الم (آيت : 1) |
الف، لام، ميم،. |
اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ الحَىُّ القَيّومُ (آيت : 2) |
سچو معبود ناهي، ڪو به عبادت جو لائق ان کان سواءِ (پاڻ) جيئرو (ٻين کي) قائم رکندڙ آهي . |
نَزَّلَ عَلَيكَ الكِتٰبَ بِالحَقِّ مُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ وَأَنزَلَ التَّورىٰةَ وَالإِنجيلَ (آيت : 3) |
لاٿائين توتي ڪتاب سچو جيڪو تصديق ڪندڙ آهي ان کان اڳين (ڪتابن) جي ۽ لاٿائين توراة ۽ انجيل . |
مِن قَبلُ هُدًى لِلنّاسِ وَأَنزَلَ الفُرقانَ إِنَّ الَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِ اللَّهِ لَهُم عَذابٌ شَديدٌ وَاللَّهُ عَزيزٌ ذُو انتِقامٍ (آيت : 4) |
اڳ ۾ هدايت ڪري ماڻهن جي لاءِ ۽ لاٿائين (حق ۽ نا حق ۾) فرق ڪندڙ بيشڪ جن ڪفر ڪيو الله جي آيتن جو انهن لاءِ سخت عذاب آهي ۽ الله غالب، بدلي وٺڻ وارو آهي. |
إِنَّ اللَّهَ لا يَخفىٰ عَلَيهِ شَيءٌ فِى الأَرضِ وَلا فِى السَّماءِ (آيت : 5) |
بيشڪ الله نه ٿي ڳجهي رهي ان کان ڪا شيءِ (نه) زمين ۾ ۽ نه آسمان ۾ . |
هُوَ الَّذى يُصَوِّرُكُم فِى الأَرحامِ كَيفَ يَشاءُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 6) |
اهو ئي آهي جو صورت ٿو ٺاهي اوهان جي (مائرن جي) ڳڀيرڻن ۾ جنهن نموني گهري، ناهي ڪو سچو معبود ان کان سواءِ غالب، حڪمت وارو آهي . |
هُوَ الَّذى أَنزَلَ عَلَيكَ الكِتٰبَ مِنهُ ءايٰتٌ مُحكَمٰتٌ هُنَّ أُمُّ الكِتٰبِ وَأُخَرُ مُتَشٰبِهٰتٌ فَأَمَّا الَّذينَ فى قُلوبِهِم زَيغٌ فَيَتَّبِعونَ ما تَشٰبَهَ مِنهُ ابتِغاءَ الفِتنَةِ وَابتِغاءَ تَأويلِهِ وَما يَعلَمُ تَأويلَهُ إِلَّا اللَّهُ وَالرّٰسِخونَ فِى العِلمِ يَقولونَ ءامَنّا بِهِ كُلٌّ مِن عِندِ رَبِّنا وَما يَذَّكَّرُ إِلّا أُولُوا الأَلبٰبِ (آيت : 7) |
اهو ئي آهي جو نازل ڪيائين تو تي ڪتاب ان مان ڪجهه آيتون محڪم آهن جو اهي ڪتاب جو اصل آهن ۽ ٻيون متشابهه آهن پوءِ پر اهي ماڻهو جن جي دلين ۾ ڏنگائي آهي پوءِ پيروي ٿا ڪن ان جي جو متشابهه ٿيو ان مان فتني قائم ڪرڻ ۽ ان جي تاويل طلب ڪرڻ جي لاءِ ۽ نه ٿو ڄاڻي ان جي تاويل کي ڪو به الله کان سواءِ ۽ پڪائي رکندڙ علم ۾ چون ٿا ته ايمان آندوسون ان تي هي سڀ اسان جي رب وٽان آهي ۽ نه ٿا نصيحت قبول ڪن مگر عقل وارا . |
رَبَّنا لا تُزِغ قُلوبَنا بَعدَ إِذ هَدَيتَنا وَهَب لَنا مِن لَدُنكَ رَحمَةً إِنَّكَ أَنتَ الوَهّابُ (آيت : 8) |
اي اسان جا پالڻهار نه ڏنگيون ڪر اسان جون دليون ان کان پوءِ جو هدايت ڪيئي اسان کي ۽ عطا ڪر اسان کي پاڻ وٽان رحمت بيشڪ تون ئي زياده ڏيندڙ آهين . |
رَبَّنا إِنَّكَ جامِعُ النّاسِ لِيَومٍ لا رَيبَ فيهِ إِنَّ اللَّهَ لا يُخلِفُ الميعادَ (آيت : 9) |
اي اسان جا پالڻهار! بيشڪ تون گڏ ڪندڙ آهين ماڻهن جو ان ڏينهن ۾ جو ناهي ڪو شڪ ان ۾ بيشڪ الله نه ٿو مخالفت ڪري وعدي جي . |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا لَن تُغنِىَ عَنهُم أَموٰلُهُم وَلا أَولٰدُهُم مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا وَأُولٰئِكَ هُم وَقودُ النّارِ (آيت : 10) |
بيشڪ جن ڪفر ڪيو هرگز نه بچائي سگهندا انهن کي مال انهن جا ۽ نه اولاد انهن جو الله جي (عذاب کان) ڪجهه به ۽ اهي ئي باهه جو ٻارڻ آهن . |
كَدَأبِ ءالِ فِرعَونَ وَالَّذينَ مِن قَبلِهِم كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا فَأَخَذَهُمُ اللَّهُ بِذُنوبِهِم وَاللَّهُ شَديدُ العِقابِ (آيت : 11) |
(انهن جو حال) فرعونين ۽ انهن جهڙو آهي جيڪي کانئن اڳي هيا ڪوڙو چيائون اسان جي آيتن کي پوءِ پڪڙيو انهن کي الله انهن جي گناهن جي ڪري ۽ الله سخت عذاب ڏيندڙ آهي . |
قُل لِلَّذينَ كَفَروا سَتُغلَبونَ وَتُحشَرونَ إِلىٰ جَهَنَّمَ وَبِئسَ المِهادُ (آيت : 12) |
فرماءِ انهن کي جو ڪفر ڪيائون ته جلدي مغلوب ڪيا ويندؤ ۽ اٿاريا ويندؤ جهنم ڏانهن ۽ اهو بڇڙو هنڌ آهي. |
قَد كانَ لَكُم ءايَةٌ فى فِئَتَينِ التَقَتا فِئَةٌ تُقٰتِلُ فى سَبيلِ اللَّهِ وَأُخرىٰ كافِرَةٌ يَرَونَهُم مِثلَيهِم رَأىَ العَينِ وَاللَّهُ يُؤَيِّدُ بِنَصرِهِ مَن يَشاءُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَعِبرَةً لِأُولِى الأَبصٰرِ (آيت : 13) |
تحقيي هئي اوها لاءِ نشاني ٻن جماعتن ۾ جيڪي سامهون ٿيون (بدر جي جنگ ۾) هڪ جماعت وڙهي ٿي الله جي واٽ ۾ ۽ ٻي (جماعت وارا) ڪافر هئا ڏسن پيا انهن کي ٻيڻو انهن کان اک جو ڏسڻ ۽ الله تائيد ٿو ڪري پنهنجي مدد سان جنگ کي گهري.يشڪ ان ۾ عبرت آهي سمجهدارن لاءِ . |
زُيِّنَ لِلنّاسِ حُبُّ الشَّهَوٰتِ مِنَ النِّساءِ وَالبَنينَ وَالقَنٰطيرِ المُقَنطَرَةِ مِنَ الذَّهَبِ وَالفِضَّةِ وَالخَيلِ المُسَوَّمَةِ وَالأَنعٰمِ وَالحَرثِ ذٰلِكَ مَتٰعُ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَاللَّهُ عِندَهُ حُسنُ المَـٔابِ (آيت : 14) |
سينگاري وئي ماڻهن لاءِ محبت خواهشن جي عورتن ۽ پٽن ۽ گڏ ڪيلن (خزانن جي) ڍيرن جي سون ۽ چانديءَ ۽ گهوڙن نشان ڪيلن ۽ چوپائي مال ۽ پوک مان اهو دنيا جي حياتيءَ جو سامان آهي ۽ الله وٽ ئي سهڻي جاءِ آهي . |
قُل أَؤُنَبِّئُكُم بِخَيرٍ مِن ذٰلِكُم لِلَّذينَ اتَّقَوا عِندَ رَبِّهِم جَنّٰتٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَأَزوٰجٌ مُطَهَّرَةٌ وَرِضوٰنٌ مِنَ اللَّهِ وَاللَّهُ بَصيرٌ بِالعِبادِ (آيت : 15) |
فرماءِ ته اوهان کي ٻڌايان؟ ڀلي شيءِ انهيءَ کان؟ انهن لاءِ جو متقي ٿيا سندن رب وٽ بهشت آهن وهن ٿيون هيٺان انهن جي نهرون هميشہ رهندڙ هوندا انهن ۾ ۽ زالون پاڪ ۽ راضپو آهي الله جي طرفان ۽ الله ڏسندڙ آهي ٻانهن کي . |
الَّذينَ يَقولونَ رَبَّنا إِنَّنا ءامَنّا فَاغفِر لَنا ذُنوبَنا وَقِنا عَذابَ النّارِ (آيت : 16) |
اهي (ٻانها) جو چون ٿا ته اي اسان جا پالڻهار! بيشڪ اسان ايمان آندو پوءِ بخش ڪر اسان کي اسان جا گناهه ۽ بچاءِ اسان کي باهه جي عذاب کان . |
الصّٰبِرينَ وَالصّٰدِقينَ وَالقٰنِتينَ وَالمُنفِقينَ وَالمُستَغفِرينَ بِالأَسحارِ (آيت : 17) |
صبر ڪندڙ ۽ سچ ڳالهائيندڙ ۽ عاجزي ڪندڙ خرچ ڪندڙ ۽ مغفرت طلب ڪندڙ پوئين رات جو . |
شَهِدَ اللَّهُ أَنَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ وَالمَلٰئِكَةُ وَأُولُوا العِلمِ قائِمًا بِالقِسطِ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 18) |
شاهدي ڏني الله (هن ڳالهه جي ته) يقيناً ناهي ڪو معبود ان کان سواءِ ۽ ملائڪن ۽ علم وارن (به اها شاهدي ڏني آهي) عدل تي قائم ٿي.اهي ڪو سچو معبود ان کان سواءِ غالب، حڪمت وارو آهي. |
إِنَّ الدّينَ عِندَ اللَّهِ الإِسلٰمُ وَمَا اختَلَفَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ إِلّا مِن بَعدِ ما جاءَهُمُ العِلمُ بَغيًا بَينَهُم وَمَن يَكفُر بِـٔايٰتِ اللَّهِ فَإِنَّ اللَّهَ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 19) |
بيشڪ دين الله وٽ اسلام ئي آهي ۽ نه اختلاف ڪيو انهن جيڪي ڏنا ويا ڪتاب مگر ان کان پوءِ جو آيو انهن وٽ (صحيح) علم_سببان حسد ڪرڻ جي پاڻ ۾ جيڪو انڪار ٿو ڪري الله جي آيتن جو پوءِ بيشڪ الله تڪڙو حساب ڪندڙ آهي . |
فَإِن حاجّوكَ فَقُل أَسلَمتُ وَجهِىَ لِلَّهِ وَمَنِ اتَّبَعَنِ وَقُل لِلَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ وَالأُمِّيّۦنَ ءَأَسلَمتُم فَإِن أَسلَموا فَقَدِ اهتَدَوا وَإِن تَوَلَّوا فَإِنَّما عَلَيكَ البَلٰغُ وَاللَّهُ بَصيرٌ بِالعِبادِ (آيت : 20) |
پوءِ جيڪڏهن جهيڙو ڪن توسان پوءِ فرماءِ ته نِوايم پنهنجو منهن الله لاءِ ۽ انهن لاءِ جيڪي تابع ٿيا منهنجا ۽ فرماءِ انهن کي جو ڏنا ويا ڪتاب ۽ اڻ پڙهيلن کي ته ڇا اسلام قبول ڪيوَ؟ پوءِ جيڪڏهن اسلام قبول ڪن ته پوءِ پڪ هدايت وارا ٿيا ۽ جيڪڏهن منهن ڦيرائن ته پوءِ تحقيق اوهان تي پيغام پهچائڻ آهي ۽ الله ڏسندڙ آهي ٻانهن کي . |
إِنَّ الَّذينَ يَكفُرونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَيَقتُلونَ النَّبِيّۦنَ بِغَيرِ حَقٍّ وَيَقتُلونَ الَّذينَ يَأمُرونَ بِالقِسطِ مِنَ النّاسِ فَبَشِّرهُم بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 21) |
بيشڪ اهي (ماڻهو) جو انڪار ٿا ڪن الله جي آيتن جو ۽ شهيد ٿا ڪن نبين کي ناحق ۽ شهيد ٿا ڪن انهن ماڻهن کي جو امر ٿا ڪن عدل جو پوءِ بشارت ڏي انهن کي دردناڪ عذاب جي . |
أُولٰئِكَ الَّذينَ حَبِطَت أَعمٰلُهُم فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَما لَهُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 22) |
اهي آهن جو چٽ ٿيا عمل انهن جا دنيا ۽ آخرت ۾ ۽ ناهن انهن جي لاءِ ڪي مددگار . |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ أوتوا نَصيبًا مِنَ الكِتٰبِ يُدعَونَ إِلىٰ كِتٰبِ اللَّهِ لِيَحكُمَ بَينَهُم ثُمَّ يَتَوَلّىٰ فَريقٌ مِنهُم وَهُم مُعرِضونَ (آيت : 23) |
ڇا نه ڏٺئي انهن ڏانهن جو ڏنا ويا ڪجهه حصو ڪتاب مان سڏيا ٿا وڃن الله جي ڪتاب ڏانهن تانته فيصلو ڪري انهن ۾ تنهن کان پوءِ ڦري ٿي هڪ جماعت انهن مان ۽ اهي منهن موڙيندڙ آهن . |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قالوا لَن تَمَسَّنَا النّارُ إِلّا أَيّامًا مَعدودٰتٍ وَغَرَّهُم فى دينِهِم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 24) |
اهو ان جي ڪري جو بلاشبہ انهن چيو ته اصل نه ڇهندي اسان کي باهه مگر ڏينهن ڳڻيل ۽ مغرور ڪيائين انهن کي انهن جي دين ۾ ان شيءِ جو هٿ ٿي ٺاهيائون . |
فَكَيفَ إِذا جَمَعنٰهُم لِيَومٍ لا رَيبَ فيهِ وَوُفِّيَت كُلُّ نَفسٍ ما كَسَبَت وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 25) |
پوءِ ڪيئن (ٿيندو) جڏهن گڏ ڪنداسون انهن کي ان ڏينهن لاءِ جو ناهي شڪ ان ۾ ۽ پورو بدلو ڏنو ويندو سڀڪو نفس (ان عمل جو) جيڪي ڪيائين ۽ اهي ظلم ڪيا ويندا.. |
قُلِ اللَّهُمَّ مٰلِكَ المُلكِ تُؤتِى المُلكَ مَن تَشاءُ وَتَنزِعُ المُلكَ مِمَّن تَشاءُ وَتُعِزُّ مَن تَشاءُ وَتُذِلُّ مَن تَشاءُ بِيَدِكَ الخَيرُ إِنَّكَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 26) |
