الم (آيت : 1) |
ا لٓمّٓ کي، |
اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ الحَىُّ القَيّومُ (آيت : 2) |
ڄاڻي ڄاڻڻهار، ڌڻِي، جنهن ڌاران، نه ٻِي، درگاه ۽ درٻار، سو سدائين جيرو ۽ قائم برقرار، |
نَزَّلَ عَلَيكَ الكِتٰبَ بِالحَقِّ مُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ وَأَنزَلَ التَّورىٰةَ وَالإِنجيلَ (آيت : 3) |
تو تي، جنهن ڪتاب ڪيو، نازل نُور نبار، اِنهيان اڳين جو پارکو، ڪڍندڙ غير غُبار، ۽ توريت ۽ انجيل کي، اُتاريو اڳوار، هادِي ماڻهن هارِ، پڻ صفائـِي سچ ڪوڙ جِي. |
مِن قَبلُ هُدًى لِلنّاسِ وَأَنزَلَ الفُرقانَ إِنَّ الَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِ اللَّهِ لَهُم عَذابٌ شَديدٌ وَاللَّهُ عَزيزٌ ذُو انتِقامٍ (آيت : 4) |
آيتن کان الله جي، ڪيو جن اِنڪار، سزا سخت تن لئي ، ٻارڻ ٻهون ٻِيهار؛ ۽ غالب ربُّ، غفار، پڻ پاڙو جھاڙَ پارڻو. |
إِنَّ اللَّهَ لا يَخفىٰ عَلَيهِ شَيءٌ فِى الأَرضِ وَلا فِى السَّماءِ (آيت : 5) |
الله جَل جلالہٗ، نه لِڪي کانِس لغار، نه زمين، نه آسمان ۾؛ |
هُوَ الَّذى يُصَوِّرُكُم فِى الأَرحامِ كَيفَ يَشاءُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 6) |
ٿو سينگاري ستار، شِڪليون اَهنجون شِڪم ۾، گُھري جيئن غفّار، ڌڻي، نه اِنهيان ڌار، سو سَٻر ۽ سٻوجھ گهڻو. |
هُوَ الَّذى أَنزَلَ عَلَيكَ الكِتٰبَ مِنهُ ءايٰتٌ مُحكَمٰتٌ هُنَّ أُمُّ الكِتٰبِ وَأُخَرُ مُتَشٰبِهٰتٌ فَأَمَّا الَّذينَ فى قُلوبِهِم زَيغٌ فَيَتَّبِعونَ ما تَشٰبَهَ مِنهُ ابتِغاءَ الفِتنَةِ وَابتِغاءَ تَأويلِهِ وَما يَعلَمُ تَأويلَهُ إِلَّا اللَّهُ وَالرّٰسِخونَ فِى العِلمِ يَقولونَ ءامَنّا بِهِ كُلٌّ مِن عِندِ رَبِّنا وَما يَذَّكَّرُ إِلّا أُولُوا الأَلبٰبِ (آيت : 7) |
جنهن اُتاريو تو اُتي، ڪتاب سچو قرآن، ڪي چِٽيون آهن اُن ۾، آيتون عيان، سي قاعدو ڪتاب جو، ۽ ٻيون گڏيل ساڻ گمان، پوءِ، جي گمان گاڏيسون؛ تن تي هلن، سي حيران، مرض جن جي مَن ۾؛ تن جو تاويل گُھرن تعبان، فتني ۽ فساد جِي، نيت سان نادان، ۽ سوا ربَّ سبحان، ڪو اَرٿ نه ڄاڻي اُن جو. ۽ چون اَڪابر علم ۾، ته مڃو سون، سو مور، آهن اسان جي ربَّ ڪنان، مڙيئي مذڪور؛ ۽ پوري جن پرور، نه ساڱائينِ، تن سوا. |
رَبَّنا لا تُزِغ قُلوبَنا بَعدَ إِذ هَدَيتَنا وَهَب لَنا مِن لَدُنكَ رَحمَةً إِنَّكَ أَنتَ الوَهّابُ (آيت : 8) |
مَن نه اسان جا موڙ، سانيم! سُهائـِي، جنهن پٺيان، ۽ پنهنجا توه ڪر توڙ، پَڪ، تون اَسانجو، پاڪ ڌڻي! |
رَبَّنا إِنَّكَ جامِعُ النّاسِ لِيَومٍ لا رَيبَ فيهِ إِنَّ اللَّهَ لا يُخلِفُ الميعادَ (آيت : 9) |
تون ميڙيندڙ ماڻهين، مولا! محشر وار، جنهن ۾ وهم نه وار، واحد نه ڦيري واعدا. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا لَن تُغنِىَ عَنهُم أَموٰلُهُم وَلا أَولٰدُهُم مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا وَأُولٰئِكَ هُم وَقودُ النّارِ (آيت : 10) |
جي ڦريا، نه ڪيو، اُنهن کي، الله کان آزاد، سندن مال ۽ اولاد، اُهي بيشڪ ٻارڻ باه جو. |
كَدَأبِ ءالِ فِرعَونَ وَالَّذينَ مِن قَبلِهِم كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا فَأَخَذَهُمُ اللَّهُ بِذُنوبِهِم وَاللَّهُ شَديدُ العِقابِ (آيت : 11) |
فرعون جي فريق جيئن، پڻ اُنهيان اڳين جا پار، جن ڪوڙيون اسان جون، ڪوٺيون نِشانيون نروار، پوءِ سائين سندن ڏوهن ۾، تن کي، ورتو ڪنهن وار، ۽ صاحب ربُّ ستار، سزا ڏيڻ ۾، سخت گھڻو. |
قُل لِلَّذينَ كَفَروا سَتُغلَبونَ وَتُحشَرونَ إِلىٰ جَهَنَّمَ وَبِئسَ المِهادُ (آيت : 12) |
جي ڦريا، تن فرماءِ تون، ته هرگز کيندا هار، ۽ هلندا هاوِي پار، بي حد بڇرو، ماڳ سو. |
قَد كانَ لَكُم ءايَةٌ فى فِئَتَينِ التَقَتا فِئَةٌ تُقٰتِلُ فى سَبيلِ اللَّهِ وَأُخرىٰ كافِرَةٌ يَرَونَهُم مِثلَيهِم رَأىَ العَينِ وَاللَّهُ يُؤَيِّدُ بِنَصرِهِ مَن يَشاءُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَعِبرَةً لِأُولِى الأَبصٰرِ (آيت : 13) |
آن لئي ٻِن ٻارين ۾، نشاني نروار، هڪڙي ربَّ جي راه ۾، جنگ ڪري، جُونجھار، ۽ ٻِي ڦريل فوج، اکين سان، پئا ڏِسنسِ ٻِين ٻيهار، ۽ لله مدد ڏي اُن کي، جنهن کي، گُھري جبّار، اَ کيارن لئي اِظهار، آهي عبرت اُن ۾. |
زُيِّنَ لِلنّاسِ حُبُّ الشَّهَوٰتِ مِنَ النِّساءِ وَالبَنينَ وَالقَنٰطيرِ المُقَنطَرَةِ مِنَ الذَّهَبِ وَالفِضَّةِ وَالخَيلِ المُسَوَّمَةِ وَالأَنعٰمِ وَالحَرثِ ذٰلِكَ مَتٰعُ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَاللَّهُ عِندَهُ حُسنُ المَـٔابِ (آيت : 14) |
صفا سنگارِي ويئي، محبت ماڻهن هارِ، زالن ۽ اولاد جِي، پڻ رُپي، سون اَنبار، ۽ گھوڙا ڍول، ڍور ڍڳا، پوکون، وِيء ولهار، اِي سڀ زينت ظاهرِي، نفعو ننڍِي ڄمار، ۽ آسڻ، آخرڪار، آهي، سائين وٽ سُهڻو. |
قُل أَؤُنَبِّئُكُم بِخَيرٍ مِن ذٰلِكُم لِلَّذينَ اتَّقَوا عِندَ رَبِّهِم جَنّٰتٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَأَزوٰجٌ مُطَهَّرَةٌ وَرِضوٰنٌ مِنَ اللَّهِ وَاللَّهُ بَصيرٌ بِالعِبادِ (آيت : 15) |
چئو، آن کي اِنهيان چڱِيء جِي، ڏِيان سُڌ سنڀار، تن لئي، ته پوتِي پاڪ رکيون؛ ته سائين وٽ ستار، باغ، ته هيٺيان جن هلن، ناليون مِٺيون نِبار، هونِ هميشه اُن ۾، داخل دلقرار، ۽ سُهڻيون، سُلڇڻيون، تنهن ۾، حورون، حرم تن هار، پڻ راضِيَپو رحمان جو؛ ۽ ڏِسندڙ آهي، ڏاتار، ٻانهن کي ٻِيهار، هُونِ به، جھڙي هال ۾. |
الَّذينَ يَقولونَ رَبَّنا إِنَّنا ءامَنّا فَاغفِر لَنا ذُنوبَنا وَقِنا عَذابَ النّارِ (آيت : 16) |
جي چون، ته مڃيو سون مور؛ پوءِ مولا! مَدايون ميٽين، ۽ ڏاتار! رکجَيون ڏور، بندِي خاني کان، باه جي. |
الصّٰبِرينَ وَالصّٰدِقينَ وَالقٰنِتينَ وَالمُنفِقينَ وَالمُستَغفِرينَ بِالأَسحارِ (آيت : 17) |
سَهندڙ ۽ سچار، سخِي، تهدِل تابعدار، ۽ معافيون مڱڻهار، صُبحن ۾، سُبحان کان. |
شَهِدَ اللَّهُ أَنَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ وَالمَلٰئِكَةُ وَأُولُوا العِلمِ قائِمًا بِالقِسطِ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 18) |
ڏِنِي ساک ستار، ته اُن ڌاران، درگاه ناهِ ڪا، مَلڪ ۽ مالڪ عِلم جا، قائم برقرا، عدل ۽ انصاف سان، ته درگاه، نه تِهان ڌار، غالب، سو غفار، پڻ ڏاڍو ڏاهو، ڏيہ ڌڻي. |
إِنَّ الدّينَ عِندَ اللَّهِ الإِسلٰمُ وَمَا اختَلَفَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ إِلّا مِن بَعدِ ما جاءَهُمُ العِلمُ بَغيًا بَينَهُم وَمَن يَكفُر بِـٔايٰتِ اللَّهِ فَإِنَّ اللَّهَ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 19) |
آهي، ڌڻيءَ وٽ دين رڳو، سلامِتي صحِي، ۽ جن تي، ڪرم ڪتاب ٿيو، تن ٻولي ٻِي نه ڪَهِي، مگر ته آينِ جنهن پٺيان، واحد جو وَحِي، هڪ ٻئي وِچ هو ڏهِي، گادِي ۽ گذران لئي. ۽ آيتن تي، الله جي، نه رکندو، جو ويساھ، ته آهي پاڪ اَلله، پوءِ تِکو حرف حساب ۾. |
فَإِن حاجّوكَ فَقُل أَسلَمتُ وَجهِىَ لِلَّهِ وَمَنِ اتَّبَعَنِ وَقُل لِلَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ وَالأُمِّيّۦنَ ءَأَسلَمتُم فَإِن أَسلَموا فَقَدِ اهتَدَوا وَإِن تَوَلَّوا فَإِنَّما عَلَيكَ البَلٰغُ وَاللَّهُ بَصيرٌ بِالعِبادِ (آيت : 20) |
پوءِ، جي توسان، ڪيون تڪرار، چئو، منهن منهنجو مورهين، جُھڪا نيمِ جبّار، پڻ جي وريا سندمِ واٽ تي. ۽ پڙهَينِ ۽ اَڻ پڙهيَنِ کي، ٻَهڳڻ! ٻول ٻيهار، ڪِ نميا؟، پوءِ جي نميا، ته پاتئون سئون پار، ۽ جي ڦريا، ته فائق! توتي، ري بيان، ٻئو نه بار، ۽ ڏسندڙ آهي ڏاتار، پورِي رِيت پُوڄاريـين. |
إِنَّ الَّذينَ يَكفُرونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَيَقتُلونَ النَّبِيّۦنَ بِغَيرِ حَقٍّ وَيَقتُلونَ الَّذينَ يَأمُرونَ بِالقِسطِ مِنَ النّاسِ فَبَشِّرهُم بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 21) |
الله جي آيتن کان، ڦريا، جي بي فرمان، ۽ جي ناحق نبين کي، ڪُهن، پڻ ڪُهڻ، تن ڪفران، جي آدمين مان، عدل سان، فرمائينِ فرمان، پوءِ کِيرون ڏي، تن خان!، سورن واري ساڙ جون. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ حَبِطَت أَعمٰلُهُم فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَما لَهُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 22) |
دنيا ۽ آخرت ۾، ويا ڪيريا، سندن ڪم ڪار، ۽ اَجھا ۽ آڌار، اُهکي ويل، نه اُنهن جا. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ أوتوا نَصيبًا مِنَ الكِتٰبِ يُدعَونَ إِلىٰ كِتٰبِ اللَّهِ لِيَحكُمَ بَينَهُم ثُمَّ يَتَوَلّىٰ فَريقٌ مِنهُم وَهُم مُعرِضونَ (آيت : 23) |
ڪِ نه ڏٺئي، تن جي ڪار؟، جن مليو ڪجھ ڪتاب مان، جڏهن ڪوٺجينِ، قادرجي، پاڪ ڪتاب پار، تان ڪري، تن وچ فيصلو، ته ٻارِي ڪا ٻيهار، پيئي وري پوئتي، تنين مان تڪرار، ۽ آهنِ اِهي آوار، مُنهن موڙيندڙ مورهين. |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قالوا لَن تَمَسَّنَا النّارُ إِلّا أَيّامًا مَعدودٰتٍ وَغَرَّهُم فى دينِهِم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 24) |
اِهو ان آڌار تي، ته چيائون منجھان چاه، ته ڳاڻ ڳڻين ڏينهَن ري، بلڪل نه ڇُهنديسون باھ، ۽ ٺڳينِ ٺَلهي ٺاھ، جو ٺاهينِ، سندن دين ۾. |
فَكَيفَ إِذا جَمَعنٰهُم لِيَومٍ لا رَيبَ فيهِ وَوُفِّيَت كُلُّ نَفسٍ ما كَسَبَت وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 25) |
پوءِ ڪهڙا سندن پار، جڏهن ڪَٺي ڪنداسون اُنهن کي، ڏاڍي ڏينهن قيام لئي، جنهن ۾ وَهم نه وار، ۽ جنهن ماڻهون جيڪي ميڙيو، سو پورا ڏِبسِ پار، واجبِي وهنوار، ۽ مُور نه، ڪنهن جو ماربو. |
قُلِ اللَّهُمَّ مٰلِكَ المُلكِ تُؤتِى المُلكَ مَن تَشاءُ وَتَنزِعُ المُلكَ مِمَّن تَشاءُ وَتُعِزُّ مَن تَشاءُ وَتُذِلُّ مَن تَشاءُ بِيَدِكَ الخَيرُ إِنَّكَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 26) |
