الم (آيت : 1) |
الف- لام- ميم |
اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ الحَىُّ القَيّومُ (آيت : 2) |
الله ڌارن ڪو به بندگيءَ جو لائق نه آهي، اهو سدائين جيئرو سڀني کي قائم رکڻ وارو آهي. |
نَزَّلَ عَلَيكَ الكِتٰبَ بِالحَقِّ مُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ وَأَنزَلَ التَّورىٰةَ وَالإِنجيلَ (آيت : 3) |
هُن سچائيءَ سان توتي ڪتاب لاٿو، جو اڳين ڪتابن کي سچو ڪري ٿو ۽ توريت ۽ انجيل کي به لاٿائين |
مِن قَبلُ هُدًى لِلنّاسِ وَأَنزَلَ الفُرقانَ إِنَّ الَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِ اللَّهِ لَهُم عَذابٌ شَديدٌ وَاللَّهُ عَزيزٌ ذُو انتِقامٍ (آيت : 4) |
۽ان کان اڳ ماڻهن جي هدايت لاءِ حق ۽ باطل جي ڪسوٽي به لاٿائين. بيشڪ جن الله جي آيتن جو انڪار ڪيو، تن لاءِ سخت عذاب آهي ۽ الله زبردست بدلي وٺڻ وارو آهي. |
إِنَّ اللَّهَ لا يَخفىٰ عَلَيهِ شَيءٌ فِى الأَرضِ وَلا فِى السَّماءِ (آيت : 5) |
الله تي ڪا به شيءِ زمين توڙي آسمان ۾ لڪل نه آهي. |
هُوَ الَّذى يُصَوِّرُكُم فِى الأَرحامِ كَيفَ يَشاءُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 6) |
اهوئي اوهان کي ماءُ جي پيٽ ۾ جيئن وڻيس، تيئن شڪل ڏئي ٿو. ان زبردست حڪمت (۽ ڏاهپ) واري کانسواءِ ڪو به بندگيءَ جو لائق نه آهي. |
هُوَ الَّذى أَنزَلَ عَلَيكَ الكِتٰبَ مِنهُ ءايٰتٌ مُحكَمٰتٌ هُنَّ أُمُّ الكِتٰبِ وَأُخَرُ مُتَشٰبِهٰتٌ فَأَمَّا الَّذينَ فى قُلوبِهِم زَيغٌ فَيَتَّبِعونَ ما تَشٰبَهَ مِنهُ ابتِغاءَ الفِتنَةِ وَابتِغاءَ تَأويلِهِ وَما يَعلَمُ تَأويلَهُ إِلَّا اللَّهُ وَالرّٰسِخونَ فِى العِلمِ يَقولونَ ءامَنّا بِهِ كُلٌّ مِن عِندِ رَبِّنا وَما يَذَّكَّرُ إِلّا أُولُوا الأَلبٰبِ (آيت : 7) |
اهوئي آهي، جنهن توتي ڪتاب لاٿو. ان ۾ ڪي آيتون صاف معنيٰ واريون آهن، جي ڪتاب جو اصل آهن ۽ ٻيون اڻ مقرر معنيٰ واريون. پوءِ جن جي دلين ۾ ڏنگائي آهي، سي ان مان گمراهي پکيڙڻ ۽ حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ اڻ مقرر ٿيل معنيٰ وارين آيتن پٺيان پون ٿا، جن جو مطلب الله کانسواءِ ٻيو ڪو به نه ٿو ڄاڻي پر مضبوط علم وارا ته چون ٿا ته ”اسان انهن تي ايمان آندو، سڀ ڪجهه اسان جي رب جي طرفان آهي ۽ سمجهائڻ سان عقل وارا ئي سمجهن ٿا. |
رَبَّنا لا تُزِغ قُلوبَنا بَعدَ إِذ هَدَيتَنا وَهَب لَنا مِن لَدُنكَ رَحمَةً إِنَّكَ أَنتَ الوَهّابُ (آيت : 8) |
اي اسان جا ڌڻي! اسان کي سنئين رستي لڳائڻ کان پوءِ اسان جي دلين کي نه ڦيراءِ پاڻ وٽان اسان کي رحمت عطا ڪر- بيشڪ تون ئي سڀ ڪجهه بخشڻ وارو آهين. |
رَبَّنا إِنَّكَ جامِعُ النّاسِ لِيَومٍ لا رَيبَ فيهِ إِنَّ اللَّهَ لا يُخلِفُ الميعادَ (آيت : 9) |
اي اسان جا ڌڻي! تون ماڻهن کي ان ڏينهن گڏ ڪرڻ وارو آهين جنهن بابت ڪو شڪ نه آهي. بيشڪ الله پنهنجي وعدي جي خلاف نٿو ڪري. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا لَن تُغنِىَ عَنهُم أَموٰلُهُم وَلا أَولٰدُهُم مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا وَأُولٰئِكَ هُم وَقودُ النّارِ (آيت : 10) |
بيشڪ جن ڪفر ڪيو، تن کي الله کان ڇڏائڻ لاءِ نڪي سندن مال ۽ نه سندن اولاد ڪجهه ڪم ايندا ۽ اهي ئي دوزخ جو ٻارڻ آهن. |
كَدَأبِ ءالِ فِرعَونَ وَالَّذينَ مِن قَبلِهِم كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا فَأَخَذَهُمُ اللَّهُ بِذُنوبِهِم وَاللَّهُ شَديدُ العِقابِ (آيت : 11) |
جيئن فرعونين ۽ کانئن اڳين جو دستور هو. هنن الله جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو، پوءِ الله سندن گناهن ڪري کين پڪڙ ڪئي ۽ الله سخت عذاب ڪندڙ آهي. |
قُل لِلَّذينَ كَفَروا سَتُغلَبونَ وَتُحشَرونَ إِلىٰ جَهَنَّمَ وَبِئسَ المِهادُ (آيت : 12) |
ڪافرن کي چئو ته ”هاڻي اوهان تي غلبو ٿيندو، اوهين دوزخ ڏانهن هڪليا ويندؤ ۽ اها ڪهڙي نه بڇڙي جاءِ آهي!“ |
قَد كانَ لَكُم ءايَةٌ فى فِئَتَينِ التَقَتا فِئَةٌ تُقٰتِلُ فى سَبيلِ اللَّهِ وَأُخرىٰ كافِرَةٌ يَرَونَهُم مِثلَيهِم رَأىَ العَينِ وَاللَّهُ يُؤَيِّدُ بِنَصرِهِ مَن يَشاءُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَعِبرَةً لِأُولِى الأَبصٰرِ (آيت : 13) |
انهن ٻنهي مقابلي ڪندڙ فوجن ۾ اوهان لاءِ نشاني آهي:- هڪ فوج آهي جا الله جي راهه ۾ وڙهي ٿي ۽ ٻي فوج ڪافرن جي آهي، هو کين پڌري پٽ پاڻ کان ٻيڻو ڏسن ٿا ۽ الله پنهنجي مدد سان جنهن کي وڻيس زور وٺائي ٿو. بيشڪ انهيءَ ۾ ڏسندڙن لاءِ عبرت آهي. |
زُيِّنَ لِلنّاسِ حُبُّ الشَّهَوٰتِ مِنَ النِّساءِ وَالبَنينَ وَالقَنٰطيرِ المُقَنطَرَةِ مِنَ الذَّهَبِ وَالفِضَّةِ وَالخَيلِ المُسَوَّمَةِ وَالأَنعٰمِ وَالحَرثِ ذٰلِكَ مَتٰعُ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَاللَّهُ عِندَهُ حُسنُ المَـٔابِ (آيت : 14) |
ماڻهن لاءِ زالن، پٽن، سون ۽ چانديءَ جي ڪٺي ٿيل خزانن، سٺن نشانن وارن گهوڙن، ڍورن ۽ ٻنين لاءِ سڌ ڪرڻ کي سهڻو بنايو ويو آهي، پر اهي رڳو دنيا جي زندگيءَ جي فائدي لاءِ آهن ۽ الله وٽ ئي چڱي جاءِ آهي. |
قُل أَؤُنَبِّئُكُم بِخَيرٍ مِن ذٰلِكُم لِلَّذينَ اتَّقَوا عِندَ رَبِّهِم جَنّٰتٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَأَزوٰجٌ مُطَهَّرَةٌ وَرِضوٰنٌ مِنَ اللَّهِ وَاللَّهُ بَصيرٌ بِالعِبادِ (آيت : 15) |
چؤ ته ”ڇا، آءٌ اوهان کي ان کان بهتر ڳالهيون ٻڌايان؟“ (ٻڌو) نيڪن لاءِ پنهنجي رب وٽ باغ آهن، جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون، اُهي ان ۾ هميشه رهندا، انهن ۾ پاڪ زالون آهن ۽ الله جو راضپو- ۽ الله بندن کي ڏسندڙ آهي. |
الَّذينَ يَقولونَ رَبَّنا إِنَّنا ءامَنّا فَاغفِر لَنا ذُنوبَنا وَقِنا عَذابَ النّارِ (آيت : 16) |
جيڪي چون ٿا ته، ”اي اسان جا ڌڻي! اسان ايمان آندو تنهن ڪري اسان جا گناهه بخش ۽ اسان کي دوزخ جي عذاب کان بچاءِ. |
الصّٰبِرينَ وَالصّٰدِقينَ وَالقٰنِتينَ وَالمُنفِقينَ وَالمُستَغفِرينَ بِالأَسحارِ (آيت : 17) |
اهي صبر ڪندڙ، سچا، فرمانبردار، (نيڪ ڪمن ۾) خرچ ڪندڙ ۽ پوئين رات جو گناهه بخشائيندڙ آهن. |
شَهِدَ اللَّهُ أَنَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ وَالمَلٰئِكَةُ وَأُولُوا العِلمِ قائِمًا بِالقِسطِ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 18) |
الله گواهي ڏني ته ”الله کانسواءِ ٻيو ڪو بندگيءَ جي لائق نه آهي“ ۽ ملائڪن ۽ علمن وارن به ته ”الله اهو ئي انصاف وارو حاڪم آهي، ان ڌاران ڪو عبادت جو لائق نه آهي، هو زبردست ڏاهپ وارو آهي. |
إِنَّ الدّينَ عِندَ اللَّهِ الإِسلٰمُ وَمَا اختَلَفَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ إِلّا مِن بَعدِ ما جاءَهُمُ العِلمُ بَغيًا بَينَهُم وَمَن يَكفُر بِـٔايٰتِ اللَّهِ فَإِنَّ اللَّهَ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 19) |
بيشڪ دين الله وٽ اسلام ئي آهي ۽ ڪتاب وارا هڪ ٻئي جي ضد سبب، علم اچڻ کان پوءِ ئي، مخالف ٿيا. جيڪو الله جي آيتن جو انڪار ڪندو، ته بيشڪ الله جلد حساب وٺندو آهي. |
فَإِن حاجّوكَ فَقُل أَسلَمتُ وَجهِىَ لِلَّهِ وَمَنِ اتَّبَعَنِ وَقُل لِلَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ وَالأُمِّيّۦنَ ءَأَسلَمتُم فَإِن أَسلَموا فَقَدِ اهتَدَوا وَإِن تَوَلَّوا فَإِنَّما عَلَيكَ البَلٰغُ وَاللَّهُ بَصيرٌ بِالعِبادِ (آيت : 20) |
پوءِ جيڪڏهن تو سان جهڳڙو ڪن ته چئو ته ”مون ۽ منهنجن پوئلڳن پنهنجو سر الله جي حڪم اڳيان جهڪايو آهي.“ ڪتاب وارن ۽ اڻ پڙهيلن کان پڇ ته ”ڇا اوهان به تابع ٿيئو؟“ جيڪڏهن منهن ڦيرين. ته تو تي رڳو حڪم رسائڻ آهي ۽ الله پنهنجن ٻانهن کي ڏسندڙ آهي. |
إِنَّ الَّذينَ يَكفُرونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَيَقتُلونَ النَّبِيّۦنَ بِغَيرِ حَقٍّ وَيَقتُلونَ الَّذينَ يَأمُرونَ بِالقِسطِ مِنَ النّاسِ فَبَشِّرهُم بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 21) |
جيڪي شخص الله جي آيتن جو انڪار ڪن ٿا ۽ نبين کي ناحق قتل ڪن ٿا ۽ ماڻهن مان انصاف سان حڪم ڏيندڙن کي به قتل ڪن ٿا، ته انهن کي دردناڪ عذاب جي خوشخبري ڏي. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ حَبِطَت أَعمٰلُهُم فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَما لَهُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 22) |
اهي ئي آهن، جن جا عمل دنيا ۽ آخرت ۾ چٽ ٿيا ۽ انهن جو ڪو مددگار نه آهي. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ أوتوا نَصيبًا مِنَ الكِتٰبِ يُدعَونَ إِلىٰ كِتٰبِ اللَّهِ لِيَحكُمَ بَينَهُم ثُمَّ يَتَوَلّىٰ فَريقٌ مِنهُم وَهُم مُعرِضونَ (آيت : 23) |
ڇا، تو انهن جي حالت نه ڏٺي، جن کي ڪتاب جو ڪجهه حصو مليو، اهي الله جي ڪتاب ڏانهن سڏجن ٿا ته سندن وچ ۾ فيصلو ڪري، ته انهن مان هڪ جماعت منهن ڦيري ٿي ۽ اهي آهن ئي منهن موڙيندڙ. |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قالوا لَن تَمَسَّنَا النّارُ إِلّا أَيّامًا مَعدودٰتٍ وَغَرَّهُم فى دينِهِم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 24) |
اهو هن ڪري جو هو چون ٿا ته اسان کي دوزخ جي باهه ڪن ٿورن ڏينهن کان وڌيڪ هرگز نه ڇهندي ۽ جيڪي ڳالهيون هو گهڙين ٿا، تن کين پنهنجي دين بابت دوکو ڏنو آهي. |
فَكَيفَ إِذا جَمَعنٰهُم لِيَومٍ لا رَيبَ فيهِ وَوُفِّيَت كُلُّ نَفسٍ ما كَسَبَت وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 25) |
پوءِ ڪهڙو حال هوندو، جڏهن اسين کين اهڙي ڏينهن ڪٺو ڪنداسون، جنهن جي اچڻ ۾ ڪو شڪ نه آهي ۽ هر شخص پنهنجي ڪئي جو پورو بدلو پائيندو ۽ سندس حق چٽ نه ٿيندو. |
قُلِ اللَّهُمَّ مٰلِكَ المُلكِ تُؤتِى المُلكَ مَن تَشاءُ وَتَنزِعُ المُلكَ مِمَّن تَشاءُ وَتُعِزُّ مَن تَشاءُ وَتُذِلُّ مَن تَشاءُ بِيَدِكَ الخَيرُ إِنَّكَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 26) |
