نبي! ياد ڪر جڏهن تون مؤمنن کي چئي رهيو هئين ته "ڇا توهان لاءِ اها ڳالهه ڪافي ناهي ته الله ٽي هزار ملائڪ لاهي توهان جي مدد ڪري؟" |
بَلىٰ إِن تَصبِروا وَتَتَّقوا وَيَأتوكُم مِن فَورِهِم هٰذا يُمدِدكُم رَبُّكُم بِخَمسَةِ ءالٰفٍ مِنَ المَلٰئِكَةِ مُسَوِّمينَ (آيت : 125) |
بيشڪ، جيڪڏهن توهان صبر ڪندؤ ۽ الله کان ڊڄي هلندؤ ته جنهن مهل دشمن توهان تي چڙهي ايندا، انهيءَ مهل توهان جو رب (ٽن هزارن نه) پنج هزار نشان لڳل ملائڪن سان توهان جي مدد ڪندو |
وَما جَعَلَهُ اللَّهُ إِلّا بُشرىٰ لَكُم وَلِتَطمَئِنَّ قُلوبُكُم بِهِ وَمَا النَّصرُ إِلّا مِن عِندِ اللَّهِ العَزيزِ الحَكيمِ (آيت : 126) |
اها ڳالهه الله توهان کي ان لاءِ ٻڌائي آهي ته توهان خوش ٿيو ۽ توهان جي دلين کي آٿت ملي. فتح ۽ نصرت جيڪا به آهي الله جي طرفان آهي، جيڪو وڏيءَ طاقت وارو ۽ دانا بينا آهي |
لِيَقطَعَ طَرَفًا مِنَ الَّذينَ كَفَروا أَو يَكبِتَهُم فَيَنقَلِبوا خائِبينَ (آيت : 127) |
(۽ اها مدد هو توهان کي ان ڪري ڏيندو) ته جيئن ڪفر تي هلڻ وارن جو هڪڙو بازو وڍي ڇڏي يا کين اهڙي ذليل شڪست ڏئي جو هو پنهنجي مقصد ۾ ناڪام ٿي پويان پير ڪري وڃن |
لَيسَ لَكَ مِنَ الأَمرِ شَيءٌ أَو يَتوبَ عَلَيهِم أَو يُعَذِّبَهُم فَإِنَّهُم ظٰلِمونَ (آيت : 128) |
(اي نبي!) فيصلي جي اختيارن ۾ تنهنجو ڪوبه دخل ڪونهي. الله کي ئي اختيار آهي ته معاف ڪرينِ يا سزا ڏئين، ڇو ته هو ظالم آهن |
وَلِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ يَغفِرُ لِمَن يَشاءُ وَيُعَذِّبُ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 129) |
آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪو ڪجهه به آهي، ان جو مالڪ الله آهي. جنهن کي وڻيس بخشي ڇڏي ۽ جنهن کي وڻيس عذاب ڏئي. الله ته معاف ڪندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَأكُلُوا الرِّبوٰا۟ أَضعٰفًا مُضٰعَفَةً وَاتَّقُوا اللَّهَ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 130) |
اي ايمان وارؤ! اهو وڌندڙ ۽ تمام مٿي چڙهندو ويندڙ وياج کائڻ ڇڏي ڏيو ۽ الله کان ڊڄو، اميد ته توهان فلاح ماڻيندا |
وَاتَّقُوا النّارَ الَّتى أُعِدَّت لِلكٰفِرينَ (آيت : 131) |
انهيءَ باهه کان پاڻ بچايو جيڪا ڪافرن لاءِ تيار ڪئي وئي آهي |
وَأَطيعُوا اللَّهَ وَالرَّسولَ لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 132) |
۽ الله ۽ رسول جي تابعداري ڪريو، اميد ته توهان تي رحم ڪيو ويندو |
وَسارِعوا إِلىٰ مَغفِرَةٍ مِن رَبِّكُم وَجَنَّةٍ عَرضُهَا السَّمٰوٰتُ وَالأَرضُ أُعِدَّت لِلمُتَّقينَ (آيت : 133) |
ڊوڙندا هلو انهيءَ واٽ تي جيڪا توهان جي رب جي بخشش ۽ انهيءَ جنت ڏانهن ٿي وڃي، جنهن جي ويڪر آسمانن ۽ زمين جيڏي آهي ۽ اها انهن الله کان ڊڄندڙن لاءِ تيار ڪئي وئي آهي |
الَّذينَ يُنفِقونَ فِى السَّرّاءِ وَالضَّرّاءِ وَالكٰظِمينَ الغَيظَ وَالعافينَ عَنِ النّاسِ وَاللَّهُ يُحِبُّ المُحسِنينَ (آيت : 134) |
جيڪي هر حالت ۾ پنهنجا مال خرچ ڪن ٿا، کڻي حالت سکي هجين يا ڏکي ۽ جيڪي ڪاوڙ مارين ٿا ۽ ٻين جا قصور معاف ٿا ڪري ڇڏين، اهڙا نيڪ ماڻهو الله کي ڏاڍا پسند آهن |
وَالَّذينَ إِذا فَعَلوا فٰحِشَةً أَو ظَلَموا أَنفُسَهُم ذَكَرُوا اللَّهَ فَاستَغفَروا لِذُنوبِهِم وَمَن يَغفِرُ الذُّنوبَ إِلَّا اللَّهُ وَلَم يُصِرّوا عَلىٰ ما فَعَلوا وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 135) |
۽ جيڪي اهڙا آهن جو جيڪڏهن ڪو بڇڙو ڪم کانئن ٿي پوي ٿو يا ڪو گناهه ڪري پنهنجي مٿان ظلم ڪري ٿا ويهن ته اتي ئي الله کين ياد اچي وڃي ٿو ۽ کانئس پنهنجي گناهن جي معافي ٿا گهرن ڇو جو الله کانسواءِ ٻيو ڪير آهي، جو گناهه معاف ڪري سگهي؟ ۽ هو ڪڏهن به ڄاڻي واڻي پنهنجي ڪئي تي ضد ڪري نٿا بيهن |
أُولٰئِكَ جَزاؤُهُم مَغفِرَةٌ مِن رَبِّهِم وَجَنّٰتٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَنِعمَ أَجرُ العٰمِلينَ (آيت : 136) |
اهڙن ماڻهن جو اجورو سندن رب وٽ اهو آهي جو هو کين معاف ڪري ڇڏيندو ۽ اهڙن باغن ۾ کين داخل ڪندو جن جي هيٺان نهرون پيون وهنديون ۽ هو اتي هميشه رهندا. ڪهڙو نه ڀلو آهي بدلو نيڪ عملن ڪرڻ وارن لاءِ |
قَد خَلَت مِن قَبلِكُم سُنَنٌ فَسيروا فِى الأَرضِ فَانظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُكَذِّبينَ (آيت : 137) |