چئو، سانيمِ رَبّ ستار! تون ئـِي، مالڪ مُلڪ جو، ڪنهن کي، ملڪ ڏيين، ڪِ کسيـين، اِي تُنهنجي اختيار، ۽ وڻي، تنهن وڏو ڪرين، ۽ وڻي ته ڪرين خوار، سُک سڀ تُنهنجي هٿ ۾، تون ڪُل مٿي ڪلتار، |
تولِجُ الَّيلَ فِى النَّهارِ وَتولِجُ النَّهارَ فِى الَّيلِ وَتُخرِجُ الحَىَّ مِنَ المَيِّتِ وَتُخرِجُ المَيِّتَ مِنَ الحَىِّ وَتَرزُقُ مَن تَشاءُ بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 27) |
رات، ڏينهن ۾، رات ۾، ڏينهن، ڳنڍين ڏاتار!، جيرو مئي مان ۽ مُئو ڪڍين، جيري مان جبار!، ۽ جنهن کي گھرين غفّار!، بنا ليکي لاڳ ڏِيـين. |
لا يَتَّخِذِ المُؤمِنونَ الكٰفِرينَ أَولِياءَ مِن دونِ المُؤمِنينَ وَمَن يَفعَل ذٰلِكَ فَلَيسَ مِنَ اللَّهِ فى شَيءٍ إِلّا أَن تَتَّقوا مِنهُم تُقىٰةً وَيُحَذِّرُكُمُ اللَّهُ نَفسَهُ وَإِلَى اللَّهِ المَصيرُ (آيت : 28) |
مؤمن، مؤمنن ڌار، دوست نه ڌارين ڪافرين، ۽ ناه ڌڻي جي دين تي، جو ڪندو اِي ڪم ڪار، مگر پاسو پاڻ ڪريو، ڪنهن خوف خطري هار، ۽ خوف خاص پانهنجو، ڏِينيان ٿو ڏاتار؛ ۽ آخر پرور پار، هرگز آهي هلڻو. |
قُل إِن تُخفوا ما فى صُدورِكُم أَو تُبدوهُ يَعلَمهُ اللَّهُ وَيَعلَمُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 29) |
چئو، مخفي پنهنجي من ۾ رکو، ڪِ ڪڍوسِ ٻهار، سائين سمجھي تنهن کي؛ پڻ سمجھي ٿو ستار، جيڪي آهِ اڀن ۾، پن ڀون ۾ بيشمار، ۽ هر ڪم مٿي ڪلتار، الله جل جلالہٗ. |
يَومَ تَجِدُ كُلُّ نَفسٍ ما عَمِلَت مِن خَيرٍ مُحضَرًا وَما عَمِلَت مِن سوءٍ تَوَدُّ لَو أَنَّ بَينَها وَبَينَهُ أَمَدًا بَعيدًا وَيُحَذِّرُكُمُ اللَّهُ نَفسَهُ وَاللَّهُ رَءوفٌ بِالعِبادِ (آيت : 30) |
جنهن ڏينهن حاضر ڏسندو، جنهن کـٽيو ڪوئي خير، ۽ جنهن ڪو ڪوجھو ڪم ڪيو؛ ته وڻندس تنهين وير، دور پراهين دير، هجي هِن ۽ هُن جي وچ ۾. ۽ خوف خاص پنهنجو، ڏِينيان ٿو ڏاتار؛ ۽ بارِي بخشڻهار، بلڪل آهي، بندن تي. |
قُل إِن كُنتُم تُحِبّونَ اللَّهَ فَاتَّبِعونى يُحبِبكُمُ اللَّهُ وَيَغفِر لَكُم ذُنوبَكُم وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 31) |
چئو، جي آهيو الله جا، حقيقت ۾ حُبدار، ته هلو سندمِ حڪمن تي، ته ڏينيان پاڻ پيار، پڻ مرهِينيا مِهر سان، ڏوهن مان، ڏاتار، ۽ بي شڪ بخشڻهار، پڻ مولا مِهربان گھڻو. |
قُل أَطيعُوا اللَّهَ وَالرَّسولَ فَإِن تَوَلَّوا فَإِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ الكٰفِرينَ (آيت : 32) |
چئو مڃيو رَبَّ ۽ رَسُول کي؛ پوءِ جي ڦريا، ته ٻول ٻيهار، ته پرور نه ڏي پيار، اصل اِنڪارين کي. |
إِنَّ اللَّهَ اصطَفىٰ ءادَمَ وَنوحًا وَءالَ إِبرٰهيمَ وَءالَ عِمرٰنَ عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 33) |
ڌڻي ڌُئو جهان ۾، آدم، نوح نِهال، پڻ ابراهيم جو آل، پڻ آل ڀَلو عِمران جو. |
ذُرِّيَّةً بَعضُها مِن بَعضٍ وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 34) |
آهن اِهي وِياءُ، ڪي سڳورا ڪِن جو؛ ۽ قادر ڪِبريا، سڻندڙ ۽ سُڄان گھڻو. |
إِذ قالَتِ امرَأَتُ عِمرٰنَ رَبِّ إِنّى نَذَرتُ لَكَ ما فى بَطنى مُحَرَّرًا فَتَقَبَّل مِنّى إِنَّكَ أَنتَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 35) |
عورت، جڏهن عمران جِي، چيو اِهڙي چال، ته سانيمِ!، سندمِ، جو پيٽ ۾، سو نذر ٻڌمِ، تونال، پوءِ سڻـج سندمِ سُوال، تون سڻندڙ ۽ سُڄاڻ گھڻو. |
فَلَمّا وَضَعَتها قالَت رَبِّ إِنّى وَضَعتُها أُنثىٰ وَاللَّهُ أَعلَمُ بِما وَضَعَت وَلَيسَ الذَّكَرُ كَالأُنثىٰ وَإِنّى سَمَّيتُها مَريَمَ وَإِنّى أُعيذُها بِكَ وَذُرِّيَّتَها مِنَ الشَّيطٰنِ الرَّجيمِ (آيت : 36) |
پوءِ جڏهن ڄائين اُن کي، چئو نِماڻِي نار، ته ڌڻيم! ڄايمِ ڌِئڙي؛ ۽ جيڪو ڄائين ٻار، سو سمجھندڙ ستار، ته نر ناهي، نار جِھو. ۽ نالسِ مون مريم رکيو، سونپيمِ تو ستار!، توڙان تڙيل شيطان کان، اُن کي ۽ اُن جو ٻار، |
فَتَقَبَّلَها رَبُّها بِقَبولٍ حَسَنٍ وَأَنبَتَها نَباتًا حَسَنًا وَكَفَّلَها زَكَرِيّا كُلَّما دَخَلَ عَلَيها زَكَرِيَّا المِحرابَ وَجَدَ عِندَها رِزقًا قالَ يٰمَريَمُ أَنّىٰ لَكِ هٰذا قالَت هُوَ مِن عِندِ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ يَرزُقُ مَن يَشاءُ بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 37) |
پوءِ سانيسِ سُئي اُن جِي ، سُهڻو سڻڻ سَهوار، ۽ سهڻِي پرستار، اُڀاريسِ، اُڀرڻ سهڻو. ۽ زڪريا ٿيو اُن جو، صحِي سنڀاليدار، مٿسِ محراب ۾، وارد ٿيو جنهن وار، ته وٽس لَڌا وِينجھار، اَڻ لڀ ميوا مورهين. چي، مريم! ڪهڙي مالڪ جا، هي ميوا تولئي مور؟ چي، سندمِ سائينءَ پاڪ جون، هِي ڀلايون ڀرپور، جنهن کي گھري غفور، ته بنا ليکي لاڳ ڏي. |
هُنالِكَ دَعا زَكَرِيّا رَبَّهُ قالَ رَبِّ هَب لى مِن لَدُنكَ ذُرِّيَّةً طَيِّبَةً إِنَّكَ سَميعُ الدُّعاءِ (آيت : 38) |
اُتو، سندس الله کي، اُتي زڪريا، ته ڏي پاڻـئون پاڪ وياءُ، تون صحي سُڻندڙ سَڏڙا. |
فَنادَتهُ المَلٰئِكَةُ وَهُوَ قائِمٌ يُصَلّى فِى المِحرابِ أَنَّ اللَّهَ يُبَشِّرُكَ بِيَحيىٰ مُصَدِّقًا بِكَلِمَةٍ مِنَ اللَّهِ وَسَيِّدًا وَحَصورًا وَنَبِيًّا مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 39) |
پوءِ مَلڪن کيس پوڪاريو، هو مسجد منجھ مُنير، ۽ بيٺو، سو نماز پرهي؛ ته خدا ڏيئـِي ٿو کِير، يَحْيٰ، جِئند جناب جِي، شاهد قول قدير، سيد، سِيل سُڌير، ۽ نبي، سو نيڪن منجھان. |
قالَ رَبِّ أَنّىٰ يَكونُ لى غُلٰمٌ وَقَد بَلَغَنِىَ الكِبَرُ وَامرَأَتى عاقِرٌ قالَ كَذٰلِكَ اللَّهُ يَفعَلُ ما يَشاءُ (آيت : 40) |
چي، سانيمِ ربَّ ستار، ڪونڌر پيدا ٿئيمِ ڪِيئن؟، پِيرِي پهتِي مون کي، ۽ عورت سندمِ اَوَيار، چي، پرور اهڙي پار، جيڪي گھري، سو ڪري. |
قالَ رَبِّ اجعَل لى ءايَةً قالَ ءايَتُكَ أَلّا تُكَلِّمَ النّاسَ ثَلٰثَةَ أَيّامٍ إِلّا رَمزًا وَاذكُر رَبَّكَ كَثيرًا وَسَبِّح بِالعَشِىِّ وَالإِبكٰرِ (آيت : 41) |
چي، سانيمِ! سندم لئي، ڪر ڪا نشاني نروار، چي، نشاني تنهنجي، آهي اِي اظهار، ٽي ڏينهن نه ڪڇندِين، ماڻهن سان، ڪو اکر اشارن ڌار،تُنهنجي سائينءَ گھڻو سار، پڻ ساراه صبح ۽ شام ۾. |
وَإِذ قالَتِ المَلٰئِكَةُ يٰمَريَمُ إِنَّ اللَّهَ اصطَفىٰكِ وَطَهَّرَكِ وَاصطَفىٰكِ عَلىٰ نِساءِ العٰلَمينَ (آيت : 42) |
۽ جڏهن مَلڪن چيو، ته مريم ! توکي ڌُئو ڌڻي، ۽ توکي ڌڻي ڌُرڪنان، خلقيو پاڪ کڻِي ، ۽ واڌُو ڪِيئي وَڻِي، جويَن تي، جھان جي. |
يٰمَريَمُ اقنُتى لِرَبِّكِ وَاسجُدى وَاركَعى مَعَ الرّٰكِعينَ (آيت : 43) |
مَڃ پنهنجي مالڪ کي، مريم! موچارِي، ۽ ڪر سيوا سندس، سارِي، ۽ نـَم ڀيڙي نَمندڙين. |
ذٰلِكَ مِن أَنباءِ الغَيبِ نوحيهِ إِلَيكَ وَما كُنتَ لَدَيهِم إِذ يُلقونَ أَقلٰمَهُم أَيُّهُم يَكفُلُ مَريَمَ وَما كُنتَ لَدَيهِم إِذ يَختَصِمونَ (آيت : 44) |
اِهو ڳجھ جي، ڳالهين مان، توڏي وَحِي ڪريو ٿا وير!؛ ۽ جڏهن پُکا وِڌائون پنهنجا، تنهن مهل نه وٽن تون مير!، ته سانڍي ڪير سُڌير، مريم ماءُ، معصوم کي. ۽ نه هُئين وٽنِ تنهن حال ۾، جڏهن جھيڙو ڪيائون جال، |
إِذ قالَتِ المَلٰئِكَةُ يٰمَريَمُ إِنَّ اللَّهَ يُبَشِّرُكِ بِكَلِمَةٍ مِنهُ اسمُهُ المَسيحُ عيسَى ابنُ مَريَمَ وَجيهًا فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَمِنَ المُقَرَّبينَ (آيت : 45) |
جڏهن ملڪن چيو ته مريم!، توکي جل جلال، ڏي ڪلمي جِي، پاڻ کان، بِشارت بحال، عيسىٰ پٽ مريم جو، نالو تنهن نِهال، دُنيا ۽ آخرت ۾، چڱو چڱِي چال، ۽ واصل ساڻ وِصال، حاضر حضورين مان. |
وَيُكَلِّمُ النّاسَ فِى المَهدِ وَكَهلًا وَمِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 46) |
۽ پينگهي ۽ ڪَرڙ ۾، ڪندو ماڻهن سان مقال، ڀلارو بحال، صالحن سندي ساٿ مان. |
قالَت رَبِّ أَنّىٰ يَكونُ لى وَلَدٌ وَلَم يَمسَسنى بَشَرٌ قالَ كَذٰلِكِ اللَّهُ يَخلُقُ ما يَشاءُ إِذا قَضىٰ أَمرًا فَإِنَّما يَقولُ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 47) |
چيائين ڪهڙي چال، مولا! پٽ مون کي ٿئي؟ هٿ نه لائيمِ، جنهن حال ۾، ماڻهوءَ ڪنهن مجال، چي، اِنِ پر ڌڻيءَ کي، جيئن وڻي، جوڙون جوڙي جال؛ جڏهن به ڪوئي ڪم گُھري، جوڙڻ جل جلال، ته فرمائـِسِ فِى الْحَال “ ٿي”، ته پوءَ ٿِي پوي. |
وَيُعَلِّمُهُ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَالتَّورىٰةَ وَالإِنجيلَ (آيت : 48) |
۽ ڪتاب سيکاريندسِ، ۽ حڪمت، توريت ۽ انجيل، |
وَرَسولًا إِلىٰ بَنى إِسرٰءيلَ أَنّى قَد جِئتُكُم بِـٔايَةٍ مِن رَبِّكُم أَنّى أَخلُقُ لَكُم مِنَ الطّينِ كَهَيـَٔةِ الطَّيرِ فَأَنفُخُ فيهِ فَيَكونُ طَيرًا بِإِذنِ اللَّهِ وَأُبرِئُ الأَكمَهَ وَالأَبرَصَ وَأُحىِ المَوتىٰ بِإِذنِ اللَّهِ وَأُنَبِّئُكُم بِما تَأكُلونَ وَما تَدَّخِرونَ فى بُيوتِكُم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لَكُم إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 49) |
۽ طرف بني اِسْرائـِيْل، مرُسل مقرر مورهين. آندمِ اوهان لئي، ربَّ کان، نشاني نهال، خلقيان آن لئي، خاڪ مان، مورت پکي مثال، وري ڦوڪيان ان ۾، ته حڪم خدا جي نال، ڦِري ٿئي فِى الْحَال، ڍول پکي ڍولِير ڪو. ۽ انڌا ۽ ڪوڙھ جا، اَ گھا اُٿياريان، ۽ مُئا جياريان، اِذن ساڻ الله جي. جيڪي کائو تِنهنجِي، آن کي، خبر ڏيان خان!، پڻ جيڪي گھرن ۾ گڏ ڪريو، سَمر ۽ سامان؛ جي آهيو، منجھ ايمان، ته آن لئي عِبرت ان ۾. |
وَمُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَىَّ مِنَ التَّورىٰةِ وَلِأُحِلَّ لَكُم بَعضَ الَّذى حُرِّمَ عَلَيكُم وَجِئتُكُم بِـٔايَةٍ مِن رَبِّكُم فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 50) |
۽ مون کان اڳ توريت کي، ڪندڙ صحِي، صفا، ۽ جنهن کان، منع ٿِيان، تنهن مان، ڪريان ڪجھ روا، ۽ آندمِ اُهنڃ اوهان لئي، اَهنجي ربّ وٽان؛ پوءِ رکو خوف خدا، ۽ هلو مُنهنجي حڪم تي. |
