الم (آيت : 1) |
الم |
اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ الحَىُّ القَيّومُ (آيت : 2) |
الله اهو آهي جنهن کان سواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي. اهو زندھ (۽) سموري جهان کي قائم رکندڙ آهي. |
نَزَّلَ عَلَيكَ الكِتٰبَ بِالحَقِّ مُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ وَأَنزَلَ التَّورىٰةَ وَالإِنجيلَ (آيت : 3) |
(اي رسول) تو تي برحق (اهو) ڪتاب نازل ڪيائين جو، جيڪي (اڳيان آسماني ڪتاب) آهن تن کي سچو چوندڙ آهي، پڻ توريت ۽ انجيل کي. |
مِن قَبلُ هُدًى لِلنّاسِ وَأَنزَلَ الفُرقانَ إِنَّ الَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِ اللَّهِ لَهُم عَذابٌ شَديدٌ وَاللَّهُ عَزيزٌ ذُو انتِقامٍ (آيت : 4) |
هن کان اڳي ماڻهن جي هدايت لاءِ لاٿائين. ۽ حق ۽ باطل ۾ تميز ڪرڻ وارو ڪتاب (قرآن) نازل ڪيو. بيشڪ جن الله جي آيتن جو انڪار ڪيو تن لاءِ سخت عذاب آهي ۽ الله زبردست (۽) بدلي وٺڻ وارو آهي. |
إِنَّ اللَّهَ لا يَخفىٰ عَلَيهِ شَيءٌ فِى الأَرضِ وَلا فِى السَّماءِ (آيت : 5) |
بيشڪ الله کان ڪا به شيءِ ڳجهي نه آهي (نه) زمين ۾ نڪي آسمان ۾. |
هُوَ الَّذى يُصَوِّرُكُم فِى الأَرحامِ كَيفَ يَشاءُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 6) |
هو اهو آهي جو (مائن جي) ڳڀيرڻين ۾ جيئن گهري ٿو تئين اوهان جي شڪل ٺاهي ٿو. انهيءَ کان سواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي (اهو) زبردست (۽) داناءَ آهي. |
هُوَ الَّذى أَنزَلَ عَلَيكَ الكِتٰبَ مِنهُ ءايٰتٌ مُحكَمٰتٌ هُنَّ أُمُّ الكِتٰبِ وَأُخَرُ مُتَشٰبِهٰتٌ فَأَمَّا الَّذينَ فى قُلوبِهِم زَيغٌ فَيَتَّبِعونَ ما تَشٰبَهَ مِنهُ ابتِغاءَ الفِتنَةِ وَابتِغاءَ تَأويلِهِ وَما يَعلَمُ تَأويلَهُ إِلَّا اللَّهُ وَالرّٰسِخونَ فِى العِلمِ يَقولونَ ءامَنّا بِهِ كُلٌّ مِن عِندِ رَبِّنا وَما يَذَّكَّرُ إِلّا أُولُوا الأَلبٰبِ (آيت : 7) |
(اي رسول!) هو اهو آهي جنهن تو تي ڪتاب نازل ڪيو. ڪي ان مان محڪم (ظاهر معنى واريون) آيتون آهن، اهي (عمل ڪرڻ لاءِ) اصل (۽) ڪتاب جو (بنياد) آهن ۽ ٻيون آيتون متشابهات آهن (جن جون ڪيئي معنائون ٿي سگهن ٿيون) پوءِ جن (ماڻهن) جي دلين ۾ ڏنگائي آهي، سي ڪتاب مان انهن متشابه آيتن جي پٺيان پيل آهن ته جيئن فساد برپا ڪن. ۽ ان خيال سان ته پنهنجي دلي مطلب مطابق تاويل ڪن. هوڏانهن خدا ۽ انهن انسانن کان سواءِ جي علم جي وڏي درجي تي فائز آهن، انهن جو اصلي مطلب ڪو به نٿو ڄاڻي، اهي انسان (هي به) چون ٿا ته اسان ان تي ايمان آندو، هي سڀ (محڪم هجي يا متشابه) اسان جي پالڻهار جي طرف کان آهي. ۽ صاحبان لب (عقل مندن) کان سواءِ ڪو به ڌيان نٿو ڪري. |
رَبَّنا لا تُزِغ قُلوبَنا بَعدَ إِذ هَدَيتَنا وَهَب لَنا مِن لَدُنكَ رَحمَةً إِنَّكَ أَنتَ الوَهّابُ (آيت : 8) |
(۽ دعا گهرن ٿا ته) اي اسان جا پالڻهار! جڏهن تون اسان کي هدايت ڪئي تنهن کان پوءِ اسان جي دلين کي نه ڦير. ۽ اسان کي پاڻ وٽان رحمت بخش! بيشڪ تون ئي بخشڻ وارو آهين. |
رَبَّنا إِنَّكَ جامِعُ النّاسِ لِيَومٍ لا رَيبَ فيهِ إِنَّ اللَّهَ لا يُخلِفُ الميعادَ (آيت : 9) |
اي اسان جا پالڻهار! تون اسان کي هڪ ڏينهن گڏ ڪرڻ وارو آهين جنهن ۾ ڪو شڪ نه آهي. بيشڪ الله (پنهنجو) انجام نٿو ڦيرائي. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا لَن تُغنِىَ عَنهُم أَموٰلُهُم وَلا أَولٰدُهُم مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا وَأُولٰئِكَ هُم وَقودُ النّارِ (آيت : 10) |
بيشڪ جن ڪفر ڪيو تن کي سندن مال ۽ سندن اولاد الله جي عذاب کان ڪجھ به ڪم نه ايندا. ۽ اهي ئي دوزخ جي باھ جو ٻارڻ آهن. |
كَدَأبِ ءالِ فِرعَونَ وَالَّذينَ مِن قَبلِهِم كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا فَأَخَذَهُمُ اللَّهُ بِذُنوبِهِم وَاللَّهُ شَديدُ العِقابِ (آيت : 11) |
فرعونن ۽ جيڪي ان کان اڳ هئا، تن جي حال وانگر، انهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو پوءِ الله انهن کي سندن گناهن جي ڪري پڪڙيو. ۽ الله جي سزا سخت آهي. |
قُل لِلَّذينَ كَفَروا سَتُغلَبونَ وَتُحشَرونَ إِلىٰ جَهَنَّمَ وَبِئسَ المِهادُ (آيت : 12) |
(اي رسول!) ڪافرن کي چئو ته توهان جي طاقت کي ٽوڙيو ويندو ۽ اوهان کي دوزخ ۾ گڏ ڪيو ويندو. ۽ اها بڇڙي جاءِ آهي. |
قَد كانَ لَكُم ءايَةٌ فى فِئَتَينِ التَقَتا فِئَةٌ تُقٰتِلُ فى سَبيلِ اللَّهِ وَأُخرىٰ كافِرَةٌ يَرَونَهُم مِثلَيهِم رَأىَ العَينِ وَاللَّهُ يُؤَيِّدُ بِنَصرِهِ مَن يَشاءُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَعِبرَةً لِأُولِى الأَبصٰرِ (آيت : 13) |
بيشڪ توهان جي (سمجهڻ) لاءِ انهن ٻن (مخالف) گروهن ۾ جي (بدر جي جنگ ۾) هڪ ٻئي سان وڙهيا (رسول جي سچائي جي) تمام وڏي نشاني آهي جو هڪ گروھ ته خدا جي راھ ۾ جهاد ڪري رهيو هو ۽ ٻيو (گروھ) ڪافرن جو جن کي مسلمان پاڻ کان ٻيڻ جيترو (ظاهري طرح) اکين سان ٿي ڏٺو. (پر ٿورن کي ئي مدد ڏني) ۽ خدا پنهنجي مدد سان جنهن جي چاهي ٿو تائيد ڪندو آهي. بيشڪ اکين وارن لاءِ هن واقعي ۾ وڏي نصيحت آهي. |
زُيِّنَ لِلنّاسِ حُبُّ الشَّهَوٰتِ مِنَ النِّساءِ وَالبَنينَ وَالقَنٰطيرِ المُقَنطَرَةِ مِنَ الذَّهَبِ وَالفِضَّةِ وَالخَيلِ المُسَوَّمَةِ وَالأَنعٰمِ وَالحَرثِ ذٰلِكَ مَتٰعُ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَاللَّهُ عِندَهُ حُسنُ المَـٔابِ (آيت : 14) |
(دنيا ۾) ماڻهن کي سندن وڻندڙ شيون (جيئن) زالون ۽ پٽ ۽ سون ۽ چانديءَ جا گڏ ڪيل خزانا ۽ ڀلا گهوڙا ۽ ڍڳا ڍور ۽ پوک سهڻيون ڪري ڏيکاريل آهن. اهو (فقط فاني) دنيا جي حياتيءَ جو سامان آهي. ۽ (هميشه) جو سٺو هنڌ ته خدا وٽ ئي آهي. |
قُل أَؤُنَبِّئُكُم بِخَيرٍ مِن ذٰلِكُم لِلَّذينَ اتَّقَوا عِندَ رَبِّهِم جَنّٰتٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَأَزوٰجٌ مُطَهَّرَةٌ وَرِضوٰنٌ مِنَ اللَّهِ وَاللَّهُ بَصيرٌ بِالعِبادِ (آيت : 15) |
(اي رسول کين) چئو ته ڇا! اوهان کي ان کان به ڀلي (شيءِ) جي خبر ڏيان؟ (چڱو ٻڌو!) جن ماڻهن پرهيزگاري اختيار ڪئي انهن لاءِ سندن پالڻهار وٽ بهشت جا اهي باغ آهن جن جي هيٺان واھ وهن ٿا (۽ اهي) انهيءَ ۾ هميشه رهندا. تنهن کان سواءِ انهن لاءِ پاڪ صاف زالون آهن پڻ خدا جي طرفان رضامندي آهي. |
الَّذينَ يَقولونَ رَبَّنا إِنَّنا ءامَنّا فَاغفِر لَنا ذُنوبَنا وَقِنا عَذابَ النّارِ (آيت : 16) |
۽ خدا پنهنجي انهن بندن کي چڱي طرح ڏسي رهيو آهي جيڪي هي دعائون گهرندا آهن ته اي اسان جا پالڻهار! اسان ته (بنا دير جي) ايمان آندو آهي پوءِ اسان کي اسان جا گناھ معاف ڪر ۽ اسان کي دوزخ جي عذاب کان بچاءِ. |
الصّٰبِرينَ وَالصّٰدِقينَ وَالقٰنِتينَ وَالمُنفِقينَ وَالمُستَغفِرينَ بِالأَسحارِ (آيت : 17) |
(اهي ئي انسان آهن) صبر ڪرڻ وارا ۽ سچا ۽ فرمانبردار ۽ (خدا جي راھ ۾) خرچ ڪندڙ ۽ پوئين رات ۾ (توبه ۽) استغفار ڪرڻ وارا. |
شَهِدَ اللَّهُ أَنَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ وَالمَلٰئِكَةُ وَأُولُوا العِلمِ قائِمًا بِالقِسطِ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 18) |
خدا پاڻ هن ڳالھ جي شاهدي ڏني آهي ته سندس ذات کانسواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي ۽ سڀني فرشتن ۽ صاحب علم (انبياءِ ۽ اولياء) جيڪي عدل تي قائم آهن زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. |
إِنَّ الدّينَ عِندَ اللَّهِ الإِسلٰمُ وَمَا اختَلَفَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ إِلّا مِن بَعدِ ما جاءَهُمُ العِلمُ بَغيًا بَينَهُم وَمَن يَكفُر بِـٔايٰتِ اللَّهِ فَإِنَّ اللَّهَ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 19) |
(سچو) دين ته خدا وٽ بيشڪ (بس اهو ئي) اسلام آهي ۽ اهل ڪتاب جو (هن دين حق سان) اختلاف ڪيو سو محض سندن شرارت ۽ (اصلي ڳالھ) معلوم ڪرڻ کان پوءِ (ئي ڪيو آهي) ۽ جنهن شخص خدا جي نشانين جو انڪار ڪيو ته (سمجهي ته) يقينن خدا (ان کان) تمام جلد حساب وٺڻ وارو آهي. |
فَإِن حاجّوكَ فَقُل أَسلَمتُ وَجهِىَ لِلَّهِ وَمَنِ اتَّبَعَنِ وَقُل لِلَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ وَالأُمِّيّۦنَ ءَأَسلَمتُم فَإِن أَسلَموا فَقَدِ اهتَدَوا وَإِن تَوَلَّوا فَإِنَّما عَلَيكَ البَلٰغُ وَاللَّهُ بَصيرٌ بِالعِبادِ (آيت : 20) |
پوءِ (اي رسول!) جيڪڏهن اهي تو سان (خواه مخواه) حجت ڪن ته چئو ته مون خدا جي اڳيان سر نوايو ۽ جيڪي ماڻهو منهنجا تابعدار آهن (انهن به) ۽ (اي رسول!) تون اهل ڪتاب ۽ جاهلن کي چئو ته توهان به اسلام آڻيو؟ پوءِ جيڪڏهن اسلام آندائون ته انهن سڌو رستو لڌو. ۽ جيڪڏهن منهن ڦيريائون ته تو تي رڳو (پيغام) پهچائڻ آهي. ۽ خدا بندن کي ڏسندڙ آهي. |
إِنَّ الَّذينَ يَكفُرونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَيَقتُلونَ النَّبِيّۦنَ بِغَيرِ حَقٍّ وَيَقتُلونَ الَّذينَ يَأمُرونَ بِالقِسطِ مِنَ النّاسِ فَبَشِّرهُم بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 21) |
بيشڪ جيڪي الله جي آيتن جو انڪار ڪن ٿا ۽ نبين کي ناحق قتل ڪن ٿا. ۽ ماڻهن مان جيڪي انصاف ڪرڻ جو حڪم ڪن ٿا، تن کي به قتل ڪن ٿا، انهن کي دردناڪ عذاب جي خوش خبري ٻڌاءِ. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ حَبِطَت أَعمٰلُهُم فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَما لَهُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 22) |
اهي ئي اُهي (بد نصيب) ماڻهون آهن جن جا عمل دنيا ۽ آخرت ۾ برباد ٿيا. ۽ انهن جا ڪي به مددگار نه آهن. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ أوتوا نَصيبًا مِنَ الكِتٰبِ يُدعَونَ إِلىٰ كِتٰبِ اللَّهِ لِيَحكُمَ بَينَهُم ثُمَّ يَتَوَلّىٰ فَريقٌ مِنهُم وَهُم مُعرِضونَ (آيت : 23) |
(اي رسول!) ڇا تون انهن (يهودي عالمن) جي حال تي نظر نه ڪئي! جن کي ڪتاب (توريت جي فهم) جو هڪ حصو ڏنو ويو هو (هاڻي) انهن کي خدا جي ڪتاب ڏي سڏيو وڃي ٿو ته جيئن اهو (ڪتاب) سندن جهڳڙي جو فيصلو ڪري، تنهن هوندي به هنن مان هڪ گروھ منهن موڙي ٿو. |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قالوا لَن تَمَسَّنَا النّارُ إِلّا أَيّامًا مَعدودٰتٍ وَغَرَّهُم فى دينِهِم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 24) |
اهو هن ڪري جو چون ٿا ته اسان کي ڳڻيلن ڏينهن کان سواءِ دوزخ جي باھ نه ڇهندي ۽ جيڪي ٺاھ پيا ٺاهين تن انهن کي سندن دين ۾ ٺڳيو آهي. |
فَكَيفَ إِذا جَمَعنٰهُم لِيَومٍ لا رَيبَ فيهِ وَوُفِّيَت كُلُّ نَفسٍ ما كَسَبَت وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 25) |
پوءِ ڪهڙو حال ٿيندن ان ڏينهن جڏهن کين گڏ ڪنداسون جنهن ۾ ڪو شڪ نه آهي ۽ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي ڪمائيءَ جو پورو بدلو ڏنو ويندو ۽ انهن جي بلڪل حق تلفي نه ڪئي ويندي. |
قُلِ اللَّهُمَّ مٰلِكَ المُلكِ تُؤتِى المُلكَ مَن تَشاءُ وَتَنزِعُ المُلكَ مِمَّن تَشاءُ وَتُعِزُّ مَن تَشاءُ وَتُذِلُّ مَن تَشاءُ بِيَدِكَ الخَيرُ إِنَّكَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 26) |