چئو ”اي منهنجا الله! ملڪ جا مالڪ! تون جنهن کي وڻيئي حڪومت ڏين ٿو ۽ جنهن کان وڻيئي حڪومت کسين ٿو. جنهن کي وڻيئي، تنهن کي عزت ڏين ۽ جنهن کي وڻيئي تنهن کي ذليل ڪرين، تنهنجي ئي هٿ ۾ سڀ ڀلائي آهي، بيشڪ تون هر هڪ ڳالهه تي وس وارو آهين. |
تولِجُ الَّيلَ فِى النَّهارِ وَتولِجُ النَّهارَ فِى الَّيلِ وَتُخرِجُ الحَىَّ مِنَ المَيِّتِ وَتُخرِجُ المَيِّتَ مِنَ الحَىِّ وَتَرزُقُ مَن تَشاءُ بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 27) |
تون رات کي ڏينهن ۾ داخل ڪرين ٿو ۽ ڏينهن کي رات ۾ داخل ڪرين ٿو، تون جيئري کي مئل مان ڪڍين ٿو ۽ مئلن کي جيئري مان ڪڍين ٿو ۽ جنهن کي وڻيئي، ان کي بي حساب رزق ڏين ٿو. |
لا يَتَّخِذِ المُؤمِنونَ الكٰفِرينَ أَولِياءَ مِن دونِ المُؤمِنينَ وَمَن يَفعَل ذٰلِكَ فَلَيسَ مِنَ اللَّهِ فى شَيءٍ إِلّا أَن تَتَّقوا مِنهُم تُقىٰةً وَيُحَذِّرُكُمُ اللَّهُ نَفسَهُ وَإِلَى اللَّهِ المَصيرُ (آيت : 28) |
مومنن کي نه گهرجي ته مومنن کي ڇڏي ڪافرن کي دوست ڪري وٺن ۽ جيڪو اهو ڪم ڪندو، ته ان کي الله سان لاڳاپو نه آهي. سواءِ اهڙيءَ حالت جي، جو اوهان انهن کان بچڻ گهرو. ۽ الله اوهان کي پاڻ کان ڊيڄاري ٿو ۽ الله ڏانهن ئي اوهان کي موٽڻو آهي. |
قُل إِن تُخفوا ما فى صُدورِكُم أَو تُبدوهُ يَعلَمهُ اللَّهُ وَيَعلَمُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 29) |
چئو ته جيڪي اوهان جي سينن ۾ آهي ان کي لڪايو، خواهه ظاهر ڪريو ته به الله ان کي ڄاڻي ٿو ۽ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي ان کي به ڄاڻي ٿو ۽ الله هر هڪ ڳالهه تي وس وارو آهي. |
يَومَ تَجِدُ كُلُّ نَفسٍ ما عَمِلَت مِن خَيرٍ مُحضَرًا وَما عَمِلَت مِن سوءٍ تَوَدُّ لَو أَنَّ بَينَها وَبَينَهُ أَمَدًا بَعيدًا وَيُحَذِّرُكُمُ اللَّهُ نَفسَهُ وَاللَّهُ رَءوفٌ بِالعِبادِ (آيت : 30) |
جنهن ڏينهن هر هڪ ماڻهو پنهنجي ڪيل نيڪي کي پنهنجي اڳيان موجود ڏسندو ۽ ڪيل بڇڙائي کي به، تڏهن هو خواهش ڪندو ته ”هوند ان ڏينهن ۽ سندس وچ ۾ گهڻي دوري هجي!“ ۽ الله اوهان کي پنهنجي (پڪڙ) کان ڊيڄاري ٿو ۽ الله ٻانهن تي وڏو مهربان آهي. |
قُل إِن كُنتُم تُحِبّونَ اللَّهَ فَاتَّبِعونى يُحبِبكُمُ اللَّهُ وَيَغفِر لَكُم ذُنوبَكُم وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 31) |
چئو ته جيڪڏهن اوهين الله سان محبت رکو ٿا، ته منهنجي پيروي ڪريو، الله به اوهان سان محبت ڪندو ۽ اوهان جا گناهه بخشيندو، الله بخشڻهار، مهربان آهي. |
قُل أَطيعُوا اللَّهَ وَالرَّسولَ فَإِن تَوَلَّوا فَإِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ الكٰفِرينَ (آيت : 32) |
چئو ته ”حڪم مڃيو الله جو ۽ رسول جو،“ پوءِ جيڪڏهن مُنهن موڙين، ته بيشڪ الله ڪافرن کي پسند نه ٿو ڪري. |
إِنَّ اللَّهَ اصطَفىٰ ءادَمَ وَنوحًا وَءالَ إِبرٰهيمَ وَءالَ عِمرٰنَ عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 33) |
بيشڪ آدم، نوح ۽ ابراهيم جي گهراڻي ۽ عمران جي گهراڻي کي الله ساري جهان مان پسند ڪيو آهي. |
ذُرِّيَّةً بَعضُها مِن بَعضٍ وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 34) |
جي هڪ ٻئي جي اولاد آهن ۽ الله سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. |
إِذ قالَتِ امرَأَتُ عِمرٰنَ رَبِّ إِنّى نَذَرتُ لَكَ ما فى بَطنى مُحَرَّرًا فَتَقَبَّل مِنّى إِنَّكَ أَنتَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 35) |
ياد ڪر، جڏهن عمران جي زال چيو ”اي منهنجا ڌڻي! جيڪي منهنجي پيٽ ۾ آهي، تنهن کي سڀ کان آزاد ڪري تنهنجي نذر ڪيم، سو تون مون کان قبول ڪر- بيشڪ تون ئي سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهين! |
فَلَمّا وَضَعَتها قالَت رَبِّ إِنّى وَضَعتُها أُنثىٰ وَاللَّهُ أَعلَمُ بِما وَضَعَت وَلَيسَ الذَّكَرُ كَالأُنثىٰ وَإِنّى سَمَّيتُها مَريَمَ وَإِنّى أُعيذُها بِكَ وَذُرِّيَّتَها مِنَ الشَّيطٰنِ الرَّجيمِ (آيت : 36) |
پوءِ جڏهن اهو ڄڻيائين، چيائين ”منهنجا ڌڻي! مون ته ڇوڪري ڄڻي،“ ۽ جيڪي ڄڻيائين تَنهنجي الله کي خوب خبر آهي. ۽”پٽ ڌيءَ جهڙو نه آهي، مون ان جو نالو مريم رکيو ۽ آءٌ ان کي ۽ ان جي اولاد کي مردود شيطان کان تنهنجي پناهه ۾ ڏيان ٿي!“ |
فَتَقَبَّلَها رَبُّها بِقَبولٍ حَسَنٍ وَأَنبَتَها نَباتًا حَسَنًا وَكَفَّلَها زَكَرِيّا كُلَّما دَخَلَ عَلَيها زَكَرِيَّا المِحرابَ وَجَدَ عِندَها رِزقًا قالَ يٰمَريَمُ أَنّىٰ لَكِ هٰذا قالَت هُوَ مِن عِندِ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ يَرزُقُ مَن يَشاءُ بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 37) |
پوءِ سندس رب ان کي چڱيءَ طرح قبول ڪيو، چڱيءَ طرح وڏو ڪيائين ۽ ان کي زڪريا کي سونپيائين. جڏهن به زڪريا وٽس حجري ۾ ايندو هو، ته ان وٽ ڪجهه کاڌو ڏسندو هو، پڇندو هو ”اي مريم! هي تو وٽ ڪٿان آيو؟“ چيائين ”هي الله وٽان، بيشڪ الله جنهن کي وڻيس، بي حساب رزق ڏئي ٿو!“ |
هُنالِكَ دَعا زَكَرِيّا رَبَّهُ قالَ رَبِّ هَب لى مِن لَدُنكَ ذُرِّيَّةً طَيِّبَةً إِنَّكَ سَميعُ الدُّعاءِ (آيت : 38) |
انهيءَ تي زڪريا پنهنجي ڌڻيءَ کان دعا گهري، چيائين ”اي منهنجا ڌڻي! مون کي پاڻ وٽان پاڪ اولاد بخش، بيشڪ تون دعا جو ٻڌندڙ آهين!“ |
فَنادَتهُ المَلٰئِكَةُ وَهُوَ قائِمٌ يُصَلّى فِى المِحرابِ أَنَّ اللَّهَ يُبَشِّرُكَ بِيَحيىٰ مُصَدِّقًا بِكَلِمَةٍ مِنَ اللَّهِ وَسَيِّدًا وَحَصورًا وَنَبِيًّا مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 39) |
پوءِ جڏهن هو حجري ۾ نماز پڙهي رهيو هو ته ملائڪن سڏي چيس ”الله توکي يحيٰ جي خوشخبري ڏئي ٿو، جو الله جي هڪ حڪم جي گواهي ڏيندو ۽ سردار، ڪنوارو رهندڙ ۽ صالحن مان هڪ نبي هوندو. |
قالَ رَبِّ أَنّىٰ يَكونُ لى غُلٰمٌ وَقَد بَلَغَنِىَ الكِبَرُ وَامرَأَتى عاقِرٌ قالَ كَذٰلِكَ اللَّهُ يَفعَلُ ما يَشاءُ (آيت : 40) |
چيائين ”اي ڌڻي! مون کي پٽ ڪٿان ٿيندو؟ جو آءٌ ٻڍو ٿي چڪو آهيان ۽ منهنجي زال سنڍ آهي!“ چيائين ”اهڙيءَ طرح، الله جيڪي وڻيس سو ڪري ٿو.“ |
قالَ رَبِّ اجعَل لى ءايَةً قالَ ءايَتُكَ أَلّا تُكَلِّمَ النّاسَ ثَلٰثَةَ أَيّامٍ إِلّا رَمزًا وَاذكُر رَبَّكَ كَثيرًا وَسَبِّح بِالعَشِىِّ وَالإِبكٰرِ (آيت : 41) |
چيائين ”منهنجا ڌڻي! مون لاءِ ڪا نشاني مقرر ڪر!“ چيائين ”تنهنجي نشاني هيءَ آهي، ته تون ٽن ڏينهن تائين ماڻهن سان اشاري کانسواءِ نه ڳالهائيندين ۽ پنهنجي رب کي گهڻو ياد ڪر ۽ صبح ۽ شام سندس پاڪائي بيان ڪر-“ |
وَإِذ قالَتِ المَلٰئِكَةُ يٰمَريَمُ إِنَّ اللَّهَ اصطَفىٰكِ وَطَهَّرَكِ وَاصطَفىٰكِ عَلىٰ نِساءِ العٰلَمينَ (آيت : 42) |
۽ ياد ڪر، جڏهن ملائڪن چيو ”اي مريم! الله توکي پسند ڪيو آهي، پاڪ ڪيو آهي ۽ توکي جهان جي زالن مان چونڊيو اٿس. |
يٰمَريَمُ اقنُتى لِرَبِّكِ وَاسجُدى وَاركَعى مَعَ الرّٰكِعينَ (آيت : 43) |
اي مريم! پنهنجي ڌڻي جي بندگي ڪر، سجدو ڪر ۽ رڪوع ڪندڙن سان رڪوع ڪر.“ |
ذٰلِكَ مِن أَنباءِ الغَيبِ نوحيهِ إِلَيكَ وَما كُنتَ لَدَيهِم إِذ يُلقونَ أَقلٰمَهُم أَيُّهُم يَكفُلُ مَريَمَ وَما كُنتَ لَدَيهِم إِذ يَختَصِمونَ (آيت : 44) |
هي غيب جون خبرون آهن، جي اسان توڏانهن موڪليون ٿا، تون ته انهن وٽ نه هئين، جڏهن (پُکي وجهڻ لاءِ) قلم اڇلائي رهيا هئا، ته ڪير مريم کي پالي؟ نڪي تون وٽن هئين، جڏهن جهڳڙو ٿي ڪيائون. |
إِذ قالَتِ المَلٰئِكَةُ يٰمَريَمُ إِنَّ اللَّهَ يُبَشِّرُكِ بِكَلِمَةٍ مِنهُ اسمُهُ المَسيحُ عيسَى ابنُ مَريَمَ وَجيهًا فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَمِنَ المُقَرَّبينَ (آيت : 45) |
جڏهن ملائڪن چيو ”اي مريم! الله توکي پنهنجي حڪم سان (پٽ جي) خوشخبري ڏئي ٿو، ان جو نالو ”عيسيٰ مسيح پٽ مريم“ هوندو، جو دنيا ۽ آخرت ۾ رتبي وارو ۽ الله جي مقربن مان هوندو. |
وَيُكَلِّمُ النّاسَ فِى المَهدِ وَكَهلًا وَمِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 46) |
ماءُ جي هنج ۽ وڏي عمر ۾ ماڻهن سان ڳالهائيندو ۽ نيڪ بختن مان هوندو.“ |
قالَت رَبِّ أَنّىٰ يَكونُ لى وَلَدٌ وَلَم يَمسَسنى بَشَرٌ قالَ كَذٰلِكِ اللَّهُ يَخلُقُ ما يَشاءُ إِذا قَضىٰ أَمرًا فَإِنَّما يَقولُ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 47) |
هن چيو ”منهنجا ڌڻي! (مون کي پٽ ڪٿان ٿيندو! جو مون کي ڪنهن به آدمي هٿ نه لڳايو آهي!“ چيائين ”ائين الله پيدا ڪري ٿو، جيڪي وڻيس، جڏهن به ڪنهن ڪم جو ارادو ڪري ته رڳو چوي ٿو ”ٿي وڃ“، اهو ٿي پوي ٿو! |
وَيُعَلِّمُهُ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَالتَّورىٰةَ وَالإِنجيلَ (آيت : 48) |
هو اُن کي ڪتاب، ڏاهپ، توريت ۽ انجيل سيکاريندو. |
وَرَسولًا إِلىٰ بَنى إِسرٰءيلَ أَنّى قَد جِئتُكُم بِـٔايَةٍ مِن رَبِّكُم أَنّى أَخلُقُ لَكُم مِنَ الطّينِ كَهَيـَٔةِ الطَّيرِ فَأَنفُخُ فيهِ فَيَكونُ طَيرًا بِإِذنِ اللَّهِ وَأُبرِئُ الأَكمَهَ وَالأَبرَصَ وَأُحىِ المَوتىٰ بِإِذنِ اللَّهِ وَأُنَبِّئُكُم بِما تَأكُلونَ وَما تَدَّخِرونَ فى بُيوتِكُم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لَكُم إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 49) |
۽ بني اسرائيل ڏانهن رسول ڪري موڪليندو. (عيسيٰ وڏو ٿيو ۽ چيائين ته) بيشڪ آءٌ اوهان ڏانهن، اوهان جي رب کان نشاني وٺي آيو آهيان ته اوهان لاءِ مٽيءَ مان پکي جهڙي شڪل بڻائي، پوءِ ان ۾ ڦوڪ ڏيان ٿو ته اهو الله جي حڪم سان اڏندڙ پکي ٿي ويندو، الله جي حڪم سان انڌي ۽ ڪوڙهيئي کي چڱو ڀلو ڪريان ٿو ۽ مئلن کي جيئرو ڪريان ٿو! ۽ جيڪي کائو ٿا خواهه پنهنجي گهرن ۾ ڪٺو ڪريو ٿا تنهن جي اوهان کي خبر ڏيان ٿو، بيشڪ ان ۾ اوهان لاءِ وڏي نشاني آهي، جيڪڏهن اوهين يقين رکو ٿا. |
وَمُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَىَّ مِنَ التَّورىٰةِ وَلِأُحِلَّ لَكُم بَعضَ الَّذى حُرِّمَ عَلَيكُم وَجِئتُكُم بِـٔايَةٍ مِن رَبِّكُم فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 50) |
۽ آءٌ هن کان اڳئين ڪتاب توريت کي سچو ڪندڙ آهيان ۽ اوهان تي ڪي حرام ڪيل شيون حلال ڪريان ٿو ۽ اوهان وٽ پنهنجي ڌڻيءَ کان نشانيون وٺي آيو آهيان، سو الله کان ڊڄندا رهو ۽ منهنجو چيو مڃيو. |
إِنَّ اللَّهَ رَبّى وَرَبُّكُم فَاعبُدوهُ هٰذا صِرٰطٌ مُستَقيمٌ (آيت : 51) |
بيشڪ الله منهنجو به ڌڻي آهي ۽ اوهان جو به ڌڻي آهي تنهنڪري ان جي بندگي ڪريو اهوئي سڌو رستو آهي. |
فَلَمّا أَحَسَّ عيسىٰ مِنهُمُ الكُفرَ قالَ مَن أَنصارى إِلَى اللَّهِ قالَ الحَوارِيّونَ نَحنُ أَنصارُ اللَّهِ ءامَنّا بِاللَّهِ وَاشهَد بِأَنّا مُسلِمونَ (آيت : 52) |
پوءِ جڏهن عيسيٰ انهن ۾ ڪفر سمجهيو، ته چيائين ”الله جي راهه ۾ ڪو منهنجي مدد ڪندو؟“ حوارين چيو ”اسين الله جا مددگار آهيون، اسان الله تي يقين ڪيو. تون گواهه رهه، ته اسين فرمانبردار آهيون. |
رَبَّنا ءامَنّا بِما أَنزَلتَ وَاتَّبَعنَا الرَّسولَ فَاكتُبنا مَعَ الشّٰهِدينَ (آيت : 53) |
اسان جا ڌڻي! جيڪو تو موڪليو اسان ان تي يقين رکيو ۽ اسان رسول جي پيروي ڪئي، تنهن ڪري اسان کي به گواهي ڏيندڙن ۾ شمار ڪر.“ |
وَمَكَروا وَمَكَرَ اللَّهُ وَاللَّهُ خَيرُ المٰكِرينَ (آيت : 54) |
۽ انهن (يهودين) رٿ رٿي ۽ الله به ڳجهي رٿ رٿي، الله جو داؤ ته سڀني کان بهتر آهي. |
إِذ قالَ اللَّهُ يٰعيسىٰ إِنّى مُتَوَفّيكَ وَرافِعُكَ إِلَىَّ وَمُطَهِّرُكَ مِنَ الَّذينَ كَفَروا وَجاعِلُ الَّذينَ اتَّبَعوكَ فَوقَ الَّذينَ كَفَروا إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ ثُمَّ إِلَىَّ مَرجِعُكُم فَأَحكُمُ بَينَكُم فيما كُنتُم فيهِ تَختَلِفونَ (آيت : 55) |
(ياد ڪر) جڏهن الله فرمايو ”اي عيسيٰ آءٌ توکي وفات ڏيندس ۽ توکي پاڻ ڏانهن کڻندس ۽ توکي ڪافرن کان پاڪ ڪندس ۽ جيڪي تنهنجا تابعدار آهن، انهن کي ڪافرن جي مٿان قيامت تائين رکندس، پوءِ اوهان سڀني کي مون ڏانهن موٽڻو آهي، پوءِ اوهان جي وچ ۾ ڳالهين جو فيصلو ڪندس، جن ۾ اوهين اختلاف ڪندا هئا. |
فَأَمَّا الَّذينَ كَفَروا فَأُعَذِّبُهُم عَذابًا شَديدًا فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَما لَهُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 56) |
مگر جن شخصن ڪفر ڪيو، انهن کي دنيا ۽ آخرت ۾ عذاب ڏيندس ۽ انهن جو ڪو به مددگار نه هوندو. |
وَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَيُوَفّيهِم أُجورَهُم وَاللَّهُ لا يُحِبُّ الظّٰلِمينَ (آيت : 57) |
۽ جن ايمان آندو ۽ نيڪ ڪم ڪيا، انهن کي سندن حق پورو ڏيندس، ۽ الله بي انصافن کي پسند نه ٿو ڪري.“ |
ذٰلِكَ نَتلوهُ عَلَيكَ مِنَ الءايٰتِ وَالذِّكرِ الحَكيمِ (آيت : 58) |
اسين توکي هي آيتون ۽ ڏاهپ ڀريو ذڪر پڙهي ٻڌايون ٿا. |
إِنَّ مَثَلَ عيسىٰ عِندَ اللَّهِ كَمَثَلِ ءادَمَ خَلَقَهُ مِن تُرابٍ ثُمَّ قالَ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 59) |
بيشڪ، الله وٽ عيسيٰ جو مثال آدم وانگر آهي، ان کي مٽي مان بڻايائين، پوءِ ان کي فرمايائين ته ”ٿي وڃ“ ۽ اهو ٿي پيو. |
الحَقُّ مِن رَبِّكَ فَلا تَكُن مِنَ المُمتَرينَ (آيت : 60) |
اها ڳالهه حق آهي، جا تنهنجي رب کان آهي، تنهن ڪري شڪ ڪرڻ وارن مان نه ٿي. |
فَمَن حاجَّكَ فيهِ مِن بَعدِ ما جاءَكَ مِنَ العِلمِ فَقُل تَعالَوا نَدعُ أَبناءَنا وَأَبناءَكُم وَنِساءَنا وَنِساءَكُم وَأَنفُسَنا وَأَنفُسَكُم ثُمَّ نَبتَهِل فَنَجعَل لَعنَتَ اللَّهِ عَلَى الكٰذِبينَ (آيت : 61) |
ان خبر جي اچڻ کان پوءِ، جيڪو توسان ان بابت جهڳڙو ڪري، انهن کي چئو ته ”اچو ته اسين پنهنجي پٽن ۽ زالن کي سڏيون، اوهين پنهنجي پٽن ۽ زالن کي سڏيو. اسين پاڻ به حاضر ٿي الله کي ٻاڏايون ۽ ڪوڙن تي الله جي لعنت وجهون.“ |
إِنَّ هٰذا لَهُوَ القَصَصُ الحَقُّ وَما مِن إِلٰهٍ إِلَّا اللَّهُ وَإِنَّ اللَّهَ لَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 62) |
بيشڪ اهو ئي سچو قصو آهي ۽ الله کان سواءِ ڪو به بندگي جي لائق نه آهي، بيشڪ الله ئي زبردست ڏاهپ وارو آهي. |
فَإِن تَوَلَّوا فَإِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِالمُفسِدينَ (آيت : 63) |
جيڪڏهن ان کي قبول نه ڪن، ته الله کي فساد ڪرڻ وارن جي خبر آهي. |
قُل يٰأَهلَ الكِتٰبِ تَعالَوا إِلىٰ كَلِمَةٍ سَواءٍ بَينَنا وَبَينَكُم أَلّا نَعبُدَ إِلَّا اللَّهَ وَلا نُشرِكَ بِهِ شَيـًٔا وَلا يَتَّخِذَ بَعضُنا بَعضًا أَربابًا مِن دونِ اللَّهِ فَإِن تَوَلَّوا فَقولُوا اشهَدوا بِأَنّا مُسلِمونَ (آيت : 64) |
پوءِ اوهين ان کان پوءِ به ڦري ويا، جيڪڏهن الله جو فضل ۽ سندس رحمت اوهان تي نه هجي ها ته هوند تباهه ٿي وڃو ٿا. |
يٰأَهلَ الكِتٰبِ لِمَ تُحاجّونَ فى إِبرٰهيمَ وَما أُنزِلَتِ التَّورىٰةُ وَالإِنجيلُ إِلّا مِن بَعدِهِ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 65) |
۽ اوهان کي انهن جي به خبر آهي جي اوهان منجهان ڇنڇر بابت حد کان اڪري ويا. جڏهن اسان حڪم ڪين ته ”ذليل باندر ٿي وڃو.“ |
هٰأَنتُم هٰؤُلاءِ حٰجَجتُم فيما لَكُم بِهِ عِلمٌ فَلِمَ تُحاجّونَ فيما لَيسَ لَكُم بِهِ عِلمٌ وَاللَّهُ يَعلَمُ وَأَنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 66) |
پوءِ اسان ان واقعي کي اڳين ۽ پوين لاءِ عبرت بڻايو ۽ خدا ترسن لاءِ نصيحت. |
ما كانَ إِبرٰهيمُ يَهودِيًّا وَلا نَصرانِيًّا وَلٰكِن كانَ حَنيفًا مُسلِمًا وَما كانَ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 67) |
ياد ڪريو، جڏهن موسيٰ سندس قوم کي چيو ته ”الله اوهان کي ڳئون ڪهڻ جو حڪم ڏئي ٿو-“ چوڻ لڳا ته ”ڇا تون اسان سان مسخري ٿو ڪرين؟“ چيائين: ”مون کي شل الله جاهل ٿيڻ کان بچائي.“ |
إِنَّ أَولَى النّاسِ بِإِبرٰهيمَ لَلَّذينَ اتَّبَعوهُ وَهٰذَا النَّبِىُّ وَالَّذينَ ءامَنوا وَاللَّهُ وَلِىُّ المُؤمِنينَ (آيت : 68) |
چيائون ”پنهنجي رب کان سوال ڪر، ته اسان لاءِ چٽائي ڪري ته اها ڪهڙِي قسم جي آهي“؟ چيائين ”هو چوي ٿو ته اها ڳئون نه پوڙهي هجي، نه وهڙي، وچٿري هجي، هاڻ حڪم ڪيل ڪم ڪريو.“ |
وَدَّت طائِفَةٌ مِن أَهلِ الكِتٰبِ لَو يُضِلّونَكُم وَما يُضِلّونَ إِلّا أَنفُسَهُم وَما يَشعُرونَ (آيت : 69) |
چيائون ”پنهنجي رب کان سوال گهر ته اسان لاءِ چٽائي ڪري ته ان جو رنگ ڪهڙو هجي؟“ چيائين ”الله چوي ٿو، ته ان ڳئون جو رنگ اهڙو ڳوڙهو هيڊو هجي، جو ڏسندڙن کي وڻي.“ |
يٰأَهلَ الكِتٰبِ لِمَ تَكفُرونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَأَنتُم تَشهَدونَ (آيت : 70) |
چيائون ”پنهنجي رب کان سوال ڪر، ته هو اسان کي کولي ٻڌائي ته اها ڪهڙي هجي؟ ڇو ته اسان لاءِ اهڙي ڳئون جو سڃاپڻ مشڪل ٿي پيو آهي ۽ الله گهريو ته اسين ڳولهي لهنداسون.“ |
يٰأَهلَ الكِتٰبِ لِمَ تَلبِسونَ الحَقَّ بِالبٰطِلِ وَتَكتُمونَ الحَقَّ وَأَنتُم تَعلَمونَ (آيت : 71) |
چيائين ”هو چوي ٿو ته اها اهڙي ڳئون هجي، جا نه ڪم ۾ رڌل هجي ۽ نه هر کيڙيندي هجي، نه ٻني کي پاڻي پياريندڙ هجي، چڱي ڀلي بي داغ هجي، “ چيائون ”هاڻ تو ٺيڪ ڏسيو آهي.“ پوءِ ايئن ڪرڻ تي دل نه هين ته به ان کي ڪٺائون. |
وَقالَت طائِفَةٌ مِن أَهلِ الكِتٰبِ ءامِنوا بِالَّذى أُنزِلَ عَلَى الَّذينَ ءامَنوا وَجهَ النَّهارِ وَاكفُروا ءاخِرَهُ لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 72) |
ڪتاب وارن مان هڪ ٽولي چيو ته ”مومنن تي جيڪي نازل ٿيو آهي، ان تي صبح جو ايمان آڻيو ۽ شام جو ان جا منڪر ٿي وڃو ته شايد مسلمان به ڦري پون. |
وَلا تُؤمِنوا إِلّا لِمَن تَبِعَ دينَكُم قُل إِنَّ الهُدىٰ هُدَى اللَّهِ أَن يُؤتىٰ أَحَدٌ مِثلَ ما أوتيتُم أَو يُحاجّوكُم عِندَ رَبِّكُم قُل إِنَّ الفَضلَ بِيَدِ اللَّهِ يُؤتيهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 73) |
۽ پنهنجي دين تي هلڻ وارن کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي به ڳالهه نه مڃيو. چئو ته سنئين واٽ اهائي آهي جا الله ڏسي“ (هو چون ٿا) ته ”اها ڳالهه به نه مڃيو ته ڪنهن ٻئي کي به اهڙو ئي دين ملي سگهي ٿو. جهڙو اوهان کي مليو، يا هيءُ، ته اوهان جي رب وٽ اوهان بابت ٻئي ڪنهن جي حجت به هلي سگهي ٿي.“ چئو ته ”سڀ ڀلائي الله جي هٿ ۾ آهي، جنهن کي وڻيس تنهن کي ڏئي، الله وڏي مهربانيءَ وارو خبردار آهي. |
يَختَصُّ بِرَحمَتِهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ ذُو الفَضلِ العَظيمِ (آيت : 74) |
هو جنهن تي وڻيس خاص مهرباني ڪندو آهي ۽ الله وڏي فضل وارو آهي. |
وَمِن أَهلِ الكِتٰبِ مَن إِن تَأمَنهُ بِقِنطارٍ يُؤَدِّهِ إِلَيكَ وَمِنهُم مَن إِن تَأمَنهُ بِدينارٍ لا يُؤَدِّهِ إِلَيكَ إِلّا ما دُمتَ عَلَيهِ قائِمًا ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قالوا لَيسَ عَلَينا فِى الأُمِّيّۦنَ سَبيلٌ وَيَقولونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 75) |
ڪتاب وارن مان ڪي اهڙا آهن، جو جيڪڏهن تون وٽن مال جو ڍير امانت رکين ته توکي موٽائي ڏين ۽ ڪي اهي به آهن، جو جيڪڏهن تون وٽن هڪ اشرفي به امانت رکين، ته به توکي موٽائي نه ڏين، جيسين تون مٿن کڙو ٿي نه بيهين! ڇا لاءِ ته هو چون ٿا ته ”اڻ پڙهيلن ۾ ايئن ڪرڻ سان اسان کي ڪو گناهه نٿو ٿئي“ ۽ هو الله تي ڄاڻي ٻجهي ڪوڙ ڳالهائين ٿا. |
بَلىٰ مَن أَوفىٰ بِعَهدِهِ وَاتَّقىٰ فَإِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُتَّقينَ (آيت : 76) |
ها، جيڪو پنهنجو انجام پورو ڪندو ۽ نيڪ هوندو (ان تي پڪڙ نه آهي) بيشڪ الله نيڪن کي پسند ڪري ٿو. |
إِنَّ الَّذينَ يَشتَرونَ بِعَهدِ اللَّهِ وَأَيمٰنِهِم ثَمَنًا قَليلًا أُولٰئِكَ لا خَلٰقَ لَهُم فِى الءاخِرَةِ وَلا يُكَلِّمُهُمُ اللَّهُ وَلا يَنظُرُ إِلَيهِم يَومَ القِيٰمَةِ وَلا يُزَكّيهِم وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 77) |