إِنَّ اللَّهَ رَبّى وَرَبُّكُم فَاعبُدوهُ هٰذا صِرٰطٌ مُستَقيمٌ (آيت : 51) |
الله مون ۽ اوهان جو، سائين آهي صحِي، پوءِ پوڄيو کيس پَهِي، سِڌِي سدائين واٽ اِيءَ. |
فَلَمّا أَحَسَّ عيسىٰ مِنهُمُ الكُفرَ قالَ مَن أَنصارى إِلَى اللَّهِ قالَ الحَوارِيّونَ نَحنُ أَنصارُ اللَّهِ ءامَنّا بِاللَّهِ وَاشهَد بِأَنّا مُسلِمونَ (آيت : 52) |
پوءِ جڏهن پروڙيو اُنهن کان، عيسٰى صفا اِنڪار، چي، آهي ڪير، ڪريم ڏي، مُنهنجو مددگار؟ اُتو حوارين، ته اسين ساٿِي ربّ، ستار؛ مَڃيوسون مولا پاڪَ کي؛ پوءِ ساکِي ٿي سرڪار!، ته تهدِل تابعدار، اسين اُنهيءَ جا آهيون. |
رَبَّنا ءامَنّا بِما أَنزَلتَ وَاتَّبَعنَا الرَّسولَ فَاكتُبنا مَعَ الشّٰهِدينَ (آيت : 53) |
ڌڻيم! اُتارئـِي، اُن مَٿي، آندوسون ايمان، ۽ ورتي سون راه رسول جِي، بيشڪ بي گمان، پوءِ ساکين گڏ سبحان، لِک اسان کي لوح ۾. |
وَمَكَروا وَمَكَرَ اللَّهُ وَاللَّهُ خَيرُ المٰكِرينَ (آيت : 54) |
پوءِ هُنن به سِٽائون سِٽيون، سِٽيون پڻ سُبحان، ۽ بارِي بي گمان، سُهڻو سِٽيندڙن ۾. |
إِذ قالَ اللَّهُ يٰعيسىٰ إِنّى مُتَوَفّيكَ وَرافِعُكَ إِلَىَّ وَمُطَهِّرُكَ مِنَ الَّذينَ كَفَروا وَجاعِلُ الَّذينَ اتَّبَعوكَ فَوقَ الَّذينَ كَفَروا إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ ثُمَّ إِلَىَّ مَرجِعُكُم فَأَحكُمُ بَينَكُم فيما كُنتُم فيهِ تَختَلِفونَ (آيت : 55) |
جڏهن چيو جيار، ته عيسٰى! اُلڪو ڪر نه تون، موت تُنهنجو، هٿ مُنهنجي، ۽ توکي پنهنجي پار، چاڙهڻ وارو چوٽيـين، ۽ ڦِريا جي فُجار، پڪ رکندڙ پاڪ تن کان؛ جي تنهنجا تابعدار، اُتم ڪندڙ اُنهن کي، مٿي ڪُل ڪُفّار، تائين ڏينهن قيام جي؛ پڻ آهي آخرڪار، مون ڏي اوهان کي موٽڻو، پوءِ ڪندس برقرار، اوهان وچ آچار، جنهن ۾ جھڳڙو پاڻ ۾. |
فَأَمَّا الَّذينَ كَفَروا فَأُعَذِّبُهُم عَذابًا شَديدًا فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَما لَهُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 56) |
پوءِ، جي ڦريا تن کي، منجھ هِن ۽ هُن ڄمار، ڏاڍِي ڏيندس، اُنهن کي، سزا سخت اَپار، ۽ هرگز سندن هارِ، واهر، وَسيلو ناھ ڪو. |
وَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَيُوَفّيهِم أُجورَهُم وَاللَّهُ لا يُحِبُّ الظّٰلِمينَ (آيت : 57) |
پر آندو جن ايمان، ۽ ڪيون نيڪ ڪمايون، پوءِ اُنهن جا، اَجر اُنهن کي، ساري ڏي سُبحان؛ ڏي، ڏاڍن کي ڪانه، مولا محبت مورهين. |
ذٰلِكَ نَتلوهُ عَلَيكَ مِنَ الءايٰتِ وَالذِّكرِ الحَكيمِ (آيت : 58) |
اُهو اُهڃاڻن، مان، پڙهون توتي پاڻ، پڻ صحِي صحِي سُهڃاڻ، يقيني ياداشت مان. |
إِنَّ مَثَلَ عيسىٰ عِندَ اللَّهِ كَمَثَلِ ءادَمَ خَلَقَهُ مِن تُرابٍ ثُمَّ قالَ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 59) |
آهي عيسٰىؑ جو، آدمؑ جيئن، مالڪ وٽ مِثال، جنهن کي مٽيءَ مان مورهين، بنايئين بحال، پوءِ چيائينس اهڙي چال. “ٿِي”، ته پوءِ ٿِي پوي. |
الحَقُّ مِن رَبِّكَ فَلا تَكُن مِنَ المُمتَرينَ (آيت : 60) |
ثابت تنهنجي سائينءَ کان، سڀ ڪجھ آهي سچ، جن جي قلبن ۾ ڪَچ، تن منجھان، نه ٿِي مورهين. |
فَمَن حاجَّكَ فيهِ مِن بَعدِ ما جاءَكَ مِنَ العِلمِ فَقُل تَعالَوا نَدعُ أَبناءَنا وَأَبناءَكُم وَنِساءَنا وَنِساءَكُم وَأَنفُسَنا وَأَنفُسَكُم ثُمَّ نَبتَهِل فَنَجعَل لَعنَتَ اللَّهِ عَلَى الكٰذِبينَ (آيت : 61) |
پوءِ، جو تو سان، ان ۾ حجت هليو هيڪار، جنهن بعد ڀلا! آيئـِي، صحِي سماچار، پوءِ چئو، ته اَچو ميدان ۾، ڪوٺيون ڪُل قطار، اسين پنهنجا، اوهين پنهنجا، وِيا، وَنيون، ٻار، تان پِٽيون، تن کي، پاڻ مان، جي ناحق تي نڪار، پوءِ ڌڻيء جِي ڌِڪار، مُقرر ڪوڙن تي ڪريون. |
إِنَّ هٰذا لَهُوَ القَصَصُ الحَقُّ وَما مِن إِلٰهٍ إِلَّا اللَّهُ وَإِنَّ اللَّهَ لَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 62) |
لاشڪ آهي، شرط هِي واجبي وهنوار، اصل ناهي، اوهان لئي، ڪا درگاه ڌڻيءَ ڌار،۽ صاحب ربُّ ستار، سو سٻر ۽ سٻوجھ گھڻو. |
فَإِن تَوَلَّوا فَإِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِالمُفسِدينَ (آيت : 63) |
پوءِ، جي مُنهن موڙيؤن، ٿيا پُٺيرا، پڪ، ته بِگاڙن کان بيشڪ، پورو واقف پاڻ ڌڻي. |
قُل يٰأَهلَ الكِتٰبِ تَعالَوا إِلىٰ كَلِمَةٍ سَواءٍ بَينَنا وَبَينَكُم أَلّا نَعبُدَ إِلَّا اللَّهَ وَلا نُشرِكَ بِهِ شَيـًٔا وَلا يَتَّخِذَ بَعضُنا بَعضًا أَربابًا مِن دونِ اللَّهِ فَإِن تَوَلَّوا فَقولُوا اشهَدوا بِأَنّا مُسلِمونَ (آيت : 64) |
چئو، اَچو اهل ڪتاب جا! پاڪ ڪلمي پار، جو اسان ۽ اوهان وِچ ۾، هڪ جھڙو حق شمار، ۽ ڪنهن شيء کي، نه ڪريو، اُن سان، ڀيڙو ڀائيوار، ۽ هڪ ٻئي کي، نه بنايون پاڻ مان، ري پرور، پالڻهار، پوءِ جي ڦِريا، ته چئو، ته هُجو، ساکي وٽ ستار، ته تهدِل تابعدار، اسين اُن جا آهيون. |
يٰأَهلَ الكِتٰبِ لِمَ تُحاجّونَ فى إِبرٰهيمَ وَما أُنزِلَتِ التَّورىٰةُ وَالإِنجيلُ إِلّا مِن بَعدِهِ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 65) |
اهل ڪتاب! ابرهيم ۾، حق ڇڪيو ڇا ڪاڻ؟ ۽ توريت ۽ انجيل نه لَٿا، مگر اُن پڃاڻ؛ پوءِ ڪوه؟ نه پروڙيو پاڻ، ڳِهلا! اِنهئ ڳالھ کي. |
هٰأَنتُم هٰؤُلاءِ حٰجَجتُم فيما لَكُم بِهِ عِلمٌ فَلِمَ تُحاجّونَ فيما لَيسَ لَكُم بِهِ عِلمٌ وَاللَّهُ يَعلَمُ وَأَنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 66) |
اُهي اوهان، اُن سان، بحث ڪيان تنهن باب، جنهن جو علم نه اوهان کي، ۽ جنهن جِي نه سُڌصواب، حُجتُون هلايون اُن ۾، ڪهڙي ساڻ حساب، ۽ واحد ربَّ، وهاب، ڄاڻي، نه ڄاڻو ڪُجھ اوهين. |
ما كانَ إِبرٰهيمُ يَهودِيًّا وَلا نَصرانِيًّا وَلٰكِن كانَ حَنيفًا مُسلِمًا وَما كانَ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 67) |
اصل ابراهيم نه هئو، يهودِي، نه نصارو، ۽ پاسي، هرناپاس کان، حق تي هلڻ وارو، ۽ ڪونهي قرارو، پَرجي پُوڄارين مان. |
إِنَّ أَولَى النّاسِ بِإِبرٰهيمَ لَلَّذينَ اتَّبَعوهُ وَهٰذَا النَّبِىُّ وَالَّذينَ ءامَنوا وَاللَّهُ وَلِىُّ المُؤمِنينَ (آيت : 68) |
اوڏا ابراهيم کي، جي ٿِيَس تابعدار، پڻ هِي مُرسل مورهين، ۽ جن آندو اعتبار، ۽ مولا مددگار، مؤمنن جو مورهين. |
وَدَّت طائِفَةٌ مِن أَهلِ الكِتٰبِ لَو يُضِلّونَكُم وَما يُضِلّونَ إِلّا أَنفُسَهُم وَما يَشعُرونَ (آيت : 69) |
اصل اهل ڪتاب مان، وڻيو ڪنهن وڳر، ته مُنجھائينيان مورهين؛ نه مُنجھائن مگر، سندن جان جگر، ۽ پاڻ پروڙين ڪين ٿا. |
يٰأَهلَ الكِتٰبِ لِمَ تَكفُرونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَأَنتُم تَشهَدونَ (آيت : 70) |
آيتن کان الله جي، ڇو اَلو اهل ڪتابَ!، ۽ شاهد برصواب، جڏهن اوهين اُن تي آهيو؟ |
يٰأَهلَ الكِتٰبِ لِمَ تَلبِسونَ الحَقَّ بِالبٰطِلِ وَتَكتُمونَ الحَقَّ وَأَنتُم تَعلَمونَ (آيت : 71) |
ڪِتابيو! ڪوه لِڪايو، حق کي، ناحق ساڻ؟، ۽ جڏهن پَروڙ پئا پاڻ، ته حق لِڪايو پِئا لوڪ ۾. |
وَقالَت طائِفَةٌ مِن أَهلِ الكِتٰبِ ءامِنوا بِالَّذى أُنزِلَ عَلَى الَّذينَ ءامَنوا وَجهَ النَّهارِ وَاكفُروا ءاخِرَهُ لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 72) |
۽ آ کِي اهل ڪتاب مان، ڪنهن ٽولِي اِها ٽَل، ته جيڪي اُتريون اُنهن تي، جن مڃيو مُرسل مل، سو مڃيو مُنڍ ڏينهن ۾ ۽ ڦِرو پوڃاڙِي پل، ته اِهڙي سين اَٽڪل، موٽن مسلمانِي ڪنان. |
وَلا تُؤمِنوا إِلّا لِمَن تَبِعَ دينَكُم قُل إِنَّ الهُدىٰ هُدَى اللَّهِ أَن يُؤتىٰ أَحَدٌ مِثلَ ما أوتيتُم أَو يُحاجّوكُم عِندَ رَبِّكُم قُل إِنَّ الفَضلَ بِيَدِ اللَّهِ يُؤتيهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 73) |
۽ اصل ٻي اڳوان تي، نه آڻيو اوهين ايمان، مگر اوهان جي، مذهب جو، جو تابع ٿيو تعبان، جي سُونهپ، سُونهپ صاحب جِي، ڌاريو هي ڌيان، جيئن مليا، تنهن مثال ملي، ڪنهن مُرسل مهربان، يادڙي اوهان سان، ڌڻي وٽ؛ کولي چئو تون خان! ته ڀال ڀلي جي هٿ ۾، وَڻيس تنهن ڏي ڏانَ، ۽ سُنهارو سُبحان، سُڌاريندڙ ۽ سُڌ ڀريو. |
يَختَصُّ بِرَحمَتِهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ ذُو الفَضلِ العَظيمِ (آيت : 74) |
ڌڻي ڌُڻي وڻيس تنهن، ٻاجھ سندس ساڻ، ۽ آهي پرور پاڻ، وڏا ڀال ڀلائـِڻون. |
وَمِن أَهلِ الكِتٰبِ مَن إِن تَأمَنهُ بِقِنطارٍ يُؤَدِّهِ إِلَيكَ وَمِنهُم مَن إِن تَأمَنهُ بِدينارٍ لا يُؤَدِّهِ إِلَيكَ إِلّا ما دُمتَ عَلَيهِ قائِمًا ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قالوا لَيسَ عَلَينا فِى الأُمِّيّۦنَ سَبيلٌ وَيَقولونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 75) |
اِهو اِن آڌارتي، ته چيو تن چَٽن، ته ناهي منجھ ڄَٽن، اصل اسان جو واسطو. ڪن وٽ اهل ڪتاب مان، کڻِي رکين تون کوڙ، ته به توکي ڏيندڙ توڙ، ساري سلامت، سو صحِي. ۽ ڪنهن وٽ رکين رُپيو، اُن مان نه ڪندو ادا، مگر مٿس سدا، جاسين حاضر هوندين پاڻ تون. ۽ چون ٿا الله تي، اُهي مُفتي، مُفت ڪوڙ، ۽ هوڏانهن اُهي هُوڙه، پيا سمجھن، سندن ڪوڙ کي. |
بَلىٰ مَن أَوفىٰ بِعَهدِهِ وَاتَّقىٰ فَإِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُتَّقينَ (آيت : 76) |
هائو، پنهنجو اَنجام، جنهن پاريو، ۽ پرهيز ڪئـِي، ته مولا پڻ مُدام، ڏي محبت مُتقين کي. |
إِنَّ الَّذينَ يَشتَرونَ بِعَهدِ اللَّهِ وَأَيمٰنِهِم ثَمَنًا قَليلًا أُولٰئِكَ لا خَلٰقَ لَهُم فِى الءاخِرَةِ وَلا يُكَلِّمُهُمُ اللَّهُ وَلا يَنظُرُ إِلَيهِم يَومَ القِيٰمَةِ وَلا يُزَكّيهِم وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 77) |
جي وڪڻن وعدا ربَّ جا، ۽ سندن قسم قرار، قيمت قَدر قليل تي، اُهي سي آوار، نه پَتِي ڪا، پر لوڪ ۾، هرگز اُنهن هار، ۽ ڪلام نه ڪندو تن سان، قادر ربُّ، قهار، ۽ نه ڪندو ڏينهن قيام جي، تن ڏي نظر، نهار، ۽ نه صاف ڪندنِ ستار، ۽ اُنهن لئي، سزا سخت ڳَرِي. |
