الم (آيت : 1) |
الف- لام- ميم |
اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ الحَىُّ القَيّومُ (آيت : 2) |
الله تعالى کان سواءِ ڪو به عبادت جي لائق ناهي، اهو ئي سدائين زنده رهندڙ ۽ (سموري ڪائِنات کي) سنڀاليندڙ آهي. |
نَزَّلَ عَلَيكَ الكِتٰبَ بِالحَقِّ مُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ وَأَنزَلَ التَّورىٰةَ وَالإِنجيلَ (آيت : 3) |
(اي نبي ﷺ!) ان هستيءَ ئي گذريل امَّتن تي تورات ۽ انجيل نازل ڪيو هو ۽ هاڻي تنھنجي مٿان به هي برحق ڪتاب (يعني قرآن مجيد) نازل فرمايو آهي، جيڪو پھريان آيل ڪتابن کي سچو مڃي ٿو. |
مِن قَبلُ هُدًى لِلنّاسِ وَأَنزَلَ الفُرقانَ إِنَّ الَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِ اللَّهِ لَهُم عَذابٌ شَديدٌ وَاللَّهُ عَزيزٌ ذُو انتِقامٍ (آيت : 4) |
ان کان پھرين انسانن جي هدايت لاءِ تورات ۽ انجيل هئا ۽ هاڻي قرآن مجيد سچ ۽ ڪوڙ ۾ فرق ڏيکارڻ لاءِ نازل ڪيو ويو آهي، سو هاڻي جيڪو به الله تعالى جي آيتن جو انڪار ڪندو، ان لاءِ سخت عذاب آهي . الله تعالى انڪار ڪندڙن کان چڱيءَ طرح بدلو وٺڻ جي طاقت رکي ٿو. |
إِنَّ اللَّهَ لا يَخفىٰ عَلَيهِ شَيءٌ فِى الأَرضِ وَلا فِى السَّماءِ (آيت : 5) |
بيشڪ زمين ۽ آسمان جي ڪا به شيءِ الله تعالى کان لڪل نه آهي. |
هُوَ الَّذى يُصَوِّرُكُم فِى الأَرحامِ كَيفَ يَشاءُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 6) |
هو مائرن جي ٻچيدانيءَ ۾ توهان جون صورتون، پنھنجي مرضيءَ مطابق ٺاهي ٿو، اهڙي زبردست حڪمت واري کان سواءِ، ٻيو ڪو به عبادت جي لائق نه آهي. |
هُوَ الَّذى أَنزَلَ عَلَيكَ الكِتٰبَ مِنهُ ءايٰتٌ مُحكَمٰتٌ هُنَّ أُمُّ الكِتٰبِ وَأُخَرُ مُتَشٰبِهٰتٌ فَأَمَّا الَّذينَ فى قُلوبِهِم زَيغٌ فَيَتَّبِعونَ ما تَشٰبَهَ مِنهُ ابتِغاءَ الفِتنَةِ وَابتِغاءَ تَأويلِهِ وَما يَعلَمُ تَأويلَهُ إِلَّا اللَّهُ وَالرّٰسِخونَ فِى العِلمِ يَقولونَ ءامَنّا بِهِ كُلٌّ مِن عِندِ رَبِّنا وَما يَذَّكَّرُ إِلّا أُولُوا الأَلبٰبِ (آيت : 7) |
ان هستيءَ ئي تنھنجي مٿان هي ڪتاب نازل ڪيو آهي، جنھن ۾ ٻن قسمن جون آيتون موجود آهن. هڪ محڪمات آيتون (جن جا حڪم چٽا بيان ٿيل آهن) جيڪي هن ڪتاب جو اصل ۽ بنياد آهن ۽ ٻيون متشابھات آيتون (جن جا حڪم واضح طريقي سان نه سمجهايا ويا آهن) سو هاڻي جن ماڻهن جي دلين ۾ شرارت آهي ته اهي فساد جي نيت سان ڏينھن رات انهن غير واضح آيتن (يعني متشابھات) جي پويان لڳا پيا هوندا آهن ۽ ويھي انهن آيتن جون من پسند معنائون ڳولهيندا آهن، حالانڪه اهڙين آيتن جي صحيح معنى ۽ مقصد الله تعالى کان سواءِ ٻيو ڪير به نه ڄاڻندو آهي. ها باقي علم ۾ ملڪو (يعني مھارت) رکڻ وارا ماڻهو انهن آيتن کي پڙهي چوندا آهن ته، اسان جو انهن آيتن تي ايمان آهي، سڀ آيتون الله تعالى جي طرفان نازل ڪيل آهن، حقيقت هي آهي ته عقل وارا ئي نصيحت حاصل ڪندا آهن. |
رَبَّنا لا تُزِغ قُلوبَنا بَعدَ إِذ هَدَيتَنا وَهَب لَنا مِن لَدُنكَ رَحمَةً إِنَّكَ أَنتَ الوَهّابُ (آيت : 8) |
هي (عقلمند ماڻهو ) الله تعالى کان دعا گهرندا آهن، ته اي اسان جا پالڻھار! اسان جي دلين کي هدايت اچڻ کان پوءِ شرارت ڏانھن نه موڙجانءِ، بلڪ اسان کي پنھنجي طرف کان رحمت عطا فرماءِ، بيشڪ تون وڏو عطا ڪندڙ آهين. |
رَبَّنا إِنَّكَ جامِعُ النّاسِ لِيَومٍ لا رَيبَ فيهِ إِنَّ اللَّهَ لا يُخلِفُ الميعادَ (آيت : 9) |
اي اسان جا پالڻھار! ان ڏينھن جي اچڻ ۾ ڪو به شڪ نه آهي، جنھن ڏينھن تون سڀني انسانن کي پاڻ وٽ گڏ ڪرڻ وارو آهين. بيشڪ الله تعالى وعدي جي خلاف ورزي نه ڪندو آهي. (ع) |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا لَن تُغنِىَ عَنهُم أَموٰلُهُم وَلا أَولٰدُهُم مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا وَأُولٰئِكَ هُم وَقودُ النّارِ (آيت : 10) |
بيشڪ جن ڪفر ڪيو، اهڙن ماڻهن کي سندن مال ۽ اولاد ڪنھن به قسم جي ڪم نه ايندا ۽ اهي ئي ماڻهو جَھنَّم جو ٻارڻ ٿيندا. |
كَدَأبِ ءالِ فِرعَونَ وَالَّذينَ مِن قَبلِهِم كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا فَأَخَذَهُمُ اللَّهُ بِذُنوبِهِم وَاللَّهُ شَديدُ العِقابِ (آيت : 11) |
اهڙن ماڻهن جو انجام فرعون جي ساٿِين ۽ ان کان اڳ گذريل ماڻهن جھڙو ٿِيندو، جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو. الله تعالى کين سندن گناهن جي ڪري پڪڙ ڪئي. بيشڪ الله تعالى سخت سزا ڏيندڙ آهي. |
قُل لِلَّذينَ كَفَروا سَتُغلَبونَ وَتُحشَرونَ إِلىٰ جَهَنَّمَ وَبِئسَ المِهادُ (آيت : 12) |
(اي نبي ﷺ) ڪافرن کي چؤ، ته توهان سگهو ئي شڪست کائيندا، پوءِ توهان کي جَھنَّم ڏانھن گھليو ويندو ۽ اها ڏاڍي خراب جاءِ آهي. |
قَد كانَ لَكُم ءايَةٌ فى فِئَتَينِ التَقَتا فِئَةٌ تُقٰتِلُ فى سَبيلِ اللَّهِ وَأُخرىٰ كافِرَةٌ يَرَونَهُم مِثلَيهِم رَأىَ العَينِ وَاللَّهُ يُؤَيِّدُ بِنَصرِهِ مَن يَشاءُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَعِبرَةً لِأُولِى الأَبصٰرِ (آيت : 13) |
بيشڪ توهان جي لاءِ انهن ٻن ٽولن ۾ عبرت جي نشاني هئي، جيڪي مقابلي لاءِ (بدر جي ميدان ۾) هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ٿيا هئا. انهن مان هڪ ٽولي الله تعالى جي راهه ۾ وڙهي رهي هئي ۽ ٻي ٽولي ڪافرن جي هئي. مسلمان، ڪافرن جي ٽوليءَ کي پاڻ کان ٻيڻو ڏسي رهيا هئا پر الله تعالى جنھن لاءِ گهرندو آهي، پنھنجي مدد جي وسيلي حمايت ڪندو آهي. بيشڪ ان واقعي (يعني ڪافرن جي شڪست ۽ مسلمانن جي فتح) ۾ اکيون کولڻ وارن لاءِ هڪ وڏو سبق آهي. |
زُيِّنَ لِلنّاسِ حُبُّ الشَّهَوٰتِ مِنَ النِّساءِ وَالبَنينَ وَالقَنٰطيرِ المُقَنطَرَةِ مِنَ الذَّهَبِ وَالفِضَّةِ وَالخَيلِ المُسَوَّمَةِ وَالأَنعٰمِ وَالحَرثِ ذٰلِكَ مَتٰعُ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَاللَّهُ عِندَهُ حُسنُ المَـٔابِ (آيت : 14) |
ماڻهن جي لاءِ عورتن، اولاد، سون ۽ چانديءَ جي ڍيرن، بهترين گهوڙن، جانورن ۽ زرعي زمين ۾، نفس جي خواهش جي تمام گهڻي محبّت رکي وئي آهي، پر هي سڀ شيون دنيا جي ڪجهه ڏينهن جي زندگي گذارڻ جي لاءِ آهن جڏهن ته الله تعالى وٽ (ان کان ڪيترو ئي وڌيڪ ) بهترين جاءِ آهي. |
قُل أَؤُنَبِّئُكُم بِخَيرٍ مِن ذٰلِكُم لِلَّذينَ اتَّقَوا عِندَ رَبِّهِم جَنّٰتٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَأَزوٰجٌ مُطَهَّرَةٌ وَرِضوٰنٌ مِنَ اللَّهِ وَاللَّهُ بَصيرٌ بِالعِبادِ (آيت : 15) |
(اي نبي ﷺ!) کين چؤ ته، اچو مان توهان کي (دنيا جي شين کان) وڌيڪ سٺيون شيون ٻڌايان، جيڪي پرهيزگار ماڻهن لاءِ انهن جي پالڻھار وٽ موجود آهن، انهن جي لاءِ اهڙا ته باغ آهن، جن جي هيٺان مختلف قسمن جون نھرون وهنديون، هي ماڻهو انهن باغن ۾ هميشه رهندا، انهن لاءِ پاڪيزه ڪردار واريون گهر واريون هونديون ۽ مٿن الله تعالى جي مھرباني به رهندي، تنھنڪري الله تعالى ٻانهن جي ڪردار تي گهري نظر رکندڙ آهي. |