(اي رسول!) تون ته هي دعا گهر ته اي خدا! ملڪ جا مالڪ جنهن کي گهرين ٿو بادشاهي ڏين ٿو. ۽ جنهن کي گهرين ٿو تنهن کان بادشاهي کسين ٿو. ۽ جنهن کي گهرين ٿو تنهن کي عزت ڏين ٿو ۽ جنهن کي گهرين ٿو تنهن کي ذلت ڏين ٿو. تنهنجي هٿ ۾ چڱائي آهي بيشڪ تون سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهين. |
تولِجُ الَّيلَ فِى النَّهارِ وَتولِجُ النَّهارَ فِى الَّيلِ وَتُخرِجُ الحَىَّ مِنَ المَيِّتِ وَتُخرِجُ المَيِّتَ مِنَ الحَىِّ وَتَرزُقُ مَن تَشاءُ بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 27) |
تون ئي رات کي (وڌائي) ڏينهن ۾ داخل ڪرين ٿو (ته رات وڌي وڃي ٿي) ۽ تون ئي ڏينهن کي (وڌائي) رات ۾ داخل ڪرين ٿو (ته وري ڏينهن وڌي وڃي ٿو) ۽ تون ئي بي جان مان (بيضه، نطفه وغيره) ڪڍين ٿو ۽ تون ئي جنهن کي گهرين ٿو بيشمار رزق ڏئين ٿو. |
لا يَتَّخِذِ المُؤمِنونَ الكٰفِرينَ أَولِياءَ مِن دونِ المُؤمِنينَ وَمَن يَفعَل ذٰلِكَ فَلَيسَ مِنَ اللَّهِ فى شَيءٍ إِلّا أَن تَتَّقوا مِنهُم تُقىٰةً وَيُحَذِّرُكُمُ اللَّهُ نَفسَهُ وَإِلَى اللَّهِ المَصيرُ (آيت : 28) |
مومن، مومنن کي ڇڏي ڪافرن کي سرپرست نه بڻائين. ۽ جو ائين ڪندو ته ان جو خدا سان ڪو واسطو نه آهي پر (اهڙين تدبيرن سان) ڪنهن طرح انهن (جي شرارت) کان ڀڄڻ گهرو ٿا ته (خير) ۽ الله اوهان کي پاڻ کان ڊيڄاري ٿو. ۽ الله ڏي ئي موٽڻو آهي. |
قُل إِن تُخفوا ما فى صُدورِكُم أَو تُبدوهُ يَعلَمهُ اللَّهُ وَيَعلَمُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 29) |
(اي رسول! کين) چئو ته جيڪي اوهان جي دلين ۾ آهي تنهن کي جيڪڏهن اوهين لڪائيندو يا ان کي ظاهر ڪندو ته به خدا ان کي ڄاڻي ٿو ۽ الله سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. |
يَومَ تَجِدُ كُلُّ نَفسٍ ما عَمِلَت مِن خَيرٍ مُحضَرًا وَما عَمِلَت مِن سوءٍ تَوَدُّ لَو أَنَّ بَينَها وَبَينَهُ أَمَدًا بَعيدًا وَيُحَذِّرُكُمُ اللَّهُ نَفسَهُ وَاللَّهُ رَءوفٌ بِالعِبادِ (آيت : 30) |
سڀ ڪو ماڻهو، جا ڪجھ نيڪي ڪئي اٿس، تنهن کي موجود ڏسندو ته خواهش ڪندو ته جيڪر سندس ۽ ان (بڇڙائيءَ) جي وچ ۾ پري جو فاصلو هجي ۽ الله اوهان کي پاڻ کان ڊيڄاري ٿو. ۽ خدا (پنهنجن) بندن تي گهڻو شفيق (۽ مهربان) به آهي. |
قُل إِن كُنتُم تُحِبّونَ اللَّهَ فَاتَّبِعونى يُحبِبكُمُ اللَّهُ وَيَغفِر لَكُم ذُنوبَكُم وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 31) |
(اي رسول! انهن ماڻهن کي) چئو ته جيڪڏهن توهان خدا سان محبت رکو ٿا ته منهنجي تابعداري ڪريو ته الله (به) اوهان سان محبت ڪندو ۽ اوهان کي اوهان جا گناھ معاف ڪندو. ۽ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. |
قُل أَطيعُوا اللَّهَ وَالرَّسولَ فَإِن تَوَلَّوا فَإِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ الكٰفِرينَ (آيت : 32) |
(اي رسول! کين) چئو ته الله ۽ رسولجي تابعداري ڪريو پوءِ جيڪڏهن منهن ڦيريائون ته بيشڪ الله (به) ڪافرن کي دوست نٿو رکي. |
إِنَّ اللَّهَ اصطَفىٰ ءادَمَ وَنوحًا وَءالَ إِبرٰهيمَ وَءالَ عِمرٰنَ عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 33) |
بيشڪ الله، آدم ۽ نوح ۽ ابرهيم جي خاندان ۽ عمران جي خاندان کي سموري جهان کان برگزيده ڪيو آهي. |
ذُرِّيَّةً بَعضُها مِن بَعضٍ وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 34) |
هڪڙا انهن مان ٻين جي اولاد آهن ۽ خدا سڀ ڪنهن ٻڌندڙ ۽ (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ آهي. |
إِذ قالَتِ امرَأَتُ عِمرٰنَ رَبِّ إِنّى نَذَرتُ لَكَ ما فى بَطنى مُحَرَّرًا فَتَقَبَّل مِنّى إِنَّكَ أَنتَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 35) |
(اي رسول! اهو به وقت ياد ڪريو ته) جڏهن عمران جي زال (حنه) چيو ته اي منهنجا پالڻهار! منهنجي پيٽ ۾ جو (ٻار) آهي سو مون (دنيا جي ڪمن کان) آزاد ڪري تنهنجي نذر ڪريان ٿي تون منهنجي طرفان هي نذر قبول فرمائج! بيشڪ تون ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهين. |
فَلَمّا وَضَعَتها قالَت رَبِّ إِنّى وَضَعتُها أُنثىٰ وَاللَّهُ أَعلَمُ بِما وَضَعَت وَلَيسَ الذَّكَرُ كَالأُنثىٰ وَإِنّى سَمَّيتُها مَريَمَ وَإِنّى أُعيذُها بِكَ وَذُرِّيَّتَها مِنَ الشَّيطٰنِ الرَّجيمِ (آيت : 36) |
پوءِ جڏهن ڌيءَ ڄڻيائين تڏهن چيائين ته اي منهنجا پالڻهار! (هاڻي آءُ ڇا ڪريان؟) مون ته اها ڌيءُ ڄڻي آهي. ۽ جيڪي ان ڄڻيو تنهن کي الله وڌيڪ ڄاڻي ٿو. ۽ پٽ ڌيءُ جهڙو نه آهي. هوڏانهن (انهيءَ چوڻ جي ضرورت ڪهڙي؟) جا هن ڄڻي هئي ان (جي شان ۽ مرتبه) کان خدا خوب واقف هو. ۽ مون سندس نالو مريم رکيو ۽ بيشڪ آءُ ان کي ۽ ان جي اولاد کي تڙيل شيطان کان تنهنجي پناھ ۾ ڏيان ٿي. |
فَتَقَبَّلَها رَبُّها بِقَبولٍ حَسَنٍ وَأَنبَتَها نَباتًا حَسَنًا وَكَفَّلَها زَكَرِيّا كُلَّما دَخَلَ عَلَيها زَكَرِيَّا المِحرابَ وَجَدَ عِندَها رِزقًا قالَ يٰمَريَمُ أَنّىٰ لَكِ هٰذا قالَت هُوَ مِن عِندِ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ يَرزُقُ مَن يَشاءُ بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 37) |
ته سندس پروردگار (ان جو نذر) مريم کي خوشي سان قبول فرمايو ۽ ان جي پالڻا چڱي طرح ڪئي ۽ سندس سنڀاليندڙ زڪريا کي ڪيو. جڏهن به وٽس حجري ۾ زڪريا ايندو هو ته پڇندو هوس ته اي مريم هي (کاڌو) توهان وٽ ڪٿان (آيو) آهي؟ ته مريم چوندي هيس ته الله وٽان (آيو) آهي. بيشڪ خدا جنهن کي گهري بي حساب رزق ڏئي ٿو. |
هُنالِكَ دَعا زَكَرِيّا رَبَّهُ قالَ رَبِّ هَب لى مِن لَدُنكَ ذُرِّيَّةً طَيِّبَةً إِنَّكَ سَميعُ الدُّعاءِ (آيت : 38) |
(اها ماجرا ڏسي) ان وقت زڪريا پنهنجي پروردگار کان دعا گهري ته: اي منهنجا پاليندڙ! مون کي پاڻ وٽان ڪو چڱو اولاد عطا ڪر! بيشڪ تون دعا ٻڌندڙ آهين. |
فَنادَتهُ المَلٰئِكَةُ وَهُوَ قائِمٌ يُصَلّى فِى المِحرابِ أَنَّ اللَّهَ يُبَشِّرُكَ بِيَحيىٰ مُصَدِّقًا بِكَلِمَةٍ مِنَ اللَّهِ وَسَيِّدًا وَحَصورًا وَنَبِيًّا مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 39) |
اڃا زڪريا حجري ۾ بيٺي (اها) دعا گهري رهيو ئي هو ته کيس فرشتن آواز ڏنو ته خدا تو کي يحيى (جي پيدا ٿيڻ) جي خوش خبري ڏئي ٿو. جو ڪلمه الله (عيسى) جي تصديق ڪندو ۽ (ماڻهن جو) سردار هوندو ۽ عورتن ڏانهن رغبت نه ڪندو ۽ نيڪن مان هڪ نبي هوندو. |
قالَ رَبِّ أَنّىٰ يَكونُ لى غُلٰمٌ وَقَد بَلَغَنِىَ الكِبَرُ وَامرَأَتى عاقِرٌ قالَ كَذٰلِكَ اللَّهُ يَفعَلُ ما يَشاءُ (آيت : 40) |
زڪريا به عرض ڪيو ته اي منهنجا پالڻهار! مون کي پٽ ڪٿان ٿيندو، هوڏانهن مون کي ٻڍاپو پهچي چڪو آهي ۽ منهنجي زال سنڍ آهي. (خدا) فرمايو ته اهڙي طرح الله جيڪي گهري ٿو، سو ڪري ٿو. |
قالَ رَبِّ اجعَل لى ءايَةً قالَ ءايَتُكَ أَلّا تُكَلِّمَ النّاسَ ثَلٰثَةَ أَيّامٍ إِلّا رَمزًا وَاذكُر رَبَّكَ كَثيرًا وَسَبِّح بِالعَشِىِّ وَالإِبكٰرِ (آيت : 41) |
زڪريا عرض ڪيو ته پالڻهار! منهنجي (دلجاءِ) لاءِ ڪا نشاني مقرر ڪر. ارشاد ٿيو: تنهنجي نشاني هي آهي ته تون ٽي ڏينهن ماڻهن سان ڳالهائي نه سگهندين، ۽ تون (انهيءَ شڪريه ۾) پنهنجي پروردگار کي گهڻو ياد ڪر، ۽ شام ۽ صبح جو (سندس) پاڪائي بيان ڪر. |
وَإِذ قالَتِ المَلٰئِكَةُ يٰمَريَمُ إِنَّ اللَّهَ اصطَفىٰكِ وَطَهَّرَكِ وَاصطَفىٰكِ عَلىٰ نِساءِ العٰلَمينَ (آيت : 42) |
۽ (اها ڳالھ ياد ڪريو) جڏهن فرشتن مريم کي چيو ته اي مريم! بيشڪ خدا تو کي برگزيده ڪيو. ۽ تو کي (تمام گناهن ۽ بڇڙاين کان) پاڪ صاف رکيو ۽ سموري جهان جي عورتن کان تو کي پسند ڪيو. |
يٰمَريَمُ اقنُتى لِرَبِّكِ وَاسجُدى وَاركَعى مَعَ الرّٰكِعينَ (آيت : 43) |
اي مريم! (انهيءَ شڪريه ۾) پنهنجي پروردگار جي فرمانبرداري ڪر ۽ سجده ڪر ۽ رڪوع ڪرڻ وارن سان گڏ رڪوع ڪندي رھ. |
ذٰلِكَ مِن أَنباءِ الغَيبِ نوحيهِ إِلَيكَ وَما كُنتَ لَدَيهِم إِذ يُلقونَ أَقلٰمَهُم أَيُّهُم يَكفُلُ مَريَمَ وَما كُنتَ لَدَيهِم إِذ يَختَصِمونَ (آيت : 44) |
(اي رسول!) هيءَ (خبر) غيب جي خبرن مان آهي جا اسين تو ڏي وحي ڪريون ٿا. (اي رسول) تون ته انهن (مريم جي سرپرستن) وٽ موجود نه هئين جڏهن انهن مقابلو ڪندي پنهنجا قلم دريا ۾ پُکي طور وڌائون ٿي ته انهن مان ڪير مريم کي سنڀاليندو. |
إِذ قالَتِ المَلٰئِكَةُ يٰمَريَمُ إِنَّ اللَّهَ يُبَشِّرُكِ بِكَلِمَةٍ مِنهُ اسمُهُ المَسيحُ عيسَى ابنُ مَريَمَ وَجيهًا فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَمِنَ المُقَرَّبينَ (آيت : 45) |
۽ (اهو وقت ياد ڪريو) جڏهن فرشتن (مريم کي) چيو ته اي مريم! بيشڪ خدا تو کي سندس حڪم (سان هڪ ٿيندڙ پٽ) جي خوش خبري ٻڌائي ٿو جنهن جو نالو عيسى مسيح پٽ مريم جو آهي جو دنيا ۽ آخرت ۾ (عزت) آبرو وارو ۽ الله جي مقربن مان هوندو. |
وَيُكَلِّمُ النّاسَ فِى المَهدِ وَكَهلًا وَمِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 46) |
۽ ماڻهن سان پينگهي ۾ ۽ وڏي عمر جو ٿي (ٻنهين حالتن ۾ هڪ جهڙو) ڳالهائيندو ۽ نيڪن مان هوندو. |
قالَت رَبِّ أَنّىٰ يَكونُ لى وَلَدٌ وَلَم يَمسَسنى بَشَرٌ قالَ كَذٰلِكِ اللَّهُ يَخلُقُ ما يَشاءُ إِذا قَضىٰ أَمرًا فَإِنَّما يَقولُ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 47) |
(اهو ٻڌي مريم، تعجب سان) چوڻ لڳي ته اي منهنجا رب! مون کي ڪٿان ٻار ٿيندو؟ مون کي ته ڪنهن ماڻهوءَ هٿ به نه لاتو آهي ارشاد ٿيو ته اهڙي طرح الله جيڪي گهري ٿو سو پيدا ڪري ٿو ته ان کي رڳو چوي ٿو ته ”ٿي“ ته اهو ٿي پوي ٿو. |
وَيُعَلِّمُهُ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَالتَّورىٰةَ وَالإِنجيلَ (آيت : 48) |
۽ (مريم) خدا ان کي(سڀ) آسماني ڪتاب ۽ عقل جون ڳالهيون ۽ (خاص ڪري) تورات ۽ انجيل سيکاريندو. |
وَرَسولًا إِلىٰ بَنى إِسرٰءيلَ أَنّى قَد جِئتُكُم بِـٔايَةٍ مِن رَبِّكُم أَنّى أَخلُقُ لَكُم مِنَ الطّينِ كَهَيـَٔةِ الطَّيرِ فَأَنفُخُ فيهِ فَيَكونُ طَيرًا بِإِذنِ اللَّهِ وَأُبرِئُ الأَكمَهَ وَالأَبرَصَ وَأُحىِ المَوتىٰ بِإِذنِ اللَّهِ وَأُنَبِّئُكُم بِما تَأكُلونَ وَما تَدَّخِرونَ فى بُيوتِكُم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لَكُم إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 49) |
۽ (کيس) بني اسرائيلين ڏي رسول ڪري موڪليندو (هن دعوى سان) ته مون اوهان جي پالڻهار وٽان (پنهنجي نبوت جي) هيءَ نشاني آندي آهي ته آءُ اوهان لاءِ مٽي مان پکيءَ جي شڪل جهڙو (بوتو) ٺاهيان ٿو. پوءِ ان تي ڦوڪيان ٿو. پوءِ اهو الله جي حڪم سان پکي ٿيندو ۽ الله جي حڪم سان ماءَ ڄاول انڌي ۽ ڪوڙي کي چڱو ڀلو ڪريان ٿو ۽ مئل جيئرا ڪريان ٿو. ”جيڪي اوهان کائو ٿا ۽ جيڪي پنهنجي گهرن ۾ گڏ ڪريو ٿا آءُ (سڀ اوهان کي ٻڌائيندس جيڪڏهن اوهان ايماندار آهيو ته بيشڪ اوهان لاءِ انهي ڳالهين) ۾ (منهنجي قدرت جي وڏي) نشاني آهي. |
وَمُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَىَّ مِنَ التَّورىٰةِ وَلِأُحِلَّ لَكُم بَعضَ الَّذى حُرِّمَ عَلَيكُم وَجِئتُكُم بِـٔايَةٍ مِن رَبِّكُم فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 50) |
۽ حڪومت منهنجي اڳيان تورات آهي، جنهن کي سچو چوندڙ ٿي (آيو آهيان) ۽ هن لاءِ ته جيڪي (شيون اوهان تي حرام ڪيل آهن تن مان ڪي اوهان لاءِ حلال ڪريان. ۽ آءُ اوهان وٽ اوهان جي پالڻهار وٽان (پنهنجي نبوت جي) نشاني کڻي آيو آهيان. پوءِ اوهين الله کان ڊڄو ۽ منهنجو چيو مڃيو. |