جيڪي الله جي قول قرار ۽ پنهنجي قسمن کي ٿوري ملهه تي وڪڻن ٿا. اهڙن لاءِ آخرت ۾ ڪجهه به نه آهي، نڪي الله انهن سان ڳالهائيندو، نه قيامت ڏينهن انهن ڏانهن نهاريندو، نه انهن کي پاڪ ڪندو ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. |
وَإِنَّ مِنهُم لَفَريقًا يَلوۥنَ أَلسِنَتَهُم بِالكِتٰبِ لِتَحسَبوهُ مِنَ الكِتٰبِ وَما هُوَ مِنَ الكِتٰبِ وَيَقولونَ هُوَ مِن عِندِ اللَّهِ وَما هُوَ مِن عِندِ اللَّهِ وَيَقولونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 78) |
منجهائن هڪ ٽولو اهڙو به آهي جو ڪتاب کي زبان مروڙي پڙهي ٿو ته تون ان کي ڪتاب مان سمجهين، مگر حقيقت ۾ اها ڳالهه ڪتاب مان نه آهي ۽ هو چون ٿا ته ”اها ڳالهه به الله وٽان آهي“ پر اها الله وٽان نه آهي ۽ هو ڄاڻي ٻجهي الله تي ڪوڙ ڳالهائين ٿا. |
ما كانَ لِبَشَرٍ أَن يُؤتِيَهُ اللَّهُ الكِتٰبَ وَالحُكمَ وَالنُّبُوَّةَ ثُمَّ يَقولَ لِلنّاسِ كونوا عِبادًا لى مِن دونِ اللَّهِ وَلٰكِن كونوا رَبّٰنِيّۦنَ بِما كُنتُم تُعَلِّمونَ الكِتٰبَ وَبِما كُنتُم تَدرُسونَ (آيت : 79) |
ڪنهن به انسان جو اهو وڙ ناهي، جو الله کيس ڪتاب، ڏاهپ ۽ نبوت ڏئي ۽ هو وري ماڻهن کي چوي ته ”الله کانسواءِ منهنجا ٻانها ٿي رهو،“ مگر (هو ته ايئن ئي چوندو ته) ”الله وارا ٿي رهو. ڇو ته اوهين ڪتاب سيکاريو ٿا ۽ اوهين پاڻ به ان کي پڙهندا رهو ٿا.“ |
وَلا يَأمُرَكُم أَن تَتَّخِذُوا المَلٰئِكَةَ وَالنَّبِيّۦنَ أَربابًا أَيَأمُرُكُم بِالكُفرِ بَعدَ إِذ أَنتُم مُسلِمونَ (آيت : 80) |
۽ هو اوهانکي حڪم نه ڪندو ته ”فرشتن ۽ نبين کي به رب ڪري سمجهو.“ ڇا، هو اوهان کي مسلمان ٿيڻ کانپوءِ ڪفر سيکاريندو؟ |
وَإِذ أَخَذَ اللَّهُ ميثٰقَ النَّبِيّۦنَ لَما ءاتَيتُكُم مِن كِتٰبٍ وَحِكمَةٍ ثُمَّ جاءَكُم رَسولٌ مُصَدِّقٌ لِما مَعَكُم لَتُؤمِنُنَّ بِهِ وَلَتَنصُرُنَّهُ قالَ ءَأَقرَرتُم وَأَخَذتُم عَلىٰ ذٰلِكُم إِصرى قالوا أَقرَرنا قالَ فَاشهَدوا وَأَنا۠ مَعَكُم مِنَ الشّٰهِدينَ (آيت : 81) |
(ياد ڪريو اي يهوديو!) جڏهن الله نبين بابت اوهان کان پڪو انجام ورتو هو ۽ اوهان کي ڪتاب ۽ ڏاهپ ڏني هئائين ته ”جڏهن اوهان وٽ ڪو رسول اچي، جو اوهان جي ڪتاب جي تصديق ڪندڙ هجي، ته اوهين ان تي ضرور ايمان آڻيندؤ، ۽ ان جي مدد ڪندؤ“ فرمايائين ته ”ڇا، اوهان اقرار ڪيو؟ ۽ ان شرط تي منهنجو عهد قبول ڪيو؟ چيائون اسان اقرار ڪيو.“ فرمايائين ته ”اوهان گواهه رهو ۽ آءٌ به اوهان سان گڏ هڪ گواهه آهيان. |
فَمَن تَوَلّىٰ بَعدَ ذٰلِكَ فَأُولٰئِكَ هُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 82) |
جيڪو هن کان پوءِ ڦري ويندو ته پوءِ اهڙا ماڻهو نافرمان آهن.“ |
أَفَغَيرَ دينِ اللَّهِ يَبغونَ وَلَهُ أَسلَمَ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ طَوعًا وَكَرهًا وَإِلَيهِ يُرجَعونَ (آيت : 83) |
ڇا، الله جي دين کان سواءِ ڪو ٻيو دين ڳولين ٿا؟ جيڪي آسمان ۽ زمين ۾ آهن، سي ته سڀ خوشي يا ناخوشي سان سندس حڪم هيٺ آهن، سڀ انهن ڏانهن ئي موٽندا. |
قُل ءامَنّا بِاللَّهِ وَما أُنزِلَ عَلَينا وَما أُنزِلَ عَلىٰ إِبرٰهيمَ وَإِسمٰعيلَ وَإِسحٰقَ وَيَعقوبَ وَالأَسباطِ وَما أوتِىَ موسىٰ وَعيسىٰ وَالنَّبِيّونَ مِن رَبِّهِم لا نُفَرِّقُ بَينَ أَحَدٍ مِنهُم وَنَحنُ لَهُ مُسلِمونَ (آيت : 84) |
چئو ”اسان الله تي ايمان آندو ۽ ان تي به، جيڪي اسان تي نازل ٿيو ۽ جيڪي ابراهيم، اسماعيل، اسحاق، يعقوب ۽ سندس اولاد تي نازل ٿيو ۽ ان تي به جيڪي موسيٰ، عيسيٰ ۽ سڀني نبين کي سندن رب کان مليو. اسين انهن مان ڪنهن هڪڙي ۾ به فرق نٿا ڪريون ۽ اسين سندس ئي فرمانبردار آهيون. |
وَمَن يَبتَغِ غَيرَ الإِسلٰمِ دينًا فَلَن يُقبَلَ مِنهُ وَهُوَ فِى الءاخِرَةِ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 85) |
جيڪو اسلام کانسواءِ ٻيو دين ڳوليندو، ته اهو ان کان هرگز قبول نه ڪبو ۽ آخرت ۾ نقصان پائيندڙن مان هوندو. |
كَيفَ يَهدِى اللَّهُ قَومًا كَفَروا بَعدَ إيمٰنِهِم وَشَهِدوا أَنَّ الرَّسولَ حَقٌّ وَجاءَهُمُ البَيِّنٰتُ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 86) |
جنهن قوم ايمان کانپوءِ ڪفر ڪيو ۽ گواهي به ڏنائون ته رسول سچو آهي ۽ وٽن پڌريون نشانيون به آيون، ان کي الله ڪيئن رستي لڳائيندو! جو الله ظالمن کي رستي نٿو لڳائي. |
أُولٰئِكَ جَزاؤُهُم أَنَّ عَلَيهِم لَعنَةَ اللَّهِ وَالمَلٰئِكَةِ وَالنّاسِ أَجمَعينَ (آيت : 87) |
اهڙن ماڻهن جي سزا اها آهي ته مٿن الله، فرشتن ۽ سڀني ماڻهن جي لعنت هجي. |
خٰلِدينَ فيها لا يُخَفَّفُ عَنهُمُ العَذابُ وَلا هُم يُنظَرونَ (آيت : 88) |
ان ۾ هميشه رهندا نه انهن کان عذاب هلڪو ڪبو ۽ نه انهن کي مهلت ڏبي. |
إِلَّا الَّذينَ تابوا مِن بَعدِ ذٰلِكَ وَأَصلَحوا فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 89) |
ها، ان کانپوءِ جن توبهه ڪئي ۽ نيڪ ڪم ڪيا، ته بيشڪ الله بخشڻهار مهربان آهي. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا بَعدَ إيمٰنِهِم ثُمَّ ازدادوا كُفرًا لَن تُقبَلَ تَوبَتُهُم وَأُولٰئِكَ هُمُ الضّالّونَ (آيت : 90) |
جيڪي ماڻهو ايمان آڻڻ کان پوءِ ڪافر ٿيا ۽ ڪفر ۾ وڌندا ئي رهيا، ته انهن جي توبهه قبول نه پوندي ۽ اُهي ئي گمراهه آهن. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا وَماتوا وَهُم كُفّارٌ فَلَن يُقبَلَ مِن أَحَدِهِم مِلءُ الأَرضِ ذَهَبًا وَلَوِ افتَدىٰ بِهِ أُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ أَليمٌ وَما لَهُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 91) |
بيشڪ جن ڪفر ڪيو، ۽ ڪفر جي حالت ۾ مري ويا، انهن کان ڪو به بدلو هرگز نه وٺبو، کڻي زمين سون سان ڀري ڇو نه ڏين. انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي ۽ انهن لاءِ ڪو به مددگار نه آهي. |
لَن تَنالُوا البِرَّ حَتّىٰ تُنفِقوا مِمّا تُحِبّونَ وَما تُنفِقوا مِن شَيءٍ فَإِنَّ اللَّهَ بِهِ عَليمٌ (آيت : 92) |
اوهين تيسين سچا نيڪ هرگز نه آهيو، جيسين اوهان جي پنهنجي پيارين چيزن مان (الله جي راهه ۾) خرچ نه ڪريو، ۽ جيڪي به خرچ ڪندؤ، سو الله کي معلوم آهي. |
كُلُّ الطَّعامِ كانَ حِلًّا لِبَنى إِسرٰءيلَ إِلّا ما حَرَّمَ إِسرٰءيلُ عَلىٰ نَفسِهِ مِن قَبلِ أَن تُنَزَّلَ التَّورىٰةُ قُل فَأتوا بِالتَّورىٰةِ فَاتلوها إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 93) |
کائڻ جون سڀ شيون يهودين لاءِ حلال هيون، سواءِ انهن جي، جيڪي اسرائيل (يعقوب) پاڻ تي توريت جي نازل ٿيڻ کان اڳ حرام ڪيون هيون، انهن کي چئو ته ”جيڪڏهن اوهين (پنهنجي دعويٰ ۾) سچا آهيو، ته توريت آڻي ان کي پڙهو.“ |
فَمَنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ مِن بَعدِ ذٰلِكَ فَأُولٰئِكَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 94) |
پوءِ جيڪو ان کان پوءِ به الله تي ڪوڙ گهڙيندو ته اهڙا ماڻهو ظالم آهن. |
قُل صَدَقَ اللَّهُ فَاتَّبِعوا مِلَّةَ إِبرٰهيمَ حَنيفًا وَما كانَ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 95) |
تون چئو ته ”الله سچ فرمايو آهي، ان ڪري ابراهيم جي دين جي تابعداري ڪريو، جو هڪ رخو هو ۽ الله کان سواءِ ٻين جي بندگي ڪندڙ نه هو.“ |
إِنَّ أَوَّلَ بَيتٍ وُضِعَ لِلنّاسِ لَلَّذى بِبَكَّةَ مُبارَكًا وَهُدًى لِلعٰلَمينَ (آيت : 96) |
بيشڪ پهريون (عبادت جو) گهر، جو ماڻهن لاءِ ٺهيو، سو ”بڪي“ (مڪي) ۾ آهي. اهو جهان جي ماڻهن لاءِ برڪت ڀريو ۽ هدايت (جو هنڌ) آهي. |
فيهِ ءايٰتٌ بَيِّنٰتٌ مَقامُ إِبرٰهيمَ وَمَن دَخَلَهُ كانَ ءامِنًا وَلِلَّهِ عَلَى النّاسِ حِجُّ البَيتِ مَنِ استَطاعَ إِلَيهِ سَبيلًا وَمَن كَفَرَ فَإِنَّ اللَّهَ غَنِىٌّ عَنِ العٰلَمينَ (آيت : 97) |
ان ۾ پڌريون نشانيون آهن، (جيئن) مقام ابراهيم. ۽ جيڪو ان ۾ داخل ٿيندو، سو امن ۾ رهندو. ۽ ماڻهن مان انهن تي الله جي گهر جو حج فرض آهي، جيڪي اتي پهچڻ جي سگهه رکن ٿا ۽ جيڪو انڪار ڪندو، ته الله کي جهان جي ماڻهن جي پرواهه نه آهي. |
قُل يٰأَهلَ الكِتٰبِ لِمَ تَكفُرونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَاللَّهُ شَهيدٌ عَلىٰ ما تَعمَلونَ (آيت : 98) |
چؤ اي ڪتاب وارؤ! ڇو الله جي آيتن جو انڪار ڪريو ٿا؟ جيڪي ڪم ڪريو ٿا، الله انهن کي خوب ڄاڻي ٿو. |
قُل يٰأَهلَ الكِتٰبِ لِمَ تَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ مَن ءامَنَ تَبغونَها عِوَجًا وَأَنتُم شُهَداءُ وَمَا اللَّهُ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 99) |
چئو ته اي ڪتاب وارؤ! ڇو اوهان کي سڀ خبر هوندي به، ايمان واري کي ڇو ٿا الله جي راهه کان روڪيو ۽ هن لاءِ ڏنگي واٽ طلبيو؟ الله اوهان جي ڪمن کان بي خبر نه آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِن تُطيعوا فَريقًا مِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ يَرُدّوكُم بَعدَ إيمٰنِكُم كٰفِرينَ (آيت : 100) |
اي مومنو! جيڪڏهن اوهين ڪتاب وارن مان هڪ ٽولي جو چيو مڃيندؤ، ته هو اوهان کي ايمان مان ڪڍي ڪافر بڻائي ڇڏيندا. |
وَكَيفَ تَكفُرونَ وَأَنتُم تُتلىٰ عَلَيكُم ءايٰتُ اللَّهِ وَفيكُم رَسولُهُ وَمَن يَعتَصِم بِاللَّهِ فَقَد هُدِىَ إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 101) |
اوهان جي اڳيان الله جون آيتون پڙهجن ٿيون ۽ اوهان ۾ سندس رسول به آهي، ته پوءِ اوهين ڪيئن ڪفر ڪندؤ؟ ۽ جنهن الله کي محڪم جهليو، تنهن کي برابر سنئين واٽ ملي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ حَقَّ تُقاتِهِ وَلا تَموتُنَّ إِلّا وَأَنتُم مُسلِمونَ (آيت : 102) |
اي مومنو! الله جي (نافرماني) کان ايترو ڊڄو، جيترو ڊڄڻ گهرجي ۽ اوهين مسلمان ٿي مرجو. |