الَّذينَ يَقولونَ رَبَّنا إِنَّنا ءامَنّا فَاغفِر لَنا ذُنوبَنا وَقِنا عَذابَ النّارِ (آيت : 16) |
اهي ئي (ڪردار وارا) ماڻهو چوندا آهن ته اي اسان جا پالڻھار! بيشڪ اسان (تنھِنجي مٿان) ايمان آندو، اسان جي پوين گناهن کي معاف فرماءِ ۽ اسان کي باهه جي عذاب کان بچاءِ. |
الصّٰبِرينَ وَالصّٰدِقينَ وَالقٰنِتينَ وَالمُنفِقينَ وَالمُستَغفِرينَ بِالأَسحارِ (آيت : 17) |
هي اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي صبر ڪندڙ، سچا، فرمانبردار، الله تعالى جي راهه ۾ خرچ ڪندڙ ۽ رات جو اسر مھل، الله تعالى کان گناهن جي بخشش جون دعائون گهرندا آهن. |
شَهِدَ اللَّهُ أَنَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ وَالمَلٰئِكَةُ وَأُولُوا العِلمِ قائِمًا بِالقِسطِ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 18) |
الله تعالى پاڻ شاهدي ڏني آهي ته هن کان سواءِ ٻيو ڪير به عبادت جي لائق نه آهي، ملائڪن ۽ سڀني علم وارن به انصاف ڪندي اها ساڳئي شاهدي ڏني آهي ته ان زبردست حڪمت واري کان سواءِ ٻيو ڪير به عبادت جي لائق نه آهي. |
إِنَّ الدّينَ عِندَ اللَّهِ الإِسلٰمُ وَمَا اختَلَفَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ إِلّا مِن بَعدِ ما جاءَهُمُ العِلمُ بَغيًا بَينَهُم وَمَن يَكفُر بِـٔايٰتِ اللَّهِ فَإِنَّ اللَّهَ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 19) |
بيشڪ الله تعالى وٽ دين رڳو اسلام آهي، ان دين کان هٽي ڪري ( يھودين ۽ عيسائين) علم اچڻ کان پوءِ، پاڻ ۾ هڪ ٻئي تي زيادتي ڪرڻ لاءِ مختلف طريقا اختِيار ڪيا ۽ جيڪو به الله تعالى جي آيتن جو انڪار ڪندو، الله تعالى ان کان حساب وٺندي دير نه ڪندو. |
فَإِن حاجّوكَ فَقُل أَسلَمتُ وَجهِىَ لِلَّهِ وَمَنِ اتَّبَعَنِ وَقُل لِلَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ وَالأُمِّيّۦنَ ءَأَسلَمتُم فَإِن أَسلَموا فَقَدِ اهتَدَوا وَإِن تَوَلَّوا فَإِنَّما عَلَيكَ البَلٰغُ وَاللَّهُ بَصيرٌ بِالعِبادِ (آيت : 20) |
(اي نبي ﷺ) جيڪڏهن هي ماڻهو توهان سان ڪنھن به معاملي ۾ جهڳڙو ڪن، ته کين چؤ ته مان ۽ منھنجي پيروڪارن ته الله تعالى جي اڳيان پنھنجوسر جهڪايو آهي، پوءِ انهن اهل ڪتاب (يھودين، عيسائين) ۽ اڻ پڙهيل (مشرڪن) کان پڇو، ته ڇا توهان به الله تعالى جي بندگي قبول ڪريو ٿا؟ جيڪڏهن بندگي قبول ڪن ته پوءِ بيشڪ کين به هدايت ملي وئي، پر جيڪڏهن هو منھن موڙين ته (اي نبي ﷺ!) توهان جي مٿان رڳو پيغام پھچائڻ جي ذميداري آهي، بيشڪ ٻانهن جي هڪ هڪ عمل تي الله تعالى جي نظر آهي. (ع) |
إِنَّ الَّذينَ يَكفُرونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَيَقتُلونَ النَّبِيّۦنَ بِغَيرِ حَقٍّ وَيَقتُلونَ الَّذينَ يَأمُرونَ بِالقِسطِ مِنَ النّاسِ فَبَشِّرهُم بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 21) |
بيشڪ جيڪي ماڻهو الله تعالى جي حڪمن جو انڪار ڪن ٿا، نبين سڳورن کي ناحق قتل ڪندا رهيا آهن ۽ انهن ماڻهن کي قتل ڪن ٿا، جيڪي انصاف قائم ڪرڻ جو حڪم ڏين ٿا، اهڙن ماڻهن کي تڪليف ڏيندڙ عذاب جي خوشخبري ٻڌاءِ. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ حَبِطَت أَعمٰلُهُم فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَما لَهُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 22) |
هي اهي ئي ماڻهو آهن، جن جا عمل دنيا ۽ آخرت ۾ ضايع ٿي ويا ۽ اهڙن ماڻهن جو ڪير مدد گار به نه آهي. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ أوتوا نَصيبًا مِنَ الكِتٰبِ يُدعَونَ إِلىٰ كِتٰبِ اللَّهِ لِيَحكُمَ بَينَهُم ثُمَّ يَتَوَلّىٰ فَريقٌ مِنهُم وَهُم مُعرِضونَ (آيت : 23) |
(اي نبي ﷺ!) ڇا توهان انهن ماڻهن(يھودين ۽ عيسائين جي عالمن) کي نه ڏِٺو، جن کي ڪِتاب جي علم جو ٿورو حصو ڏنو ويو آهي، جڏهن انهن کي الله تعالى جي هن ڪتاب قرآن مجيد ڏانھن سڏيو وڃي ٿو، ته جيئن انهن جي وچ ۾ حق سان فيصلو ڪري، ته انهن مان هڪ ٽولي ڪن لاٽار ڪندي آهي، حقيقت هي آهي ته هو سڀ (قرآن مجيد جي حڪمن کان) منھن موڙيندڙ آهن. |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قالوا لَن تَمَسَّنَا النّارُ إِلّا أَيّامًا مَعدودٰتٍ وَغَرَّهُم فى دينِهِم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 24) |
سندن اهو رويو رڳو ان ڪري آهي، جو هو چون ٿا ته جَھنَّم جي باهه، اسان جي ويجهو به نه ايندي، جي آئِي به ته، ڪجهه ڏينهن لاءِ ، حقيقت ۾ انهن جي پنھنجي ئي هٿ ٺوڪيل يعني گهڙيل عقيدن، دين جي معاملي ۾ کين ڌوڪي ۾ وڌو آهي. |
فَكَيفَ إِذا جَمَعنٰهُم لِيَومٍ لا رَيبَ فيهِ وَوُفِّيَت كُلُّ نَفسٍ ما كَسَبَت وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 25) |
ان ڏينھن سندن ڪھڙو حشر ٿيندو، جنهن جي اچڻ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ان ڏينھن هر ماڻهوءَ کي سندس عملن جو پورو پورو بدلو ڏنو ويندو ۽ ڪنھن تي به ذري جيترو ظلم نه ڪيو ويندو. |
قُلِ اللَّهُمَّ مٰلِكَ المُلكِ تُؤتِى المُلكَ مَن تَشاءُ وَتَنزِعُ المُلكَ مِمَّن تَشاءُ وَتُعِزُّ مَن تَشاءُ وَتُذِلُّ مَن تَشاءُ بِيَدِكَ الخَيرُ إِنَّكَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 26) |
(اي نبي ﷺ!) تون (الله تعاليٰ جي دربار ۾) چؤ ته اي سموري جھان جا مالڪ! تون جنھن کي چاهين بادشاهي عطا ڪرِين، جنھن کان چاهين بادشاهِي کسي وٺين، جنھن کي چاهين عزّت عطا ڪرِين ۽ جنھن کي چاهين ذليل ڪري ڇڏين. ڀلائي تنھنجي ئي هٿ ۾ آهي، بيشڪ تون هر شيءِ تي طاقت رکندڙ آهين. |
تولِجُ الَّيلَ فِى النَّهارِ وَتولِجُ النَّهارَ فِى الَّيلِ وَتُخرِجُ الحَىَّ مِنَ المَيِّتِ وَتُخرِجُ المَيِّتَ مِنَ الحَىِّ وَتَرزُقُ مَن تَشاءُ بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 27) |
تون رات کي ڏينھن ۾ ۽ ڏينھن کي راتِ ۾ ( انتهائي باريڪ بيني سان) داخل ڪرِين ٿو، جاندار شين مان بي جان شيون ۽ بي جان شين مان جاندار شيون ڪڍي ظاهر ڪرين ٿو ۽ تون جنھن کي چاهين اڻ کٽ رزق عطا ڪندو آهين. |
لا يَتَّخِذِ المُؤمِنونَ الكٰفِرينَ أَولِياءَ مِن دونِ المُؤمِنينَ وَمَن يَفعَل ذٰلِكَ فَلَيسَ مِنَ اللَّهِ فى شَيءٍ إِلّا أَن تَتَّقوا مِنهُم تُقىٰةً وَيُحَذِّرُكُمُ اللَّهُ نَفسَهُ وَإِلَى اللَّهِ المَصيرُ (آيت : 28) |
مؤمن ماڻهن کي گهرجي ته هو ايمان وارن کي ڇڏي ڪافرن کي دوست نه بڻائين، جيڪو ايئن ڪندو ته پوءِ ان جو الله تعالى سان ڪو به واسطو نه آهي. ها جيڪڏهن ان ڪافر جي ظلم کان بچڻ لاءِ (عارضي طرح اهو عمل ڪيو وڃي ته) ان جي اجازت آهي، (پر وري به) الله تعالى توهان کي پنھنجي پڪڙ کان خوف ڏياري ٿو ۽ هر شيءِ آخرڪار الله تعالى ڏانھن ئي موٽڻي آهي. |