إِنَّ اللَّهَ رَبّى وَرَبُّكُم فَاعبُدوهُ هٰذا صِرٰطٌ مُستَقيمٌ (آيت : 51) |
بيشڪ خدا ئي منهنجو ۽ اوهان جو پالڻهار آهي پوءِ سندس عبادت ڪريو (ڇو ته) اهو ئي (نجات جو) سڌو رستو آهي. |
فَلَمّا أَحَسَّ عيسىٰ مِنهُمُ الكُفرَ قالَ مَن أَنصارى إِلَى اللَّهِ قالَ الحَوارِيّونَ نَحنُ أَنصارُ اللَّهِ ءامَنّا بِاللَّهِ وَاشهَد بِأَنّا مُسلِمونَ (آيت : 52) |
پوءِ جڏهن عيسى (ايترو سمجهائڻ کان پوءِ به) سندن ڪفر (تي ضد) ڏٺو ته (نيٺ) چيائين ته ڪير اهڙو آهي جو خدا ڏي ٿي منهنجو مددگار بڻجي! (اهو ٻڌي) حوارين چيو ته اسين خدا جا طرفدار آهيون ۽ اسان خدا تي ايمان آندو ۽ تون شاهد هج ته اسين فرمانبردار آهيون. |
رَبَّنا ءامَنّا بِما أَنزَلتَ وَاتَّبَعنَا الرَّسولَ فَاكتُبنا مَعَ الشّٰهِدينَ (آيت : 53) |
(۽ انهن خدا جي بارگاھ ۾ عرض ڪيو ته) اي اسان جا پالڻهار! جيڪي تو نازل ڪيو تنهن تي اسان ايمان آندو ۽ اسان (تنهنجي) رسول (عيسى) جي پيروي اختيار ڪئي پوءِ تون اسان کي (پنهنجي رسول جي) شاهدن مان لک. |
وَمَكَروا وَمَكَرَ اللَّهُ وَاللَّهُ خَيرُ المٰكِرينَ (آيت : 54) |
۽ (يهودين عيسى سان) مڪاري ڪئي ۽ خدا به رٿ رٿي ۽ خدا سڀ کان چڱو تدبير ڪرڻ وارو آهي. |
إِذ قالَ اللَّهُ يٰعيسىٰ إِنّى مُتَوَفّيكَ وَرافِعُكَ إِلَىَّ وَمُطَهِّرُكَ مِنَ الَّذينَ كَفَروا وَجاعِلُ الَّذينَ اتَّبَعوكَ فَوقَ الَّذينَ كَفَروا إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ ثُمَّ إِلَىَّ مَرجِعُكُم فَأَحكُمُ بَينَكُم فيما كُنتُم فيهِ تَختَلِفونَ (آيت : 55) |
(اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن عيسى کي خدا فرمايو ته اي عيسى آءُ ضرور تنهنجي (زمين جي سڪونت) جي مدت پوري ڪندس ۽ تو کي پاڻ ڏي کڻندس ۽ ڪافرن (جي گندگي) کان تو کي پاڪ رکندس ۽ جن ماڻهن تنهنجي پيروي ڪئي انهن کي قيامت تائين ڪافرن تي غالب رکندس. پوءِ اوهان سڀني کي موٽي مون وٽ اچڻو آهي ته (ان ڏينهن) جن ڳالهين ۾ توهين (دنيا ۾) وڙهندا هئا (انهن جو) توهان ۾ فيصلو ڪندس. |
فَأَمَّا الَّذينَ كَفَروا فَأُعَذِّبُهُم عَذابًا شَديدًا فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَما لَهُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 56) |
پوءِ جن ڪفر ڪيو تن کي دنيا ۽ آخرت ۾ سخت عذاب ڏيندس ۽ انهن جو ڪو به مددگار نه هوندو. |
وَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَيُوَفّيهِم أُجورَهُم وَاللَّهُ لا يُحِبُّ الظّٰلِمينَ (آيت : 57) |
۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي سندن عيوضا پورا ڏيندو. ۽ الله ظالمن کي پسند نٿو ڪري. |
ذٰلِكَ نَتلوهُ عَلَيكَ مِنَ الءايٰتِ وَالذِّكرِ الحَكيمِ (آيت : 58) |
(اي رسول!) هي جو اسين تنهنجي اڳيان بيان ڪري رهيا آهيون (خدا جي قدرت جون) نشانيون ۽ حڪمت ڀريا تذڪرا آهن. |
إِنَّ مَثَلَ عيسىٰ عِندَ اللَّهِ كَمَثَلِ ءادَمَ خَلَقَهُ مِن تُرابٍ ثُمَّ قالَ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 59) |
خدا وٽ ته جهڙي عيسى جي حالت تهڙي ئي آدم جي حالت جو ان کي مٽيءَ جو پتلو بڻائي چيائين ته ”ٿيءُ!“ته (يڪدم ئي) اهو (انسان) ٿي پيو. |
الحَقُّ مِن رَبِّكَ فَلا تَكُن مِنَ المُمتَرينَ (آيت : 60) |
(اي رسول! اها آهي) سچي ڳالھ (جا) تنهنجي پروردگار جي طرفان (ٻڌائي وئي) آهي پوءِ تون شڪ ڪرڻ وارن مان نه ٿي. |
فَمَن حاجَّكَ فيهِ مِن بَعدِ ما جاءَكَ مِنَ العِلمِ فَقُل تَعالَوا نَدعُ أَبناءَنا وَأَبناءَكُم وَنِساءَنا وَنِساءَكُم وَأَنفُسَنا وَأَنفُسَكُم ثُمَّ نَبتَهِل فَنَجعَل لَعنَتَ اللَّهِ عَلَى الكٰذِبينَ (آيت : 61) |
پوءِ جيڪي تو سان ان ۾ هن کان پوءِ (به) جهڳڙو ڪن جو تو وٽ علم (قرآن) پهتو ته کين چئو ته (چڱو ميدان ۾) اچو ته اسين پنهنجن پٽن کي آڻيون توهان پنهنجن پٽن کي ۽ اسين پنهنجن زالن کي آڻيون توهين پنهنجين زالن کي۽ اسين پنهنجن نفسن (جان جگرن) کي سڏيون ۽ اوهان پنهنجي نفسن کي وري زاريءَ سان دعا گهرون ۽ ڪوڙن تي خدا جي لعنت ڪريون. |
إِنَّ هٰذا لَهُوَ القَصَصُ الحَقُّ وَما مِن إِلٰهٍ إِلَّا اللَّهُ وَإِنَّ اللَّهَ لَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 62) |
(اي رسول) هي سڀ قصا آهن. ۽ الله کانسواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي. ۽ بيشڪ الله ئي زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. |
فَإِن تَوَلَّوا فَإِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِالمُفسِدينَ (آيت : 63) |
پوءِ جيڪڏهن (انهيءَ کان به) منهن ڦيرين ته (ڪجھ پرواھ نه آهي) خدا فسادي ماڻهن کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو. |
قُل يٰأَهلَ الكِتٰبِ تَعالَوا إِلىٰ كَلِمَةٍ سَواءٍ بَينَنا وَبَينَكُم أَلّا نَعبُدَ إِلَّا اللَّهَ وَلا نُشرِكَ بِهِ شَيـًٔا وَلا يَتَّخِذَ بَعضُنا بَعضًا أَربابًا مِن دونِ اللَّهِ فَإِن تَوَلَّوا فَقولُوا اشهَدوا بِأَنّا مُسلِمونَ (آيت : 64) |
(اي رسول!) تون (هنن کي) چئو اي اهل ڪتاب توهان ڪنهن اهڙي (اتفاق جهڙي) ڳالھ تي اچو جا توهان ۽ اسان جي وچ تي هڪ جهڙي آهي (اهو هي عقيدو) ته خدا کانسواءِ ڪنهن ٻئي جي عبادت نه ڪريون ۽ ڪنهن کي به ان سان شريڪ نه ڪريون ۽ خدا کان سواءِ اسان مان ڪو به ڪنهن کي پنهنجو پروردگار نه بنائي. پوءِ جيڪڏهن (ان کان به) منهن موڙين ته تون (کين) چئو ته اوهين شاهد رهو ته اسين (خدا جا) فرمانبردار آهيون. |
يٰأَهلَ الكِتٰبِ لِمَ تُحاجّونَ فى إِبرٰهيمَ وَما أُنزِلَتِ التَّورىٰةُ وَالإِنجيلُ إِلّا مِن بَعدِهِ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 65) |
اي اهل ڪتاب! توهان ابراهيم جي باري ۾ ڇا لاءِ جهڳڙو ڪريو ٿا (جو کيس ڪو نصراني ٿو سڏي ته ڪو يهودي) هوڏانهن توريت ۽ انجيل (جن کان يهودين ۽ نصارن جي شروعات ٿي ٿي) اهي هن کان پوءِ ته نازل ٿيا، ته ڇا توهان (ايترو به) نه ٿا سمجهو؟ |
هٰأَنتُم هٰؤُلاءِ حٰجَجتُم فيما لَكُم بِهِ عِلمٌ فَلِمَ تُحاجّونَ فيما لَيسَ لَكُم بِهِ عِلمٌ وَاللَّهُ يَعلَمُ وَأَنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 66) |
هوشيار ٿيو! توهان اهي (احمق) ماڻهو آهيو جو جنهن جي اوهان کي ڄاڻ هئي تنهن ۾ (ته) توهان جهڳڙو ڪيو (خير) ۽ جنهن جي اوهان کي خبر نه آهي تنهن ۾ ڇو ٿا جهڳڙو ڪريو ۽ (حال ته) خدا ٿو ڄاڻي ۽ اوهين نه ٿا ڄاڻو. |
ما كانَ إِبرٰهيمُ يَهودِيًّا وَلا نَصرانِيًّا وَلٰكِن كانَ حَنيفًا مُسلِمًا وَما كانَ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 67) |
ابراهيم نه يهودي هو ۽ نه نصراني، پر هڪ طرفو فرمانبردار (باطل مذهبن کان بلڪل بيزار) هو. ۽ مشرڪن مان (به) نه هو. |
إِنَّ أَولَى النّاسِ بِإِبرٰهيمَ لَلَّذينَ اتَّبَعوهُ وَهٰذَا النَّبِىُّ وَالَّذينَ ءامَنوا وَاللَّهُ وَلِىُّ المُؤمِنينَ (آيت : 68) |
بيشڪ ماڻهن مان ابراهيم کي زياده ويجها اهي آهن جن سندس تابعداري ڪئي ۽ پڻ هن پيغمبر ۽ ايمان وارن کي (به) آهي. ۽ مومنن جو خدا مالڪ آهي. |
وَدَّت طائِفَةٌ مِن أَهلِ الكِتٰبِ لَو يُضِلّونَكُم وَما يُضِلّونَ إِلّا أَنفُسَهُم وَما يَشعُرونَ (آيت : 69) |
(مسلمانو) ڪتاب وارن مان هڪ جماعت اوهان کي گمراھ ڪرڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي. هوڏانهن اهي پاڻ کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي گمراھ نه ٿا ڪن ۽ ان کي سمجهن (به) نه ٿا. |
يٰأَهلَ الكِتٰبِ لِمَ تَكفُرونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَأَنتُم تَشهَدونَ (آيت : 70) |
اي ڪتاب وارو!اوهان خدا جي آيتن جو انڪار ڇو ٿا ڪريو؟ حالانڪه توهان به شاهد بڻجي سگهو ٿا. |
يٰأَهلَ الكِتٰبِ لِمَ تَلبِسونَ الحَقَّ بِالبٰطِلِ وَتَكتُمونَ الحَقَّ وَأَنتُم تَعلَمونَ (آيت : 71) |
اي ڪتاب وارو! سچ کي ڪوڙ سان ڇو ٿا ملايو ۽ ڄاڻ هوندي به سچ کي ڄاڻي واڻي ڇو ٿا لڪايو. |
وَقالَت طائِفَةٌ مِن أَهلِ الكِتٰبِ ءامِنوا بِالَّذى أُنزِلَ عَلَى الَّذينَ ءامَنوا وَجهَ النَّهارِ وَاكفُروا ءاخِرَهُ لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 72) |
۽ ڪتاب وارن مان هڪڙن چيو ته جيڪي ايمان وارن تي نازل ڪيو ويو آهي تنهن تي ڏينهن جي اڳياڙيءَ ۾ ايمان آڻيو ۽ ان جي پوياڙيءَ ۾ انڪار ڪريو ته من مسلمان (ان تدبير سان پنهنجي دين کان) موٽن. |
وَلا تُؤمِنوا إِلّا لِمَن تَبِعَ دينَكُم قُل إِنَّ الهُدىٰ هُدَى اللَّهِ أَن يُؤتىٰ أَحَدٌ مِثلَ ما أوتيتُم أَو يُحاجّوكُم عِندَ رَبِّكُم قُل إِنَّ الفَضلَ بِيَدِ اللَّهِ يُؤتيهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 73) |
۽ جو توهان جي دين جي پيروي ڪري ان کان سواءِ ڪنهن ٻئي جي ڳالھ تي اعتبار نه ڪريو (اي رسول!) تون چوين ته خدا جي هدايت ته (سچي) هدايت آهي (يهودي پاڻ ۾ اهو به چون ٿا ته) ان کي به (نه مڃجو) جو جهڙو (سٺو هين) اوهان کي ڏنو ويو آهي تهڙو ڪنهن ٻئي کي ڏنو وڃي يا توهان سان ڪو شخص خدا وٽ جهڳڙو ڪري (اي رسول! تون کين) چئو ته (اهو ڪهڙو نه خام خيال آهي) فضل ۽ (ڪرم) خدا جي هٿ ۾ آهي اهو جنهن کي گهري ته ڏي ۽ خدا گهڻو ڏيندڙ، (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ آهي. |
يَختَصُّ بِرَحمَتِهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ ذُو الفَضلِ العَظيمِ (آيت : 74) |
منهنجي چاهي ته پنهنجي رحمت لاءِ خاص ڪري ٿو ڇڏي ۽ خدا وڏو فضل (۽ ڪرم) وارو آهي. |
وَمِن أَهلِ الكِتٰبِ مَن إِن تَأمَنهُ بِقِنطارٍ يُؤَدِّهِ إِلَيكَ وَمِنهُم مَن إِن تَأمَنهُ بِدينارٍ لا يُؤَدِّهِ إِلَيكَ إِلّا ما دُمتَ عَلَيهِ قائِمًا ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قالوا لَيسَ عَلَينا فِى الأُمِّيّۦنَ سَبيلٌ وَيَقولونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 75) |
۽ ڪتاب وارن مان ڪي اهڙا به آهن جن وٽ جيڪڏهن مال جا پرمارت رکندين ته اهو تو کي موٽائي ڏيندا ۽ انهن مان ڪي اهڙا به آهن جن وٽ جيڪڏهن اشرفي به امانت رکندين ته (اها) به جيستائين تون انهن جي مٿان بيٺو نه هوندين ته تو کي موٽائي نه ڏيندا. اها (بد معاملگي) هن ڪري آهي جو سندن اهو چوڻ آهي ته (عرب جي) جاهلن ( جو حق مارڻ) ۾ اسان تي ڪا به (الزام جي) راھ آهي ئي ڪا نه. ۽ اهي ڄاڻي واڻي خدا تي ڪوڙ (جو طوفان) ٻڌن ٿا. |
بَلىٰ مَن أَوفىٰ بِعَهدِهِ وَاتَّقىٰ فَإِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُتَّقينَ (آيت : 76) |
پر جنهن پنهنجو انجام پورو ڪيو ۽ پرهيزگار ٿيو ته بيشڪ الله پرهيزگارن کي دوست رکي ٿو. |
إِنَّ الَّذينَ يَشتَرونَ بِعَهدِ اللَّهِ وَأَيمٰنِهِم ثَمَنًا قَليلًا أُولٰئِكَ لا خَلٰقَ لَهُم فِى الءاخِرَةِ وَلا يُكَلِّمُهُمُ اللَّهُ وَلا يَنظُرُ إِلَيهِم يَومَ القِيٰمَةِ وَلا يُزَكّيهِم وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 77) |
بيشڪ جيڪي الله سان پنهنجا عهد اقرار ۽ (قسم) اقسام جي عيوض ٿورو (دنياوي) فائدو وٺن ٿا تن لاءِ آخرت ۾ ڪجھ به حصو نه آهي ۽ نه انهن سان ڪو خدا ڳالهائيندو. ۽ نه انهن ڏي قيامت جي ڏينهن نظر (رحمت) ئي ڪندو ۽ نه انهن کي (گناهن جي گندگين کان) پاڪ ڪندو ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. |
