الم (آيت : 1) |
الٓمَّٓ. |
اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ الحَىُّ القَيّومُ (آيت : 2) |
الله (اُھو آھي جو) اُن کانسواءِ ڪوئي عبادت جو لائق نه آھي (جو سدائين) جيئرو (جڳ جي) بيھڪ ڏيڻ وارو آھي. |
نَزَّلَ عَلَيكَ الكِتٰبَ بِالحَقِّ مُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ وَأَنزَلَ التَّورىٰةَ وَالإِنجيلَ (آيت : 3) |
توتي (اُھو) ڪتاب سچ سان لاٿائين (جو) جيڪي (ڪتاب) کانئس اڳي آھن تن جو سچو ڪندڙ آھي ۽ توريت ۽ اِنجيل کي لاٿائين. |
مِن قَبلُ هُدًى لِلنّاسِ وَأَنزَلَ الفُرقانَ إِنَّ الَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِ اللَّهِ لَهُم عَذابٌ شَديدٌ وَاللَّهُ عَزيزٌ ذُو انتِقامٍ (آيت : 4) |
اڳي ئي ماڻھن جي ھدايت لاءِ ۽ (سچ ۽ ڪُوڙ ۾) سنڌو وجھندڙ لاٿائين، جن الله جي آيتن جو اِنڪار ڪيو تن لاءِ سخت عذاب آھي، ۽ الله غالب بدلي وٺڻ وارو آھي. |
إِنَّ اللَّهَ لا يَخفىٰ عَلَيهِ شَيءٌ فِى الأَرضِ وَلا فِى السَّماءِ (آيت : 5) |
بيشڪ الله تي ڪائي شيء نڪي زمين ۾ ۽ نڪي آسمان ۾ ڳجھي رھندي آھي. |
هُوَ الَّذى يُصَوِّرُكُم فِى الأَرحامِ كَيفَ يَشاءُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 6) |
اُھو (الله) اھو آھي جيڪو (مائن) ڳڀيرڻن ۾ جئن گھرندو آھي (تئن) اوھان جي شڪل ٺاھيندو آھي، اُن کانسواءِ ڪوئي عبادت جو لائق نه آھي (اُھوئي) غالب حِڪمت وارو آھي. |
هُوَ الَّذى أَنزَلَ عَلَيكَ الكِتٰبَ مِنهُ ءايٰتٌ مُحكَمٰتٌ هُنَّ أُمُّ الكِتٰبِ وَأُخَرُ مُتَشٰبِهٰتٌ فَأَمَّا الَّذينَ فى قُلوبِهِم زَيغٌ فَيَتَّبِعونَ ما تَشٰبَهَ مِنهُ ابتِغاءَ الفِتنَةِ وَابتِغاءَ تَأويلِهِ وَما يَعلَمُ تَأويلَهُ إِلَّا اللَّهُ وَالرّٰسِخونَ فِى العِلمِ يَقولونَ ءامَنّا بِهِ كُلٌّ مِن عِندِ رَبِّنا وَما يَذَّكَّرُ إِلّا أُولُوا الأَلبٰبِ (آيت : 7) |
اُھو (الله) آھي جنھن توتي ڪتاب لاٿو جنھن مان ڪي آيتون مُحڪم آھن (يعني اُنھن جي معنىٰ صاف آھي) اُھي ڪتاب جو اصل آھن ۽ ٻيون متشابه آھن (يعني اُنھن جون معنائون گھڻيون ٿي سگھن ٿيون)، پوءِ جن دلين ۾ ڏنگائي آھي سي مَنجھانئس جيڪي مُتشابه آھن تن جي پُٺيان خرابي ڳولڻ ۽ سندس مراد ڳولڻ لاءِ لڳندا آھن، ۽ الله کانسواءِ اُن جي مُراد ڪوئي نه ڄاڻندو آھي، ۽ (جيڪي) علم ۾پڪا (آھن سي) چوندا آھن ته اُنھن کي مڃيوسُون اِھي مڙئي اسان جي پالڻھار وٽان آھن، ۽ ڌيان وارن کانسواءِ (ٻيو) ڪوبه نصيحت نه وٺندو آھي. |
رَبَّنا لا تُزِغ قُلوبَنا بَعدَ إِذ هَدَيتَنا وَهَب لَنا مِن لَدُنكَ رَحمَةً إِنَّكَ أَنتَ الوَهّابُ (آيت : 8) |
اي اسان جا پالڻھار جڏھن تو اسان کي ھدايت ڪئي تنھن کان پوءِ اسان جي دلين کي ڏنگائي نه ڏي ۽ پاڻ وٽان اسان کي ٻاجھ عطا ڪر، ڇوته تون ئي بخشڻھار آھين. |
رَبَّنا إِنَّكَ جامِعُ النّاسِ لِيَومٍ لا رَيبَ فيهِ إِنَّ اللَّهَ لا يُخلِفُ الميعادَ (آيت : 9) |
اي اسان جا پالڻھار تون اُن ڏينھن ۾ ماڻھن کي گڏ ڪندڙ آھين جنھن ۾ ڪو شڪ نه آھي، ڇوته الله (پنھنجي) انجام کي نه ڦيرائيندو آھي. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا لَن تُغنِىَ عَنهُم أَموٰلُهُم وَلا أَولٰدُهُم مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا وَأُولٰئِكَ هُم وَقودُ النّارِ (آيت : 10) |
بيشڪ جن ڪفر ڪيو تن کان ڪڏھن نه سندن مال ۽ نڪي سندن اولاد الله (جي عذاب) مان ڪجھ نه ٽاريندو، ۽ اِھي دوزخ جو ٻارڻ آھن. |
كَدَأبِ ءالِ فِرعَونَ وَالَّذينَ مِن قَبلِهِم كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا فَأَخَذَهُمُ اللَّهُ بِذُنوبِهِم وَاللَّهُ شَديدُ العِقابِ (آيت : 11) |
(اُنھن جو حال) فرعونين جي ۽ اُنھن جي حال جھڙو آھي جي کانئن اڳ ھؤا، (اُنھن) اسان جي آيتن کي ڪُوڙو ڀانيو، پوءِ الله سندن گناھن سببان کين پڪڙيو، ۽ الله سخت سزا ڏيندڙ آھي. |
قُل لِلَّذينَ كَفَروا سَتُغلَبونَ وَتُحشَرونَ إِلىٰ جَهَنَّمَ وَبِئسَ المِهادُ (آيت : 12) |
(اي پيغمبر) ڪافرن کي چؤ ته سگھو ھيڻا ٿيندؤ ۽ دوزخ ڏانھن گڏ ڪيا ويندؤ، ۽ (اُھو) بڇڙو ھنڌ آھي. |
قَد كانَ لَكُم ءايَةٌ فى فِئَتَينِ التَقَتا فِئَةٌ تُقٰتِلُ فى سَبيلِ اللَّهِ وَأُخرىٰ كافِرَةٌ يَرَونَهُم مِثلَيهِم رَأىَ العَينِ وَاللَّهُ يُؤَيِّدُ بِنَصرِهِ مَن يَشاءُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَعِبرَةً لِأُولِى الأَبصٰرِ (آيت : 13) |
اُنھن ٻن ٽولين جي (پاڻ ۾) ويڙھ ڪرڻ ۾ اوھان لاءِ بيشڪ نشاني آھي، ھڪڙي ٽولي الله جي واٽ ۾ وڙھي ۽ ٻي (ڪافرن جي) ھئي (مسلمانن) کين پنھنجو ٻيڻو اکين جي ڏيٺ سان ڏٺو ٿي، ۽ الله جنھن کي وڻيس (تنھن کي) پنھنجيءَ مدد سان سگھ ڏيندو آھي، ڇوته اُن ۾ (سمجھ جي) اکين وارن لاءِ ضرور عبرت آھي. |
زُيِّنَ لِلنّاسِ حُبُّ الشَّهَوٰتِ مِنَ النِّساءِ وَالبَنينَ وَالقَنٰطيرِ المُقَنطَرَةِ مِنَ الذَّهَبِ وَالفِضَّةِ وَالخَيلِ المُسَوَّمَةِ وَالأَنعٰمِ وَالحَرثِ ذٰلِكَ مَتٰعُ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَاللَّهُ عِندَهُ حُسنُ المَـٔابِ (آيت : 14) |
ماڻھن لاءِ زالن ۽ پُٽن ۽ سونَ ۽ چانديءَ جي (وڏن وڏن) سٿيلن ڍيرن ۽ نشان ڪيلن گھوڙن ۽ ڍورن ۽ پوک جي سڌن جو پيار سينگاريو ويو آھي، اِھو دنيا جي حياتيءَ جو سامان آھي، ۽ الله وٽ چڱو موٽڻ جو ھنڌ آھي. |
قُل أَؤُنَبِّئُكُم بِخَيرٍ مِن ذٰلِكُم لِلَّذينَ اتَّقَوا عِندَ رَبِّهِم جَنّٰتٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَأَزوٰجٌ مُطَهَّرَةٌ وَرِضوٰنٌ مِنَ اللَّهِ وَاللَّهُ بَصيرٌ بِالعِبادِ (آيت : 15) |
(اي پيغمبر کين) چؤ ته آءٌ ان کان ڀليءَ (شيء) جي سڌ ڏيان؟ جن (شرڪ کان) پاڻ بچايو تن لاءِ سندن پالڻھار وٽ بھشت آھن جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن منجھن سدائين رھڻ وارا آھن ۽ پاڪ زالون ۽ (پڻ) الله جي پاران راضپو آھي، ۽ الله ٻانھن کي ڏسندڙ آھي. |
الَّذينَ يَقولونَ رَبَّنا إِنَّنا ءامَنّا فَاغفِر لَنا ذُنوبَنا وَقِنا عَذابَ النّارِ (آيت : 16) |
جيڪي چوندا آھن ته اي اسان جا پالڻھار اسان توکي مڃيو آھي تنھنڪري اسان جا ڏوھ اسان کي بخش ۽ باہ جي عذاب کان اسان کي بچاءِ. |
الصّٰبِرينَ وَالصّٰدِقينَ وَالقٰنِتينَ وَالمُنفِقينَ وَالمُستَغفِرينَ بِالأَسحارِ (آيت : 17) |
اُھي صابر ۽ سَچا ۽ تابعداري ڪندڙ ۽ سخي ۽ پرڀاتين جو بخشش گھرندڙ آھن. |
شَهِدَ اللَّهُ أَنَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ وَالمَلٰئِكَةُ وَأُولُوا العِلمِ قائِمًا بِالقِسطِ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 18) |
الله (ھي) گواھي ڏني آھي ته الله کانسواءِ ڪوئي عبادت جو لائق نه آھي، ۽ مَلائِڪ ۽ علم وارا (به) انصاف تي بيھڪ وارا ٿي (اِھا شاھدي ڏيندا آھن)، اُن کانسواءِ ڪوئي عبادت جو لائق نه آھي اُھو غالب حِڪمت وارو آھي. |
إِنَّ الدّينَ عِندَ اللَّهِ الإِسلٰمُ وَمَا اختَلَفَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ إِلّا مِن بَعدِ ما جاءَهُمُ العِلمُ بَغيًا بَينَهُم وَمَن يَكفُر بِـٔايٰتِ اللَّهِ فَإِنَّ اللَّهَ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 19) |
بيشڪ وڻندڙ دين الله وَٽ اِسلام آھي، ۽ جن کي ڪتاب (توريت ۽ انجيل) ڏنو ويو تن (اڳ) تڪرار نه ڪيو پر وٽن علم آيو تنھن کانپوءِ پاڻ ۾ ضد سببان (تڪرار ڪيائون)، ۽ جيڪو الله جي حڪمن کي نه مڃيندو ته بيشڪ الله (به) سگھو حساب وٺندڙ آھي. |
فَإِن حاجّوكَ فَقُل أَسلَمتُ وَجهِىَ لِلَّهِ وَمَنِ اتَّبَعَنِ وَقُل لِلَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ وَالأُمِّيّۦنَ ءَأَسلَمتُم فَإِن أَسلَموا فَقَدِ اهتَدَوا وَإِن تَوَلَّوا فَإِنَّما عَلَيكَ البَلٰغُ وَاللَّهُ بَصيرٌ بِالعِبادِ (آيت : 20) |
پوءِ جيڪڏھن توسان جھيڙين ته چؤ پنھنجو مُنھن (يعني سر) مُون ۽ جنھن منھنجي تابعداري ڪئي تنھن الله لاءِ نِوايو آھي، ۽ (اي پيغمبر) جن کي ڪتاب (توريت ۽ انجيل) ڏنو ويو تن کي ۽ اڻ پڙھيلن کي چؤ ته اسلام آندو اَٿوَ؟ (يا نه) پوءِ جيڪڏھن اسلام آڻين ته بيشڪ سِڌيءَ واٽ وارا ٿيا، ۽ جيڪڏھن ڦري وڃن ته توتي رڳو پيغام پُھچائڻ آھي، ۽الله ٻانھن کي ڏسندڙ آھي. |
إِنَّ الَّذينَ يَكفُرونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَيَقتُلونَ النَّبِيّۦنَ بِغَيرِ حَقٍّ وَيَقتُلونَ الَّذينَ يَأمُرونَ بِالقِسطِ مِنَ النّاسِ فَبَشِّرهُم بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 21) |
بيشڪ جيڪي الله جي آيتن کي نٿا مڃين ۽ پيغمبرن کي ناحق ٿا ڪُھن ۽ ماڻھن مان جيڪي (کين) اِنصاف جو حُڪم ڪن ٿا تن کي ٿا ڪُھن پوءِ کين ڏکوئيندڙ عذاب جي سُڌ ڏي. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ حَبِطَت أَعمٰلُهُم فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَما لَهُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 22) |
اِھي (اُھي) آھن جن جي ڪمائي دُنيا ۽ آخرت ۾ ناس ٿي ويئي، ۽ اُنھن جو ڪو واھرو ڪونھي. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ أوتوا نَصيبًا مِنَ الكِتٰبِ يُدعَونَ إِلىٰ كِتٰبِ اللَّهِ لِيَحكُمَ بَينَهُم ثُمَّ يَتَوَلّىٰ فَريقٌ مِنهُم وَهُم مُعرِضونَ (آيت : 23) |
(اي پيغمبر) جن کي ڪتاب مان ڪو ڀاڱو ڏنو ويو تن کي نه ڏٺو اَٿئي ڇا؟ (جو) الله جي ڪتاب ڏانھن (ھن لاءِ) سڏيا وڃن ٿا ته سندن وچ ۾ نبيرو ڪري پوءِ منجھانئن ھڪ ٽولي ڦري ويندي آھي ۽ اُھي مُنھن موڙيندڙ (به) آھن. |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قالوا لَن تَمَسَّنَا النّارُ إِلّا أَيّامًا مَعدودٰتٍ وَغَرَّهُم فى دينِهِم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 24) |
اِھو ھِن سببان آھي جو اُھي چون ٿا ته باھ ڪن ڳاڻوَن ڏينھن کانسواءِ اسان کي ڪڏھن نه ڇھندي، ۽ جيڪو ٺاھ ٺاھيندا رھيا تنھن کين سندن دين ۾ ٺڳيو آھي. |
فَكَيفَ إِذا جَمَعنٰهُم لِيَومٍ لا رَيبَ فيهِ وَوُفِّيَت كُلُّ نَفسٍ ما كَسَبَت وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 25) |
پوءِ ڪھڙو (حال ٿيندن) جڏھن کين اُھو ڏينھن جنھن ۾ ڪو شڪ نه آھي تنھن ۾ گڏ ڪنداسين، ۽ سڀڪنھن ماڻھوءَ جيڪي ڪمايو تنھن جو کيس پُورو بَدلو ڏبو ۽ اُنھن سان ظلم نه ڪبو. |