قُل إِن تُخفوا ما فى صُدورِكُم أَو تُبدوهُ يَعلَمهُ اللَّهُ وَيَعلَمُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 29) |
(اي نبي ﷺ) ماڻهن کي خبردار ڪري ڇڏيو، ته توهان پنھنجي دلين ۾ جيڪا به سوچ رکو ٿا، ان کي لڪايو يا ظاهر ڪريو، الله تعالى ان کان چڱيءَ طرح واقف آهي، هو ته آسمانن ۽ زمين جي هر شيءِ کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. الله تعالى هر شيءِ تي طاقت رکندڙ آهي. |
يَومَ تَجِدُ كُلُّ نَفسٍ ما عَمِلَت مِن خَيرٍ مُحضَرًا وَما عَمِلَت مِن سوءٍ تَوَدُّ لَو أَنَّ بَينَها وَبَينَهُ أَمَدًا بَعيدًا وَيُحَذِّرُكُمُ اللَّهُ نَفسَهُ وَاللَّهُ رَءوفٌ بِالعِبادِ (آيت : 30) |
(توهان ان ڏينھن کي به ذهن ۾ رکو) جنھن ڏينھن هر ماڻهو پنھنجي نيڪ ۽ بري عمل جو نتيجو ڏسندو، پوءِ بري عمل جي نتيجي ۾ ويٺو سور پچائيندو ته ڪاش! اڄوڪو ڏينھن اڃا نه اچي ها، الله تعالى اهڙي طريقي سان به، توهان کي پنھنجي پڪڙ کان ڊيڄاري ٿو، الله تعالى ئي ته ٻانهن جو انتھائي ڀلائي چاهيندڙ آهي. (ع) |
قُل إِن كُنتُم تُحِبّونَ اللَّهَ فَاتَّبِعونى يُحبِبكُمُ اللَّهُ وَيَغفِر لَكُم ذُنوبَكُم وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 31) |
(اي نبي ﷺ!) ماڻهن کي چؤ، ته جيڪڏهن توهان واقعي الله تعالى سان محبَّت رکو ٿا، ته پوءِ منھنجي پيروي ڪريو، (منھنجي پيرويءَ جي ذريعي ئي) الله تعالى توهان سان محبت ڪندو ۽ توهان جا گناهه به معاف ڪندو، بيشڪ الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
قُل أَطيعُوا اللَّهَ وَالرَّسولَ فَإِن تَوَلَّوا فَإِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ الكٰفِرينَ (آيت : 32) |
اي نبي ﷺ)انهن کي چؤ ته الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) جي فرمانبرداري ڪريو، پر جيڪڏهن هو منھن موڙين ته بيشڪ اهڙن نافرمانن سان الله تعالى ڪڏهن به محبت نه ڪندو. |
إِنَّ اللَّهَ اصطَفىٰ ءادَمَ وَنوحًا وَءالَ إِبرٰهيمَ وَءالَ عِمرٰنَ عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 33) |
بيشڪ الله تعالى، آدم ۽ نوح (ؐ) آل ابراهيم ۽ آل عمران کي دنيا جي سڀني ماڻهن تي فضيلت ڏئي پنھنجو رسول چونڊيو آهي. |
ذُرِّيَّةً بَعضُها مِن بَعضٍ وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 34) |
انهن مان ڪجهه هڪ ٻئي جي نسل سان تعلق به رکن ٿا، الله تعالى هر شيءِ ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. |
إِذ قالَتِ امرَأَتُ عِمرٰنَ رَبِّ إِنّى نَذَرتُ لَكَ ما فى بَطنى مُحَرَّرًا فَتَقَبَّل مِنّى إِنَّكَ أَنتَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 35) |
جڏهن عمران جي گهر واريءَ دعا گهري، ته اي منھنجا رَبَّ! منھنجي پيٽ ۾ جيڪو به ٻار آهي، ان کي تنھنجي لاءِ وقف ڪرڻ جي باس باسيان ٿي، تون منھنجي ان خواهش کي قبول فرماءِ. بيشڪ تون ٻڌندڙ ۽ خوب ڄاڻندڙ آهين. |
فَلَمّا وَضَعَتها قالَت رَبِّ إِنّى وَضَعتُها أُنثىٰ وَاللَّهُ أَعلَمُ بِما وَضَعَت وَلَيسَ الذَّكَرُ كَالأُنثىٰ وَإِنّى سَمَّيتُها مَريَمَ وَإِنّى أُعيذُها بِكَ وَذُرِّيَّتَها مِنَ الشَّيطٰنِ الرَّجيمِ (آيت : 36) |
پوءِ جڏهن کيس نياڻي پيدا ٿي، ته چيائين ته يا الله! مون کي ته نياڻي ڄائي آهي، حالانڪه الله تعالى کي ته خبر هئي جيڪو هن ڄڻيو هو. ڇوڪرو، ڇوڪريءَ وانگر نه هوندو آهي. (ٺيڪ آ) مون هن جو نالو مريم رکي ڇڏيو آهي، مان هن نياڻي ۽ سندس ايندڙ نسل کي شيطان مردود کان تنھنجي پناهه ۾ ڏيان ٿي. |
فَتَقَبَّلَها رَبُّها بِقَبولٍ حَسَنٍ وَأَنبَتَها نَباتًا حَسَنًا وَكَفَّلَها زَكَرِيّا كُلَّما دَخَلَ عَلَيها زَكَرِيَّا المِحرابَ وَجَدَ عِندَها رِزقًا قالَ يٰمَريَمُ أَنّىٰ لَكِ هٰذا قالَت هُوَ مِن عِندِ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ يَرزُقُ مَن يَشاءُ بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 37) |
پوءِ سندس پالڻھار وڏي خوشيءَ سان ان نياڻيءَ کي قبول فرمايو ۽ ان کي هڪ بھترين فرمانبردار نياڻي بنايو ۽ زڪريا (ؑ) کي ان جي سنڀالڻ جي ذميداري ڏني.(حضرت) زڪريا (ؑ) جڏهن به ان جي ڪمري ۾ ويندو هو، ته هميشه ان وٽ کائڻ پيئڻ جون شيون اڻ مندائتن ميون جي صورت ۾ڏسندو هو. هڪ ڏينھن هن مريم کان پڇي ورتو ته اي مريم! هي شيون تنھنجي لاءِ ڪٿان پيون اچن؟ هن چيو ته هي سڀ الله تعالى جي طرفان اچن ٿيون، بيشڪ الله تعالى جنھن کي چاهي بي حساب رزق عطا ڪندو آهي. |
هُنالِكَ دَعا زَكَرِيّا رَبَّهُ قالَ رَبِّ هَب لى مِن لَدُنكَ ذُرِّيَّةً طَيِّبَةً إِنَّكَ سَميعُ الدُّعاءِ (آيت : 38) |
(اهو منظر ڏسي) اتي جو اتي زڪريا (ؑ) پنھنجي پالڻھار کان دعا گهري ۽ دعا ۾ چيائين ته اي منھنجا پالڻھار! مون کي به (پنھنجي خصوصي مھربانيءَ سان) پاڪيزه اولاد عطا فرماءِ، بيشڪ تون ئي دعا قبول ڪندڙ آهين. |
فَنادَتهُ المَلٰئِكَةُ وَهُوَ قائِمٌ يُصَلّى فِى المِحرابِ أَنَّ اللَّهَ يُبَشِّرُكَ بِيَحيىٰ مُصَدِّقًا بِكَلِمَةٍ مِنَ اللَّهِ وَسَيِّدًا وَحَصورًا وَنَبِيًّا مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 39) |
پوءِ زڪريا (ؑ) ڪمري ۾ نماز پڙهي رهيو هو، ته ملائڪن کيس چيو ته بيشڪ الله تعالى توکي پٽ يحى جي خوشخبري ڏئي ٿو، هو الله تعالى جي فرمان (يعني (حضرت عيسى ؑ) جي تصديق ڪندڙ، سردار (وارو شان رکندڙ )، انتھائي پاڪدامن ۽ نيڪ ماڻهن مان هڪ نبي هوندو. |
قالَ رَبِّ أَنّىٰ يَكونُ لى غُلٰمٌ وَقَد بَلَغَنِىَ الكِبَرُ وَامرَأَتى عاقِرٌ قالَ كَذٰلِكَ اللَّهُ يَفعَلُ ما يَشاءُ (آيت : 40) |
(ان تي) زڪريا (ؑ) چيو ته اي منھنجا پالڻهار! آءٌ ته پوڙهو ٿي چڪو آهيان ۽ منھنجي گهر واري به سنڍ آهي، مون کي پٽ ڪيئن ڄمندو؟ تنھن تي کيس چيو ويو ته ايئن ئي ٿيندو، الله تعالى جيئن چاهيندو آهي تيئن ڪندو آهي. |
قالَ رَبِّ اجعَل لى ءايَةً قالَ ءايَتُكَ أَلّا تُكَلِّمَ النّاسَ ثَلٰثَةَ أَيّامٍ إِلّا رَمزًا وَاذكُر رَبَّكَ كَثيرًا وَسَبِّح بِالعَشِىِّ وَالإِبكٰرِ (آيت : 41) |
زڪريا (ؑ) عرض ڪيو ته اي منھنجا پالڻھار! پوءِ ڀلا منھنجي لاءِ ڪا نشاني مقرر ڪر، فرمايائين تنھنجي لاءِ هي نشاني مقرر ڪئي وڃي ٿي ته تون ٽن ڏينھن تائين ڪنھن سان به (زبان سان) نه ڳالهائي سگهندين، سواءِ اشارن جي، هاڻي تون پنھنجي رب کي گهڻو ياد ڪر ۽ صبح شام تسبيح بيان ڪندو رهه. (ع) |
وَإِذ قالَتِ المَلٰئِكَةُ يٰمَريَمُ إِنَّ اللَّهَ اصطَفىٰكِ وَطَهَّرَكِ وَاصطَفىٰكِ عَلىٰ نِساءِ العٰلَمينَ (آيت : 42) |
۽ جڏهن ملائڪن مريم کي چيو، ته بيشڪ الله تعالى توکي پاڪيزه شخصيت طور، پوري دنيا جي عورتن تي ترجيح ڏيئي چونڊيو آهي. |
يٰمَريَمُ اقنُتى لِرَبِّكِ وَاسجُدى وَاركَعى مَعَ الرّٰكِعينَ (آيت : 43) |
اي مريم! تون پنھنجي پالڻھار جي فرمانبردار ٿي رهه ۽ ان جي اڳيان سجدا ۽ رڪوع ڪرڻ وارن سان گڏ رڪوع ڪر (يعني جماعت سان نماز ادا ڪندي رهه). |