عرض ڪر ته اي الله! اي مالڪ سڀني ملڪن جا! ڏين ٿو بادشاهي جنهن کي گهرين ٿو ۽ کسين ٿو بادشاهي جنهن کان گهرين ۽ عزت ٿو ڏين جنهن کي گهرين ۽ ذليل ٿو ڪرين جنهن کي گهرين تنهنجي (قدرتي) هٿ ۾ سڀ ڀلائي آهي بيشڪ تون هر شيءِ تي قادر آهين . |
تولِجُ الَّيلَ فِى النَّهارِ وَتولِجُ النَّهارَ فِى الَّيلِ وَتُخرِجُ الحَىَّ مِنَ المَيِّتِ وَتُخرِجُ المَيِّتَ مِنَ الحَىِّ وَتَرزُقُ مَن تَشاءُ بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 27) |
داخل ٿو ڪرين رات (جي حصي) کي ڏينهن ۾ ۽ داخل ٿو ڪرين ڏينهن (جي حصي) کي رات ۾ ڪڍين ٿو جيئري کي مئل مان ۽ ڪڍين ٿو مئل کي جيئري مان ۽ رزق ٿو ڏين جنهن کي گهرين حساب کان سواءِ . |
لا يَتَّخِذِ المُؤمِنونَ الكٰفِرينَ أَولِياءَ مِن دونِ المُؤمِنينَ وَمَن يَفعَل ذٰلِكَ فَلَيسَ مِنَ اللَّهِ فى شَيءٍ إِلّا أَن تَتَّقوا مِنهُم تُقىٰةً وَيُحَذِّرُكُمُ اللَّهُ نَفسَهُ وَإِلَى اللَّهِ المَصيرُ (آيت : 28) |
نه بنائين مؤمن ڪافرن کي دوست مؤمنن کان سواءِ ۽ جيڪو اهو (ڪافرن سان دوستيءَ جو ڪم) ڪندو پوءِ ناهي (ان جو) الله سان ڪو تعلق مگر (هن حالت ۾) جو بچو انهن کان بچڻ ۽ ڊيڄاري ٿو اوهان کي الله پنهنجيءَ ذات کان ۽ الله ڏانهن موٽڻو آهي . |
قُل إِن تُخفوا ما فى صُدورِكُم أَو تُبدوهُ يَعلَمهُ اللَّهُ وَيَعلَمُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 29) |
فرماءِ ته جيڪڏھن لڪائيندؤ اھا ڳالھه جيڪا اوھان جي سينن ۾ آھي يا ظاھر ڪندؤ اها ته ڄاڻي ٿو ان کي الله ۽ ڄاڻي ٿو جو ڪجھه آسمانن ۾ آھي ۽ جو ڪجھه زمين ۾ آھي ۽ الله ھر شيءِ تي قادر آھي . |
يَومَ تَجِدُ كُلُّ نَفسٍ ما عَمِلَت مِن خَيرٍ مُحضَرًا وَما عَمِلَت مِن سوءٍ تَوَدُّ لَو أَنَّ بَينَها وَبَينَهُ أَمَدًا بَعيدًا وَيُحَذِّرُكُمُ اللَّهُ نَفسَهُ وَاللَّهُ رَءوفٌ بِالعِبادِ (آيت : 30) |
ان ڏينھن لھندو ھر نفس جيڪا به نيڪي ڪيائين حاضر ۽ جيڪا برائي ڪيائين پسند ڪندو ته جيڪر ان بري عمل ۽ سندس وچ ۾ (ھجي ھا) گھڻو (سنڌو) ۽ ڊيڄاري ٿو اوھان کي الله پنھنجيءَ ذات کان ۽ الله ٻانھن سان ٻاجھارو آھي. |
قُل إِن كُنتُم تُحِبّونَ اللَّهَ فَاتَّبِعونى يُحبِبكُمُ اللَّهُ وَيَغفِر لَكُم ذُنوبَكُم وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 31) |
فرماءِ ته جيڪڏھن محبت ٿا رکو الله سان ته پوءِ منھنجي تابعداري ڪيو ته محبت رکندو اوھان سان الله ۽ بخشيندو اوھان لاءِ اوھان جا گناھ ۽ الله بخشيندڙ، مھربان آھي . |
قُل أَطيعُوا اللَّهَ وَالرَّسولَ فَإِن تَوَلَّوا فَإِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ الكٰفِرينَ (آيت : 32) |
فرماءِ ته اطاعت ڪيو الله جي ۽ رسول جي پوءِ جيڪڏھن منھن موڙين پوءِ بيشڪ الله نه ٿو پسند ڪري ڪافرن کي. |
إِنَّ اللَّهَ اصطَفىٰ ءادَمَ وَنوحًا وَءالَ إِبرٰهيمَ وَءالَ عِمرٰنَ عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 33) |
بيشڪ الله برگريدو بنايو آدم ۽ نوح ۽ ابراھيم جي گھراڻي ۽ عمران جي گھراڻي کي جهانن تي. |
ذُرِّيَّةً بَعضُها مِن بَعضٍ وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 34) |
اولاد آھي بعض انھن مان بعض جو ۽ الله ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آھي. |
إِذ قالَتِ امرَأَتُ عِمرٰنَ رَبِّ إِنّى نَذَرتُ لَكَ ما فى بَطنى مُحَرَّرًا فَتَقَبَّل مِنّى إِنَّكَ أَنتَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 35) |
جڏھن عرض ڪيو زال عمران جي ته اي منھنجا پالڻھار! بيشڪ مون نذر ڪيو تنھنجي لاءِ جو به منھنجي پيٽ ۾ آھي (سڀني ڪمن کان) آزاد ڪيل پوءِ قبول فرماءِ منھنجي طوفان بيشڪ تون ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھين . |
فَلَمّا وَضَعَتها قالَت رَبِّ إِنّى وَضَعتُها أُنثىٰ وَاللَّهُ أَعلَمُ بِما وَضَعَت وَلَيسَ الذَّكَرُ كَالأُنثىٰ وَإِنّى سَمَّيتُها مَريَمَ وَإِنّى أُعيذُها بِكَ وَذُرِّيَّتَها مِنَ الشَّيطٰنِ الرَّجيمِ (آيت : 36) |
پوءِ جڏھن ڄڻيائين ان کي عرض ڪيائين ته اي منھنجا پالڻھار! بيشڪ ڄڻي مون ڌيءُ ۽ الله وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي جيڪو ڄڻيائين ۽ ناھي نر (پٽ) ماديءَ (ڌيءُ) جھڙو بيشڪ مون نالو رکيو ان جو مريم ۽ بيشڪ مان تنھنجي پناھ ۾ ٿي ڏيان ان کي ان جي اولاد کي شيطان تڙيل کان . |
فَتَقَبَّلَها رَبُّها بِقَبولٍ حَسَنٍ وَأَنبَتَها نَباتًا حَسَنًا وَكَفَّلَها زَكَرِيّا كُلَّما دَخَلَ عَلَيها زَكَرِيَّا المِحرابَ وَجَدَ عِندَها رِزقًا قالَ يٰمَريَمُ أَنّىٰ لَكِ هٰذا قالَت هُوَ مِن عِندِ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ يَرزُقُ مَن يَشاءُ بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 37) |
پوءِ قبول ڪئي اھا سندس پالڻھار سھڻي قبوليت سان ۽ وڌايائين ان کي وڌائڻ سھڻو ۽ سنڀاليندڙ ٿيو ان جو زڪريا جڏھن به داخل ٿيو ان وٽ زڪريا ان جي عبادت واري جاءِ ۾ ته لڌائين ان وٽ کاڌي جو شيون فرمايائين ته اي مريم! ڪٿان آيو آھي تولاءِ ھي؟ چيائين ته اھو الله وٽان آھي بيشڪ رزق ٿو ڏئي جنھن کي گھري حساب کان سواءِ . |
هُنالِكَ دَعا زَكَرِيّا رَبَّهُ قالَ رَبِّ هَب لى مِن لَدُنكَ ذُرِّيَّةً طَيِّبَةً إِنَّكَ سَميعُ الدُّعاءِ (آيت : 38) |
اتيئي دعا گھري زڪريا پنھنجي رب کان، عرض ڪيائين ته اي منھنجا پالڻھار! عطا ڪر مون کي پاڻ وٽان اولاد پاڪ بيشڪ تون دعا ٻڌندڙ آھين . |
فَنادَتهُ المَلٰئِكَةُ وَهُوَ قائِمٌ يُصَلّى فِى المِحرابِ أَنَّ اللَّهَ يُبَشِّرُكَ بِيَحيىٰ مُصَدِّقًا بِكَلِمَةٍ مِنَ اللَّهِ وَسَيِّدًا وَحَصورًا وَنَبِيًّا مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 39) |
پوءِ سڏيو ان کي ملائڪن ۽ اھو بيٺو نماز پڙھي عبادت واري جاءِ ۾ ته بيشڪ الله خوشخبري ٿو ڏئي توکي يحيى جي تصديق ڪندڙ الله (طرفان آيل) فرمان جي سردار ۽ عورتن کان بچندڙ ۽ نبي صالحن مان ھوندو . |
قالَ رَبِّ أَنّىٰ يَكونُ لى غُلٰمٌ وَقَد بَلَغَنِىَ الكِبَرُ وَامرَأَتى عاقِرٌ قالَ كَذٰلِكَ اللَّهُ يَفعَلُ ما يَشاءُ (آيت : 40) |
عرض ڪيائين ته اي منھنجا پالڻھار! ڪٿان ٿيندو مون کي پٽ ۽ تحقيق پھتي مون کي پوڙھائپ ۽ منھنجي زال سنڍ آھي (الله) فرمايو ته ائين ئي الله ڪري ٿو جيڪي گھري ٿو . |
قالَ رَبِّ اجعَل لى ءايَةً قالَ ءايَتُكَ أَلّا تُكَلِّمَ النّاسَ ثَلٰثَةَ أَيّامٍ إِلّا رَمزًا وَاذكُر رَبَّكَ كَثيرًا وَسَبِّح بِالعَشِىِّ وَالإِبكٰرِ (آيت : 41) |
عرض ڪيائين ته اي منھنجا پالڻھار! مقرر ڪر مون لاءِ ڪا نشاني (الله) فرمايو ته تولاءِ نشاني ھيءَ آھي جو نه ڳالھائي سگھندين ماڻھن سان ٽي ڏينھن اشاري کان سواءِ ياد ڪر پنھنجي رب کي گھڻو ۽ تسبيح پڙھ شام ۽ صبح جو. |
وَإِذ قالَتِ المَلٰئِكَةُ يٰمَريَمُ إِنَّ اللَّهَ اصطَفىٰكِ وَطَهَّرَكِ وَاصطَفىٰكِ عَلىٰ نِساءِ العٰلَمينَ (آيت : 42) |
۽ (ياد ڪريو) جڏهن چيو ملائڪن ته اي مريم! بيشڪ الله برگزيدو بنايو توکي ۽ پاڪ ڪيو توکي ۽ چونڊيو آهي توکي جهانن جي عورتن تي . |
يٰمَريَمُ اقنُتى لِرَبِّكِ وَاسجُدى وَاركَعى مَعَ الرّٰكِعينَ (آيت : 43) |
اي مريم! خلوص سان عبادت ڪر پنهنجي رب جي ۽ سجدو ڪر ۽ رڪوع ڪر رڪوع ڪندڙن سان گڏ . |
ذٰلِكَ مِن أَنباءِ الغَيبِ نوحيهِ إِلَيكَ وَما كُنتَ لَدَيهِم إِذ يُلقونَ أَقلٰمَهُم أَيُّهُم يَكفُلُ مَريَمَ وَما كُنتَ لَدَيهِم إِذ يَختَصِمونَ (آيت : 44) |
اهو (واقعو) غيب جي خبرن مان آهي وحي ٿا ڪيون اهو توڏانهن ۽ نه هيئن تون انهن وٽ جڏهن اڇلائين پيا پنهنجا قلم ته ڪهڙو انهن مان سنڀالي مريم کي ۽ نه هيئن تون انهن وٽ جڏهن جهيڙو پيا ڪن. |
إِذ قالَتِ المَلٰئِكَةُ يٰمَريَمُ إِنَّ اللَّهَ يُبَشِّرُكِ بِكَلِمَةٍ مِنهُ اسمُهُ المَسيحُ عيسَى ابنُ مَريَمَ وَجيهًا فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَمِنَ المُقَرَّبينَ (آيت : 45) |
جڏهن چيو ملائڪن ته اي مريم! بيشڪ الله بشارت ٿو ڏئي توکي فرمان جي پاڻ وٽان جو نالو ان جو مسيح عيسى پٽ مريم جو آهي، مرتبي وارو دنيا ۽ آخرت ۾ ۽ (الله تعالى جي) مقربن مان آهي . |
وَيُكَلِّمُ النّاسَ فِى المَهدِ وَكَهلًا وَمِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 46) |
۽ ڳالهائيندو ماڻهن سان پينگهي ۾ ۽ پڪيءَ عمر ۾ ۽ خاص ٻانهن مان هوندو. |
قالَت رَبِّ أَنّىٰ يَكونُ لى وَلَدٌ وَلَم يَمسَسنى بَشَرٌ قالَ كَذٰلِكِ اللَّهُ يَخلُقُ ما يَشاءُ إِذا قَضىٰ أَمرًا فَإِنَّما يَقولُ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 47) |
چيائين ته اي رب منهنجا! ڪٿان ٿيندو مون لاءِ پٽ ۽ نه هٿ لاٿو مونکي ڪنهن انسان.رمايائين ته ائين الله پيدا ٿو ڪري جيڪي گهري.ڏهن ارادو ڪري ٿو ڪنهن امر جو ته پوءِ تحقيق فرمائي ٿو ان لاءِ ٿيءُ.ه پوءِ اهو ٿي پوي ٿو. |
وَيُعَلِّمُهُ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَالتَّورىٰةَ وَالإِنجيلَ (آيت : 48) |
۽ پڙهائيندو ان کي ڪتاب ۽ حڪمت ۽ توراة ۽ انجيل . |
وَرَسولًا إِلىٰ بَنى إِسرٰءيلَ أَنّى قَد جِئتُكُم بِـٔايَةٍ مِن رَبِّكُم أَنّى أَخلُقُ لَكُم مِنَ الطّينِ كَهَيـَٔةِ الطَّيرِ فَأَنفُخُ فيهِ فَيَكونُ طَيرًا بِإِذنِ اللَّهِ وَأُبرِئُ الأَكمَهَ وَالأَبرَصَ وَأُحىِ المَوتىٰ بِإِذنِ اللَّهِ وَأُنَبِّئُكُم بِما تَأكُلونَ وَما تَدَّخِرونَ فى بُيوتِكُم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لَكُم إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 49) |
۽ (موڪليندو ان کي) رسول ڪري بني اسرائيلن ڏانهن (چوندو ته) تحقيق مان آيس اوهان وٽ نشانيءَ سان اوهان جي رب وٽان بيشڪ مان ٺاهيان ٿو اوهان لاءِ گاري مان پکيءَ جي صورت وانگر.وءِ ڦوڪ ٿو ڏيان ان ۾ پوءِ ٿي ٿو پوي پکي الله جي اذن سان ۽ سڄو ٿو ڪيان ماءُ جي پيٽان انڌي ڄاول ۽ ڪوڙهه واري کي ۽ جيئرو ٿو ڪيان مئلن کي الله جي حڪم سان ۽ ٻڌايان ٿو اوهان کي جيڪي کائو ٿا ۽ جيڪي گڏ ڪري رکو ٿا پنهنجن گهرن ۾.يشڪ ان ۾ نشاني آهي اوهان لاءِ جيڪڏهن آهيو ايمان وارا. |
وَمُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَىَّ مِنَ التَّورىٰةِ وَلِأُحِلَّ لَكُم بَعضَ الَّذى حُرِّمَ عَلَيكُم وَجِئتُكُم بِـٔايَةٍ مِن رَبِّكُم فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 50) |
۽ تصديق ڪندڙ ان (ڪتاب) جي جو مونکان اڳ ۾ (نازل ڪيل آهي) توراة جي ۽ تانته حلال ڪيان اوهان لاءِ بعض اهي شيون جو حرام ڪيون ويون اوهان تي (هن کان اڳ ۾) ۽ آندي مون اوهان وٽ نشاني اوهان جي رب وٽان پوءِ ڊڄو الله کان ۽ تابعداري ڪيو منهنجي . |
إِنَّ اللَّهَ رَبّى وَرَبُّكُم فَاعبُدوهُ هٰذا صِرٰطٌ مُستَقيمٌ (آيت : 51) |
بيشڪ الله رب منهنجو ۽ رب اوهان جو آهي پوءِ عبادت ڪيو ان جي هيءَ واٽ سڌي آهي. |
فَلَمّا أَحَسَّ عيسىٰ مِنهُمُ الكُفرَ قالَ مَن أَنصارى إِلَى اللَّهِ قالَ الحَوارِيّونَ نَحنُ أَنصارُ اللَّهِ ءامَنّا بِاللَّهِ وَاشهَد بِأَنّا مُسلِمونَ (آيت : 52) |
پوءِ جڏهن محسوس ڪيو عيسى انهن کان ڪفر – فرمايائين ته ڪير آهن مددگار منهنجا الله جي (واٽ ۾) چيو حوارين ته اسين مددگار الله (جي دين) جا آهيون ايمان آندوسون الله تي ۽ شاهد رهه ته بيشڪ اسين مسلمان آهيون . |
رَبَّنا ءامَنّا بِما أَنزَلتَ وَاتَّبَعنَا الرَّسولَ فَاكتُبنا مَعَ الشّٰهِدينَ (آيت : 53) |
اي اسان جا رب! ايمان آندوسون ان تي جو نازل ڪيو تو تابعداري ڪئي سون رسول جي، پوءِ لک تون اسان کي (حق جي) شاهدي ڏيندڙ سان. |
وَمَكَروا وَمَكَرَ اللَّهُ وَاللَّهُ خَيرُ المٰكِرينَ (آيت : 54) |
۽ ڳجهي رٿ ڪيائون (حضرت عيسى عليہ الصلـٰوة والسلام جي شهيد ڪرڻ لاءِ) ۽ ڳجهي رٿ ڪئي الله (حضرت عيسى عليہ الصلـٰوة والسلام جي بچائڻ لاءِ) ۽ الله ڀلو ڳجهي رٿ ڪندڙ آهي. |
إِذ قالَ اللَّهُ يٰعيسىٰ إِنّى مُتَوَفّيكَ وَرافِعُكَ إِلَىَّ وَمُطَهِّرُكَ مِنَ الَّذينَ كَفَروا وَجاعِلُ الَّذينَ اتَّبَعوكَ فَوقَ الَّذينَ كَفَروا إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ ثُمَّ إِلَىَّ مَرجِعُكُم فَأَحكُمُ بَينَكُم فيما كُنتُم فيهِ تَختَلِفونَ (آيت : 55) |
جڏهن فرمايو الله اي عيسى يقيناً مان پوريءَ عمر تائين پهچائيندڙ آهيان توکي ۽ مٿي کڻندڙ آهيان توکي پاڻ ڏانهن ۽ پاڪ ڪندڙ آهيان توکي انهن جي (تهمتن) کان جن ڪفر ڪيو ۽ ڪندڙ آهيان انهن جو جن تابعداري ڪئي تنهنجي مٿان انهن جي جو ڪفر ڪيائون ڏينهن قيامت تائين، ان کان پوءِ مون ڏانهن موٽڻ آهي اوهان جو(ان وقت) فيصلو ڪندس اوهان جي وچ ۾، انهن (ڳالهين) جو جن ۾ اختلاف ٿي ڪيُوَ. |
فَأَمَّا الَّذينَ كَفَروا فَأُعَذِّبُهُم عَذابًا شَديدًا فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَما لَهُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 56) |
پوءِ پر جن ڪفر ڪيو پوءِ عذاب ڪندس انهن کي، عذاب سخت دنيا ۽ آخرت ۾ ۽ ناهن انهن جا ڪي مددگار . |
وَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَيُوَفّيهِم أُجورَهُم وَاللَّهُ لا يُحِبُّ الظّٰلِمينَ (آيت : 57) |
۽ پر جن ايمان آندو ۽ ڪيائون چڱا ڪم.وءِ پورا پورا ڏيندو انهن کي اجر انهن جا، ۽ الله نٿو محبت رکي ظالمن سان . |
ذٰلِكَ نَتلوهُ عَلَيكَ مِنَ الءايٰتِ وَالذِّكرِ الحَكيمِ (آيت : 58) |
اهو (قصو) پڙهون ٿا ان کي اوهان تي آيتن ۽ نصيحت حڪمت واريءَ مان. |
إِنَّ مَثَلَ عيسىٰ عِندَ اللَّهِ كَمَثَلِ ءادَمَ خَلَقَهُ مِن تُرابٍ ثُمَّ قالَ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 59) |
بيشڪ مثال عيسى جو الله وٽ مثال آدم (عليہ السلام) جي آهي.يدا ڪيائين ان کي مٽيءَ مان ان کان پوءِ فرمايائين ان کي ٿيءُ ته پوءِ ٿي پيو. |
الحَقُّ مِن رَبِّكَ فَلا تَكُن مِنَ المُمتَرينَ (آيت : 60) |
(هيءُ) حق آهي (اي ٻڌندڙ) تنهنجي رب جي طرفان پوءِ نه هج شڪ ڪندڙن مان. |
فَمَن حاجَّكَ فيهِ مِن بَعدِ ما جاءَكَ مِنَ العِلمِ فَقُل تَعالَوا نَدعُ أَبناءَنا وَأَبناءَكُم وَنِساءَنا وَنِساءَكُم وَأَنفُسَنا وَأَنفُسَكُم ثُمَّ نَبتَهِل فَنَجعَل لَعنَتَ اللَّهِ عَلَى الكٰذِبينَ (آيت : 61) |
پوءِ جيڪو جهيڙو ڪري تو سان ان (باري) ۾ ان کان پوءِ جو آيو تو وٽ (يقيني) علم پوءِ فرماءِ ته اچو ته سڏيون پنهنجن پٽن ۽ اوهان جي پٽن کي ۽ پنهنجي زالن ۽ اوهان جي زالن کي ۽ پنهنجي سرن ۽ اوهان جي سرن کي.ن کان پوءِ عاجزي سان عرض ڪيون پوءِ موڪليون الله جي لعنت ڪوڙن تي. |
إِنَّ هٰذا لَهُوَ القَصَصُ الحَقُّ وَما مِن إِلٰهٍ إِلَّا اللَّهُ وَإِنَّ اللَّهَ لَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 62) |
بيشڪ هيءُ البته اهو قصو سچو آهي ۽ نه آهي ڪو عبادت جو لائق سواءِ هڪ الله جي ۽ بيشڪ الله، غالب حڪمت وارو آهي. |
فَإِن تَوَلَّوا فَإِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِالمُفسِدينَ (آيت : 63) |
پوءِ جيڪڏهن ڦرن پوءِ بيشڪ الله ڄاڻندڙ آهي فساد ڪندڙن کي. |
قُل يٰأَهلَ الكِتٰبِ تَعالَوا إِلىٰ كَلِمَةٍ سَواءٍ بَينَنا وَبَينَكُم أَلّا نَعبُدَ إِلَّا اللَّهَ وَلا نُشرِكَ بِهِ شَيـًٔا وَلا يَتَّخِذَ بَعضُنا بَعضًا أَربابًا مِن دونِ اللَّهِ فَإِن تَوَلَّوا فَقولُوا اشهَدوا بِأَنّا مُسلِمونَ (آيت : 64) |
فرماءِ اي اهل ڪتاب! اچو اهڙي ڪلمي ڏانهن جو برابر آهي اسان ۽ اوهان جي وچ ۾ ته نه عبادت ڪيون مگر الله جي ۽ نه شريڪ ڪيون ان سان ڪا شيءِ ۽ نه وٺي بعض اسان جو بعض کي رب ڪري سواءِ الله جي.وءِ جيڪڏهن منهن مٽين پوءِ چئو ته شاهدي ڏيو (اي اهل ڪتاب) ته بيشڪ اسان آهيون مسلمان . |
يٰأَهلَ الكِتٰبِ لِمَ تُحاجّونَ فى إِبرٰهيمَ وَما أُنزِلَتِ التَّورىٰةُ وَالإِنجيلُ إِلّا مِن بَعدِهِ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 65) |
اي اهل ڪتاب ڇو ٿا جهيڙو ڪيو ابراهيم (جي باري) ۾ حالانڪ نه نازل ڪيو ويو توراة ۽ انجيل مگر ان کان پوءِ ڇا پوءِ نٿا سمجهو. |
هٰأَنتُم هٰؤُلاءِ حٰجَجتُم فيما لَكُم بِهِ عِلمٌ فَلِمَ تُحاجّونَ فيما لَيسَ لَكُم بِهِ عِلمٌ وَاللَّهُ يَعلَمُ وَأَنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 66) |
ٻڌو! اوهان اهي ماڻهو آهيو جو بحث ڪيُوَ انهن ڳالهين ۾ جو اوهان کي ان جو ڪجهه نه ڪجهه علم آهي.وءِ ڇو ٿا بحث ڪيو ان ۾ جو نه آهي اوهان کي ان جو به ڪو علم. الله ڄاڻي ٿو ۽ اوهان نه ٿا ڄاڻو. |
ما كانَ إِبرٰهيمُ يَهودِيًّا وَلا نَصرانِيًّا وَلٰكِن كانَ حَنيفًا مُسلِمًا وَما كانَ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 67) |
نه هو ابراهيم يهودي ۽ نه نصارو ۽ پر حق تي هلندڙ باطل کان منهن مٽيندڙ فرمانبردار ۽ نه هو مشرڪن مان. |
إِنَّ أَولَى النّاسِ بِإِبرٰهيمَ لَلَّذينَ اتَّبَعوهُ وَهٰذَا النَّبِىُّ وَالَّذينَ ءامَنوا وَاللَّهُ وَلِىُّ المُؤمِنينَ (آيت : 68) |
بيشڪ وڌيڪ ويجها ماڻهن مان ابراهيم سان البته اهي آهن جو تابع ٿيا ان جا ۽ هي نبي ۽ جن (هن نبي تي) ايمان آندو ۽ الله مددگار آهي مؤمنن جو. |
وَدَّت طائِفَةٌ مِن أَهلِ الكِتٰبِ لَو يُضِلّونَكُم وَما يُضِلّونَ إِلّا أَنفُسَهُم وَما يَشعُرونَ (آيت : 69) |
دل سان گهريو هڪ جماعت اهل ڪتاب مان ته (ڪنهن طريقي سان) گمراهه ڪن اوهان کي ۽ نه ٿا گمراهه ڪن مگر پنهنجو پاڻ کي ۽ نٿا سمجهن، . |
يٰأَهلَ الكِتٰبِ لِمَ تَكفُرونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَأَنتُم تَشهَدونَ (آيت : 70) |
اي اهل ڪتاب ڇو ٿا انڪار ڪيو آيتن الله جي جو.الانڪه اوهان پاڻ شاهدي ٿا ڏيو. |
يٰأَهلَ الكِتٰبِ لِمَ تَلبِسونَ الحَقَّ بِالبٰطِلِ وَتَكتُمونَ الحَقَّ وَأَنتُم تَعلَمونَ (آيت : 71) |
اي اهل ڪتاب ڇو ٿا ملايو حق کي باطل سان ۽ لڪايو ٿا حق حالانڪه اوهان ڄاڻو ٿا. |
وَقالَت طائِفَةٌ مِن أَهلِ الكِتٰبِ ءامِنوا بِالَّذى أُنزِلَ عَلَى الَّذينَ ءامَنوا وَجهَ النَّهارِ وَاكفُروا ءاخِرَهُ لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 72) |
۽ چيو هڪ جماعت اهل ڪتاب مان ته ايمان آڻيو ان تي جو لاٿو ويو مؤمنن تي ڏينهن جي پهرئين حصي ۾، ۽ انڪار ڪيو ان جي پوئين حصي ۾ من اهي ڦري وڃن . |
وَلا تُؤمِنوا إِلّا لِمَن تَبِعَ دينَكُم قُل إِنَّ الهُدىٰ هُدَى اللَّهِ أَن يُؤتىٰ أَحَدٌ مِثلَ ما أوتيتُم أَو يُحاجّوكُم عِندَ رَبِّكُم قُل إِنَّ الفَضلَ بِيَدِ اللَّهِ يُؤتيهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 73) |
۽ نه مڃيو (ڪنهن جي ڳالهه) مگر ان جي جو تابع ٿيو اوهان جي دين جو.رماءِ ته بيشڪ الله جي هدايت ئي هدايت آهي (چون ٿا ته هيءُ به نه مڃيو) جو ڏنو وڃي ڪو به اهڙو (دين) جهڙو اوهان کي ڏنو ويو آهي يا بحث ڪن اوهان سان اوهان جي رب وٽ، فرماءِ بيشڪ ڀلائي الله جي ئي هٿ ۾ آهي.ئي ٿو اها جنهن کي گهري ۽ الله وسعت وارو علم وارو آهي. |
يَختَصُّ بِرَحمَتِهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ ذُو الفَضلِ العَظيمِ (آيت : 74) |
خاص ٿو ڪري پنهنجيءَ رحمت سان جنهن کي گهري ۽ الله وڏي فضل وارو آهي. |
وَمِن أَهلِ الكِتٰبِ مَن إِن تَأمَنهُ بِقِنطارٍ يُؤَدِّهِ إِلَيكَ وَمِنهُم مَن إِن تَأمَنهُ بِدينارٍ لا يُؤَدِّهِ إِلَيكَ إِلّا ما دُمتَ عَلَيهِ قائِمًا ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قالوا لَيسَ عَلَينا فِى الأُمِّيّۦنَ سَبيلٌ وَيَقولونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 75) |
۽ اهل ڪتاب مان ڪو اهڙو ديانتدار ٻانهو آهي جو جيڪڏهن امانت رکندين ان وٽ ڍير (سون چانديءَ جو) ته ادا ڪري ڏيندو اهو توکي ۽ انهن مان ڪي اهڙا آهن جو جيڪڏهن امانت رکندين ان وٽ هڪ دينار ته نه ادا ڪندو ان کي تو ڏانهن مگر جيستائين بيٺو رهندين ان تي اهو ان جي ڪري آهي جو بيشڪ انهن چيو ته ناهي اسان تي اڻ پڙهيلن ۾ ڪا وٺ پڪڙ ۽ چون ٿا الله تي ڪوڙ حالانڪه اهي ڄاڻن ٿا. |
بَلىٰ مَن أَوفىٰ بِعَهدِهِ وَاتَّقىٰ فَإِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُتَّقينَ (آيت : 76) |
هائو جنهن پورو ڪيو پنهنجو وعدو ۽ پرهيزگار ٿيو پوءِ بيشڪ الله محبت ٿو رکي پرهيزگارن سان. |