وَإِنَّ مِنهُم لَفَريقًا يَلوۥنَ أَلسِنَتَهُم بِالكِتٰبِ لِتَحسَبوهُ مِنَ الكِتٰبِ وَما هُوَ مِنَ الكِتٰبِ وَيَقولونَ هُوَ مِن عِندِ اللَّهِ وَما هُوَ مِن عِندِ اللَّهِ وَيَقولونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 78) |
۽ اهل ڪتاب مان ضرور اهڙا به آهن جيڪي ڪتاب توريت سان پنهنجي زبانن کي مروڙي (ڪجھ جو ڪجھ) پڙهي وڃن ٿا هن لاءِ ته اوهين ان کي ڪتاب مان خيال ڪريو هوڏانهن اهو ڪتاب مان نه آهي ۽ چون ٿا ته اهو خدا جي طرفان آهي هوڏانهن اهو خدا جي طرفان نه آهي. ۽ اهي ڄاڻي واڻي ڪوڙ مڙهن ٿا. |
ما كانَ لِبَشَرٍ أَن يُؤتِيَهُ اللَّهُ الكِتٰبَ وَالحُكمَ وَالنُّبُوَّةَ ثُمَّ يَقولَ لِلنّاسِ كونوا عِبادًا لى مِن دونِ اللَّهِ وَلٰكِن كونوا رَبّٰنِيّۦنَ بِما كُنتُم تُعَلِّمونَ الكِتٰبَ وَبِما كُنتُم تَدرُسونَ (آيت : 79) |
ڪنهن به ماڻهو جو هيءُ ڪم نه آهي ته الله ان کي ڪتاب ۽ حڪمت ۽ نبوت عطا فرمائي ۽ اهو ماڻهن کي چوندو وتي ته خدا کي ڇڏي منهنجا ٻانها ٿيو، پر (چوندو ته) الله وارا ٿيو! هن ڪري ته اوهين ڪتاب پيا سيکاريو ۽ اوهين (هميشه پيا پڙهو). |
وَلا يَأمُرَكُم أَن تَتَّخِذُوا المَلٰئِكَةَ وَالنَّبِيّۦنَ أَربابًا أَيَأمُرُكُم بِالكُفرِ بَعدَ إِذ أَنتُم مُسلِمونَ (آيت : 80) |
۽ نڪي (اهڙو ماڻهو) اوهان کي هي حڪم ڪندو ته ملائڪن ۽ نبين کي پنهنجو پالڻهار ڪري وٺو. ڀلا (ڪڏهن ائين به ٿي سگهي ٿو ته) توهان جي مسلمان هجڻ کان پوءِ اوهان کي ڪفر جو حڪم ڪندو. |
وَإِذ أَخَذَ اللَّهُ ميثٰقَ النَّبِيّۦنَ لَما ءاتَيتُكُم مِن كِتٰبٍ وَحِكمَةٍ ثُمَّ جاءَكُم رَسولٌ مُصَدِّقٌ لِما مَعَكُم لَتُؤمِنُنَّ بِهِ وَلَتَنصُرُنَّهُ قالَ ءَأَقرَرتُم وَأَخَذتُم عَلىٰ ذٰلِكُم إِصرى قالوا أَقرَرنا قالَ فَاشهَدوا وَأَنا۠ مَعَكُم مِنَ الشّٰهِدينَ (آيت : 81) |
۽ (اي رسول! اهو وقت به ياد ڏيار) جڏهن خدا نبين جو اقرار ورتو ته جو ڪتاب ۽ حڪمت اوهان کي ڏيان ان کان پوءِ اوهان وٽ رسول اچي ۽ جو ڪتاب اوهان وٽ آهي ان جي تصديق ڪري ته (ڏسجو!) توهان ضرور ان تي ايمان آڻيندوء ۽ ضرور ان جي مدد ڪندوءَ. (۽) خدا فرمايو ته ڇا اوهان اقرار ڪيو ۽ ان (شرط) تي منهنجو عهد قبول ڪيو؟ چيائون ته اسان اقرار ڪيو. ارشاد ٿيو (ته چڱو) اوهين اڄ (جي قول ۽ اقرار جا) پاڻ ۾ هڪ ٻئي تي شاهد رهو ۽ آءُ به اوهان سان گڏ شاهدن مان آهيان. |
فَمَن تَوَلّىٰ بَعدَ ذٰلِكَ فَأُولٰئِكَ هُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 82) |
پوءِ جيڪي به ان کان پوءِ ڦرندا ته اهي بدڪار آهن. |
أَفَغَيرَ دينِ اللَّهِ يَبغونَ وَلَهُ أَسلَمَ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ طَوعًا وَكَرهًا وَإِلَيهِ يُرجَعونَ (آيت : 83) |
ته ڇا اهي ماڻهو خدا جي دين کان سواءِ (ڪو ٻيو دين) ڳولين ٿا، هوڏانهن جي (فرشته) آسمانن ۾ آهن ۽ جي (ماڻهو وغيره) زمين ۾ آهن سي خوشيءَ ۽ مجبوري سان سندس فرمانبردار ٿيا آهن ۽ آخر ان ڏي ئي موٽايا ويندا. |
قُل ءامَنّا بِاللَّهِ وَما أُنزِلَ عَلَينا وَما أُنزِلَ عَلىٰ إِبرٰهيمَ وَإِسمٰعيلَ وَإِسحٰقَ وَيَعقوبَ وَالأَسباطِ وَما أوتِىَ موسىٰ وَعيسىٰ وَالنَّبِيّونَ مِن رَبِّهِم لا نُفَرِّقُ بَينَ أَحَدٍ مِنهُم وَنَحنُ لَهُ مُسلِمونَ (آيت : 84) |
(اي رسول! انهن ماڻهو کي) چئو ته اسان ته خدا تي ايمان آندو ۽ جو ڪتاب اسان تي نازل ٿيو ۽ جيڪي صحيفه ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق ۽ يعقوب جي اولاد تي نازل ٿيا ۽ موسى ۽ عيسى ۽ ٻين پيغمبرن کي (جي ڪتاب) سندن پروردگار جي طرفان عنايت ٿيا (سڀ تي ايمان آندوسين) اسين ته انهن مان ڪنهن هڪ ۾ به فرق نٿا ڪريون. ۽ اسان ته ان (خدا واحد) جا فرمانبردار آهيون. |
وَمَن يَبتَغِ غَيرَ الإِسلٰمِ دينًا فَلَن يُقبَلَ مِنهُ وَهُوَ فِى الءاخِرَةِ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 85) |
۽ جيڪو اسلام کان سواءِ ڪنهن ٻئي دين جي خواهش ڪندو ته سندس اهو دين ڪڏهين به قبول نه ڪيو ويندو ۽ هو آخرت ۾ نقصان پائڻ وارن مان آهي. |
كَيفَ يَهدِى اللَّهُ قَومًا كَفَروا بَعدَ إيمٰنِهِم وَشَهِدوا أَنَّ الرَّسولَ حَقٌّ وَجاءَهُمُ البَيِّنٰتُ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 86) |
ڀلا اهڙن ماڻهن کي خدا ڪئين هدايت ڪندو جن ايمان آڻڻ کان پوءِ ڪفر ڪيو هوڏانهن اهي اقرار ڪري چڪا هئا ته پيغمبر (آخر الزمان) برحق آهي ۽ انهن ڏانهن ظاهر ۽ روشن معجزا به اچي چڪا هئا ۽ خدا اهڙي ضدي قوم وارن ماڻهن کي هدايت نٿو ڪري. |
أُولٰئِكَ جَزاؤُهُم أَنَّ عَلَيهِم لَعنَةَ اللَّهِ وَالمَلٰئِكَةِ وَالنّاسِ أَجمَعينَ (آيت : 87) |
اهڙن ماڻهن جي سزا هي آهي ته انهن تي خدا ۽ فرشتن ۽ (سموري جهان جي) سڀني انسانن جي ڦٽڪار آهي ۽ اهي هميشه انهيءَ ڦٽڪار ۾ پيا رهندا. |
خٰلِدينَ فيها لا يُخَفَّفُ عَنهُمُ العَذابُ وَلا هُم يُنظَرونَ (آيت : 88) |
نه انهن تان عذاب گهٽ ٿيندو ۽ نه انهن کي مهلت ڏني ويندي. |
إِلَّا الَّذينَ تابوا مِن بَعدِ ذٰلِكَ وَأَصلَحوا فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 89) |
پر (هاءُ!) جن ماڻهن انکان پوءِ توبه ڪئي ۽ پنهنجيءَ (خرابي جو) اصلاح ڪيو ته پوءِ خدا معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا بَعدَ إيمٰنِهِم ثُمَّ ازدادوا كُفرًا لَن تُقبَلَ تَوبَتُهُم وَأُولٰئِكَ هُمُ الضّالّونَ (آيت : 90) |
بيشڪ جيڪي پنهنجي ايمان آڻڻ کان پوءِ ڪافر ٿيا، وري (روز بروز) ڪفر ۾ وڌندا ويا ته انهن جي توبه ڪڏهن به قبول نه ڪئي ويندي ۽ اهي ئي ماڻهو (چوٽي جي درجي جا) گمراھ آهن. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا وَماتوا وَهُم كُفّارٌ فَلَن يُقبَلَ مِن أَحَدِهِم مِلءُ الأَرضِ ذَهَبًا وَلَوِ افتَدىٰ بِهِ أُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ أَليمٌ وَما لَهُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 91) |
بيشڪ جيڪي ڪافر ٿيا ۽ ڪافر ٿي مئا تن مان ڪنهن کان به زمين جيترو ڀرپور سون به جند ڇڏائڻ لاءِ قبول نه ڪيو ويندو. اهي، هي ماڻهو آهن جن لاءِ دردناڪ عذاب آهي ۽ انهن جا ڪي به مددگار نه هوندا. |
لَن تَنالُوا البِرَّ حَتّىٰ تُنفِقوا مِمّا تُحِبّونَ وَما تُنفِقوا مِن شَيءٍ فَإِنَّ اللَّهَ بِهِ عَليمٌ (آيت : 92) |
(انسانو!) اوهان ڀلائي کي ڪڏهن به نه پهچندو جيستائين پنهنجي پسند ڪيل شيءِ خرچ نه ڪندو. ۽ جا به شيءِ خرچ ڪندو تنهن کي خدا ڄاڻي ٿو. |
كُلُّ الطَّعامِ كانَ حِلًّا لِبَنى إِسرٰءيلَ إِلّا ما حَرَّمَ إِسرٰءيلُ عَلىٰ نَفسِهِ مِن قَبلِ أَن تُنَزَّلَ التَّورىٰةُ قُل فَأتوا بِالتَّورىٰةِ فَاتلوها إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 93) |
سڀ ڪو کاڌو اسرائيلين لاءِ حلال هو مگر جنهن کي يعقوب پاڻ تي تورات جي لهڻ جي اڳ کان حرام ڪيو هو. (اي رسول! انهن يهودين کي) چئو ته جيڪڏهن اوهين (پنهنجي ڳالھ ۾) سچا آهيو (ته چڱو) تورات کڻي اچو ۽ ان کي (اسان جي اڳيان) پڙهو. |
فَمَنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ مِن بَعدِ ذٰلِكَ فَأُولٰئِكَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 94) |
پوءِ ان کان بعد ۾ جو ڪوئي خدا تي ڪوڙ بدوڙ هڻي ته (سمجهو ته) اهي ئي ماڻهو ظالم (هٺيلا) آهن. |
قُل صَدَقَ اللَّهُ فَاتَّبِعوا مِلَّةَ إِبرٰهيمَ حَنيفًا وَما كانَ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 95) |
( اي رسول!) چئو ته خدا سچ فرمايو ته هاڻي اوهين ملت ابراهيم (اسلام) جي پيروي ڪريو (جو باطل کان هٽي هلندو هو) ۽ مشرڪن مان نه هو. |
إِنَّ أَوَّلَ بَيتٍ وُضِعَ لِلنّاسِ لَلَّذى بِبَكَّةَ مُبارَكًا وَهُدًى لِلعٰلَمينَ (آيت : 96) |
ماڻهن جي عبادت لاءِ جو گهر سڀ کان اول بنايو ويو اهو ته يقينن اهو (ڪعبه) آهي جو مڪي ۾ آهي، وڏو (خير ۽) برڪت وارو آهي ۽ سموري جهان وارن جو رهنما. |
فيهِ ءايٰتٌ بَيِّنٰتٌ مَقامُ إِبرٰهيمَ وَمَن دَخَلَهُ كانَ ءامِنًا وَلِلَّهِ عَلَى النّاسِ حِجُّ البَيتِ مَنِ استَطاعَ إِلَيهِ سَبيلًا وَمَن كَفَرَ فَإِنَّ اللَّهَ غَنِىٌّ عَنِ العٰلَمينَ (آيت : 97) |
هن ۾ (عزت ۽ حرمت جون) ڪيتريون ئي ظاهر ۽ روشن نشانيون آهن (انهن مان) مقام ابراهيم آهي (جتي سندس قدمن مان پٿر تي نشان آهن) ۽ جو هن گهر ۾ داخل ٿيو امن ۾ اچي ويو. ۽ ماڻهن تي واجب آهي ته فقط خدا لاءِ خانه ڪعبه جو حج ڪن، جن کي به اوستائين پهچڻ جي طاقت هجي. ۽ جنهن طاقت هوندي به حج کان انڪار ڪيو ته (ياد رهي ته) خدا ساري جهان کان بي پرواھ آهي. |
قُل يٰأَهلَ الكِتٰبِ لِمَ تَكفُرونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَاللَّهُ شَهيدٌ عَلىٰ ما تَعمَلونَ (آيت : 98) |
(اي رسول! تون چوين ته ڪتاب وارو! اوهين خدا جي آيتن جا ڇو منڪر ٿيندا وڃو ٿا حالانڪه جو ڪم ڪار اوهان ڪريو ٿا خدا کي ان جي پوري (پوري) خبر آهي. |
قُل يٰأَهلَ الكِتٰبِ لِمَ تَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ مَن ءامَنَ تَبغونَها عِوَجًا وَأَنتُم شُهَداءُ وَمَا اللَّهُ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 99) |
(اي رسول!) چوين ته اي ڪتاب وارو! ڄاڻي واڻي اوهين خدا جي (سڌي) راھ ۾ (ناحق) هٿرادو عيب ڳولي ايمان وارن کي ان کان ڇو ٿا جهليو ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کان خدا بي خبر نه آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِن تُطيعوا فَريقًا مِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ يَرُدّوكُم بَعدَ إيمٰنِكُم كٰفِرينَ (آيت : 100) |
اي ايمان وارو! جيڪڏهن اوهين ڪتاب وارن مان ڪنهن به فرقه جي فرمانبرداري ڪندو ته(ياد رکو!) ته اهي اوهان کي ڪافر بڻائيندا. |
وَكَيفَ تَكفُرونَ وَأَنتُم تُتلىٰ عَلَيكُم ءايٰتُ اللَّهِ وَفيكُم رَسولُهُ وَمَن يَعتَصِم بِاللَّهِ فَقَد هُدِىَ إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 101) |
۽ اوهين ڪئين ڪافر ٿيندو هوڏانهن اوهان جي اڳيان (رات ڏينهن) آيتون پڙهيون وڃن ٿيون ۽ اوهان ۾ سندس رسول (محمد) به (موجود) آهي. ۽ جي شخص خدا سان لوء لائيندو اهو ته ضرور سڌي رستي تي آندو ويو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ حَقَّ تُقاتِهِ وَلا تَموتُنَّ إِلّا وَأَنتُم مُسلِمونَ (آيت : 102) |
اي ايمان وارو! خدا کان ڊڄو جيئن ان کان ڊڄڻ جو حق آهي ۽ اوهين (دين) اسلام کان سواءِ ڪنهن ٻئي دين (باطل) تي نه مرجو. |
وَاعتَصِموا بِحَبلِ اللَّهِ جَميعًا وَلا تَفَرَّقوا وَاذكُروا نِعمَتَ اللَّهِ عَلَيكُم إِذ كُنتُم أَعداءً فَأَلَّفَ بَينَ قُلوبِكُم فَأَصبَحتُم بِنِعمَتِهِ إِخوٰنًا وَكُنتُم عَلىٰ شَفا حُفرَةٍ مِنَ النّارِ فَأَنقَذَكُم مِنها كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُم ءايٰتِهِ لَعَلَّكُم تَهتَدونَ (آيت : 103) |
۽ خدا جي رسيءَ کي سڀئي گڏجي مضبوط جهليو ۽ ڌار ڌار نه ٿيو. ۽ پاڻ تي خدا جي نعمت کي ياد ڪريو جڏهن اوهين (هڪ ٻئي جا دشمن هئا. پوءِ اوهان جي دلين ۾ محبت وڌائين. پوءِ اوهين سندس نعمت جي ڪري ڀائر ٿي پيا، ۽ اوهين (ڄڻ ته) باھ جي هڪ بٺي (دوزخ) جي ڪناري تي (بيٺا) هئا ۽ ڪرڻ تي هئا ته خدا اوهان کي بچائي ورتو اهڙي طرح الله اوهان لاءِ پنهنجا کليل حڪم بيان فرمائي ٿو (ته) من هدايت وارا ٿيو. |
وَلتَكُن مِنكُم أُمَّةٌ يَدعونَ إِلَى الخَيرِ وَيَأمُرونَ بِالمَعروفِ وَيَنهَونَ عَنِ المُنكَرِ وَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 104) |