ذٰلِكَ مِن أَنباءِ الغَيبِ نوحيهِ إِلَيكَ وَما كُنتَ لَدَيهِم إِذ يُلقونَ أَقلٰمَهُم أَيُّهُم يَكفُلُ مَريَمَ وَما كُنتَ لَدَيهِم إِذ يَختَصِمونَ (آيت : 44) |
(اي نبي ﷺ!) هي غيب جون خبرون آهن، جيڪي اسين توکي وحيءَ جي ذريعي ٻڌايون ٿا، توهان ان وقت موجود نه هئا، جڏهن مريم کي سنڀالڻ لاءِ خادم ڪڻا وجهي رهيا هئا ۽ وري توهان ان وقت به موجود نه هئا، جڏهن هو پاڻ ۾ جهڳڙو ڪري رهيا هئا. |
إِذ قالَتِ المَلٰئِكَةُ يٰمَريَمُ إِنَّ اللَّهَ يُبَشِّرُكِ بِكَلِمَةٍ مِنهُ اسمُهُ المَسيحُ عيسَى ابنُ مَريَمَ وَجيهًا فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَمِنَ المُقَرَّبينَ (آيت : 45) |
جـڏهن ملائڪن چيو ته اي مريم! بيشڪ الله تعالى توکي پنھنجي هڪ خاص فرمان ( يعني پٽ) جي خوشخبري ٻڌائي ٿو، ان جو نالو مسيح عيسى پٽ مريم هوندو، دنيا ۽ آخرت ۾ عِزَّت وارو ۽ الله تعالى جي خاص ٻانهن مان هوندو. |
وَيُكَلِّمُ النّاسَ فِى المَهدِ وَكَهلًا وَمِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 46) |
هو ماڻهن سان پينگهي کان وٺي وڏي عمر تائين هڪ ئي انداز ۾ ڳالهيون ڪندو رهندو ۽ هو نيڪ ماڻهن مان هوندو. |
قالَت رَبِّ أَنّىٰ يَكونُ لى وَلَدٌ وَلَم يَمسَسنى بَشَرٌ قالَ كَذٰلِكِ اللَّهُ يَخلُقُ ما يَشاءُ إِذا قَضىٰ أَمرًا فَإِنَّما يَقولُ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 47) |
(اهو ٻڌي) مريم چيو ته اي منھنجا پالڻھار! مون کي پٽ ڪيئن ڄمندو؟ مون کي ته (اڄ تائين) ڪنھن انسان هٿ به ناهي لاتو؟ جواب ۾ کيس چيو ويو ته ايئن ئي ٿيندو، الله تعالى جو چاهيندو آهي، پيدا ڪندو آهي، هو جڏهن به ڪنھن ڪم جو فيصلو ڪندو آهي، ته صرف چـوندو آهي ته“ٿي” ته اهو هڪدم “ٿي پوندو” آهي. |
وَيُعَلِّمُهُ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَالتَّورىٰةَ وَالإِنجيلَ (آيت : 48) |
پوءِ الله تعالى کيس ڪتاب، حڪمت، تورات ۽ انجيل جو علم سيکاريندو. |
وَرَسولًا إِلىٰ بَنى إِسرٰءيلَ أَنّى قَد جِئتُكُم بِـٔايَةٍ مِن رَبِّكُم أَنّى أَخلُقُ لَكُم مِنَ الطّينِ كَهَيـَٔةِ الطَّيرِ فَأَنفُخُ فيهِ فَيَكونُ طَيرًا بِإِذنِ اللَّهِ وَأُبرِئُ الأَكمَهَ وَالأَبرَصَ وَأُحىِ المَوتىٰ بِإِذنِ اللَّهِ وَأُنَبِّئُكُم بِما تَأكُلونَ وَما تَدَّخِرونَ فى بُيوتِكُم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لَكُم إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 49) |
۽ بني اسرائيل ڏي رسول ڪري موڪليندو.(هاڻي حضرت عيسى ؑ رسول جي حيثيت ۾ بني اسرائيل سان مخاطب آهي ته) بيشڪ مان توهان ڏانهن، توهان جي پالڻھار جي طرف کان نشاني آندي آهي، بيشڪ مان توهان جي سامهون مٽيءَ مان پکي ٺاهي، ان ۾ ڦوڪ ڏيان ٿو ته هو، الله تعالى جي حڪم سان سچو پچو پکي ٿي (اُڏري) ويندو، مان الله تعالى جي حڪم سان ڄائي ڄم کان نابين پيدا ٿيل ماڻهوءَ کي ۽ ڪوڙهه واري بيمار کي صحتمند به ڪريان ٿو ۽ مئل ماڻهوءَ کي به الله تعالى جي حڪم سان جيئرو ڪريان ٿو ۽ توهان گهرن ۾ جو ڪجهه کائو ٿا ۽ جو ڪجهه بچائي رکو ٿا، مان اهو سڀ توهان کي ٻڌائي سگهان ٿوجيڪڏهن توهان ايمان آڻڻ وارا آهيو ته بيشڪ (منهنجي) انهن ڳالهين ۾ توهان جي لاءِ وڏي نشاني آهي. |
وَمُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَىَّ مِنَ التَّورىٰةِ وَلِأُحِلَّ لَكُم بَعضَ الَّذى حُرِّمَ عَلَيكُم وَجِئتُكُم بِـٔايَةٍ مِن رَبِّكُم فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 50) |
۽ تورات مان جيڪا تعليم منھنجي سامهون موجود آهي، مان ان جي تصديق ڪرڻ لاءِ آيو آهيان ۽ توهان لاءِ ڪجهه اهڙِين شين کي حلال ڪرڻ آيو آهيان، جيڪي اوهان تي اڳ ۾ حرام ڪيون ويون هيون، ۽ (اهو ذهن ۾ رکو ته) مان توهان جي پالڻھار جي طرف کان اوهان وٽ خاص نشاني آندي آهي، تنھنڪري الله تعالى کان ڊڄو ۽ منھنجي فرمانبرداري ڪريو. |
إِنَّ اللَّهَ رَبّى وَرَبُّكُم فَاعبُدوهُ هٰذا صِرٰطٌ مُستَقيمٌ (آيت : 51) |
بيشڪ الله تعالى ئي منھنجو ۽ توهان سڀني جو حقيقي پالڻھار آهي، ان جي ئي بندگي ڪريو ڇوته اهو ئي سڌو رستو آهي. |
فَلَمّا أَحَسَّ عيسىٰ مِنهُمُ الكُفرَ قالَ مَن أَنصارى إِلَى اللَّهِ قالَ الحَوارِيّونَ نَحنُ أَنصارُ اللَّهِ ءامَنّا بِاللَّهِ وَاشهَد بِأَنّا مُسلِمونَ (آيت : 52) |
پوءِ جڏهن عيسى (ؑ) ماڻهن جي اندر، ڪفر جو رويَّو محسوس ڪيو ته هڪدم پڪاري چيائين، ته الله تعالى جي راهه ۾ منھنجو ڪير مددگار ٿيندو؟ ان تي حوارين ( يعني شاگردن) جواب ڏنو ته الله تعالى جي راهه ۾ اسان مددگار آهيون، اسان الله تعالى تي ايمان آندو ۽ تون شاهد رهه ته بيشڪ اسان (سچا) مسلمان آهيون. |
رَبَّنا ءامَنّا بِما أَنزَلتَ وَاتَّبَعنَا الرَّسولَ فَاكتُبنا مَعَ الشّٰهِدينَ (آيت : 53) |
حوارين چيو ته اي اسان جا پالڻھار! اسان تنھنجي آيل فرمان تي ايمان آندو ۽ رسول جي پيروي قبول ڪئي، هاڻي تون اسان جو نالو شاهدي ڏيڻ وارن ۾ لکي ڇڏ. |
وَمَكَروا وَمَكَرَ اللَّهُ وَاللَّهُ خَيرُ المٰكِرينَ (آيت : 54) |
پوءِ بني اسرائيل (حضرت عيسى ؑ جي خلاف) هڪ ڳجهو منصوبو جوڙيو جڏهن ته الله تعالى به (حضرت عيسى ؑ کي سرخرو ڪرڻ لاءِ) هڪ منصوبو ٺاهيو. ۽ الله تعاليٰ ئي بھتر منصوبا ٺاهڻ وارو آهي. (ع) |
إِذ قالَ اللَّهُ يٰعيسىٰ إِنّى مُتَوَفّيكَ وَرافِعُكَ إِلَىَّ وَمُطَهِّرُكَ مِنَ الَّذينَ كَفَروا وَجاعِلُ الَّذينَ اتَّبَعوكَ فَوقَ الَّذينَ كَفَروا إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ ثُمَّ إِلَىَّ مَرجِعُكُم فَأَحكُمُ بَينَكُم فيما كُنتُم فيهِ تَختَلِفونَ (آيت : 55) |
جـڏهن الله تعالى فرمايو ته اي عيسى! بيشڪ مان توکي (عارضي طور) گهرائڻ وارو آهيان،(جسماني طور) توکي پاڻ ڏانھن کڻي وٺندس، توکي ڪفر جو رويو رکڻ وارن جي گندي ماحول مان ڪڍي پاڪ ڪندس ۽ تنھنجي پيروڪارن کي قيامت تائين انڪار ڪرڻ وارن تي برترِي ڏيندس، پوءِ توهان سڀ مون ڏانھن ئي موٽندا، مان ئي اوهان جي ڳالهين جو فيصلو ڪندس، جن جي باري ۾ توهان دنيا ۾ اختلاف ڪندا هئا. |
فَأَمَّا الَّذينَ كَفَروا فَأُعَذِّبُهُم عَذابًا شَديدًا فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَما لَهُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 56) |
پر جن ماڻهن ڪفر ڪيو مان کين دنيا ۽ آخرت ۾سخت عذاب ڏيندس ۽ ڪير به سندن مددگار نه هوندو . |
وَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَيُوَفّيهِم أُجورَهُم وَاللَّهُ لا يُحِبُّ الظّٰلِمينَ (آيت : 57) |
پر جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ ڪم ڪيا، انهن کي الله تعالى پورو پورو اجر عطا ڪندو، الله تعالى ظالمن کي پسند نه ڪندو آهي. |
ذٰلِكَ نَتلوهُ عَلَيكَ مِنَ الءايٰتِ وَالذِّكرِ الحَكيمِ (آيت : 58) |