إِنَّ الَّذينَ يَشتَرونَ بِعَهدِ اللَّهِ وَأَيمٰنِهِم ثَمَنًا قَليلًا أُولٰئِكَ لا خَلٰقَ لَهُم فِى الءاخِرَةِ وَلا يُكَلِّمُهُمُ اللَّهُ وَلا يَنظُرُ إِلَيهِم يَومَ القِيٰمَةِ وَلا يُزَكّيهِم وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 77) |
بيشڪ اهي ماڻهو جو خريد ٿا ڪن الله جي وعدي ۽ پنهنجي قسمن سان ملهه ٿورو اهو ناهي ڪو حصو انهن جي لاءِ آخرت ۾ ۽ نه ڳالهائيندو انهن سان الله ۽ نه ڏسندو انهن ڏانهن قيامت جي ڏينهن ۽ نه پاڪ ڪندو انهن کي ۽ انهن لاءِ عذاب دردناڪ آهي. |
وَإِنَّ مِنهُم لَفَريقًا يَلوۥنَ أَلسِنَتَهُم بِالكِتٰبِ لِتَحسَبوهُ مِنَ الكِتٰبِ وَما هُوَ مِنَ الكِتٰبِ وَيَقولونَ هُوَ مِن عِندِ اللَّهِ وَما هُوَ مِن عِندِ اللَّهِ وَيَقولونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 78) |
۽ بيشڪ انهن مان هڪڙي جماعت اهڙي آهي جو پنهنجون زبانون مروڙي پڙهن ٿا (الله جي) ڪتاب ۾ تانته سمجهو ان کي (اصل) ڪتاب مان ۽ ناهي اهو (اصل) ڪتاب مان ۽ چون ٿا ته اهو الله وٽان آهي ۽ ناهي اهو الله وٽان ۽ هڻن ٿا الله تي ڪوڙ ۽ اهي ڄاڻن ٿا (ته اهو ڪوڙ آهي) . |
ما كانَ لِبَشَرٍ أَن يُؤتِيَهُ اللَّهُ الكِتٰبَ وَالحُكمَ وَالنُّبُوَّةَ ثُمَّ يَقولَ لِلنّاسِ كونوا عِبادًا لى مِن دونِ اللَّهِ وَلٰكِن كونوا رَبّٰنِيّۦنَ بِما كُنتُم تُعَلِّمونَ الكِتٰبَ وَبِما كُنتُم تَدرُسونَ (آيت : 79) |
نه آهي (مناسب) ڪنهن انسان لاءِ جو ڏئي ان کي الله ڪتاب ۽ حڪومت ۽ نبوت ان کان پوءِ چوي ماڻهن کي ته هجو منهنجا ٻانها الله کان سواءِ ۽ پر (چوندن) ته هجو الله وارا ان جي ڪري جو پڙهائيندا ٿي رهيئو ڪتاب ۽ ان جي ڪري جو پاڻ به پڙهيُوَ ٿي، . |
وَلا يَأمُرَكُم أَن تَتَّخِذُوا المَلٰئِكَةَ وَالنَّبِيّۦنَ أَربابًا أَيَأمُرُكُم بِالكُفرِ بَعدَ إِذ أَنتُم مُسلِمونَ (آيت : 80) |
۽ نه امر ڪندو اوهان کي ته بنايو فرشتن ۽ نبين کي پالڻهار.اوهان پاڻ سوچيو ته) ڇا حڪم ڪندو اوهان کي ڪفر جو ان کان پوءِ جو اوهان مسلمان آهيو. |
وَإِذ أَخَذَ اللَّهُ ميثٰقَ النَّبِيّۦنَ لَما ءاتَيتُكُم مِن كِتٰبٍ وَحِكمَةٍ ثُمَّ جاءَكُم رَسولٌ مُصَدِّقٌ لِما مَعَكُم لَتُؤمِنُنَّ بِهِ وَلَتَنصُرُنَّهُ قالَ ءَأَقرَرتُم وَأَخَذتُم عَلىٰ ذٰلِكُم إِصرى قالوا أَقرَرنا قالَ فَاشهَدوا وَأَنا۠ مَعَكُم مِنَ الشّٰهِدينَ (آيت : 81) |
۽ جڏهن ورتو الله عهد نبين کان ته جيڪڏهن ڏيان اوهان کي ڪتاب ۽ حڪمت ان کان پوءِ اچي اوهان وٽ رسول تصديق ڪندڙ ان جي جو اوهان سان گڏ آهي ته البته ضرور ايمان آڻيندؤ ان تي ۽ البته ضرور مدد ڪندؤ ان جي، فرمايائين ته ڇا اقرار ڪيُوَ ۽ ورتُوَ ان تي منهنجو ڳرو ذمو چيائون ته اقرار ڪيوسون فرمايائين ته پوءِ شاهد رهو ۽ مان به اوهان سان گڏ شاهدن مان آهيان، . |
فَمَن تَوَلّىٰ بَعدَ ذٰلِكَ فَأُولٰئِكَ هُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 82) |
پوءِ جيڪو ڦري ويو ان کان پوءِ پوءِ اهيئي فاسق آهن. |
أَفَغَيرَ دينِ اللَّهِ يَبغونَ وَلَهُ أَسلَمَ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ طَوعًا وَكَرهًا وَإِلَيهِ يُرجَعونَ (آيت : 83) |
ڇا پوءِ الله جي دين کان سواءِ (ٻيو دين) ٿا طلب ڪن ۽ ان لاءِ سر جهڪايو انهن جو آسمانن ۽ زمين ۾ آهن خوشيءَ سان ۽ مجبوريءَ سان ۽ ان ڏانهن موٽايا ويندا. |
قُل ءامَنّا بِاللَّهِ وَما أُنزِلَ عَلَينا وَما أُنزِلَ عَلىٰ إِبرٰهيمَ وَإِسمٰعيلَ وَإِسحٰقَ وَيَعقوبَ وَالأَسباطِ وَما أوتِىَ موسىٰ وَعيسىٰ وَالنَّبِيّونَ مِن رَبِّهِم لا نُفَرِّقُ بَينَ أَحَدٍ مِنهُم وَنَحنُ لَهُ مُسلِمونَ (آيت : 84) |
فرماءِ! ايمان آندو سون الله تي ۽ ان تي جو نازل ڪيو ويو اسان تي ۽ ان تي جو نازل ڪيو ويو ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق ۽ يعقوب (عليہم السلام) ۽ ان جي اولاد تي ۽ ان تي جو ڏنو ويو موسى ۽ عيسى ۽ پيغمبير پنهنجي رب طرفان نه ٿا جدائي ڪيون ڪنهن هڪڙي ۾ انهن مان ۽ اسين ان جي لاءِ فرمانبردار آهيون. |
وَمَن يَبتَغِ غَيرَ الإِسلٰمِ دينًا فَلَن يُقبَلَ مِنهُ وَهُوَ فِى الءاخِرَةِ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 85) |
۽ جيڪو ڳولي ٿو اسلام کان سواءِ (ٻيو ڪو) دين پوءِ هرگز قبول نه ڪيو ويندو ان کان ۽ اهو آخرت ۾ نقصان وارن مان هوندو. |
كَيفَ يَهدِى اللَّهُ قَومًا كَفَروا بَعدَ إيمٰنِهِم وَشَهِدوا أَنَّ الرَّسولَ حَقٌّ وَجاءَهُمُ البَيِّنٰتُ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 86) |
ڪيئن هدايت ڪندو الله ان قوم کي جو ڪفر ڪيائون ايمان آڻڻ کان پوءِ ۽ شاهدي ڏنائون ته بيشڪ رسول سچو آهي ۽ آيون انهن وٽ کليل نشانيون ۽ الله نٿو هدايت ڪري ظالم قوم کي . |
أُولٰئِكَ جَزاؤُهُم أَنَّ عَلَيهِم لَعنَةَ اللَّهِ وَالمَلٰئِكَةِ وَالنّاسِ أَجمَعينَ (آيت : 87) |
اهي سزا انهن جي (هيءَ آهي ته) تحقيق انهن تي لعنت آهي الله جي ۽ ملائڪن جي ۽ سڀني ماڻهن جي . |
خٰلِدينَ فيها لا يُخَفَّفُ عَنهُمُ العَذابُ وَلا هُم يُنظَرونَ (آيت : 88) |
هميشہ رهندا ان ۾ نه هلڪو ڪيو ويندو انهن کان عذاب ۽ نه مهلت ڏنا ويندا . |
إِلَّا الَّذينَ تابوا مِن بَعدِ ذٰلِكَ وَأَصلَحوا فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 89) |
مگر جن توبہ ڪئي ان کان پوءِ ۽ (پنهنجي) اصلاح ڪيائون پوءِ بيشڪ الله بخشيندڙ مهربان آهي. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا بَعدَ إيمٰنِهِم ثُمَّ ازدادوا كُفرًا لَن تُقبَلَ تَوبَتُهُم وَأُولٰئِكَ هُمُ الضّالّونَ (آيت : 90) |
بيشڪ جن ڪفر ڪيو ايمان آڻڻ کان پوءِ ڪفر ۾ وڌيا هرگز نه قبول ڪئي ويندي توبہ انهن جي ۽ اهي ئي گمراهه آهن. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا وَماتوا وَهُم كُفّارٌ فَلَن يُقبَلَ مِن أَحَدِهِم مِلءُ الأَرضِ ذَهَبًا وَلَوِ افتَدىٰ بِهِ أُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ أَليمٌ وَما لَهُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 91) |
بيشڪ جن ڪفر ڪيو ۽ مري ويا ان حال ۾ جو اهي ڪافر آهن پوءِ هر گز نه قبول ڪيو ويندو ڪنهن هڪ جو به انهن مان زمين جي ڀرڻ جيترو سون جيتوڻيڪ فديو ڏنائين ان سان (جان ڇڏائڻ لاءِ) اهو انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي ۽ نه آهن انهن جا ڪي مددگار. |
لَن تَنالُوا البِرَّ حَتّىٰ تُنفِقوا مِمّا تُحِبّونَ وَما تُنفِقوا مِن شَيءٍ فَإِنَّ اللَّهَ بِهِ عَليمٌ (آيت : 92) |
هر گز نه پهچندئو نيڪيءَ کي تانجو خرچ ڪيو (الله جي واٽ ۾) ان مان جو ٿا پياري رکو ۽ جيڪا به خرچ ٿا ڪيو ڪا شيءِ پوءِ بيشڪ الله اها ڄاڻندڙ آهي. |
كُلُّ الطَّعامِ كانَ حِلًّا لِبَنى إِسرٰءيلَ إِلّا ما حَرَّمَ إِسرٰءيلُ عَلىٰ نَفسِهِ مِن قَبلِ أَن تُنَزَّلَ التَّورىٰةُ قُل فَأتوا بِالتَّورىٰةِ فَاتلوها إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 93) |
سڀ کاڌي جون شيون هيون حلال بني اسرائيل جي لاءِ مگر اهو جو حرام ڪيو اسرائيل پنهنجو پاڻ تي ان کان اڳي جو نازل ڪيو ويو توراة.رماءِ پوءِ آڻيو توراة پوءِ پڙهو اهو جيڪڏهن آهيو سچا. |
فَمَنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ مِن بَعدِ ذٰلِكَ فَأُولٰئِكَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 94) |
پوءِ جنهن بهتان هنيو الله تي ڪوڙو ان کان پوءِ اهي ظالم آهن . |
قُل صَدَقَ اللَّهُ فَاتَّبِعوا مِلَّةَ إِبرٰهيمَ حَنيفًا وَما كانَ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 95) |
چئو ته سچ فرمايو الله پوءِ تابعداري ڪيو ابراهيم جي ملت جي حق تي هلندڙ باطل کان منهن موڙيندڙ ۽ نه هو مشرڪن مان. |
إِنَّ أَوَّلَ بَيتٍ وُضِعَ لِلنّاسِ لَلَّذى بِبَكَّةَ مُبارَكًا وَهُدًى لِلعٰلَمينَ (آيت : 96) |
بيشڪ پهريون گهر جو رکيو ويو ماڻهن جي (عبادت) لاءِ اهوئي آهي جو مڪي ۾ آهي برڪت ڀريو ۽ هدايت آهي جهانن جي لاءِ، . |
فيهِ ءايٰتٌ بَيِّنٰتٌ مَقامُ إِبرٰهيمَ وَمَن دَخَلَهُ كانَ ءامِنًا وَلِلَّهِ عَلَى النّاسِ حِجُّ البَيتِ مَنِ استَطاعَ إِلَيهِ سَبيلًا وَمَن كَفَرَ فَإِنَّ اللَّهَ غَنِىٌّ عَنِ العٰلَمينَ (آيت : 97) |
ان ۾ نشانيون چٽيون آهن (انهن مان هڪ) مقام ابراهيم آهي ۽ جيڪو داخل ٿيو ان ۾ هوندو امن وارو ۽ الله جي لاءِ (فرض) آهي ماڻهن تي حج بيت (الله)جو جيڪو سگهه رکي ٿو ان ڏانهن واٽ وڃڻ جي ۽ جنهن انڪار ڪيو پوءِ بيشڪ الله بي نياز آهي جهانن کان. |
قُل يٰأَهلَ الكِتٰبِ لِمَ تَكفُرونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَاللَّهُ شَهيدٌ عَلىٰ ما تَعمَلونَ (آيت : 98) |
فرماءِ ته اي اهل ڪتاب ڇو ٿا انڪار ڪيو الله جي آيتن جو ۽ الله شاهد آهي ان جو ڪيو ٿا . |
قُل يٰأَهلَ الكِتٰبِ لِمَ تَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ مَن ءامَنَ تَبغونَها عِوَجًا وَأَنتُم شُهَداءُ وَمَا اللَّهُ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 99) |
فرماءِ اي اهل ڪتاب! ڇو ٿا روڪيو الله جي واٽ کان ان کي جو ايمان آندائين.طلب ڪيو ٿا ان کي ڏنگو ۽ اوهان شاهد آهيو ۽ نه آهي الله بي خبر ان کان جو ڪيو ٿا . |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِن تُطيعوا فَريقًا مِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ يَرُدّوكُم بَعدَ إيمٰنِكُم كٰفِرينَ (آيت : 100) |
اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن تابعداري ڪندؤ ٽولي جي انهن مان جو ڏنا ويا ڪتاب ته موٽائيندا اوهان کي پڄاڻان ايمان آڻڻ اوهان جي ڪافر ڪري . |
وَكَيفَ تَكفُرونَ وَأَنتُم تُتلىٰ عَلَيكُم ءايٰتُ اللَّهِ وَفيكُم رَسولُهُ وَمَن يَعتَصِم بِاللَّهِ فَقَد هُدِىَ إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 101) |
۽ ڪيئن ٿا ڪفر ڪيو ۽ اوهان اهي آهيو جو پڙهيون وڃن ٿيون اوهان تي آيتون الله جون ۽ اوهان ۾ ان جو رسول تشريف فرما آهي ۽ جيڪو چنبڙندو الله جي (دين کي) پوءِ تحقيق هدايت ڪيو ويو سڌيءَ واٽ ڏانهن. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ حَقَّ تُقاتِهِ وَلا تَموتُنَّ إِلّا وَأَنتُم مُسلِمونَ (آيت : 102) |