قُلِ اللَّهُمَّ مٰلِكَ المُلكِ تُؤتِى المُلكَ مَن تَشاءُ وَتَنزِعُ المُلكَ مِمَّن تَشاءُ وَتُعِزُّ مَن تَشاءُ وَتُذِلُّ مَن تَشاءُ بِيَدِكَ الخَيرُ إِنَّكَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 26) |
(اي پيغمبر) چؤ ته اي الله مُلڪ جا مالِڪ جنھن کي گھرين تنھن کي بادشاھي ڏئين ۽ جنھن کان وڻيئي تنھن کان بادشاھي کسين، ۽ جنھن کي گھرين تنھن کي مانوارو ڪرين ۽ جنھن کي وڻيئي تنھن کي بي مانو ڪرين، تنھنجي ھٿ ۾ چڱائي آھي، ڇوته تون سڀڪنھن شيء تي وسوارو آھين. |
تولِجُ الَّيلَ فِى النَّهارِ وَتولِجُ النَّهارَ فِى الَّيلِ وَتُخرِجُ الحَىَّ مِنَ المَيِّتِ وَتُخرِجُ المَيِّتَ مِنَ الحَىِّ وَتَرزُقُ مَن تَشاءُ بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 27) |
رات کي (گھٽائي) ڏينھن آڻين ٿو ۽ ڏينھن کي (گھٽائي) رات ۾ آڻين ٿو، ۽ مُئي مان جِيئري کي ڪڍين ٿو ۽ جيئري مان مُئي کي ڪڍين ٿو، ۽ جنھن کي گھُرين تنھن کي اَڻ ڳڻي روزي ڏيندو آھين. |
لا يَتَّخِذِ المُؤمِنونَ الكٰفِرينَ أَولِياءَ مِن دونِ المُؤمِنينَ وَمَن يَفعَل ذٰلِكَ فَلَيسَ مِنَ اللَّهِ فى شَيءٍ إِلّا أَن تَتَّقوا مِنهُم تُقىٰةً وَيُحَذِّرُكُمُ اللَّهُ نَفسَهُ وَإِلَى اللَّهِ المَصيرُ (آيت : 28) |
(گھُرجي ته) مُؤمن مُؤمنن کانسواءِ ڪافرن کي دوست نه بڻائين، ۽ جيڪو اِئين ڪندو تنھن جو الله (جي دين) سان (ڪُجھ) واسطو نه آھي ھِن کانسواءِ ته اِنھن (ڪافرن) کان پاڻ بچائڻ لاءِ بچاءُ ڪريو، ۽ الله پاڻ کان اوھان کي ڊيڄاريندو آھي، ۽ الله ڏانھن موٽڻو آھي. |
قُل إِن تُخفوا ما فى صُدورِكُم أَو تُبدوهُ يَعلَمهُ اللَّهُ وَيَعلَمُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 29) |
(اي پيغمبر کين) چؤ ته جيڪي اوھان جي دلين ۾ آھي سو جي لڪائيندؤ يا اُھو پڌرو ڪندؤ ته (به) اُن کي الله ڄاڻندو آھي، ۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي (سوبه) ڄاڻندو آھي، ۽ الله سڀ ڪنھن شيءِ تي وسوارو آھي. |
يَومَ تَجِدُ كُلُّ نَفسٍ ما عَمِلَت مِن خَيرٍ مُحضَرًا وَما عَمِلَت مِن سوءٍ تَوَدُّ لَو أَنَّ بَينَها وَبَينَهُ أَمَدًا بَعيدًا وَيُحَذِّرُكُمُ اللَّهُ نَفسَهُ وَاللَّهُ رَءوفٌ بِالعِبادِ (آيت : 30) |
اُنھيءَ ڏينھن سڀڪو (ماڻھو) جيڪو چڱو ڪم ڪيائين ۽ جيڪو بڇڙو ڪم ڪيائين تنھن کي آڏو لھندو، (بڇڙي ڪم کي ڏسي) گھرندو ته جيڪر سندس ۽ اُن جي وچ ۾ گھڻي ڊيگھ ھجي ھا، ۽ الله پاڻ کان اوھان کي ڊيڄاريندو آھي، ۽ الله ٻانھن تي گھڻو مھربان آھي. |
قُل إِن كُنتُم تُحِبّونَ اللَّهَ فَاتَّبِعونى يُحبِبكُمُ اللَّهُ وَيَغفِر لَكُم ذُنوبَكُم وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 31) |
(اي پيغمبر) چؤ ته جي اوھين الله کي دوست رکندا آھيو ته منھنجي تابعداري ڪريو ته الله اوھان کي دوست رکندو ۽ اوھان جا گناھ اوھان کي بخشيندو، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي. |
قُل أَطيعُوا اللَّهَ وَالرَّسولَ فَإِن تَوَلَّوا فَإِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ الكٰفِرينَ (آيت : 32) |
(اي پيغمبر) چؤ ته الله ۽ پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو، پوءِ جيڪڏھن ڦري ويا ته بيشڪ الله (به) ڪافرن کي دوست نه رکندو آھي. |
إِنَّ اللَّهَ اصطَفىٰ ءادَمَ وَنوحًا وَءالَ إِبرٰهيمَ وَءالَ عِمرٰنَ عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 33) |
بيشڪ الله آدم ۽ نُوح ۽ ابراھيم جي اولاد ۽ عِمران جي اولاد کي جھانن (وارن) تي سدورو ڪيو آھي. |
ذُرِّيَّةً بَعضُها مِن بَعضٍ وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 34) |
جو پاڻ ۾ ھڪ ٻئي جو نسل آھن، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي. |
إِذ قالَتِ امرَأَتُ عِمرٰنَ رَبِّ إِنّى نَذَرتُ لَكَ ما فى بَطنى مُحَرَّرًا فَتَقَبَّل مِنّى إِنَّكَ أَنتَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 35) |
جڏھن عِمران جي زال چيو ته اي مُنھنجا پالڻھار جيڪي مُنھنجي پيٽ ۾ آھي سو تولاءِ آجو ڪيل نذر ڪيم تنھنڪري مون کان قبول ڪر، ڇوته تون ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھين. |
فَلَمّا وَضَعَتها قالَت رَبِّ إِنّى وَضَعتُها أُنثىٰ وَاللَّهُ أَعلَمُ بِما وَضَعَت وَلَيسَ الذَّكَرُ كَالأُنثىٰ وَإِنّى سَمَّيتُها مَريَمَ وَإِنّى أُعيذُها بِكَ وَذُرِّيَّتَها مِنَ الشَّيطٰنِ الرَّجيمِ (آيت : 36) |
پوءِ جنھن مھل اُن کي ڄڻيائين تڏھن چيائين ته اي مُنھنجا پالڻھار مون ڌيءُ ڄڻي، ۽ جيڪي اُن (بي بيءَ) ڄڻيو تنھن کي الله چڱو ڄاڻندڙ آھي، ۽ (چيائين ته) پُٽ ڌيءُ جھڙو نه آھي، ۽ مون سندس نالو مريم رکيو ۽ آءٌ اُن کي ۽ سندس نسل کي تڙيل شيطان (جي شر) کان تنھنجي پناھ ۾ سونپيان ٿي. |
فَتَقَبَّلَها رَبُّها بِقَبولٍ حَسَنٍ وَأَنبَتَها نَباتًا حَسَنًا وَكَفَّلَها زَكَرِيّا كُلَّما دَخَلَ عَلَيها زَكَرِيَّا المِحرابَ وَجَدَ عِندَها رِزقًا قالَ يٰمَريَمُ أَنّىٰ لَكِ هٰذا قالَت هُوَ مِن عِندِ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ يَرزُقُ مَن يَشاءُ بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 37) |
پوءِ اُن کي سندس پالڻھار چڱي قبولڻ سان قبوليو ۽ اُن کي چڱي پالڻ طرح پاليائين ۽ سندس سنڀاليندڙ زڪريا کي ڪيائين، جڏھن ڪڏھن زڪريا مٿس حُجري ۾ لنگھندو ھو ته وٽس طعام (رکيل) لھندو ھو، (ھڪ وقت) چيائين ته اي مريم ھيءُ ڪٿان تولاءِ (آيو) آھي چيائين ته اِھو الله وٽان (آيو) آھي، چوته الله جنھن کي وڻيس (تنھن کي) اَڻ ڳڻي روزي ڏيندو آھي. |
هُنالِكَ دَعا زَكَرِيّا رَبَّهُ قالَ رَبِّ هَب لى مِن لَدُنكَ ذُرِّيَّةً طَيِّبَةً إِنَّكَ سَميعُ الدُّعاءِ (آيت : 38) |
اُتي زڪريا پنھنجي پالڻھار کي سڏيو، چيائين اي منھنجا پالڻھار پاڻ وٽان مون کي چڱو اولاد بخش، ڇو ته تون دُعا جو ٻڌندڙ آھين. |
فَنادَتهُ المَلٰئِكَةُ وَهُوَ قائِمٌ يُصَلّى فِى المِحرابِ أَنَّ اللَّهَ يُبَشِّرُكَ بِيَحيىٰ مُصَدِّقًا بِكَلِمَةٍ مِنَ اللَّهِ وَسَيِّدًا وَحَصورًا وَنَبِيًّا مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 39) |
پوءِ مَلائڪن سڏيس ۽ اُن مَسجد ۾ بيٺي نماز پڙھي ٿي (ملائڪن چيس ته) الله توکي يحيىٰ (جي ڄمڻ) جي خوشخبري ڏئي ٿو جو الله جي حُڪم (سان پيدا ٿيل عيسىٰ) جو سَچو ڪندڙ ۽ سردار ۽ جَتو سَتو ۽ صالحن مان پيغمبر آھي. |
قالَ رَبِّ أَنّىٰ يَكونُ لى غُلٰمٌ وَقَد بَلَغَنِىَ الكِبَرُ وَامرَأَتى عاقِرٌ قالَ كَذٰلِكَ اللَّهُ يَفعَلُ ما يَشاءُ (آيت : 40) |
چيائين ته اي مُنھنجا پالڻھار مون کي پُٽ ڪئن ٿيندو جو بيشڪ مُون کي ته پوڙھائي اچي رسي آھي ۽ مُنھنجي زال سَنڍ آھي، (ملائڪ) چيو ته الله جيڪي گھرندو آھي سو اھڙيءَ طرح ڪندو آھي. |
قالَ رَبِّ اجعَل لى ءايَةً قالَ ءايَتُكَ أَلّا تُكَلِّمَ النّاسَ ثَلٰثَةَ أَيّامٍ إِلّا رَمزًا وَاذكُر رَبَّكَ كَثيرًا وَسَبِّح بِالعَشِىِّ وَالإِبكٰرِ (آيت : 41) |
چيائين ته اي منھنجا پالڻھار مُون کاءِ ڪا نشاني مُقرّر ڪر، (الله) فرمايو ته تنھنجي نشاني (ھيءَ) آھي ته ٽي ڏينھن اشاري کانسواءِ ماڻھن سان ڳالھائي نه سگھندين، ۽ پنھنجي پالڻھار کي گھڻو ياد ڪر ۽ صُبح جو ۽ سانجھيءَ جو ساراھِ. |
وَإِذ قالَتِ المَلٰئِكَةُ يٰمَريَمُ إِنَّ اللَّهَ اصطَفىٰكِ وَطَهَّرَكِ وَاصطَفىٰكِ عَلىٰ نِساءِ العٰلَمينَ (آيت : 42) |
۽ (ياد ڪر) جڏھن ملائڪن چيو ته اي مريم الله توکي سڳورو ڪيو ۽ توکي پاڪ ڪيائين ۽ توکي جھانن جي زالن تي سڳورو ڪيائين. |
يٰمَريَمُ اقنُتى لِرَبِّكِ وَاسجُدى وَاركَعى مَعَ الرّٰكِعينَ (آيت : 43) |
اي مريم پنھنجي پالڻھار جي فرمانبرداري ڪر ۽ سجدو ڪر ۽ رُڪُوع ڪندڙن سان گڏجي رُڪُوع ڪر. |
ذٰلِكَ مِن أَنباءِ الغَيبِ نوحيهِ إِلَيكَ وَما كُنتَ لَدَيهِم إِذ يُلقونَ أَقلٰمَهُم أَيُّهُم يَكفُلُ مَريَمَ وَما كُنتَ لَدَيهِم إِذ يَختَصِمونَ (آيت : 44) |
اِھا ڳجھين خبرن مان آھي اُن کي توڏانھن وحي ڪيوسون، ۽ (تون) تڏھن وٽن نه ھئين جڏھن پنھنجا قلم (پُکن لاءِ واھيءَ ۾) وڌائون ٿي ته اُنھن مان ڪير مريم کي سنڀاليندو، ۽ تڏھن به وٽن نه ھئين جڏھن تڪرار ڪندا رھيا. |
إِذ قالَتِ المَلٰئِكَةُ يٰمَريَمُ إِنَّ اللَّهَ يُبَشِّرُكِ بِكَلِمَةٍ مِنهُ اسمُهُ المَسيحُ عيسَى ابنُ مَريَمَ وَجيهًا فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَمِنَ المُقَرَّبينَ (آيت : 45) |
جڏھن ملائڪن مريم کي چيو ته اي مريم الله پاڻ وٽان توکي ھڪ (خاص) حُڪم (سان پيدا ڪيل پٽ) جي خوشخبري ڏئي ٿو، سندس نالو عِيسىٰ پُٽ مريم جو مرتبي وارو دنيا ۽ آخرت ۾ ٿيندو ۽ ويجھن مان آھي. |
وَيُكَلِّمُ النّاسَ فِى المَهدِ وَكَهلًا وَمِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 46) |
۽ پينگھي ۾ (خاص طرح) ۽ جوانيءَ ۾ ماڻھن سان ڳالھائيندو ۽ صالحن مان آھي. |
قالَت رَبِّ أَنّىٰ يَكونُ لى وَلَدٌ وَلَم يَمسَسنى بَشَرٌ قالَ كَذٰلِكِ اللَّهُ يَخلُقُ ما يَشاءُ إِذا قَضىٰ أَمرًا فَإِنَّما يَقولُ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 47) |
چيائين ته اي مُنھنجا پالڻھار مون کي ڪئن وياءُ ٿيندو؟ جو مون کي (ڪنھين) ماڻھوءَ نه ڇھيو آھي، (ملائڪن) چيو ته الله جيڪي گھرندو آھي سو اھڙي طرح پيدا ڪندو آھي، جڏھن ڪو ڪم ڪندو آھي ته اُن لاءِ ڇڙو چوندو آھي ته ٿيءُ ته ٿي پوندو آھي. |
وَيُعَلِّمُهُ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَالتَّورىٰةَ وَالإِنجيلَ (آيت : 48) |
۽ کيس ڪتاب ۽ دانائي ۽ توريت ۽ انجيل سيکاريندو. |
وَرَسولًا إِلىٰ بَنى إِسرٰءيلَ أَنّى قَد جِئتُكُم بِـٔايَةٍ مِن رَبِّكُم أَنّى أَخلُقُ لَكُم مِنَ الطّينِ كَهَيـَٔةِ الطَّيرِ فَأَنفُخُ فيهِ فَيَكونُ طَيرًا بِإِذنِ اللَّهِ وَأُبرِئُ الأَكمَهَ وَالأَبرَصَ وَأُحىِ المَوتىٰ بِإِذنِ اللَّهِ وَأُنَبِّئُكُم بِما تَأكُلونَ وَما تَدَّخِرونَ فى بُيوتِكُم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لَكُم إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 49) |
۽ (اُن کي) بني اسرائيلن ڏانھن پيغمبر ڪري موڪليندو، (عيسىٰ وڏو ٿيو ۽ چيائين ته) مون اوھان جي پالڻھار وٽان نشاني آندي آھي، ته آءٌ اوھان لاءِ مٽيءَ مان پکيءَ جي شڪل جھڙو (بوتو) بڻائيندس پوءِ منجھس ڦوڪيندس ته الله جي حُڪم سان پکي ٿيندو، ۽ (ماءُ ڄاول) اَنڌي ۽ ڪُوڙھي کي ڇُٽائيندس ۽ الله جي حُڪم سان مُئي کي جياريندس، ۽ جيڪي کائيندا آھيو ۽ جيڪي پنھنجن گھرن ۾ سانڀيندا آھيو سو اوھان کي ڏسيندس، جيڪڏھن اوھين مڃيندڙ آھيو ته اوھان لاءِ اُن ۾ نشانيون آھن. |
وَمُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَىَّ مِنَ التَّورىٰةِ وَلِأُحِلَّ لَكُم بَعضَ الَّذى حُرِّمَ عَلَيكُم وَجِئتُكُم بِـٔايَةٍ مِن رَبِّكُم فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 50) |
۽ جيڪو مون کان اڳ توريت (جو ڪتاب) آيل آھي تنھن جو سچو ڪندڙ آھيان ۽ جيڪي (شيون) اوھان تي حرام ڪيل آھن تن مان ڪي اوھان لاءِ حلال ڪندس ۽ اوھان جي پالڻھار وٽان اوھان لاءِ نشانيون آنديون اٿم، پوءِ الله کان ڊڄو ۽ مُنھنجي تابعداري ڪريو. |
إِنَّ اللَّهَ رَبّى وَرَبُّكُم فَاعبُدوهُ هٰذا صِرٰطٌ مُستَقيمٌ (آيت : 51) |
بيشڪ الله مُنھنجو پالڻھار ۽ اوھان جو پالڻھار آھي تنھنڪري سندس عبادت ڪريو، اھا سنئين واٽ آھي. |
فَلَمّا أَحَسَّ عيسىٰ مِنهُمُ الكُفرَ قالَ مَن أَنصارى إِلَى اللَّهِ قالَ الحَوارِيّونَ نَحنُ أَنصارُ اللَّهِ ءامَنّا بِاللَّهِ وَاشهَد بِأَنّا مُسلِمونَ (آيت : 52) |
پوءِ جنھن مھل عيسىٰ کائن ڪُفر (جا ڪم) اکين سان ڏٺا (تنھن مھل) چيائين ته الله (جي دين) ڏانھن مُنھنجا واھرو ڪير آھن؟ حوارين چيو ته اسين الله (جي دين) جا واھرو آھيون، الله کي مڃيوسون، ۽ شاھد ھُج ته اسين پَڪ مُسلمان آھيون. |
رَبَّنا ءامَنّا بِما أَنزَلتَ وَاتَّبَعنَا الرَّسولَ فَاكتُبنا مَعَ الشّٰهِدينَ (آيت : 53) |
(چيائون) اي اسانجا پالڻھار جيڪي تو لاٿو سو مڃيوسون ۽ پيغمبر جي تابعداري ڪئي سون تنھنڪري اسانکي شاھدن ۾ لک. |
وَمَكَروا وَمَكَرَ اللَّهُ وَاللَّهُ خَيرُ المٰكِرينَ (آيت : 54) |
۽ ((يھودين) رٿ رٿي ۽ الله به (ڳجھي) رٿ رٿي، ۽ الله چڱو (ڳجھي) رٿ رٿيندڙ آھي. |
إِذ قالَ اللَّهُ يٰعيسىٰ إِنّى مُتَوَفّيكَ وَرافِعُكَ إِلَىَّ وَمُطَهِّرُكَ مِنَ الَّذينَ كَفَروا وَجاعِلُ الَّذينَ اتَّبَعوكَ فَوقَ الَّذينَ كَفَروا إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ ثُمَّ إِلَىَّ مَرجِعُكُم فَأَحكُمُ بَينَكُم فيما كُنتُم فيهِ تَختَلِفونَ (آيت : 55) |
(ياد ڪر) جڏھن الله چيو ته اي عيسىٰ آءٌ توکي ماريندڙ ۽ پاڻ ڏانھن مٿاھون ڪندڙ آھيان ۽ جن ڪُفر ڪيو تن (جي بھتانن) کان توکي پاڪ ڪندڙ آھيان ۽ جن تنھنجي تابعداري ڪئي تن کي قيامت تائين ڪافرن تي مٿاھون (غالب) ڪندڙ آھيان، وري مون ڏانھن اوھان جو موٽڻ آھي پوءِ اوھان جي وچ ۾ جنھن ڳالھ بابت اوھين تڪرار ڪندا آھيو (تنھن بابت) نبيرو ڪندس. |
فَأَمَّا الَّذينَ كَفَروا فَأُعَذِّبُهُم عَذابًا شَديدًا فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَما لَهُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 56) |
پوءِ (اُنھن مان) جن ڪُفر ڪيو تن کي دُنيا ۽ آخرت ۾ بلڪل سخت سزا ڏيندس، ۽ اُنھن جو ڪو واھرو نه آھي. |
وَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَيُوَفّيهِم أُجورَهُم وَاللَّهُ لا يُحِبُّ الظّٰلِمينَ (آيت : 57) |
۽ (اُنھن مان) جن ايمان آندو۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي (الله) سندن پورھيو پُورو ڏيندو، ۽ الله ظالمن کي دوست نه رکندو آھي. |
ذٰلِكَ نَتلوهُ عَلَيكَ مِنَ الءايٰتِ وَالذِّكرِ الحَكيمِ (آيت : 58) |
اھو (قصّو) جو توتي پڙھون ٿا سو نشانين ۽ حِڪمت واري ڪتاب مان آھي. |
إِنَّ مَثَلَ عيسىٰ عِندَ اللَّهِ كَمَثَلِ ءادَمَ خَلَقَهُ مِن تُرابٍ ثُمَّ قالَ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 59) |
الله وٽ عيسىٰ (جي پيدا ڪرڻ) جو مثال آدم جي مثال جھڙوئي آھي، اُن (آدم) کي مِٽيءَ مان بڻايائين وري اُن چيائين ته ٿي پؤ ته ٿي پيو. |
الحَقُّ مِن رَبِّكَ فَلا تَكُن مِنَ المُمتَرينَ (آيت : 60) |
(اِھا ڳالھ) تنھنجي پالڻھار وٽان سچي آھي تنھنڪري شڪ ڪندڙن مان نه ھُج. |
فَمَن حاجَّكَ فيهِ مِن بَعدِ ما جاءَكَ مِنَ العِلمِ فَقُل تَعالَوا نَدعُ أَبناءَنا وَأَبناءَكُم وَنِساءَنا وَنِساءَكُم وَأَنفُسَنا وَأَنفُسَكُم ثُمَّ نَبتَهِل فَنَجعَل لَعنَتَ اللَّهِ عَلَى الكٰذِبينَ (آيت : 61) |
پوءِ اُن پڄاڻا جو تو وٽ ڄاڻپ آئي جيڪو توسان اِن بابت جھڳڙو ڪري ته چؤ ته اچو ته (اسين) پنھنجن پُٽن ۽ اوھان جي پُٽن ۽ پنھنجين زالن ۽ اوھان جي زالن ۽ پاڻ کي ۽ اوھان کي سڏيون، پوءِ زاريءَ سان دُعا گھرون پوءِ الله جي لَعنت ڪُوڙن تي ڪريون. |
إِنَّ هٰذا لَهُوَ القَصَصُ الحَقُّ وَما مِن إِلٰهٍ إِلَّا اللَّهُ وَإِنَّ اللَّهَ لَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 62) |
اِھو قِصو ضرور سَچّو آھي، ۽ الله کانسواءِ ڪوبه عبادت جو لائق نه آھي، ۽ الله ئي غالب حِڪمت وارو آھي. |
فَإِن تَوَلَّوا فَإِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِالمُفسِدينَ (آيت : 63) |
پوءِ جيڪڏھن ڦرن ته بيشڪ الله به فسادين کي ڄاڻندڙ آھي. |
قُل يٰأَهلَ الكِتٰبِ تَعالَوا إِلىٰ كَلِمَةٍ سَواءٍ بَينَنا وَبَينَكُم أَلّا نَعبُدَ إِلَّا اللَّهَ وَلا نُشرِكَ بِهِ شَيـًٔا وَلا يَتَّخِذَ بَعضُنا بَعضًا أَربابًا مِن دونِ اللَّهِ فَإِن تَوَلَّوا فَقولُوا اشهَدوا بِأَنّا مُسلِمونَ (آيت : 64) |
(اي پيغمبر) چؤ ته اي ڪتاب وارؤ ھڪ ڳالھ ڏانھن اچو جا اسان ۽ اوھان جي وچ ۾ ھڪ جھڙي آھي ته الله کانسواءِ ڪنھن جي عبادت نه ڪريون ۽ نڪي ساڻس ڪنھن شيء کي شريڪ ڪريون ۽ نڪي اسان مان ڪو ڪنھن کي (به) الله ڌاران پالڻھار ڪري مڃي، پوءِ جيڪڏھن ڦرن ته چؤ ته شاھد ھُجو ته اسين پڪ مُسلمان آھيون. |
يٰأَهلَ الكِتٰبِ لِمَ تُحاجّونَ فى إِبرٰهيمَ وَما أُنزِلَتِ التَّورىٰةُ وَالإِنجيلُ إِلّا مِن بَعدِهِ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 65) |
اي ڪتاب وارؤ ابراھيم بابت ڇالاءِ جھڳڙو ڪريو ٿا؟ ۽ توريت ۽ انجيل نه لاٿا ويا پر کانئس پوءِ، پوءِ اوھين نه سمجھندا آھيو ڇا؟ |
هٰأَنتُم هٰؤُلاءِ حٰجَجتُم فيما لَكُم بِهِ عِلمٌ فَلِمَ تُحاجّونَ فيما لَيسَ لَكُم بِهِ عِلمٌ وَاللَّهُ يَعلَمُ وَأَنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 66) |
(اي يھوديؤ) اوھين اُھي آھيو جو جنھن شيء جي اوھان کي ڄاڻپ آھي تنھن بابت ته جھڳڙو ڪندا آھيو پر جي اوھان کي ڪا ڄاڻپ آھي ئي نه تنھن بابت ڇو جھڳڙو ڪندا آھيو؟ ۽ الله ڄاڻندو آھي ۽ اوھين نه ڄاڻندا آھيو. |
ما كانَ إِبرٰهيمُ يَهودِيًّا وَلا نَصرانِيًّا وَلٰكِن كانَ حَنيفًا مُسلِمًا وَما كانَ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 67) |
ابراھيم نڪو يھودي ھو ۽ نڪي نصراني پر حَنيف (ھڪ طرفو) مُسلمان ھو، ۽ مُشرڪن مان نه ھو. |
إِنَّ أَولَى النّاسِ بِإِبرٰهيمَ لَلَّذينَ اتَّبَعوهُ وَهٰذَا النَّبِىُّ وَالَّذينَ ءامَنوا وَاللَّهُ وَلِىُّ المُؤمِنينَ (آيت : 68) |
ابراھيم کي اُھي ماڻھو ويجھا آھن جن سندس تابعداري ڪئي ۽ ھيءُ پيغمبر ۽ جن مٿس ايمان آندو، ۽ الله مؤمنن جو سنڀاليندڙ آھي. |
وَدَّت طائِفَةٌ مِن أَهلِ الكِتٰبِ لَو يُضِلّونَكُم وَما يُضِلّونَ إِلّا أَنفُسَهُم وَما يَشعُرونَ (آيت : 69) |
ڪتاب وارن مان ڪا ٽولي گھرندي آھي ته جيڪر اوھان کي ڀُلائين، ۽ اُھي پاڻ کانسواءِ (ٻئي) ڪنھن کي نه ڀلائيندا آھن ۽ نه پروڙيندا آھن. |
يٰأَهلَ الكِتٰبِ لِمَ تَكفُرونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَأَنتُم تَشهَدونَ (آيت : 70) |
اي ڪتاب وارؤ الله جي آيتن کي ڇالاءِ نه ٿا مڃو؟ ۽ حالانڪ اوھين شاھدي ڏيو ٿا. |
يٰأَهلَ الكِتٰبِ لِمَ تَلبِسونَ الحَقَّ بِالبٰطِلِ وَتَكتُمونَ الحَقَّ وَأَنتُم تَعلَمونَ (آيت : 71) |
اي ڪتاب وارؤ ڇالاءِ سچ کي ڪُوڙ سان ملائيندا آھيو ۽ سچ کي لڪائيندا آھيو؟ ھن ھوندي (به) جو اوھين ڄاڻندا آھيو. |
وَقالَت طائِفَةٌ مِن أَهلِ الكِتٰبِ ءامِنوا بِالَّذى أُنزِلَ عَلَى الَّذينَ ءامَنوا وَجهَ النَّهارِ وَاكفُروا ءاخِرَهُ لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 72) |
۽ ڪتاب وارن مان ڪا ٽولي (پاڻ ۾) چوي ٿي ته جيڪي مؤمنن تي لاٿو ويو آھي تنھن کي ڏينھن جي اڳياڙيءَ ۾ مڃيو ۽ ان جي پوياڙيءَ ۾ انڪار ڪريو ته مانَ اُھي ڦري وڃن. |
وَلا تُؤمِنوا إِلّا لِمَن تَبِعَ دينَكُم قُل إِنَّ الهُدىٰ هُدَى اللَّهِ أَن يُؤتىٰ أَحَدٌ مِثلَ ما أوتيتُم أَو يُحاجّوكُم عِندَ رَبِّكُم قُل إِنَّ الفَضلَ بِيَدِ اللَّهِ يُؤتيهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 73) |
۽ جيڪو اوھان جي دين جي تابعداري ڪري تنھن کانسواءِ ٻئي ڪنھن کي نه مڃيو، چئو ته ھدايت الله واري ھدايت آھي ۽ چون ٿا ته ھيءَ به نه مڃيو ته جھڙو (دين) اوھان کي ڏنو ويو آھي تھڙو دين اُنھن کي ڏنو ويندو يا اوھان جي پالڻھار وٽ اوھان کي الزام ڏيندا، چؤ ته ڀلائي الله جي ھٿ ۾ آھي، جنھن کي وڻيس تنھن کي اُھا ڏيندو آھي، ۽ الله (مھربانيءَ ۾) ڪشادگيءَ وارو ڄاڻندڙ آھي. |
يَختَصُّ بِرَحمَتِهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ ذُو الفَضلِ العَظيمِ (آيت : 74) |
جنھن کي وڻيس تنھنکي پنھنجي ٻاجھه سان خاص ڪندو آھي، ۽ الله وڏي فضل وارو آھي. |
وَمِن أَهلِ الكِتٰبِ مَن إِن تَأمَنهُ بِقِنطارٍ يُؤَدِّهِ إِلَيكَ وَمِنهُم مَن إِن تَأمَنهُ بِدينارٍ لا يُؤَدِّهِ إِلَيكَ إِلّا ما دُمتَ عَلَيهِ قائِمًا ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قالوا لَيسَ عَلَينا فِى الأُمِّيّۦنَ سَبيلٌ وَيَقولونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 75) |
۽ ڪتاب وارن مان ڪي اھڙا آھن جو جيڪڏھن وٽن تمام گھڻو مال امانت رکين ته اُھو (سمورو) توکي ورائي ڏيندا، ۽ منجھائن ڪي اھڙا آھن جو جيڪڏھن وٽن ھِڪ مُھر امانت رکين ته مٿن سدائين بيھڻ کانسواءِ توکي ورائي نه ڏيندا، اِھو (نه ڏئڻ) ھن سببان آھي جو چون ٿا ته اڻ پڙھيلن (جي مال کسڻ) ۾ اسان تي ڪا پڪڙ پڇاڙ نه آھي، ۽ الله تي اھي ڄاڻڻ ھوندي به ڪُوڙ چوندا آھن. |
بَلىٰ مَن أَوفىٰ بِعَهدِهِ وَاتَّقىٰ فَإِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُتَّقينَ (آيت : 76) |
ھائو جنھن پنھنجو انجام پاڙيو ۽ ڊنو ته بيشڪ الله ڊڄندڙن کي دوست رکندو آھي. |
إِنَّ الَّذينَ يَشتَرونَ بِعَهدِ اللَّهِ وَأَيمٰنِهِم ثَمَنًا قَليلًا أُولٰئِكَ لا خَلٰقَ لَهُم فِى الءاخِرَةِ وَلا يُكَلِّمُهُمُ اللَّهُ وَلا يَنظُرُ إِلَيهِم يَومَ القِيٰمَةِ وَلا يُزَكّيهِم وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 77) |