وَاعتَصِموا بِحَبلِ اللَّهِ جَميعًا وَلا تَفَرَّقوا وَاذكُروا نِعمَتَ اللَّهِ عَلَيكُم إِذ كُنتُم أَعداءً فَأَلَّفَ بَينَ قُلوبِكُم فَأَصبَحتُم بِنِعمَتِهِ إِخوٰنًا وَكُنتُم عَلىٰ شَفا حُفرَةٍ مِنَ النّارِ فَأَنقَذَكُم مِنها كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُم ءايٰتِهِ لَعَلَّكُم تَهتَدونَ (آيت : 103) |
سڀئي گڏجي الله جي رسي کي مضبوط جهليو، ڇڙوڇڙ نه ٿيو ۽ الله جي ان نعمت کي به ياد ڪريو جا هن اوهان جي دلين ڳنڍڻ سان اوهان تي ڪئي، جڏهن اوهين هڪٻئي جا دشمن هئا، پوءِ سندس ان نعمت جي ڪري اوهين پاڻ ۾ ڀائر ٿي پيا ۽ اصل ۾ اوهين باهه جي کڏ جي ڪناري تي هئا، پوءِ هن اوهان کي ان کان بچايو. اهڙي ريت الله پنهنجين آيتن کي کولي بيان ڪندو آهي، ته اوهان سنئين واٽ لهو. |
وَلتَكُن مِنكُم أُمَّةٌ يَدعونَ إِلَى الخَيرِ وَيَأمُرونَ بِالمَعروفِ وَيَنهَونَ عَنِ المُنكَرِ وَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 104) |
اوهان ۾ هڪ اهڙي جماعت به هجي، جا نيڪ ڪمن ڏانهن سڏي، چڱن ڪمن ڪرڻ جو حڪم ڏئي، بڇڙاين کان جهلي. ۽ اهي ئي ڪامياب آهن. |
وَلا تَكونوا كَالَّذينَ تَفَرَّقوا وَاختَلَفوا مِن بَعدِ ما جاءَهُمُ البَيِّنٰتُ وَأُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 105) |
۽ انهن ماڻهن وانگر نه ٿيو، جي ڇڙوڇڙ ٿيا. صاف حڪمن جي اچڻ کان پوءِ به اختلاف ڪيائون ۽ اهڙن لاءِ وڏو عذاب آهي. |
يَومَ تَبيَضُّ وُجوهٌ وَتَسوَدُّ وُجوهٌ فَأَمَّا الَّذينَ اسوَدَّت وُجوهُهُم أَكَفَرتُم بَعدَ إيمٰنِكُم فَذوقُوا العَذابَ بِما كُنتُم تَكفُرونَ (آيت : 106) |
ان (قيامت جي) ڏينهن ڪي منهن روشن هوندا ۽ ڪي منهن ڪاراٽيل هوندا، جن جا منهن ڪارا هوندا تن کي چئبو ته ”ڇا اوهان ايمان آڻڻ کان پوءِ ڪافر ٿي ويا هئا؟ تنهن ڪري ان ڪفر جي بدلي، جو اوهين ڪندا هئا، عذاب چکو.“ |
وَأَمَّا الَّذينَ ابيَضَّت وُجوهُهُم فَفى رَحمَةِ اللَّهِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 107) |
پر جن ماڻهن جا منهن روشن هوندا، سي الله جي رحمت ۾ هوندا ۽ اهي ان ۾ هميشه رهندا. |
تِلكَ ءايٰتُ اللَّهِ نَتلوها عَلَيكَ بِالحَقِّ وَمَا اللَّهُ يُريدُ ظُلمًا لِلعٰلَمينَ (آيت : 108) |
اهي الله جا حڪم آهن جي اسين توکي پورا پورا پڙهي ٻڌايون ٿا ۽ الله جهان جي ماڻهن تي ظلم ڪرڻ نٿو گهري. |
وَلِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَإِلَى اللَّهِ تُرجَعُ الأُمورُ (آيت : 109) |
۽ جيڪي به آسمانن خواهه زمين ۾ آهي، سو سڀ الله جو آهي ۽ ان ڏانهن ئي سڀ ڪم موٽندڙ آهن. |
كُنتُم خَيرَ أُمَّةٍ أُخرِجَت لِلنّاسِ تَأمُرونَ بِالمَعروفِ وَتَنهَونَ عَنِ المُنكَرِ وَتُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَلَو ءامَنَ أَهلُ الكِتٰبِ لَكانَ خَيرًا لَهُم مِنهُمُ المُؤمِنونَ وَأَكثَرُهُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 110) |
اوهين سڀ کان ڀلي امت آهيو، جا هن لاءِ بنائي ويئي آهي ته ماڻهن کي چڱن ڪمن ڪرڻ جو حڪم ڏيو. بڇڙاين کان روڪيو ۽ الله تي ايمان رکو ٿا. جيڪڏهن ڪتاب وارا به ايمان آڻين، ته انهن لاءِ چڱو آهي، مگر ڪي انهن مان مومن آهن ۽ گهڻا انهن مان نافرمان آهن. |
لَن يَضُرّوكُم إِلّا أَذًى وَإِن يُقٰتِلوكُم يُوَلّوكُمُ الأَدبارَ ثُمَّ لا يُنصَرونَ (آيت : 111) |
اهي اوهان کي (زباني) ايذاءَ کان سواءِ ڪو به نقصان هرگز نه ڏيئي سگهندا ۽ جيڪڏهن اوهان سان وڙهندا ته اوهان کي پٺ ڏيئي ڀڄندا، پوءِ کين مدد نه ملندي. |
ضُرِبَت عَلَيهِمُ الذِّلَّةُ أَينَ ما ثُقِفوا إِلّا بِحَبلٍ مِنَ اللَّهِ وَحَبلٍ مِنَ النّاسِ وَباءو بِغَضَبٍ مِنَ اللَّهِ وَضُرِبَت عَلَيهِمُ المَسكَنَةُ ذٰلِكَ بِأَنَّهُم كانوا يَكفُرونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَيَقتُلونَ الأَنبِياءَ بِغَيرِ حَقٍّ ذٰلِكَ بِما عَصَوا وَكانوا يَعتَدونَ (آيت : 112) |
جتي به هجن اتي مٿن ذلت وڌي ويئي آهي، سواءِ هن جي، جو الله جي ذمي ۾ رهن، يا ماڻهن جي ذمي ۾، انهن کي الله جو غصو ورائي ويو ۽ مٿن مسڪينيءَ کي لاڳو ڪيو ويو، ڇا لاءِ ته هو الله جي آيتن جو انڪار ڪندا هئا ۽ ناحق نبين کي قتل ڪندا هئا. اها (سزا) هن ڪري، جو اهي نافرماني ڪندا هئا ۽ حد کان نڪري ويا هئا. |
لَيسوا سَواءً مِن أَهلِ الكِتٰبِ أُمَّةٌ قائِمَةٌ يَتلونَ ءايٰتِ اللَّهِ ءاناءَ الَّيلِ وَهُم يَسجُدونَ (آيت : 113) |
سڀ اهل ڪتاب هڪ جهڙا نه آهن، انهن مان هڪ ٽولو سنئين واٽ تي قائم آهي. راتين جو الله جون آيتون پڙهن ٿا ۽ سجدا ڪندا رهن ٿا. |
يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَيَأمُرونَ بِالمَعروفِ وَيَنهَونَ عَنِ المُنكَرِ وَيُسٰرِعونَ فِى الخَيرٰتِ وَأُولٰئِكَ مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 114) |
الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان رکن ٿا. چڱين ڳالهين جو حڪم ڪن ٿا، بڇڙاين کان منع ڪن ٿا. نيڪين ۾ جلدي ڪندڙ آهن ۽ اهي نيڪن مان آهن. |
وَما يَفعَلوا مِن خَيرٍ فَلَن يُكفَروهُ وَاللَّهُ عَليمٌ بِالمُتَّقينَ (آيت : 115) |
جيڪا به نيڪي ڪندا ان جي هرگز بي قدري نه ٿيندي ۽ الله نيڪن کي ڄاڻي ٿو. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا لَن تُغنِىَ عَنهُم أَموٰلُهُم وَلا أَولٰدُهُم مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا وَأُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 116) |
جن شخصن ڪفر ڪيو، تن کي نڪي سندن مال ۽ نڪي سندن اولاد الله وٽان ڪجهه بچائيندو- ۽ اهي دوزخي آهن، ان ۾ هميشه رهندا. |
مَثَلُ ما يُنفِقونَ فى هٰذِهِ الحَيوٰةِ الدُّنيا كَمَثَلِ ريحٍ فيها صِرٌّ أَصابَت حَرثَ قَومٍ ظَلَموا أَنفُسَهُم فَأَهلَكَتهُ وَما ظَلَمَهُمُ اللَّهُ وَلٰكِن أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 117) |
هو جيڪي به هن دنيا جي حياتي ۾ ڪن ٿا سو هڪ اهڙي هوا جي مثال آهي، جنهن ۾ پارو هجي ۽ اهو انهيءَ قوم جي پوک کي لڳي ناس ڪري ڇڏي، جنهن پاڻ تي ظلم ڪيو هجي. ۽ الله مٿن ظلم نه ڪيو آهي، مگر پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪيو اٿن. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّخِذوا بِطانَةً مِن دونِكُم لا يَألونَكُم خَبالًا وَدّوا ما عَنِتُّم قَد بَدَتِ البَغضاءُ مِن أَفوٰهِهِم وَما تُخفى صُدورُهُم أَكبَرُ قَد بَيَّنّا لَكُمُ الءايٰتِ إِن كُنتُم تَعقِلونَ (آيت : 118) |
اي مومنو! پنهنجن کي ڇڏي ٻين کي دوست نه بڻايو. اهي اوهان جي خرابيءَ ۾ ڪا گهٽتائي نٿا ڪن، اوهان جي نقصان ۾ خوش آهن. سندن زبان مان به دشمني پڌري ٿي چڪي آهي پر جيڪي سندن سينن ۾ آهي، سو ته ان کان به وڌيڪ آهي. جيڪڏهن اوهان کي سمجهه آهي ته اسان اوهان تي سمجهه جون ڳالهيون پڌريون ڪيون آهن. |
هٰأَنتُم أُولاءِ تُحِبّونَهُم وَلا يُحِبّونَكُم وَتُؤمِنونَ بِالكِتٰبِ كُلِّهِ وَإِذا لَقوكُم قالوا ءامَنّا وَإِذا خَلَوا عَضّوا عَلَيكُمُ الأَنامِلَ مِنَ الغَيظِ قُل موتوا بِغَيظِكُم إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 119) |
اوهين ساڻن محبت ڪريو ٿا جو اوهين سڀني ڪتابن کي مڃيو ٿا پر هو اوهان سان محبت ڪو نه ٿا ڪن. هو جڏهن اوهان کي ملن ٿا، چون ٿا ته ”اسين مسلمان آهيون“ ۽ جڏهن اڪيلا ٿين ٿا ته ڪاوڙ کان اوهان تي آڱريون چٻين ٿا. چئو ته ”مرو انهيءَ ڪاوڙ ۾“ بيشڪ الله دلين جي ڳالهه کي به خوب ڄاڻي ٿو. |
إِن تَمسَسكُم حَسَنَةٌ تَسُؤهُم وَإِن تُصِبكُم سَيِّئَةٌ يَفرَحوا بِها وَإِن تَصبِروا وَتَتَّقوا لا يَضُرُّكُم كَيدُهُم شَيـًٔا إِنَّ اللَّهَ بِما يَعمَلونَ مُحيطٌ (آيت : 120) |
جيڪڏهن اوهان کي فائدو رسي ٿو، ته انهن کي اها ڳالهه بڇڙي لڳي ٿي ۽ جيڪڏهن اوهان کي تڪليف پهچي ٿي ته ان تي خوش ٿين ٿا مگر جيڪڏهن اوهين صبر ڪندا ۽ نيڪ ٿيندا، ته انهن جون ڳجهيون رٿون اوهان کي نقصان نه پهچائينديون. بيشڪ جيڪي هو ڪن ٿا تنهن مٿان الله جو قبضو آهي. |
وَإِذ غَدَوتَ مِن أَهلِكَ تُبَوِّئُ المُؤمِنينَ مَقٰعِدَ لِلقِتالِ وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 121) |
(ياد ڪر) جڏهن تون پنهنجي گهر مان نڪري مومنن کي لڙائي جون جايون ڏيکارڻ لڳئين ۽ الله سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. |
إِذ هَمَّت طائِفَتانِ مِنكُم أَن تَفشَلا وَاللَّهُ وَلِيُّهُما وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 122) |
(ياد ڪر) جڏهن اوهان مان ٻن ٽولن ارادو ڪيو ته همت هاري وجهن، مگر الله انهن جو مددگار هو ۽ مومنن کي ته الله تي ئي ڀروسو ڪرڻ گهرجي. |
وَلَقَد نَصَرَكُمُ اللَّهُ بِبَدرٍ وَأَنتُم أَذِلَّةٌ فَاتَّقُوا اللَّهَ لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 123) |
بيشڪ، جڏهن اوهين بدر جي جنگ وقت ڪمزور هئا تڏهن به الله اوهان جي مدد ڪئي. تنهن ڪري الله کان ڊڄندا رهو ته جيئن اوهين شڪر گذار ٿيو. |
إِذ تَقولُ لِلمُؤمِنينَ أَلَن يَكفِيَكُم أَن يُمِدَّكُم رَبُّكُم بِثَلٰثَةِ ءالٰفٍ مِنَ المَلٰئِكَةِ مُنزَلينَ (آيت : 124) |
(ياد ڪر) جڏهن تون مومنن کي چوڻ لڳين، ته ”ڇا اوهان کي اها ڳالهه ڪافي نه آهي، ته اوهان جو رب اوهان کي آسمان مان لهندڙ ٽن هزارن فرشتن جي مدد ڏئي؟ |
بَلىٰ إِن تَصبِروا وَتَتَّقوا وَيَأتوكُم مِن فَورِهِم هٰذا يُمدِدكُم رَبُّكُم بِخَمسَةِ ءالٰفٍ مِنَ المَلٰئِكَةِ مُسَوِّمينَ (آيت : 125) |
هائو! جيڪڏهن اوهين ثابت قدم رهندؤ ۽ نيڪ ٿيندؤ ته کڻي هي (ڪافر) اوهان تي هڪدم اچي ڪڙڪندا، ته اوهان جو رب به اوهان کي پنجن هزارن نشاندار گهوڙن وارن فرشتن سان مدد ڏيندو. |
وَما جَعَلَهُ اللَّهُ إِلّا بُشرىٰ لَكُم وَلِتَطمَئِنَّ قُلوبُكُم بِهِ وَمَا النَّصرُ إِلّا مِن عِندِ اللَّهِ العَزيزِ الحَكيمِ (آيت : 126) |
اها ڳالهه الله تعاليٰ رڳو اوهان کي خوشخبري ڏيڻ ۽ ان سان اوهان جي قلبن کي بيفڪري ٿيڻ لاءِ بيان ڪئي آهي. پر مدد ته رڳو الله زبردست ڏاهپ واري وٽان آهي. |
لِيَقطَعَ طَرَفًا مِنَ الَّذينَ كَفَروا أَو يَكبِتَهُم فَيَنقَلِبوا خائِبينَ (آيت : 127) |
۽ هن لاءِ، ته ڪافرن جو ڪو حصو ناس ڪري، يا کين ذليل ڪري ته هو محروم ٿي موٽي وڃن. |