۽ اوهان مان هڪ جماعت اهڙن (ماڻهن جو به) ته هئڻ گهرجي، جيڪي (ماڻهن کي) ڀلائي ڏي سڏين ۽ چڱي ڪم جو حڪم ڪن ۽ بڇڙي ڪم کان روڪين. ۽ اهي ئي (آخرت ۾) ڪامياب آهن. |
وَلا تَكونوا كَالَّذينَ تَفَرَّقوا وَاختَلَفوا مِن بَعدِ ما جاءَهُمُ البَيِّنٰتُ وَأُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 105) |
۽ انهن جهڙا نه ٿيو جيڪي (هڪ ٻئي کان) جدا ٿيا ۽ پاڻ ۾ ڦوٽ وڌائون ان کان پوءِ به جو وٽن ظاهر حڪم آيا ۽ اهڙن لاءِ ئي (تمام) سخت عذاب آهي. |
يَومَ تَبيَضُّ وُجوهٌ وَتَسوَدُّ وُجوهٌ فَأَمَّا الَّذينَ اسوَدَّت وُجوهُهُم أَكَفَرتُم بَعدَ إيمٰنِكُم فَذوقُوا العَذابَ بِما كُنتُم تَكفُرونَ (آيت : 106) |
(ان ڏينهن کان ڊڄو) جنهن ڏينهن ڪي منهن اڇا ٿيندا ۽ ڪي منهن ڪارا ٿيندا. پوءِ جن (ماڻهن) جا منهن ڪارا هوندا (تن کي چيو ويندو ته) (اڙي) ڇا! توهين ايمان آڻڻ کان پوءِ ڪافر ٿيا؟ چڱو ته (چکيو هاڻي) پنهنجي ڪفر جي سزا ۾ عذاب (جا مزا). |
وَأَمَّا الَّذينَ ابيَضَّت وُجوهُهُم فَفى رَحمَةِ اللَّهِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 107) |
۽ جن چهرن تي نور وسندو هوندو اهي ته خدا جي رحمت (بهشت) ۾ هوندا (۽) ان ۾ سدائين رهندا. |
تِلكَ ءايٰتُ اللَّهِ نَتلوها عَلَيكَ بِالحَقِّ وَمَا اللَّهُ يُريدُ ظُلمًا لِلعٰلَمينَ (آيت : 108) |
(اي رسول!) اهي خدا جون آيتون آهن جي اسين تو کي برابر پڙهي ٻڌايون ٿا. ۽ خدا ساري جهان جي ماڻهن مان ڪنهن تي (به) ظلم ڪرڻ نٿو گهري. |
وَلِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَإِلَى اللَّهِ تُرجَعُ الأُمورُ (آيت : 109) |
۽ جيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهي سو الله جو (ئي) آهي. ۽ (آخر) سڀ ڪم خدا ڏي موٽا ويندا. |
كُنتُم خَيرَ أُمَّةٍ أُخرِجَت لِلنّاسِ تَأمُرونَ بِالمَعروفِ وَتَنهَونَ عَنِ المُنكَرِ وَتُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَلَو ءامَنَ أَهلُ الكِتٰبِ لَكانَ خَيرًا لَهُم مِنهُمُ المُؤمِنونَ وَأَكثَرُهُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 110) |
اوهين ڪهڙو نه سٺو ٽولو آهيو! جو اوهين، ماڻهن کي هدايت ڪرڻ لاءِ (هادي بڻائي) پيدا ڪيا ويا آهيو. اوهين (يقينن ماڻهن کي) چڱن ڪمن جو ته حڪم ڪريو ٿا ۽ بڇڙن ڪمن کان کين منع ڪيو ٿا، ۽ خدا تي (پورو پورو) ايمان رکو ٿا. ۽ جيڪڏهن ڪتاب وارا به ايمان آڻن ها ته سندن حق ۾ سٺو هو. انهن مان ڪجھ ته ايماندار آهن ۽ گهڻا بدڪار. |
لَن يَضُرّوكُم إِلّا أَذًى وَإِن يُقٰتِلوكُم يُوَلّوكُمُ الأَدبارَ ثُمَّ لا يُنصَرونَ (آيت : 111) |
(مسلمانو!) هي ماڻهو معمولي ايذاءُ کان سواءِ اوهان کي ڪڏهين به نقصان پهچائي نه سگهندا ۽ جيڪڏهن اوهان سان وڙهندا ته کين توهان ڏي پٺي ئي ڪرڻي پوندين ۽ پوءِ انهن کي ڪٿان به مدد ڪانه ملندي. |
ضُرِبَت عَلَيهِمُ الذِّلَّةُ أَينَ ما ثُقِفوا إِلّا بِحَبلٍ مِنَ اللَّهِ وَحَبلٍ مِنَ النّاسِ وَباءو بِغَضَبٍ مِنَ اللَّهِ وَضُرِبَت عَلَيهِمُ المَسكَنَةُ ذٰلِكَ بِأَنَّهُم كانوا يَكفُرونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَيَقتُلونَ الأَنبِياءَ بِغَيرِ حَقٍّ ذٰلِكَ بِما عَصَوا وَكانوا يَعتَدونَ (آيت : 112) |
خدا جي ذمي ۽ ماڻهن جي ذمي کان سواءِ جتي به لڌا ويندا، اتي مٿن خواري وڌي وئي آهي ۽ خدا جي غضب سان موٽيا آهن. ۽ مٿن محتاجي (بد حالي) وڌي وئي آهي. اهو هن ڪري جو اهي الله جي آيتن جو انڪار ڪندا رهيا آهن ۽ ناحق نبين کي قتل ڪندا رهيا آهن، ڇو ته انهن نافرماني ڪئي ۽ اهي حد کان لنگهي ويندا هئا. |
لَيسوا سَواءً مِن أَهلِ الكِتٰبِ أُمَّةٌ قائِمَةٌ يَتلونَ ءايٰتِ اللَّهِ ءاناءَ الَّيلِ وَهُم يَسجُدونَ (آيت : 113) |
۽ هي سڀئي ماڻهو به سڀ جا سڀ هڪ جهڙا نه آهن (پر) اهل ڪتاب مان ڪجھ ماڻهو ته اهڙا به آهن جو (خدا جي دين تي) اهڙي طرح ثابت قدم آهن جي رات جي وقتن ۾ الله جون آيتون پڙهن ٿا ۽ اهي برابر سجدا ڪندا رهندا آهن. |
يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَيَأمُرونَ بِالمَعروفِ وَيَنهَونَ عَنِ المُنكَرِ وَيُسٰرِعونَ فِى الخَيرٰتِ وَأُولٰئِكَ مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 114) |
خدا ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان رکن ٿا ۽ چڱن ڪمن جو حڪم ڪن ٿا ۽ بڃڙين ڳالهين کان منع ڪن ٿا ۽ نيڪ ڪمن ۾ جلدي ڪن ٿا. اهي ئي انسان صالحن مان آهن. |
وَما يَفعَلوا مِن خَيرٍ فَلَن يُكفَروهُ وَاللَّهُ عَليمٌ بِالمُتَّقينَ (آيت : 115) |
۽ جيڪا به چڱائي ڪندا تنهن جي انهن سان بيقدري نه ڪئي ويندي ۽ خدا پرهيزگارن کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا لَن تُغنِىَ عَنهُم أَموٰلُهُم وَلا أَولٰدُهُم مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا وَأُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 116) |
بيشڪ جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو تن کي خدا (جي عذاب) کان بچائڻ ۾ سندن مال ۽ سندن اولاد ڪجھ به ڪم نه ايندا ۽ اهي دوزخي آهن هميشه ان ۾ پيا رهندا. |
مَثَلُ ما يُنفِقونَ فى هٰذِهِ الحَيوٰةِ الدُّنيا كَمَثَلِ ريحٍ فيها صِرٌّ أَصابَت حَرثَ قَومٍ ظَلَموا أَنفُسَهُم فَأَهلَكَتهُ وَما ظَلَمَهُمُ اللَّهُ وَلٰكِن أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 117) |
جو ڪجھ (خلاف شرع) هن دنيا جي (فاني) حياتي ۾ خرچ ڪن ٿا تنهن جو مثال هڪ اهڙي هوا جي مثال جهڙو آهي جنهن ۾ (تمام) سخت ٿڌ هجي جو اهڙن ماڻهن جي کيتيءَ کي وڃي لڳي جن پاڻ تي ظلم ڪيو پوءِ ان کي برباد ڪري ڇڏيائين. ۽ خدا هنن تي ظلم نه ڪيو آهي پر اهي پاڻ تي ظلم ڪن ٿا. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّخِذوا بِطانَةً مِن دونِكُم لا يَألونَكُم خَبالًا وَدّوا ما عَنِتُّم قَد بَدَتِ البَغضاءُ مِن أَفوٰهِهِم وَما تُخفى صُدورُهُم أَكبَرُ قَد بَيَّنّا لَكُمُ الءايٰتِ إِن كُنتُم تَعقِلونَ (آيت : 118) |
اي ايمان وارو! پنهنجن (مومنن) کان سواءِ (ٻئي ڪنهن کي) پنهنجو حال محرم نه بڻايو (ڇو ته) اهي غير ماڻهو اوهان کي نقصان پهچائڻ ۾ گهٽتائي نٿا ڪن. (پر) اوهين جيترو به تڪليف ۾ پوندوءَ اوترو ئي اهي خوش ٿيندا. دشمني ته انهن جي واتن مان ٽمي ٿي. پڻ جو (حسد ۽ ساڙ) انهن جي دلين ۾ ڀريل آهي اهو ان کان گهڻو ڪجھ آهي اسان اوهان لاءِ نشانيون بيان ڪيون آهن جيڪڏهن اوهين عقل رکو ٿا. |
هٰأَنتُم أُولاءِ تُحِبّونَهُم وَلا يُحِبّونَكُم وَتُؤمِنونَ بِالكِتٰبِ كُلِّهِ وَإِذا لَقوكُم قالوا ءامَنّا وَإِذا خَلَوا عَضّوا عَلَيكُمُ الأَنامِلَ مِنَ الغَيظِ قُل موتوا بِغَيظِكُم إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 119) |
اوهين اهي (سادا) ماڻهو آهيو جو انهن کي دوست ٿا رکو ۽ اهي اوهان کي ذرو به نٿا گهرن ۽ اوهين ته سڄي ڪتاب تي ايمان رکو ٿا ۽ اهي (اهڙا) نه آهن. پر جڏهن اهي اوهان سان ملن ٿا ته چون ٿا ته اسان ايمان آندو ۽ جڏهن اڪيلا ٿين ٿا ته اوهان تي ڪاوڙ کان آڱرين کي چڪ پائين ٿا. (کين چئو) ته پنهنجي ڪاوڙ جي ڪري (سڙي) مرو! بيشڪ خدا دلين جا ڳجھ ڄاڻندڙ آهي. |
إِن تَمسَسكُم حَسَنَةٌ تَسُؤهُم وَإِن تُصِبكُم سَيِّئَةٌ يَفرَحوا بِها وَإِن تَصبِروا وَتَتَّقوا لا يَضُرُّكُم كَيدُهُم شَيـًٔا إِنَّ اللَّهَ بِما يَعمَلونَ مُحيطٌ (آيت : 120) |
(ايمان وارو!) جيڪڏهن اوهان کي ڪا ڀلائي پهچندي ته اها انهن کي ڳوري لڳندي ۽ جيڪڏهن اوهان کي ڪو ڏک پهچندو ته ان جي ڪري هو خوش ٿيندا آهن. پر جيڪڏهن صبر ڪندوءَ ۽ پرهيزگار ٿيندو ته سندن مڪر اوهان کي ڪو به نقصان نه پهچائيندو. ڇو ته جيڪي اهي ڪن ٿا تن جي چالاڪين تي خدا حاوي آهي. |
وَإِذ غَدَوتَ مِن أَهلِكَ تُبَوِّئُ المُؤمِنينَ مَقٰعِدَ لِلقِتالِ وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 121) |
۽ (اي رسول) هڪ وقت اهو به هو جڏهن تون ٻار ٻچن سان صبح جو پنهنجي گهر مان نڪتين ۽ مومنن کي جنگ جي مورچن ۾ لاٿو ٿي. ۽ الله (سڀ ڪجھ) ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. |
إِذ هَمَّت طائِفَتانِ مِنكُم أَن تَفشَلا وَاللَّهُ وَلِيُّهُما وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 122) |
هي ان وقت جي ڳالھ آهي جڏهن اوهان مان ٻن گروهن بي همٿ ٿيڻ جو ارادو ڪيو. پوءِ (تيار ٿيا) ڇو ته خدا ته انهن جو سرپرست هو ۽ مومنن کي خدا تي ڀروسو ڪرڻ گهرجي. |
وَلَقَد نَصَرَكُمُ اللَّهُ بِبَدرٍ وَأَنتُم أَذِلَّةٌ فَاتَّقُوا اللَّهَ لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 123) |
۽ يشڪ خدا جنگ بَدر ۾ اوهان جي مدد ڪئي، توڙي جو اوهان، دشمنن جي ڀيٽ ۾ بي حقيقت هئا تڏهن به الله اوهان کي فتح ڏني ته پوءِ اوهان خدا جو خوف ڪندا ڪيو ته جيئن (سندس) شڪر گذار بڻجو. |
إِذ تَقولُ لِلمُؤمِنينَ أَلَن يَكفِيَكُم أَن يُمِدَّكُم رَبُّكُم بِثَلٰثَةِ ءالٰفٍ مِنَ المَلٰئِكَةِ مُنزَلينَ (آيت : 124) |
(اي رسول) تون ان وقت مومنن کي چوين پيو ته ڇا توهان لاءِ هي ڪافي نه آهي ته اوهان جو پاليندڙ ٽي هزار فرشته آسمان کان موڪلي اوهان جي مدد ڪري! |
بَلىٰ إِن تَصبِروا وَتَتَّقوا وَيَأتوكُم مِن فَورِهِم هٰذا يُمدِدكُم رَبُّكُم بِخَمسَةِ ءالٰفٍ مِنَ المَلٰئِكَةِ مُسَوِّمينَ (آيت : 125) |
هاءُ جيڪڏهن مستقل رهندوءَ ۽ (رسول جي مخالفت کان) بچو ۽ ڪافر پنهنجي (جوش ۾) به اوهان تي چڙهي به آيا ته اوهان جو پالڻهار اهڙن پنج هزار فرشتن سان اوهان جي مدد ڪندو جي جنگ جو نشان لڳايل محڪم هوندا. |
وَما جَعَلَهُ اللَّهُ إِلّا بُشرىٰ لَكُم وَلِتَطمَئِنَّ قُلوبُكُم بِهِ وَمَا النَّصرُ إِلّا مِن عِندِ اللَّهِ العَزيزِ الحَكيمِ (آيت : 126) |
۽ خدا اهو (امداد) فقط توهان جي خوشيءِ لاءِ ڪيو آهي ۽ جيئن توهان جي دل کي ٽيڪ ٿئي ۽ (هي ظاهر آهي) ته مدد جڏهين به ٿي ته خدا جي طرفان ئي ٿي جو سڀ تي غالب ۽ حڪمت وارو آهي. |
لِيَقطَعَ طَرَفًا مِنَ الَّذينَ كَفَروا أَو يَكبِتَهُم فَيَنقَلِبوا خائِبينَ (آيت : 127) |
(۽ اها مدد ڪئي به ته) ان لاءِ ته ڪافرن جي هڪ ٽولي کي گهٽ ڪري ڇڏي يا کين اهڙو وائڙو ڪري جو (پنهنجي منهن) نا مراد ٿي پنهنجي (پنهنجي) گهر هليا وڃن. |
لَيسَ لَكَ مِنَ الأَمرِ شَيءٌ أَو يَتوبَ عَلَيهِم أَو يُعَذِّبَهُم فَإِنَّهُم ظٰلِمونَ (آيت : 128) |
(اي رسول!) تنهنجو ته هن ۾ ڪجھ وس نه آهي، چاهي خدا انهن جي توبه قبول فرمائي يا کين سزا ڏئي ڇو ته اهي ظالم ته ضرور آهن ئي. |
وَلِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ يَغفِرُ لِمَن يَشاءُ وَيُعَذِّبُ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 129) |
۽ جو ڪجھ آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي سڀ خدا جو ئي آهي جنهن کي گهري ته سزا ڏئي ۽ خدا وڏو بخشڻهار ۽ نهايت رحم وارو آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَأكُلُوا الرِّبوٰا۟ أَضعٰفًا مُضٰعَفَةً وَاتَّقُوا اللَّهَ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 130) |
اي ايمان وارو! (پنهنجي اصل مال وڌائڻ لاءِ) چاڙهي وڌائي وياج نه کائو ۽ خدا کان ڊڄو ته جيئن اوهين ڇوٽڪارو لهو. |
وَاتَّقُوا النّارَ الَّتى أُعِدَّت لِلكٰفِرينَ (آيت : 131) |
۽ ان باھ کان پاڻ کي بچايو جيڪا ڪافرن لاءِ تيار ڪئي وئي آهي. |