جيڪي الله سان ڪيل انجامن ۽ پنھنجن قسمن جي عوض ٿورو مُلھ وٺندا آھن اِھي (اُھي) آھن جن کي آخرت ۾ ڪو بھرو نه آھي ۽ نڪي قيامت جي ڏينھن الله ساڻن ڳالھائيندو ۽ نڪي اُنھن ڏانھن نھاريندو ۽ نڪي کين (گناھن کان) پاڪ ڪندو، ۽ اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي. |
وَإِنَّ مِنهُم لَفَريقًا يَلوۥنَ أَلسِنَتَهُم بِالكِتٰبِ لِتَحسَبوهُ مِنَ الكِتٰبِ وَما هُوَ مِنَ الكِتٰبِ وَيَقولونَ هُوَ مِن عِندِ اللَّهِ وَما هُوَ مِن عِندِ اللَّهِ وَيَقولونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 78) |
۽ منجھائن ھڪ ٽولي آھي جا ڪتاب (پڙھڻ) ۾ پنھنجين زبانن کي ھن لاءِ وچڙائيندي آھي ته ان کي اوھين ڪتاب مان ڀانيو ۽ (حقيقت ڪري) اُھو ڪتاب مان نه آھي، ۽ (پڻ) چوندا آھن ته اُھو الله وٽان آھي ۽ (حقيقت ڪري) اُھو الله وٽان نه آھي، ۽ اُھي ڄاڻڻ ھوندي به الله تي ڪُوڙ چوندا آھن. |
ما كانَ لِبَشَرٍ أَن يُؤتِيَهُ اللَّهُ الكِتٰبَ وَالحُكمَ وَالنُّبُوَّةَ ثُمَّ يَقولَ لِلنّاسِ كونوا عِبادًا لى مِن دونِ اللَّهِ وَلٰكِن كونوا رَبّٰنِيّۦنَ بِما كُنتُم تُعَلِّمونَ الكِتٰبَ وَبِما كُنتُم تَدرُسونَ (آيت : 79) |
ڪنھن به ماڻھوءَ کي نه جڳائيندو آھي جو الله کيس ڪتاب ۽ دانائي ۽ پيغمبري ڏئي اُھو وري ماڻھن کي چوي ته الله کانسواءِ مُنھنجا ٻانھا ٿيو پر (چوندو ته) رب جا (سچا ٻانھان) ٿيو انھيءَ ڪري جو ڪتاب سيکاريو ٿا ۽ پڻ انھيءَ ڪري جو پڙھو ٿا. |
وَلا يَأمُرَكُم أَن تَتَّخِذُوا المَلٰئِكَةَ وَالنَّبِيّۦنَ أَربابًا أَيَأمُرُكُم بِالكُفرِ بَعدَ إِذ أَنتُم مُسلِمونَ (آيت : 80) |
۽ ملائڪن ۽ پيغمبرن کي پالڻھار ڪري مڃڻ جو اوھان کي حڪم نه ڪندو، جڏھن اوھين خُدا جا فرمانبردار ٿيا ھجو ته پوءِ اوھان کي ڇو ڪُفر جو حُڪم ڪندو. |
وَإِذ أَخَذَ اللَّهُ ميثٰقَ النَّبِيّۦنَ لَما ءاتَيتُكُم مِن كِتٰبٍ وَحِكمَةٍ ثُمَّ جاءَكُم رَسولٌ مُصَدِّقٌ لِما مَعَكُم لَتُؤمِنُنَّ بِهِ وَلَتَنصُرُنَّهُ قالَ ءَأَقرَرتُم وَأَخَذتُم عَلىٰ ذٰلِكُم إِصرى قالوا أَقرَرنا قالَ فَاشهَدوا وَأَنا۠ مَعَكُم مِنَ الشّٰهِدينَ (آيت : 81) |
۽ (ياد ڪر) جڏھن الله (سڀني) پيغمبرن کان انجام ورتو ته جيڪي ڪتاب ۽ حڪمت اوھان کي ڏيان تنھن کانپوءِ ھڪ پيغمبر جيڪو (علم) اوھان وٽ آھي تنھنجو سچو ڪندڙ اوھان وٽ اچي ته کيس ضرور مڃجو ۽ کيس ضرور مدد ڏجو، (الله) چيو ته اوھين اقرار ڪري چڪؤ ۽ اُن تي مُنھنجي (حُڪم جي) بار کي کنيوَ، چيائون ته اقرار ڪيوسون، (الله) چيو ته اوھين شاھد ھجو، ۽ آءٌ (به) اوھان سان گڏ شاھد آھيان. |
فَمَن تَوَلّىٰ بَعدَ ذٰلِكَ فَأُولٰئِكَ هُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 82) |
پوءِ جيڪي ھن پڃاڻان ڦرندا سي ئي بي دين آھن. |
أَفَغَيرَ دينِ اللَّهِ يَبغونَ وَلَهُ أَسلَمَ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ طَوعًا وَكَرهًا وَإِلَيهِ يُرجَعونَ (آيت : 83) |
الله جي دين کانسواءِ ڇو ٻيو (دين) طلبيندا آھن ۽ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھن تن سرھو توڙي ارھو ٿي کيس مڃيو آھي ۽ ڏانھس موٽايا ويندا. |
قُل ءامَنّا بِاللَّهِ وَما أُنزِلَ عَلَينا وَما أُنزِلَ عَلىٰ إِبرٰهيمَ وَإِسمٰعيلَ وَإِسحٰقَ وَيَعقوبَ وَالأَسباطِ وَما أوتِىَ موسىٰ وَعيسىٰ وَالنَّبِيّونَ مِن رَبِّهِم لا نُفَرِّقُ بَينَ أَحَدٍ مِنهُم وَنَحنُ لَهُ مُسلِمونَ (آيت : 84) |
(اي پيغمبر) چؤ ته اسان الله کي ۽ جيڪي اسان تي لاٿو ويو آھي تنھن کي ۽ جيڪي ابراھيم ۽ اسماعيل ۽ اسحٰق ۽ يعقوب ۽ (اُن جي) اولاد تي لاٿو ويو ۽ جيڪي موسٰي ۽ عيسٰي ۽ (ٻين) پيغمبرن کي سندن پالڻھار کان ڏنو ويو تنھن کي مڃيون ٿا، اُنھن مان ڪنھن ھڪ ۾ فرق نه ٿا ڀانيون، ۽ اسان اُن (الله) کي مڃيندڙ آھيون. |
وَمَن يَبتَغِ غَيرَ الإِسلٰمِ دينًا فَلَن يُقبَلَ مِنهُ وَهُوَ فِى الءاخِرَةِ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 85) |
۽ جيڪو اسلام ڌاران ٻيو دين طلبيندو تنھن کان اُھو ڪڏھن نه قبول ڪبو، ۽ اُھو آخرت ۾ ڇيئي وارن مان آھي. |
كَيفَ يَهدِى اللَّهُ قَومًا كَفَروا بَعدَ إيمٰنِهِم وَشَهِدوا أَنَّ الرَّسولَ حَقٌّ وَجاءَهُمُ البَيِّنٰتُ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 86) |
الله اُن قوم کي ڪئن ھدايت ڪندو جي پنھنجي اِيمان آڻڻ کانپوءِ ڪافر ٿيا ۽ (پھريائين) اقرار ڪيائون ته پيغمبر سچو آھي ۽ وٽن معجزا (به) آيا، ۽ الله ظالم ٽولي کي ھدايت نه ڪندو آھي. |
أُولٰئِكَ جَزاؤُهُم أَنَّ عَلَيهِم لَعنَةَ اللَّهِ وَالمَلٰئِكَةِ وَالنّاسِ أَجمَعينَ (آيت : 87) |
اِھي اُھي آھن جن تي سزا (ھيءَ) آھي ته مٿن الله ۽ ملائڪن ۽ مڙني ماڻھن جي لَعنت آھي. |
خٰلِدينَ فيها لا يُخَفَّفُ عَنهُمُ العَذابُ وَلا هُم يُنظَرونَ (آيت : 88) |
اُن ۾ سدائين رھڻ وارا آھن، کانئن عذاب ھلڪو نه ڪبو ۽ نه اُنھن کي مُھلت ڏبي. |
إِلَّا الَّذينَ تابوا مِن بَعدِ ذٰلِكَ وَأَصلَحوا فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 89) |
پر جن اُن کانپوءِ توبه ڪئي ۽ (پاڻ) سڌاريائون، ته بيشڪ الله (به) بخشڻھار مھربان آھي. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا بَعدَ إيمٰنِهِم ثُمَّ ازدادوا كُفرًا لَن تُقبَلَ تَوبَتُهُم وَأُولٰئِكَ هُمُ الضّالّونَ (آيت : 90) |
جن پنھنجي ايمان آڻڻ کانپوءِ ڪُفر ڪيو وري ڪُفر ۾ وڌيا تن جي توبه ڪڏھن قبول نه ڪبي، ۽ اُھي ئي ڀليل آھن. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا وَماتوا وَهُم كُفّارٌ فَلَن يُقبَلَ مِن أَحَدِهِم مِلءُ الأَرضِ ذَهَبًا وَلَوِ افتَدىٰ بِهِ أُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ أَليمٌ وَما لَهُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 91) |
جن ڪُفر ڪيو ۽ اُھي ڪافر ٿي مُئا تن مان ڪو ھڪڙو اگرچه سڄيءَ زمين جيترو سونُ (پنھنجن گناھن جي) عوض ڏئي ته به اُھو اُن کان قبول نه ڪبو، اِھي (اُھي) آھن جن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي ۽ اُنھن جو ڪو واھرو ڪونھي. |
لَن تَنالُوا البِرَّ حَتّىٰ تُنفِقوا مِمّا تُحِبّونَ وَما تُنفِقوا مِن شَيءٍ فَإِنَّ اللَّهَ بِهِ عَليمٌ (آيت : 92) |
چڱائيءَ کي ايسين ڪڏھن نه پھچندؤ جيسين جن شين کي دوست رکندا آھيو تن مان (الله جي واٽ ۾ نه) خرچيو، ۽ جيڪا شيء (الله لڳ خرچيو سا ڀَلي ھئڻ گھرجي) ڇوته الله اُن کي ڄاڻندڙ آھي. |
كُلُّ الطَّعامِ كانَ حِلًّا لِبَنى إِسرٰءيلَ إِلّا ما حَرَّمَ إِسرٰءيلُ عَلىٰ نَفسِهِ مِن قَبلِ أَن تُنَزَّلَ التَّورىٰةُ قُل فَأتوا بِالتَّورىٰةِ فَاتلوها إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 93) |
سڀ (ڪنھن قسم جو) طعام بني اسرائيلن لاءِ حلال ھو پر جيڪي يعقوب پاڻ تي حرام ڪيو ھو سو توريت جي لھڻ کان اڳ ھو، (اي پيغمبر) چؤ ته جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته توريت آڻيو پوءِ اُھو پڙھو. |
فَمَنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ مِن بَعدِ ذٰلِكَ فَأُولٰئِكَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 94) |
پوءِ جيڪي ھن کانپوءِ الله تي ڪوڙ ٺاھيندا سي ئي ظالم آھن. |
قُل صَدَقَ اللَّهُ فَاتَّبِعوا مِلَّةَ إِبرٰهيمَ حَنيفًا وَما كانَ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 95) |
(اي پيغمبر) چؤ ته الله سچ چيو آھي، پوءِ ابراھيم حنيف (ھڪ طرفي) جي دين جي تابعداري ڪريو، ۽ (ابراھيم) مشرڪن مان نه ھو. |
إِنَّ أَوَّلَ بَيتٍ وُضِعَ لِلنّاسِ لَلَّذى بِبَكَّةَ مُبارَكًا وَهُدًى لِلعٰلَمينَ (آيت : 96) |
(عبادت جو) پھريون گھرُ جو ماڻھن لاءِ بڻايو ويو سو اُھو ئي آھي جو مَڪي ۾ برڪت وارو ۽ جڳ لاءِ ھدايت آھي. |
فيهِ ءايٰتٌ بَيِّنٰتٌ مَقامُ إِبرٰهيمَ وَمَن دَخَلَهُ كانَ ءامِنًا وَلِلَّهِ عَلَى النّاسِ حِجُّ البَيتِ مَنِ استَطاعَ إِلَيهِ سَبيلًا وَمَن كَفَرَ فَإِنَّ اللَّهَ غَنِىٌّ عَنِ العٰلَمينَ (آيت : 97) |
جنھن ۾ پڌريون نشانيون آھن (ھڪڙي) مقام ابراھيم آھي (جو اُن ۾ ابراھيم جي پيرن جو نشان آھي)، ۽ جيڪو اُتي داخل ٿيو سو امن وارو آھي، ۽ الله لاءِ خانه ڪعبه جو حج اُنھن ماڻھن تي لازم آھي جنھن کي ڏانھس واٽ وڃڻ جي سگھه آھي، ۽ جنھن انڪار ڪيو (ته الله کي پرواہ نه آھي) ڇو ته الله جھانن کان بي پرواہ آھي. |
قُل يٰأَهلَ الكِتٰبِ لِمَ تَكفُرونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَاللَّهُ شَهيدٌ عَلىٰ ما تَعمَلونَ (آيت : 98) |
(اي پيغمبر کين) چؤ ته اي ڪتاب وارؤ الله جي آيتن کي ڇونه ٿا مڃيو؟ ۽ (حقيقت ڪري) جيڪي ڪندا آھيو تنھن تي الله حاضر آھي. |
قُل يٰأَهلَ الكِتٰبِ لِمَ تَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ مَن ءامَنَ تَبغونَها عِوَجًا وَأَنتُم شُهَداءُ وَمَا اللَّهُ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 99) |
(اي پيغمبر) چؤ ته اي ڪتاب وارؤ جيڪو ايمان آڻي تنھن کي الله جي واٽ کان اُن (واٽ) جي ڏنگائي گھُري ڇو ٿا جھليو؟ ھن ھوندي به جو اوھين ڄاڻندڙ آھيو، ۽ جيڪي (اوھين) ڪندا آھيو تنھن کان الله بي خبر نه آھي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِن تُطيعوا فَريقًا مِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ يَرُدّوكُم بَعدَ إيمٰنِكُم كٰفِرينَ (آيت : 100) |
اي ايمان وارؤ جيڪڏھن ڪتاب وارن مان ڪنھن به ٽوليءَ جي فرمانبرداري ڪندؤ ته اوھان جي ايمان آڻڻ کان پوءِ اوھان کي ڪافر ڪري ڦيرائيندا. |
وَكَيفَ تَكفُرونَ وَأَنتُم تُتلىٰ عَلَيكُم ءايٰتُ اللَّهِ وَفيكُم رَسولُهُ وَمَن يَعتَصِم بِاللَّهِ فَقَد هُدِىَ إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 101) |
۽ (اوھين) ھن ھوندي ڪئن ڪافر ٿا ٿيو؟ جو الله جون آيتون اوھان تي پڙھجن ٿيون ۽ سندس پيغمبر اوھان ۾ آھي، ۽ جيڪو الله (جي دين) کي چنبڙي پٺندو تنھن کي بيشڪ سڌيءَ واٽ ڏانھن رستو ڏيکاريو ويندو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ حَقَّ تُقاتِهِ وَلا تَموتُنَّ إِلّا وَأَنتُم مُسلِمونَ (آيت : 102) |
اي مؤمنؤ الله کان (اِئين) ڊڄو جئن کانئس ڊڄڻ جو حق آھي ۽ اوھين مسلمان ھجڻ کانسواءِ نه مرجو. |
وَاعتَصِموا بِحَبلِ اللَّهِ جَميعًا وَلا تَفَرَّقوا وَاذكُروا نِعمَتَ اللَّهِ عَلَيكُم إِذ كُنتُم أَعداءً فَأَلَّفَ بَينَ قُلوبِكُم فَأَصبَحتُم بِنِعمَتِهِ إِخوٰنًا وَكُنتُم عَلىٰ شَفا حُفرَةٍ مِنَ النّارِ فَأَنقَذَكُم مِنها كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُم ءايٰتِهِ لَعَلَّكُم تَهتَدونَ (آيت : 103) |