لَيسَ لَكَ مِنَ الأَمرِ شَيءٌ أَو يَتوبَ عَلَيهِم أَو يُعَذِّبَهُم فَإِنَّهُم ظٰلِمونَ (آيت : 128) |
توکي ڪو اختيار نه آهي خواه الله انهن کي توبهه (جي توفيق) ڏئي، يا انهن کي عذاب ڪري، بيشڪ اُهي ظالم آهن. |
وَلِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ يَغفِرُ لِمَن يَشاءُ وَيُعَذِّبُ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 129) |
جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو سڀ الله جو آهي. جنهن کي وڻيس تنهن کي بخشي، جنهن کي وڻيس تنهن کي عذاب ڪري ۽ الله بخشيندڙ مهربان آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَأكُلُوا الرِّبوٰا۟ أَضعٰفًا مُضٰعَفَةً وَاتَّقُوا اللَّهَ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 130) |
اي مومنو! ٻيڻو چؤڻو وياج نه کائو! الله کان ڊڄندا رهو، ته اوهين ڪامياب ٿيو. |
وَاتَّقُوا النّارَ الَّتى أُعِدَّت لِلكٰفِرينَ (آيت : 131) |
انهيءَ باهه کان بچو، جا منڪرن لاءِ تيار ٿي آهي. |
وَأَطيعُوا اللَّهَ وَالرَّسولَ لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 132) |
۽ الله ۽ رسول جو حڪم مڃيو ته اوهان تي رحم ٿئي. |
وَسارِعوا إِلىٰ مَغفِرَةٍ مِن رَبِّكُم وَجَنَّةٍ عَرضُهَا السَّمٰوٰتُ وَالأَرضُ أُعِدَّت لِلمُتَّقينَ (آيت : 133) |
۽ پنهنجي رب جي بخشش ڏانهن ڊوڙو ۽ انهيءَ جنت ڏانهن (به) جنهن جي ويڪر آسمان ۽ زمين جيتري آهي، اها نيڪن لاءِ تيار ٿيل آهي. |
الَّذينَ يُنفِقونَ فِى السَّرّاءِ وَالضَّرّاءِ وَالكٰظِمينَ الغَيظَ وَالعافينَ عَنِ النّاسِ وَاللَّهُ يُحِبُّ المُحسِنينَ (آيت : 134) |
جي سک خواهه ڏک ۾ (نيڪ ڪمن ۾) خرچ ڪن ٿا، ڪاوڙ کي کائين ٿا، ماڻهن کي معاف ڪن ٿا ۽ الله نيڪن کي پسند ڪري ٿو. |
وَالَّذينَ إِذا فَعَلوا فٰحِشَةً أَو ظَلَموا أَنفُسَهُم ذَكَرُوا اللَّهَ فَاستَغفَروا لِذُنوبِهِم وَمَن يَغفِرُ الذُّنوبَ إِلَّا اللَّهُ وَلَم يُصِرّوا عَلىٰ ما فَعَلوا وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 135) |
۽ اهي، جڏهن ڪو پڌرو گناهه ڪري وجهن ٿا، يا پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪن ٿا، ته الله کي ياد ڪن ٿا ۽ پنهنجي گناهن لاءِ بخشش گهرن ٿا ۽ الله کانسواءِ ٻيو ڪير آهي، جو گناهه بخشي؟ ۽ جيڪي ڪن ٿا، ان تي ڄاڻي ٻجهي اڙجي نٿا بيهن. |
أُولٰئِكَ جَزاؤُهُم مَغفِرَةٌ مِن رَبِّهِم وَجَنّٰتٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَنِعمَ أَجرُ العٰمِلينَ (آيت : 136) |
انهن لاءِ سندن رب کان بخشش جي جزا ۽ باغ آهن، جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون، هو انهن ۾ هميشه رهندا ۽ اهو ڪم ڪندڙن لاءِ ڪهڙو نه چڱو اجر آهي! |
قَد خَلَت مِن قَبلِكُم سُنَنٌ فَسيروا فِى الأَرضِ فَانظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُكَذِّبينَ (آيت : 137) |
اوهان کان اڳ ڪئين واقعا ٿي چڪا آهن. تنهنڪري زمين ۾ گهمي ڦري ڏسو ته (نبين کي) ڪوڙو سمجهندڙن جي پڇاڙي ڪهڙي ٿي آهي. |
هٰذا بَيانٌ لِلنّاسِ وَهُدًى وَمَوعِظَةٌ لِلمُتَّقينَ (آيت : 138) |
هي ماڻهن جي سمجهڻ لاءِ بيان آهي ۽ خدا ترسن لاءِ هدايت ۽ نصيحت آهي. |
وَلا تَهِنوا وَلا تَحزَنوا وَأَنتُمُ الأَعلَونَ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 139) |
نڪي سست ٿيو، نڪي غم کائو. اوهين ئي غالب رهندؤ، جيڪڏهن اوهان ۾ پورو ايمان آهي. |
إِن يَمسَسكُم قَرحٌ فَقَد مَسَّ القَومَ قَرحٌ مِثلُهُ وَتِلكَ الأَيّامُ نُداوِلُها بَينَ النّاسِ وَلِيَعلَمَ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا وَيَتَّخِذَ مِنكُم شُهَداءَ وَاللَّهُ لا يُحِبُّ الظّٰلِمينَ (آيت : 140) |
جيڪڏهن اوهان کي زخم رسيا آهن ته دشمن قوم کي به اهڙا ئي زخم رسيا آهن. اهي وقت جا وارا ڦيرا آهن، جي اسين ماڻهن ۾ بدليندا رهندا آهيون، هن لاءِ ته الله اوهان مان (سچن) مومنن کي پڌرو ڪري ۽ اوهان مان ڪن کي شهيد ڪري. الله ظالمن کي پسند نٿو ڪري. |
وَلِيُمَحِّصَ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا وَيَمحَقَ الكٰفِرينَ (آيت : 141) |
۽ هن لاءِ به، ته مومنن کي پاڪ صاف ڪري ۽ ڪافرن کي ميٽي ڇڏي. |
أَم حَسِبتُم أَن تَدخُلُوا الجَنَّةَ وَلَمّا يَعلَمِ اللَّهُ الَّذينَ جٰهَدوا مِنكُم وَيَعلَمَ الصّٰبِرينَ (آيت : 142) |
ڇا، اوهان ڀانيو ٿا، ته اوهين ايئن ئي جنت ۾ داخل ٿي ويندا ۽ اڃان الله اوهان مان مجاهدن ۽ ثابت قدم رهڻ وارن کي پڌرو ئي نه ڪيو آهي؟ |
وَلَقَد كُنتُم تَمَنَّونَ المَوتَ مِن قَبلِ أَن تَلقَوهُ فَقَد رَأَيتُموهُ وَأَنتُم تَنظُرونَ (آيت : 143) |
اوهان ته ان کي ملڻ کان اڳ موت جي خواهش به ڪئي ٿي، سو هاڻي اوهان ان کي ڏٺو ۽ اهو اوهان جي اکين آڏو هو. |
وَما مُحَمَّدٌ إِلّا رَسولٌ قَد خَلَت مِن قَبلِهِ الرُّسُلُ أَفَإِي۟ن ماتَ أَو قُتِلَ انقَلَبتُم عَلىٰ أَعقٰبِكُم وَمَن يَنقَلِب عَلىٰ عَقِبَيهِ فَلَن يَضُرَّ اللَّهَ شَيـًٔا وَسَيَجزِى اللَّهُ الشّٰكِرينَ (آيت : 144) |
محمد (ﷺ) ته فقط الله جو هڪ رسول آهي، کانئس اڳ به رسول گذري چڪا آهن. پوءِ جيڪڏهن هو وفات ڪري يا شهيد ٿي وڃي ته ڇا، اوهين پوئين پير ڦري ويندؤ؟ ۽ جيڪو پوئين پير ڦرندو ته الله کي هرگز ڪو به نقصان نه پهچندو ۽ الله جلد ئي شڪرگذارن کي بدلو ڏيندو. |
وَما كانَ لِنَفسٍ أَن تَموتَ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ كِتٰبًا مُؤَجَّلًا وَمَن يُرِد ثَوابَ الدُّنيا نُؤتِهِ مِنها وَمَن يُرِد ثَوابَ الءاخِرَةِ نُؤتِهِ مِنها وَسَنَجزِى الشّٰكِرينَ (آيت : 145) |
ڪو به شخص الله جي حڪم کان سواءِ نٿو مري، ان لاءِ هڪ مقرر وقت آهي. جيڪو دنيا جو بدلو گهرندو، ان کي اهو ئي ڏينداسون ۽ جيڪو آخرت جو بدلو گهرندو، ان کي اهوئي ڏينداسون ۽ اسين شڪر ڪندڙن کي جلد بدلو ڏينداسون. |
وَكَأَيِّن مِن نَبِىٍّ قٰتَلَ مَعَهُ رِبِّيّونَ كَثيرٌ فَما وَهَنوا لِما أَصابَهُم فى سَبيلِ اللَّهِ وَما ضَعُفوا وَمَا استَكانوا وَاللَّهُ يُحِبُّ الصّٰبِرينَ (آيت : 146) |
ڪئين نبي ٿيا آهن، جن سان خدا وارا، گڏجي وڙهيا آهن، پوءِ کين الله جي راهه ۾ تڪليفون پهچڻ تي نه هنن همت هاري، نه سست ٿيا. نڪي ڊڄي ويا ۽ الله ثابت قدم رهندڙن کي پسند ڪري ٿو. |
وَما كانَ قَولَهُم إِلّا أَن قالوا رَبَّنَا اغفِر لَنا ذُنوبَنا وَإِسرافَنا فى أَمرِنا وَثَبِّت أَقدامَنا وَانصُرنا عَلَى القَومِ الكٰفِرينَ (آيت : 147) |
۽ انهن فقط اهوئي ٿي چيو ته ”اي اسان جا رب! اسان جا گناهه ۽ اسان جون غلطيون بخش ڪر. اسان کي ثابت قدم رک ۽ ڪافرن جي مقابلي ۾ اسان جي مدد ڪر!“ |
فَـٔاتىٰهُمُ اللَّهُ ثَوابَ الدُّنيا وَحُسنَ ثَوابِ الءاخِرَةِ وَاللَّهُ يُحِبُّ المُحسِنينَ (آيت : 148) |
پوءِ الله انهن کي دنيا جو ثواب ڏنو، آخرت جو بهتر ثواب به ڏنو ۽ الله نيڪن کي پسند ڪري ٿو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِن تُطيعُوا الَّذينَ كَفَروا يَرُدّوكُم عَلىٰ أَعقٰبِكُم فَتَنقَلِبوا خٰسِرينَ (آيت : 149) |
اي مومنو! جيڪڏهن ڪافرن جو چيو وٺندؤ ته اوهان کي پوئين پيرن هٽائيندا ۽ پوءِ اوهين نقصان پائيندؤ. |
بَلِ اللَّهُ مَولىٰكُم وَهُوَ خَيرُ النّٰصِرينَ (آيت : 150) |
بلڪ الله اوهان جو مددگار آهي ۽ اهو سڀني کان بهتر مددگار آهي. |
سَنُلقى فى قُلوبِ الَّذينَ كَفَرُوا الرُّعبَ بِما أَشرَكوا بِاللَّهِ ما لَم يُنَزِّل بِهِ سُلطٰنًا وَمَأوىٰهُمُ النّارُ وَبِئسَ مَثوَى الظّٰلِمينَ (آيت : 151) |
اسين ترت ڪافرن جي دلين ۾ هيبت وجهنداسون، ڇا لاءِ ته هو الله جا شريڪ مقرر ڪن ٿا، جن لاءِ وٽن ڪا سند آيل نه آهي، انهن جي جاءِ دوزخ آهي ۽ اها ظالمن لاءِ بڇڙي جاءِ آهي. |
وَلَقَد صَدَقَكُمُ اللَّهُ وَعدَهُ إِذ تَحُسّونَهُم بِإِذنِهِ حَتّىٰ إِذا فَشِلتُم وَتَنٰزَعتُم فِى الأَمرِ وَعَصَيتُم مِن بَعدِ ما أَرىٰكُم ما تُحِبّونَ مِنكُم مَن يُريدُ الدُّنيا وَمِنكُم مَن يُريدُ الءاخِرَةَ ثُمَّ صَرَفَكُم عَنهُم لِيَبتَلِيَكُم وَلَقَد عَفا عَنكُم وَاللَّهُ ذو فَضلٍ عَلَى المُؤمِنينَ (آيت : 152) |
الله پنهنجي وعدي کي سچو ڪيو، جڏهن اوهان انهن کي سندس حڪم سان قتل ڪرڻ لڳؤ، ايتري تائين، جو اوهين همت هاري ويٺا ۽ ڪم بابت پاڻ ۾ جهڳڙو ڪيوَ، جنهن ڳالهه کي اوهان پسند ڪيو ٿي ان جي ڏيکارڻ کانپوءِ به اوهان نافرماني ڪئي. ڪنهن اوهان مان دنيا ٿي گهري، ته ڪن اوهان مان آخرت ٿي گهري، پوءِ اوهان کي معاف ڪري چڪو ۽ الله جو مومنن تي فضل آهي. |
إِذ تُصعِدونَ وَلا تَلوۥنَ عَلىٰ أَحَدٍ وَالرَّسولُ يَدعوكُم فى أُخرىٰكُم فَأَثٰبَكُم غَمًّا بِغَمٍّ لِكَيلا تَحزَنوا عَلىٰ ما فاتَكُم وَلا ما أَصٰبَكُم وَاللَّهُ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 153) |
(ياد ڪريو) جڏهن اوهين ڀڳا ٿي ويا ۽ ڪنهن هڪ ڏانهن ڪنڌ ڦيري نه ڏٺؤ ۽ رسول اوهان کي پٺيان سڏيو ٿي، پوءِ اوهان کي ڏک تي ڏک ڏنائين، ان لاءِ ته جيڪي اوهان کان ٿي چڪو ۽ جيڪي اوهان کي پيش آيو. ان تي غم نه ڪريو ۽ الله اوهان جي عملن کان خبردار آهي. |
ثُمَّ أَنزَلَ عَلَيكُم مِن بَعدِ الغَمِّ أَمَنَةً نُعاسًا يَغشىٰ طائِفَةً مِنكُم وَطائِفَةٌ قَد أَهَمَّتهُم أَنفُسُهُم يَظُنّونَ بِاللَّهِ غَيرَ الحَقِّ ظَنَّ الجٰهِلِيَّةِ يَقولونَ هَل لَنا مِنَ الأَمرِ مِن شَيءٍ قُل إِنَّ الأَمرَ كُلَّهُ لِلَّهِ يُخفونَ فى أَنفُسِهِم ما لا يُبدونَ لَكَ يَقولونَ لَو كانَ لَنا مِنَ الأَمرِ شَيءٌ ما قُتِلنا هٰهُنا قُل لَو كُنتُم فى بُيوتِكُم لَبَرَزَ الَّذينَ كُتِبَ عَلَيهِمُ القَتلُ إِلىٰ مَضاجِعِهِم وَلِيَبتَلِىَ اللَّهُ ما فى صُدورِكُم وَلِيُمَحِّصَ ما فى قُلوبِكُم وَاللَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 154) |