توهان کان اڳ گهڻائي دور گذري چڪا آهن. زمين ۾ گهمي ڦري ڏسو ته انهن ماڻهن جي پڇاڙي ڇا ٿي جن (الله جي حڪمن ۽ هدايتن کي) ڪوڙو پئي سڏيو |
هٰذا بَيانٌ لِلنّاسِ وَهُدًى وَمَوعِظَةٌ لِلمُتَّقينَ (آيت : 138) |
اها ماڻهن لاءِ هڪڙي صاف ۽ چٽي تنبيهه آهي ۽ جيڪي الله کان ڊڄندا هوندا، انهن لاءِ هدايت ۽ نصيحت آهي |
وَلا تَهِنوا وَلا تَحزَنوا وَأَنتُمُ الأَعلَونَ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 139) |
دل نه لاهيو، ڏک نه ڪريو توهان ئي سوڀارا رهندؤ، جيڪڏهن توهان مؤمن آهيو |
إِن يَمسَسكُم قَرحٌ فَقَد مَسَّ القَومَ قَرحٌ مِثلُهُ وَتِلكَ الأَيّامُ نُداوِلُها بَينَ النّاسِ وَلِيَعلَمَ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا وَيَتَّخِذَ مِنكُم شُهَداءَ وَاللَّهُ لا يُحِبُّ الظّٰلِمينَ (آيت : 140) |
هن وقت جيڪڏهن توهان کي چوٽ آئي آهي ته هن کان اڳ اهڙي ئي چوٽ توهان جي مخالف ڌر کي به ته آئي هئي. اهي ته زماني جا لاها چاڙها آهن، جيڪي اسان هڪڙن ماڻهن کان ٻين ڏانهن پيا ڦيرايون گهيرايون. توهان تي اهو وقت ان ڪري آندو ويو هو جو الله اهو ڏسڻ پئي گهريو ته توهان مان سچا مؤمن ڪهڙا آهن ۽ انهن ماڻهن کي چونڊي الڳ ڪرڻ پئي گهريائين جيڪي سچ پچ (سچائيءَ جا) شاهد بڻجن. ڇو ته ظالم ماڻهو ته الله کي پسند ئي ناهن |
وَلِيُمَحِّصَ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا وَيَمحَقَ الكٰفِرينَ (آيت : 141) |
۽ الله انهيءَ پرک وسيلي ائين پئي گهريو ته مؤمنن کي الڳ ڪري ڪافرن کي ڪا چٿ ڪڍي |
أَم حَسِبتُم أَن تَدخُلُوا الجَنَّةَ وَلَمّا يَعلَمِ اللَّهُ الَّذينَ جٰهَدوا مِنكُم وَيَعلَمَ الصّٰبِرينَ (آيت : 142) |
توهان ائين کڻي سمجهيو آهي ڇا ته ائين ئي وڃي بهشت ۾ پوندؤ حالانڪه الله ته اڃان اهو ڏٺو ئي نه آهي ته توهان مان ڪير آهن، جيڪي سندس واٽ ۾ ساهه صدقي ڪرڻ وارا آهن ۽ ان خاطر صبر ڪرڻ وارا آهن |
وَلَقَد كُنتُم تَمَنَّونَ المَوتَ مِن قَبلِ أَن تَلقَوهُ فَقَد رَأَيتُموهُ وَأَنتُم تَنظُرونَ (آيت : 143) |
توهان ته پئي موت جي تمنا ڪئي پر اهو تڏهن هو جڏهن موت آڏو نه آيو هيوَ. چڱو، هاڻي ته آڏو اچي ويو اَٿوَ ۽ پيا ٿا اکين سان ڏسوسِ |
وَما مُحَمَّدٌ إِلّا رَسولٌ قَد خَلَت مِن قَبلِهِ الرُّسُلُ أَفَإِي۟ن ماتَ أَو قُتِلَ انقَلَبتُم عَلىٰ أَعقٰبِكُم وَمَن يَنقَلِب عَلىٰ عَقِبَيهِ فَلَن يَضُرَّ اللَّهَ شَيـًٔا وَسَيَجزِى اللَّهُ الشّٰكِرينَ (آيت : 144) |
محمد ان کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي ته هو هڪڙو رسول آهي، کانئس اڳ ڪيترائي رسول ٿي گذريا آهن، پوءِ ڀلا جيڪڏهن هو وفات ڪري وڃي يا قتل ٿي وڃي ته ڇا توهان کــُـڙين تي ڦري ويندؤ؟ ياد رکو! جيڪو پويان پير ڪندو اهو الله جو ته ڪو نقصان نه ڪندو. باقي جيڪي الله جا شڪر ڪندڙ ٻانها ٿي رهندا، انهن کي هو ضرور اجر ڏيندو |
وَما كانَ لِنَفسٍ أَن تَموتَ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ كِتٰبًا مُؤَجَّلًا وَمَن يُرِد ثَوابَ الدُّنيا نُؤتِهِ مِنها وَمَن يُرِد ثَوابَ الءاخِرَةِ نُؤتِهِ مِنها وَسَنَجزِى الشّٰكِرينَ (آيت : 145) |
ڪوبه ساهوارو الله جي حڪم کان سواءِ مري نٿو سگهي. موت جو وقت ته لکيل آهي. جيڪو ماڻهو دنيا جي اجوري خاطر ڪم ڪندو، ان کي اسان دنيا مان ئي ڏينداسون ۽ جيڪو آخرت جي ثواب لاءِ ڪم ڪندو، ان کي آخرت جو ثواب ملندو ۽ شڪر ڪندڙن کي اسان سندن اجورو ضرور ڏينداسون |
وَكَأَيِّن مِن نَبِىٍّ قٰتَلَ مَعَهُ رِبِّيّونَ كَثيرٌ فَما وَهَنوا لِما أَصابَهُم فى سَبيلِ اللَّهِ وَما ضَعُفوا وَمَا استَكانوا وَاللَّهُ يُحِبُّ الصّٰبِرينَ (آيت : 146) |
هن کان اڳ ڪيترائي نبي اهڙا ٿي گذريا آهن، جن سان گڏجي گهڻن ئي الله وارن جنگ ڪئي. الله جي واٽ ۾ جيڪي مصيبتون مٿن آيون انهن تي دل شڪستا نه ٿيا، نڪي ڪا ڪمزوري ڏيکاريائون ۽ نه وري (باطل جي آڏو) سر نوايائون. اهڙن ئي صبر ڪندڙن کي الله ڏاڍو پسند ڪندو آهي |
وَما كانَ قَولَهُم إِلّا أَن قالوا رَبَّنَا اغفِر لَنا ذُنوبَنا وَإِسرافَنا فى أَمرِنا وَثَبِّت أَقدامَنا وَانصُرنا عَلَى القَومِ الكٰفِرينَ (آيت : 147) |
انهن جي دعا بس اهائي هئي ته: "اي اسان جا رب! اسان جي غلطين ۽ ڪوتاهين کي معاف ڪر، اسان کي ثابت قدم رک ۽ ڪافرن جي مقابلي ۾ اسان جي مدد ڪر" |
فَـٔاتىٰهُمُ اللَّهُ ثَوابَ الدُّنيا وَحُسنَ ثَوابِ الءاخِرَةِ وَاللَّهُ يُحِبُّ المُحسِنينَ (آيت : 148) |