(اي نبي ﷺ) هي آيتون ۽ حڪمت ڀريون ڳالهيون هيون، جيڪي اسين توکي ٻڌائي رهيا آهيون. |
إِنَّ مَثَلَ عيسىٰ عِندَ اللَّهِ كَمَثَلِ ءادَمَ خَلَقَهُ مِن تُرابٍ ثُمَّ قالَ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 59) |
بيشڪ عيسى (ؑ) جي پيدائش جو مثال، الله تعالى وٽ آدم (ؑ) جي پيدائش وانگر آهي، جو کيس مٽيءَ مان پيدا ڪيو، ۽ ان کي حڪم ڏنائين ته هاڻي (آدم) “ٿي” ته هو (آدم) “ٿي پيو”. |
الحَقُّ مِن رَبِّكَ فَلا تَكُن مِنَ المُمتَرينَ (آيت : 60) |
(اي نبي ﷺ)! توهان ڪڏهن به شڪ ڪندڙن مان نه ٿجو، اصل حقيقت اها ئي آهي جيڪا توهان جي پالڻھار تو هان کي ٻڌائي ڇڏي آهي. |
فَمَن حاجَّكَ فيهِ مِن بَعدِ ما جاءَكَ مِنَ العِلمِ فَقُل تَعالَوا نَدعُ أَبناءَنا وَأَبناءَكُم وَنِساءَنا وَنِساءَكُم وَأَنفُسَنا وَأَنفُسَكُم ثُمَّ نَبتَهِل فَنَجعَل لَعنَتَ اللَّهِ عَلَى الكٰذِبينَ (آيت : 61) |
(اي نبي ﷺ) هي سڀ حقيقتون بيان ڪرڻ کانپوءِ به، جيڪڏهن عيسائي توهان سان تڪرار ڪن ته کين چئلينج ڏي ( يعني مقابلي لاءِ هڪل ڪر)، ته اچو اسان ۽ توهان (ٻئي) پنهنجن پنهنجن پٽن ۽ عورتن کي وٺي (هڪ هنڌ) گڏ ڪيون پوءِ الله تعالى کان دعا گهرون، ته يا الله! اسان مان جيڪو ڪوڙو هجي ان تي لعنت ڪر. |
إِنَّ هٰذا لَهُوَ القَصَصُ الحَقُّ وَما مِن إِلٰهٍ إِلَّا اللَّهُ وَإِنَّ اللَّهَ لَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 62) |
بيشڪ هي ڳالهيون بلڪل صحيح آهن، الله تعالى کان سواءِٻيو ڪير به عبادت جي لائق نه آهي، بيشڪ الله تعالى ئي زبردست حڪمت وارو آهي. |
فَإِن تَوَلَّوا فَإِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِالمُفسِدينَ (آيت : 63) |
پوءِ جيڪڏهن هي عيسائي مقابِلي کان منھن موڙين ته (پوءِ اهي ئي فساد ڦھلائيندڙ آهن) بيشڪ الله تعالى فساد ڦهلائيندڙن کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. (ع) |
قُل يٰأَهلَ الكِتٰبِ تَعالَوا إِلىٰ كَلِمَةٍ سَواءٍ بَينَنا وَبَينَكُم أَلّا نَعبُدَ إِلَّا اللَّهَ وَلا نُشرِكَ بِهِ شَيـًٔا وَلا يَتَّخِذَ بَعضُنا بَعضًا أَربابًا مِن دونِ اللَّهِ فَإِن تَوَلَّوا فَقولُوا اشهَدوا بِأَنّا مُسلِمونَ (آيت : 64) |
(اي نبي ﷺ) اهل ڪتاب کي چؤ ته، اچو ته اسان پاڻ ۾ هڪ اهڙي ڳالهه تي اتفاق ڪريون، جيڪا اسان ۽ توهان ٻنهي جي وچ ۾ هڪ جھڙي آهي، اها هي آهي ته اسين سڀ الله تعالى کان سواءِ ٻئي ڪنھن جي به عبادت نه ڪرِيون ۽ ان سان گڏ ڪنھن کي به شريڪ نه ڪرِيون ۽ اسان مان ڪير به الله تعالى کان سواءِ، ڪنھن به ٻِئي کي پالڻھارنه مڃي پر پوءِ جيڪڏهن هو ان ڳالهه کان منھن موڙين، ته کين صاف چئِي ڇڏيو ته توهان شاهد رهجو، ته اسان رڳو هڪ الله کي ئي مڃڻ وارا آهيون. |
يٰأَهلَ الكِتٰبِ لِمَ تُحاجّونَ فى إِبرٰهيمَ وَما أُنزِلَتِ التَّورىٰةُ وَالإِنجيلُ إِلّا مِن بَعدِهِ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 65) |
اي اهل ڪتاب! ابراهيم (ؑ) جي باري ۾ توهان مون سان ڇو ٿا تڪرار ڪريو؟ توهان ايترو به نٿا سوچيو ته تورات ۽ انجيل ابراهيم (ؑ) کان گهڻو پوءِ نازل ٿيا آهن. |
هٰأَنتُم هٰؤُلاءِ حٰجَجتُم فيما لَكُم بِهِ عِلمٌ فَلِمَ تُحاجّونَ فيما لَيسَ لَكُم بِهِ عِلمٌ وَاللَّهُ يَعلَمُ وَأَنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 66) |
توهان کي جن شين جو علم هو، انهن ۾ ته اوهان خوب تڪرار ڪيا پر انهن ڳالهين ۾ ڇو ٿا تڪرار ڪريو، جن جي باري ۾ اوهان کي ڪو به علم نه آهي؟ بيشڪ الله تعالى خوب ڄاڻي ٿو پر توهان کي ڪا به خبر نه آهي. |
ما كانَ إِبرٰهيمُ يَهودِيًّا وَلا نَصرانِيًّا وَلٰكِن كانَ حَنيفًا مُسلِمًا وَما كانَ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 67) |
ابراهيم (ؑ) نه يھودي هو ۽ نه عيسائي هو، هو سنئون سڌو پڪو توحيد پرست مسلمان هو، شرڪ سان ته سندس ڪو واسطو ئي نه هو. |
إِنَّ أَولَى النّاسِ بِإِبرٰهيمَ لَلَّذينَ اتَّبَعوهُ وَهٰذَا النَّبِىُّ وَالَّذينَ ءامَنوا وَاللَّهُ وَلِىُّ المُؤمِنينَ (آيت : 68) |
بيشڪ ابراهيم (ؑ) جي فرمانبرداري ڪندڙ ئي ان جي ويجهو آهن ۽ هي نبي (حضرت محمّد ﷺ) ۽ ايمان آڻيندڙ ئي، سڀ کان وڌيڪ ان جي ويجهو هجڻ جا حقدار آهن، الله تعالى ايمان آڻڻ وارن جو حامي ۽ مددگار آهي. |
وَدَّت طائِفَةٌ مِن أَهلِ الكِتٰبِ لَو يُضِلّونَكُم وَما يُضِلّونَ إِلّا أَنفُسَهُم وَما يَشعُرونَ (آيت : 69) |
(اي ايمان وارؤ، خبردار رهو!) يھودين مان هڪ گروهه توهان کي، گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳو پيو آهي، حقيقت ۾ هو پنھنجو پاڻ کي وڌيڪ گمراهيءَ ڏانھن وٺي وڃي رهيو آهي، پر کيس ان ڳالهه جي سمجهه ئي نه آهي. |
يٰأَهلَ الكِتٰبِ لِمَ تَكفُرونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَأَنتُم تَشهَدونَ (آيت : 70) |
اي اهل ڪتاب! توهان الله تعالى جي آيتن کي، حق سمجهي ڪري به ڏسي وائسي ڇو ٿا انڪار ڪريو؟ |
يٰأَهلَ الكِتٰبِ لِمَ تَلبِسونَ الحَقَّ بِالبٰطِلِ وَتَكتُمونَ الحَقَّ وَأَنتُم تَعلَمونَ (آيت : 71) |
اي اهل ڪتاب! توهان ڇو ٿا ڪوڙ جو رنگ ڏيئي، سچ کي شڪ وارو بڻايو ۽ (وري) ڄاڻي واڻي سچ کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا؟ (ع) |
وَقالَت طائِفَةٌ مِن أَهلِ الكِتٰبِ ءامِنوا بِالَّذى أُنزِلَ عَلَى الَّذينَ ءامَنوا وَجهَ النَّهارِ وَاكفُروا ءاخِرَهُ لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 72) |
انهن اهل ڪتاب مان هڪ ٽولو ( يعني يھودي) اهڙو آهي، جيڪو ماڻهن کي چالاڪي سيکاري ٿو، ته توهان في الحال ايمان آڻيو پوءِ ايمان کان ڦري وڃو، ايئن ڪرڻ سان شايد مسلمان (به) پنھنجي ايمان تان ڦري وڃن. |
وَلا تُؤمِنوا إِلّا لِمَن تَبِعَ دينَكُم قُل إِنَّ الهُدىٰ هُدَى اللَّهِ أَن يُؤتىٰ أَحَدٌ مِثلَ ما أوتيتُم أَو يُحاجّوكُم عِندَ رَبِّكُم قُل إِنَّ الفَضلَ بِيَدِ اللَّهِ يُؤتيهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 73) |
۽ جڏهن پاڻ ۾ ملندا آهن ته چوندا آهن، ته پنھنجي دين واري کان سواءِ توهان ٻئي ڪنھن جي ڳالهه هرگز به نه مڃجو، (اي نبي ﷺ) کين چؤ ته بيشڪ اصل هدايت ته الله تعالى جي طرفان آيل ئي هدايت آهي، ( وري پاڻ ۾ هي ماڻهو هڪ ٻئي کي چـوڻ لڳا ته، ڪڏهن به هن ڳالهه جو اعتبار نه ڪجو) جو ٻئي ڪنھن کي اهڙو دين ڏنو ويندو، جھڙو توهان کي ڏنو ويو آهي. هي (مسلمان) قيامت واري ڏينھن اوهان جي پالڻھار وٽ توهان جي خلاف هڪ مضبوط دليل پيش ڪندا. (اي نبي ﷺ!) انهن کي چؤ ته بيشڪ مھرباني ڪرڻ صرف الله تعالى جي هٿ ۾ آهي، هو جنھن کي چاهي تنھن سان مھرباني ڪندو آهي، بيشڪ هو وڏي ڪشادگيءَ وارو ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي. |
يَختَصُّ بِرَحمَتِهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ ذُو الفَضلِ العَظيمِ (آيت : 74) |