پوءِ انهيءَ تنگيءَ کان پوءِ اوهان کي ڳهر سان امن ڏنائين، جنهن اوهان مان هڪ ٽولي کي ويڙهيو ٿي ۽ هڪ ٽولي کي پنهنجي جان جو فڪر هو، جن الله بابت ناحق جاهليت وارا خيال ڪيا ٿي. چيائون ٿي ته ”ڇا، ڪجهه اسان جي به هٿ وس آهي؟“ چئو ته”سڀ ڪم الله جي هٿ ۾ آهن.“ هو پنهنجي اندر ۾ جيڪي لڪائين ٿا سو توتي ظاهر نٿا ڪن. چون ٿا ته جيڪڏهن ڪجهه اسان جي هٿ هجي ها ته اسين هن جاءِ تي نه ماريا وڃون ها“ چئو ته جيڪڏهن اوهين پنهنجن گهرن ۾ هجو ها، ته به جن جي نصيب ۾ ڪسڻ لکيل هو، سي پنهنجي ڪسڻ واري جاءِ تي نڪري اچن ها. جيڪي اوهان جي اندر ۾ هو، تنهن کي الله کي پرکڻو هو. جيڪي اوهان جي دلين ۾ هو، تنهن کي صاف ڪرڻو هو ۽ الله ته دلين جي ڀيد کي خوب ڄاڻي ٿو. |
إِنَّ الَّذينَ تَوَلَّوا مِنكُم يَومَ التَقَى الجَمعانِ إِنَّمَا استَزَلَّهُمُ الشَّيطٰنُ بِبَعضِ ما كَسَبوا وَلَقَد عَفَا اللَّهُ عَنهُم إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ حَليمٌ (آيت : 155) |
اوهان مان جيڪي شخص ٻن فوجن جي مقابلي ڪرڻ واري ڏينهن هٽي ويا، انهن کي رڳو شيطان ئي سندن ڪن ڪيتن سبب ٿيڙيو، الله انهن کي معاف ڪيو. بيشڪ الله بخشيندڙ بردبار آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَكونوا كَالَّذينَ كَفَروا وَقالوا لِإِخوٰنِهِم إِذا ضَرَبوا فِى الأَرضِ أَو كانوا غُزًّى لَو كانوا عِندَنا ما ماتوا وَما قُتِلوا لِيَجعَلَ اللَّهُ ذٰلِكَ حَسرَةً فى قُلوبِهِم وَاللَّهُ يُحيۦ وَيُميتُ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 156) |
اي مومنو! اوهين انهن ڪافرن وانگر نه ٿيو، جي سندن سفر ۾ نڪتل يا لڙائي ڪندڙ ڀائرن بابت چون ٿا ته ”جيڪڏهن اسان وٽ هجن ها ته نڪي مرن ها، نڪي قتل ٿين ها“ ته الله سندن دلين ۾ ان ڳالهه کي افسوس (جو سبب) بڻائي. الله ئي جياري ٿو ۽ ماري ٿو ۽ الله اوهان جا سڀ ڪم ڏسي ٿو. |
وَلَئِن قُتِلتُم فى سَبيلِ اللَّهِ أَو مُتُّم لَمَغفِرَةٌ مِنَ اللَّهِ وَرَحمَةٌ خَيرٌ مِمّا يَجمَعونَ (آيت : 157) |
جيڪڏهن اوهين الله جي راهه ۾ مارجو يا مرو، ته الله جي بخشش ۽ رحمت ان کان بهتر آهي جيڪي اوهين ڪٺو ڪريو ٿا. |
وَلَئِن مُتُّم أَو قُتِلتُم لَإِلَى اللَّهِ تُحشَرونَ (آيت : 158) |
جيڪڏهن اوهين مرو يا مارجو، ته به الله وٽ اوهين سڀ ڪٺا ٿيندؤ. |
فَبِما رَحمَةٍ مِنَ اللَّهِ لِنتَ لَهُم وَلَو كُنتَ فَظًّا غَليظَ القَلبِ لَانفَضّوا مِن حَولِكَ فَاعفُ عَنهُم وَاستَغفِر لَهُم وَشاوِرهُم فِى الأَمرِ فَإِذا عَزَمتَ فَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُتَوَكِّلينَ (آيت : 159) |
(اي نبي) اها الله جي ئي رحمت آهي، جو تون انهن لاءِ نرم دل آهين پر جيڪڏهن تون شوخ سخت دل وارو هجين ها، ته توکان ڇڙوڇڙ ٿي وڃن ها، تنهن ڪري انهن کي معاف ڪر. انهن لاءِ بخشش گهر ۽ انهن کان ڪمن ۾ صلاح وٺ. پوءِ جڏهن (صلاح بعد) ڪنهن ڪم جو پڪو ارادو ڪرين، تڏهن الله تي ڀروسو رک، بيشڪ الله ڀروسي رکندڙن کي ئي پسند ڪري ٿو. |
إِن يَنصُركُمُ اللَّهُ فَلا غالِبَ لَكُم وَإِن يَخذُلكُم فَمَن ذَا الَّذى يَنصُرُكُم مِن بَعدِهِ وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 160) |
جيڪڏهن الله اوهان جي مدد ڪندو، ته اوهان تي ڪو به غالب نه ٿيندو، پر جي هو اوهان جي مدد نه ڪندو ته ٻيو ڪير آهي، جو ان کان پوءِ اوهان جي مدد ڪري؟ ۽ الله تي ئي مومنن کي ڀروسو ڪرڻ گهرجي. |
وَما كانَ لِنَبِىٍّ أَن يَغُلَّ وَمَن يَغلُل يَأتِ بِما غَلَّ يَومَ القِيٰمَةِ ثُمَّ تُوَفّىٰ كُلُّ نَفسٍ ما كَسَبَت وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 161) |
نبيءَ جو اهو وڙ ڪونهي، جو ڪپت ڪري، جيڪو ڪپت ڪندو اهو ان ڪپت ڪيل شيءِ سميت قيامت ڏينهن ايندو. پوءِ هر هڪ کي سندس ڪمائي جو پورو بدلو ڏبو ۽ مٿن ڪو ظلم نه ٿيندو. |
أَفَمَنِ اتَّبَعَ رِضوٰنَ اللَّهِ كَمَن باءَ بِسَخَطٍ مِنَ اللَّهِ وَمَأوىٰهُ جَهَنَّمُ وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 162) |
جيڪو الله جي مرضي جو تابع آهي، اهو ان جهڙو ٿيندو ڇا، جو الله جي غصي هيٺ آيو ۽ سندس جاءِ دوزخ آهي ۽ اها ڪهڙي نه بڇڙي جاءِ آهي؟ |
هُم دَرَجٰتٌ عِندَ اللَّهِ وَاللَّهُ بَصيرٌ بِما يَعمَلونَ (آيت : 163) |
اهي الله وٽ ڌار ڌار درجا رکن ٿا، جيڪي هو ڪن ٿا تنهن کي الله ڏسي ٿو. |
لَقَد مَنَّ اللَّهُ عَلَى المُؤمِنينَ إِذ بَعَثَ فيهِم رَسولًا مِن أَنفُسِهِم يَتلوا عَلَيهِم ءايٰتِهِ وَيُزَكّيهِم وَيُعَلِّمُهُمُ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَإِن كانوا مِن قَبلُ لَفى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 164) |
پڪ الله مومنن تي احسان ڪيو آهي. جو انهن ۾ منجهائن هڪ رسول موڪليائين، جو کين سندس آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو ۽ پاڪ ڪري ٿو ۽ (خدا جو) ڪتاب ۽ دانائي سيکاري ٿو، بيشڪ هن کان اڳ هو پڌريءَ گمراهيءَ ۾ هئا. |
أَوَلَمّا أَصٰبَتكُم مُصيبَةٌ قَد أَصَبتُم مِثلَيها قُلتُم أَنّىٰ هٰذا قُل هُوَ مِن عِندِ أَنفُسِكُم إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 165) |
جڏهن اوهان تي اهڙي مصيبت پئي، جنهن کان ٻيڻي اوهان هنن کي پهچائي هئي. تڏهن وري ٿا چئو ته ”هيءِ ڪٿان آئي؟“ چئو ته ”اها اوهان کي پاڻ کان ئي پهتي،“ بيشڪ الله هر هڪ ڳالهه تي وس وارو آهي. |
وَما أَصٰبَكُم يَومَ التَقَى الجَمعانِ فَبِإِذنِ اللَّهِ وَلِيَعلَمَ المُؤمِنينَ (آيت : 166) |
جيڪي اوهان کي ٻنهي فوجن جي مقابلي وقت پهتو، سو سڀ الله جي حڪم سان هو، ۽ هن لاءِ ته الله مومنن کي پرکي. |
وَلِيَعلَمَ الَّذينَ نافَقوا وَقيلَ لَهُم تَعالَوا قٰتِلوا فى سَبيلِ اللَّهِ أَوِ ادفَعوا قالوا لَو نَعلَمُ قِتالًا لَاتَّبَعنٰكُم هُم لِلكُفرِ يَومَئِذٍ أَقرَبُ مِنهُم لِلإيمٰنِ يَقولونَ بِأَفوٰهِهِم ما لَيسَ فى قُلوبِهِم وَاللَّهُ أَعلَمُ بِما يَكتُمونَ (آيت : 167) |
۽ انهن کي به پڌرو ڪري، جي منافق آهن. جڏهن انهن کي چيو ويو ته ”اچي خدا جي رستي ۾ وڙهو يا حملي کي روڪيو.“ ته چوڻ لڳا: ”جيڪڏهن اسين سمجهون ته لڙائي لڳندي ته جيڪر ضرور اوهان سان هجون. اهي ان ڏينهن ايمان کان ڪفر کي وڌيڪ ويجها هئا، هو زبان سان اهو ٿا چون جو سندن دلين ۾ ناهي ۽ جيڪي هو لڪائين ٿا انهيءَ کان الله خوب واقف آهي. |
الَّذينَ قالوا لِإِخوٰنِهِم وَقَعَدوا لَو أَطاعونا ما قُتِلوا قُل فَادرَءوا عَن أَنفُسِكُمُ المَوتَ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 168) |
اهي ويهي رهندڙ شخص پنهنجي (جنگ ۾ وڙهندڙ) ڀائرن بابت چون ٿا ته ”جيڪڏهن هو اسان جو چيو مڃين ها ته قتل نه ٿين ها.“ چئو ته ”جيڪڏهن سچا آهيو، ته پاڻ کان موت کي ٽاري ڏيکاريو!“ |
وَلا تَحسَبَنَّ الَّذينَ قُتِلوا فى سَبيلِ اللَّهِ أَموٰتًا بَل أَحياءٌ عِندَ رَبِّهِم يُرزَقونَ (آيت : 169) |
جيڪي شخص خدا جي راهه ۾ مارجي ويا آهن. انهن کي هرگز مئل نه سمجهو، بلڪ اهي جيئرا آهن، کين پنهنجي رب وٽ رزق ملي رهيو آهي. |
فَرِحينَ بِما ءاتىٰهُمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ وَيَستَبشِرونَ بِالَّذينَ لَم يَلحَقوا بِهِم مِن خَلفِهِم أَلّا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 170) |
جيڪي الله انهن کي پنهنجي فضل سان بخشيو آهي، ان تي خوش آهي ۽ جيڪي پٺتي رهجي ويا آهن (شهيد ٿي) انهن سان نه گڏيا آهن، اُن بابت خوشي ڪري رهيا آهن ته نڪي انهن تي ڪو خوف هوندو ۽ نه اُهي غم ڏسندا. |
يَستَبشِرونَ بِنِعمَةٍ مِنَ اللَّهِ وَفَضلٍ وَأَنَّ اللَّهَ لا يُضيعُ أَجرَ المُؤمِنينَ (آيت : 171) |
خدا تعاليٰ جي نعمت ۽ فضل ڪري خوش ٿي رهيا آهن ۽ بيشڪ الله مومنن جي اجر کي چٽ نٿو ڪري. |
الَّذينَ استَجابوا لِلَّهِ وَالرَّسولِ مِن بَعدِ ما أَصابَهُمُ القَرحُ لِلَّذينَ أَحسَنوا مِنهُم وَاتَّقَوا أَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 172) |
جن شخصن زخمن کائڻ هوندي به خدا ۽ رسول جي حڪم کي قبول ڪيو، تن مان نيڪن ۽ خدا ترسن لاءِ وڏو ثواب آهي. |
الَّذينَ قالَ لَهُمُ النّاسُ إِنَّ النّاسَ قَد جَمَعوا لَكُم فَاخشَوهُم فَزادَهُم إيمٰنًا وَقالوا حَسبُنَا اللَّهُ وَنِعمَ الوَكيلُ (آيت : 173) |
جن کي جڏهن ماڻهن چيو، ته ”بيشڪ، اوهان سان مقابلي لاءِ گهڻي ئي ماڻهو ڪٺا ٿيا آهن، ان ڪري کانئن ڊڄو ”ته هنن جو ايمان پاڻ وڌيو ۽ چوڻ لڳا ته ”الله اسان کي ڪافي آهي ۽ اهو چڱو ئي ڪارساز آهي!“ |
فَانقَلَبوا بِنِعمَةٍ مِنَ اللَّهِ وَفَضلٍ لَم يَمسَسهُم سوءٌ وَاتَّبَعوا رِضوٰنَ اللَّهِ وَاللَّهُ ذو فَضلٍ عَظيمٍ (آيت : 174) |
پوءِ اهي الله جي نعمت ۽ فضل سان (خوش ٿي) موٽي آيا، کين ڪو به نقصان نه پهتو ۽ خدا جي مرضيءَ جا تابع رهيا ۽ الله وڏي فضل جو مالڪ آهي. |
إِنَّما ذٰلِكُمُ الشَّيطٰنُ يُخَوِّفُ أَولِياءَهُ فَلا تَخافوهُم وَخافونِ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 175) |
اهو شيطان ئي آهي، جو پنهنجن دوستن کان ڊيڄاري ٿو، جيڪڏهن اوهين (پڪا) مومن آهيو ته انهن کان نه ڊڄو ۽ مون کان ئي ڊڄندا رهو. |
وَلا يَحزُنكَ الَّذينَ يُسٰرِعونَ فِى الكُفرِ إِنَّهُم لَن يَضُرُّوا اللَّهَ شَيـًٔا يُريدُ اللَّهُ أَلّا يَجعَلَ لَهُم حَظًّا فِى الءاخِرَةِ وَلَهُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 176) |
۽ جيڪي شخص ڪفر جي ڪمن ۾ ڊوڙ ڊڪ ڪن ٿا، اهي توکي غم ۾ نه وجهن، اُهي الله جو ڪجهه به نقصان نٿا ڪري سگهن. خدا گهري ٿوته اُنهن لاءِ آخرت ۾ ڪجهه حصو نه هجي ۽ انهن لاءِ وڏو عذاب آهي. |
إِنَّ الَّذينَ اشتَرَوُا الكُفرَ بِالإيمٰنِ لَن يَضُرُّوا اللَّهَ شَيـًٔا وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 177) |
جن ايمان جي بدلي ڪفر خريد ڪيو، اهي الله جو ڪجهه به نقصان نٿا ڪري سگهن ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. |
وَلا يَحسَبَنَّ الَّذينَ كَفَروا أَنَّما نُملى لَهُم خَيرٌ لِأَنفُسِهِم إِنَّما نُملى لَهُم لِيَزدادوا إِثمًا وَلَهُم عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 178) |