۽ الله جي رسيءَ (يعني قرآن) کي سڀئي چنبڙي وٺو ۽ ڌاروڌار نه ٿيو، ۽ پاڻ تي الله جي نعمت کي ياد ڪريو جو جڏھن پاڻ ۾ ويري ھيؤ پوءِ اوھان جي دلين ۾ ميلاپ وڌائين پوءِ سندس فضل سان ھڪ ٻئي جا ڦري ڀائر ٿيؤ، ۽ اوھين دوزخ جي کڏ جي ڀَر تي ھيؤ پوءِ اوھان کي کانئس ڇڏايائين، اھڙيءَ طرح الله اوھان لاءِ پنھنجيون نشانيون بيان ڪندو آھي ته مانَ اوھين ھدايت لھو. |
وَلتَكُن مِنكُم أُمَّةٌ يَدعونَ إِلَى الخَيرِ وَيَأمُرونَ بِالمَعروفِ وَيَنهَونَ عَنِ المُنكَرِ وَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 104) |
۽ اوھان ۾ اھڙي ٽولي ھئڻ گھرجي جي چڱائيءَ ڏانھن سڏين ۽ چڱن ڪمن جو حُڪم ڪن ۽ مَدن ڪمن کان جھلين، ۽ اھي ئي ڇٽل آھن. |
وَلا تَكونوا كَالَّذينَ تَفَرَّقوا وَاختَلَفوا مِن بَعدِ ما جاءَهُمُ البَيِّنٰتُ وَأُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 105) |
۽ اوھين اُنھن جھڙا نه ٿيو جي فرقو فرقو ٿي ويا ۽ وٽن معجزا آيا اُن کانپوءِ بهتڪرار ڪيائون، ۽ اُنھن لاءِ وڏو عذاب آھي. |
يَومَ تَبيَضُّ وُجوهٌ وَتَسوَدُّ وُجوهٌ فَأَمَّا الَّذينَ اسوَدَّت وُجوهُهُم أَكَفَرتُم بَعدَ إيمٰنِكُم فَذوقُوا العَذابَ بِما كُنتُم تَكفُرونَ (آيت : 106) |
اُنھيءَ ڏينھن جو ڪي مُنھن اڇا ٿيندا ۽ ڪي مُنھن ڪارا ٿيندا، پوءِ جن جا مُنھن ڪارا ٿيندا (چيو ويندن ته) اوھين پنھنجي اِيمان (آڻڻ) کانپوءِ ڇو ڪافر ٿيؤ؟ پوءِ اُنھيءَ سببان جو اوھين ڪافر ٿيا ھيؤ عذاب (جو مزو) چکو. |
وَأَمَّا الَّذينَ ابيَضَّت وُجوهُهُم فَفى رَحمَةِ اللَّهِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 107) |
۽ جن جا منھن اڇا ھوندا سي الله جي رحمت ھيٺ رھندا، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا ھوندا. |
تِلكَ ءايٰتُ اللَّهِ نَتلوها عَلَيكَ بِالحَقِّ وَمَا اللَّهُ يُريدُ ظُلمًا لِلعٰلَمينَ (آيت : 108) |
(اي پيغمبر) اِھي الله جون آيتون آھن جي (اسين) توتي سچيءَ طرح پڙھون ٿا، ۽ الله جھانن لاءِ ظُلم ڪرڻ نه گھرندو آھي. |
وَلِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَإِلَى اللَّهِ تُرجَعُ الأُمورُ (آيت : 109) |
۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي (سو خاص) الله جو آھي، ۽ (سڀ) ڪم الله ڏانھن موٽايا ويندا. |
كُنتُم خَيرَ أُمَّةٍ أُخرِجَت لِلنّاسِ تَأمُرونَ بِالمَعروفِ وَتَنهَونَ عَنِ المُنكَرِ وَتُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَلَو ءامَنَ أَهلُ الكِتٰبِ لَكانَ خَيرًا لَهُم مِنهُمُ المُؤمِنونَ وَأَكثَرُهُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 110) |
اوھين اھڙي ڀَلي اُمت ماڻھن لاءِ پيدا ٿيل آھيو جو چڱن ڪمن جو حُڪم ڪندا آھيو ۽ مدن ڪمن کان جھليندا آھيو ۽ الله کي مڃيندا آھيو، ۽ جيڪڏھن ڪتاب وارا ايمان آڻين ھا ته ضرور کين ڀَلو ھُجي ھا، منجھانئن ڪي مؤمن آھن ۽ منجھانئن گھڻا بي دين آھن. |
لَن يَضُرّوكُم إِلّا أَذًى وَإِن يُقٰتِلوكُم يُوَلّوكُمُ الأَدبارَ ثُمَّ لا يُنصَرونَ (آيت : 111) |
(اِھي زباني) اِيذاءُ کانسواءِ اوھان کي ڪڏھن ڏکوئي نه سگھندا، ۽ جيڪڏھن اوھان سان وڙھندا ته اوھان کي پُٺي ڏيئي ڀڄندا، وري مدد نه ڏبن. |
ضُرِبَت عَلَيهِمُ الذِّلَّةُ أَينَ ما ثُقِفوا إِلّا بِحَبلٍ مِنَ اللَّهِ وَحَبلٍ مِنَ النّاسِ وَباءو بِغَضَبٍ مِنَ اللَّهِ وَضُرِبَت عَلَيهِمُ المَسكَنَةُ ذٰلِكَ بِأَنَّهُم كانوا يَكفُرونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَيَقتُلونَ الأَنبِياءَ بِغَيرِ حَقٍّ ذٰلِكَ بِما عَصَوا وَكانوا يَعتَدونَ (آيت : 112) |
الله جي ذمي ۽ ماڻھن جي پناھ کانسواءِ جتي لڌا ويندا اُتي مٿن خواري ھنئي ويئي آھي ۽ الله جي ڏمر ھيٺ وري وريا ۽ مٿن محتاجي ھنئي ويئي آھي، اِھا (سزا) ھن سببان آھي جو الله جي آيتن کي نه ٿي مڃيائون ۽ پيغمبرن کي ناحق ٿي ڪُٺائون، اِھي (عادتون) اِنھيءَ سبب آھن جو بي فرماني ڪيائون ۽ حد کان لنگھندڙ ھئا. |
لَيسوا سَواءً مِن أَهلِ الكِتٰبِ أُمَّةٌ قائِمَةٌ يَتلونَ ءايٰتِ اللَّهِ ءاناءَ الَّيلِ وَهُم يَسجُدونَ (آيت : 113) |
اِھي (سڀ) ھڪ جھڙا نه آھن، ڪتاب وارن مان ھڪڙي اھڙي سڌي ٽولي آھي جو الله جون آيتون رات جي وقتن ۾ پڙھندا آھن ۽ اُھي نماز (به) پڙھندا آھن. |
يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَيَأمُرونَ بِالمَعروفِ وَيَنهَونَ عَنِ المُنكَرِ وَيُسٰرِعونَ فِى الخَيرٰتِ وَأُولٰئِكَ مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 114) |
الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيندا آھن ۽ چڱن ڪمن جو حڪم ڪندا آھن ۽ مَدن ڪمن کان جھليندا آھن ۽ چڱاين (يعني دين مڃڻ) ۾ اڳرائي ڪندا آھن، ۽ اِھي ڀلارن مان آھن. |
وَما يَفعَلوا مِن خَيرٍ فَلَن يُكفَروهُ وَاللَّهُ عَليمٌ بِالمُتَّقينَ (آيت : 115) |
۽ جيڪا ڪا به چڱائي ڪندا آھن تنھن جي بي قدري پٽيءَ نه ڪبي، ۽ الله پرھيزگارن کي ڄاڻندڙ آھي. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا لَن تُغنِىَ عَنهُم أَموٰلُهُم وَلا أَولٰدُهُم مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا وَأُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 116) |
جن اِنڪار ڪيو تن کان نڪي سندن مال سندن اولاد الله جو ڪُجھ (عذاب) ٽاري سگھندا، ۽ اُھي دوزخي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن. |
مَثَلُ ما يُنفِقونَ فى هٰذِهِ الحَيوٰةِ الدُّنيا كَمَثَلِ ريحٍ فيها صِرٌّ أَصابَت حَرثَ قَومٍ ظَلَموا أَنفُسَهُم فَأَهلَكَتهُ وَما ظَلَمَهُمُ اللَّهُ وَلٰكِن أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 117) |
ھن دنيا جي حياتيءَ ۾ جيڪي (رياءُ لاءِ) خرچيندا آھن تنھن جو مثال اُنھيءَ واءُ جي مثال وانگر آھي جنھن ۾ پارو ھجي جو اُن ٽوليءَ جي پوکه کي پھچي جن پاڻ تي ظلم ڪيو پوءِ اُن (سندن پوکه) کي ناس ڪري، ۽ الله ساڻن ظلم نه ڪيو آھي پر اُھي پاڻ تي ظلم ڪن ٿا. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّخِذوا بِطانَةً مِن دونِكُم لا يَألونَكُم خَبالًا وَدّوا ما عَنِتُّم قَد بَدَتِ البَغضاءُ مِن أَفوٰهِهِم وَما تُخفى صُدورُهُم أَكبَرُ قَد بَيَّنّا لَكُمُ الءايٰتِ إِن كُنتُم تَعقِلونَ (آيت : 118) |
اي اِيمان وارؤ پنھنجن (مسلمانن) کانسواءِ ٻين (قومن) کي ڳجھو دوست ڪري نه مڃيو (جو) اوھان جي خرابي ڪرڻ ۾ ڪا گھٽتائي نه ڪندا آھن، اوھان جي ڏکه کي دوست رکيائون، بيشڪ سندن واتن مان دشمني پڌري ٿي آھي، ۽ جيڪي (ضد) سندن سينن لڪايو آھي سو تمام وڏو آھي، بيشڪ اسان اوھان لاءِ نشانيون بيان ڪيون آھن جيڪڏھن سمجھندا آھيو. |
هٰأَنتُم أُولاءِ تُحِبّونَهُم وَلا يُحِبّونَكُم وَتُؤمِنونَ بِالكِتٰبِ كُلِّهِ وَإِذا لَقوكُم قالوا ءامَنّا وَإِذا خَلَوا عَضّوا عَلَيكُمُ الأَنامِلَ مِنَ الغَيظِ قُل موتوا بِغَيظِكُم إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 119) |
اوھين اُھي آھيو جو اُنھن کي دوست رکندا آھيو ۽ اُھي اوھان کي دوست نه رکندا آھن ۽ اوھين الله جي سڄي ڪتاب کي مڃيندا آھيو، ۽ جڏھن اوھان کي مِلن ٿا (تڏھن) چون ٿا ته مڃيوسين، ۽ جڏھن ھيڪلا ٿين ٿا (تڏھن) اوھان تي ڪاوڙ کان آڱرين کي چٻين ٿا، (اي پيغمبر کين) چؤ ته (اوھين) پنھنجيءَ ڪاوڙ سببان مرو، ڇوته الله سينن وارو (ڀيد) ڄاڻندو آھي. |
إِن تَمسَسكُم حَسَنَةٌ تَسُؤهُم وَإِن تُصِبكُم سَيِّئَةٌ يَفرَحوا بِها وَإِن تَصبِروا وَتَتَّقوا لا يَضُرُّكُم كَيدُهُم شَيـًٔا إِنَّ اللَّهَ بِما يَعمَلونَ مُحيطٌ (آيت : 120) |
(اي مؤمنؤ) جيڪڏھن اوھان کي ڪا چڱائي پھچندي آھي ته کين ڏکوئيندي آھي، ۽ جيڪڏھن اوھان کي ڪو ڏکه پھچندو آھي ته اُن سببان سرھا ٿيندا آھن، ۽ جيڪڏھن اوھين صبر ڪريو ۽ پرھيزگاري ڪريو ته سندن مڪر اوھان کي ڪجھ به نه ڏکوئيندو، ڇوته جيڪي ڪندا آھن تنھن کي الله گھيرو ڪندڙ آھي. |
وَإِذ غَدَوتَ مِن أَهلِكَ تُبَوِّئُ المُؤمِنينَ مَقٰعِدَ لِلقِتالِ وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 121) |
(اي پيغمبر ياد ڪر)جنھن مھل (تون) پنھنجي گھر مان سويرو نڪتين جو مؤمنن کي جنگ لاءِ مورچن تي وھاريئي ٿي، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي. |
إِذ هَمَّت طائِفَتانِ مِنكُم أَن تَفشَلا وَاللَّهُ وَلِيُّهُما وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 122) |
(ياد ڪر) جنھن مھل اوھان مان ٻن ٽولين بي ھمت ٿيڻ جو ارادو ڪيو ۽ الله سندن مددگار ھو، ۽ مؤمنن کي جڳائي ته الله تي ڀروسو ڪن. |
وَلَقَد نَصَرَكُمُ اللَّهُ بِبَدرٍ وَأَنتُم أَذِلَّةٌ فَاتَّقُوا اللَّهَ لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 123) |
۽ بيشڪ الله اوھان کي اُنھيءَ حالت ۾ جو اوھين بي زور ھيؤ بدر ۾ سوڀ ڏني، پوءِ الله کان ڊڄو مانَ اوھين شڪر ڪريو. |
إِذ تَقولُ لِلمُؤمِنينَ أَلَن يَكفِيَكُم أَن يُمِدَّكُم رَبُّكُم بِثَلٰثَةِ ءالٰفٍ مِنَ المَلٰئِكَةِ مُنزَلينَ (آيت : 124) |
(اي پيغمبر اُنھيءَ مھل کي ياد ڪر) جنھن مھل تو مؤمنن کي چيو ٿي ته اوھان کي اوھان جي پالڻھار جي ٽن ھزارن ملائڪن (آسمان کان) لاٿلن سان مدد ڪرڻ ڪافي نه آھي ڇا؟ |
بَلىٰ إِن تَصبِروا وَتَتَّقوا وَيَأتوكُم مِن فَورِهِم هٰذا يُمدِدكُم رَبُّكُم بِخَمسَةِ ءالٰفٍ مِنَ المَلٰئِكَةِ مُسَوِّمينَ (آيت : 125) |
ھائو جيڪڏھن اوھين صبر ڪريو ۽ پرھيزگار بڻجو ۽ ھڪدم اھي (ڪافر) اوھان تي اچي ڪڙڪن ته اوھان جو پاڻھار پنجن ھزارن ملائڪن نشان ڪيلن سان اوھان کي مدد ڏيندو. |
وَما جَعَلَهُ اللَّهُ إِلّا بُشرىٰ لَكُم وَلِتَطمَئِنَّ قُلوبُكُم بِهِ وَمَا النَّصرُ إِلّا مِن عِندِ اللَّهِ العَزيزِ الحَكيمِ (آيت : 126) |
۽ الله اُن (مدد) کي رڳو اوھان جي خوشخبريءَ لاءِ ڪيو آھي ۽ ھن لاءِ ته اوھان جون دليون اُن سان (ڀَلي ته) آرام وٺن، ۽ الله غالب حڪمت واري جي پار کانسواءِ ڪا مدد (ملڻي) نه آھي. |
لِيَقطَعَ طَرَفًا مِنَ الَّذينَ كَفَروا أَو يَكبِتَهُم فَيَنقَلِبوا خائِبينَ (آيت : 127) |
(۽) ھن لاءِ ته ھڪڙو پاسو (يعني ڀاڱو) ڪافرن جو ڇني ڇڏي يا کين ھيڻو ڪري ڇڏي ته بي نصيب ٿي ڦِرن. |
لَيسَ لَكَ مِنَ الأَمرِ شَيءٌ أَو يَتوبَ عَلَيهِم أَو يُعَذِّبَهُم فَإِنَّهُم ظٰلِمونَ (آيت : 128) |