سو الله انهن کي دنيا جو ثواب به ڏنو ۽ ان کان وڌيڪ سٺو آخرت جو ثواب به عطا ڪيو. الله کي اهڙا ئي نيڪ عمل ڪندڙ ماڻهو وڻندا آهن" |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِن تُطيعُوا الَّذينَ كَفَروا يَرُدّوكُم عَلىٰ أَعقٰبِكُم فَتَنقَلِبوا خٰسِرينَ (آيت : 149) |
اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن توهان انهن ماڻهن جي چئي تي هلندؤ، جن ڪفر ڪيو آهي ته هو توهان کي پوئين پير ڦيرائي ويندا ۽ توهان وڃي ٽوٽي ۾ پوندؤ |
بَلِ اللَّهُ مَولىٰكُم وَهُوَ خَيرُ النّٰصِرينَ (آيت : 150) |
(انهن جون ڳالهيون غلط آهن) حقيقت اها آهي ته الله توهان جو ڀرجهلو ۽ واهرو آهي ۽ هو بهترين مدد ڪرڻ وارو آهي |
سَنُلقى فى قُلوبِ الَّذينَ كَفَرُوا الرُّعبَ بِما أَشرَكوا بِاللَّهِ ما لَم يُنَزِّل بِهِ سُلطٰنًا وَمَأوىٰهُمُ النّارُ وَبِئسَ مَثوَى الظّٰلِمينَ (آيت : 151) |
سگهوئي ائين ٿيندو جو اسان حق جو انڪار ڪندڙن جي دلين ۾ رعب ويهارينداسون، ڇو جو انهن اهڙن کي کڻي الله سان خدائيءَ ۾ ڀائيوار بڻايو آهي، جن جي ڀائيوار هجڻ بابت الله ڪابه سَـنَـدَ نازل نه ڪئي آهي. انهن جو آخري ٺڪاڻو جهنم آهي ۽ اهو ڏاڍو بڇڙو ٺڪاڻو آهي، جيڪو ظالمن کي نصيب ٿيندو |
وَلَقَد صَدَقَكُمُ اللَّهُ وَعدَهُ إِذ تَحُسّونَهُم بِإِذنِهِ حَتّىٰ إِذا فَشِلتُم وَتَنٰزَعتُم فِى الأَمرِ وَعَصَيتُم مِن بَعدِ ما أَرىٰكُم ما تُحِبّونَ مِنكُم مَن يُريدُ الدُّنيا وَمِنكُم مَن يُريدُ الءاخِرَةَ ثُمَّ صَرَفَكُم عَنهُم لِيَبتَلِيَكُم وَلَقَد عَفا عَنكُم وَاللَّهُ ذو فَضلٍ عَلَى المُؤمِنينَ (آيت : 152) |
الله (حمايت ۽ مدد جو) جيڪو وعدو توهان سان ڪيو هو، تنهن کي هن پوريءَ ريت پاڙيو، منڍ ۾ ته سندس حڪم سان توهان ئي پئي انهن کي قتل ڪيو، پر پوءِ جڏهن توهان ڪمزوري ڏيکاري ۽ پنهنجي ڪم ۾ هڪ ٻئي سان اختلاف ڪيوَ ۽ جيئن ئي الله توهان کي اها شيءِ ڏيکاري جنهن جي محبت ۾ توهان ڦاٿل هيؤ (يعني مال غنيمت) ته توهان پنهنجي سردار جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪري ويٺؤ، ڇو جو توهان مان ڪي ماڻهو دنيا جا طالبو هئا ته ڪي آخرت جا طلبيندڙ به هئا. ته پوءِ الله توهان کي ڪافرن جي مقابلي ۾ پٺي ڏيندڙ ڪيو ته جيئن توهان جي پرک لهي. سچي ڳالهه اها اٿوَ ته وري به الله توهان کي بخشي ئي ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته مؤمنن تي الله جي وڏي مهربانيءَ واري نظر آهي |
إِذ تُصعِدونَ وَلا تَلوۥنَ عَلىٰ أَحَدٍ وَالرَّسولُ يَدعوكُم فى أُخرىٰكُم فَأَثٰبَكُم غَمًّا بِغَمٍّ لِكَيلا تَحزَنوا عَلىٰ ما فاتَكُم وَلا ما أَصٰبَكُم وَاللَّهُ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 153) |
ياد ڪريو جڏهن توهان ڀڳا پئي ويؤ، پٺ ورائي ڪنهن ڏي ڏسڻ جو به توهان ۾ هوش نه هو ۽ رسول توهان جي پٺيان توهان کي سڏيندو رهيو، تڏهن توهان جي انهيءَ هلت جو بدلو الله توهان کي اهو ڏنو جو توهان کي ڏک مٿان ڏک ڏنائين، تان ته اڳتي لاءِ توهان کي اها سيکت ملي ته جيڪي به هٿان وڃايو يا جيڪا به مصيبت پلئه پايو، تنهن تي ڏک نه ڪريو. الله توهان جي سڀني عملن کان باخبر آهي |
ثُمَّ أَنزَلَ عَلَيكُم مِن بَعدِ الغَمِّ أَمَنَةً نُعاسًا يَغشىٰ طائِفَةً مِنكُم وَطائِفَةٌ قَد أَهَمَّتهُم أَنفُسُهُم يَظُنّونَ بِاللَّهِ غَيرَ الحَقِّ ظَنَّ الجٰهِلِيَّةِ يَقولونَ هَل لَنا مِنَ الأَمرِ مِن شَيءٍ قُل إِنَّ الأَمرَ كُلَّهُ لِلَّهِ يُخفونَ فى أَنفُسِهِم ما لا يُبدونَ لَكَ يَقولونَ لَو كانَ لَنا مِنَ الأَمرِ شَيءٌ ما قُتِلنا هٰهُنا قُل لَو كُنتُم فى بُيوتِكُم لَبَرَزَ الَّذينَ كُتِبَ عَلَيهِمُ القَتلُ إِلىٰ مَضاجِعِهِم وَلِيَبتَلِىَ اللَّهُ ما فى صُدورِكُم وَلِيُمَحِّصَ ما فى قُلوبِكُم وَاللَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 154) |
انهيءَ ڏک کان پوءِ وري الله توهان جي ڪن ماڻهن تي اهڙي اطمينان واري حالت وڌي جو هنن کي گهل (پنڪي) وٺي وئي. پر وري هڪڙو ٻيو ٽولو جنهن جي لاءِ ساري اهميت پنهنجي ذات جي ئي هئي، الله جي باري ۾ قسمين قسمين جا جاهليت وارا گمان ڪرڻ لڳا، جيڪي بلڪل حق جي خلاف هئا. اهي ماڻهو هاڻي چون ٿا ته "انهيءَ ڪم جي هلائڻ ۾ اسان جو به ڪو حصو آهي؟" چوينِ ته (ڪنهن جو به ڪو حصو ناهي) انهيءَ ڪم جا سمورا اختيار الله جي هٿ آهن، حقيقت ۾ اهي ماڻهو پنهنجي اندر ۾ جيڪا ڳالهه لڪايو ويٺا آهن سا توتي ظاهر نٿا ڪن. مطلب اهو اٿن ته "جيڪڏهن (اڳواڻيءَ وارن) اختيارن ۾ اسان جو به ڪو حصو هجي ها ته اتي نه ماريا وڃون ها". انهن کي چؤ ته، جيڪڏهن توهان پنهنجن گهرن ۾ به هجو ها ته به جن جو موت لکيل هو، اهي پاڻيهي پنهنجي قتل وارن هنڌن ڏانهن اچي نڪرن ها. اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿيو تان ته جيڪي جو توهان جي سينن ۾ سانڍيل آهي، الله ان کي آزمائي ۽ جيڪو کوٽُ توهان جي دلين ۾ آهي، انهيءَ جي ڇنڊڇاڻ ڪري ڇڏي. الله دلين جا حال چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو |
إِنَّ الَّذينَ تَوَلَّوا مِنكُم يَومَ التَقَى الجَمعانِ إِنَّمَا استَزَلَّهُمُ الشَّيطٰنُ بِبَعضِ ما كَسَبوا وَلَقَد عَفَا اللَّهُ عَنهُم إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ حَليمٌ (آيت : 155) |
توهان مان جيڪي ماڻهو مقابلي واري ڏينهن پٺي ڏئي ڀڳا هئا، انهن جي انهيءَ ڪوتاهيءَ جو سبب اهو هو جو شيطان انهن جي ڪن ڪمزورين سبب سندن پير لوڏي وڌا، الله ته کين معاف ڪري ڇڏيو. بيشڪ الله ڏاڍو معاف ڪندڙ ۽ بردبار آهي |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَكونوا كَالَّذينَ كَفَروا وَقالوا لِإِخوٰنِهِم إِذا ضَرَبوا فِى الأَرضِ أَو كانوا غُزًّى لَو كانوا عِندَنا ما ماتوا وَما قُتِلوا لِيَجعَلَ اللَّهُ ذٰلِكَ حَسرَةً فى قُلوبِهِم وَاللَّهُ يُحيۦ وَيُميتُ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 156) |
اي ايمان وارؤ! ڪافرن واريون ڳالهيون نه ڪريو. جن جا عزيز قريب جڏهن سفر تي وڃن ٿا يا جنگ ۾ شريڪ ٿين ٿا (۽ کين اتي ڪو حادثو پيش اچي ٿو) ته چون ٿا ته جيڪڏهن هو اسان وٽ هجن ها ته نه مرن ها ۽ نه مارجن ها. الله اهڙي قسم جي ڳالهين کي سندن دلين منجهه وڏيءَ حسرت ۽ ارمان جو سبب ٿو بڻائي، نه ته ڀلا مارڻ جيئارڻ وارو ته الله ئي آهي ۽ توهان جي سڀني حرڪتن تي هــُـو ئي نظر رکندڙ آهي |
وَلَئِن قُتِلتُم فى سَبيلِ اللَّهِ أَو مُتُّم لَمَغفِرَةٌ مِنَ اللَّهِ وَرَحمَةٌ خَيرٌ مِمّا يَجمَعونَ (آيت : 157) |
جيڪڏهن توهان الله جي راهه ۾ ماريا ويندؤ يا مرندؤ ته الله جي جيڪا بخشش ۽ رحمت اوهان کي ملندي اها انهن سڀني شين کان وڌيڪ سٺي آهي، جيڪي اهي ماڻهو گڏ ڪن ٿا |
وَلَئِن مُتُّم أَو قُتِلتُم لَإِلَى اللَّهِ تُحشَرونَ (آيت : 158) |
۽ کڻي توهان مئو يا مارجي ويؤ ته به هر حالت ۾ توهان سڀني کي ميڙجي سيڙجي هلڻو ته الله ڏانهن ئي آهي |
فَبِما رَحمَةٍ مِنَ اللَّهِ لِنتَ لَهُم وَلَو كُنتَ فَظًّا غَليظَ القَلبِ لَانفَضّوا مِن حَولِكَ فَاعفُ عَنهُم وَاستَغفِر لَهُم وَشاوِرهُم فِى الأَمرِ فَإِذا عَزَمتَ فَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُتَوَكِّلينَ (آيت : 159) |
(اي نبي!) اها ته الله جي وڏي رحمت آهي، جو تون انهن ماڻهن لاءِ ڏاڍو نرم ٿي پيو آهين، نه ته جيڪڏهن تون سخت مزاج ۽ سخت دل وارو هجين ها ته اهي سڀئي تنهنجو پاسو ئي ڇڏي هليا وڃن ها. انهن جا قصور معاف ڪر، انهن جي حق ۾ بخشش جي دعا گهر ۽ دين جي معاملن ۾ انهن سان به صلاح مشورو ڪندو ڪر. پوءِ جڏهن تون ڪنهن ڳالهه جو پڪو ارادو ڪري ڇڏين ته پوءِ الله تي ڀروسو رک. الله کي اهي ماڻهو ڏاڍا پسند آهن، جيڪي سندس ئي ڀروسي تي هلن ٿا |
إِن يَنصُركُمُ اللَّهُ فَلا غالِبَ لَكُم وَإِن يَخذُلكُم فَمَن ذَا الَّذى يَنصُرُكُم مِن بَعدِهِ وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 160) |
الله توهان جي مدد ڪرڻ وارو هجي ته پوءِ ڪنهن کي به طاقت ناهي جو توهان تي غالب ٿي سگهي ۽ جيڪڏهن هو توهان کي ڇڏي ڏئي ته پوءِ کانئس بعد ٻيو ڪير آهي جو توهان جي مدد ڪري سگهندو؟ جيڪي سچا مؤمن آهن تن کي الله تي ئي ڀروسو ڪرڻ گهرجي |
وَما كانَ لِنَبِىٍّ أَن يَغُلَّ وَمَن يَغلُل يَأتِ بِما غَلَّ يَومَ القِيٰمَةِ ثُمَّ تُوَفّىٰ كُلُّ نَفسٍ ما كَسَبَت وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 161) |
ڪنهن به نبيءَ جو اهو ڪم ناهي جو هو خيانت ڪري، ۽ جيڪو خيانت ڪندو ته اهو پنهنجي خيانت سوڌو قيامت جي ڏينهن اچي حاضر ٿيندو، پوءِ هر ڪنهن کي سندس ڪمائيءَ جو پورو پورو اجورو ملندو ۽ ڪنهن تي به ڪو ظلم نه ٿيندو |
أَفَمَنِ اتَّبَعَ رِضوٰنَ اللَّهِ كَمَن باءَ بِسَخَطٍ مِنَ اللَّهِ وَمَأوىٰهُ جَهَنَّمُ وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 162) |
ائين ڀلا ڪيئن ٿي ٿو سگهي ته جيڪو ماڻهو هميشه الله جي رضا تي هلڻ وارو هجي سو انهيءَ ماڻهو جيان هلت هلي، جيڪو الله جي غضب ۾ وڪوڙجي ويو ۽ جنهن جو آخري ماڳ جهنم ٿيندو، جيڪو ڏاڍو خراب ٺڪاڻو آهي؟ |