وَإِنَّ مِنهُم لَفَريقًا يَلوۥنَ أَلسِنَتَهُم بِالكِتٰبِ لِتَحسَبوهُ مِنَ الكِتٰبِ وَما هُوَ مِنَ الكِتٰبِ وَيَقولونَ هُوَ مِن عِندِ اللَّهِ وَما هُوَ مِن عِندِ اللَّهِ وَيَقولونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 78) |
ڪا ٽولي اُنهن مان ڪتاب ۾، وٽِين سندن زبان، ته ڪيڻسِ پاڪ ڪتاب مان، ڀانيو بي گمان، ۽ بلڪل ناهِ بيان، سو قادر جي ڪتاب مان. ۽ چون اِنپرچَٽ، ته آهي هِي الله وٽان، ۽ ناهي اِهو الله وَٽان، ٻَڌن خدا تي زَٽ، ۽ سي وِلها سندن وَٽ، سمجھن پيا سرِير ۾. |
ما كانَ لِبَشَرٍ أَن يُؤتِيَهُ اللَّهُ الكِتٰبَ وَالحُكمَ وَالنُّبُوَّةَ ثُمَّ يَقولَ لِلنّاسِ كونوا عِبادًا لى مِن دونِ اللَّهِ وَلٰكِن كونوا رَبّٰنِيّۦنَ بِما كُنتُم تُعَلِّمونَ الكِتٰبَ وَبِما كُنتُم تَدرُسونَ (آيت : 79) |
ڪنهن ماڻهؤَ روانه مور، ته قادر کيس ڪتاب ڏي. صحي ڏيس سمجھاڻي، ۽ نبوت نور، موٽي ماڻهن ۾ ڪري، دعوٰى هن دستور، ته پُوڄاري پرور سوا، مُنهنجاٿيو مجبور، پر خاص خدا وارا ٿيو، موجب تنهن مذڪور، حڪمناما حضور، جيئن پڙهو، ۽ پڙهائيو. |
وَلا يَأمُرَكُم أَن تَتَّخِذُوا المَلٰئِكَةَ وَالنَّبِيّۦنَ أَربابًا أَيَأمُرُكُم بِالكُفرِ بَعدَ إِذ أَنتُم مُسلِمونَ (آيت : 80) |
نه چوندان اِهڙي چال، ته ملڪن ۽ نبين کي، پالڻهار پنهنجا، بَنايو بَطال!، امر اوهان کي، ڪِيئن ڪندو نافرماني نال؟ جنهن بعد هُجو بحال، سچا مؤمن مورهين. |
وَإِذ أَخَذَ اللَّهُ ميثٰقَ النَّبِيّۦنَ لَما ءاتَيتُكُم مِن كِتٰبٍ وَحِكمَةٍ ثُمَّ جاءَكُم رَسولٌ مُصَدِّقٌ لِما مَعَكُم لَتُؤمِنُنَّ بِهِ وَلَتَنصُرُنَّهُ قالَ ءَأَقرَرتُم وَأَخَذتُم عَلىٰ ذٰلِكُم إِصرى قالوا أَقرَرنا قالَ فَاشهَدوا وَأَنا۠ مَعَكُم مِنَ الشّٰهِدينَ (آيت : 81) |
۽ ورتو جڏهن نبين کان، الله اِهو انجام، ته ڪَيمِ ڪتاب ۽ حڪمت جو، اَوهان تي اِنعام، آيان پوءِ ان پٺيان، ڪو نبي نيڪ نام، سچو ڪندڙ اُن کي، جي اوهان گڏ اِلهام، ته مڃينداسِ مُدام، ۽ ڏينداسِ مدد مورهين. چي، مَڃيان ۽ منهنجو کيان، برسر اُن تي بار، چي، مڃيوسين مورهين، چي، پوءِ ڏِجا ساک سچار!، آئون پڻ اوهان سان، ساکين ۾، ڀيڙو برقرار، |
فَمَن تَوَلّىٰ بَعدَ ذٰلِكَ فَأُولٰئِكَ هُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 82) |
تِنهان پوءِ تڪرار، جنهن ڦيريو ڪَنڌ، ڪاڍوڙ سي. |
أَفَغَيرَ دينِ اللَّهِ يَبغونَ وَلَهُ أَسلَمَ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ طَوعًا وَكَرهًا وَإِلَيهِ يُرجَعونَ (آيت : 83) |
پوءِ ڪِ گُھرو گس وٺڻ ٻِيو، دين ڌڻي جي ڌار؟ ۽ هوڏانهن اُڀ زمين ۾، جي رهن راڄ ستار، خوشِي، ناخوشِئ سان، ٿيا تِنهنجا تابعدار، ۽ اَوس اُنهئَ پار، اَوهين مڙئ موٽائبا. |
قُل ءامَنّا بِاللَّهِ وَما أُنزِلَ عَلَينا وَما أُنزِلَ عَلىٰ إِبرٰهيمَ وَإِسمٰعيلَ وَإِسحٰقَ وَيَعقوبَ وَالأَسباطِ وَما أوتِىَ موسىٰ وَعيسىٰ وَالنَّبِيّونَ مِن رَبِّهِم لا نُفَرِّقُ بَينَ أَحَدٍ مِنهُم وَنَحنُ لَهُ مُسلِمونَ (آيت : 84) |
چئو، ته مڃيو سون الله کي، پڻ جو اُتريو اسان پار، ۽ جي اُتريا ابراهيم تي، اُتارا، اِظهار، اسماعيل، اسحاق، يعقوب تي ۽ پوٽن، ڏهٽن پار، ۽ موسٰى، عيسٰى کي، جو مليو ۽ ٻئا نبي نامدار، سندنِ سائينءَ پاڪ کان، تن مان ڪريون نه، ڪنهن کي ڌار، ۽ هرگز اِن هڪ هار، اسين سدا سَلامي آهيون. |
وَمَن يَبتَغِ غَيرَ الإِسلٰمِ دينًا فَلَن يُقبَلَ مِنهُ وَهُوَ فِى الءاخِرَةِ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 85) |
سچي سلامتِيءَ ري، جو ڌاريندو ٻِئو دين، ڌڻي اُن کان، دين سو، ڪڏهن قبوليندو ڪِين، ۽ هاريَنِ مان حَزِين، اُهي آهن، آخرت ۾. |
كَيفَ يَهدِى اللَّهُ قَومًا كَفَروا بَعدَ إيمٰنِهِم وَشَهِدوا أَنَّ الرَّسولَ حَقٌّ وَجاءَهُمُ البَيِّنٰتُ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 86) |
سَئين تِنهن ساٿ کي، ڏَسي ڪِيئن ڏاتار، ته سندن مڃڻ پڃاڻا مورهين، ڪيائون انڪار، ۽ ساک ڏِنائون، آھِ سچو، مُرسل مڻيادار، ۽ آيو ٻِيون اُنهن کي، نِشانيون نروار، ۽ پرور سَئون پار، نه ڏَسي ڏاڍِي ذات کي. |
أُولٰئِكَ جَزاؤُهُم أَنَّ عَلَيهِم لَعنَةَ اللَّهِ وَالمَلٰئِكَةِ وَالنّاسِ أَجمَعينَ (آيت : 87) |
اَجر به اُنهن جو، اُنهن مٿي؛ ڌڻيءَ جِي ڌِڪار، پڻ مِڙنين مَلڪن ۽ ماڻهن جِي، برسر مٿڻ ڀُلڪار، |
خٰلِدينَ فيها لا يُخَفَّفُ عَنهُمُ العَذابُ وَلا هُم يُنظَرونَ (آيت : 88) |
هونِ هميشه اُن ۾، ۽ اُنهن تان آزار، لاهِبو نه لَغار، ۽ نه ڏانهنِ، ڏِٺو ئـِي وڃي. |
إِلَّا الَّذينَ تابوا مِن بَعدِ ذٰلِكَ وَأَصلَحوا فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 89) |
مگر انهيان پوءِ موٽيا، ۽ صحِي سُڌاريؤَن پاڻ، پوءِ صاحب سُرت سُڄاڻ، مرهيندڙ ۽ مِهر ڀريو. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا بَعدَ إيمٰنِهِم ثُمَّ ازدادوا كُفرًا لَن تُقبَلَ تَوبَتُهُم وَأُولٰئِكَ هُمُ الضّالّونَ (آيت : 90) |
جي ڦِريا، سندنِ مڃڻ پُٺيان، ۽ وَڌيا منجھ انڪار، توبه نه تن جِي ڪار؛ ۽ اُهي موڙهل آهن مورهين. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا وَماتوا وَهُم كُفّارٌ فَلَن يُقبَلَ مِن أَحَدِهِم مِلءُ الأَرضِ ذَهَبًا وَلَوِ افتَدىٰ بِهِ أُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ أَليمٌ وَما لَهُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 91) |
جي ڦريا، سندن مڃڻ پُٺيان، ۽ مُئا مُنڪر مور، اصل انهن مان، ڪنهن هِڪ ڪنان، مور نه ڪجي منظور، زمين ڀريل سون سان، بخشي، جي ڀرپور، سزا سندنِ لئي سُور، ۽ واھر، نه وسيلا اُنهن جا. |
لَن تَنالُوا البِرَّ حَتّىٰ تُنفِقوا مِمّا تُحِبّونَ وَما تُنفِقوا مِن شَيءٍ فَإِنَّ اللَّهَ بِهِ عَليمٌ (آيت : 92) |
نيڪِي مور نه ماڻيو، تان خرچيو خُدا ڪاڻ، اُن مان، گھڻو جنهن کي، پيار ڪريو ٿا پاڻ، ۽ صاحب تنهن کان، سُڄاڻ، جيڪي خرچيو خير ۾. |
كُلُّ الطَّعامِ كانَ حِلًّا لِبَنى إِسرٰءيلَ إِلّا ما حَرَّمَ إِسرٰءيلُ عَلىٰ نَفسِهِ مِن قَبلِ أَن تُنَزَّلَ التَّورىٰةُ قُل فَأتوا بِالتَّورىٰةِ فَاتلوها إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 93) |
اسرئيل جي اولاد تي هئا، حلال سڀ طعام، مگر پاڻهين پاڻ تي، جو اسرائيل ڪيو حرام، تِنها اڳ، ته توريت ٿيئي، اُنهن تي انعام، آڻيو اڳيان توريت کي، پوءِ پڙهو تُرت تمام، جي ڪاتب! منجھ ڪلام، صفا سچ تي آهيو. |
فَمَنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ مِن بَعدِ ذٰلِكَ فَأُولٰئِكَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 94) |
اِن کانپوءِ، الله تي، جنهن ٻَڌا ڪارا ڪُوڙ، هاڃو ڪندڙ هُوڙھ، مورک آهن مورهين. |
قُل صَدَقَ اللَّهُ فَاتَّبِعوا مِلَّةَ إِبرٰهيمَ حَنيفًا وَما كانَ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 95) |
چئو، سچ صفا سائينءَ چيو، پوءِ تابع رَهو توڙ، شريعت ابراهيم جا، جنهن کي، قوم چيو ڪا ڍوڙ، هڪ مالڪ ڏي مُنهن موڙ، ۽ منجھان مشرڪن ڪين هو. |
إِنَّ أَوَّلَ بَيتٍ وُضِعَ لِلنّاسِ لَلَّذى بِبَكَّةَ مُبارَكًا وَهُدًى لِلعٰلَمينَ (آيت : 96) |
پهريون پاڪ گھر، جو ٿيو، ماڻهن لئي مقرر، جو مڪي مبارڪ ۾، برڪت ڀريو بهتر، آهي عالمن لئي، هدايت هيڪر، |
فيهِ ءايٰتٌ بَيِّنٰتٌ مَقامُ إِبرٰهيمَ وَمَن دَخَلَهُ كانَ ءامِنًا وَلِلَّهِ عَلَى النّاسِ حِجُّ البَيتِ مَنِ استَطاعَ إِلَيهِ سَبيلًا وَمَن كَفَرَ فَإِنَّ اللَّهَ غَنِىٌّ عَنِ العٰلَمينَ (آيت : 97) |
صفا صفا سمجھاڻيون، آهن اِن اندر، اُن ۾ ابراهيم جو، مَقام مُنوّر، ۽ جو گِهڙيو منجھ تنهن گھر، اَمن وارو آهي سو. ۽ ماڻهن مَٿي، اُن گھر ڏي، پرور ڪارڻ پنڌ، سندِي رستي رَند، جو پُهچ ساري پاڻ ۾. ۽ پوءِ، جو ڦِريو فرمان کان، ته صاحب ربُّ سُڄاڻ، بي پرواه آهي پاڻ، جُمله جَڳ جھان کان. |
قُل يٰأَهلَ الكِتٰبِ لِمَ تَكفُرونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَاللَّهُ شَهيدٌ عَلىٰ ما تَعمَلونَ (آيت : 98) |
چئو، اي اهل ڪتاب جا! ڪوه ڪريو انڪار؟ آيتن کان الله جي؛ ۽ صاحب رب، ستار، ڪريو، جي ڪم ڪار، هر دم حاضر اُن مَٿي. |
قُل يٰأَهلَ الكِتٰبِ لِمَ تَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ مَن ءامَنَ تَبغونَها عِوَجًا وَأَنتُم شُهَداءُ وَمَا اللَّهُ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 99) |
چئو، اي اهل ڪتاب جا!، ڪنان ربّ جي راه، ڇو آڏو ڦرو اُن کي، آندو جنهن ويساه؟ وِنگي وَسيلن سان، گُھرو، سا گمراه!، اوهين شاهِد آهيو، جنهن حالت ۾ همراه!، ۽ غافل ناهِ الله، جيڪي ڪريو، اُن کان. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِن تُطيعوا فَريقًا مِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ يَرُدّوكُم بَعدَ إيمٰنِكُم كٰفِرينَ (آيت : 100) |
اي مڃيو، جن مذڪور!، اوهين اهل ڪتاب مان، ڪندا ڪنهن ٽوليءَ جون، مَتيون، جي منظور، ته موٽائيندان مور، مَڃڻ پٺيان، مُنڪر ڪري. |
وَكَيفَ تَكفُرونَ وَأَنتُم تُتلىٰ عَلَيكُم ءايٰتُ اللَّهِ وَفيكُم رَسولُهُ وَمَن يَعتَصِم بِاللَّهِ فَقَد هُدِىَ إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 101) |
۽ ڪُفر ڪندا ڪِنهن پر، جڏهن آيتون الله جون، پڙهجن اوهان تي، ۽ اوهان ۾، اُن جو پيغمبر؛ ۽ جِنهن جَھلِي ڀَلي جِي ڀر، سو سونهون ٿيو، سئينءَ واٽ تي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ حَقَّ تُقاتِهِ وَلا تَموتُنَّ إِلّا وَأَنتُم مُسلِمونَ (آيت : 102) |
اي جن مڃيو!، سي مالڪ کان، جيئن ڏَرجي، تئين ڏرو، مورهين ڪين مَرو، مگر مُسلمان ٿِي. |