وَأَطيعُوا اللَّهَ وَالرَّسولَ لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 132) |
۽ خدا ۽ رسول جي فرمانبرداري ڪريو ته جيئن اوهان تي رحم ڪيو وڃي. |
وَسارِعوا إِلىٰ مَغفِرَةٍ مِن رَبِّكُم وَجَنَّةٍ عَرضُهَا السَّمٰوٰتُ وَالأَرضُ أُعِدَّت لِلمُتَّقينَ (آيت : 133) |
۽ پنهنجي پالڻهار جي بخشش ۽ اهڙي جنت ڏي جلدي ڪريو جنهن جي (رڳو) ويڪراڻ ئي آسمانن ۽ زمينن جيتري آهي، جيڪا انهن پرهيزگارن لاءِ تيار ڪئي وئي آهي. |
الَّذينَ يُنفِقونَ فِى السَّرّاءِ وَالضَّرّاءِ وَالكٰظِمينَ الغَيظَ وَالعافينَ عَنِ النّاسِ وَاللَّهُ يُحِبُّ المُحسِنينَ (آيت : 134) |
جي آسودگي ۽ تنگيءَ ۾ به (خدا جي راھ ۾) خرچ ڪن ٿا ۽ ڪاوڙ کائيندڙ ۽ ماڻهن کي معافي ڏيندڙ آهن. ۽ خدا ڀلائي ڪندڙن سان الفت رکي ٿو. |
وَالَّذينَ إِذا فَعَلوا فٰحِشَةً أَو ظَلَموا أَنفُسَهُم ذَكَرُوا اللَّهَ فَاستَغفَروا لِذُنوبِهِم وَمَن يَغفِرُ الذُّنوبَ إِلَّا اللَّهُ وَلَم يُصِرّوا عَلىٰ ما فَعَلوا وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 135) |
۽ اهي ماڻهو جڏهن (اوچتو) ڪا بدڪاري ڪري وهن ٿا يا پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪن ٿا ته خدا کي ياد ڪن ٿا ۽ پنهنجي گناهن جي معافي گهرن ٿا ۽ خدا کان سواءِ گناهن جي بخشڻ وارو ٻيو ڪير آهي. ۽ جيڪڏهن ڪو (قصور) اهي اوچتو ڪندا ته ڄاڻي واڻي ان تي هَٺِ نه ڪندا آهن. |
أُولٰئِكَ جَزاؤُهُم مَغفِرَةٌ مِن رَبِّهِم وَجَنّٰتٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَنِعمَ أَجرُ العٰمِلينَ (آيت : 136) |
اهڙن ئي ماڻهن جي جزا سندن پروردگار جي طرف کان بخشش آهي ۽ اهي باغات آهن جن جي هيٺان واھ وهن ٿا جي ان ۾ سدائين رهندا. ۽ چڱي چال هلڻ وارن جي (به) ڪهڙي نه سٺي مزدوري آهي. |
قَد خَلَت مِن قَبلِكُم سُنَنٌ فَسيروا فِى الأَرضِ فَانظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُكَذِّبينَ (آيت : 137) |
بيشڪ اوهان کي اڳي (ڪيترائي) واقعا ٿي گذريا آهن، پوءِ ٿورو روءِ زمين تي گهمي ڦري ڏسو ته (پنهنجي پنهنجي وقتجي پيغمبرن کي) ڪوڙو چوڻ وارن جي پڇاڙي ڪئين ٿي. |
هٰذا بَيانٌ لِلنّاسِ وَهُدًى وَمَوعِظَةٌ لِلمُتَّقينَ (آيت : 138) |
(هي جيڪو ڪجھ اسان چيو سو) عام ماڻهن لاءِ ته فقط بيان آهي (پر) (خدا کان) ڊڄندڙن لاءِ هدايت ۽ نصيحت آهي. |
وَلا تَهِنوا وَلا تَحزَنوا وَأَنتُمُ الأَعلَونَ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 139) |
۽ (مسلمانو!) ڪاهل نه ٿيو ۽ (هن اتفاقي هار جنگ احد کان) غمگين نه ٿيو (ڇو ته) جيڪڏهن اوهين سچا مومن آهيو ته اوهان ئي غالب رهندو. |
إِن يَمسَسكُم قَرحٌ فَقَد مَسَّ القَومَ قَرحٌ مِثلُهُ وَتِلكَ الأَيّامُ نُداوِلُها بَينَ النّاسِ وَلِيَعلَمَ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا وَيَتَّخِذَ مِنكُم شُهَداءَ وَاللَّهُ لا يُحِبُّ الظّٰلِمينَ (آيت : 140) |
جيڪڏهن اوهان کي (احد ۾) زخم پهتو ته ڪافرن کي (به ته بدر ۾) ان جهڙو زخم پهتو آهي. (تڏهن به اهي بي همت نه ٿيا) اهي زماني جا اتفاق آهن جي اسين ماڻهن ۾ واري واري سان ڦيرائيندا آيا آهيون ۽ (اها اتفاق هار ان لاءِ هئي) ته سچي ايمان وارن کي (ظاهري مسلمانن کان الڳ) ڏسي ۽ توهان مان ڪن کي شهادت جي درجي تي فائز ڪري. ۽ خدا (رسول جي حڪم کان) سرڪشيءَ ڪرڻ وارن کي دوست نٿو رکي. |
وَلِيُمَحِّصَ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا وَيَمحَقَ الكٰفِرينَ (آيت : 141) |
۽ پڻ هي (به منظور هو) ته سچن ايماندارن کي ثابت قدمي ڪري (ظاهر ڪري) الڳ ڪري ۽ بيفرمانن (ڀڄڻ وارن) کي برباد ڪري. |
أَم حَسِبتُم أَن تَدخُلُوا الجَنَّةَ وَلَمّا يَعلَمِ اللَّهُ الَّذينَ جٰهَدوا مِنكُم وَيَعلَمَ الصّٰبِرينَ (آيت : 142) |
(مسلمانو!) ڇا اوهين سمجهو ٿا ته اوهين سڀ بهشت ۾ هليا ويندو؟ ۽ ڇا توهان مان خدا انهن ماڻهن کي به نه سڃاتو جن جهاد ڪيو ۽ نه ثابت قدم رهڻ وارن کي ئي سمجهيو؟ |
وَلَقَد كُنتُم تَمَنَّونَ المَوتَ مِن قَبلِ أَن تَلقَوهُ فَقَد رَأَيتُموهُ وَأَنتُم تَنظُرونَ (آيت : 143) |
۽ اوهان ته موت جي اچڻ کان اڳ ئي (جنگ ۾) مرڻ جي آرزو ڪندا هئا پوءِ هاڻي ته توهان ان کي پنهنجين اکين سان ڏٺو ۽ توهان هينئر به ڏسي رهيا آهيو (پوءِ جنگ کان ڇو ٿا لهرايو) |
وَما مُحَمَّدٌ إِلّا رَسولٌ قَد خَلَت مِن قَبلِهِ الرُّسُلُ أَفَإِي۟ن ماتَ أَو قُتِلَ انقَلَبتُم عَلىٰ أَعقٰبِكُم وَمَن يَنقَلِب عَلىٰ عَقِبَيهِ فَلَن يَضُرَّ اللَّهَ شَيـًٔا وَسَيَجزِى اللَّهُ الشّٰكِرينَ (آيت : 144) |
۽ محمد ته فقط رسول آهي (خدا ته نه آهي) ان کان اڳ ۾ به ڪيترائي رسول گذريا آهن پوءِ ڇا جيڪڏهن (محمد) پنهنجي موت سان مري وڃي يا ماريو وڃي ته اوهين پوين پيرن تي (پنهنجي اباڻي ڪفر ڏي) موٽي ويندو؟ ۽ جيڪو پوين پيرن ڦرندو (به) ته (ياد رکو!) اهو خدا جو ڪڏهن به ڪجھ بگاڙي نه سگهندو ۽ جلد ئي خدا شڪر ڪرڻ وارن کي سٺو بدلو ڏيندو. |
وَما كانَ لِنَفسٍ أَن تَموتَ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ كِتٰبًا مُؤَجَّلًا وَمَن يُرِد ثَوابَ الدُّنيا نُؤتِهِ مِنها وَمَن يُرِد ثَوابَ الءاخِرَةِ نُؤتِهِ مِنها وَسَنَجزِى الشّٰكِرينَ (آيت : 145) |
۽ سواءِ خدا جي حڪم جي ڪو به ماڻهو مري نٿو سگهي. مقرر ڪيل وقت تائين هر هڪ جو موت لکيل آهي. ۽ جو شخص (پنهنجي ڪئي جو) بدلو دنيا ۾ گهري ٿو ته اسان ان مان ڏيون ٿا ۽ جيڪو آخرت لاءَ گهري ته کيس ان مان ڏبو ۽ (ايمان جي نعمت) شڪر ڪرڻ وارن کي تمام جلد نيڪ جزا ڏينداسين. |
وَكَأَيِّن مِن نَبِىٍّ قٰتَلَ مَعَهُ رِبِّيّونَ كَثيرٌ فَما وَهَنوا لِما أَصابَهُم فى سَبيلِ اللَّهِ وَما ضَعُفوا وَمَا استَكانوا وَاللَّهُ يُحِبُّ الصّٰبِرينَ (آيت : 146) |
۽ (مسلمانو!) رڳو اوهين نه پر) اهڙا پيغمبر ڪيترائي گذريا آهن جن سان ڪيترن ئي خدا وارن (خدا جي راھ ۾) جهاد ڪيو ۽ وري انهن کي الله جي راھ ۾ اهي مصيبتون پيون پر نه ته انهن همت هاري ۽ نه ڊنا ۽ نه (دشمن اڳيان) ليلائڻ لڳا ۽ ثابت قدم رهڻ وارن کي خدا دوست ٿو رکي. |
وَما كانَ قَولَهُم إِلّا أَن قالوا رَبَّنَا اغفِر لَنا ذُنوبَنا وَإِسرافَنا فى أَمرِنا وَثَبِّت أَقدامَنا وَانصُرنا عَلَى القَومِ الكٰفِرينَ (آيت : 147) |
(۽ مزي جي ڳالھ ته) انهن جو چوڻ هي هو ته دعائون گهرڻ لڳا ته اي اسان جا پاليندڙ اسان جا گناھ ۽ اسان جي ڪمن ۾ زيادتين کي معاف فرماءِ ۽ دشمن جي مقابلي ۾ اسان کي ثابت قدم رک ۽ ڪافرن جي گروھ تي اسان کي فتح ڏي. |
فَـٔاتىٰهُمُ اللَّهُ ثَوابَ الدُّنيا وَحُسنَ ثَوابِ الءاخِرَةِ وَاللَّهُ يُحِبُّ المُحسِنينَ (آيت : 148) |
ته خدا کين دنيا ۾ بدلو (ڏنو) ۽ آخرت ۾ سٺو بدلو عنايت ڪيو. ۽ خدا نيڪي ڪندڙن کي دوست رکندو ئي آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِن تُطيعُوا الَّذينَ كَفَروا يَرُدّوكُم عَلىٰ أَعقٰبِكُم فَتَنقَلِبوا خٰسِرينَ (آيت : 149) |
اي ايمان وارو! جيڪڏهن اوهان ڪافرن جي پيروي ڪئي ته (ياد رکو ته) اهي توهان کي پوين پيرن تي (ڪفر ڏي) ڦيري وٺي ويندا پوءِ اوهين ڦري نقصان وارا ٿي پوندو. |
بَلِ اللَّهُ مَولىٰكُم وَهُوَ خَيرُ النّٰصِرينَ (آيت : 150) |
(اوهان ڪنهن جي مدد جا محتاج نه آهيو) بلڪه خدا توهان جو سرپرست آهي ۽ اهو سڀني مددگارن کان بهتر آهي. |
سَنُلقى فى قُلوبِ الَّذينَ كَفَرُوا الرُّعبَ بِما أَشرَكوا بِاللَّهِ ما لَم يُنَزِّل بِهِ سُلطٰنًا وَمَأوىٰهُمُ النّارُ وَبِئسَ مَثوَى الظّٰلِمينَ (آيت : 151) |
(اوهين گهٻرايو نه) اسين جلد اوهان جو رعب ڪافرن جي دلن ۾ وجهنداسون ان ڪري جو انهن الله سان شريڪ بڻايو (به ته) ان شيءِ (بت) کي جنهن کي خدا ڪنهن قسم جي حڪومت ڪين ڏني. ۽ (آخر ڪار) انهن جي جاءِ دوزخ آهي ۽ ظالمن لاءِ (ڪهڙي نه) بڇڙي آهي. |
وَلَقَد صَدَقَكُمُ اللَّهُ وَعدَهُ إِذ تَحُسّونَهُم بِإِذنِهِ حَتّىٰ إِذا فَشِلتُم وَتَنٰزَعتُم فِى الأَمرِ وَعَصَيتُم مِن بَعدِ ما أَرىٰكُم ما تُحِبّونَ مِنكُم مَن يُريدُ الدُّنيا وَمِنكُم مَن يُريدُ الءاخِرَةَ ثُمَّ صَرَفَكُم عَنهُم لِيَبتَلِيَكُم وَلَقَد عَفا عَنكُم وَاللَّهُ ذو فَضلٍ عَلَى المُؤمِنينَ (آيت : 152) |
۽ بيشڪ خدا (جنگ احد ۾ به) پنهنجي (فتح جو) واعدو سچو ڪري ڏيکاريو هو. اوهان ان جي حڪم سان (پهرين حملي ۾ ئي) انهن(ڪافرن) کي قتل تي قتل ڪري رهيا هئا ايستائين جو اوهان جي دل کي وڻندڙ ڳالھ (فتح) توهان کي ڏيکاري هئي تنهن کان پوءِ به اوهان (غنيمت جو مال ڏسي) بزدلي ڏيکاري ۽رسول جي حڪم (مورچي تي ڄمي رهڻ) ۾ پاڻ ۾ جهڳڙو ڪري ۽ (رسول جي) نافرماني ڪئي. اوهان مان ڪجھ ته دنيا جا طالب آهن (جو غنيمت جي مال تي ڪري پيا) ۽ ڪجھ آخرت جا طالب (جن رسول تي پنهنجي جان قربان ڪري ڇڏي) پوءِ (بزدليءَ ڪري) توهان کي (ڪافرن کان) ڦيريائين ۽ اوهين انهن کان ڀڳا. ان مان خدا کي توهان جو (ايمان، اخلاص) آزمائڻ منظور هو ۽ (ان هوندي به) خدا ته وڏو فضل ۽ ڪرم ڪرڻ وارو آهي. |
إِذ تُصعِدونَ وَلا تَلوۥنَ عَلىٰ أَحَدٍ وَالرَّسولُ يَدعوكُم فى أُخرىٰكُم فَأَثٰبَكُم غَمًّا بِغَمٍّ لِكَيلا تَحزَنوا عَلىٰ ما فاتَكُم وَلا ما أَصٰبَكُم وَاللَّهُ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 153) |
(مسلمانو! اوهين ان وقت کي ياد ڪري شرمائجو!) جڏهن اوهان (بدحواس ٿي) ڀڄندا جبل تي چڙهندي ٿي ويا ۽ هوڏانهن رسول اوهان جي پٺيان (بيٺو) اوهان کي سڏي رهيو هو پر اوهين (سر جي خوف کان) ڪنهن ڏي به ڪنڌ موڙي نٿي ڏٺو. پوءِ (جيئن ته اوهان رسول کي رنج پهچايو ته) خدا به اوهان کي (ان) رنج جي سزا ۾ (هار جو) رنج ڏنو جيئن جڏهن به ڪا شيءِ اوهان جي هٿن مان وڃي يا ڪا مصيبت پوي ته اوهين ڏک نه ڪريو ۽ صبر ڪرڻ سکو ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا خدا ان کان با خبر آهي. |
ثُمَّ أَنزَلَ عَلَيكُم مِن بَعدِ الغَمِّ أَمَنَةً نُعاسًا يَغشىٰ طائِفَةً مِنكُم وَطائِفَةٌ قَد أَهَمَّتهُم أَنفُسُهُم يَظُنّونَ بِاللَّهِ غَيرَ الحَقِّ ظَنَّ الجٰهِلِيَّةِ يَقولونَ هَل لَنا مِنَ الأَمرِ مِن شَيءٍ قُل إِنَّ الأَمرَ كُلَّهُ لِلَّهِ يُخفونَ فى أَنفُسِهِم ما لا يُبدونَ لَكَ يَقولونَ لَو كانَ لَنا مِنَ الأَمرِ شَيءٌ ما قُتِلنا هٰهُنا قُل لَو كُنتُم فى بُيوتِكُم لَبَرَزَ الَّذينَ كُتِبَ عَلَيهِمُ القَتلُ إِلىٰ مَضاجِعِهِم وَلِيَبتَلِىَ اللَّهُ ما فى صُدورِكُم وَلِيُمَحِّصَ ما فى قُلوبِكُم وَاللَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 154) |
پوءِ خدا ان رنج کان پوءِ اوهان تي اطمينان جي حالت طاري ڪئي جو اوهان مان هڪ ٽولي کي (سچا ايماندار هئا) تمام گهري ننڊ آئي ۽ هڪ گروھ (جن کي ان وقت ڀڄڻ جي شرم کان) جان جي لڳل هئي خدا سان (اجايون) جاهليت واريون بدگمانيون ڪرڻ لڳا (۽) چوڻ لڳا ته ڀلا ڇا! هي (فتح) ڪجھ به اسان جي اختيار ۾ آهي؟ (اي رسول!) چئو ته هر ڳالھ جو اختيار خدا کي ئي آهي ( زبان سان نه ٿا چون) پر هي پنهنجن دلن ۾ اهڙيون ڳالهيون لڪايون ويٺا آهن جي تو سان ظاهر نٿا ڪن (هاڻي ٻڌو!) چون ٿا ته ان ڳالھ (فتح) ۾ جي اسان جو ڪجھ به اختيار هجي ها ته اسين هتي ماريا ئي نه وڃون ها (اي رسول انهن کي) چئو ته اوهين جيڪڏهن پنهنجن گهرن ۾ رهو ها ته به جن جي تقدير ۾ وڙهي مرڻ لکيل هو ته اهي (پنهنجن گهرن مان) نڪري پنهنجي مرڻ جي جاءِ تي ضرور اچن ها ۽ (هي ان لاءِ ڪيو ويو) ته جيئن جو ڪجھ توهان جي دلين ۾ آهي ان جو خدا امتحان وٺي پڻ ماڻهو به ڏسن) ۽ هي ته جو ڪجھ اوهان جي دلين ۾ آهي ان کي صاف ڪري ڇڏي ۽ خدا ته دلين جا راز چڱي طرح ڄاڻي ٿو. |