هو جنھن لاءِ چاهيندو آهي، تنھن کي پنھنجي خاص رحمت عطا ڪندو آهي، الله تعالى ئي وڏو مھربان آهي. |
وَمِن أَهلِ الكِتٰبِ مَن إِن تَأمَنهُ بِقِنطارٍ يُؤَدِّهِ إِلَيكَ وَمِنهُم مَن إِن تَأمَنهُ بِدينارٍ لا يُؤَدِّهِ إِلَيكَ إِلّا ما دُمتَ عَلَيهِ قائِمًا ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قالوا لَيسَ عَلَينا فِى الأُمِّيّۦنَ سَبيلٌ وَيَقولونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 75) |
۽ اهل ڪتاب مان ڪي ماڻهو اهڙا ته امانتدار آهن، جو جيڪڏهن توهان انهن وٽ مال ۽ دولت جو ڍير به امانت طور رکائيندا ته هو توهان کي واپس موٽائي ڏيندا. وري انهن مان ئي ڪي اهڙا به آهن، جو جيڪڏهن توهان انهن وٽ هڪ دينار ( يعني رپيو) به رکائيندا، ته هو توهان کي اهو هڪ دينار به رلائي رلائي واپس ڏيندا، اهو ان ڪري آهي جو هو چوندا آهن ته، غير يھودي ماڻهن جو مال کائڻ اسان لاءِ جائز آهي، ان ڳالهه تي (الله تعاليٰ جي طرفان) اسان کان ڪا به پڪڙ نه ٿيندي، هي ماڻهو ڄاڻي واڻي الله تعالىتي ڪوڙ هڻن ٿا، کين چڱيءَ طرح معلوم آهي ته الله تعالى اهڙو حڪم نه ڏيندو آهي. |
بَلىٰ مَن أَوفىٰ بِعَهدِهِ وَاتَّقىٰ فَإِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُتَّقينَ (آيت : 76) |
(ڀلا) انهن جي پڪڙ ڇو نه ٿيندي؟ جيڪو پنھنجو ڪيل وعدو پورو ڪري ۽ تقوى جو رستو اختيار ڪري، ته بيشڪ الله تعالى اهڙن پرهيزگار ماڻهن کي پسند ڪندو آهي. |
إِنَّ الَّذينَ يَشتَرونَ بِعَهدِ اللَّهِ وَأَيمٰنِهِم ثَمَنًا قَليلًا أُولٰئِكَ لا خَلٰقَ لَهُم فِى الءاخِرَةِ وَلا يُكَلِّمُهُمُ اللَّهُ وَلا يَنظُرُ إِلَيهِم يَومَ القِيٰمَةِ وَلا يُزَكّيهِم وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 77) |
بيشڪ جيڪي ماڻهو الله تعالى سان ڪيل واعدن ۽ پنھنجي کنيل قسمن کي ٿورڙي قيمت تي وڪڻن ٿا، تن لاءِ آخرت ۾ ڪو به حصو نه آهي، الله تعالى قيامت جي ڏينھن اهڙن ماڻهن سان نه ڳالهائيندو، نه ئي مٿن رحم جي نظر ڪندو ۽ نه ئي کين گناهن کان پاڪ ڪندو. اهڙن ماڻهن لاءِ ئي تڪليف ڏيندڙ عذاب آهي. |
وَإِنَّ مِنهُم لَفَريقًا يَلوۥنَ أَلسِنَتَهُم بِالكِتٰبِ لِتَحسَبوهُ مِنَ الكِتٰبِ وَما هُوَ مِنَ الكِتٰبِ وَيَقولونَ هُوَ مِن عِندِ اللَّهِ وَما هُوَ مِن عِندِ اللَّهِ وَيَقولونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 78) |
۽ بيشڪ انهن يھودين مان ڪي اهڙا به آهن، جيڪي ڪتاب کي پڙهندي پنھنجي زبانن کي اهڙا ته ور وڪڙ ڏئي لانڍ سان پڙهندا آهن، جو توهان حيران ٿي ويندا ته هي تورات ڪتاب مان ڪجهه پڙهي رهيا آهن، پر اها تورات ڪتاب جي ڪا به آيت نه هوندي آهي، وري چوندا آهن ته اسان جيڪو پڙهون ٿا، اهو الله تعالى جي طرف کان ئي نازل ٿيل آهي، حالانڪه اهو الله تعالى جي طرفان نازل ٿيل نه هوندو آهي، هي ڄاڻي واڻي الله تعالى تي ڪوڙ ھڻن ٿا. |
ما كانَ لِبَشَرٍ أَن يُؤتِيَهُ اللَّهُ الكِتٰبَ وَالحُكمَ وَالنُّبُوَّةَ ثُمَّ يَقولَ لِلنّاسِ كونوا عِبادًا لى مِن دونِ اللَّهِ وَلٰكِن كونوا رَبّٰنِيّۦنَ بِما كُنتُم تُعَلِّمونَ الكِتٰبَ وَبِما كُنتُم تَدرُسونَ (آيت : 79) |
اهو ٿي ئي نٿو سگهي جو الله تعالى ڪنھن ماڻهوءَ کي، ڪتاب، حڪمت ۽ نبوَّت عطا ڪري پوءِ هو ماڻهن کي چوندو وتي ته توهان سڀ، الله تعالى جي بجاءِ منھنجي عبادت ڪريو حالانڪه اهڙو ماڻهو ته هي ڳالهه چوندو، ته الله تعالى جا سچا ٻانها ٿي وڃو، ڇو ته هي ڪتاب جيڪو اوهان پڙهو ۽ پڙهايو ٿا، اهو ته اها ئي تعليم سيکاري ٿو. |
وَلا يَأمُرَكُم أَن تَتَّخِذُوا المَلٰئِكَةَ وَالنَّبِيّۦنَ أَربابًا أَيَأمُرُكُم بِالكُفرِ بَعدَ إِذ أَنتُم مُسلِمونَ (آيت : 80) |
اهڙو ماڻهو توهان کي ڪڏهن به هي حڪم نه ڏيندو، ته اوهان ملائڪن ۽ نبين کي الله تعالى جي مقابلي ۾ پالڻھار مڃو، ڇا اهو ٿي سگهي ٿو ته نبي جي ذات ٿي ڪري مسلمانن کي ڪفر جو حڪم ڏئي؟(ع) |
وَإِذ أَخَذَ اللَّهُ ميثٰقَ النَّبِيّۦنَ لَما ءاتَيتُكُم مِن كِتٰبٍ وَحِكمَةٍ ثُمَّ جاءَكُم رَسولٌ مُصَدِّقٌ لِما مَعَكُم لَتُؤمِنُنَّ بِهِ وَلَتَنصُرُنَّهُ قالَ ءَأَقرَرتُم وَأَخَذتُم عَلىٰ ذٰلِكُم إِصرى قالوا أَقرَرنا قالَ فَاشهَدوا وَأَنا۠ مَعَكُم مِنَ الشّٰهِدينَ (آيت : 81) |
۽ جڏهن الله تعالى (عالم ارواح ۾) سڀني نبين سڳورن کان هي وعدو ورتو هو ته، “جڏهن به مان توهان کي ڪتاب ۽ حڪمت عطا ڪريان، ان کان پوءِ توهان وٽ ڪو ٻيو رسول، ان ڪتاب جي تصديق ڪندي اچي، ته توهان ان تي ضرور ايمان آڻيندا ۽ ان جي مدد (به) ضرور ڪندا”، ڇا توهان منھنجي طرفان ڏنل وعدي نڀائڻ جي ذميداري کڻڻ جو اقرار ڪريو ٿا؟ انهن سڀني چيو هو ته هائو! اسان سڀئي اهو اقرار ڪرِيون ٿا، پوءِ الله تعالى فرمايو ته شاهد رهجو ۽ مان به توهان سان گڏ شاهدن مان آهيان. |
فَمَن تَوَلّىٰ بَعدَ ذٰلِكَ فَأُولٰئِكَ هُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 82) |
پوءِ جيڪي ان وعدي جي خلاف ورزي ڪندا، بيشڪ اهي ئي گناهگار ٿيندا. |
أَفَغَيرَ دينِ اللَّهِ يَبغونَ وَلَهُ أَسلَمَ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ طَوعًا وَكَرهًا وَإِلَيهِ يُرجَعونَ (آيت : 83) |
ڇا هي ماڻهو الله تعالى جي (پسنديده) دين کان سواءِ ٻيو ڪو دين چاهين ٿا؟ حالانڪه آسمانن ۽ زمين جون سڀ شيون چاهيندي يا نه چاهيندي، ان الله جي حڪم جون ئي فرمانبردار آهن ۽ سڀني کي ان جي طرف ئي موٽي هلڻو آهي. |
قُل ءامَنّا بِاللَّهِ وَما أُنزِلَ عَلَينا وَما أُنزِلَ عَلىٰ إِبرٰهيمَ وَإِسمٰعيلَ وَإِسحٰقَ وَيَعقوبَ وَالأَسباطِ وَما أوتِىَ موسىٰ وَعيسىٰ وَالنَّبِيّونَ مِن رَبِّهِم لا نُفَرِّقُ بَينَ أَحَدٍ مِنهُم وَنَحنُ لَهُ مُسلِمونَ (آيت : 84) |
(اي نبي ﷺ)! توهان چؤ ته اسان الله تعالى تي ايمان آندو، اسان ان تعليم کي مڃون ٿا جيڪي اسان جي مٿان، ابراهيم، اسماعيل، اسحاق ، يعقوب (ؓ) ۽ ان جي اولاد تي ان جي رب جي طرف کان نازل ڪئي وئي هئي، ۽ جيڪا تعليم موسى، عيسى ۽ ٻين نبِين سڳورن کي به ڏني وئي هئي اسان ان کي به مڃون ٿا، اسان انهن مان ڪنھن به هڪ تعليم جي وچ ۾ فرق نٿا ڪريون ۽ اسين صرف ان (الله پاڪ ) جا ئي فرمانبردار آهيون. |
وَمَن يَبتَغِ غَيرَ الإِسلٰمِ دينًا فَلَن يُقبَلَ مِنهُ وَهُوَ فِى الءاخِرَةِ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 85) |
۽ جيڪو ماڻهو دين اسلام کان هٽي ڪري، ٻيو ڪو دين چاهيندو ته سندس اهو دين ڪڏهن به قبول نه ڪيو ويندو ۽ اهڙو ماڻهو آخرت ۾ بدنصيبن ۾ شامل هوندو. |
كَيفَ يَهدِى اللَّهُ قَومًا كَفَروا بَعدَ إيمٰنِهِم وَشَهِدوا أَنَّ الرَّسولَ حَقٌّ وَجاءَهُمُ البَيِّنٰتُ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 86) |
الله تعالى اهڙن ماڻهن کي ڪيئن هدايت بخشيندو، جن ايمان آڻڻ کان پوءِ ڪفر جو رستو اختيار ڪيو؟ حالانڪه هو پھريائين ان ڳالهه جي شاهدي ڏئي چڪا آهن ته بيشڪ رسول برحق آهي ۽ وٽن معجزا به آيا، سو اهڙن ظالمن کي الله تعالى ڪڏهن به هدايت نه بخشيندوآهي. |