هُم دَرَجٰتٌ عِندَ اللَّهِ وَاللَّهُ بَصيرٌ بِما يَعمَلونَ (آيت : 163) |
الله وٽ ٻنهي قسمن جي ماڻهن جي وچ ۾ تمام گهڻو فرق آهي ۽ الله سڀني جي عملن تي نظر رکي ٿو |
لَقَد مَنَّ اللَّهُ عَلَى المُؤمِنينَ إِذ بَعَثَ فيهِم رَسولًا مِن أَنفُسِهِم يَتلوا عَلَيهِم ءايٰتِهِ وَيُزَكّيهِم وَيُعَلِّمُهُمُ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَإِن كانوا مِن قَبلُ لَفى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 164) |
حقيقت ۾ مؤمنن تي ته الله تمام وڏو فضل ڪيو آهي، جو انهن ۾ خود انهن مان ئي هڪ اهڙو نبي کڙو ڪيو اٿائين، جيڪو کين سندس آيتون ٻڌائي ٿو، سندن زندگين کي سنواري ٿو ۽ کين ڪتاب ۽ دانائيءَ جي ٿو تعليم ڏئي، نه ته هن کان اڳ ته اهي ئي ماڻهو پڌري گمراهيءَ ۾ پيل هئا |
أَوَلَمّا أَصٰبَتكُم مُصيبَةٌ قَد أَصَبتُم مِثلَيها قُلتُم أَنّىٰ هٰذا قُل هُوَ مِن عِندِ أَنفُسِكُم إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 165) |
۽ اها توهان جي ڪهڙي ڳالهه آهي، جو اڃان توهان تي مصيبت آئي ته چوڻ لڳؤ ته اها وري ڪٿان آئي؟ حالانڪه (جنگِ بدر ۾) ان کان ٻيڻي مصيبت توهان جي هٿان (مخالف ڌر تي) پئجي چڪي آهي. اي نبي! چوين ته اها مصيبت توهان جي پنهنجي آندل آهي، الله هر شيءِ تي قادر آهي |
وَما أَصٰبَكُم يَومَ التَقَى الجَمعانِ فَبِإِذنِ اللَّهِ وَلِيَعلَمَ المُؤمِنينَ (آيت : 166) |
جيڪو نقصان جنگ واري ڏينهن توهان کي رسيو، اهو الله جي حڪم سان هو ۽ ان ڪري هو ته الله ڏسي ته توهان مان مؤمن ڪير آهن |
وَلِيَعلَمَ الَّذينَ نافَقوا وَقيلَ لَهُم تَعالَوا قٰتِلوا فى سَبيلِ اللَّهِ أَوِ ادفَعوا قالوا لَو نَعلَمُ قِتالًا لَاتَّبَعنٰكُم هُم لِلكُفرِ يَومَئِذٍ أَقرَبُ مِنهُم لِلإيمٰنِ يَقولونَ بِأَفوٰهِهِم ما لَيسَ فى قُلوبِهِم وَاللَّهُ أَعلَمُ بِما يَكتُمونَ (آيت : 167) |
۽ منافق ڪير آهن. اهي منافق جو جڏهن کين چيو ويو ته "اچو الله جي راهه ۾ اچي جنگ ڪريو يا گهٽ ۾ گهٽ (پنهنجي شهر جو ئي) بچاءُ ڪريو" ته چوڻ لڳا ته "جيڪڏهن اسان کي خبر هجي ها ته جنگ لڳندي ته اسان ضرور توهان سان هلون ها". اها ڳالهه جڏهن پئي چيائون ته ان وقت هو ايمان جي ڀيٽ ۾ ڪفر کي وڌيڪ ويجها هئا. هو پنهنجن واتن سان اهي ڳالهيون ٿا ڪن جيڪي سندن دلين منجهه ناهن ۽ جيڪي هو دلين ۾ لڪائن ٿا، الله ان کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو |
الَّذينَ قالوا لِإِخوٰنِهِم وَقَعَدوا لَو أَطاعونا ما قُتِلوا قُل فَادرَءوا عَن أَنفُسِكُمُ المَوتَ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 168) |
هي اهي ماڻهو آهن، جيڪي پاڻ ته ويٺا رهيا ۽ سندن ڀائر جيڪي وڙهڻ ويا ۽ مارجي ويا، انهن جي باري ۾ چيائون ته جيڪڏهن هو اسان جي ڳالهه مڃين ها ته نه مارجن ها. چوين ته جيڪڏهن توهان پنهنجي انهيءَ ڳالهه ۾ سچا آهيو ته پوءِ توهان جو پنهنجو موت جڏهن اچي ته اهو ٽاري ڏيکارجو |
وَلا تَحسَبَنَّ الَّذينَ قُتِلوا فى سَبيلِ اللَّهِ أَموٰتًا بَل أَحياءٌ عِندَ رَبِّهِم يُرزَقونَ (آيت : 169) |
جيڪي ماڻهو الله جي راهه ۾ قتل ٿيا آهن، انهن کي مئل نه سمجهو، اهي ته حقيقت ۾ جيئرا آهن، پنهنجي رب وٽ رزق حاصل ڪن ٿا |
فَرِحينَ بِما ءاتىٰهُمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ وَيَستَبشِرونَ بِالَّذينَ لَم يَلحَقوا بِهِم مِن خَلفِهِم أَلّا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 170) |
جيڪي ڪجهه الله پنهنجي فضل مان کين ڏنو آهي، ان تي ڏاڍا خوش آهن، دلجاءِ اٿن ته جيڪي ايمان وارا سندن پويان دنيا ۾ رهجي ويا آهن ۽ اڃان وٽن نه پهتا آهن، انهن لاءِ به ڪنهن خوف ۽ غم جي ڪا ڳالهه ڪانهي |
يَستَبشِرونَ بِنِعمَةٍ مِنَ اللَّهِ وَفَضلٍ وَأَنَّ اللَّهَ لا يُضيعُ أَجرَ المُؤمِنينَ (آيت : 171) |
هو الله جي انعام ۽ سندس فضل تي ڏاڍا خوش ۽ سرها آهن ۽ کين معلوم ٿي چڪو آهي ته الله مؤمنن جا اجر ضايع نه ڪندو آهي |
الَّذينَ استَجابوا لِلَّهِ وَالرَّسولِ مِن بَعدِ ما أَصابَهُمُ القَرحُ لِلَّذينَ أَحسَنوا مِنهُم وَاتَّقَوا أَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 172) |
(اهڙن مؤمنن جي اجرن کي) جن زخم سهڻ کان پوءِ به الله ۽ رسول جي سڏ تي لبيڪ چيو، انهن مان جيڪي ماڻهو نيڪ عمل ڪندڙ آهن ۽ متقي آهن، انهن لاءِ ته تمام وڏو اجر آهي |