إِنَّ الَّذينَ تَوَلَّوا مِنكُم يَومَ التَقَى الجَمعانِ إِنَّمَا استَزَلَّهُمُ الشَّيطٰنُ بِبَعضِ ما كَسَبوا وَلَقَد عَفَا اللَّهُ عَنهُم إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ حَليمٌ (آيت : 155) |
بيشڪ تنهن ڏينهن (احد ۾) ٻه جماعتون (هڪ ٻئي تي) سامهون ٿيون ان ڏينهن ئي ماڻهو اوهان (مسلمانن) مان ڀڳا، (ان جو سبب هي هو ته) سندن ڪن گناهن (رسول جي مخالفت) سبب شيطان کين ٿيڙيو ۽ سندن پير اکاڙيا پر (ان وقت ته) خدا ضرور انهن کان درگذر ڪيو. بيشڪ خدا وڏو بخشهڻار بردبار آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَكونوا كَالَّذينَ كَفَروا وَقالوا لِإِخوٰنِهِم إِذا ضَرَبوا فِى الأَرضِ أَو كانوا غُزًّى لَو كانوا عِندَنا ما ماتوا وَما قُتِلوا لِيَجعَلَ اللَّهُ ذٰلِكَ حَسرَةً فى قُلوبِهِم وَاللَّهُ يُحيۦ وَيُميتُ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 156) |
اي ايمان وارو! اوهين انهن جهڙا نه ٿيو جي ڪافر ٿي ويا ۽ جي ڀائر انهن جا پرديس ۾ ويا يا جهاد ڪرڻ ويا آهن (۽ اتي مري ويا) ته انهن لاءِ چوڻ لڳا ته جيڪڏهن اسان وٽ هجن ها ته نه مرن ها ۽ نه ماريا وڃن ها (۽ اهو ان ڪري آهي ته) جيئن خدا (هن خيال کي) سندن دلين ۾ افسوس ڪو (سبب) بڻائي ۽ (ائين ته) خدا ئي جياري ۽ ماري ٿو. پڻ جو ڪجھ اوهين ڪريو ٿا سو الله ڏسي ٿو. |
وَلَئِن قُتِلتُم فى سَبيلِ اللَّهِ أَو مُتُّم لَمَغفِرَةٌ مِنَ اللَّهِ وَرَحمَةٌ خَيرٌ مِمّا يَجمَعونَ (آيت : 157) |
۽ جيڪڏهن اوهين خدا جي راھ ۾ ماريا وڃو يا (پنهنجي موت) مرو ته بيشڪ خدا جي بخشش ۽ مهرباني انهيءَ (مال ۽ دولت) کان جنهن کي اوهين گڏ ڪريو ٿا، گهڻي چڱي آهي. |
وَلَئِن مُتُّم أَو قُتِلتُم لَإِلَى اللَّهِ تُحشَرونَ (آيت : 158) |
۽ جيڪڏهن اوهين مري ويا يا ڪسجي پيا (ته نيٺ) خدا ڏي ئي (قبرن مان) اٿاريا ويندو. |
فَبِما رَحمَةٍ مِنَ اللَّهِ لِنتَ لَهُم وَلَو كُنتَ فَظًّا غَليظَ القَلبِ لَانفَضّوا مِن حَولِكَ فَاعفُ عَنهُم وَاستَغفِر لَهُم وَشاوِرهُم فِى الأَمرِ فَإِذا عَزَمتَ فَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُتَوَكِّلينَ (آيت : 159) |
(ته اي رسول هي به) خدا جي هڪ مهرباني آهي جو تو (جهڙو) نرم دل (سردار) انهن کي مليو پر جيڪڏهن تون بدمزاج ۽ سخت دل هجين ها ته اهي ماڻهو (خدا ڄاڻي ڪڏهن جو) تنهنجي آس پاس کان ٽڙي پکڙي وڃن ها. پوءِ تون (هينئر به) انهن کان درگذر ڪر ۽ هنن لاءِ مغفرت جي دعا گهر ۽ (اڳين دستور جيان ظاهرا) انهن کان ڪم ڪار ۾ صلاح مشورو ڪندو ڪر (پر) ان هوندي به جڏهن ڪم جو پڪو ارادو ڪرين ته خدا تي ئي ڀروسو رک (ڇو ته) جي ماڻهو خدا تي ڀروسو رکن ٿا ته خدا هنن کي ضرور دوست ٿو رکي. |
إِن يَنصُركُمُ اللَّهُ فَلا غالِبَ لَكُم وَإِن يَخذُلكُم فَمَن ذَا الَّذى يَنصُرُكُم مِن بَعدِهِ وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 160) |
(مسلمانو! ياد رکو ته) جيڪڏهن خدا توهان جي مدد ڪئي ته ڪو به اوهان تي غالب اچي نٿو سگهي ته پوءِ ڪير اهڙو آهي جو ان کان پوءِ توهان جي مدد لاءِ تيار ٿئي ۽ مومنن کي گهرجي ته فقط خدا تي ئي ڀروسو رکن. |
وَما كانَ لِنَبِىٍّ أَن يَغُلَّ وَمَن يَغلُل يَأتِ بِما غَلَّ يَومَ القِيٰمَةِ ثُمَّ تُوَفّىٰ كُلُّ نَفسٍ ما كَسَبَت وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 161) |
۽ (اوهان جو گمان بلڪل غلط آهي) ڪنهن به نبي جو (هرگز) هي شان نه آهي جو خيانت ڪري ۽ جيڪو خيانت ڪندو جا شيءِ جي خيانت آهي، قيامت جي ڏينهن اها ئي شيءِ (بلڪل ساڳي خدا جي بارگاھ ۾) آڻيندو. پوءِ سڀ ڪنهن شخص کي سندس ڪمائي جو پورو (پورو) بدلو ڏنو ويندو ۽ انهن جي ڪنهن طرح به حق تلفي نه ڪئي ويندي. |
أَفَمَنِ اتَّبَعَ رِضوٰنَ اللَّهِ كَمَن باءَ بِسَخَطٍ مِنَ اللَّهِ وَمَأوىٰهُ جَهَنَّمُ وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 162) |
ڀلا جو شخص خدا جي خوشنوديءَ جو پابند ٿيو ته اهو ان شخص جي برابر ٿي سگهي ٿو جو خدا جي غضب ۾ گرفتار هجي ۽ جنهن جي رهڻ جي جاءِ جهنم هجي ۽ اها ڪهڙي نه بڇڙي جاءِ آهي. |
هُم دَرَجٰتٌ عِندَ اللَّهِ وَاللَّهُ بَصيرٌ بِما يَعمَلونَ (آيت : 163) |
اهي ماڻهو خدا وٽ جدا جدا درجن جا آهن ۽ جيڪي ڪم اهي ڪن ٿا خدا ان کي ڏسندڙ آهي. |
لَقَد مَنَّ اللَّهُ عَلَى المُؤمِنينَ إِذ بَعَثَ فيهِم رَسولًا مِن أَنفُسِهِم يَتلوا عَلَيهِم ءايٰتِهِ وَيُزَكّيهِم وَيُعَلِّمُهُمُ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَإِن كانوا مِن قَبلُ لَفى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 164) |
بيشڪ خدا ايمان وارن تي وڏو احسان ڪيو آهي جو انهن ۾ سندن (خاندان) مان هڪ رسول موڪليو جو کين خدا جون آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو. ۽ سندن (طبيعت) کي پاڪيزه ڪري ٿو ۽ کين خدا جو ڪتاب ۽ عقل جون ڳالهيون سيکاري ٿو. هوڏانهن اهي ماڻهو (رسول جي بعثت کان) اڳ ۾ پڌري گمراهيءَ ۾ هئا. |
أَوَلَمّا أَصٰبَتكُم مُصيبَةٌ قَد أَصَبتُم مِثلَيها قُلتُم أَنّىٰ هٰذا قُل هُوَ مِن عِندِ أَنفُسِكُم إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 165) |
مسلمانو! ڇا جڏهن اوهان کي (جنگ احد ۾) اهڙي مصيبت پهتي جنهن کان ٻيڻي (مصيبت بدر ۾ دشمنن کي) پهچائي چڪا آهيو ته اوهان چيو ته هيءَ ڪٿان (آئي) آهي؟ (اي رسول کين) چئو اها ته خود توهان جي طرف کان آهي (نه رسول جي) مخالفت ڪريو ها ۽ نه سزا ٿئيو ها. بيشڪ خدا هر شيءِ تي قادر آهي. |
وَما أَصٰبَكُم يَومَ التَقَى الجَمعانِ فَبِإِذنِ اللَّهِ وَلِيَعلَمَ المُؤمِنينَ (آيت : 166) |
۽ جنهن ڏينهن ٻه جماعتون (لشڪر هڪ ٻئي جي) سامهون ٿيون (ان ڏينهن) اوهان تي جا مصيبت پئي سا (اوهان جي شرارت سبب) خدا جي اذن سان (آئي) ۽ ان لاءِ ته خدا سچي ايمان وارن کي ڏسي ته (ڪهڙا ڪهڙا آهن). |
وَلِيَعلَمَ الَّذينَ نافَقوا وَقيلَ لَهُم تَعالَوا قٰتِلوا فى سَبيلِ اللَّهِ أَوِ ادفَعوا قالوا لَو نَعلَمُ قِتالًا لَاتَّبَعنٰكُم هُم لِلكُفرِ يَومَئِذٍ أَقرَبُ مِنهُم لِلإيمٰنِ يَقولونَ بِأَفوٰهِهِم ما لَيسَ فى قُلوبِهِم وَاللَّهُ أَعلَمُ بِما يَكتُمونَ (آيت : 167) |
۽ منافقن کي به ڏسي ته (ڪير آهن)۽ منافقن کي به چيو ويو ته اچو (۽ اچي) خدا جي راھ ۾ جهاد ڪريو يا (اهو نه سهي، پنهنجي دشمن کي ته) هٽايو. ته چوڻ لڳا (هاءِ ڪهڙي ڳالھ ڪريون) جيڪڏهن اسين جنگ ڪرڻ ڄاڻيون ها ته ضرور توهان جو ساٿ ڏيون ها. اهي ان ڏينهن به نسبت ايمان جي، ڪفر کي گهڻو ويجهي هئا. پنهنجن واتن سان اهو چون ٿا جا ڳالھ سندن دلين ۾ (ذرو به) نه آهي ۽ جيڪي اهي لڪائين ٿا تنهن کي خدا بهتر ڄاڻي ٿو. |
الَّذينَ قالوا لِإِخوٰنِهِم وَقَعَدوا لَو أَطاعونا ما قُتِلوا قُل فَادرَءوا عَن أَنفُسِكُمُ المَوتَ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 168) |
(هي اهي ماڻهو آهن) جي (پاڻ ته مزي سان گهر) ۾ هئا ۽ پنهنجي (شهيد) ڀائرن لاءِ چوڻ لڳا ته افسوس! جيڪڏهن اهي اسان جو چيو مڃين ها ته نه ڪسجن ها. (اي رسول) انهن کي چئو ته (چڱو) جيڪڏهن توهان سچا آهيو ته پاڻ کان موت کي ٽاريو. |
وَلا تَحسَبَنَّ الَّذينَ قُتِلوا فى سَبيلِ اللَّهِ أَموٰتًا بَل أَحياءٌ عِندَ رَبِّهِم يُرزَقونَ (آيت : 169) |
۽ جيڪي خدا جي راھ ۾ شهيد ڪيا ويا آهن انهن کي ڪڏهن به مئل نه سمجهو، بلڪ اهي جيئرا (جاڳندا موجود) آهن، پنهنجي پروردگار وٽ (اهي طرح طرح جي) روزي حاصل ڪن ٿا. |
فَرِحينَ بِما ءاتىٰهُمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ وَيَستَبشِرونَ بِالَّذينَ لَم يَلحَقوا بِهِم مِن خَلفِهِم أَلّا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 170) |
۽ خدا جيڪي فضل ۽ ڪرم انهن تي ڪيا آهن ان (جي خوشيءِ) ڪري ٻهڪن ٿا ۽ جيڪي انهن کان اڃا پٺتي رهيل آهن. ۽ انهن ۾ شامل نه ٿيا انهن لاءِ هي (خيال ڪري) خوشيون ڪن ٿا ته (اهي به شهيد ٿين ته) انهن تي نه ڪنهن قسم جو خوف ٿيندو ۽ نه غمگين ٿيندا. |
يَستَبشِرونَ بِنِعمَةٍ مِنَ اللَّهِ وَفَضلٍ وَأَنَّ اللَّهَ لا يُضيعُ أَجرَ المُؤمِنينَ (آيت : 171) |
خدا جي نعمت ۽ سندس فضل (۽ ڪرم) پڻ هن ڳالھ جي خوشخبري ”خدا مومنن جي ثواب کي نٿو وڃائي“ نهال ٿي رهيا آهن. |
الَّذينَ استَجابوا لِلَّهِ وَالرَّسولِ مِن بَعدِ ما أَصابَهُمُ القَرحُ لِلَّذينَ أَحسَنوا مِنهُم وَاتَّقَوا أَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 172) |
(جنگ احد ۾) جن ماڻهن ڌڪ کائڻ کان پوءِ به، خدا ۽ رسول جو چوڻ مڃيو انهن مان جن ماڻهن نيڪي ڪئي ۽ پرهيزگاري ڪئي (سڀني لاءِ نه، فقط) انهن لاءِ وڏو ثواب آهي. |
الَّذينَ قالَ لَهُمُ النّاسُ إِنَّ النّاسَ قَد جَمَعوا لَكُم فَاخشَوهُم فَزادَهُم إيمٰنًا وَقالوا حَسبُنَا اللَّهُ وَنِعمَ الوَكيلُ (آيت : 173) |
هي اهي آهن جو جڏهن انهن کي ماڻهو (اچي) چوڻ لڳا ته (دشمن) ماڻهن توهان جي (مقابلي) لاءِ (وڏو لشڪر) ڪٺو ڪيو آهي، پوءِ انهن کان ڊڄو (ته خوف بجاءِ) سندن ايمان اڃا به وڌي ويو ۽ چوڻ لڳا (هوندو!) خدا اسان لاءِ ڪافي آهي ۽ اهو ڪهڙو نه عمدو ڪارساز آهي. |
فَانقَلَبوا بِنِعمَةٍ مِنَ اللَّهِ وَفَضلٍ لَم يَمسَسهُم سوءٌ وَاتَّبَعوا رِضوٰنَ اللَّهِ وَاللَّهُ ذو فَضلٍ عَظيمٍ (آيت : 174) |
پوءِ (هي ته) همت ڪري ويا پر (جنگ نه لڳي ته)اهي، خدا جي نعمت ۽ فضل سان (پنهنجي گهر) موٽي آيا ۽ انهن کي ڪا برائي نه رسي ۽ خدا جي خوشنوديءَ جا پابند رهيا ۽ خدا وڏو فضل ڪرڻ وارو آهي. |
إِنَّما ذٰلِكُمُ الشَّيطٰنُ يُخَوِّفُ أَولِياءَهُ فَلا تَخافوهُم وَخافونِ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 175) |
اهو (خبر ڏيڻ وارو) شيطان هو جو فقط پنهنجي دوستن کي (رسول جي ساٿ ڏيڻ کان) ڊيڄاري ٿو. پوءِ ان کان نه ڊڄو جيڪڏهن اوهين مومن آهيو ته مون کان ئي ڊڄندا رهو. |
وَلا يَحزُنكَ الَّذينَ يُسٰرِعونَ فِى الكُفرِ إِنَّهُم لَن يَضُرُّوا اللَّهَ شَيـًٔا يُريدُ اللَّهُ أَلّا يَجعَلَ لَهُم حَظًّا فِى الءاخِرَةِ وَلَهُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 176) |
۽ جيڪي (اي رسول!) ماڻهو ڪفر جي مدد ۾ پيش قدمي ڪن ٿا انهي ڪري تون غم نه ڪر، ڇو ته اهي خدا کي ڪجھ به ضرر پهچائي نه ٿا سگهن (بلڪ) خدا جي مرضي آهي ته آخرت ۾ انهن جو ڪجھ به حصو نه هجي. ۽ انهن لاءِ تمام وڏو عذاب آهي. |
إِنَّ الَّذينَ اشتَرَوُا الكُفرَ بِالإيمٰنِ لَن يَضُرُّوا اللَّهَ شَيـًٔا وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 177) |
بيشڪ جن ماڻهن ايمان جي عيوض ڪفر خريد ڪيو، اهي خدا جو هرگز ڪجھ به بگاڙي نٿا سگهن (بلڪ پنهنجو پاڻ) ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. |
وَلا يَحسَبَنَّ الَّذينَ كَفَروا أَنَّما نُملى لَهُم خَيرٌ لِأَنفُسِهِم إِنَّما نُملى لَهُم لِيَزدادوا إِثمًا وَلَهُم عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 178) |
۽ جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو اهي ڪڏهين به اهو خيال نه ڪن ته اسان جو انهن کي جا مهلت ۽ مال جي فراغت ۽ دولت ڏني آهي ته اها ڪا سندن حق ۾ بهتر آهي ته (نه نه!) اسين رڳو انهن کي هن لاءِ اها ڍر ڏيون ٿا ته جيئن گناهن ۾ وڌن ۽ (آخر ته) انهن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آهي. |