وَاعتَصِموا بِحَبلِ اللَّهِ جَميعًا وَلا تَفَرَّقوا وَاذكُروا نِعمَتَ اللَّهِ عَلَيكُم إِذ كُنتُم أَعداءً فَأَلَّفَ بَينَ قُلوبِكُم فَأَصبَحتُم بِنِعمَتِهِ إِخوٰنًا وَكُنتُم عَلىٰ شَفا حُفرَةٍ مِنَ النّارِ فَأَنقَذَكُم مِنها كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُم ءايٰتِهِ لَعَلَّكُم تَهتَدونَ (آيت : 103) |
۽ جھليو رَسِي ربّ جِي، هيڪاندا هموار، ۽ نه ٿيو ٽِڙي پاڻ ۾، ٽوليون ٽوليون ڌار، ۽ ساريون سائينءَ جِي پاڻ تي، نعمت رِي نروار، ته ويرِي هئا، وير ڪنهن، پوءِ قلب ڳنڍيان ڪلتار، پوءِ ڀال سندس سان ڀار، صبح سويرو ٿِي پيا. ۽ اصل هئا اوڏڙا، ڀر ۾ کوري باه، پوءِ ڪڍئين اوهان کي، اُن مان ڏيئـِي پاڻ پناه، کولي اِيئن اوهان تي، پنهنجو اٰيتون اللهَ، تان سِڌِي سَنواٽِي راه، مؤمن مانَ ماڻيو. |
وَلتَكُن مِنكُم أُمَّةٌ يَدعونَ إِلَى الخَيرِ وَيَأمُرونَ بِالمَعروفِ وَيَنهَونَ عَنِ المُنكَرِ وَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 104) |
۽ اوهان مان سچو ساٿ کپي، جو سڏي سکر پار، ۽ چوي چڱاين جو، ۽ بندي ڪنان بدڪار، ۽ اُهي ڪنان آزار، آهن سدا آزاد سي. |
وَلا تَكونوا كَالَّذينَ تَفَرَّقوا وَاختَلَفوا مِن بَعدِ ما جاءَهُمُ البَيِّنٰتُ وَأُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 105) |
۽ اوهين نه ٿيو اُنهن جيئن، جي ٽوليون ٿيا ٽِڙي، جنهن بعد آينِ آيتون، وِڏوڙا ورِي، ۽ سزا سخت ڳرِي، اَڳتي آهي، اُنهن لئي. |
يَومَ تَبيَضُّ وُجوهٌ وَتَسوَدُّ وُجوهٌ فَأَمَّا الَّذينَ اسوَدَّت وُجوهُهُم أَكَفَرتُم بَعدَ إيمٰنِكُم فَذوقُوا العَذابَ بِما كُنتُم تَكفُرونَ (آيت : 106) |
ڏُ کيو ڏينهن جنهن ۾، ڪي مُنهن مُنور نُور، ۽ ڪي مُنهنڙا ميرا مور، ڪارا ڪَڙهيل باه ۾. پر پوءِ مُنهن جن جا، ٿيا ڪارا ڪارُونڀار، ڪيئن اوهان جي، ايمان پٺيان، اوهان ڪيو انڪار؟ جو ڦرندا هئا فُجار، چکو عَذَاب اُن جو. |
وَأَمَّا الَّذينَ ابيَضَّت وُجوهُهُم فَفى رَحمَةِ اللَّهِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 107) |
پر منهن مُنور جن جا، سي منجھ رحمت ربَّ سائين. ساڪن سدائين، انهيء باغ بهشت ۾. |
تِلكَ ءايٰتُ اللَّهِ نَتلوها عَلَيكَ بِالحَقِّ وَمَا اللَّهُ يُريدُ ظُلمًا لِلعٰلَمينَ (آيت : 108) |
اهي آيتون الله جون، پڙهونِ، مَٿي تو مُور؛ ۽ نه گھري ڪرڻ ڪَلُور، پرور پِرٿڻين سان. |
وَلِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَإِلَى اللَّهِ تُرجَعُ الأُمورُ (آيت : 109) |
۽ جيڪي اُڀ زمين ۾، سڀ آهن، الله هار، ۽ آخر پرور پار، موٽن، سڀ مُعاملا. |
كُنتُم خَيرَ أُمَّةٍ أُخرِجَت لِلنّاسِ تَأمُرونَ بِالمَعروفِ وَتَنهَونَ عَنِ المُنكَرِ وَتُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَلَو ءامَنَ أَهلُ الكِتٰبِ لَكانَ خَيرًا لَهُم مِنهُمُ المُؤمِنونَ وَأَكثَرُهُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 110) |
اَوهين اُمت آهيو، ڀلِي بيگمان، ماڻهن ڪارڻ ڪئـِي ويئي، ظاهر منجھ زمان، ته چئو چڱائـِي ۽ روڪيو، مَٺيان مُسلمان، ۽ آڻيو ٿا ايمان، سٻَاجھي سُبحان تي. ۽ جي اهل ڪتاب مڃيو، ته سٺو سندنِ ڪاڻ، ۽ ڪي منجھنِ مڃيندڙ آڻ، ۽ ٻَهون ٻاهر اُن کان. |
لَن يَضُرّوكُم إِلّا أَذًى وَإِن يُقٰتِلوكُم يُوَلّوكُمُ الأَدبارَ ثُمَّ لا يُنصَرونَ (آيت : 111) |
نه پُهچائيندا نقصان ري زيان زبان جي، ۽ جي وِڙهندا، ته وَرندا، سي پانهون پهلوان، موٽِي تن کي ڪا نه، مدد مِلندي مورهين. |
ضُرِبَت عَلَيهِمُ الذِّلَّةُ أَينَ ما ثُقِفوا إِلّا بِحَبلٍ مِنَ اللَّهِ وَحَبلٍ مِنَ النّاسِ وَباءو بِغَضَبٍ مِنَ اللَّهِ وَضُرِبَت عَلَيهِمُ المَسكَنَةُ ذٰلِكَ بِأَنَّهُم كانوا يَكفُرونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَيَقتُلونَ الأَنبِياءَ بِغَيرِ حَقٍّ ذٰلِكَ بِما عَصَوا وَكانوا يَعتَدونَ (آيت : 112) |
لڳِي مٿنِ، جتي به لڌا، تابعداري تمام، سوا سام سائين جي، ۽ سَندِي ماڻهن سام، ۽ ڏمر ۾ ڌاتار جي، موٽِي ڪيؤن مَقام، ۽ مٿي تن مُدام، مَڙهائـِي مَڙهِي ويئـِي. سو ڇو ته مڃيؤَن نه مورهين، آيتون الله، ۽ ناحق نبين کي هُئا قَتل ڪندا گمراه، ڪيائون گناه، ۽ حدون ٽوڙيندائـِي هئا. |
لَيسوا سَواءً مِن أَهلِ الكِتٰبِ أُمَّةٌ قائِمَةٌ يَتلونَ ءايٰتِ اللَّهِ ءاناءَ الَّيلِ وَهُم يَسجُدونَ (آيت : 113) |
ناهن اهل ڪتاب جا، هڪ جھڙا سڀ همراه، قائم ڪاري رات ۾، اُمت اُن منجھاه، پڙهن پاسا رات جا، آيتون الله، سي صاحب جِي، ساراه ۾، نمن نيڪ نگاه، |
يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَيَأمُرونَ بِالمَعروفِ وَيَنهَونَ عَنِ المُنكَرِ وَيُسٰرِعونَ فِى الخَيرٰتِ وَأُولٰئِكَ مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 114) |
الله ۽ آخرت ڏينهن ۾، وڏو رکن ويساه، ۽ چون چڱاين جو، ۽ جَھلينِ، کان گناه، ۽ ڪوشش نيڪ ڪمن ۾، وٺِن وِهلو واه! ۽ هونداهميشاه، صالحن جي ساٿ ۾. |
وَما يَفعَلوا مِن خَيرٍ فَلَن يُكفَروهُ وَاللَّهُ عَليمٌ بِالمُتَّقينَ (آيت : 115) |
۽ جي ڪن ڀلايون ڀال، سي ماريون نه وِينديون مورهين، ۽ واقف چڱِي چال، مالڪ، مُتقين کان. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا لَن تُغنِىَ عَنهُم أَموٰلُهُم وَلا أَولٰدُهُم مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا وَأُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 116) |
ڦِريا،جي فرمان کان، ته سندنِ، مال وِيا، ڪجھ ڇڏائن ڪين ڪي، ڪنان ڪِبريا، اُهي نارِي منجھ نِيا، هونِ هميشه اُن ۾. |
مَثَلُ ما يُنفِقونَ فى هٰذِهِ الحَيوٰةِ الدُّنيا كَمَثَلِ ريحٍ فيها صِرٌّ أَصابَت حَرثَ قَومٍ ظَلَموا أَنفُسَهُم فَأَهلَكَتهُ وَما ظَلَمَهُمُ اللَّهُ وَلٰكِن أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 117) |
جيڪي هِن جهان ۾، خرچين خام خيال، جنهن ۾ پارو پار جو، سو اُنهيءَ واءَ مثال، پوءِ اُن پَهر جي، پوک تان، جن جاڙُون ڪيون جال، ڦِرِي وڃي فِى الحال، پوءِ صفا ساڙي سُڃ ڪري. ۽ الله جل جلالہ، ظلم نه ڪري ڪنهن ساڻ، پر پاڻهين ڪن ٿا پاڻ، جاڙون پنهنجي جِيء سان، |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّخِذوا بِطانَةً مِن دونِكُم لا يَألونَكُم خَبالًا وَدّوا ما عَنِتُّم قَد بَدَتِ البَغضاءُ مِن أَفوٰهِهِم وَما تُخفى صُدورُهُم أَكبَرُ قَد بَيَّنّا لَكُمُ الءايٰتِ إِن كُنتُم تَعقِلونَ (آيت : 118) |
اي جن مڃيو!، سي مَنجھ نه ڳَنڍيو، پَرسين، پاڻاڌار، اَهنجي ڦِٽاڻِي ڦوٽ ۾، نه گھٽائين گِنوار، ۽ پسند ڪيون، جا پُهتيان، تڪليف ڪا تڪرار، وير سندنِ واتن مان، ٻَهون ٿيو ٻَهار، ۽ جو ڇُپائينِ سندن ڇاتيون، وڏو سو ويچار، کوليون سون خوب، اوهان لئي، نشانيون نروار، اِن آسري آڌار، ته پڙهي، مانَ پروڙيو! |
هٰأَنتُم أُولاءِ تُحِبّونَهُم وَلا يُحِبّونَكُم وَتُؤمِنونَ بِالكِتٰبِ كُلِّهِ وَإِذا لَقوكُم قالوا ءامَنّا وَإِذا خَلَوا عَضّوا عَلَيكُمُ الأَنامِلَ مِنَ الغَيظِ قُل موتوا بِغَيظِكُم إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 119) |
اِهي، اوهين ڀانيو انهن کي، ۽ هو نه ڀائـِينيان ڀار، ۽ اوهين ڪُل ڪتاب تي، آڻيو اعتبار، ۽ جڏهن اوهان کي مليا، وراڻيؤَن تنهن وار، ته مڃيوسون مورهين؛ ۽ جڏهن ڇيلا ڇِنا ڌار، ته ڪاوڙ مان ڪُفار، پئا ڇَٻِين، اوهان ته آڱريون. چئو، پنهنجِي چِر ۾، مَرو وڃِي مَردود!، واحد ربُّ، وَدُود، سمجھندڙ، سيني واريون. |
إِن تَمسَسكُم حَسَنَةٌ تَسُؤهُم وَإِن تُصِبكُم سَيِّئَةٌ يَفرَحوا بِها وَإِن تَصبِروا وَتَتَّقوا لا يَضُرُّكُم كَيدُهُم شَيـًٔا إِنَّ اللَّهَ بِما يَعمَلونَ مُحيطٌ (آيت : 120) |
جي صحِي اوهان کي، سُک، رسي، ته رنج اُن ۾، ۽ جي رسي اوهان کي ڏُ ک، ته کيل خوشيون ڪن اُن تي، ۽ جي سَهندا ۽ سيل رکو، ته ڪڏهن اوهان کي ڪانه، رسائين رِٿون اُنهن جون، ذرِي ضرر، زِيان، سٻاجھو سُبحان، جيڪي ڪن، ڪونڊو اُن تي. |
وَإِذ غَدَوتَ مِن أَهلِكَ تُبَوِّئُ المُؤمِنينَ مَقٰعِدَ لِلقِتالِ وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 121) |
۽ پره جو پنهنجي پَهر کان، جڏهن جُنبي هلين جوان، پئو بهارين جنگ لئي، مؤمن منجھ ميدان، ۽ سڻندڙ، سو سبحان، سمجھندڙ سڀ ڳالھ کي. |
إِذ هَمَّت طائِفَتانِ مِنكُم أَن تَفشَلا وَاللَّهُ وَلِيُّهُما وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 122) |
ٻن ٻارين اوهان مان، ويهڻ گھريو جنهن وار، ۽ آهي ان ٻنهي جو، سائين سنڀاليدار، ۽ گھرجي ته رکن بار، مؤمن مولا پاڪ تي. |
وَلَقَد نَصَرَكُمُ اللَّهُ بِبَدرٍ وَأَنتُم أَذِلَّةٌ فَاتَّقُوا اللَّهَ لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 123) |
۽ بي شڪ آن کي بدر ۾، الله ڏني آڌار، هئا اوهين جنهن حال ۾، تمام ضعيفَ زار، پوءِ ڏرو ڀر ڏاتار، تان ڳايون ڳڻ ڳالهيون. |
إِذ تَقولُ لِلمُؤمِنينَ أَلَن يَكفِيَكُم أَن يُمِدَّكُم رَبُّكُم بِثَلٰثَةِ ءالٰفٍ مِنَ المَلٰئِكَةِ مُنزَلينَ (آيت : 124) |
جنهن مهل چيئـِي مؤمنين، ڇا بس نه اوهان هار، ته آن کي، اَهنجو ربُّ ڏي، اُهکي ۾ آڌار، ملڪ ٽي هزار، اُتاريل اَڀن کان. |
بَلىٰ إِن تَصبِروا وَتَتَّقوا وَيَأتوكُم مِن فَورِهِم هٰذا يُمدِدكُم رَبُّكُم بِخَمسَةِ ءالٰفٍ مِنَ المَلٰئِكَةِ مُسَوِّمينَ (آيت : 125) |
هائو، جي سهندا سختيون ۽ رکندا سِيل سچار! ته ايندن سندن سيگھ مان، هِي پڻ ٻول ٻيهار، ڏيندان مدد مهل تي، اَهنجو پالڻ هار، مَلڪ پنج هزار، نالي ۽ نشان سان. |
وَما جَعَلَهُ اللَّهُ إِلّا بُشرىٰ لَكُم وَلِتَطمَئِنَّ قُلوبُكُم بِهِ وَمَا النَّصرُ إِلّا مِن عِندِ اللَّهِ العَزيزِ الحَكيمِ (آيت : 126) |
۽ مقرر نه ڪئـِي مورهين، مدد اِها مختيار، مگر مبارڪِي آن لئي، ۽ ٿينيان قلب قرار، مدد، نه مولا ڌار، سو سٻر ۽ سٻوجھ گھڻو. |
لِيَقطَعَ طَرَفًا مِنَ الَّذينَ كَفَروا أَو يَكبِتَهُم فَيَنقَلِبوا خائِبينَ (آيت : 127) |
تان ڪپي طرف تن جو، ڪفر ڪيو جن، ۽ ڪري توائـِي تن، تان ورن وِلهاوَٿاڻ تي. |