الَّذينَ قالَ لَهُمُ النّاسُ إِنَّ النّاسَ قَد جَمَعوا لَكُم فَاخشَوهُم فَزادَهُم إيمٰنًا وَقالوا حَسبُنَا اللَّهُ وَنِعمَ الوَكيلُ (آيت : 173) |
جن کي ماڻهن چيو ته "توهان جي خلاف وڏا لشڪر گڏ ٿي ويا آهن انهن کان ڊڄو"، ته اهو ٻڌي سندن ايمان اڃان به وڌي ويو ۽ انهن موٽ ۾ چيو ته "اسان لاءِ ته الله ڪافي آهي ۽ هــُـو ئي بهترين ڪارساز آهي" |
فَانقَلَبوا بِنِعمَةٍ مِنَ اللَّهِ وَفَضلٍ لَم يَمسَسهُم سوءٌ وَاتَّبَعوا رِضوٰنَ اللَّهِ وَاللَّهُ ذو فَضلٍ عَظيمٍ (آيت : 174) |
نيٺ هو الله جي نعمت ۽ فضل سان گڏ موٽي آيا، کين ڪو نقصان به نه پهتو ۽ الله جي رضا تي هلڻ جو شرف به حاصل ٿين ۽ الله ڏاڍو فضل ڪندڙ آهي |
إِنَّما ذٰلِكُمُ الشَّيطٰنُ يُخَوِّفُ أَولِياءَهُ فَلا تَخافوهُم وَخافونِ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 175) |
هاڻي ته توهان کي پتو پئجي ويو ته اهو اصل ۾ شيطان ئي هو جيڪو پنهنجي ساٿين جو اجايو ڀؤ ڏياري رهيو هو، تنهنڪري اڳتي توهان انسانن کان نه ڊڄجو، مون کان ئي ڊڄجو، جيڪڏهن توهان مؤمن آهيو |
وَلا يَحزُنكَ الَّذينَ يُسٰرِعونَ فِى الكُفرِ إِنَّهُم لَن يَضُرُّوا اللَّهَ شَيـًٔا يُريدُ اللَّهُ أَلّا يَجعَلَ لَهُم حَظًّا فِى الءاخِرَةِ وَلَهُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 176) |
(اي نبي!) جيڪي ماڻهو اڄ ڪفر جي راهه ۾ ڏاڍي ڊڪ ڊوڙ ڪري رهيا آهن، تن جون حرڪتون توکي دلگير نه ڪن، هو الله جو ڪجهه به بگاڙي نه سگهندا. الله ٿو گهري ته انهن لاءِ آخرت ۾ ڪوبه حصو نه رکي، ويتر انهن لاءِ تمام وڏي سزا آهي |
إِنَّ الَّذينَ اشتَرَوُا الكُفرَ بِالإيمٰنِ لَن يَضُرُّوا اللَّهَ شَيـًٔا وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 177) |
جيڪي ماڻهو ايمان کي ڇڏي ڪفر جا خريدار ٿيا آهن، اهي ڪو الله جو ته نقصان نٿا ڪن. انهن لاءِ ته دردناڪ عذاب تيار ٿيو پيو آهي |
وَلا يَحسَبَنَّ الَّذينَ كَفَروا أَنَّما نُملى لَهُم خَيرٌ لِأَنفُسِهِم إِنَّما نُملى لَهُم لِيَزدادوا إِثمًا وَلَهُم عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 178) |
اها ڍَرَ جيڪا اسان کين ڏيون پيا، ان کي اهي ڪافر پنهنجي لاءِ ڪا سٺي ڳالهه نه سمجهن، اسان کين ان ڪري ٿا ڍَرَ ڏيون ته جيئن اهي وڃن گناهه جو بار وڌائيندا، پوءِ انهن لاءِ سخت ذليل ڪندڙ سزا آهي |
ما كانَ اللَّهُ لِيَذَرَ المُؤمِنينَ عَلىٰ ما أَنتُم عَلَيهِ حَتّىٰ يَميزَ الخَبيثَ مِنَ الطَّيِّبِ وَما كانَ اللَّهُ لِيُطلِعَكُم عَلَى الغَيبِ وَلٰكِنَّ اللَّهَ يَجتَبى مِن رُسُلِهِ مَن يَشاءُ فَـٔامِنوا بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ وَإِن تُؤمِنوا وَتَتَّقوا فَلَكُم أَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 179) |
الله مؤمنن کي انهيءَ حالت ۾ ڪڏهن به نه ڇڏيندو جنهن ۾ توهان هن وقت آهيو. هو پاڪ ماڻهن کي پليتن کان ضرور الڳ ڪندو پر الله جو طريقو اهو نه آهي ته توهان کي غيب جي باري ۾ اطلاع ڏئي ڇڏي (غيب جون ڳالهيون ٻڌائڻ لاءِ ته) هو پنهنجن رسولن مان جنهن کي وڻيس چونڊي وٺي ٿو. تنهنڪري (غيب جي باري ۾) الله ۽ سندس رسول تي ايمان رکو. جيڪڏهن توهان ايمان وارو ۽ الله کان ڊڄڻ وارو طريقو اختيار ڪندؤ ته توهان کي تمام وڏو اجر ملندو |
وَلا يَحسَبَنَّ الَّذينَ يَبخَلونَ بِما ءاتىٰهُمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ هُوَ خَيرًا لَهُم بَل هُوَ شَرٌّ لَهُم سَيُطَوَّقونَ ما بَخِلوا بِهِ يَومَ القِيٰمَةِ وَلِلَّهِ ميرٰثُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 180) |
جن ماڻهن کي الله پنهنجي فضل سان نوازيو آهي، پوءِ به هو ڪنجوسائي ڪن ٿا. اهي ائين نه سمجهن ته اها ڪنجوسائي ڪا انهن لاءِ چڱي آهي، نه نه، اها انهن لاءِ ڏاڍي بري آهي. جيڪي ڪجهه هو پنهنجي ڪنجوسائيءَ سان ميڙي رهيا آهن، سو ئي قيامت جي ڏينهن سندن ڳچيءَ جو ڳٽ بڻايو ويندو. آسمانن ۽ زمين جي ميراث الله جي ئي لاءِ آهي ۽ توهان جيڪي ڪجهه ڪريو پيا الله ان کان باخبر آهي |
لَقَد سَمِعَ اللَّهُ قَولَ الَّذينَ قالوا إِنَّ اللَّهَ فَقيرٌ وَنَحنُ أَغنِياءُ سَنَكتُبُ ما قالوا وَقَتلَهُمُ الأَنبِياءَ بِغَيرِ حَقٍّ وَنَقولُ ذوقوا عَذابَ الحَريقِ (آيت : 181) |