أُولٰئِكَ جَزاؤُهُم أَنَّ عَلَيهِم لَعنَةَ اللَّهِ وَالمَلٰئِكَةِ وَالنّاسِ أَجمَعينَ (آيت : 87) |
اهڙن ماڻهن جو بدلو هي آهي ته مٿن بيشڪ الله تعالى، ملائڪن ۽ سڀني ماڻهن جي لعنت پوندي رهي. |
خٰلِدينَ فيها لا يُخَفَّفُ عَنهُمُ العَذابُ وَلا هُم يُنظَرونَ (آيت : 88) |
اهي هميشه ان لعنت واري حالت ۾ رهندا، نه ئي مٿن عذاب هلڪو ڪيو ويندو ۽ نه ئي کين ڪابه مھلت ڏني ويندي. |
إِلَّا الَّذينَ تابوا مِن بَعدِ ذٰلِكَ وَأَصلَحوا فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 89) |
پر اهي ماڻهو جن پنھنجي برن عملن کان توبہ ڪئي ۽ پنھنجو پاڻ کي سڌاريائون، بيشڪ الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا بَعدَ إيمٰنِهِم ثُمَّ ازدادوا كُفرًا لَن تُقبَلَ تَوبَتُهُم وَأُولٰئِكَ هُمُ الضّالّونَ (آيت : 90) |
بيشڪ جن ماڻهن ايمان آڻڻ کان پوءِ ڪفر ڪيو ۽ ان ڪفر ۾ رهندو اڳتي وڌندا رهيا، هاڻي ته انهن جي توبہ به قبول نه ٿيندي اهڙا ماڻهو پڪا گمراهه آهن. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا وَماتوا وَهُم كُفّارٌ فَلَن يُقبَلَ مِن أَحَدِهِم مِلءُ الأَرضِ ذَهَبًا وَلَوِ افتَدىٰ بِهِ أُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ أَليمٌ وَما لَهُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 91) |
بيشڪ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ ڪفر جي حالت ۾ ئي مري ويا، هو قيامت جي ڏينھن جان بچائڻ لاءِ سموري زمين جيترو سون به، فديي ۾ ڏيندا ته به اهو فديو انهن کان هرگز قبول نه ڪيو ويندو، اهڙن ماڻهن لاءِ انتهائي تڪليف ڏيندڙ عذاب آهي ۽ انهن جو ڪير به مددگار نه هوندو. (ع) |
لَن تَنالُوا البِرَّ حَتّىٰ تُنفِقوا مِمّا تُحِبّونَ وَما تُنفِقوا مِن شَيءٍ فَإِنَّ اللَّهَ بِهِ عَليمٌ (آيت : 92) |
توهان نيڪيءَ (جي اصل معيار ) تائين هرگز نٿا پھچي سگهو، جيستائين پنھنجي پسنديده شيءِ الله تعالى جي راهه ۾ خرچ نه ڪريو، توهان جيڪو به الله تعالى جي راهه ۾ خرچ ڪندا بيشڪ الله تعالى ان کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو . |
كُلُّ الطَّعامِ كانَ حِلًّا لِبَنى إِسرٰءيلَ إِلّا ما حَرَّمَ إِسرٰءيلُ عَلىٰ نَفسِهِ مِن قَبلِ أَن تُنَزَّلَ التَّورىٰةُ قُل فَأتوا بِالتَّورىٰةِ فَاتلوها إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 93) |
اسلام ۾ کاڌي پيتي جون سڀ شيون بني اسرائيل لاءِ به حلال هيون، پر ڪجهه شيون اهڙيون هيون جيڪي اسرائيل (يعني حضرت) يعقوب ( ؑ) تورات نازل ٿيڻ کان گهڻو اڳ پاڻ تي حرام ڪري ڇڏيون هيون، (اي نبي ﷺ)! کين چؤ ته (اي بني اسرائيل!) جيڪڏهن توهان سچا آهيو ته پوءِ تورات کڻي اچو ،ان کي پڙهو ۽ اهڙي آيت ڏيکاريو جيڪا انهن شين کي حرام ڪندي هجي. |
فَمَنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ مِن بَعدِ ذٰلِكَ فَأُولٰئِكَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 94) |
ان ڳالهه کان پوءِ به جيڪڏهن ڪير الله تعالى تي ڪوڙ هڻندو رهي، ته اهي ئي پڪا ظالم آهن. |
قُل صَدَقَ اللَّهُ فَاتَّبِعوا مِلَّةَ إِبرٰهيمَ حَنيفًا وَما كانَ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 95) |
(اي نبي ﷺ)! توهان کين چؤ ته الله تعالى سچ فرمايو آهي، توهان سڀ سنوان سڌا ٿي ابراهيم (ؑ) جي طريقي جي پيروي ڪريو، جيڪو توحيد پرست هو ۽ هو ڪڏهن به مشرڪن مان نه هو. |
إِنَّ أَوَّلَ بَيتٍ وُضِعَ لِلنّاسِ لَلَّذى بِبَكَّةَ مُبارَكًا وَهُدًى لِلعٰلَمينَ (آيت : 96) |
بيشڪ ماڻهن جي لاءِ الله تعالى جي عبادت جو پھريون گهر، جيڪو مقرر ڪيو ويو سو مڪي پاڪ ۾ آهي، جيڪا برڪت واري جاءِ ۽ سموري جھان وارن لاءِ هدايت جو مرڪز آهي. |
فيهِ ءايٰتٌ بَيِّنٰتٌ مَقامُ إِبرٰهيمَ وَمَن دَخَلَهُ كانَ ءامِنًا وَلِلَّهِ عَلَى النّاسِ حِجُّ البَيتِ مَنِ استَطاعَ إِلَيهِ سَبيلًا وَمَن كَفَرَ فَإِنَّ اللَّهَ غَنِىٌّ عَنِ العٰلَمينَ (آيت : 97) |
ان گهر ۾ ڪيتريون ئي نشانيون آهن، اتي ابراهيم (ؑ) جي (نماز پڙهڻ لاءِ) بيھڻ واري جاءِ (اڄ تائين موجود) آهي . جيڪو ان گهر ۾ داخل ٿيندو کيس امن نصيب ٿيندو. الله تعالى جو انسانن تي اهو حق آهي، ته جيڪو شخص به ان گهر تائين پھچڻ جي (جسماني ۽ مالي) طاقت رکي، ته هو ضرور هن گهر جو حج ڪري، پر جيڪڏهن ڪير طاقت هوندي به حج ڪرڻ کان انڪار ڪري، ته کيس اهو سمجهڻ کپي ته بيشڪ الله تعالى سڀني جھان وارن کان بي پرواهه آهي. |
قُل يٰأَهلَ الكِتٰبِ لِمَ تَكفُرونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَاللَّهُ شَهيدٌ عَلىٰ ما تَعمَلونَ (آيت : 98) |
(اي نبي ﷺ) چؤ ته اي اهل ڪتاب! توهان الله تعالى جي آيتن جو ڇو ٿا انڪار ڪريو؟ حالانڪه اوهان جو هر عمل الله تعالى جي نظر ۾ آهي. |
قُل يٰأَهلَ الكِتٰبِ لِمَ تَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ مَن ءامَنَ تَبغونَها عِوَجًا وَأَنتُم شُهَداءُ وَمَا اللَّهُ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 99) |
(اي نبي ﷺ)! چؤ ته اي اهل ڪتاب! توهان ايمان واري کي الله تعالى جي راهه کان ڇو ٿا روڪيو؟ اوهان چاهيو ٿا ته هي ايمان وارو غلط راهه تي هلي، حالانڪه توهان پاڻ شاهد آهيو ته اهو ماڻهو سچو آهي. اوهان جي انهن حرڪتن کان الله تعالى غافل نه آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِن تُطيعوا فَريقًا مِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ يَرُدّوكُم بَعدَ إيمٰنِكُم كٰفِرينَ (آيت : 100) |
اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن توهان اهل ڪتاب جي ڪنھن به هڪ ٽولي جي ڳالهه مڃي ورتي، ته هو توهان کي ايمان مان ڪڍي، واپس ڪفر واري رستي ڏانھن وٺي ويندا. |
وَكَيفَ تَكفُرونَ وَأَنتُم تُتلىٰ عَلَيكُم ءايٰتُ اللَّهِ وَفيكُم رَسولُهُ وَمَن يَعتَصِم بِاللَّهِ فَقَد هُدِىَ إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 101) |
پر توهان ڪفر واري رستي ڏانهن ڪيئن ويندا اوهان کي ته الله تعالى جون آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ۽ الله تعالى جو رسول خود توهان ۾ موجود آهي؟ اوهان مان جيڪو الله تعالى تي پڪو ايمان رکندو ته ان کي ڄڻ سڌي رستي جيِ هدايت نصيب ٿي وئي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ حَقَّ تُقاتِهِ وَلا تَموتُنَّ إِلّا وَأَنتُم مُسلِمونَ (آيت : 102) |
اي ايمان وارؤ! الله تعالى کان ڊڄو جيئن ان کان ڊڄڻ جو حق آهي ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين الله تعالى جي فرمانبرداريءَ ۾ ئي رهجو. |