(اي پيغمبر) اُن ڪم ۾ تنھنجو ڪو واسطو نه آھي (خداءِ) يا مٿن ٻاجھ سان موٽندو يا کين عذاب ڪندو ڇو ته اُھي ظالم آھن. |
وَلِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ يَغفِرُ لِمَن يَشاءُ وَيُعَذِّبُ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 129) |
۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي (سو خاص) الله جو آھي، جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي بخشيندو آھي ۽ جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي عذاب ڪندو آھي، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَأكُلُوا الرِّبوٰا۟ أَضعٰفًا مُضٰعَفَةً وَاتَّقُوا اللَّهَ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 130) |
اي ايمان وارؤ (اوھين) وياج ٻيڻو چؤڻو نه کائو، ۽ الله کان ڊڄو مانَ اوھين ڇٽو. |
وَاتَّقُوا النّارَ الَّتى أُعِدَّت لِلكٰفِرينَ (آيت : 131) |
۽ اُن باھ کان ڊڄو جا ڪافرن لاءِ تيار ڪئي ويئي آھي. |
وَأَطيعُوا اللَّهَ وَالرَّسولَ لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 132) |
۽ الله ۽ رسول جي فرمانبرداري ڪريو ته مانَ اوھان تي ٻاجھ ڪئي وڃي. |
وَسارِعوا إِلىٰ مَغفِرَةٍ مِن رَبِّكُم وَجَنَّةٍ عَرضُهَا السَّمٰوٰتُ وَالأَرضُ أُعِدَّت لِلمُتَّقينَ (آيت : 133) |
۽ (اوھين) پنھنجي پالڻھار جي بخشش ۽ اُنھيءَ بھشت ڏانھن اڳرائي ڪريو جنھن جي ويڪر آسمانن ۽ زمين جيتري آھي اُنھن پرھيزگارن لاءِ تيار ڪيو ويو. |
الَّذينَ يُنفِقونَ فِى السَّرّاءِ وَالضَّرّاءِ وَالكٰظِمينَ الغَيظَ وَالعافينَ عَنِ النّاسِ وَاللَّهُ يُحِبُّ المُحسِنينَ (آيت : 134) |
جيڪي سُک ۽ ڏک ۾ (الله ڪارڻ) خرچيندا آھن ۽ ڪاوڙ کي کائيندڙ ۽ ماڻھن (جي ڏوہ) کان ٽارو ڪندڙ آھن، ۽ الله ڀلارن کي دوست رکندو آھي. |
وَالَّذينَ إِذا فَعَلوا فٰحِشَةً أَو ظَلَموا أَنفُسَهُم ذَكَرُوا اللَّهَ فَاستَغفَروا لِذُنوبِهِم وَمَن يَغفِرُ الذُّنوبَ إِلَّا اللَّهُ وَلَم يُصِرّوا عَلىٰ ما فَعَلوا وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 135) |
۽ اُھي جڏھن ڪو بي حيائيءَ جو ڪم ڪندا آھن يا پاڻ تي ظلم ڪندا آھن (تڏھن) الله کي ياد ڪندا آھن ۽ پنھنجن گناھن جي بخشش گھرندا آھن، ۽ الله کانسواءِ ڪير گناہ بخشيندو؟ ۽ جيڪي ڪيائون تنھن تي ڄاڻي ٻجھي ھميشگي نه ڪندا آھن. |
أُولٰئِكَ جَزاؤُهُم مَغفِرَةٌ مِن رَبِّهِم وَجَنّٰتٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَنِعمَ أَجرُ العٰمِلينَ (آيت : 136) |
اُنھن جو اَجر سندن پالڻھار وٽان بخشش ۽ بھشت آھن جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن منجھن سدائين رھڻ وارا آھن، ۽ ڪمائيندڙن جو اَجر چَڱو آھي. |
قَد خَلَت مِن قَبلِكُم سُنَنٌ فَسيروا فِى الأَرضِ فَانظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُكَذِّبينَ (آيت : 137) |
بيشڪ اوھان کان اڳ ڪيترا واقعا گذريا آھن پوءِ (اوھين) ملڪ ۾ گھمو ڦرو پوءِ نھاريو ته نه مڃيندڙن جي پڇاڙي ڪئن ھئي. |
هٰذا بَيانٌ لِلنّاسِ وَهُدًى وَمَوعِظَةٌ لِلمُتَّقينَ (آيت : 138) |
ھيءُ ماڻھن لاءِ بيان آھي ۽ پرھيزگارن لاءِ ھدايت ۽ نصيحت آھي. |
وَلا تَهِنوا وَلا تَحزَنوا وَأَنتُمُ الأَعلَونَ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 139) |
۽ نڪي سُست ٿيو ۽ نڪي غمگين ٿيو ۽ جيڪڏھن مؤمن آھيو ته (رڳو) اوھين غالب (ٿيڻ وارا) آھيو. |
إِن يَمسَسكُم قَرحٌ فَقَد مَسَّ القَومَ قَرحٌ مِثلُهُ وَتِلكَ الأَيّامُ نُداوِلُها بَينَ النّاسِ وَلِيَعلَمَ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا وَيَتَّخِذَ مِنكُم شُهَداءَ وَاللَّهُ لا يُحِبُّ الظّٰلِمينَ (آيت : 140) |
جيڪڏھن اوھان کي (اُحُد ۾) ڪو گھاءُ پھتو آھي ته بيشڪ اُن جھڙو گھاءُ ڪافرن کي (بَدۡر ۾) پُھتو ھو، ۽ ھيءُ اھڙا واقعا آھن جو (اسين) اُنھن ماڻھن جي وچ ۾ ڦيرائيندا آھيون (ته نصيحت وٺن)، ۽ ھن لاءِ ته الله مؤمنن کي نِکيڙي ۽ اوھان مان ڪن کي شھيد ڪري، ۽ الله ظالمن کي دوست نه رکندو آھي. |
وَلِيُمَحِّصَ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا وَيَمحَقَ الكٰفِرينَ (آيت : 141) |
۽ ھن لاءِ ته الله مؤمنن کي کرو ڪري ۽ ڪافرن کي ناس ڪري. |
أَم حَسِبتُم أَن تَدخُلُوا الجَنَّةَ وَلَمّا يَعلَمِ اللَّهُ الَّذينَ جٰهَدوا مِنكُم وَيَعلَمَ الصّٰبِرينَ (آيت : 142) |
اوھان بھشت ۾ گِھڙڻ جو گمان ڪيو آھي ڇا؟ ھن ھوندي جو الله اڃا اوھان مان مجاھدن کي نه نِکيڙيو آھي ۽ نڪي صابرن کي نِکيڙيو آھي. |
وَلَقَد كُنتُم تَمَنَّونَ المَوتَ مِن قَبلِ أَن تَلقَوهُ فَقَد رَأَيتُموهُ وَأَنتُم تَنظُرونَ (آيت : 143) |
۽ بيشڪ اوھين موت کي اُن جي ملڻ کان اڳ گھُرندا ھيؤ، پوءِ بيشڪ ان کي ڏٺوَ ۽ اوھين نھاريندا ھيؤ. |
وَما مُحَمَّدٌ إِلّا رَسولٌ قَد خَلَت مِن قَبلِهِ الرُّسُلُ أَفَإِي۟ن ماتَ أَو قُتِلَ انقَلَبتُم عَلىٰ أَعقٰبِكُم وَمَن يَنقَلِب عَلىٰ عَقِبَيهِ فَلَن يَضُرَّ اللَّهَ شَيـًٔا وَسَيَجزِى اللَّهُ الشّٰكِرينَ (آيت : 144) |
۽ ﷴ (ﷺ الله جو) پيغمبر آھي، بيشڪ اُن کان اڳ ڪيترا پيغمبر گذري ويا، پوءِ جيڪڏھن (اُھو) مري وڃي يا قتل ٿئي ته (اوھين) پنھنجين کڙين (ڀَر پوءِ) تي ڦرندؤ ڇا؟ ۽ جيڪو پنھنجين کڙين (ڀَرپوءِ) تي ڦرندو سو الله کي ڪجھ نقصان ڪڏھن نه لائيندو، ۽ الله شاڪرن (احسان مڃيندڙن) کي ستت ثواب ڏيندو. |
وَما كانَ لِنَفسٍ أَن تَموتَ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ كِتٰبًا مُؤَجَّلًا وَمَن يُرِد ثَوابَ الدُّنيا نُؤتِهِ مِنها وَمَن يُرِد ثَوابَ الءاخِرَةِ نُؤتِهِ مِنها وَسَنَجزِى الشّٰكِرينَ (آيت : 145) |
۽ الله جي ٺھرايل وقت لکيل حُڪم کانسواءِ ڪنھن کي مرڻو نه آھي، ۽ جيڪو دنيا جو ثواب گھرندو تنھن کي اُن مان ڏينداسون، ۽ جيڪو آخرت جو ثواب گھرندو تنھن کي اُن مان ڏينداسون، ۽ شاڪرن کي (چڱو) ثواب ستت ڏينداسون. |
وَكَأَيِّن مِن نَبِىٍّ قٰتَلَ مَعَهُ رِبِّيّونَ كَثيرٌ فَما وَهَنوا لِما أَصابَهُم فى سَبيلِ اللَّهِ وَما ضَعُفوا وَمَا استَكانوا وَاللَّهُ يُحِبُّ الصّٰبِرينَ (آيت : 146) |
۽ پيغمبرن مان گھڻا (ڪافرن سان) وڙھيا ساڻن گھڻا خداءِ وارا ھئا، پوءِ جيڪي الله جي واٽ ۾ کين پھتو تنھن سببان نڪي سُست ٿيا ۽ نڪي ھيڻا ٿيا ۽ نڪي عاجزي ڪيائون، ۽ الله صابرن کي دوست رکندو آھي. |
وَما كانَ قَولَهُم إِلّا أَن قالوا رَبَّنَا اغفِر لَنا ذُنوبَنا وَإِسرافَنا فى أَمرِنا وَثَبِّت أَقدامَنا وَانصُرنا عَلَى القَومِ الكٰفِرينَ (آيت : 147) |
۽ سندن چوڻ (ھن) چوڻ کانسواءِ نه ھو ته اي اسان جا پالڻھار اسان کي اسان جاگناہ (بخش) ۽ اسان جي ڪم ۾ اسان جي بيجا ھلت بخش ۽ اسان جا پير ثابت رک ۽ اسان کي ڪافرن جي ٽوليءَ تي فتح ڏي. |
فَـٔاتىٰهُمُ اللَّهُ ثَوابَ الدُّنيا وَحُسنَ ثَوابِ الءاخِرَةِ وَاللَّهُ يُحِبُّ المُحسِنينَ (آيت : 148) |
پوءِ الله کين دنيا جو ثواب ۽ آخرت جو چڱو ثواب ڏنو، ۽ الله ڀلارن کي دوست رکندو آھي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِن تُطيعُوا الَّذينَ كَفَروا يَرُدّوكُم عَلىٰ أَعقٰبِكُم فَتَنقَلِبوا خٰسِرينَ (آيت : 149) |
اي اِيمان وارؤ جيڪڏھن اوھين ڪافرن جو چيو مڃيندؤ ته اوھان کي اوھان جي کڙين (ڀَرپوءِ) تي ڦيرائيندا پوءِ اوھين ڦِري ڇيئي وارا ٿيندؤ. |
بَلِ اللَّهُ مَولىٰكُم وَهُوَ خَيرُ النّٰصِرينَ (آيت : 150) |
بلڪ الله اوھان جو سائين آھي، ۽ اُھو چڱو مدد ڏيندڙ آھي. |
سَنُلقى فى قُلوبِ الَّذينَ كَفَرُوا الرُّعبَ بِما أَشرَكوا بِاللَّهِ ما لَم يُنَزِّل بِهِ سُلطٰنًا وَمَأوىٰهُمُ النّارُ وَبِئسَ مَثوَى الظّٰلِمينَ (آيت : 151) |
ڪافرن جي دلين ۾ ھن سببان سگھو دھشت وجھنداسون جو الله سان اھڙيءَ شيءِ کي شريڪ ڪيائون جنھن لاءِ الله ڪا سَنَد نه لاٿي آھي، ۽ سندن جاءِ باہ آھي، ۽ (اُھو) ظالمن جو ھنڌ بڇڙو آھي. |
وَلَقَد صَدَقَكُمُ اللَّهُ وَعدَهُ إِذ تَحُسّونَهُم بِإِذنِهِ حَتّىٰ إِذا فَشِلتُم وَتَنٰزَعتُم فِى الأَمرِ وَعَصَيتُم مِن بَعدِ ما أَرىٰكُم ما تُحِبّونَ مِنكُم مَن يُريدُ الدُّنيا وَمِنكُم مَن يُريدُ الءاخِرَةَ ثُمَّ صَرَفَكُم عَنهُم لِيَبتَلِيَكُم وَلَقَد عَفا عَنكُم وَاللَّهُ ذو فَضلٍ عَلَى المُؤمِنينَ (آيت : 152) |
۽ بيشڪ الله اوھان سان پنھنجو وعدو سچو ڪيو آھي جڏھن ته اُنھن (ڪافرن) کي ايستائين سندس حُڪم سان ڪُٺوَ، جيستائين بي ھمت ٿيؤ ۽ ڪم (پوري ڪرڻ) ۾ تڪرار ڪيوَ ۽ جيڪي دوست رکندا ھيؤ سو اوھان کي ڏيکاريائين تنھن کانپوءِ بي فرماني ڪيوَ، اوھان مان ڪو (اھڙو) آھي جو دُنيا کي گھرندو آھي ۽ اوھان مان ڪو (اھڙو) آھي جو آخرت کي گھرندو آھي، وري اوھان کي اُنھن کان ھن لاءِ ڦيرايائين ته اوھان کي پرکي، ۽ بيشڪ اوھان کي معافي ڏنائين، ۽ الله مؤمنن تي فضل ڪرڻ وارو آھي. |
إِذ تُصعِدونَ وَلا تَلوۥنَ عَلىٰ أَحَدٍ وَالرَّسولُ يَدعوكُم فى أُخرىٰكُم فَأَثٰبَكُم غَمًّا بِغَمٍّ لِكَيلا تَحزَنوا عَلىٰ ما فاتَكُم وَلا ما أَصٰبَكُم وَاللَّهُ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 153) |
جڏھن اوھين پري ٿي ڀَڳؤ ۽ ڪنھن ھڪ تي (ڪنڌ ڦيري) نه ٿي واجھايوَ ۽ پيغمبر اوھان کي اوھان جي پُٺيان سڏيندو رھيو پوءِ (خداءِ) اوھان کي ڏک تي ڏک جو بدلو ڏنو (اِھو) ھن لاءِ ته جيڪي اوھان کان ٿي ويو نڪي تنھن تي ۽ جيڪي اوھان کي پھتو نڪي تنھن تي غمگين ٿيو، ۽ جيڪي اوھان ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي. |
ثُمَّ أَنزَلَ عَلَيكُم مِن بَعدِ الغَمِّ أَمَنَةً نُعاسًا يَغشىٰ طائِفَةً مِنكُم وَطائِفَةٌ قَد أَهَمَّتهُم أَنفُسُهُم يَظُنّونَ بِاللَّهِ غَيرَ الحَقِّ ظَنَّ الجٰهِلِيَّةِ يَقولونَ هَل لَنا مِنَ الأَمرِ مِن شَيءٍ قُل إِنَّ الأَمرَ كُلَّهُ لِلَّهِ يُخفونَ فى أَنفُسِهِم ما لا يُبدونَ لَكَ يَقولونَ لَو كانَ لَنا مِنَ الأَمرِ شَيءٌ ما قُتِلنا هٰهُنا قُل لَو كُنتُم فى بُيوتِكُم لَبَرَزَ الَّذينَ كُتِبَ عَلَيهِمُ القَتلُ إِلىٰ مَضاجِعِهِم وَلِيَبتَلِىَ اللَّهُ ما فى صُدورِكُم وَلِيُمَحِّصَ ما فى قُلوبِكُم وَاللَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 154) |