الله انهن ماڻهن جا چيل لفظ ٻڌا، جيڪي چون ٿا ته الله سـُـڃو آهي ۽ اسان شاهوڪار آهيون، انهن جون اهي ڳالهيون به اسان لکي ڇڏينداسون ۽ اڳي جيڪو نبين کي ناحق پئي قتل ڪيو اٿن سو به سندن اعمالنامي ۾ لکيل آهي. (جڏهن فيصلي جو وقت اچي ويو ته) اسان کين چونداسين ته چڱو هاڻي جهنم جي عذاب جو مزو چکو |
ذٰلِكَ بِما قَدَّمَت أَيديكُم وَأَنَّ اللَّهَ لَيسَ بِظَلّامٍ لِلعَبيدِ (آيت : 182) |
اهو توهان جي پنهنجي هٿن جو ڪيو ڪرتيو آهي. الله ڪڏهن به پنهنجي ٻانهن تي ظلم ڪرڻ وارو ناهي |
الَّذينَ قالوا إِنَّ اللَّهَ عَهِدَ إِلَينا أَلّا نُؤمِنَ لِرَسولٍ حَتّىٰ يَأتِيَنا بِقُربانٍ تَأكُلُهُ النّارُ قُل قَد جاءَكُم رُسُلٌ مِن قَبلى بِالبَيِّنٰتِ وَبِالَّذى قُلتُم فَلِمَ قَتَلتُموهُم إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 183) |
جيڪي ماڻهو چون ٿا ته "الله اسان کي تاڪيد ڪيو آهي ته اسان ڪنهن کي به تيستائين رسول ڪري نه مڃيون، جيستائين هو اسان جي سامهون اهڙي قرباني نه ڪري جنهن کي (غيب کان اچي) باهه کائي وڃي". چوين ته "توهان وٽ مون کان اڳ ڪيترائي رسول اچي چڪا آهن، جن گهڻيون ئي پڌريون نشانيون آنديون هيون ۽ اها نشاني به آندي هئي، جنهن جي ڳالهه توهان ڪريو ٿا، پوءِ جيڪڏهن (ايمان آڻڻ لاءِ اهو شرط پيش ڪرڻ ۾) توهان سچا آهيو ته انهن رسولن کي ڇو قتل ڪيوَ؟ |
فَإِن كَذَّبوكَ فَقَد كُذِّبَ رُسُلٌ مِن قَبلِكَ جاءو بِالبَيِّنٰتِ وَالزُّبُرِ وَالكِتٰبِ المُنيرِ (آيت : 184) |
هاڻي اي نبي! جيڪڏهن اهي ماڻهو توکي ڪوڙو سڏين ٿا ته ڪيترائي رسول توکان اڳ ڪوڙا سڏجي چڪا آهن، جن صاف چٽيون نشانيون ۽ صحيفا ۽ هدايت ڏيندڙ ڪتاب آندا هئا |
كُلُّ نَفسٍ ذائِقَةُ المَوتِ وَإِنَّما تُوَفَّونَ أُجورَكُم يَومَ القِيٰمَةِ فَمَن زُحزِحَ عَنِ النّارِ وَأُدخِلَ الجَنَّةَ فَقَد فازَ وَمَا الحَيوٰةُ الدُّنيا إِلّا مَتٰعُ الغُرورِ (آيت : 185) |
هر شخص کي نيٺ مرڻو آهي ۽ توهان سڀئي پنهنجا پورا پورا اجر قيامت جي ڏينهن حاصل ڪرڻ وارا آهيو. حقيقت ۾ اهو ڪامياب آهي جيڪو دوزخ جي باهه کان بچي وڃي ۽ بهشت ۾ داخل ڪيو وڃي. باقي هيءَ دنيا ته رڳو دوکي جو سامان آهي |
لَتُبلَوُنَّ فى أَموٰلِكُم وَأَنفُسِكُم وَلَتَسمَعُنَّ مِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ مِن قَبلِكُم وَمِنَ الَّذينَ أَشرَكوا أَذًى كَثيرًا وَإِن تَصبِروا وَتَتَّقوا فَإِنَّ ذٰلِكَ مِن عَزمِ الأُمورِ (آيت : 186) |
مسلمانو، توهان تي مال ۽ جان ٻنهي جون آزمائشون اچڻيون آهن ۽ توهان اهلِ ڪتاب ۽ مشرڪن کان گهڻيون ئي ڏکوئيندڙ ڳالهيون ٻڌندؤ. جيڪڏهن توهان انهن سڀني حالتن ۾ صبر ڪيو ۽ الله کان ڊڄڻ وارا ٿي رهندؤ ته اهو ڏاڍو همت وارو ڪم آهي |
وَإِذ أَخَذَ اللَّهُ ميثٰقَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ لَتُبَيِّنُنَّهُ لِلنّاسِ وَلا تَكتُمونَهُ فَنَبَذوهُ وَراءَ ظُهورِهِم وَاشتَرَوا بِهِ ثَمَنًا قَليلًا فَبِئسَ ما يَشتَرونَ (آيت : 187) |
انهن اهل ڪتاب کي اهو پڪو واعدو به ياد ڏيار، جيڪو الله کانئن ورتو هو ته توهان کي ڪتاب جي تعليم کي پکيڙڻو پوندو، ان کي لڪائـڻو ناهي، مگر انهن ڪتاب کي پٺيءَ پويان اڇلائي ڇڏيو ۽ ٿورڙيءَ قيمت تي ان کي وڪڻي ڇڏيائون، ڪهڙو نه بڇڙو سودو آهي، جيڪو اهي ڪن پيا |
لا تَحسَبَنَّ الَّذينَ يَفرَحونَ بِما أَتَوا وَيُحِبّونَ أَن يُحمَدوا بِما لَم يَفعَلوا فَلا تَحسَبَنَّهُم بِمَفازَةٍ مِنَ العَذابِ وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 188) |
تون انهن ماڻهن کي عذاب کان بچي ويل نه سمجهه، جيڪي پنهنجي ڪرتوتن تي ڏاڍا خوش آهن ۽ چاهين ٿا ته کين اهڙن ڪمن تي ساراهيو وڃي جيڪي ڪيا ئي نه اٿن، حقيقت ۾ انهن لاءِ دردناڪ سزا تيار ٿي پئي آهي |
وَلِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 189) |
آسمانن ۽ زمين جو مالڪ الله آهي ۽ سندس قدرت هر شيءِ تي ڇانئيل آهي |
إِنَّ فى خَلقِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاختِلٰفِ الَّيلِ وَالنَّهارِ لَءايٰتٍ لِأُولِى الأَلبٰبِ (آيت : 190) |
آسمانن ۽ زمين جي پيدا ٿيڻ ۾ ۽ رات ۽ ڏينهن جي واري واري سان اچڻ ۾ انهن عقلمند ماڻهن لاءِ گهڻيون ئي نشانيون آهن |
الَّذينَ يَذكُرونَ اللَّهَ قِيٰمًا وَقُعودًا وَعَلىٰ جُنوبِهِم وَيَتَفَكَّرونَ فى خَلقِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ رَبَّنا ما خَلَقتَ هٰذا بٰطِلًا سُبحٰنَكَ فَقِنا عَذابَ النّارِ (آيت : 191) |