لَيسَ لَكَ مِنَ الأَمرِ شَيءٌ أَو يَتوبَ عَلَيهِم أَو يُعَذِّبَهُم فَإِنَّهُم ظٰلِمونَ (آيت : 128) |
توکي ڪجھ نه اختيار؛ وڻيس وري تن مٿي، يا اُنهن کي، ڏي آزار، جو آهن، اُهي انڌير تي. |
وَلِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ يَغفِرُ لِمَن يَشاءُ وَيُعَذِّبُ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 129) |
۽ جيڪي اڀ، زمين ۾، سڀ واحد لاءِ، وهاب، وَڻيس مرهي اُن کي، ۽ وڻي، ته ڏينِ عذاب، ۽ پرور پاڪ جناب، مرهيندڙ ۽ مهر ڀريو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَأكُلُوا الرِّبوٰا۟ أَضعٰفًا مُضٰعَفَةً وَاتَّقُوا اللَّهَ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 130) |
نه کائو ، ڊٻل وِياج ڪري، ۽ ڏَرو ڀر ڏاتار، اِن آسري آڌار، ته سدا رهو سَنرا، |
وَاتَّقُوا النّارَ الَّتى أُعِدَّت لِلكٰفِرينَ (آيت : 131) |
۽ پاڻ بچايو باه کان، جا جُڙِي ڪاڻ ڪُفار، |
وَأَطيعُوا اللَّهَ وَالرَّسولَ لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 132) |
۽ ربَّ ۽ سندس رسول جا، ٿيو تهدل تابعدار، ان آسري آڌار، ته مرهيا وڃو مِهر سان. |
وَسارِعوا إِلىٰ مَغفِرَةٍ مِن رَبِّكُم وَجَنَّةٍ عَرضُهَا السَّمٰوٰتُ وَالأَرضُ أُعِدَّت لِلمُتَّقينَ (آيت : 133) |
۽ هلو هلو هيڪر، پنهنجي مالڪ جي مرَه ڏي، پڻ جنت ڏانهن؛ جنهن جِي، ڀويون، اُڀ ويڪر، ڪِرِي وارن ڪَرِ، توڙان، ساتيار ٿِي. |
الَّذينَ يُنفِقونَ فِى السَّرّاءِ وَالضَّرّاءِ وَالكٰظِمينَ الغَيظَ وَالعافينَ عَنِ النّاسِ وَاللَّهُ يُحِبُّ المُحسِنينَ (آيت : 134) |
اُهي، جي سُک، ڏُ ک ۾، لهن سار سنڀار، ۽ ڪاوڙ کِيندڙ، ۽ ماڻهن کي، ڪندڙ معاف مَيار، ۽ پرور ڪري پيار، ڀال ڀلائيندڙن سان. |
وَالَّذينَ إِذا فَعَلوا فٰحِشَةً أَو ظَلَموا أَنفُسَهُم ذَكَرُوا اللَّهَ فَاستَغفَروا لِذُنوبِهِم وَمَن يَغفِرُ الذُّنوبَ إِلَّا اللَّهُ وَلَم يُصِرّوا عَلىٰ ما فَعَلوا وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 135) |
۽ اُهي، جن جڏهن جڏو ڪم ڪيو، يا جاڙون، سندنِ جئي ساڻ، وري سائينءَ ساريون، پوءِ سندنِ قصور ڪاڻ، دِلئون پنهنجي ڌڻيءَ کان، معافي پِنيائون پاڻ، ۽ سٻاجھي سائينءَ سوا، ٻيو ڪير بخشي ڪاڻ، ۽ جا ڪيائون، نه قائم رهيا، برسر تنهن بُڇاڻ، ۽ سمجھن ٿا سُڄاڻ، هُونِ، جنهن حال ۾. |
أُولٰئِكَ جَزاؤُهُم مَغفِرَةٌ مِن رَبِّهِم وَجَنّٰتٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَنِعمَ أَجرُ العٰمِلينَ (آيت : 136) |
معافي سندنِ مالڪ کان، اُنهن جو پورهيو پار، ۽ باغ بهشتِي، ناليون، جن هيٺ هلن هر وار، هونِ هميشه اُن ۾، سَرها سڀ ڄمار، ۽ اَجر عجب اَسرار، آهي عالمن لئي. |
قَد خَلَت مِن قَبلِكُم سُنَنٌ فَسيروا فِى الأَرضِ فَانظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُكَذِّبينَ (آيت : 137) |
اوهان کان اڳ گذريون، نيشانيون نروار، پوءِ گھمو گھمو زمين ۾، نرتًا ڪريو نِهار، نه ڪنهن پَر، پويان پار، ڪوڙن ڪافرن جا. |
هٰذا بَيانٌ لِلنّاسِ وَهُدًى وَمَوعِظَةٌ لِلمُتَّقينَ (آيت : 138) |
۽ هي ماڻهن لئي مذڪور، پڻ هدايت حق جي، پڻ ظاهر آهي ضرور، نصيحت نيڪن لئي. |
وَلا تَهِنوا وَلا تَحزَنوا وَأَنتُمُ الأَعلَونَ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 139) |
۽ نه ماندا ٿيو مورهين، ۽ نه کائو، ڳڻتِي ڪنهن ڳالھ، بالم اوهين بحال، جي وسهڻ وارا آهيو. |
إِن يَمسَسكُم قَرحٌ فَقَد مَسَّ القَومَ قَرحٌ مِثلُهُ وَتِلكَ الأَيّامُ نُداوِلُها بَينَ النّاسِ وَلِيَعلَمَ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا وَيَتَّخِذَ مِنكُم شُهَداءَ وَاللَّهُ لا يُحِبُّ الظّٰلِمينَ (آيت : 140) |
۽ جي اوهان کي ڌَڪ لڳو، ته ڌڪ اِنهيء دستور، لڳو ڪافر قوم کي، منجھ بدر جنگ ضرور، ۽ اُهي دَور دنيا جا، وِچ ماڻهن ڦيريون مور، تان الله سمجھي اُنهن کي، مڃيون جن مذڪور، ۽ اوهان مان، شاهد ڪري، رکي ربُّ غفور، ۽ جن جِي ڪِرت ڪَلور، سي پرور پسند ڪين ڪري. |
وَلِيُمَحِّصَ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا وَيَمحَقَ الكٰفِرينَ (آيت : 141) |
پڻ صفا ڪري تن کي، آندو جن ويساه، ۽ توائي، تباه، ڪري ڪفارن کي. |
أَم حَسِبتُم أَن تَدخُلُوا الجَنَّةَ وَلَمّا يَعلَمِ اللَّهُ الَّذينَ جٰهَدوا مِنكُم وَيَعلَمَ الصّٰبِرينَ (آيت : 142) |
ڇا؟ وِهلو ڀانيان واه!، ته گھڙندا باغ بهشت ۾، ۽ اڃااوهان مان، جي لڙيا، منجھ ربُّ جي راه ۾، نه ڄانتان، اُهي الله، ۽ نه سَمجھين صابرن کي. |
وَلَقَد كُنتُم تَمَنَّونَ المَوتَ مِن قَبلِ أَن تَلقَوهُ فَقَد رَأَيتُموهُ وَأَنتُم تَنظُرونَ (آيت : 143) |
۽ موت گھرندا مهندا هئا، ته ملو اوهين ان ساڻ، سو حاضر ڏٺان هاڻ، ۽ پئا نيڻن سان نهاريو. |
وَما مُحَمَّدٌ إِلّا رَسولٌ قَد خَلَت مِن قَبلِهِ الرُّسُلُ أَفَإِي۟ن ماتَ أَو قُتِلَ انقَلَبتُم عَلىٰ أَعقٰبِكُم وَمَن يَنقَلِب عَلىٰ عَقِبَيهِ فَلَن يَضُرَّ اللَّهَ شَيـًٔا وَسَيَجزِى اللَّهُ الشّٰكِرينَ (آيت : 144) |
۽ مُحمّد، ناھ مگر، هڪ رسول ربَّ جو، اِن کان اڳي گذريا، پارس پيغمبر، ڇا مُئو، ڪِ ماريو ويو، ته کِسڪندا کُڙين ڀر؟ ۽ جو کُڙين ڀر کِسڪندو، ته پرور کي ڪنهن پر، مورک نه رسائي مورهين، ذري ڀر ضرر، ۽ ڀاڙا ڏي ڀر ڀر، قدر قدردانن کي. |
وَما كانَ لِنَفسٍ أَن تَموتَ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ كِتٰبًا مُؤَجَّلًا وَمَن يُرِد ثَوابَ الدُّنيا نُؤتِهِ مِنها وَمَن يُرِد ثَوابَ الءاخِرَةِ نُؤتِهِ مِنها وَسَنَجزِى الشّٰكِرينَ (آيت : 145) |
۽ ڪونهي ڪنهن جي ڪاڻ، ته ربَّ جي، حڪم ري مري، لکيل ليکي ساڻ، مدت مقرر مورهين. ۽ درجا دنيا ۾ گُھري، تنهن کي، تنهن مان، ڏيون ڏان، ۽ جو گُھري اجر آخرت، ته منجھانس ڏيونس مان، ۽ ڏيندو سِگهو سُبحان، ڀاڙا ڀال ڀائيندڙين. |
وَكَأَيِّن مِن نَبِىٍّ قٰتَلَ مَعَهُ رِبِّيّونَ كَثيرٌ فَما وَهَنوا لِما أَصابَهُم فى سَبيلِ اللَّهِ وَما ضَعُفوا وَمَا استَكانوا وَاللَّهُ يُحِبُّ الصّٰبِرينَ (آيت : 146) |
۽ ڪَيئن نبي ڪيترا، لڙيا جنگيون جُونجھار، الله لوڪ انهن سان، گهڻا گڏ سوار، پوءِ جو رسينِ ربَّ جي راه ۾، تنهين کان تڪرار، نه ليڙا ٿيا، نه لُڙهيا، ۽ نه لِيلايون لغار، ۽ پاڻـئون ڏي پيار، صاحب صابرن کي. |
وَما كانَ قَولَهُم إِلّا أَن قالوا رَبَّنَا اغفِر لَنا ذُنوبَنا وَإِسرافَنا فى أَمرِنا وَثَبِّت أَقدامَنا وَانصُرنا عَلَى القَومِ الكٰفِرينَ (آيت : 147) |
۽ ٻولي نه هئـِي ٻي ڪا، اُنهن جِي، اِنهيان ڌار، ته ميٽ مدايون اسان جون، سانيم، ربَّ ستار!، پڻ اُوڻايون اسان جون، پنهنجي ڪم ۾ ڪلتار!، پُختا پير اسان جا، باري! تون بِيهار، ۽ وِهلو ڪج وَهَار، قادر! قوم ڪُفّار تي. |
فَـٔاتىٰهُمُ اللَّهُ ثَوابَ الدُّنيا وَحُسنَ ثَوابِ الءاخِرَةِ وَاللَّهُ يُحِبُّ المُحسِنينَ (آيت : 148) |
پوءِ الله ڏنو انهن کي، درجو دنيا ڌار، ۽ اجر آخرت جو، سهڻو، سو سَهوار، ۽ پرور ڏي پِيار، ڀال ڀلائيندڙن کي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِن تُطيعُوا الَّذينَ كَفَروا يَرُدّوكُم عَلىٰ أَعقٰبِكُم فَتَنقَلِبوا خٰسِرينَ (آيت : 149) |
اي آندو جن ايمان! سي، جي هلندا تن پٺيان، جي ڦريا، ته ڦيرائيندان ورِي، کُڙين ڀر خان!، پوءِ هارين مان حيران، موٽندا مورهين. |
بَلِ اللَّهُ مَولىٰكُم وَهُوَ خَيرُ النّٰصِرينَ (آيت : 150) |
الله آهي اُٽلندو، اوهان جو آڌار، ۽ ڪرارو ڪلتار، مڙن مددگارن ۾. |
سَنُلقى فى قُلوبِ الَّذينَ كَفَرُوا الرُّعبَ بِما أَشرَكوا بِاللَّهِ ما لَم يُنَزِّل بِهِ سُلطٰنًا وَمَأوىٰهُمُ النّارُ وَبِئسَ مَثوَى الظّٰلِمينَ (آيت : 151) |
ڦِريا جي فرمان کان، تن جي هِنين ۾ هاڻ، سگھو سٽينداسون خوف ڪو، ان سبب، ته سائين ساڻ، ڀيڙا ڪيون جن باب ۾، نه اُتارئين، اُهڃاڻ، ۽ باھِ اُنهن جو ڀاڻ، ۽ ڏُ کيو ماڳ ڏکوئيندڙين. |
وَلَقَد صَدَقَكُمُ اللَّهُ وَعدَهُ إِذ تَحُسّونَهُم بِإِذنِهِ حَتّىٰ إِذا فَشِلتُم وَتَنٰزَعتُم فِى الأَمرِ وَعَصَيتُم مِن بَعدِ ما أَرىٰكُم ما تُحِبّونَ مِنكُم مَن يُريدُ الدُّنيا وَمِنكُم مَن يُريدُ الءاخِرَةَ ثُمَّ صَرَفَكُم عَنهُم لِيَبتَلِيَكُم وَلَقَد عَفا عَنكُم وَاللَّهُ ذو فَضلٍ عَلَى المُؤمِنينَ (آيت : 152) |
۽ واحد اوهان سان واعدو، پاريو پنهنجو پاڻ، پئا قتل ڪريو انهن کي، اُن جي اِذن ساڻ، تان نسورو نِبسَت ٿيا، ۽ ڪم ۾ ڪيان ڇِڪتان، ۽ هليا ٻاهر حڪم کان، پاڻهين اُن پُڄاڻ، هُيان حُب جنهن ساڻ، سو ڏيکاريانءِ ڏيہ ڌڻي. ڪي اوهان مان دنيا گُهرن، ڪي گُھرن ٻيو جھان، پوءِ موڙئين اوهان کي، اُنهن ڪنان، ته وٺنيان امتحان، ۽ بيشڪ اوهان کي، بخشيو مالڪ مهربان، ۽ سِر مؤمنن مَنان، بيشڪ آهي ڀال ڌڻي. |
إِذ تُصعِدونَ وَلا تَلوۥنَ عَلىٰ أَحَدٍ وَالرَّسولُ يَدعوكُم فى أُخرىٰكُم فَأَثٰبَكُم غَمًّا بِغَمٍّ لِكَيلا تَحزَنوا عَلىٰ ما فاتَكُم وَلا ما أَصٰبَكُم وَاللَّهُ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 153) |
جڏهن چڙهو پئا چوٽئين، ۽ نه ڪنهن تي ڪريو ور، ۽ پيغمبر اَهنجي پُٺ ۾، پيو سڏِينيان سرور، پوءِ اوهان کي پهتو، گنگهر ساڻ گنگھر، تان جيڪي وَٽايان وِيو، اُلڪو نه ڪريو اُن سر، نه جيڪي پهتا پاڻ کي؛ ۽ ربَّ تعالىٰ رهبر، بلڪل باخبر، جيڪي ڪريو، تن ڪمن مان. |
ثُمَّ أَنزَلَ عَلَيكُم مِن بَعدِ الغَمِّ أَمَنَةً نُعاسًا يَغشىٰ طائِفَةً مِنكُم وَطائِفَةٌ قَد أَهَمَّتهُم أَنفُسُهُم يَظُنّونَ بِاللَّهِ غَيرَ الحَقِّ ظَنَّ الجٰهِلِيَّةِ يَقولونَ هَل لَنا مِنَ الأَمرِ مِن شَيءٍ قُل إِنَّ الأَمرَ كُلَّهُ لِلَّهِ يُخفونَ فى أَنفُسِهِم ما لا يُبدونَ لَكَ يَقولونَ لَو كانَ لَنا مِنَ الأَمرِ شَيءٌ ما قُتِلنا هٰهُنا قُل لَو كُنتُم فى بُيوتِكُم لَبَرَزَ الَّذينَ كُتِبَ عَلَيهِمُ القَتلُ إِلىٰ مَضاجِعِهِم وَلِيَبتَلِىَ اللَّهُ ما فى صُدورِكُم وَلِيُمَحِّصَ ما فى قُلوبِكُم وَاللَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 154) |