وري ڏک کانپوءِ اوھان تي آرام (جا) اوجھراڪي (ھئي) لاٿائين جو اوھان مان ھڪ ٽوليءَ کي ڍڪيندي رھي ۽ ٻي ٽولي ھئي جنھن کي سندن نفسن غمگين ڪيو ھو ناحق جاھليت جو گمان الله تي ڀانيائون ٿي، چيائون ٿي ته اسان لاءِ اِنھيءَ ڪم مان ڇا ڪجھ (ٿيڻو) آھي، (اي پيغمبر) چؤ ته سڀ اختيار الله جو ئي آھي، جيڪي توتي پڌرو نه ڪندا آھن سو پنھنجين دلين ۾ لڪائيندا آھن، چوندا آھن ته جيڪڏھن اسان جي وس ۾ ڪجھ به ڪم ھجي ھا ته اسين ھِتِ نه ڪُسون ھا، (اي پيغمبر کين) چؤ ته جيڪڏھن اوھين پنھنجن گھرن ۾ ھجو ھا ته جن ڪُسڻ لکيل ھو سي ضرور پنھنجي ڪوس جي جاين ڏانھن نڪرن ھا، ۽ (ھن لاءِ) ته جيڪي اوھان جي سينن ۾ آھي سو الله پرکي ۽ جيڪي اوھان جي دلين ۾ آھي سو کرو ڪري، ۽ الله سينن وارو (ڀيد) ڄاڻندڙ آھي. |
إِنَّ الَّذينَ تَوَلَّوا مِنكُم يَومَ التَقَى الجَمعانِ إِنَّمَا استَزَلَّهُمُ الشَّيطٰنُ بِبَعضِ ما كَسَبوا وَلَقَد عَفَا اللَّهُ عَنهُم إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ حَليمٌ (آيت : 155) |
اوھان مان جن اُنھيءَ ڏينھن مُنھن موڙيو جو ٻه ٽوليون (ھڪ ٻئي جي) سامھون ٿيون ته اُنھن کي شيطان سندن ڪجھ ڪِئي جي شامت کان سواءِ نه ٿيڙيو، ۽ بيشڪ الله اُنھن کي معافي ڏني، ڇوته الله بخشڻھار بُردبار آھي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَكونوا كَالَّذينَ كَفَروا وَقالوا لِإِخوٰنِهِم إِذا ضَرَبوا فِى الأَرضِ أَو كانوا غُزًّى لَو كانوا عِندَنا ما ماتوا وَما قُتِلوا لِيَجعَلَ اللَّهُ ذٰلِكَ حَسرَةً فى قُلوبِهِم وَاللَّهُ يُحيۦ وَيُميتُ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 156) |
اي ايمان وارؤ اُنھن ڪافرن وانگر نه ٿيو جي پنھنجن ڀائرن لاءِ جڏھن اُھي ملڪ ۾ مسافري ڪن يا لڙائي ڪندڙ ھجن (تڏھن) چون ٿا ته جيڪڏھن اسان وٽ ھجن ھا ته نه مرن ھا ۽ نڪي ڪُسن ھا، ته الله اُھو اَرمان سندن دلين ۾ ڪري، ۽ الله جياريندو ۽ ماريندو آھي، ۽ جيڪي اوھين ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي. |
وَلَئِن قُتِلتُم فى سَبيلِ اللَّهِ أَو مُتُّم لَمَغفِرَةٌ مِنَ اللَّهِ وَرَحمَةٌ خَيرٌ مِمّا يَجمَعونَ (آيت : 157) |
۽ جيڪڏھن اوھين الله جي واٽ ۾ ڪُسي پيؤ يا مري پيؤ ته جيڪي گڏ ڪندا آھن تنھن کان الله جي بخشش ۽ ٻاجھ (بلڪل) ڀلي آھي. |
وَلَئِن مُتُّم أَو قُتِلتُم لَإِلَى اللَّهِ تُحشَرونَ (آيت : 158) |
۽ جيڪڏھن (اوھين) مري وڃو يا ڪُسي پئو ته ضرور الله ڏانھن گڏ ڪيا ويندؤ. |
فَبِما رَحمَةٍ مِنَ اللَّهِ لِنتَ لَهُم وَلَو كُنتَ فَظًّا غَليظَ القَلبِ لَانفَضّوا مِن حَولِكَ فَاعفُ عَنهُم وَاستَغفِر لَهُم وَشاوِرهُم فِى الأَمرِ فَإِذا عَزَمتَ فَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُتَوَكِّلينَ (آيت : 159) |
پوءِ (اي پيغمبر) الله جي ٻاجھ سببان اُنھن لاءِ نرم ٿيو آھين، ۽ جيڪڏھن ڪاوڙيل سخت سخت دل ھجين ھا ته ضرور تنھنجي آسپاس کان ڀڄي اُٿن ھا، پوءِ کين معافي ڏي ۽ اُنھن لاءِ بخشش گھُر ۽ ساڻن ڪم ۾ صلاح ڪر، پوءِ جڏھن تون پڪو اِرادو ڪرين تڏھن الله تي ڀروسو ڪر، ڇوته الله ڀروسي ڪرڻ وارن کي دوست رکندو آھي. |
إِن يَنصُركُمُ اللَّهُ فَلا غالِبَ لَكُم وَإِن يَخذُلكُم فَمَن ذَا الَّذى يَنصُرُكُم مِن بَعدِهِ وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 160) |
جيڪڏھن الله اوھان کي مدد ڏيندو ته اوھان تي ڪو غالب (ٿيڻو) نه آھي، ۽ جيڪڏھن اوھان کي مدد نه ڏيندو ته اُن کانپوءِ ڪير اوھان کي مدد ڏيندو؟ ۽ مؤمنن کي جڳائي ته الله تي ڀروسو ڪن. |
وَما كانَ لِنَبِىٍّ أَن يَغُلَّ وَمَن يَغلُل يَأتِ بِما غَلَّ يَومَ القِيٰمَةِ ثُمَّ تُوَفّىٰ كُلُّ نَفسٍ ما كَسَبَت وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 161) |
۽ ڪنھين پيغمبر کي (غنيمت جي مال ۾) خيانت ڪرڻ نه جڳائي، ۽ جيڪو خيانت ڪندو سو جيڪا شيء خيانت ڪيائين تنھن سميت قيامت جي ڏينھن ايندو، پوءِ سڀڪنھن ماڻھوءَ جيڪي ڪمايو تنھن جو پورو بدلو کيس ڏنو ويندو ۽ اُنھن تي ظلم نه ڪبو. |
أَفَمَنِ اتَّبَعَ رِضوٰنَ اللَّهِ كَمَن باءَ بِسَخَطٍ مِنَ اللَّهِ وَمَأوىٰهُ جَهَنَّمُ وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 162) |
جيڪو الله جي رضامنديءَ جي پٺيان لڳو سو اُن جھڙو آھي ڇا؟ جيڪو الله جي ڪاوڙ ھيٺ ڦري آيو ۽ سندس جاءِ دوزخ آھي، ۽ (اُھو) ورڻ جو ھنڌ بُڇڙو آھي. |
هُم دَرَجٰتٌ عِندَ اللَّهِ وَاللَّهُ بَصيرٌ بِما يَعمَلونَ (آيت : 163) |
اُھي الله وٽ (وڏن) درجن وارا آھن، ۽ جيڪي ڪندا آھن سو الله ڏسندڙ آھي. |
لَقَد مَنَّ اللَّهُ عَلَى المُؤمِنينَ إِذ بَعَثَ فيهِم رَسولًا مِن أَنفُسِهِم يَتلوا عَلَيهِم ءايٰتِهِ وَيُزَكّيهِم وَيُعَلِّمُهُمُ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَإِن كانوا مِن قَبلُ لَفى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 164) |
بيشڪ الله مؤمنن تي وڏو احسان ڪيو آھي جڏھن ته انھن ۾ سندن قوم مان پيغمبر موڪليائين جو کين سندس آيتون پڙھي ٻڌائيندو آھي ۽ کين پاڪ ڪندو آھي ۽ کين ڪتاب ۽ دانائي سيکاريندو آھي، بيشڪ ھن کان اڳ پڌريءَ ڀل ۾ (ڀليل) ھؤا. |
أَوَلَمّا أَصٰبَتكُم مُصيبَةٌ قَد أَصَبتُم مِثلَيها قُلتُم أَنّىٰ هٰذا قُل هُوَ مِن عِندِ أَنفُسِكُم إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 165) |
۽ جڏھن اوھانکي (جنگ اُحد ۾) ڏک پھتو توڻيڪ (پنھنجن دشمنن کي) اُن جو ٻيڻو (ڏُک بَدۡر ۾) پھچايو ھيو ته به چيوَ ٿي ته ھي (مصيبت) ڪٿان (پھتي) آھي، (اي پيغمبر) چؤ ته اُھا اوھان کي پاڻ وٽان (پھتي) آھي، ڇوته الله سڀڪنھن شيء تي وسوارو آھي. |
وَما أَصٰبَكُم يَومَ التَقَى الجَمعانِ فَبِإِذنِ اللَّهِ وَلِيَعلَمَ المُؤمِنينَ (آيت : 166) |
۽ اُنھيءَ ڏينھن جو ٻه ٽوليون پاڻ ۾ سامھون ٿيون (تنھن ڏينھن) جيڪي اوھانکي پھتو سو الله جي حُڪم سان ھو ۽ ھن لاءِ ته مؤمنن کي نِکيڙي. |
وَلِيَعلَمَ الَّذينَ نافَقوا وَقيلَ لَهُم تَعالَوا قٰتِلوا فى سَبيلِ اللَّهِ أَوِ ادفَعوا قالوا لَو نَعلَمُ قِتالًا لَاتَّبَعنٰكُم هُم لِلكُفرِ يَومَئِذٍ أَقرَبُ مِنهُم لِلإيمٰنِ يَقولونَ بِأَفوٰهِهِم ما لَيسَ فى قُلوبِهِم وَاللَّهُ أَعلَمُ بِما يَكتُمونَ (آيت : 167) |
۽ منافقن کي به نِکيڙي، ۽ کين چيو ويو ته اچو الله جي واٽ ۾ وڙھو يا (ڪافرن کي) جواب ڪريو، چيائون ته جيڪڏھن اسان کي ڪنھن جنگ ٿيڻ جي خبر ھجي ھا ته ضرور اوھان سان ھجون ھا، اُھي اُن ڏينھن پاڻ اِيمان کان ڪفر ڏي بلڪل ويجھو ھؤا، پنھنجن واتن سان اُھي (ڳالھيون) چوندا آھن جيڪي سندين دلين ۾ نه آھن، ۽ جيڪي لڪائيندا آھن سو الله بلڪل ڄاڻندڙ آھي. |
الَّذينَ قالوا لِإِخوٰنِهِم وَقَعَدوا لَو أَطاعونا ما قُتِلوا قُل فَادرَءوا عَن أَنفُسِكُمُ المَوتَ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 168) |
(ته) اِھي اُھي آھن جن پنھنجن ڀائرن کي چيو ۽ ويٺا رھيا ته جيڪڏھن (اُھي) اسان جو چيو مڃن ھا ته نه ڪُسن ھا، (اي پيغمبر کين) چؤ ته جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته پاڻ کان موت کي ٽاريو. |
وَلا تَحسَبَنَّ الَّذينَ قُتِلوا فى سَبيلِ اللَّهِ أَموٰتًا بَل أَحياءٌ عِندَ رَبِّهِم يُرزَقونَ (آيت : 169) |
۽ جيڪي الله جي واٽ ۾ ڪُٺا ويا تن کي مئل پٽيءَ نه ڀانءِ، بلڪ (اُھي) جيئرا آھن (۽) پنھنجي پالڻھار وٽ روزي ڏنل آھن. |
فَرِحينَ بِما ءاتىٰهُمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ وَيَستَبشِرونَ بِالَّذينَ لَم يَلحَقوا بِهِم مِن خَلفِهِم أَلّا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 170) |
جيڪي الله اُنھن کي پنھنجي فضل سان ڏنو آھي تنھن (حال) سان خوش ٿيندڙ آھن ۽ جيڪي سندن پٺيان آھن تن مان جيڪي ساڻن نه گڏيا آھن اُنھن لاءِ ھن ڪري خوش ٿيندا آھن ته کين ڪو ڀؤ نه آھي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا. |
يَستَبشِرونَ بِنِعمَةٍ مِنَ اللَّهِ وَفَضلٍ وَأَنَّ اللَّهَ لا يُضيعُ أَجرَ المُؤمِنينَ (آيت : 171) |
الله جي نعمت ۽ فضل سان خوش ٿيندا آھن ۽ الله مؤمنن جو اجر نه وڃائيندو آھي. |
الَّذينَ استَجابوا لِلَّهِ وَالرَّسولِ مِن بَعدِ ما أَصابَهُمُ القَرحُ لِلَّذينَ أَحسَنوا مِنهُم وَاتَّقَوا أَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 172) |
جن پاڻ کي ڦٽ پھچڻ کان پوءِ به الله ۽ رسول جو حُڪم قبول ڪيو، انھن مان جن چڱائي ڪئي ۽ ڊنا تن لاءِ وڏو اجر آھي. |
الَّذينَ قالَ لَهُمُ النّاسُ إِنَّ النّاسَ قَد جَمَعوا لَكُم فَاخشَوهُم فَزادَهُم إيمٰنًا وَقالوا حَسبُنَا اللَّهُ وَنِعمَ الوَكيلُ (آيت : 173) |
جن کي ماڻھن چيو ته (ڪافرن) ماڻھن اوھان لاءِ لشڪر گڏ ڪيو آھي تنھن ڪري کانئن ڊڄو پوءِ (اُن چوڻ) ھٿون اُنھن جو ايمان وڌايو ۽ چيائون ته اسان کي الله ڪافي آھي ۽ (اُھو) چڱو وڪيل (ڀرجھلو) آھي. |
فَانقَلَبوا بِنِعمَةٍ مِنَ اللَّهِ وَفَضلٍ لَم يَمسَسهُم سوءٌ وَاتَّبَعوا رِضوٰنَ اللَّهِ وَاللَّهُ ذو فَضلٍ عَظيمٍ (آيت : 174) |
پوءِ (اُھي مسلمان) الله جي نعمت ۽ فضل سان موٽيا کين ڪا سختي نه پھتي ۽ الله جي راضپي پٺيان لڳا، ۽ الله وڏي فضل وارو آھي. |
إِنَّما ذٰلِكُمُ الشَّيطٰنُ يُخَوِّفُ أَولِياءَهُ فَلا تَخافوهُم وَخافونِ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 175) |
(اُھو اوھان کي جنگ کان جھليندڙ) شيطان کان سواءِ ٻيو نه آھي جو پنھنجن دوستن کي ڊيڄاريندو آھي، جيڪڏھن (اوھين) مؤمن آھيو ته اُنھن (ڪافرن) کان نه ڊڄو ۽ مون کان ڊڄو. |
وَلا يَحزُنكَ الَّذينَ يُسٰرِعونَ فِى الكُفرِ إِنَّهُم لَن يَضُرُّوا اللَّهَ شَيـًٔا يُريدُ اللَّهُ أَلّا يَجعَلَ لَهُم حَظًّا فِى الءاخِرَةِ وَلَهُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 176) |
۽ (اي پيغمبر) جيڪي ڪفر (جي سوڀ) ۾ اڳرائي ڪندا آھن سي توکي غمگين نه ڪن، ڇو ته اُھي الله کي ڪجھ به نقصان نه لائيندا، الله گھرندو آھي ته اُنھن کي آخرت ۾ ڪجھ بھرو نه ڏي، ۽ اُنھن لاءِ وڏو عذاب آھي. |
إِنَّ الَّذينَ اشتَرَوُا الكُفرَ بِالإيمٰنِ لَن يَضُرُّوا اللَّهَ شَيـًٔا وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 177) |
جن اِيمان جي بدران ڪفر ڳڌو سي الله کي ڪجھ به نقصان نه لائيندا، ۽ اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عڊاب آھي. |
وَلا يَحسَبَنَّ الَّذينَ كَفَروا أَنَّما نُملى لَهُم خَيرٌ لِأَنفُسِهِم إِنَّما نُملى لَهُم لِيَزدادوا إِثمًا وَلَهُم عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 178) |