اي ايمان وارؤ! ڊڄو الله کان جيئن ان کان ڊڄڻ جو حق آهي ۽ نه مرو مگر ان حال ۾ جو اوهان مسلمان آهيو . |
وَاعتَصِموا بِحَبلِ اللَّهِ جَميعًا وَلا تَفَرَّقوا وَاذكُروا نِعمَتَ اللَّهِ عَلَيكُم إِذ كُنتُم أَعداءً فَأَلَّفَ بَينَ قُلوبِكُم فَأَصبَحتُم بِنِعمَتِهِ إِخوٰنًا وَكُنتُم عَلىٰ شَفا حُفرَةٍ مِنَ النّارِ فَأَنقَذَكُم مِنها كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُم ءايٰتِهِ لَعَلَّكُم تَهتَدونَ (آيت : 103) |
۽ مضبوطيءَ سان وٺو الله جي رسيءَ کي سڀئي ۽ نه جدا جدا ٿيو ۽ ياد ڪيو الله جي نعمت جيڪا اوهان تي آهي جڏهن دشمن هيؤ پوءِ محبت پيدا ڪيائين اوهان جي دلين ۾ پوءِ ٿي پيؤ ان نعمت سان ڀائر ۽ هُيَؤ ڪناري باهه جي تي پوءِ ڇڏايائين اوهان کي ان کان ائين ٿو کولي بيان ڪري الله اوهان لاءِ پنهنجون آيتون تانته هدايت وارا ٿيو. |
وَلتَكُن مِنكُم أُمَّةٌ يَدعونَ إِلَى الخَيرِ وَيَأمُرونَ بِالمَعروفِ وَيَنهَونَ عَنِ المُنكَرِ وَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 104) |
۽ ڀلي ته هجي اوهان مان هڪ جماعت جوسڏين چڱائيءَ ڏانهن ۽ امر ڪن نيڪيءَ جو ۽ روڪين برائيءَ کان ۽ اهي ئي ڪامياب ٿيندڙ آهن . |
وَلا تَكونوا كَالَّذينَ تَفَرَّقوا وَاختَلَفوا مِن بَعدِ ما جاءَهُمُ البَيِّنٰتُ وَأُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 105) |
۽ نه هجو انهن وانگر جو جدا جدا ٿيا ۽ اختلاف ڪيائون ان کان پوءِ جو آيا انهن وٽ روشن دليل ۽ اهي انهن لاءِ آهي عذاب وڏو. |
يَومَ تَبيَضُّ وُجوهٌ وَتَسوَدُّ وُجوهٌ فَأَمَّا الَّذينَ اسوَدَّت وُجوهُهُم أَكَفَرتُم بَعدَ إيمٰنِكُم فَذوقُوا العَذابَ بِما كُنتُم تَكفُرونَ (آيت : 106) |
ان ڏينهن اڇا ٿيندا ڪجهه منهن ۽ ڪارا ٿيندا ڪجهه منهن پوءِ پر اهي شخص جو ڪارا ٿيندا منهن انهن جا (چيو ويندن ته) ڇا ڪفر ڪيُوَ؟ ايمان آڻڻ کان پوءِ – پوءِ چکو عذاب (جو مزو) انهيءَ سببان جو ڪفر ٿي ڪيُوَ . |
وَأَمَّا الَّذينَ ابيَضَّت وُجوهُهُم فَفى رَحمَةِ اللَّهِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 107) |
۽ پر اهي (شخص) جو اڇا ٿيا منهن انهن جا پوءِ الله جي رحمت ۾ رهندا اهي ان ۾ هميشہ هوندا. |
تِلكَ ءايٰتُ اللَّهِ نَتلوها عَلَيكَ بِالحَقِّ وَمَا اللَّهُ يُريدُ ظُلمًا لِلعٰلَمينَ (آيت : 108) |
اهي آيتون الله جون آهن پڙهون ٿا اهي اوهان جي اڳيان حق سان ۽ ناهي الله جو (شان) جو ارادو ڪري ظلم جو جهانن لاءِ . |
وَلِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَإِلَى اللَّهِ تُرجَعُ الأُمورُ (آيت : 109) |
۽ خاص الله جو آهي جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي ۽ الله ڏانهن موٽايا وينداسڀ ڪم. |
كُنتُم خَيرَ أُمَّةٍ أُخرِجَت لِلنّاسِ تَأمُرونَ بِالمَعروفِ وَتَنهَونَ عَنِ المُنكَرِ وَتُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَلَو ءامَنَ أَهلُ الكِتٰبِ لَكانَ خَيرًا لَهُم مِنهُمُ المُؤمِنونَ وَأَكثَرُهُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 110) |
آهيو اوهان ڀلي امت جوظاهر ڪئي ويئي ماڻهن جي (ڀلائي ۽ هدايت) لاءِ حڪم ٿا ڪيو نيڪيءَ جو ۽ روڪيو ٿا برائيءَ کان ۽ ايمان ٿا آڻيو الله تي ۽ جيڪڏهن ايمان آڻين ها اهل ڪتاب ته هجي ها ڀلو انهن جي لاءِ ڪي انهن مان ايمان وارا آهن ۽ گهڻا انهن مان فاسق آهن. |
لَن يَضُرّوكُم إِلّا أَذًى وَإِن يُقٰتِلوكُم يُوَلّوكُمُ الأَدبارَ ثُمَّ لا يُنصَرونَ (آيت : 111) |
اصل نه نقصان ڏئي سگهندا اوهان کي سواءِ (زباني) ايذاءَ جي ۽ جيڪڏهن جنگ ڪندا اوهان سان ته ڦيرائي ڏيندا اوهان کي پٺيون ان کان پوءِ نه مدد ڪيا ويندا . |
ضُرِبَت عَلَيهِمُ الذِّلَّةُ أَينَ ما ثُقِفوا إِلّا بِحَبلٍ مِنَ اللَّهِ وَحَبلٍ مِنَ النّاسِ وَباءو بِغَضَبٍ مِنَ اللَّهِ وَضُرِبَت عَلَيهِمُ المَسكَنَةُ ذٰلِكَ بِأَنَّهُم كانوا يَكفُرونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَيَقتُلونَ الأَنبِياءَ بِغَيرِ حَقٍّ ذٰلِكَ بِما عَصَوا وَكانوا يَعتَدونَ (آيت : 112) |
هنئي ويئي انهن تي ذلت (خواري) جتي به لڌا ويا مگر الله جي عهد سان يا ماڻهن جي عهد سان ۽ حقدار ٿيا الله جي غضب جا ۽ هنئي وئي انهن تي محتاجي اهو ان جي ڪري جو بيشڪ اهي ڪفر ڪندا هئا آيتن جو ۽ شهيد ڪندا هئا نبين کي ناحق اهو ان جي ڪري جو بي فرماني ڪيائون ۽ حد کان لنگهندا هئا. |
لَيسوا سَواءً مِن أَهلِ الكِتٰبِ أُمَّةٌ قائِمَةٌ يَتلونَ ءايٰتِ اللَّهِ ءاناءَ الَّيلِ وَهُم يَسجُدونَ (آيت : 113) |
ناهن (سڀئي) برابر اهل ڪتاب مان هڪ جماعت (حق تي) قائم آهي تلاوت ٿا ڪن آيتون الله جون رات جي وقتن ۾ ۽ اهي سجدا ٿا ڪن . |
يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَيَأمُرونَ بِالمَعروفِ وَيَنهَونَ عَنِ المُنكَرِ وَيُسٰرِعونَ فِى الخَيرٰتِ وَأُولٰئِكَ مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 114) |
ايمان ٿا آڻين الله تي ۽ ڏينهن قيامت تي ۽ امر ٿا ڪن نيڪيءَ جو ۽ روڪين ٿا برائيءَ کان ۽ جلدي ٿا ڪن نيڪيءَ جي ڪمن ۾ ۽ اهي صالحن مان آهن . |
وَما يَفعَلوا مِن خَيرٍ فَلَن يُكفَروهُ وَاللَّهُ عَليمٌ بِالمُتَّقينَ (آيت : 115) |
۽ جيڪي ڪن ٿا نيڪي پوءِ اصل نه بي قدري ڪيا ويندا ان جي ۽ الله ڄاڻندڙ آهي پرهيزگارن کي . |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا لَن تُغنِىَ عَنهُم أَموٰلُهُم وَلا أَولٰدُهُم مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا وَأُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 116) |
بيشڪ اهي شخص جو ڪفر ڪيائون هر گز نه دفع ڪندا انهن کان انهن جا مال ۽ نه انهن جو اولاد الله جي عذاب کان ڪا شيءِ ۽ اهي جهنمي آهن.هي ان ۾ هميشہ هوندا. |
مَثَلُ ما يُنفِقونَ فى هٰذِهِ الحَيوٰةِ الدُّنيا كَمَثَلِ ريحٍ فيها صِرٌّ أَصابَت حَرثَ قَومٍ ظَلَموا أَنفُسَهُم فَأَهلَكَتهُ وَما ظَلَمَهُمُ اللَّهُ وَلٰكِن أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 117) |
مثال تن جو جيڪي خرچ ڪن ٿا هن حياتيءَ ۽ دنيا واريءَ ۾ مثل هوا جي آهي جنهن ۾سخت پارو آهي جو پهتو پوک قوم جي کي جن ظلم ڪيو پنهنجن سرن تي پوءِ ان کي هلاڪ ڪيائين ۽ نه ظلم ڪيائين انهن سان الله ۽ پر پنهنجن سرن تي پاڻ ظلم ڪن ٿا. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّخِذوا بِطانَةً مِن دونِكُم لا يَألونَكُم خَبالًا وَدّوا ما عَنِتُّم قَد بَدَتِ البَغضاءُ مِن أَفوٰهِهِم وَما تُخفى صُدورُهُم أَكبَرُ قَد بَيَّنّا لَكُمُ الءايٰتِ إِن كُنتُم تَعقِلونَ (آيت : 118) |
اي ايمان وارؤ! نه وٺو ڳجها دوست پنهنجن کان سواءِ (ٻين کي) نه گهٽتائي ڪندا اوهان کي نقصان پهچائڻ ۾ پسند ٿا ڪن اها شيءِ جو تڪليف ڏئي اوهان کي تحقيق ظاهر ٿي دشمني انهن جي واتن مان، ۽ جيڪي لڪائي ٿا رکن سينا انهن جا تمام وڏي (دشمني) آهي تحقيق بيان ڪيوسون اوهان لاءِ آيتون جيڪڏهن سمجهدار آهيو. |
هٰأَنتُم أُولاءِ تُحِبّونَهُم وَلا يُحِبّونَكُم وَتُؤمِنونَ بِالكِتٰبِ كُلِّهِ وَإِذا لَقوكُم قالوا ءامَنّا وَإِذا خَلَوا عَضّوا عَلَيكُمُ الأَنامِلَ مِنَ الغَيظِ قُل موتوا بِغَيظِكُم إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 119) |
اوهين اهي آهيو جو محبت ٿا رکو انهن سان ۽ نه ٿا محبت رکن اهي اوهان سان ۽ ايمان ٿا آڻيو ڪتابن سڀني تي ۽ جنهن وقت ملن ٿا اوهان سان ته چون ٿا ته ايمان آندوسون ۽ جڏهن اڪيلا ٿين ٿا ته چڪين ٿا اوهان تي آڱريون ڪاوڙ جي ڪري فرماءِ ته مري پئو پنهنجي ڪاوڙ جي ڪري بيشڪ الله ڄاڻندڙ آهي سينن وارين ڳالهين کي. |
إِن تَمسَسكُم حَسَنَةٌ تَسُؤهُم وَإِن تُصِبكُم سَيِّئَةٌ يَفرَحوا بِها وَإِن تَصبِروا وَتَتَّقوا لا يَضُرُّكُم كَيدُهُم شَيـًٔا إِنَّ اللَّهَ بِما يَعمَلونَ مُحيطٌ (آيت : 120) |
جيڪڏهن پهچي ٿي اوهان کي ڀلائي نه بري ٿي لڳي انهن کي ۽ جيڪڏهن پهچي ٿي اوهان کي تڪليف ته خوش ٿا ٿين ان تي ۽ جيڪڏهن صبر ڪندؤ ۽ (الله کان) ڊڄندؤ ته نه نقصان ڏيندو اوهان کي مڪر انهن جو ڪجهه به بيشڪ الله ان جو جيڪي ڪن ٿا گهيرو ڪندڙ آهي. ع |
وَإِذ غَدَوتَ مِن أَهلِكَ تُبَوِّئُ المُؤمِنينَ مَقٰعِدَ لِلقِتالِ وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 121) |
۽ (ياد ڪر اي محبوب) جڏهن صبح جو روانو ٿئين پنهنجي گهر مان وهارين پيو مؤمنن کي جنگ وارن مورچن تي ۽ الله ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. |
إِذ هَمَّت طائِفَتانِ مِنكُم أَن تَفشَلا وَاللَّهُ وَلِيُّهُما وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 122) |
جڏهن ارادو ڪيو ٻن جماعتن اوهان مان ته سست ٿين ۽ الله مددگار آهي انهن ٻنهين جو ۽ الله تي پوءِ ڀلي توڪل ڪن ايمان وارا. |
وَلَقَد نَصَرَكُمُ اللَّهُ بِبَدرٍ وَأَنتُم أَذِلَّةٌ فَاتَّقُوا اللَّهَ لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 123) |
۽ البته تحقيق مدد ڪئي اوهان الله جي بدر ۾ ۽ اوهان ڪمزور هئا پوءِ ڊڄو الله کان تانته اوهان شڪر گذار رهو . |
إِذ تَقولُ لِلمُؤمِنينَ أَلَن يَكفِيَكُم أَن يُمِدَّكُم رَبُّكُم بِثَلٰثَةِ ءالٰفٍ مِنَ المَلٰئِكَةِ مُنزَلينَ (آيت : 124) |
جڏهن چوڻ لڳو هيئن مؤمنن کي ته ڇا نه ٿي ڪافي ٿئي اوهان جي لاءِ هيءَ ڳالهه جو مدد ڪري اوهان جي رب اوهان جو ٽن هزارن ملائڪن (آسمان مان) لاٿلن سان . |
بَلىٰ إِن تَصبِروا وَتَتَّقوا وَيَأتوكُم مِن فَورِهِم هٰذا يُمدِدكُم رَبُّكُم بِخَمسَةِ ءالٰفٍ مِنَ المَلٰئِكَةِ مُسَوِّمينَ (آيت : 125) |
هائو جيڪڏهن صبر ڪندؤ ۽ پرهيز ڪندؤ ۽ ايندا اوهان وٽ هڪدم هتي ته مدد ڪندو اوهان جي رب اوهان جو پنجن هزارن ملائڪن سان جي نشان رکندڙ (گهوڙن) وارا هوندا . |
وَما جَعَلَهُ اللَّهُ إِلّا بُشرىٰ لَكُم وَلِتَطمَئِنَّ قُلوبُكُم بِهِ وَمَا النَّصرُ إِلّا مِن عِندِ اللَّهِ العَزيزِ الحَكيمِ (آيت : 126) |
۽ نه بنايو ان کي الله مگر خوشخبري اوهان جي لاءِ ۽ تانته قرار وٺن اوهان جون دليون ان سان ۽ ناهي مدد مگر الله غالب حڪمت واري وٽان . |
لِيَقطَعَ طَرَفًا مِنَ الَّذينَ كَفَروا أَو يَكبِتَهُم فَيَنقَلِبوا خائِبينَ (آيت : 127) |