ما كانَ اللَّهُ لِيَذَرَ المُؤمِنينَ عَلىٰ ما أَنتُم عَلَيهِ حَتّىٰ يَميزَ الخَبيثَ مِنَ الطَّيِّبِ وَما كانَ اللَّهُ لِيُطلِعَكُم عَلَى الغَيبِ وَلٰكِنَّ اللَّهَ يَجتَبى مِن رُسُلِهِ مَن يَشاءُ فَـٔامِنوا بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ وَإِن تُؤمِنوا وَتَتَّقوا فَلَكُم أَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 179) |
(منافقو!) خدا اهڙو نه آهي جو بري ڀلي جي تميز ڪرڻ کان سواءِ جنهن حالت ۾ اوهين آهيو انهيءَ حالت تي مومنن کي به ڇڏي ڏئي ۽ خدا اهڙو به نه آهي جو توهان کي غيب جون ڳالهيون ٻڌائي. مگر (هاءُ)خدا پنهنجن رسولن مان جنهن کي گهري ته (غيب ٻڌائڻ لاءِ) چونڊي ٿو. پوءِ خدا ۽ سندس رسول تي ايمان آڻيو ۽ جيڪڏهن اوهين ايمان آڻيندو ۽ پرهيزگاري ڪندو ته اوهان لاءِ وڏو اجر آهي. |
وَلا يَحسَبَنَّ الَّذينَ يَبخَلونَ بِما ءاتىٰهُمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ هُوَ خَيرًا لَهُم بَل هُوَ شَرٌّ لَهُم سَيُطَوَّقونَ ما بَخِلوا بِهِ يَومَ القِيٰمَةِ وَلِلَّهِ ميرٰثُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 180) |
۽ جن ماڻهن کي خدا پنهنجي فضل (۽ ڪرم) سان ڪجھ ڏنو آهي (۽ وري) بخل ڪن ٿا اهي ڪڏهن به اهو خيال نه ڪن ته اهو (بخل) ڪو انهن لاءِ چڱو آهي. بلڪ اهو انهن لاءِ بڇڙو آهي. (ڇو ته) جنهن (مال) ۾ بخل ڪيائون سو قيامت جي ڏينهن ڳٽِ ڪري وجهبَن. ۽ آسمانن ۽ زمين جي ميراث (خاص) خدا جي آهي. ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کان خدا خبردار آهي. |
لَقَد سَمِعَ اللَّهُ قَولَ الَّذينَ قالوا إِنَّ اللَّهَ فَقيرٌ وَنَحنُ أَغنِياءُ سَنَكتُبُ ما قالوا وَقَتلَهُمُ الأَنبِياءَ بِغَيرِ حَقٍّ وَنَقولُ ذوقوا عَذابَ الحَريقِ (آيت : 181) |
جي ماڻهو (يهودي) چون ٿا ته خدا ڪنگال آهي اسين وڏا مالدار آهيون خدا انهن جي اها بڪواس ٻڌي انهن جو ڪجھ ڪيو ان کي ۽ انهن جو پيغمبر کي ناحق قتل ڪرڻ اسين لکندا وڃون ٿا ۽ (اڄ ته جو به جيءَ ۾ اچين سو چون پر قيامت جي ڏينهن) اسين چونداسين ته (چڱو ته وٺو پنهنجين شرارتن جي عوض ۾) ساڙڻ واري جو عذاب جو مزو چکيو. |
ذٰلِكَ بِما قَدَّمَت أَيديكُم وَأَنَّ اللَّهَ لَيسَ بِظَلّامٍ لِلعَبيدِ (آيت : 182) |
هي انهن ڪرتوتن جو بدلو اٿو جيڪو اوهان جي هٿن (آخرت جو توشو بڻائي) اڳي ئي موڪليو آهي. نه ته خدا ته ڪڏهن به پنهنجي (بندن) تي ظلم ڪرڻ وارو نه آهي. |
الَّذينَ قالوا إِنَّ اللَّهَ عَهِدَ إِلَينا أَلّا نُؤمِنَ لِرَسولٍ حَتّىٰ يَأتِيَنا بِقُربانٍ تَأكُلُهُ النّارُ قُل قَد جاءَكُم رُسُلٌ مِن قَبلى بِالبَيِّنٰتِ وَبِالَّذى قُلتُم فَلِمَ قَتَلتُموهُم إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 183) |
(هي اهي ماڻهو آهن) جي چون ٿا ته خدا ته اسان سان عهد ڪيو آهي ته جيستائين ڪو به (رسول) اسان کي هي (معجزو) نه ڏيکاري جو اهو قرباني ڪري ۽ ان کي (آسماني) باھ اچي کائي وڃي تيستائين اسين ايمان نه آڻينداسون (اي رسول تون چوين ته ڀلا هي ٻڌايو) ڪيئي پيغمبر مون کان اڳ اوهان وٽ ظاهر ۽ روشن معجزا ۽ جنهن ڳالھ جي اوهان (هن وقت فرمائش ڪئي آهي اها به) لاءِ آندي پوءِ جيڪڏهن اوهين (پنهنجي ڳالھ ۾) سچا آهيو ته اوهان انهن کي ڇو قتل ڪيو؟. |
فَإِن كَذَّبوكَ فَقَد كُذِّبَ رُسُلٌ مِن قَبلِكَ جاءو بِالبَيِّنٰتِ وَالزُّبُرِ وَالكِتٰبِ المُنيرِ (آيت : 184) |
(اي رسول!) پوءِ جيڪڏهن تو کي اڃا به ڪوڙو چون ته (تون رنج نه ڪر) ڇو ته تو کان اڳي به ڪيترن ئي پيغمبرن ظاهر معجزا ۽ صحيفا ۽ نوراني ڪتاب آندا (پر) تڏهن به انهن ماڻهن هنن کي ڪوڙو چيو. |
كُلُّ نَفسٍ ذائِقَةُ المَوتِ وَإِنَّما تُوَفَّونَ أُجورَكُم يَومَ القِيٰمَةِ فَمَن زُحزِحَ عَنِ النّارِ وَأُدخِلَ الجَنَّةَ فَقَد فازَ وَمَا الحَيوٰةُ الدُّنيا إِلّا مَتٰعُ الغُرورِ (آيت : 185) |
سڀ ڪو نفس (هڪ نه هڪ ڏينهن) موت جو مزو چکيندو ۽ اوهين قيامت جي ڏينهن (پنهنجي ڪئي) جو پورو پورو بدلو پائيندو پوءِ جيڪو جهنم کان پري ڪيو ويو ۽ جنت ۾ داخل ڪيو ويو اهو ئي ڪامياب ٿيو. ۽ دنيا جي حياتي رڳو ڌوڪي کانسواءِ ڪجھ نه آهي. |
لَتُبلَوُنَّ فى أَموٰلِكُم وَأَنفُسِكُم وَلَتَسمَعُنَّ مِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ مِن قَبلِكُم وَمِنَ الَّذينَ أَشرَكوا أَذًى كَثيرًا وَإِن تَصبِروا وَتَتَّقوا فَإِنَّ ذٰلِكَ مِن عَزمِ الأُمورِ (آيت : 186) |
(مسلمانو!) اوهان کي اوهان جي مالن ۽ اوهان جي جانن ۾ ضرور آزمايو ويندو. ۽ جن کي اوهان کان اڳ خدا جو ڪتاب ڏنو ويو آهي (يهودي ۽ نصارن کي) تن کان ۽ مشرڪن کان گهڻي بدگوئي ٻڌندو ۽ جيڪڏهن اوهين انهن جي برين ڳالهين تي صبر ڪندو ۽ پرهيزگاري ڪندا رهندو ته (پوءِ) بيشڪ اهو وڏي همت جو ڪم آهي. |
وَإِذ أَخَذَ اللَّهُ ميثٰقَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ لَتُبَيِّنُنَّهُ لِلنّاسِ وَلا تَكتُمونَهُ فَنَبَذوهُ وَراءَ ظُهورِهِم وَاشتَرَوا بِهِ ثَمَنًا قَليلًا فَبِئسَ ما يَشتَرونَ (آيت : 187) |
۽ (اي رسول! هنن کي اهو وقت به ياد ڏياريو! جڏهن خدا هنن اهل ڪتاب کان انجام ورتو هو ته اوهين ان کي (خدا جي ڪتاب کي) سڀني ماڻهن لاءِ صاف صاف بيان ڪجو ۽ (خبردار) ڪا به ڳالھ هن جي لڪائجو نه! پر هنن (ذرو به خيال نه ڪيو) ۽ ان ڳالھ کي پنهنجي پٺيءَ پويان اڇلائي ڇڏيو ۽ ان جي عوض ۾ (بلڪل) معمولي قيمت ورتائون. پوءِ اهو ڪهڙو نه بڇڙو (سودو) آهي جيڪو هي خريد ڪن ٿا. |
لا تَحسَبَنَّ الَّذينَ يَفرَحونَ بِما أَتَوا وَيُحِبّونَ أَن يُحمَدوا بِما لَم يَفعَلوا فَلا تَحسَبَنَّهُم بِمَفازَةٍ مِنَ العَذابِ وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 188) |
(اي رسول!) تون انهن کي خيال ۾ نه آڻج، جو اهي پنهنجي چالاڪين تي سيٽجن ٿا ۽ ڪيو ڪرتيو ڪجھ به نه آهن (پر اهي رڳو) ساراھ جا طالبو آهن. پوءِ تون ڪڏهن خيال ۾ به نه آڻج ته ڪو انهن کي عذاب کان ڇوٽڪارو آهي. پر انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. |
وَلِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 189) |
۽ آسمانن ۽ زمين جي حڪومت (رڳو) الله جي آهي. ۽ الله ئي هر شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. |
إِنَّ فى خَلقِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاختِلٰفِ الَّيلِ وَالنَّهارِ لَءايٰتٍ لِأُولِى الأَلبٰبِ (آيت : 190) |
بيشڪ آسمانن ۽ زمين جي ٺاهڻ ۽ رات ۽ ڏينهن جي ڦير گهير ۾ عقل وارن لاءِ (خدا جي قدرت جون) ڪيئي نشانيون آهن. |
الَّذينَ يَذكُرونَ اللَّهَ قِيٰمًا وَقُعودًا وَعَلىٰ جُنوبِهِم وَيَتَفَكَّرونَ فى خَلقِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ رَبَّنا ما خَلَقتَ هٰذا بٰطِلًا سُبحٰنَكَ فَقِنا عَذابَ النّارِ (آيت : 191) |
جيڪي الله کي اٿندي وهندي پاسا بدلائيندي (مطلب ته هر حال ۾) ياد ڪن ٿا پڻ آسمانن ۽ زمينن جي بناوٽ ۾ غور ۽ فڪر ڪن ٿا ۽ (وجد ۾ اچي) چون ٿا ته خداوندا! تو هنن کي بيڪار پيدا نه ڪيو آهي، تون (بيڪار ڳالهين کان) پاڪ صاف آهين. پوءِ تون اسان کي دوزخ جي باھ کان بچائي. |
رَبَّنا إِنَّكَ مَن تُدخِلِ النّارَ فَقَد أَخزَيتَهُ وَما لِلظّٰلِمينَ مِن أَنصارٍ (آيت : 192) |
اي اسان جا پالڻهار! (جنهن کي تو دوزخ ۾ وڌو ته پڪ تو ان کي خوار (خراب) ڪيو. ۽ ظلم ڪرڻ وارن جو ڪو به مددگار نه آهي. |
رَبَّنا إِنَّنا سَمِعنا مُنادِيًا يُنادى لِلإيمٰنِ أَن ءامِنوا بِرَبِّكُم فَـٔامَنّا رَبَّنا فَاغفِر لَنا ذُنوبَنا وَكَفِّر عَنّا سَيِّـٔاتِنا وَتَوَفَّنا مَعَ الأَبرارِ (آيت : 193) |
اي اسان جا رب! (جڏهن اسان هڪ آواز ڏيڻ واري (پيغمبر) کي ٻڌو جو هو ايمان جي لاءِ هئين سڏي رهيو هو ته: پنهنجي پروردگار تي ايمان آڻيو، سو اسان ايمان آندو. اي اسان جا پالڻهار! پوءِ تون اسان کي اسان جا گناھ معاف ڪر ۽ اسان جون بڇڙايون اسان کان پري ڪر ۽ اسان کي ابرارن سان گڏ (دنيا مان) اٿار. |
رَبَّنا وَءاتِنا ما وَعَدتَنا عَلىٰ رُسُلِكَ وَلا تُخزِنا يَومَ القِيٰمَةِ إِنَّكَ لا تُخلِفُ الميعادَ (آيت : 194) |
اي اسان جا پاليندڙ! ۽ اسان کي اهو ڪجھ ڏي جو تو رسولن جي معرفت اسان سان واعدو ڪيو ۽ اسان کي قيامت جي ڏينهن خوار نه ڪج! بيشڪ تون ته واعدي خلافي ڪندو ئي نه آهين. |
فَاستَجابَ لَهُم رَبُّهُم أَنّى لا أُضيعُ عَمَلَ عٰمِلٍ مِنكُم مِن ذَكَرٍ أَو أُنثىٰ بَعضُكُم مِن بَعضٍ فَالَّذينَ هاجَروا وَأُخرِجوا مِن دِيٰرِهِم وَأوذوا فى سَبيلى وَقٰتَلوا وَقُتِلوا لَأُكَفِّرَنَّ عَنهُم سَيِّـٔاتِهِم وَلَأُدخِلَنَّهُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ ثَوابًا مِن عِندِ اللَّهِ وَاللَّهُ عِندَهُ حُسنُ الثَّوابِ (آيت : 195) |
پوءِ سندن پروردگار انهن جي دعا قبول ڪئي (۽ فرمايائين ته) آءُ اوهان مان ڪنهن به عمل ڪندڙ مرد يا عورت جو عمل نه وڃائيندس. اوهين هڪ ٻئي (جي جنس) مان آهيو. (يعني اوهين مرد هجي يا زال مون وٽ سڀ برابر آهيو). پوءِ جن ماڻهن (اسان لاءِ) وطن ڇڏيو ۽ پنهنجي ماڳن مان ڪڍيا ويا ۽ اسان جي راھ ۾ ڏکويا ويا ۽ (ڪافرن سان) جنگ ڪيائون ۽ شهيد ٿيا ته آءُ ضرور سندن براين کي درگذر ڪندس ۽ انهن کي ضرور بهشت جي باغن ۾ داخل ڪندس. جن جي هيٺان واھ وهن ٿا. اهو بدلو خدا جو (اهڙو ئي آهي جو ان) وٽ ته سٺو بدلو ئي آهي. |
لا يَغُرَّنَّكَ تَقَلُّبُ الَّذينَ كَفَروا فِى البِلٰدِ (آيت : 196) |
(اي رسول!) ڪافرن جو شهر، شهر سان مزي گهمڻ (ڦرڻ) تو کي ڌوڪي ۾ نه وجهي. |
مَتٰعٌ قَليلٌ ثُمَّ مَأوىٰهُم جَهَنَّمُ وَبِئسَ المِهادُ (آيت : 197) |
(اهو) ٻٽي ڏينهن جو فائدو اٿن. ۽ (آخر ته) سندن جاءِ جهنم ئي آهي ۽ اهو ڪهڙو نه بڇڙو هنڌ آهي. |
لٰكِنِ الَّذينَ اتَّقَوا رَبَّهُم لَهُم جَنّٰتٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها نُزُلًا مِن عِندِ اللَّهِ وَما عِندَ اللَّهِ خَيرٌ لِلأَبرارِ (آيت : 198) |
پر جيڪي پنهنجي پاليندڙ کان ڊنا تن لاءِ (بهشت جا) باغ آهن جن جي هيٺان واھ وهن ٿا ۽ اهي سدائين انهيءَ ۾ رهندا. اها خدا جي طرفان (سندن) مهماني آهي ۽ جو (مال اسباب) خدا وٽ آهي سو نيڪ ماڻهن لاءِ (دنيا کان) گهڻو چڱو آهي. |
وَإِنَّ مِن أَهلِ الكِتٰبِ لَمَن يُؤمِنُ بِاللَّهِ وَما أُنزِلَ إِلَيكُم وَما أُنزِلَ إِلَيهِم خٰشِعينَ لِلَّهِ لا يَشتَرونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ ثَمَنًا قَليلًا أُولٰئِكَ لَهُم أَجرُهُم عِندَ رَبِّهِم إِنَّ اللَّهَ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 199) |
۽ بيشڪ ڪتاب وارن مان ڪي اهي به آهن،جي خدا تي ۽ جيڪي اوهان ڏي نازل ڪيو ويو ۽ جيڪي انهن ڏي نازل ڪيو ويو تنهن تي الله جي عاجزي ڪندي ايمان آڻين ٿا. ۽ خدا جي آيتن جي عوض معمولي قيمت (فاني دنيا جو فائدو) نٿا وٺن. اهڙن (ئي انسانن) لاءِ سندن پروردگار وٽ چڱو بدلو آهي. بيشڪ خدا جلد حساب وٺڻ وارو آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اصبِروا وَصابِروا وَرابِطوا وَاتَّقُوا اللَّهَ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 200) |
ايمان وارو! (گهڻين تڪليفن کي) سهو ۽ ٻين کي سهڻ سيکاريو (جهاد لاءِ) سندرو ٻڌو ۽ فقط خدا کان ڊڄو ته جيئن دلي مرادون لهو. |