۽ ڪافر (ھيءُ) نه ڀانئن ته کين اسان جي مُھلت ڏيڻ اُنھن لاءِ ڀلي آھي، اُنھن کي ھن کانسواءِ ڍر نه ڏني سون ته گناھ ۾ وڌن، ۽ انھن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آھي. |
ما كانَ اللَّهُ لِيَذَرَ المُؤمِنينَ عَلىٰ ما أَنتُم عَلَيهِ حَتّىٰ يَميزَ الخَبيثَ مِنَ الطَّيِّبِ وَما كانَ اللَّهُ لِيُطلِعَكُم عَلَى الغَيبِ وَلٰكِنَّ اللَّهَ يَجتَبى مِن رُسُلِهِ مَن يَشاءُ فَـٔامِنوا بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ وَإِن تُؤمِنوا وَتَتَّقوا فَلَكُم أَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 179) |
(اي منافقؤ) الله کي نه جڳائيندو آھي ته جنھن تي اوھين آھيو تنھن تي مؤمنن کي (به) ڇڏي ڏي تان جو پليت کي پاڪ کان ڌار ڪري، ۽ الله کي نه جڳائيندو آھي جو اوھان کي ڳُجھ تي واقف ڪري پر الله پنھنجن پيغمبرن مان جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي چونڊيندو آھي، پوءِ الله ۽ سندس پيغمبرن کي مڃيو، ۽ جيڪڏھن (اوھين) مڃيندؤ ۽ ڊڄندؤ ته اوھان لاءِ وڏو اجر آھي. |
وَلا يَحسَبَنَّ الَّذينَ يَبخَلونَ بِما ءاتىٰهُمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ هُوَ خَيرًا لَهُم بَل هُوَ شَرٌّ لَهُم سَيُطَوَّقونَ ما بَخِلوا بِهِ يَومَ القِيٰمَةِ وَلِلَّهِ ميرٰثُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 180) |
۽ جيڪي الله پنھنجي فضل سان کين ڏنو آھي تنھن ۾ جيڪي بخل ڪن سي (اِئين) پٽيءَ نه ڀانئين ته اُھو (بُخل) کين ڪو چڱو آھي، بلڪ اُھو اُنھن لاءِ بڇڙو آھي، جنھن شيء جو بخل ڪيائون سا قيامت جي ڏينھن ڳٽ ڪري وجھبين، ۽ آسمانن ۽ زمين جي ميراث الله جي آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي. |
لَقَد سَمِعَ اللَّهُ قَولَ الَّذينَ قالوا إِنَّ اللَّهَ فَقيرٌ وَنَحنُ أَغنِياءُ سَنَكتُبُ ما قالوا وَقَتلَهُمُ الأَنبِياءَ بِغَيرِ حَقٍّ وَنَقولُ ذوقوا عَذابَ الحَريقِ (آيت : 181) |
بيشڪ الله اُنھن جو چوڻ ٻڌو جن چيو ته الله سڃو آھي ۽ اَسين شاھوڪار آھيون، جيڪي چيائون سو لکنداسون ۽ اُنھن جو پيغمبرن کي ناحق ڪھڻ به ۽ (آخرت ۾) چونداسون ته ساڙيندڙ عذاب (جو مزو) چکو. |
ذٰلِكَ بِما قَدَّمَت أَيديكُم وَأَنَّ اللَّهَ لَيسَ بِظَلّامٍ لِلعَبيدِ (آيت : 182) |
اھا (سزا) اِنھيءَ سببان آھي جو اوھان جي ھٿن اڳ موڪليو آھي ۽ (ھن سببان) ته الله ٻانھن تي ظلم ڪندڙ نه آھي. |
الَّذينَ قالوا إِنَّ اللَّهَ عَهِدَ إِلَينا أَلّا نُؤمِنَ لِرَسولٍ حَتّىٰ يَأتِيَنا بِقُربانٍ تَأكُلُهُ النّارُ قُل قَد جاءَكُم رُسُلٌ مِن قَبلى بِالبَيِّنٰتِ وَبِالَّذى قُلتُم فَلِمَ قَتَلتُموهُم إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 183) |
جيڪي چون ٿا ته الله اسان سان انجام ڪيو آھي ته ڪنھن پيغمبر تي ايستائين ايمان نه آڻيون جيستائين (ھو اھڙي) قرباني اسان وٽ (نه) آڻي جو اُن (قربانيءَ) کي باہ کائي، (اي پيغمبر کين) چئو ته بيشڪ مون کان اڳ ڪيترن پيغمبرن مُعجزا ۽ (ٻيو) جيڪي چيوَ سو اوھان وٽ آندو پوءِ جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته اُنھن (پيغمبرن) کي ڇالاءِ ڪٺوَ؟ |
فَإِن كَذَّبوكَ فَقَد كُذِّبَ رُسُلٌ مِن قَبلِكَ جاءو بِالبَيِّنٰتِ وَالزُّبُرِ وَالكِتٰبِ المُنيرِ (آيت : 184) |
پوءِ (اي پيغمبر) جيڪڏھن توکي ڪوڙو ڀانيائون ته بيشڪ توکان اڳ ڪيترا پيغمبر ڪوڙا ڀانيا ويا ھؤا (جن) ڪيتريون حجتون ۽ ڪيترا صحيفا ۽ نوراني ڪتاب (وٽن) آندا. |
كُلُّ نَفسٍ ذائِقَةُ المَوتِ وَإِنَّما تُوَفَّونَ أُجورَكُم يَومَ القِيٰمَةِ فَمَن زُحزِحَ عَنِ النّارِ وَأُدخِلَ الجَنَّةَ فَقَد فازَ وَمَا الحَيوٰةُ الدُّنيا إِلّا مَتٰعُ الغُرورِ (آيت : 185) |
سڀڪو جيءُ موت (جو مزو) چکندڙ آھي، ۽ ھن کان سواءِ (ٻيوڪجھ ڪرڻو) نه آھي جو اوھان کي قيامت جي ڏينھن پورو اجر ڏبو، پوءِ جنھن کي باہ کان پري ڪيو ويو ۽ بھشت ۾ گھيڙيو ويو سو بيشڪ مراد کي پھتو، ۽ دنيا جي حياتي ٺڳيءَ جي سامان کانسواءِ نه آھي. |
لَتُبلَوُنَّ فى أَموٰلِكُم وَأَنفُسِكُم وَلَتَسمَعُنَّ مِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ مِن قَبلِكُم وَمِنَ الَّذينَ أَشرَكوا أَذًى كَثيرًا وَإِن تَصبِروا وَتَتَّقوا فَإِنَّ ذٰلِكَ مِن عَزمِ الأُمورِ (آيت : 186) |
(اوھين) پنھنجن مالن ۽ پنھنجين جانين ۾ ضرور پرکبو، ۽ جن کي اوھان کان اڳ ڪتاب ڏنو ويو آھي تن کان ۽ مشرڪن کان گھڻيون گاريون ضرور ٻڌندؤ، ۽ جيڪڏھن صبر ڪندؤ ۽ الله کان ڊڄندؤ ته اِھا (عادت) ھمت جي ڪمن مان آھي. |
وَإِذ أَخَذَ اللَّهُ ميثٰقَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ لَتُبَيِّنُنَّهُ لِلنّاسِ وَلا تَكتُمونَهُ فَنَبَذوهُ وَراءَ ظُهورِهِم وَاشتَرَوا بِهِ ثَمَنًا قَليلًا فَبِئسَ ما يَشتَرونَ (آيت : 187) |
۽ (ياد ڪر) جڏھن الله ڪتاب وارن کان ھن لاءِ (پڪو) انجام ورتو ته اُن (ڪتاب) کي ماڻھن لاءِ بيان ڪجو ۽ اُن کي نه لڪائجو، پوءِ اُن (انجام) کي پنھنجين پٺين پوئتان اُڇلايائون ۽ اُن جي عيوض ٿورو مُلھ ڳڌائون، پوءِ جيڪي ڳنھندا آھن سو بڇڙو آھي. |
لا تَحسَبَنَّ الَّذينَ يَفرَحونَ بِما أَتَوا وَيُحِبّونَ أَن يُحمَدوا بِما لَم يَفعَلوا فَلا تَحسَبَنَّهُم بِمَفازَةٍ مِنَ العَذابِ وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 188) |
(اي پيغمبر تون) اُنھن کي چڱو نه ڀانءِ جيڪي پنھنجي ڪئي تي خوش ٿيندا آھن ۽ جيڪي نه ڪيائون تنھن تي پنھنجي ساراھڻ کي دوست رکندا آھن پوءِ تون اُنھن کي عذاب کان ڇٽل نه ڀانءِ، ۽ اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي. |
وَلِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 189) |
۽ آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي الله جي آھي، ۽ الله سڀڪنھن شيءِ تي وسوارو آھي. |
إِنَّ فى خَلقِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاختِلٰفِ الَّيلِ وَالنَّهارِ لَءايٰتٍ لِأُولِى الأَلبٰبِ (آيت : 190) |
آسمانن ۽ زمين جي بڻاوت (۾) ۽ رات ۽ ڏينھن جي ڦير گھير ۾ اُنھن سمجھ وارن لاءِ ضرور نشانيون آھن. |
الَّذينَ يَذكُرونَ اللَّهَ قِيٰمًا وَقُعودًا وَعَلىٰ جُنوبِهِم وَيَتَفَكَّرونَ فى خَلقِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ رَبَّنا ما خَلَقتَ هٰذا بٰطِلًا سُبحٰنَكَ فَقِنا عَذابَ النّارِ (آيت : 191) |
جيڪي بيٺي ۽ ويٺي ۽ پنھنجن پاسن ڀر الله کي ياد ڪندا آھن ۽ آسمانن ۽ زمين جي بڻاوت ۾ فڪر ڪندا آھن، (۽ چوندا آھن ته) اي اسانجا پالڻھار ھنن کي بي رٿو نه بڻايو اَٿيئي، توکي پاڪ ڄاڻون ٿا تنھنڪري اسان کي باہ جي عذاب کان بچاءِ. |
رَبَّنا إِنَّكَ مَن تُدخِلِ النّارَ فَقَد أَخزَيتَهُ وَما لِلظّٰلِمينَ مِن أَنصارٍ (آيت : 192) |
اي اسانجا پالڻھار جنھن کي تو باہ ۾ گھيڙيو تنھن کي بيشڪ خوار ڪيئي، ۽ ظالمن جو ڪو مددگار نه آھي. |
رَبَّنا إِنَّنا سَمِعنا مُنادِيًا يُنادى لِلإيمٰنِ أَن ءامِنوا بِرَبِّكُم فَـٔامَنّا رَبَّنا فَاغفِر لَنا ذُنوبَنا وَكَفِّر عَنّا سَيِّـٔاتِنا وَتَوَفَّنا مَعَ الأَبرارِ (آيت : 193) |
اي اسانجا پالڻھار اسان سڏيندڙ جي سڏ کي ٻڌو جو ايمان ڏانھن سڏيندو آھي ته پنھنجي پالڻھار تي ايمان آڻيو پوءِ مڃيوسون، اي اسانجا پالڻھار اسان کي اسانجا گناہ بخش ۽ اسان کان اسان جون مدايون ميٽ ۽ اسان کي ڀلارن سان گڏ مار. |
رَبَّنا وَءاتِنا ما وَعَدتَنا عَلىٰ رُسُلِكَ وَلا تُخزِنا يَومَ القِيٰمَةِ إِنَّكَ لا تُخلِفُ الميعادَ (آيت : 194) |
اي اسانجا پالڻھار اسان کي پنھنجن پيغمبرن (جي زبان) سان جيڪي انجام ڏنو اٿيئي سو پار ۽ قيامت جي ڏينھن اسان کي خوار نه ڪج، ڇوته تون وعدي خلافي نه ڪندو آھين. |
فَاستَجابَ لَهُم رَبُّهُم أَنّى لا أُضيعُ عَمَلَ عٰمِلٍ مِنكُم مِن ذَكَرٍ أَو أُنثىٰ بَعضُكُم مِن بَعضٍ فَالَّذينَ هاجَروا وَأُخرِجوا مِن دِيٰرِهِم وَأوذوا فى سَبيلى وَقٰتَلوا وَقُتِلوا لَأُكَفِّرَنَّ عَنهُم سَيِّـٔاتِهِم وَلَأُدخِلَنَّهُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ ثَوابًا مِن عِندِ اللَّهِ وَاللَّهُ عِندَهُ حُسنُ الثَّوابِ (آيت : 195) |
پوءِ سندن پالڻھار اُنھن جي دعا قبول ڪئي ته آءٌ اوھان مان عمل ڪندڙ مڙس يا زال جو عمل نه وڃائيندس، اوھان مان ڪي ڪن مان (پيدا ٿيل) آھن (يعني سڀ ھڪ جنس آھيو) پوءِ جن وطن ڇڏيو ۽ پنھنجن گھرن مان ڪڍيا ويا ۽ مُنھنجي واٽ ۾ ڏکويا ويا ۽ وڙھيا ۽ ڪُٺا ويا تن کان سندن مدايون ضرور ميٽيندس ۽ اُنھن کي (بھشت جي اھڙن) باغن ۾ ضرور داخل ڪندس جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن، (اِھو) بدلو الله وٽان آھي، ۽ الله وٽ چڱو بدلو آھي. |
لا يَغُرَّنَّكَ تَقَلُّبُ الَّذينَ كَفَروا فِى البِلٰدِ (آيت : 196) |
(اي پيغمبر) ملڪن ۾ ڪافرن جي اَچ وڃ توکي نه ٺڳي. |
مَتٰعٌ قَليلٌ ثُمَّ مَأوىٰهُم جَهَنَّمُ وَبِئسَ المِهادُ (آيت : 197) |
اِھو فائدو ٿورو آھي، وري سندن جاءِ دوزخ آھي، ۽ (اُھو) بڇڙو ھنڌ آھي. |
لٰكِنِ الَّذينَ اتَّقَوا رَبَّهُم لَهُم جَنّٰتٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها نُزُلًا مِن عِندِ اللَّهِ وَما عِندَ اللَّهِ خَيرٌ لِلأَبرارِ (آيت : 198) |
پر جيڪي پنھنجي پالڻھار کان ڊنا تن لاءِ باغ آھن جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن اُن ۾ سدائين رھڻ وارا آھن اِھا مھماني الله وٽان آھي، ۽ جيڪي الله وٽ آھي سو ڀلارن لاءِ چڱو آھي. |
وَإِنَّ مِن أَهلِ الكِتٰبِ لَمَن يُؤمِنُ بِاللَّهِ وَما أُنزِلَ إِلَيكُم وَما أُنزِلَ إِلَيهِم خٰشِعينَ لِلَّهِ لا يَشتَرونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ ثَمَنًا قَليلًا أُولٰئِكَ لَهُم أَجرُهُم عِندَ رَبِّهِم إِنَّ اللَّهَ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 199) |
۽ ڪتاب وارن مان ڪي اُھي آھن جيڪي الله کي ۽ جيڪي توڏانھن (قرآن) لاٿو ويو تنھن کي ۽ جيڪي (توريت) اُنھن ڏانھن لاٿو ويو تنھن کي الله جي عاجزي ڪندڙ ٿي مڃيندا آھن الله جي آيتن کي ٿوري مُلھ سان نه وڪڻندا آھن، اِھي (اُھي) آھن جن لاءِ سندن پالڻھار وٽ سندن اجر آھي، ڇوته الله سگھو حساب وٺندڙ آھي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اصبِروا وَصابِروا وَرابِطوا وَاتَّقُوا اللَّهَ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 200) |
اي ايمان وارؤ صبر ڪريو ۽ (جھاد لاءِ) بيھڪ وارا ٿيو ۽ مُحڪم رھو، ۽ الله کان ڊڄو ته مانَ اوھين ڇٽو. |