تانته هلاڪ ڪري هڪ جماعت کي ڪافرن مان يا ذليل ڪري انهن کي پوءِ موٽن بي نصيب ٿي. |
لَيسَ لَكَ مِنَ الأَمرِ شَيءٌ أَو يَتوبَ عَلَيهِم أَو يُعَذِّبَهُم فَإِنَّهُم ظٰلِمونَ (آيت : 128) |
ناهي تنهنجو ان ڪم ۾ ڪو دخل يا (ٻاجهه سان) موٽي انهن تي يا عذاب ڪري انهن کي پوءِ بيشڪ اهي ظالم آهن . |
وَلِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ يَغفِرُ لِمَن يَشاءُ وَيُعَذِّبُ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 129) |
۽ الله جو ئي آهي جيڪوآسمانن ۾ آهي ۽ جيڪو زمين ۾ آهي بخش ٿو ڪري جنهن کي گهري ۽ عذاب ٿو ڪري جنهن کي گهري ۽ الله بخشيندڙ مهربان آهي . |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَأكُلُوا الرِّبوٰا۟ أَضعٰفًا مُضٰعَفَةً وَاتَّقُوا اللَّهَ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 130) |
اي ايمان وارؤ! نه کائو وياج ٻيڻو چوڻو ۽ ڊڄو الله کان تانته اوهان ڪامياب ٿيو . |
وَاتَّقُوا النّارَ الَّتى أُعِدَّت لِلكٰفِرينَ (آيت : 131) |
۽ ڊڄو ان باهه کان جيڪا تيار ڪئي ويئي آهي ڪافرن جي لاءِ . |
وَأَطيعُوا اللَّهَ وَالرَّسولَ لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 132) |
۽ فرمانبرداري ڪيو الله ۽ رسول جي تانته اوهان رحم ڪيا وڃو . |
وَسارِعوا إِلىٰ مَغفِرَةٍ مِن رَبِّكُم وَجَنَّةٍ عَرضُهَا السَّمٰوٰتُ وَالأَرضُ أُعِدَّت لِلمُتَّقينَ (آيت : 133) |
۽ ڊوڙو بخشش ڏانهن پنهنجي رب جي طرفان ۽ بهشت ڏانهن جنهن جي ويڪر آسمانن ۽ زمين جيتري آهي.يار ڪئي ويئي آهي پرهيزگارن جي لاءِ . |
الَّذينَ يُنفِقونَ فِى السَّرّاءِ وَالضَّرّاءِ وَالكٰظِمينَ الغَيظَ وَالعافينَ عَنِ النّاسِ وَاللَّهُ يُحِبُّ المُحسِنينَ (آيت : 134) |
جيڪي خرچ ٿا ڪن خوشيءَ ۾ ۽ تڪليف ۾ ۽ کائيندڙ ڪاوڙ کي ۽ معاف ڪندڙ ماڻهن کي ۽ الله محبت ٿو رکي احسان ڪندڙن سان . |
وَالَّذينَ إِذا فَعَلوا فٰحِشَةً أَو ظَلَموا أَنفُسَهُم ذَكَرُوا اللَّهَ فَاستَغفَروا لِذُنوبِهِم وَمَن يَغفِرُ الذُّنوبَ إِلَّا اللَّهُ وَلَم يُصِرّوا عَلىٰ ما فَعَلوا وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 135) |
۽ اهي جو جڏهن ڪن ٿا برائي يا ظلم ٿا ڪن پنهنجن نفسن تي ته ياد ٿا ڪن الله کي پوءِ بخشش ٿا گهرن پنهنجن گناهن جي ۽ ڪير ٿو بخشي گناهه الله کانسواءِ ۽ نه ٿا هميشگي ڪن ان (گناهه) تي جو ڪيائون ۽ اهي ڄاڻن ٿا. |
أُولٰئِكَ جَزاؤُهُم مَغفِرَةٌ مِن رَبِّهِم وَجَنّٰتٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَنِعمَ أَجرُ العٰمِلينَ (آيت : 136) |
اهي بدلو انهن جو بخشش آهي سندن رب وٽان ۽ بهشت آهن جو وهن ٿيون هيٺان انهن جي نهرون هميشہ رهندا انهن ۾ ڀلو اجر آهي عمل ڪندڙن جو. |
قَد خَلَت مِن قَبلِكُم سُنَنٌ فَسيروا فِى الأَرضِ فَانظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُكَذِّبينَ (آيت : 137) |
تحقيق گذريا اوهان کان اڳ ۾ طريقا پوءِ گهمو زمين ۾ پوءِ ڏسو ته ڪهڙي ٿي پڇاڙي ڪوڙو چوندڙن جي . |
هٰذا بَيانٌ لِلنّاسِ وَهُدًى وَمَوعِظَةٌ لِلمُتَّقينَ (آيت : 138) |
هيءُ بيان آهي ماڻهن جي لاءِ ۽ هدايت ۽ نصيحت آهي پرهيزگارن لاءِ. |
وَلا تَهِنوا وَلا تَحزَنوا وَأَنتُمُ الأَعلَونَ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 139) |
۽ نه سست ٿيو ۽ نه غم ڪيو ۽ اوهان ئي غالب آهيو جيڪڏهن آهيو مؤمن . |
إِن يَمسَسكُم قَرحٌ فَقَد مَسَّ القَومَ قَرحٌ مِثلُهُ وَتِلكَ الأَيّامُ نُداوِلُها بَينَ النّاسِ وَلِيَعلَمَ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا وَيَتَّخِذَ مِنكُم شُهَداءَ وَاللَّهُ لا يُحِبُّ الظّٰلِمينَ (آيت : 140) |
جيڪڏهن پهتو اوهان کي زخم پوءِ تحقيق پهتو قوم کي زخم ان جهڙو ۽ اهي ڏينهن ڦيرايون ٿا انهن کي ماڻهن ۾ ۽ تانته جدا ڪري الله ايمان وارن کي ۽ وٺي اوهان مان شهيد ۽ الله نه ٿو پسند ڪري ظالمن کي . |
وَلِيُمَحِّصَ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا وَيَمحَقَ الكٰفِرينَ (آيت : 141) |
۽ تانته نروار ڪري الله ايمان وارن کي ۽ مٽائي ڇڏي ڪافرن کي . |
أَم حَسِبتُم أَن تَدخُلُوا الجَنَّةَ وَلَمّا يَعلَمِ اللَّهُ الَّذينَ جٰهَدوا مِنكُم وَيَعلَمَ الصّٰبِرينَ (آيت : 142) |
ڇا سمجهو ٿا ته داخل ٿيندؤ بهشت ۾ ۽ اڃان نه نروار ڪيو الله انهن کي جو جهاد ڪيائون اوهان مان ۽ نه نروار ڪيائين صبر ڪندڙن کي . |
وَلَقَد كُنتُم تَمَنَّونَ المَوتَ مِن قَبلِ أَن تَلقَوهُ فَقَد رَأَيتُموهُ وَأَنتُم تَنظُرونَ (آيت : 143) |
۽ البته تحقيق خواهش ٿي ڪيَوَ موت جي ان کان اڳ ۾ جو ملاقات ڪيو ان سان پوءِ تحقيق ڏٺُوَ ان کي ۽ اوهان نهاريو پيا. |
وَما مُحَمَّدٌ إِلّا رَسولٌ قَد خَلَت مِن قَبلِهِ الرُّسُلُ أَفَإِي۟ن ماتَ أَو قُتِلَ انقَلَبتُم عَلىٰ أَعقٰبِكُم وَمَن يَنقَلِب عَلىٰ عَقِبَيهِ فَلَن يَضُرَّ اللَّهَ شَيـًٔا وَسَيَجزِى اللَّهُ الشّٰكِرينَ (آيت : 144) |
۽ ناهي محمّد (ﷺ) مگر رسول تحقيق گذريا ان کان اڳ ۾ رسول ڇا پوءِ جيڪڏهن انتقال ڪري يا شهيد ڪيو وڃي ته ڦري ويندؤ پوئين پيرين؟ ۽ جيڪو ڦرندو پوئين پيرين پوءِ اصل نه نقصان ڏئي سگهندو الله کي ڪجهه به ۽ سگهوئي اجر ڏيندو الله شڪر ڪندڙن کي . |
وَما كانَ لِنَفسٍ أَن تَموتَ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ كِتٰبًا مُؤَجَّلًا وَمَن يُرِد ثَوابَ الدُّنيا نُؤتِهِ مِنها وَمَن يُرِد ثَوابَ الءاخِرَةِ نُؤتِهِ مِنها وَسَنَجزِى الشّٰكِرينَ (آيت : 145) |
۽ ناهي وس ڪنهن نفس جي جو مري الله جي اذن کان سواءِ لکيل مقرر ٿيل ۽ جيڪو ارادو ڪندو دنيا ۾ ثواب جو ته ڏينداسون ان کي انهيءَ مان ۽ جيڪوارادو ڪندو آخرت ۾ ثواب جو ته ڏينداسون ان کي انهيءَ مان ۽ جلد بدلو ڏينداسون شڪر ڪندڙن کي. |
وَكَأَيِّن مِن نَبِىٍّ قٰتَلَ مَعَهُ رِبِّيّونَ كَثيرٌ فَما وَهَنوا لِما أَصابَهُم فى سَبيلِ اللَّهِ وَما ضَعُفوا وَمَا استَكانوا وَاللَّهُ يُحِبُّ الصّٰبِرينَ (آيت : 146) |
۽ ڪيترا نبي جنگ ڪئي انهن سان گڏ الله وارن گهڻن پوءِ نه همت هاريائون ان تڪليف جي ڪري جو پهتي انهن کي الله جي واٽ ۾ ۽ نه ڪمزور ٿيا ۽ نه سست ٿيا ۽ الله محبت رکي ٿو صبر ڪندڙن سان . |
وَما كانَ قَولَهُم إِلّا أَن قالوا رَبَّنَا اغفِر لَنا ذُنوبَنا وَإِسرافَنا فى أَمرِنا وَثَبِّت أَقدامَنا وَانصُرنا عَلَى القَومِ الكٰفِرينَ (آيت : 147) |
۽ نه هو چوڻ انهن جو مگر هيءُ جو چيائون ته اي اسان جا پالڻهار! بخش ڪر اسان کي گناهه اسان جا ۽ زيادتي اسان جي اسان جي ڪم ۾ ۽ ثابت رک قدم اسان جا ۽ مدد ڪر اسان جي قوم ڪافرن جيءَ تي . |
فَـٔاتىٰهُمُ اللَّهُ ثَوابَ الدُّنيا وَحُسنَ ثَوابِ الءاخِرَةِ وَاللَّهُ يُحِبُّ المُحسِنينَ (آيت : 148) |
پوءِ ڏنو انهن کي الله ثواب دنيا جو ۽ سهڻو ثواب آخرت جو ۽ الله محبت ٿو رکي احسان ڪندڙسان. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِن تُطيعُوا الَّذينَ كَفَروا يَرُدّوكُم عَلىٰ أَعقٰبِكُم فَتَنقَلِبوا خٰسِرينَ (آيت : 149) |
اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن ڳالهه مڃيندؤ ڪافرن جي ته موٽائيندا اوهان کي پوئين پيرين.وءِ ٿي پوندو نقصان وارا. |
بَلِ اللَّهُ مَولىٰكُم وَهُوَ خَيرُ النّٰصِرينَ (آيت : 150) |
بلڪ الله مددگار اوهان جو آهي اهو ڀلو مدد ڪندڙ آهي. |
سَنُلقى فى قُلوبِ الَّذينَ كَفَرُوا الرُّعبَ بِما أَشرَكوا بِاللَّهِ ما لَم يُنَزِّل بِهِ سُلطٰنًا وَمَأوىٰهُمُ النّارُ وَبِئسَ مَثوَى الظّٰلِمينَ (آيت : 151) |
سگهو ئي وجهنداسون ڪافرن جي دلين ۾ هيبت انهيءَ سببان جو شريڪ ڪيائون الله سان اها شيءِ جو نه لاٿائين ان جو ڪو دليل ۽ جاءِ انهن جي دوزخ آهي ۽ بڇڙي آهي جاءِ ظالمن جي. |
وَلَقَد صَدَقَكُمُ اللَّهُ وَعدَهُ إِذ تَحُسّونَهُم بِإِذنِهِ حَتّىٰ إِذا فَشِلتُم وَتَنٰزَعتُم فِى الأَمرِ وَعَصَيتُم مِن بَعدِ ما أَرىٰكُم ما تُحِبّونَ مِنكُم مَن يُريدُ الدُّنيا وَمِنكُم مَن يُريدُ الءاخِرَةَ ثُمَّ صَرَفَكُم عَنهُم لِيَبتَلِيَكُم وَلَقَد عَفا عَنكُم وَاللَّهُ ذو فَضلٍ عَلَى المُؤمِنينَ (آيت : 152) |
۽ البته تحقيق سچو ڪيو الله اوهان سان وعدو پنهنجو جڏهن ڪهو پيا انهن کي ان جي اذن سان تانجو جڏهن سست ٿيئو ۽ جهيڙو ڪيُوَ حڪم ۾ ۽ نافرماني ڪيَوَ ان کان پوءِ جو ڏيکاريائين اوهان کي اها ڳالهه جو پسند ٿا ڪيو اوهان مان ڪي اهي آهن جو ارادو ٿا ڪن دنيا جو ۽ اوهان مان اهي آهن جو ارادو ٿا ڪن آخرت جو تنهن کان پوءِ ڦيرايائين اوهان کي انهن کان تانته آزمائي اوهان کي ۽ البته تحقيق معاف ڪري ڇڏيائين اوهان کان ۽ الله ڀلائي ڪندڙ آهي مؤمنن تي . |
إِذ تُصعِدونَ وَلا تَلوۥنَ عَلىٰ أَحَدٍ وَالرَّسولُ يَدعوكُم فى أُخرىٰكُم فَأَثٰبَكُم غَمًّا بِغَمٍّ لِكَيلا تَحزَنوا عَلىٰ ما فاتَكُم وَلا ما أَصٰبَكُم وَاللَّهُ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 153) |
جڏهن چڙهندا ٿي ويئو ۽ نه ٿي پوئتي نهاريُوَ ڪنهن هڪ ڏي ۽ رسولﷺسڏي پيو اوهان کي پويان اوهان جي پوءِ پهچايائين اوهان کي ڏک سان گڏ ڏک تانته نه ڏک ڪيو ان تي جو هٿن مان ويو اوهان کان ۽ نه ان جو جو پهتو اوهان کي ۽ الله خبر رکندڙ آهي ان جي جو ڪيو ٿا. |
ثُمَّ أَنزَلَ عَلَيكُم مِن بَعدِ الغَمِّ أَمَنَةً نُعاسًا يَغشىٰ طائِفَةً مِنكُم وَطائِفَةٌ قَد أَهَمَّتهُم أَنفُسُهُم يَظُنّونَ بِاللَّهِ غَيرَ الحَقِّ ظَنَّ الجٰهِلِيَّةِ يَقولونَ هَل لَنا مِنَ الأَمرِ مِن شَيءٍ قُل إِنَّ الأَمرَ كُلَّهُ لِلَّهِ يُخفونَ فى أَنفُسِهِم ما لا يُبدونَ لَكَ يَقولونَ لَو كانَ لَنا مِنَ الأَمرِ شَيءٌ ما قُتِلنا هٰهُنا قُل لَو كُنتُم فى بُيوتِكُم لَبَرَزَ الَّذينَ كُتِبَ عَلَيهِمُ القَتلُ إِلىٰ مَضاجِعِهِم وَلِيَبتَلِىَ اللَّهُ ما فى صُدورِكُم وَلِيُمَحِّصَ ما فى قُلوبِكُم وَاللَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 154) |