لاٿئين اوهان تي، لوڙھ پٺيان، ورِي قلب قرار، توهان مان تڪرار، ڪنهن جوڙِيءَ جُھوٽن جَھليو. ۽ ڪنهن جوڙي، سندن جانين جو، اوسيڙو ارمان، ڌاران حق، ڌڻي ۾، غلط ڪن گمان، ڀائڻ بي وقوفيءَ جو، چون ساڻ زبان، ته فتح جو فرمان، اسان لئي آھِ ڪو؟ چئو امر سڀ الله جو، ۽ لڪائن پئا لال! جو چٽو نه چون توکي، چون اهڙِي چال، جي هئو حق اسان نال، ته هت نه مارياسون مورهين. چئو، جي هوندا گھرن ۾ بند، ته به لکيو قتل جنهن مٿي، پُهچندن پاٿارين تي، هاڪاري تنهن هنڌ، ۽ تان جو اوهان جي اندر ۾، تِنهنجي لهي خبر خداوند، ڪڍي اَهنجي قلبن ۾، جيڪي غير گند، ۽ ڌڻي دانش مَند، سمجھندڙ سيني واريون. |
إِنَّ الَّذينَ تَوَلَّوا مِنكُم يَومَ التَقَى الجَمعانِ إِنَّمَا استَزَلَّهُمُ الشَّيطٰنُ بِبَعضِ ما كَسَبوا وَلَقَد عَفَا اللَّهُ عَنهُم إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ حَليمٌ (آيت : 155) |
جيڪي اوهان مان موٽيا، منجھان جنگ جوان، جنهن ڏينهن، ٻه ٽوليون ٽڪريون ، ٿيڙيو تن شيطان، جو ڪيون، تنهن قصور کان، پو مَرهينِ مهربان، عفو ڪندڙ عصيان، خاوند کانڌِير گھڻو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَكونوا كَالَّذينَ كَفَروا وَقالوا لِإِخوٰنِهِم إِذا ضَرَبوا فِى الأَرضِ أَو كانوا غُزًّى لَو كانوا عِندَنا ما ماتوا وَما قُتِلوا لِيَجعَلَ اللَّهُ ذٰلِكَ حَسرَةً فى قُلوبِهِم وَاللَّهُ يُحيۦ وَيُميتُ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 156) |
اي مڃيو جن مذڪور،! سي اُنهن جھڙا اصل نه ٿيو، جن چيو سندن ڀائرين، جڏهن ديس هليا ڪنهن، دُور، يا نِڪتا جُنگ جَنگ تي، هوند اسان وٽ اهگور، هئا، ته نه مُئا مور، پڻ ڪُٺائـِي ڪِين ويا. تان ڌڻي سندن دلين ۾، ڪري اُنهن کي ارمان، ۽ ماري، جياري، اُهو مالڪ مهربان، جيڪي منجھ جھان، ڪن، سو ڏسندڙ ڏيہ ڌڻي. |
وَلَئِن قُتِلتُم فى سَبيلِ اللَّهِ أَو مُتُّم لَمَغفِرَةٌ مِنَ اللَّهِ وَرَحمَةٌ خَيرٌ مِمّا يَجمَعونَ (آيت : 157) |
۽ جي ڪُٺا ربَّ جي راه ۾، يا مُئا، ته مِهر ۽ معافي، قادر کان ڪافي، ميڙِيِن، تنهين مال کان. |
وَلَئِن مُتُّم أَو قُتِلتُم لَإِلَى اللَّهِ تُحشَرونَ (آيت : 158) |
۽ جي مُئا، اوهين ماڳ تي، يا ماريا منجھ ميدان، ته سَڀئي ڏُونهن سُبحان، ميڙيا ويندا مورهين. |
فَبِما رَحمَةٍ مِنَ اللَّهِ لِنتَ لَهُم وَلَو كُنتَ فَظًّا غَليظَ القَلبِ لَانفَضّوا مِن حَولِكَ فَاعفُ عَنهُم وَاستَغفِر لَهُم وَشاوِرهُم فِى الأَمرِ فَإِذا عَزَمتَ فَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُتَوَكِّلينَ (آيت : 159) |
ٿئـِين سُنئالو، سندن لئي، ربَّ جي رحمت ساڻ، ۽ پاسن کان نه پَلٽـئـِي، جي هُئين سخت سڄاڻ! پوءِ معاف ڪرينِ ۽ مِهر گُھر ڪامل! اُنهن ڪاڻ، ۽ رايو منجھ رِهاڻ، وَٺ اُنهن کان، ڪم ڪار ۾. پوءِ پَھ پڪو ڪئـِي، ته رک بارِئَ مٿي بار، باري بخشڻهار، ڀانئي ڀاڙِيندڙن کي. |
إِن يَنصُركُمُ اللَّهُ فَلا غالِبَ لَكُم وَإِن يَخذُلكُم فَمَن ذَا الَّذى يَنصُرُكُم مِن بَعدِهِ وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 160) |
جي ڏيندان، ڏَڍ ڏاتار، ته ڏاڍو نه اوهان کان ڏيه ۾، ۽ جي ڪندان خوار، ته ڪير ٻيو، تنهن بعد ورٖي وَهار، ۽ پوءِ بارِي مٿي بار، مؤمن رکن مورهين. |
وَما كانَ لِنَبِىٍّ أَن يَغُلَّ وَمَن يَغلُل يَأتِ بِما غَلَّ يَومَ القِيٰمَةِ ثُمَّ تُوَفّىٰ كُلُّ نَفسٍ ما كَسَبَت وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 161) |
۽ ناهي نبي ڪاڻ، ته گھوٻِي غنيمت ۾ هڻي، ۽ جو هڻندو، ته ڏينهن قيام جي، ايندو اُنهي ساڻ، ورِي جنهن وانِگي، جو ڪيو، سو پورو ڏِبس پاڻ، ۽ رتي نه رکبِي ڪاڻ، اُنهن سان انصاف ۾. |
أَفَمَنِ اتَّبَعَ رِضوٰنَ اللَّهِ كَمَن باءَ بِسَخَطٍ مِنَ اللَّهِ وَمَأوىٰهُ جَهَنَّمُ وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 162) |
جو ربَّ جي رضا تي هليو، اهوڪِ اُنهئ جو مٽ؟ جنهن ڏمري ڏي ڏاتار جي، وري کاڌو وَٽ، ۽ ڀاڻو تنهن ڀَنڀٽ، ۽ مَٺو موٽڻ ماڳ ٿيو. |
هُم دَرَجٰتٌ عِندَ اللَّهِ وَاللَّهُ بَصيرٌ بِما يَعمَلونَ (آيت : 163) |
اهي آهن الله وٽ، درجا درجا ڌار، ۽ جيڪي ڪن ڪم ڪار، سي ڏسندڙ آهي ڏيہ ڌڻي. |
لَقَد مَنَّ اللَّهُ عَلَى المُؤمِنينَ إِذ بَعَثَ فيهِم رَسولًا مِن أَنفُسِهِم يَتلوا عَلَيهِم ءايٰتِهِ وَيُزَكّيهِم وَيُعَلِّمُهُمُ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَإِن كانوا مِن قَبلُ لَفى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 164) |
مولا مؤمن تي، بيشڪ ڪيو ڀال ، جڏهن منجھن مُڪائين، اُنهن مان، نبي نيڪ نهال، پڙهي اُن جون آيتون، برسر مٿنِ بحال، ۽ اُجاري ٿو اُنهن کي، پڻ پاڙهينِ چڱيء چال، ڪتاب ربَّ ڪريم جو، پڻ ڪيڏو عقل ڪمال، ۽ توڻي بنه بَطال، هئا، مَهند پَڌرِي مُنجھ ۾. |
أَوَلَمّا أَصٰبَتكُم مُصيبَةٌ قَد أَصَبتُم مِثلَيها قُلتُم أَنّىٰ هٰذا قُل هُوَ مِن عِندِ أَنفُسِكُم إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 165) |
جڏهن رسيو اوهان کي رنج ڪو، ٻه ڀيرا ان مثال، رساڻيو رنج اوهان، ۽ چيان اهڙي چال، هِي ڪٿان؟ چئو اوهان پاڻ کان، شامتِ اعمال، الله جلّ جلال، قادر هر ڪنهن ڪم مٿي. |
وَما أَصٰبَكُم يَومَ التَقَى الجَمعانِ فَبِإِذنِ اللَّهِ وَلِيَعلَمَ المُؤمِنينَ (آيت : 166) |
۽ جو رسيان، جڏهن ٻه ٽوليون، مليون منجھ ميدان، پوءِ اِذن ساڻ الله جي؛ تان سمجھي، تن سبحان، آندو جن ايمان، |
وَلِيَعلَمَ الَّذينَ نافَقوا وَقيلَ لَهُم تَعالَوا قٰتِلوا فى سَبيلِ اللَّهِ أَوِ ادفَعوا قالوا لَو نَعلَمُ قِتالًا لَاتَّبَعنٰكُم هُم لِلكُفرِ يَومَئِذٍ أَقرَبُ مِنهُم لِلإيمٰنِ يَقولونَ بِأَفوٰهِهِم ما لَيسَ فى قُلوبِهِم وَاللَّهُ أَعلَمُ بِما يَكتُمونَ (آيت : 167) |
پڻ ڪوڙ جن جي قلب ۾. چي، لڙو ربَّ جي راه ۾، يا ڌِڪيو دشمن دُور، چي حاضر هلياسون اوهان سان، جي ڄاڻون جنگ ضرور، اُن ڏينهن اوڏا ڪفر کي هئا، مڃڻ ڪنان مور، چون پيا چپن سان، جو من ۾ نه، سندن مذڪور، ۽ پرور کي پَرور، جو لڪائن پيا لوڪ کان. |
الَّذينَ قالوا لِإِخوٰنِهِم وَقَعَدوا لَو أَطاعونا ما قُتِلوا قُل فَادرَءوا عَن أَنفُسِكُمُ المَوتَ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 168) |
جن چيو سندن ڀائرين، ۽ ويٺاگھر وهلور، جي مَڃيونِيون، ته نه ماريا ويا، چئو، موت ٽاريو مور، پنهنجي جانِين تان ضرور، جي آهيو صفا سچ تي. |
وَلا تَحسَبَنَّ الَّذينَ قُتِلوا فى سَبيلِ اللَّهِ أَموٰتًا بَل أَحياءٌ عِندَ رَبِّهِم يُرزَقونَ (آيت : 169) |
۽ مُئانه ڀانيو مُور، جي ڪٺاربَّ جي راه ۾، آهن سندنِ الله وٽ، زنده بلڪ ضرور، آمان، اَنب، انگور، ميوا کائن موج سان. |
فَرِحينَ بِما ءاتىٰهُمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ وَيَستَبشِرونَ بِالَّذينَ لَم يَلحَقوا بِهِم مِن خَلفِهِم أَلّا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 170) |
خوش تنهن تي، خدا، جو بخشيَنِ، منجھان پنهنجي ڀال، ۽ پويَنِ مُنجِينِ مبارڪون، جي اڃا نه مِليا، تن نال، ته نه کينِ خوف خيال، ۽ نه ڳڻتِي ڪنهِين ڳالھ جِي. |
يَستَبشِرونَ بِنِعمَةٍ مِنَ اللَّهِ وَفَضلٍ وَأَنَّ اللَّهَ لا يُضيعُ أَجرَ المُؤمِنينَ (آيت : 171) |
کِيرون ڏين خُوشحال، سُک ۽ ڀَلي جي ڀال جون، ۽ پورهيو نه ڪري پيمال، مولا مؤمنن جو. |
الَّذينَ استَجابوا لِلَّهِ وَالرَّسولِ مِن بَعدِ ما أَصابَهُمُ القَرحُ لِلَّذينَ أَحسَنوا مِنهُم وَاتَّقَوا أَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 172) |
جن مڃيو ربَّ ۽ رسول کي، جنهن بعد لڳن ڌَڪ، ان لئي ته ڀال ڀلايون، ۽ پرهيز ڪيائون پڪ، ڀاڙا وڏا بيشڪ اڳتي آهن اُنهن لئي. |
الَّذينَ قالَ لَهُمُ النّاسُ إِنَّ النّاسَ قَد جَمَعوا لَكُم فَاخشَوهُم فَزادَهُم إيمٰنًا وَقالوا حَسبُنَا اللَّهُ وَنِعمَ الوَكيلُ (آيت : 173) |
جن کي، چيو ماڻهين، ته ماڻهو منجھ ميدان، اوهان لئي، اڄ مِڙيا، پوءِ خوف رکونِ خان!، پوءِ واڌ ڪيائين ڪانه، اُنهن ۾ ايمان ري. ۽ چيائون، ته الله، آهي بس، اسان لئي، ۽ واهرو سو وه واه!، سُهڻو سنڀاليدار سو. |
فَانقَلَبوا بِنِعمَةٍ مِنَ اللَّهِ وَفَضلٍ لَم يَمسَسهُم سوءٌ وَاتَّبَعوا رِضوٰنَ اللَّهِ وَاللَّهُ ذو فَضلٍ عَظيمٍ (آيت : 174) |
پوءِ وريا سلامت، سائينءَ جي سک ۽ ڀال نال، ڪوئـِي ڏک، ڏاکڙو، نه لڳن مُور مجال، ۽ ربَّ جي رضامندي پٺيان، لڳا لائق لال، ۽ بيشڪ وڏي ڀال، الله جلّ جلالہٗ |
إِنَّما ذٰلِكُمُ الشَّيطٰنُ يُخَوِّفُ أَولِياءَهُ فَلا تَخافوهُم وَخافونِ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 175) |
آهي، اُهو شيطان، وجھي ڇرڪ سندس ڇاڙتين، پوءِ دل ۾، ڌاريو ڪو نه ڪو، خوف اُنهيءَ جو خان! ۽ جي اوهان ۾ ايمان، نه مون کان، ڊِڄو مورهين. |
وَلا يَحزُنكَ الَّذينَ يُسٰرِعونَ فِى الكُفرِ إِنَّهُم لَن يَضُرُّوا اللَّهَ شَيـًٔا يُريدُ اللَّهُ أَلّا يَجعَلَ لَهُم حَظًّا فِى الءاخِرَةِ وَلَهُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 176) |
۽ نه گڏِينِئي گوندر، جي اُٻهرا انڪار ۾، نه رساڻين ربَّ کي، ذري ڀر ضرر، الله ارادو ٿو ڪري، ته آخرت اَندر، بلڪل ڀاڳ اُنهن جو، مالڪ نه ڪري مقرر، ۽ وڏو ڪو ويتر، آهي عذاب اُنهن لئي. |
إِنَّ الَّذينَ اشتَرَوُا الكُفرَ بِالإيمٰنِ لَن يَضُرُّوا اللَّهَ شَيـًٔا وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 177) |
وِڪڻِي جن ايمان کي، ڪيو ڪفر خريد، ذرو نه ضرر ڏِين سي، هادئَ کي حميد، ۽ سزا سخت شدِيد، مقرر تن لئي مورهين. |
وَلا يَحسَبَنَّ الَّذينَ كَفَروا أَنَّما نُملى لَهُم خَيرٌ لِأَنفُسِهِم إِنَّما نُملى لَهُم لِيَزدادوا إِثمًا وَلَهُم عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 178) |