جيڪي اٿندي ويهندي ۽ ليٽيل هوندي هر حالت ۾ الله کي ياد ڪن ٿا ۽ آسمانن ۽ زمين جي اڏاوت تي سوچ ويچار ڪن ٿا. (هو بي اختيار چئي ڏين ٿا ته) "پالڻهار، هيءُ سڀ ڪجهه تو اجايو نه ٺاهيو آهي. تون پاڪ آهين، ان کان جو ڪو اجايو ڪم ڪندين. سو اي رب! اسان کي دوزخ جي عذاب کان بچاءِ |
رَبَّنا إِنَّكَ مَن تُدخِلِ النّارَ فَقَد أَخزَيتَهُ وَما لِلظّٰلِمينَ مِن أَنصارٍ (آيت : 192) |
تو جنهن کي دوزخ ۾ وڌو، تنهن کي حقيقت ۾ وڏي خواريءَ ۽ ذلت ۾ وجهي ڇڏيو ۽ وري اهڙن ظالمن جو ته ڪو مددگار به نه هوندو |
رَبَّنا إِنَّنا سَمِعنا مُنادِيًا يُنادى لِلإيمٰنِ أَن ءامِنوا بِرَبِّكُم فَـٔامَنّا رَبَّنا فَاغفِر لَنا ذُنوبَنا وَكَفِّر عَنّا سَيِّـٔاتِنا وَتَوَفَّنا مَعَ الأَبرارِ (آيت : 193) |
اسان جا مالڪ! اسان هڪڙي سڏيندڙ کي ٻڌو ،جيڪو ايمان ڏانهن سڏي رهيو هو ۽ چيائين پئي ته پنهنجي رب کي مڃيو. اسان سندس چيو مڃيو، تنهنڪري، اي اسان جا مالڪ! جيڪي قصور اسان کان ٿيا آهن سي معاف ڪر، جيڪي برايون اسان ۾ آهن، انهن کي اسان کان دور ڪري ڇڏ ۽ اسان جو خاتمو نيڪ ماڻهن سان گڏ ڪر |
رَبَّنا وَءاتِنا ما وَعَدتَنا عَلىٰ رُسُلِكَ وَلا تُخزِنا يَومَ القِيٰمَةِ إِنَّكَ لا تُخلِفُ الميعادَ (آيت : 194) |
اي رب! جنهن جو وعدو تو پنهنجي رسولن معرفت ڪيو آهي، سو اسان کي عطا ڪر ۽ قيامت جي ڏينهن اسان کي خوار نه ڪجانءِ ، بيشڪ تون پنهنجي وعدي جي خلاف ورزي ڪرڻ وارو نه آهين |
فَاستَجابَ لَهُم رَبُّهُم أَنّى لا أُضيعُ عَمَلَ عٰمِلٍ مِنكُم مِن ذَكَرٍ أَو أُنثىٰ بَعضُكُم مِن بَعضٍ فَالَّذينَ هاجَروا وَأُخرِجوا مِن دِيٰرِهِم وَأوذوا فى سَبيلى وَقٰتَلوا وَقُتِلوا لَأُكَفِّرَنَّ عَنهُم سَيِّـٔاتِهِم وَلَأُدخِلَنَّهُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ ثَوابًا مِن عِندِ اللَّهِ وَاللَّهُ عِندَهُ حُسنُ الثَّوابِ (آيت : 195) |
(موٽ ۾) سندن رب فرمايو: "مان توهان مان ڪنهن جو به عمل ضايع ڪرڻ وارو نه آهيان، پوءِ اهو کڻي مرد هجي يا عورت، توهان سڀئي پاڻ ۾ (هڪ ٻئي جا هم جنس) آهيو. پوءِ جن ماڻهن منهنجي ڪري پنهنجا وطن ڇڏيا ۽ منهنجي راهه ۾ پنهنجن گهرن مان تـڙيا ويا ۽ ڏاڍا ستايا ويا ۽ منهنجي راهه ۾ وڙهيا ۽ ماريا ويا، تن جا سڀ قصور مان معاف ڪندس ۽ انهن کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪندس جن جي هيٺان نهرون پيون وهنديون. اهو اٿن ڀلو اجورو الله وٽان ۽ بهترين اجورو ته الله وٽ ئي هوندو آهي |
لا يَغُرَّنَّكَ تَقَلُّبُ الَّذينَ كَفَروا فِى البِلٰدِ (آيت : 196) |
اي نبي! دنيا جي ملڪن ۾ الله جي نافرمان ماڻهن جو اهو هلڻ چلڻ توکي ڪنهن دوکي ۾ نه وجهي |
مَتٰعٌ قَليلٌ ثُمَّ مَأوىٰهُم جَهَنَّمُ وَبِئسَ المِهادُ (آيت : 197) |
اهو رڳو ٿورڙن ڏينهن واري زندگيءَ جو چٽڪو آهي، پوءِ اهي سڀئي جهنم ۾ وڃي پوندا، جيڪو ڏاڍو بڇڙو ٺڪاڻو آهي |
لٰكِنِ الَّذينَ اتَّقَوا رَبَّهُم لَهُم جَنّٰتٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها نُزُلًا مِن عِندِ اللَّهِ وَما عِندَ اللَّهِ خَيرٌ لِلأَبرارِ (آيت : 198) |
ان جي ابتـڙ جيڪي ماڻهو پنهنجي رب کان ڊڄندي زندگي گذارين ٿا، انهن لاءِ اهڙا باغ آهن، جن جي هيٺان نهرون پيون وهنديون. انهن باغن ۾ هو سدائين رهندا. الله جي طرفان اهو دعوت جو سامان آهي انهن لاءِ ۽ جيڪي ڪجهه الله وٽ آهي، نيڪ ماڻهن لاءِ اهوئي سڀ کان ڀلو آهي |
وَإِنَّ مِن أَهلِ الكِتٰبِ لَمَن يُؤمِنُ بِاللَّهِ وَما أُنزِلَ إِلَيكُم وَما أُنزِلَ إِلَيهِم خٰشِعينَ لِلَّهِ لا يَشتَرونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ ثَمَنًا قَليلًا أُولٰئِكَ لَهُم أَجرُهُم عِندَ رَبِّهِم إِنَّ اللَّهَ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 199) |
اهل ڪتاب مان به ڪي ماڻهو آهن، جيڪي الله کي مڃين ٿا، انهيءَ ڪتاب تي ايمان آڻين ٿا، جيڪو تو ڏانهن موڪليل آهي ۽ انهيءَ ڪتاب تي به ايمان اٿن، جيڪو هن کان اڳ خود انهن ڏانهن موڪليو ويو هو، الله جي آڏو جـُـهڪيل آهن ۽ الله جي آيتن کي ٿورڙيءَ قيمت تي نٿا وڪڻن، سندن اجر الله وٽ آهي ۽ الله حساب ڇڏائڻ ۾ دير نه لائيندو آهي |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اصبِروا وَصابِروا وَرابِطوا وَاتَّقُوا اللَّهَ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 200) |
اي ايمان وارؤ! صبر کان ڪم وٺو، باطل جي پوئلڳن جي مقابلي ۾ ثابت قدم رهو. حق جي خدمت لاءِ تيار رهو ۽ الله کان ڊڄندا رهو اميد ته فلاح ماڻيندؤ |