تنهن کان پوءِ لاٿائين اوهان تي غم کان پوءِ امن اوجهراڻي ڍڪي پئي هڪ جماعت کي اوهان مان ۽ هڪ جماعت (اهڙي آهي) جو تحقيق فڪر ۾ وڌائين انهن کي جانين انهن جي گمان پيا ڪن الله جي باري ۾ ناحق جاهليت وارو گمان چون پيا ته ڇا اسان لاءِ امر مان ڪا شيءِ آهي فرماءِ ته بيشڪ امر سڀ الله جي لاءِ آهي لڪائين پيا پنهنجي اندر ۾ اهو جو نه ٿا ظاهر ڪن تولاءِ چون ٿا ته جيڪڏهن هجي ها اسان جي هٿ ۾امر مان ڪا شيءِ ته نه ڪٺا وڃون ها هتي فرماءِ ته جيڪڏهن هجو ها پنهنجن گهرن ۾ ته به البته ٻاهر نڪرن ها اهي جو لکيو ويو انهن تي ڪسڻ پنهنجن ڪرڻ وارين جاين ڏانهن ۽ تانته آزمائي الله ان کي جو اوهان جي سينن ۾ آهي ۽ صاف ڪري جيڪو اوهان جي دلين ۾ آهي ۽ الله ڄاڻندڙ آهي سينن وارين ڳالهين کي. |
إِنَّ الَّذينَ تَوَلَّوا مِنكُم يَومَ التَقَى الجَمعانِ إِنَّمَا استَزَلَّهُمُ الشَّيطٰنُ بِبَعضِ ما كَسَبوا وَلَقَد عَفَا اللَّهُ عَنهُم إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ حَليمٌ (آيت : 155) |
بيشڪ اهي (ماڻهون) جو پٺي ڏئي هليا ويا اوهان مان جنهن ڏينهن وڙهيون ٻه جماعتون تحقيق ٿيڙيو انهن کي شيطان (سندن) بعضي گناهن جي ڪري جو ڪيائون ۽ البت تحقيق معاف ڪيو الله انهن کي بيشڪ الله بخشيندڙ بردبار آهي . |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَكونوا كَالَّذينَ كَفَروا وَقالوا لِإِخوٰنِهِم إِذا ضَرَبوا فِى الأَرضِ أَو كانوا غُزًّى لَو كانوا عِندَنا ما ماتوا وَما قُتِلوا لِيَجعَلَ اللَّهُ ذٰلِكَ حَسرَةً فى قُلوبِهِم وَاللَّهُ يُحيۦ وَيُميتُ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 156) |
اي ايمان وارؤ! نه هجو انهن وانگر جو ڪفر ڪيائون ۽ چيائون پنهنجن ڀائرن کي جڏهن سفر ڪيائون زمين ۾ يا بڻيا مجاهد ته جيڪڏهن هجن ها اسان وٽ ته نه مرن ها ۽ نه ڪٺا وڃن ها تانته ڪري الله ان کي افسوس انهن جي دلين ۾ ۽ الله جياري ٿو ۽ ماري ٿو ۽ الله جيڪي ڪيو ٿا ڏسندڙ آهي . |
وَلَئِن قُتِلتُم فى سَبيلِ اللَّهِ أَو مُتُّم لَمَغفِرَةٌ مِنَ اللَّهِ وَرَحمَةٌ خَيرٌ مِمّا يَجمَعونَ (آيت : 157) |
۽ البته جيڪڏهن ڪٺا ويئو الله جي واٽ ۾ يا مري پيئو ته البته بخشش الله وٽان ۽ مهرباني ڀلي آهي ان کان جو گڏ ڪن ٿا . |
وَلَئِن مُتُّم أَو قُتِلتُم لَإِلَى اللَّهِ تُحشَرونَ (آيت : 158) |
۽ البته جيڪڏهن مري پيئو يا ڪٺا ويئو ته البته الله ڏانهن اٿاريا ويندؤ. |
فَبِما رَحمَةٍ مِنَ اللَّهِ لِنتَ لَهُم وَلَو كُنتَ فَظًّا غَليظَ القَلبِ لَانفَضّوا مِن حَولِكَ فَاعفُ عَنهُم وَاستَغفِر لَهُم وَشاوِرهُم فِى الأَمرِ فَإِذا عَزَمتَ فَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُتَوَكِّلينَ (آيت : 159) |
پوءِ (صرف) الله جي رحمت جي ڪري نرم ٿئين انهن لاءِ ۽ جيڪڏهن هجين ها تيز طبع سخت دل ته ٽڙي پکڙي وڃن ها چوڌاري توکان.وءِ معاف ڪر انهن کي ۽ بخشش گهر انهن جي لاءِ ۽ مشورو ڪندو ڪر انهن سان ڪم ڪار ۾ پوءِ جڏهن پڪو ارادو ڪيئي ته پوءِ توڪل ڪر الله تي يقينا الله پسند ٿو ڪري توڪل ڪندڙن کي. |
إِن يَنصُركُمُ اللَّهُ فَلا غالِبَ لَكُم وَإِن يَخذُلكُم فَمَن ذَا الَّذى يَنصُرُكُم مِن بَعدِهِ وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 160) |
جيڪڏهن مدد ڪندو اوهان جي الله ته پوءِ ناهي ڪو به غلبو ڪندڙ اوهان تي ۽ جيڪڏهن خوار ڪندو اوهان کي ته پوءِ ڪير آهي اهو جو مدد ڪندو اوهان جي ان کان پوءِ ۽ الله تي پوءِ ڀلي ڀروسو ڪن ايمان وارا . |
وَما كانَ لِنَبِىٍّ أَن يَغُلَّ وَمَن يَغلُل يَأتِ بِما غَلَّ يَومَ القِيٰمَةِ ثُمَّ تُوَفّىٰ كُلُّ نَفسٍ ما كَسَبَت وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 161) |
۽ ناهي (شان) ڪنهن به نبي جو (هيءَ ڳالهه) جو خيانت ڪري ۽ جيڪو خيانت ڪندو ته آڻيندو اها شيءِ جيڪي خيانت ڪئي هوندائين قيامت جي ڏينهن ان کان پوءِ پورو بدلو ڏنو ويندو هر هڪ نفس جيڪي به ڪمايو هوندائين ۽ اهي ظلم نه ڪيا ويندا . |
أَفَمَنِ اتَّبَعَ رِضوٰنَ اللَّهِ كَمَن باءَ بِسَخَطٍ مِنَ اللَّهِ وَمَأوىٰهُ جَهَنَّمُ وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 162) |
ڇا پوءِ جيڪو تابعدار ٿيو الله جي رضا جو ان وانگر آهي جو موٽيو الله جي ڪاوڙ سان ۽ جاء ان جي جهنم آهي ۽ اها بري آ موٽڻ جي جاء اهي . |
هُم دَرَجٰتٌ عِندَ اللَّهِ وَاللَّهُ بَصيرٌ بِما يَعمَلونَ (آيت : 163) |
(مختلف) درجن وارا آهن الله وٽ ۽ الله ڏسندڙ آهي جيڪي ڪن ٿا. |
لَقَد مَنَّ اللَّهُ عَلَى المُؤمِنينَ إِذ بَعَثَ فيهِم رَسولًا مِن أَنفُسِهِم يَتلوا عَلَيهِم ءايٰتِهِ وَيُزَكّيهِم وَيُعَلِّمُهُمُ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَإِن كانوا مِن قَبلُ لَفى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 164) |
البتہ تحقيق ٿورو ڪيو الله ايمان وارن تي جو موڪليائين انهن ۾ شاندار رسول انهن مان پڙهي ٿو انهن تي آيتون ان جون ۽ پاڪ ٿو ڪري انهن کي ۽ پڙهائي ٿو انهن کي ڪتاب ۽ حڪمت توڙي جو هئا (ان کان) اڳ ۾ البت کليءَ گمراهيءَ ۾ . |
أَوَلَمّا أَصٰبَتكُم مُصيبَةٌ قَد أَصَبتُم مِثلَيها قُلتُم أَنّىٰ هٰذا قُل هُوَ مِن عِندِ أَنفُسِكُم إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 165) |
ڇا جڏهن پهتي اوهان کي ڪا مصيبت جو تحقيق پهچايو ٻيڻي ان کان ته چئو ٿا ته ڪٿان آئي آهي هيءَ فرماءِ ته اها اوهان جي نفسن کان آهي بيشڪ الله هر شيءِ تي قادر آهي . |
وَما أَصٰبَكُم يَومَ التَقَى الجَمعانِ فَبِإِذنِ اللَّهِ وَلِيَعلَمَ المُؤمِنينَ (آيت : 166) |
۽ جيڪا (تڪليف) پهتي اوهان کي ان ڏيهن جو وڙهيون ٻه جماعتون پوءِ الله جي اذن سان (پهتي هئي) ۽ تانته نروار ڪري ايمان وارن کي . |
وَلِيَعلَمَ الَّذينَ نافَقوا وَقيلَ لَهُم تَعالَوا قٰتِلوا فى سَبيلِ اللَّهِ أَوِ ادفَعوا قالوا لَو نَعلَمُ قِتالًا لَاتَّبَعنٰكُم هُم لِلكُفرِ يَومَئِذٍ أَقرَبُ مِنهُم لِلإيمٰنِ يَقولونَ بِأَفوٰهِهِم ما لَيسَ فى قُلوبِهِم وَاللَّهُ أَعلَمُ بِما يَكتُمونَ (آيت : 167) |
۽ تانت نروار ڪري انهن کي جو منافق ٿيا ۽ چيو ويو انهن کي ته اچو جنگ ڪيو الله جي واٽ ۾ يا دشمن کي دفع ڪيو چيائون ته جيڪڏهن ڄاڻون ها جنگ ڪرڻ ته البته تابعداري ڪيون ها اوهان جي.هي ڪفر کي انهيءَ ڏينهن وڌيڪ ويجها آهن انهن کان ايمان ڏانهن چون ٿا پنهنجن واتن سان جيڪو ناهي سندن دلين ۾ ۽ الله وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي جيڪي لڪائين ٿا . |
الَّذينَ قالوا لِإِخوٰنِهِم وَقَعَدوا لَو أَطاعونا ما قُتِلوا قُل فَادرَءوا عَن أَنفُسِكُمُ المَوتَ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 168) |
اهي جو چيائون پنهنجن ڀائرن لاءِ ۽ ويهي رهيا ته جيڪڏهن مڃين ها اسان کي ته نه ڪٺا وڃن ها فرماءِ ته پوءِ ٽارجو پاڻ کان موت جيڪڏهن آهيو سچا. |
وَلا تَحسَبَنَّ الَّذينَ قُتِلوا فى سَبيلِ اللَّهِ أَموٰتًا بَل أَحياءٌ عِندَ رَبِّهِم يُرزَقونَ (آيت : 169) |
۽ هرگز نه سمجهه انهن کي جو ڪٺا ويا الله جي واٽ ۾ مئل بلڪ جيئرا آهن پنهنجي رب وٽ رزق ڏنا ٿا وڃن . |
فَرِحينَ بِما ءاتىٰهُمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ وَيَستَبشِرونَ بِالَّذينَ لَم يَلحَقوا بِهِم مِن خَلفِهِم أَلّا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 170) |
خوشيون ڪندڙ آهن، انهن نعمتن تي جو ڏنيون انهن کي الله پنهنجي فضل سان ۽ خوش ٿا ٿين انهن بابت جو نه مليا انهن سان انهن کان پوءِ هن لاءِ ته ناهي ڪو خوف انهن تي ۽ نه اهي ڏک ڪندا. |
يَستَبشِرونَ بِنِعمَةٍ مِنَ اللَّهِ وَفَضلٍ وَأَنَّ اللَّهَ لا يُضيعُ أَجرَ المُؤمِنينَ (آيت : 171) |
خوش ٿا ٿين الله جي نعمت ۽ ڀلائيءَ تي ۽ بيشڪ الله نه ٿو ضايع ڪري اجر ايمان وارن جو. |
الَّذينَ استَجابوا لِلَّهِ وَالرَّسولِ مِن بَعدِ ما أَصابَهُمُ القَرحُ لِلَّذينَ أَحسَنوا مِنهُم وَاتَّقَوا أَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 172) |
اهي جو حڪم مڃيائون الله جو ۽ رسول جو ان کان پوءِ جو پهتو انهن کي زخم انهن لاءِ جو نيڪ ٿيا انهن مان ۽ پرهيزگار ٿيا اجر وڏو آهي . |
الَّذينَ قالَ لَهُمُ النّاسُ إِنَّ النّاسَ قَد جَمَعوا لَكُم فَاخشَوهُم فَزادَهُم إيمٰنًا وَقالوا حَسبُنَا اللَّهُ وَنِعمَ الوَكيلُ (آيت : 173) |
اهي شخص جو چيو انهن کي ماڻهن ته بيشڪ ماڻهو تحقيق گڏ ٿيا اوهان لاءِ پوءِ ڊڄو انهن کان پوءِ وڌايائين انهن کي (ان ڳالهه) ايمان ۽ چيائون ته ڪافي آهي اسان جي لاءِ الله ۽ اهوڀلو ڪارساز آهي . |
فَانقَلَبوا بِنِعمَةٍ مِنَ اللَّهِ وَفَضلٍ لَم يَمسَسهُم سوءٌ وَاتَّبَعوا رِضوٰنَ اللَّهِ وَاللَّهُ ذو فَضلٍ عَظيمٍ (آيت : 174) |
پوءِ موٽيا (ائين چوڻ سان) الله جي نعمت ۽ ڀلائيءَ سان نه پهتي انهن کي ڪا تڪليف ۽ تابعداري ڪيائون الله جي رضامندي جي ۽ الله وڏي فضل وارو آهي . |
إِنَّما ذٰلِكُمُ الشَّيطٰنُ يُخَوِّفُ أَولِياءَهُ فَلا تَخافوهُم وَخافونِ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 175) |
بيشڪ اهو شيطان آهي جيڪو ڊيڄاري ٿو پنهنجن دوستن کي پوءِ نه ڊڄو انهن کان ۽ ڊڄو مون کان جيڪڏهن آهيو ايمان وارا . |
وَلا يَحزُنكَ الَّذينَ يُسٰرِعونَ فِى الكُفرِ إِنَّهُم لَن يَضُرُّوا اللَّهَ شَيـًٔا يُريدُ اللَّهُ أَلّا يَجعَلَ لَهُم حَظًّا فِى الءاخِرَةِ وَلَهُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 176) |
۽ نه غم ۾ وجهن توکي اهي جو ڊڪ ڊوڙ ٿا ڪن ڪفر ۾ بيشڪ اهي هرگز نه نقصان ڏيندا الله کي ڪجهه به ارادو ٿو ڪري الله ته نه ڪري انهن لاءِ ڪو ڀاڱو آخرت ۾ ۽ انهن جي لاءِ وڏو عذاب آهي . |
إِنَّ الَّذينَ اشتَرَوُا الكُفرَ بِالإيمٰنِ لَن يَضُرُّوا اللَّهَ شَيـًٔا وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 177) |
بيشڪ جن خريد ڪيو ڪفر ايمان جي بدلي هرگز نه نقصان ڏيندا اهي الله کي ڪجهه به ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي . |
وَلا يَحسَبَنَّ الَّذينَ كَفَروا أَنَّما نُملى لَهُم خَيرٌ لِأَنفُسِهِم إِنَّما نُملى لَهُم لِيَزدادوا إِثمًا وَلَهُم عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 178) |