۽ جن ڪفر ڪيو، پاڻ لئي، نه ڀائينِ، سي بهتر، جيڪي انهن کي ڏينهن ڏيون، نه ڏيون ڏينهن مگر، گھڻا گناهن جا، بار کڻن برسر، ۽ انهن لئي آخر، جٺ جھڙو جُڙيل جَنجال ڪو. |
ما كانَ اللَّهُ لِيَذَرَ المُؤمِنينَ عَلىٰ ما أَنتُم عَلَيهِ حَتّىٰ يَميزَ الخَبيثَ مِنَ الطَّيِّبِ وَما كانَ اللَّهُ لِيُطلِعَكُم عَلَى الغَيبِ وَلٰكِنَّ اللَّهَ يَجتَبى مِن رُسُلِهِ مَن يَشاءُ فَـٔامِنوا بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ وَإِن تُؤمِنوا وَتَتَّقوا فَلَكُم أَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 179) |
مالڪ نه ڇڏي مؤمنين، هرگز مٿي تنهن حال، جنهن تي اوهين آهيو، تان چِٽو چڱِيءَ چال، ڪري پاڪ، پليد کان، اَلله جَلّ جلال، ۽ مٿي ڳجھ جي ڳالھ، آگاه نه ڪري اوهان کي. ۽ پنهنجي پيغمبرن مان پر، ڌڻي وڻيس، تنهن ڌُڻي، پوءِ مڃيو ربُّ رهبر، ۽ مرسل اُن جا مورهين. ۽ جي آڻيندا ايمان، ۽ رکندا خوف خدا جو، ته اُجورو احسان، آهي اوهان لئي وڏو. |
وَلا يَحسَبَنَّ الَّذينَ يَبخَلونَ بِما ءاتىٰهُمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ هُوَ خَيرًا لَهُم بَل هُوَ شَرٌّ لَهُم سَيُطَوَّقونَ ما بَخِلوا بِهِ يَومَ القِيٰمَةِ وَلِلَّهِ ميرٰثُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 180) |
۽ سو ڀلو نه ڀائينِ، پاڻ لئي، جي ميري رکن مال، جو ڀلي پنهنجي ڀال مان، بخشيو کين بحال، بلڪ اُنهن لئي بُڇڙو؛ جو نه ڏِين، اُنهئ نال، ڏينهن قيامت ڪالھ، وِجھينِ ڳَٽ ڳچين ۾. ۽ آهن اُڀ، زمين جا، وَرثا واحد هار، ۽ جيڪي ڪن ڪم ڪار، آگو آگاه اُن ڪنان. |
لَقَد سَمِعَ اللَّهُ قَولَ الَّذينَ قالوا إِنَّ اللَّهَ فَقيرٌ وَنَحنُ أَغنِياءُ سَنَكتُبُ ما قالوا وَقَتلَهُمُ الأَنبِياءَ بِغَيرِ حَقٍّ وَنَقولُ ذوقوا عَذابَ الحَريقِ (آيت : 181) |
سُئـِي ڳالھ ستار، اُنهن جِي، جن آکيو، ته خُدا خود آھِ کُـٽل، ۽ اسين دُنيادار، ساري لکندا سون صحي، جو ٻوليائون ٻِيهار، پڻ قتل ڪرڻ نبـين کي، انهن جو، عيوض ڌار، حڪم ڪنداسون هيڪار، ته چکو سزا ساڙ جي. |
ذٰلِكَ بِما قَدَّمَت أَيديكُم وَأَنَّ اللَّهَ لَيسَ بِظَلّامٍ لِلعَبيدِ (آيت : 182) |
اها سزا اِن ڪري، ته ٻَڌِي بار ڀَرو، اَهنجي هٿن اُماڻيو، کَـٽيو اڳ کَرو، ۽ ظالم ناهِ ذرو، ٻانهن تي، ٻاجھ ڌڻي. |
الَّذينَ قالوا إِنَّ اللَّهَ عَهِدَ إِلَينا أَلّا نُؤمِنَ لِرَسولٍ حَتّىٰ يَأتِيَنا بِقُربانٍ تَأكُلُهُ النّارُ قُل قَد جاءَكُم رُسُلٌ مِن قَبلى بِالبَيِّنٰتِ وَبِالَّذى قُلتُم فَلِمَ قَتَلتُموهُم إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 183) |
جن چيو، الله اسان سان، ٻوليو ٻاجھ ڀري، ته نه مڃيون ڪنهن مرسل کي، تان قرباني ڪري، اچيس باه ڀَري، پوءِ صفا ساڙي ناس ڪري. چئو اَوس آيان اڳ ۾، مُرسل مڻياندار، آيتن سان، ۽ اُن سان، ٻوليان جو ٻيهار، جي آهيو صِحي سچار، ته پوءِ ڪوه ڪُٺان اُنهن کي؟ |
فَإِن كَذَّبوكَ فَقَد كُذِّبَ رُسُلٌ مِن قَبلِكَ جاءو بِالبَيِّنٰتِ وَالزُّبُرِ وَالكِتٰبِ المُنيرِ (آيت : 184) |
پوءِ جي توکي، ڪوڙو ڪوٺيون، ته ڪوڙا ڪوٺيون ڪالھ، مُرسل توکان مَهند ڀرا، آين نشانين نال، پُڻ نُسخا نور نِهال، پڻ صحِي صاف ڪتاب سان. |
كُلُّ نَفسٍ ذائِقَةُ المَوتِ وَإِنَّما تُوَفَّونَ أُجورَكُم يَومَ القِيٰمَةِ فَمَن زُحزِحَ عَنِ النّارِ وَأُدخِلَ الجَنَّةَ فَقَد فازَ وَمَا الحَيوٰةُ الدُّنيا إِلّا مَتٰعُ الغُرورِ (آيت : 185) |
هر هڪ تَن تمام، چکڻو مزو موت جو، ۽ ڏبان ڏينهن قيام، پورو پنهنجو پورهيو. جو بَچيو ڪنان باهِ، ۽ مليس جاءِ جنت ۾، تنهن مرادون ماڻيون، ڪئي سڀ ڪجھ سوڀ صباح، ۽ ري ٺڳي ۽ ٺاه، نفعو نه ننڍِي ڄمار ۾. |
لَتُبلَوُنَّ فى أَموٰلِكُم وَأَنفُسِكُم وَلَتَسمَعُنَّ مِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ مِن قَبلِكُم وَمِنَ الَّذينَ أَشرَكوا أَذًى كَثيرًا وَإِن تَصبِروا وَتَتَّقوا فَإِنَّ ذٰلِكَ مِن عَزمِ الأُمورِ (آيت : 186) |
پَرکباپنهنجي مال ۾، ۽ جِيَن ۾ ضرور، ۽ ٻُڌندا اُنهن کان، اوهان، جن مهند مليو مذڪو، گھڻيون گند ڳالهيون، ۽ تن کان، جي مشرڪ آهن مور، پوءِ جي پليندا پاڻ کي، ۽ سهندا سختيون سُور، پوءِ ڌُريان اِي دستور، ڪنهن پَہ پڪي پَرياڻ جو. |
وَإِذ أَخَذَ اللَّهُ ميثٰقَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ لَتُبَيِّنُنَّهُ لِلنّاسِ وَلا تَكتُمونَهُ فَنَبَذوهُ وَراءَ ظُهورِهِم وَاشتَرَوا بِهِ ثَمَنًا قَليلًا فَبِئسَ ما يَشتَرونَ (آيت : 187) |
۽ جڏهن آگي، اُنهن سان، ٻوليو، مليو جن ڪتاب، ته کولينداسِ خَلق ۾، صحي برصواب، ۽ بلڪل ڪنهين باب، نه لڪائينداسِ لوڪ کان. پوءِ اُڇلايون ان کي، پُٺيان سندن پُٺ، ۽ ورتـؤن عيوض ان جي، مُلھ ٿورو، ڪو مُٺ، پوءِ جِنسي آهي جُٺ، جو ورتـئون، مال مُلھ تي. |
لا تَحسَبَنَّ الَّذينَ يَفرَحونَ بِما أَتَوا وَيُحِبّونَ أَن يُحمَدوا بِما لَم يَفعَلوا فَلا تَحسَبَنَّهُم بِمَفازَةٍ مِنَ العَذابِ وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 188) |
مَ ڀانئينِ، جن بخشيو، تنهن تي ڪن وهواه!، ۽ ڪم نه ڪيائون، تنهن تي، سِڪن، ته ٿيــينِ ساراه، ته ڀانئينِ، سزا سخت کان، ڪنهن پاسي، منجھ پناه، ۽ سندن لاءِ صباح، سُورن ڀريو ساڙڪو. |
وَلِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 189) |
۽ آهي اُڀ، زمين جو مُلڪ مالڪ ڪاڻ، ۽ صاحب سُرت سُڄاڻ، قادر هر ڪنهن ڪم تي. |
إِنَّ فى خَلقِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاختِلٰفِ الَّيلِ وَالنَّهارِ لَءايٰتٍ لِأُولِى الأَلبٰبِ (آيت : 190) |
ڀون، اُڀ بنائڻ ۾، منجھ ڦيري ڏينهن ۽ رات، آهن عاقلن لئي، آيتون اِثبات، |
الَّذينَ يَذكُرونَ اللَّهَ قِيٰمًا وَقُعودًا وَعَلىٰ جُنوبِهِم وَيَتَفَكَّرونَ فى خَلقِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ رَبَّنا ما خَلَقتَ هٰذا بٰطِلًا سُبحٰنَكَ فَقِنا عَذابَ النّارِ (آيت : 191) |
جي بيٺي، ويٺي ، پاسن ڀَر، ڪن ربَّ تعالىٰ جِي تات، ۽ منجھ جوڙڻ اڀ، زمين جي، ڪن خُوب خيالات، هِي مُفت نه جوڙئي مورهين، لَوَنْ اِهائـِي لات، پڪ تون پاڪ ذات!، اسان بچائج باهِ کان. |
رَبَّنا إِنَّكَ مَن تُدخِلِ النّارَ فَقَد أَخزَيتَهُ وَما لِلظّٰلِمينَ مِن أَنصارٍ (آيت : 192) |
بي شڪ وِڌئـِي باه ۾، جنهن کي ربَّ، جبار!، تنهن کي خوب طرح خوراڪئي ۽ هاڃيڪارن هار، وسيلو وَهار، مهندا ناھِ مورهين. |
رَبَّنا إِنَّنا سَمِعنا مُنادِيًا يُنادى لِلإيمٰنِ أَن ءامِنوا بِرَبِّكُم فَـٔامَنّا رَبَّنا فَاغفِر لَنا ذُنوبَنا وَكَفِّر عَنّا سَيِّـٔاتِنا وَتَوَفَّنا مَعَ الأَبرارِ (آيت : 193) |
سانيم! سُئون سُون سڏيندڙ جو، پَڙهو ۽ پُڪار، جو سڏي مڃڻ ڏي، ته مڃيو پنهنجو پالڻهار، پوءِ مڃيو سون مورهين، سانيم! ربَّ ستار، بخش اسان جون بديون، پڻ ميٽِين عيب اَپار، ۽ نيڪن ساڻ نِبار، پرور پورا ڏينهن ڪرين. |
رَبَّنا وَءاتِنا ما وَعَدتَنا عَلىٰ رُسُلِكَ وَلا تُخزِنا يَومَ القِيٰمَةِ إِنَّكَ لا تُخلِفُ الميعادَ (آيت : 194) |
پنهنجي پيغمبرن هٿان، سانيم! ربَّ ستار، جي اسان سان انجام ڪئـِي، ڏاتيون سي ڏيار، ڪج نه ڏينهن قيام جي، اسان کي خوار، پنهنجا قول قرار ڪڏهن ڦيريين ڪين تون. |
فَاستَجابَ لَهُم رَبُّهُم أَنّى لا أُضيعُ عَمَلَ عٰمِلٍ مِنكُم مِن ذَكَرٍ أَو أُنثىٰ بَعضُكُم مِن بَعضٍ فَالَّذينَ هاجَروا وَأُخرِجوا مِن دِيٰرِهِم وَأوذوا فى سَبيلى وَقٰتَلوا وَقُتِلوا لَأُكَفِّرَنَّ عَنهُم سَيِّـٔاتِهِم وَلَأُدخِلَنَّهُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ ثَوابًا مِن عِندِ اللَّهِ وَاللَّهُ عِندَهُ حُسنُ الثَّوابِ (آيت : 195) |
پوءِ قبوليو ڪلتار، ته ڪنهن پورهيت، پورهيو نه وڃايان، نر هجي، يا نار، ڪي اوهان جا، ڪن مان. پوءِ جي هليا ڏيہ ڏور، ۽ ويا ڪڍيا سندن ڪکن مان، ۽ ويا رنجايا، سندس راه ۾، ۽ مُقابلي ۾ مور، ڪٺئون ۽ ڪُٺا ويا، ته ڪاٽيندوسينِ قصور، ۽ باغن منجھ بهشت جي، داخل ڪندس ضرور، جن هيٺان هلن ناليون، ڀريون تَريون ڀرپور، صورت منجھ ثواب، جي، پاران پاڪ حُضور، رازق ربُّ غفور، سانگ به اُنهئ وٽ سُهڻو. |
لا يَغُرَّنَّكَ تَقَلُّبُ الَّذينَ كَفَروا فِى البِلٰدِ (آيت : 196) |
نه ٺڳـئـِي ٺاٺ اُنهن جو، شهرن اندر شاه!، جي ڦريا، |
مَتٰعٌ قَليلٌ ثُمَّ مَأوىٰهُم جَهَنَّمُ وَبِئسَ المِهادُ (آيت : 197) |
ٿورو فائدو، پوءِ ڀاڻو تن جو باهِ، ۽ آهي سو آڙاه، بلڪل بُڇڙو بِسترو. |
لٰكِنِ الَّذينَ اتَّقَوا رَبَّهُم لَهُم جَنّٰتٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها نُزُلًا مِن عِندِ اللَّهِ وَما عِندَ اللَّهِ خَيرٌ لِلأَبرارِ (آيت : 198) |
پوءِ جن بچايو پاڻ، پنهنجي پرور پاڪ کان، بي شڪ باغ بهشت جا، آهن اُنهن ڪاڻ، جن هيٺان هلن ناليون، سدا مَنجھن سُک ساڻ، مِهمانيون مالڪ کان، راحت منجھ رِهاڻ، ۽ جو صاحب وٽ سُڄاڻ، سو خاصو، خاص بندن لئي. |
وَإِنَّ مِن أَهلِ الكِتٰبِ لَمَن يُؤمِنُ بِاللَّهِ وَما أُنزِلَ إِلَيكُم وَما أُنزِلَ إِلَيهِم خٰشِعينَ لِلَّهِ لا يَشتَرونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ ثَمَنًا قَليلًا أُولٰئِكَ لَهُم أَجرُهُم عِندَ رَبِّهِم إِنَّ اللَّهَ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 199) |
۽ ڪي آڻين اهل ڪتاب مان، اللهَ تي ايمان، پُڻ اوهان ڏي ۽ اُنهن ڏي، جي نازل ٿيا فرمان، جھڪندڙ ذات جبار کي، پُڻ حُڪمن تان، حَنان، وِڪڻِي وَٿ ٿوري، وٺن قيمت ڪانه، اُنهن لئي، اجر اُنهن جا، سائينءَ وٽ، سُبحان، بارِي بي گمان، تِکو حرف حساب ۾. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اصبِروا وَصابِروا وَرابِطوا وَاتَّقُوا اللَّهَ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 200) |
اي آندو جن ايمان!، سَهو ۽ سَهسائيو، ۽ سڀ سنڀاليو سرحدون، ڊڄو خدا کان خان!، ته من مرادون مانَ، حاصل ڪريو حضور مان. |