۽ ڪافر اهو خيال نه ڪن ته اسان انهن کي جيڪا مهلت ڏيندا رهون ٿا، سا سندن حق ۾ ڪا چڱي آهي (نه) اسين ته رڳو انهن کي هن لاءِ مهلت ڏيون ٿا، ته هو گناهن ۾ وڌندا رهن. انهن لاءِ ذليل ڪندڙ عذاب آهي. |
ما كانَ اللَّهُ لِيَذَرَ المُؤمِنينَ عَلىٰ ما أَنتُم عَلَيهِ حَتّىٰ يَميزَ الخَبيثَ مِنَ الطَّيِّبِ وَما كانَ اللَّهُ لِيُطلِعَكُم عَلَى الغَيبِ وَلٰكِنَّ اللَّهَ يَجتَبى مِن رُسُلِهِ مَن يَشاءُ فَـٔامِنوا بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ وَإِن تُؤمِنوا وَتَتَّقوا فَلَكُم أَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 179) |
الله ايئن نه ڪندو، جو مومنن کي ان حال ۾ ڇڏي ڏي، جنهن ۾ اوهين آهيو، جيسين ناپاڪ کي پاڪ کان نه نکيڙي ۽ نڪي الله ايئن ڪندو، جو اوهان کي غيب کان واقف ڪري، مگر الله پنهنجي رسولن مان جنهن کي وڻيس انهن کي چونڊيندو آهي تنهنڪري الله ۽ سندس رسولن تي ايمان آڻيو. جيڪڏهن ايمان آڻيندؤ ۽ نيڪ ٿيندؤ ته اوهان کي وڏو اجر ملندو. |
وَلا يَحسَبَنَّ الَّذينَ يَبخَلونَ بِما ءاتىٰهُمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ هُوَ خَيرًا لَهُم بَل هُوَ شَرٌّ لَهُم سَيُطَوَّقونَ ما بَخِلوا بِهِ يَومَ القِيٰمَةِ وَلِلَّهِ ميرٰثُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 180) |
جيڪي شخص ان مال ۾ بخيلي ڪن ٿا جيڪو الله کين پنهنجي فضل سان ڏنو آهي، سي ان (بخل) کي پاڻ لاءِ چڱو نه سمجهن، بلڪ اهو انهن لاءِ بڇڙو آهي، قيامت جي ڏينهن اهو مال کين ڳٽ ڪري وجهبو، جنهن بابت هو بخل ڪري رهيا آهن. ۽ آسمانن ۽ زمين جو وارث الله ئي آهي ۽ الله کي اوهان جي عملن جي پوري خبر آهي. |
لَقَد سَمِعَ اللَّهُ قَولَ الَّذينَ قالوا إِنَّ اللَّهَ فَقيرٌ وَنَحنُ أَغنِياءُ سَنَكتُبُ ما قالوا وَقَتلَهُمُ الأَنبِياءَ بِغَيرِ حَقٍّ وَنَقولُ ذوقوا عَذابَ الحَريقِ (آيت : 181) |
الله انهن جو چوڻ ٻڌو، جي چون ٿا ته ”الله غريب آهي ۽ اسين شاهوڪار آهيون“ جيڪي چون ٿا ان کي به اسين لکون ٿا ۽ هنن جو پيغمبرن کي ناحق قتل ڪرڻ به ۽ (قيامت ڏينهن) کين چونداسون ته ساڙيندڙ باهه جو عذاب چکو. |
ذٰلِكَ بِما قَدَّمَت أَيديكُم وَأَنَّ اللَّهَ لَيسَ بِظَلّامٍ لِلعَبيدِ (آيت : 182) |
اها (سزا) اوهان جي هٿن جي ڪمائي جي آهي، جا اڳ موڪليندا رهيؤ ۽ خدا پنهنجن ٻانهن تي بلڪل ظلم نٿو ڪري. |
الَّذينَ قالوا إِنَّ اللَّهَ عَهِدَ إِلَينا أَلّا نُؤمِنَ لِرَسولٍ حَتّىٰ يَأتِيَنا بِقُربانٍ تَأكُلُهُ النّارُ قُل قَد جاءَكُم رُسُلٌ مِن قَبلى بِالبَيِّنٰتِ وَبِالَّذى قُلتُم فَلِمَ قَتَلتُموهُم إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 183) |
جيڪي شخص چون ٿا ته ”الله اسان کان واعدو ورتو آهي ته جيسين ڪو رسول اسان وٽ اهڙو نياز نه آڻي، جنهن کي باهه کائي، تيسين اسين ايمان نه آڻينداسون. چئو ته اوهان وٽ مون کان اڳ ڪيئي رسول پڌريون نشانيون وٺي آيا ۽ جيڪي اوهين طلبيو ٿا، سو به آندائون، جيڪڏهن اوهين سچا آهيو، ته پوءِ انهن کي ڇو قتل ڪيوَ؟ |
فَإِن كَذَّبوكَ فَقَد كُذِّبَ رُسُلٌ مِن قَبلِكَ جاءو بِالبَيِّنٰتِ وَالزُّبُرِ وَالكِتٰبِ المُنيرِ (آيت : 184) |
جيڪڏهن اهي توکي ڪوڙو ٿا ڪن ته، توکان اڳ گهڻن ئي رسولن کي ڪوڙو ڪري چڪا آهن، جن روشن نشانيون ۽ صحيفا ۽ روشن ڪتاب (به) آندا. |
كُلُّ نَفسٍ ذائِقَةُ المَوتِ وَإِنَّما تُوَفَّونَ أُجورَكُم يَومَ القِيٰمَةِ فَمَن زُحزِحَ عَنِ النّارِ وَأُدخِلَ الجَنَّةَ فَقَد فازَ وَمَا الحَيوٰةُ الدُّنيا إِلّا مَتٰعُ الغُرورِ (آيت : 185) |
هر شخص کي موت جو مزو چکڻو آهي ۽ اوهان کي قيامت جي ڏينهن پورو پورو بدلو ڏبو، پوءِ جيڪو دوزخ جي باهه کان هٽايو ويو ۽ بهشت ۾ داخل ٿيو، بيشڪ ان مراد حاصل ڪئي ۽ دنيا جي حياتي ته رڳو دوکي جو سامان آهي. |
لَتُبلَوُنَّ فى أَموٰلِكُم وَأَنفُسِكُم وَلَتَسمَعُنَّ مِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ مِن قَبلِكُم وَمِنَ الَّذينَ أَشرَكوا أَذًى كَثيرًا وَإِن تَصبِروا وَتَتَّقوا فَإِنَّ ذٰلِكَ مِن عَزمِ الأُمورِ (آيت : 186) |
(اي مومنو!) اوهين پنهنجن مالن ۽ جانين ۾ ضرور آزمائبؤ ۽ اوهين ڪتاب وارن ۽ مشرڪن کان گهڻي ئي ايذاءَ ڏيندڙ ڳالهيون ٻڌندؤ . پوءِ جيڪڏهن صبر ڪندؤ ۽ خدا ترس ٿيندؤ، ته اهي وڏي همت جا ڪم آهن. |
وَإِذ أَخَذَ اللَّهُ ميثٰقَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ لَتُبَيِّنُنَّهُ لِلنّاسِ وَلا تَكتُمونَهُ فَنَبَذوهُ وَراءَ ظُهورِهِم وَاشتَرَوا بِهِ ثَمَنًا قَليلًا فَبِئسَ ما يَشتَرونَ (آيت : 187) |
۽ جڏهن خدا ڪتاب وارن کان اقرار ورتو، ته اهو ماڻهن کي کولي ٻڌائجو ۽ لڪائجو نه، ته انهن وري ان کي سندن پٺن پٺيان اڇلائي ڇڏيو، ان جي بدلي ٿورو ملهه ورتائون. جيڪي به هو وٺن ٿا، سو بڇڙو آهي. |
لا تَحسَبَنَّ الَّذينَ يَفرَحونَ بِما أَتَوا وَيُحِبّونَ أَن يُحمَدوا بِما لَم يَفعَلوا فَلا تَحسَبَنَّهُم بِمَفازَةٍ مِنَ العَذابِ وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 188) |
جيڪي شخص پنهنجي ڪيل ڪمن تي خوش ٿين ٿا ۽ جيڪي نه ڪيو اٿن، ان لاءِ پنهنجي تعريف ٻڌڻ پسند ڪن ٿا، تن بابت اوهين هرگز ائين نه سمجهجو ته هو عذاب کان ڇٽي ويندا، پر انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. |
وَلِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 189) |
آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي الله جي ئي آهي ۽ الله هر هڪ شيءِ تي وس وارو آهي. |
إِنَّ فى خَلقِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاختِلٰفِ الَّيلِ وَالنَّهارِ لَءايٰتٍ لِأُولِى الأَلبٰبِ (آيت : 190) |
بيشڪ آسمانن ۽ زمين جي پيداش ۽ رات ۽ ڏينهن جي بدلجڻ ۾ عقل وارن لاءِ نشانيون آهن. |
الَّذينَ يَذكُرونَ اللَّهَ قِيٰمًا وَقُعودًا وَعَلىٰ جُنوبِهِم وَيَتَفَكَّرونَ فى خَلقِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ رَبَّنا ما خَلَقتَ هٰذا بٰطِلًا سُبحٰنَكَ فَقِنا عَذابَ النّارِ (آيت : 191) |
جي الله کي بيٺي، ويٺي ۽ پاسن ڀرليٽي ياد ڪن ٿا، ۽ آسمانن ۽ زمين جي پيدائش ۾ غور ڪن ٿا ۽ (چون ٿا) ”اي اسانجا ڌڻي! تو هن (مخلوق) کي بي فائدو پيدا نه ڪيو آهي. تون پاڪ آهين اسان کي دوزخ جي عذاب کان بچاءِ! |
رَبَّنا إِنَّكَ مَن تُدخِلِ النّارَ فَقَد أَخزَيتَهُ وَما لِلظّٰلِمينَ مِن أَنصارٍ (آيت : 192) |
اي اسانجا ڌڻي! جنهن کي تو دوزخ ۾ وڌو. تنهن کي تو (برابر) خوار ڪيو، ۽ ظالمن جو ڪو به مددگار نه آهي. |
رَبَّنا إِنَّنا سَمِعنا مُنادِيًا يُنادى لِلإيمٰنِ أَن ءامِنوا بِرَبِّكُم فَـٔامَنّا رَبَّنا فَاغفِر لَنا ذُنوبَنا وَكَفِّر عَنّا سَيِّـٔاتِنا وَتَوَفَّنا مَعَ الأَبرارِ (آيت : 193) |
اي اسان جا ڌڻي! اسان ايمان ڏي سڏيندڙ جي سڏ کي ٻڌو ته ”پنهنجي رب تي آيمان آڻيو“ سو اسان ايمان آندو. اي اسان جا ڌڻي! اسان جا گناهه معاف ڪر ۽ اسان جي بڇڙاين کي اسان کا ميٽي ڇڏ ۽ اسان کي نيڪن سان گڏ موت ڏي. |
رَبَّنا وَءاتِنا ما وَعَدتَنا عَلىٰ رُسُلِكَ وَلا تُخزِنا يَومَ القِيٰمَةِ إِنَّكَ لا تُخلِفُ الميعادَ (آيت : 194) |
اي اسان جا ڌڻي! جنهن جو تو اسان کي پنهنجن رسولن هٿان وعدو ڏنو آهي، سو اسان کي ڏي ۽ اسان کي قيامت جي ڏينهن خوار نه ڪجانءِ، بيشڪ تون وعدي جي خلاف نه ٿو ڪرين. |
فَاستَجابَ لَهُم رَبُّهُم أَنّى لا أُضيعُ عَمَلَ عٰمِلٍ مِنكُم مِن ذَكَرٍ أَو أُنثىٰ بَعضُكُم مِن بَعضٍ فَالَّذينَ هاجَروا وَأُخرِجوا مِن دِيٰرِهِم وَأوذوا فى سَبيلى وَقٰتَلوا وَقُتِلوا لَأُكَفِّرَنَّ عَنهُم سَيِّـٔاتِهِم وَلَأُدخِلَنَّهُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ ثَوابًا مِن عِندِ اللَّهِ وَاللَّهُ عِندَهُ حُسنُ الثَّوابِ (آيت : 195) |
پوءِ سندن رب انهن جي دعا قبول ڪئي، ته آءٌ اوهان مان ڪنهن به مرد خواهه زال عمل ڪندڙ جي عمل کي چٽ ٿيڻ نٿو ڏيان، جو اوهين پاڻ ۾ هڪ آهيو. پوءِ جن وطن ڇڏيو ۽ پنهنجن گهرن مان ڪڍيا ويا ۽ منهنجي رستي ۾ ستايا ويا ۽ وڙهيا ۽ قتل ٿيا، ته آءٌ ضرور سندن گناهن کي کانئن ميٽيندس ۽ کين اهڙن باغن ۾ داخل ڪندس، جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون. (اهو ) الله وٽان بدلو آهي ۽ الله وٽ ئي چڱو بدلو آهي. |
لا يَغُرَّنَّكَ تَقَلُّبُ الَّذينَ كَفَروا فِى البِلٰدِ (آيت : 196) |
ڪافرن جي، شهرن ۾ اچ وڃ کان دوکو نه کاءُ. |
مَتٰعٌ قَليلٌ ثُمَّ مَأوىٰهُم جَهَنَّمُ وَبِئسَ المِهادُ (آيت : 197) |
(اهو) ٿورو عيش آهي، پوءِ سندن جاءِ دوزخ آهي ۽ اها بڇڙي جاءِ آهي. |
لٰكِنِ الَّذينَ اتَّقَوا رَبَّهُم لَهُم جَنّٰتٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها نُزُلًا مِن عِندِ اللَّهِ وَما عِندَ اللَّهِ خَيرٌ لِلأَبرارِ (آيت : 198) |
مگر جيڪي پنهنجي رب کان ڊڄندا رهيا تن لاءِ الله وٽان مهماني، باغ آهن، جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون ۽ انهن ۾ هميشه رهندا. جيڪي الله وٽ آهي، سو نيڪن لاءِ بهتر آهي. |
وَإِنَّ مِن أَهلِ الكِتٰبِ لَمَن يُؤمِنُ بِاللَّهِ وَما أُنزِلَ إِلَيكُم وَما أُنزِلَ إِلَيهِم خٰشِعينَ لِلَّهِ لا يَشتَرونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ ثَمَنًا قَليلًا أُولٰئِكَ لَهُم أَجرُهُم عِندَ رَبِّهِم إِنَّ اللَّهَ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 199) |
بيشڪ ڪتاب وارن مان ڪي اهڙا به آهن، جي الله تي ۽ اوهان ڏي آيل ۽ انهن ڏانهن موڪليل تي ايمان آڻين ٿا، الله جي اڳيان عاجزي ڪندڙ آهن ۽ الله جي آيتن جي بدلي ۾ ڪجهه به نه ٿا وٺن. انهن جو اجر الله وٽ آهي ۽ الله جلد حساب وٺندڙ آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اصبِروا وَصابِروا وَرابِطوا وَاتَّقُوا اللَّهَ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 200) |
اي مومنو! ثابت قدم رهو، مقابلي ۾ مضبوط رهو. هڪٻئي سان ٻڌجي وڃو ۽ الله (جي نافرماني) کان ڊڄو ته ڪامياب ٿيو. |