۽ هرگز نه سمجهن ڪافر ته تحقيق جيڪا مهلت ٿا ڏيون انهن کي ڀلي آهي انهن جي سرن لاءِ تحقيق مهلت ٿا ڏيون انهن کي تانته وڌن گناهن ۾ ۽ انهن لاءِ خورا ڪندڙ عذاب آهي . |
ما كانَ اللَّهُ لِيَذَرَ المُؤمِنينَ عَلىٰ ما أَنتُم عَلَيهِ حَتّىٰ يَميزَ الخَبيثَ مِنَ الطَّيِّبِ وَما كانَ اللَّهُ لِيُطلِعَكُم عَلَى الغَيبِ وَلٰكِنَّ اللَّهَ يَجتَبى مِن رُسُلِهِ مَن يَشاءُ فَـٔامِنوا بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ وَإِن تُؤمِنوا وَتَتَّقوا فَلَكُم أَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 179) |
نه آهي الله (جي شان جي لائق) تانته ڇڏي ڏئي مؤمنن کي ان (حال ) تي جو اوهان ان تي آهيو تانجو جدا ڪري پليد کي پاڪ کان ۽ نه آهي الله (جو شان) تانته خبر ڏئي اوهان کي غيب جي ۽ پر الله برگزيدو بنائي ٿو پنهنجن رسولن مان جنهنکي گهري پوءِ ايمان آڻيو الله تي ۽ ان جي رسولن تي ۽ جيڪڏهن ايمان آڻيندؤ ۽ پرهيزگار ٿيندؤ ته پوءِ اوهان لاءِ ثواب وڏو آهي. |
وَلا يَحسَبَنَّ الَّذينَ يَبخَلونَ بِما ءاتىٰهُمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ هُوَ خَيرًا لَهُم بَل هُوَ شَرٌّ لَهُم سَيُطَوَّقونَ ما بَخِلوا بِهِ يَومَ القِيٰمَةِ وَلِلَّهِ ميرٰثُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 180) |
۽ هرگز نه سمجهن اهي شخص جو بخيلي ٿا ڪن ان سان جو ڏنو انهن کي الله پنهنجي فضل سان ته اهو ڀلو آهي انهن لاءِ بلڪ اهو برو آهي انهن جي لاءِ جلد ئي ڳٽ بنائي وڌا ويندا اهو (مال) جو بخيلي ڪيائون ان سان قيامت جي ڏينهن ۽ الله جي لاءِ آهي ورثو آسمان ۽ زمين جو ۽ الله جيڪي ڪيو ٿا (ان جي) خبر رکندڙ آهي . |
لَقَد سَمِعَ اللَّهُ قَولَ الَّذينَ قالوا إِنَّ اللَّهَ فَقيرٌ وَنَحنُ أَغنِياءُ سَنَكتُبُ ما قالوا وَقَتلَهُمُ الأَنبِياءَ بِغَيرِ حَقٍّ وَنَقولُ ذوقوا عَذابَ الحَريقِ (آيت : 181) |
البته تحقيق ٻڌو الله چوڻ انهن جو جو چيائون ته بيشڪ الله محتاج آهي ۽ اسين شاهوڪار آهيون جلدي لکنداسون جيڪو چيائون ۽ قتل ڪرڻ انهن جي طرفان نبين کي ناحق ۽ چونداسون ته چکو عذاب ساڙيندڙ باهه جو . |
ذٰلِكَ بِما قَدَّمَت أَيديكُم وَأَنَّ اللَّهَ لَيسَ بِظَلّامٍ لِلعَبيدِ (آيت : 182) |
اهو ان جي ڪري آهي جو اڳ ۾ موڪليو هٿن اوهان جي ۽ بيشڪ الله ناهي ظلم ڪندڙ ٻانهن سان . |
الَّذينَ قالوا إِنَّ اللَّهَ عَهِدَ إِلَينا أَلّا نُؤمِنَ لِرَسولٍ حَتّىٰ يَأتِيَنا بِقُربانٍ تَأكُلُهُ النّارُ قُل قَد جاءَكُم رُسُلٌ مِن قَبلى بِالبَيِّنٰتِ وَبِالَّذى قُلتُم فَلِمَ قَتَلتُموهُم إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 183) |
اهي (ماڻهو) جو چيائون ته بيشڪ الله وعدو ڏنو آهي اسان کي ته نه ايمان آڻيون ڪنهن به رسول تي تانجو آڻي اسان وٽ اهڙي قرباني جو کائي وڃي ان کي باهه فرماءِ ته! تحقيق آيا اوهان وٽ رسول مون کان اڳ چٽن دليلن ۽ ان (دليل) سان جو چيُوَ پوءِ ڇو ٿي شهيد ڪيُوَ انهن کي جيڪڏهن آهيو سچا . |
فَإِن كَذَّبوكَ فَقَد كُذِّبَ رُسُلٌ مِن قَبلِكَ جاءو بِالبَيِّنٰتِ وَالزُّبُرِ وَالكِتٰبِ المُنيرِ (آيت : 184) |
پوءِ جيڪڏهن ڪوڙو ٿا چون توکي پوءِ تحقيق ڪوڙا سڏيا ويا رسول توکان اڳ آيا چٽن دليلن ۽ صحيفن ۽ روشن ڪتاب سان . |
كُلُّ نَفسٍ ذائِقَةُ المَوتِ وَإِنَّما تُوَفَّونَ أُجورَكُم يَومَ القِيٰمَةِ فَمَن زُحزِحَ عَنِ النّارِ وَأُدخِلَ الجَنَّةَ فَقَد فازَ وَمَا الحَيوٰةُ الدُّنيا إِلّا مَتٰعُ الغُرورِ (آيت : 185) |
هر جاندار موت چکندڙ آهي ۽ تحقيق پورو بدلو ڏنا ويندؤ پنهنجن اجرن جو قيامت جي ڏينهن پوءِ جيڪو پري ڪيو ويو باهه کان ۽ داخل ڪيو ويو بهشت ۾ پوءِ تحقيق ڪامياب ٿيو ۽ ناهي حياتي دنيا جي مگر ڌوڪي جو سامان . |
لَتُبلَوُنَّ فى أَموٰلِكُم وَأَنفُسِكُم وَلَتَسمَعُنَّ مِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ مِن قَبلِكُم وَمِنَ الَّذينَ أَشرَكوا أَذًى كَثيرًا وَإِن تَصبِروا وَتَتَّقوا فَإِنَّ ذٰلِكَ مِن عَزمِ الأُمورِ (آيت : 186) |
البته ضرور آزمايا ويندؤ پنهنجن مالن ۽ پنهنجن سرن ۾ ۽ البته ضرور ٻڌندؤ انهن کان جو ڏنا ويا ڪتاب اوهان کان اڳ ۾ ۽ انهن کان جو شرڪ ڪيائون ايذاءُ ڪندڙ ڳالهيون گهڻيون ۽ جيڪڏهن صبر ڪندؤ ۽ پرهيزگاري ڪندؤ ته پوءِ بيشڪ اها (ڳالهه) پڪن امرن مان آهي . |
وَإِذ أَخَذَ اللَّهُ ميثٰقَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ لَتُبَيِّنُنَّهُ لِلنّاسِ وَلا تَكتُمونَهُ فَنَبَذوهُ وَراءَ ظُهورِهِم وَاشتَرَوا بِهِ ثَمَنًا قَليلًا فَبِئسَ ما يَشتَرونَ (آيت : 187) |
۽ (ياد ڪر) جڏهن ورتو الله وعدو انهن کان جو ڏنا ويا ڪتاب ته البته ضرور بيان ڪندؤ ان کي ماڻهن جي لاءِ ۽ نه لڪائيندؤ ان کي پوءِ اڇلايائون ان کي پويان پٺين پنهنجي ۽ خريد ڪيائون ان جي عوض ملهه ٿورو پوءِ بڇڙو آهي جيڪو خريد ڪن ٿا . |
لا تَحسَبَنَّ الَّذينَ يَفرَحونَ بِما أَتَوا وَيُحِبّونَ أَن يُحمَدوا بِما لَم يَفعَلوا فَلا تَحسَبَنَّهُم بِمَفازَةٍ مِنَ العَذابِ وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 188) |
هرگز نه سمجهه انهن کي جو خوش ٿا ٿين ان تي جو ڪيائون ۽ پسند ٿا ڪن ته تعريف ڪيا وڃن ان ڪم تي جو نه ڪيائون پوءِ هرگز نه سمجهه انهن کي ڇٽل عذاب کان ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي . |
وَلِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 189) |
۽ الله جي لاءِ آهي بادشاهي آسمانن ۽ زمين جي ۽ الله هر شيءِ تي قادر آهي. |
إِنَّ فى خَلقِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاختِلٰفِ الَّيلِ وَالنَّهارِ لَءايٰتٍ لِأُولِى الأَلبٰبِ (آيت : 190) |
بيشڪ پيدا ڪرڻ آسمانن ۽ زمين جي ۾ ۽ ڦرڻ رات ۽ ڏينهن جي ۾ البته نشانيون آهن سمجهدارن جي لاءِ . |
الَّذينَ يَذكُرونَ اللَّهَ قِيٰمًا وَقُعودًا وَعَلىٰ جُنوبِهِم وَيَتَفَكَّرونَ فى خَلقِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ رَبَّنا ما خَلَقتَ هٰذا بٰطِلًا سُبحٰنَكَ فَقِنا عَذابَ النّارِ (آيت : 191) |
جيڪي ياد ٿا ڪن الله کي بيٺي ۽ ويٺي ۽ پنهنجن پاسن تي ۽ فڪر ٿا ڪن پيدا ڪرڻ آسمانن ۽ زمين جي ۾ ته اي اسان جا رب! نه پيدا ڪيُئي هن کي اجايو پاڪائي ٿا ڪيون تنهنجي پوءِ بچاءِ اسان کي عذاب باهه جي کان . |
رَبَّنا إِنَّكَ مَن تُدخِلِ النّارَ فَقَد أَخزَيتَهُ وَما لِلظّٰلِمينَ مِن أَنصارٍ (آيت : 192) |
اي اسان جا رب! بيشڪ تو جنهن کي به داخل ڪيئي باهه ۾ پوءِ تحقيق خوار ڪيئي ان کي ۽ ناهن ظالمن جا ڪي مددگار . |
رَبَّنا إِنَّنا سَمِعنا مُنادِيًا يُنادى لِلإيمٰنِ أَن ءامِنوا بِرَبِّكُم فَـٔامَنّا رَبَّنا فَاغفِر لَنا ذُنوبَنا وَكَفِّر عَنّا سَيِّـٔاتِنا وَتَوَفَّنا مَعَ الأَبرارِ (آيت : 193) |
اي اسان جا رب! بيشڪ اسان ٻڌو سون سڏيندڙ کان جو سڏي پيو ايمان آڻڻ جي لاءِ ته ايمان آڻيو پنهنجي رب تي پوءِ ايمان آندوسون اي اسان جا رب! پوءِ بخش ڪر اسان کي گناهه اسان جا ۽ ميٽي ڇڏ اسان کان برايون اسان جون ۽ وفات ڪراءِ اسان کي نيڪن سان گڏ . |
رَبَّنا وَءاتِنا ما وَعَدتَنا عَلىٰ رُسُلِكَ وَلا تُخزِنا يَومَ القِيٰمَةِ إِنَّكَ لا تُخلِفُ الميعادَ (آيت : 194) |
اي اسان جا رب! ۽ ڏي اسان کي جيڪو وعدو ڪيو هئي اسان سان پنهنجن رسولن جي هٿان ۽ نه خوار ڪر اسان کي قيامت جي ڏينهن بيشڪ تون نه ٿو مخالفت ڪرين وعدي جي . |
فَاستَجابَ لَهُم رَبُّهُم أَنّى لا أُضيعُ عَمَلَ عٰمِلٍ مِنكُم مِن ذَكَرٍ أَو أُنثىٰ بَعضُكُم مِن بَعضٍ فَالَّذينَ هاجَروا وَأُخرِجوا مِن دِيٰرِهِم وَأوذوا فى سَبيلى وَقٰتَلوا وَقُتِلوا لَأُكَفِّرَنَّ عَنهُم سَيِّـٔاتِهِم وَلَأُدخِلَنَّهُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ ثَوابًا مِن عِندِ اللَّهِ وَاللَّهُ عِندَهُ حُسنُ الثَّوابِ (آيت : 195) |
پوءِ قبول ڪيائين انهن جي لاءِ رب سندن (دعا) ته بيشڪ مان نه ٿو ضايع ڪيان عمل ڪنهن به عمل ڪندڙ جو اوهان مان مرد هجي يا عورت هڪ ٻئي مان آهيو پوءِ اهي شخص جو هجرت ڪيائون ۽ ڪڍيا ويا گهرن پنهنجن مان ۽ ايذايا ويا منهنجيءَ واٽ ۾ ۽ وڙهيا ۽ ڪٺا ويا البته ضرور ميٽي ڇڏيندس انهن کان برايون انهن جون ۽ البت ضرور داخل ڪندس انهن کي بهشتن ۾ جو وهن ٿيون هيٺان انهن جي نهرون ثواب هوندو الله وٽان ۽ الله وٽ سهڻو ثواب آهي . |
لا يَغُرَّنَّكَ تَقَلُّبُ الَّذينَ كَفَروا فِى البِلٰدِ (آيت : 196) |
نه ڌوڪي ۾ وجهي توکي ڦرڻ ڪافرن جو شهرن ۾ . |
مَتٰعٌ قَليلٌ ثُمَّ مَأوىٰهُم جَهَنَّمُ وَبِئسَ المِهادُ (آيت : 197) |
فائدو ٿورو آهي تنهن کان پوءِ جاءِ سندن دوزخ آهي ۽ بڃڙو ٺڪاڻو آهي اهو . |
لٰكِنِ الَّذينَ اتَّقَوا رَبَّهُم لَهُم جَنّٰتٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها نُزُلًا مِن عِندِ اللَّهِ وَما عِندَ اللَّهِ خَيرٌ لِلأَبرارِ (آيت : 198) |
پر اهي شخص جو ڊڄن ٿا رب پنهنجي کان انهن لاءِ بهشت آهن جو وهن ٿيون هيٺان انهن جي نهرون هميشہ رهندا انهن ۾ مهماني ٿي الله وٽان ۽ جيڪو به الله وٽ آهي ڀلو آهي نيڪن لاءِ . |
وَإِنَّ مِن أَهلِ الكِتٰبِ لَمَن يُؤمِنُ بِاللَّهِ وَما أُنزِلَ إِلَيكُم وَما أُنزِلَ إِلَيهِم خٰشِعينَ لِلَّهِ لا يَشتَرونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ ثَمَنًا قَليلًا أُولٰئِكَ لَهُم أَجرُهُم عِندَ رَبِّهِم إِنَّ اللَّهَ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 199) |
بيشڪ ڪتاب وارن مان (ڪي اهي آهن) جو البته ايمان ٿا آڻين الله تي ۽ ان تي جو لاٿو ويو اوهان ڏانهن ۽ ان تي جو لاٿو ويو انهن ڏانهن عاجزي ڪندڙ الله جي لاءِ نه ٿا خريد ڪن عوض آيتن الله جي ملهه ٿورو اهي انهن جي لاءِ آهي ثواب انهن جو رب انهن جي وٽ بيشڪ الله تڪڙو آهي حساب وٺڻ جو . |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اصبِروا وَصابِروا وَرابِطوا وَاتَّقُوا اللَّهَ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 200) |
اي ايمان وارؤ! صبر ڪيو ۽ مضبوط رهو ۽ مقابلي ۾ ڳنڍيا پيا هجو ۽ ڊڄو الله کان تانته اوهان ڪاميابي ماڻيو .ع |