وَاعتَصِموا بِحَبلِ اللَّهِ جَميعًا وَلا تَفَرَّقوا وَاذكُروا نِعمَتَ اللَّهِ عَلَيكُم إِذ كُنتُم أَعداءً فَأَلَّفَ بَينَ قُلوبِكُم فَأَصبَحتُم بِنِعمَتِهِ إِخوٰنًا وَكُنتُم عَلىٰ شَفا حُفرَةٍ مِنَ النّارِ فَأَنقَذَكُم مِنها كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُم ءايٰتِهِ لَعَلَّكُم تَهتَدونَ (آيت : 103) |
توهان سڀ گڏجي الله تعالى جي رسي (يعني دين اسلام) کي مضبوطيءَ سان پڪڙيو ۽ پاڻ ۾ ٽولا ٽولا نه ٿيو ۽ (اختلاف پيدا نه ڪريو) الله تعالى جي ان نعمت کي به ياد ڪريو، جڏهن توهان هڪ ٻئي جا دشمن هئا، هن توهان جي دلين ۾ هڪ ٻئي لاءِ محبت ويھاري، پوءِ ان جي مھربانيءَ سان ئي اوهان ڦري ڀائر ٿي ويا. توهان ته دشمنيءَ جي ڪري باهه جي کڏ تي پهچي چڪا هئا، هن اوهان کي اسلام ذريعي ان کڏ ۾ ڪرڻ کان بچايو، الله تعالى اهڙي طريقي سان توهان لاءِ پنهنجون نشانيون بيان ڪري ٿو، ته جيئن اوهان هدايت واري رستي تي اچي وڃو. |
وَلتَكُن مِنكُم أُمَّةٌ يَدعونَ إِلَى الخَيرِ وَيَأمُرونَ بِالمَعروفِ وَيَنهَونَ عَنِ المُنكَرِ وَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 104) |
توهان مان هڪ جماعت اهڙي هجڻ گهرجي، جيڪا نيڪيءَ ڏانھن سڏي، ڀلائيءَ جي ڪمن جو حڪم ڏئي ۽ برائيءَ جي ڪمن کان روڪي، اها ئي ڪامياب جماعت آهي. |
وَلا تَكونوا كَالَّذينَ تَفَرَّقوا وَاختَلَفوا مِن بَعدِ ما جاءَهُمُ البَيِّنٰتُ وَأُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 105) |
توهان انهن ماڻهن وانگر نه ٿجو، جيڪي واضح هدايت اچڻ کان پوءِ به پاڻ ۾ا ختلاف ڪري فرقن ۾ ورهائجي ويا، اهڙن ماڻهن لاءِ وڏو عذاب تيار آهي. |
يَومَ تَبيَضُّ وُجوهٌ وَتَسوَدُّ وُجوهٌ فَأَمَّا الَّذينَ اسوَدَّت وُجوهُهُم أَكَفَرتُم بَعدَ إيمٰنِكُم فَذوقُوا العَذابَ بِما كُنتُم تَكفُرونَ (آيت : 106) |
قيامت واري ڏينھن ڪي منھن ٻھڪندڙ هوندا ۽ ڪي منھن (پريشانيءَ ۾) ڪاراٽيل هوندا، پوءِ جن جا منھن ڪاراٽيل هوندا تن کي چيو ويندو، ته ايمان آڻڻ کان پوءِ به توهان ڪفر ڪيو هوسو هاڻي ان ڪفر جي بدلي ۾ (جھنم جي) عذاب جو مزو چکو. |
وَأَمَّا الَّذينَ ابيَضَّت وُجوهُهُم فَفى رَحمَةِ اللَّهِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 107) |
۽ جن جا منھن ٻھڪندڙ هوندا، سي الله تعالى جي رحمت ۾ هوندا، هو ان ۾ هميشه رهندا. |
تِلكَ ءايٰتُ اللَّهِ نَتلوها عَلَيكَ بِالحَقِّ وَمَا اللَّهُ يُريدُ ظُلمًا لِلعٰلَمينَ (آيت : 108) |
(اي نبي ﷺ)! هي الله تعالى جون آيتون آهن، جيڪي اسان توکي ٺيڪ ٺيڪ پڙهي ٻڌايون ٿا ۽ الله تعالى ڪڏهن به جھان وارن تي ظلم ڪرڻ نه چاهيندو آهي. |
وَلِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَإِلَى اللَّهِ تُرجَعُ الأُمورُ (آيت : 109) |
آسمانن ۽ زمين ۾ جو ڪجهه آهي، سو سڀ الله تعالى جو ئي آهي ۽ آخرڪار سڀئي معاملا الله تعالى ڏانھن ئي موٽايا ويندا. |
كُنتُم خَيرَ أُمَّةٍ أُخرِجَت لِلنّاسِ تَأمُرونَ بِالمَعروفِ وَتَنهَونَ عَنِ المُنكَرِ وَتُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَلَو ءامَنَ أَهلُ الكِتٰبِ لَكانَ خَيرًا لَهُم مِنهُمُ المُؤمِنونَ وَأَكثَرُهُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 110) |
اي ايمان وارؤ! توهان بھترين امت آهيو، جنھن کي ماڻهن جي سڌاري لاءِ چونڊي اڳتي آندو ويو آهي، اوهان نيڪي ڪرڻ جو حڪم ڪريو ٿا، برن ڪمن کان روڪيو ٿا ۽ الله تعالى تي پڪو ايمان رکو ٿا. اهل ڪتاب جيڪڏهن ايمان آڻين ها ته اهو سندن لاءِ ئي بھتر هو، انهن مان ڪجهه ماڻهو ايمان وارا آهن جڏهن ته اڪثر ماڻهو نافرمان آهن. |
لَن يَضُرّوكُم إِلّا أَذًى وَإِن يُقٰتِلوكُم يُوَلّوكُمُ الأَدبارَ ثُمَّ لا يُنصَرونَ (آيت : 111) |
اهي توهان کي ڪڏهن به نقصان نٿا پھچائي سگهن، (رڳو شرارتن ذريعي ) ڪجهه وقت لاءِ ستائي سگهن ٿا، پر جيڪڏهن اوهان سان وڙهڻ ايندا ته پٺي ڏئي پويان پير ڪندا، پوءِ انهن جي مدد ڪير به نه ڪري سگهندو. |
ضُرِبَت عَلَيهِمُ الذِّلَّةُ أَينَ ما ثُقِفوا إِلّا بِحَبلٍ مِنَ اللَّهِ وَحَبلٍ مِنَ النّاسِ وَباءو بِغَضَبٍ مِنَ اللَّهِ وَضُرِبَت عَلَيهِمُ المَسكَنَةُ ذٰلِكَ بِأَنَّهُم كانوا يَكفُرونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَيَقتُلونَ الأَنبِياءَ بِغَيرِ حَقٍّ ذٰلِكَ بِما عَصَوا وَكانوا يَعتَدونَ (آيت : 112) |
هي (يھودي) دنيا جي ڌرتيءَ تي، الله تعالى جي مھربانيءَ ۽ ماڻهن جي ڏنل پناهه کان سواءِ جتي به رهندا ته، مٿن ذلت جي ڦٽڪار پوندي رهندي، ڇو ته هي الله تعالى جي ڏمر هيٺ اچي ويا آهن ۽ انهن جي مٿان محتاجي لکجي چڪي آهي، انهن سان اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿي رهيو آهي، جو هو الله تعالى جي آيتن جو هميشه انڪار ڪندا رهيا ۽ نبين سڳورن کي ناحق قتل ڪندا رهيا. اهو حشر سندين نافرمانين جي ڪري ٿيو آهي، درحقيقت هو حد کان ٽپي ويا هئا. |
لَيسوا سَواءً مِن أَهلِ الكِتٰبِ أُمَّةٌ قائِمَةٌ يَتلونَ ءايٰتِ اللَّهِ ءاناءَ الَّيلِ وَهُم يَسجُدونَ (آيت : 113) |
اهل ڪتاب وري سڀ هڪجھڙا به نه آهن، انهن مان ڪجهه اهڙا به آهن جيڪي حق تي قائم آهن ۽ رات جو اٿي الله تعالى جي آيتن جي تلاوت ڪندڙ ۽ الله تعالى جي اڳيان سجدن ۾ ڪريل هوندا آهن. |
يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَيَأمُرونَ بِالمَعروفِ وَيَنهَونَ عَنِ المُنكَرِ وَيُسٰرِعونَ فِى الخَيرٰتِ وَأُولٰئِكَ مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 114) |
هي الله تعالى ۽ قيامت واري ڏينهن تي پڪو ايمان آڻيندا آهن، نيڪيءَجوحڪم ڪندا آهن، برائيءَ کان روڪيندا آهن ۽ ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ اڳتي اڳتي هوندا آهن، (انهن يھودين مان) هي نيڪ ۽ صالح ماڻهو آهن. |
وَما يَفعَلوا مِن خَيرٍ فَلَن يُكفَروهُ وَاللَّهُ عَليمٌ بِالمُتَّقينَ (آيت : 115) |
هي جيڪي به نيڪيءَ جا ڪم ڪندا، تن جي بي قدري نه ڪئي ويندي، الله تعالى پرهيزگار ماڻهن کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا لَن تُغنِىَ عَنهُم أَموٰلُهُم وَلا أَولٰدُهُم مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا وَأُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 116) |
بيشڪ جن ماڻهن ڪفر وارو رستو اختيار ڪيو ته انهن جو مال ۽ اولاد الله تعالى جي عذاب کان ڪڏهن به کين بچائي نٿو سگهي، هي جھنمي آهن هميشه ان ۾ رهندا. |
مَثَلُ ما يُنفِقونَ فى هٰذِهِ الحَيوٰةِ الدُّنيا كَمَثَلِ ريحٍ فيها صِرٌّ أَصابَت حَرثَ قَومٍ ظَلَموا أَنفُسَهُم فَأَهلَكَتهُ وَما ظَلَمَهُمُ اللَّهُ وَلٰكِن أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 117) |
هي ماڻهو دنيا جي زندگيءَ ۾ جيڪو به خرچ ڪن ٿا، ان جو مثال سخت سرديءَ ۾ پاري واري تيز هوا وانگر آهي، جڏهن اها هوا ظلم ڪندڙن جي فصل مٿان هلي، ته سموري فصل کي ساڙي ناس ڪري ڇڏيائين، الله تعالى مٿن ظلم نٿو ڪري، بلڪ هو پنھنجو پاڻ تي ظلم ڪري رهيا آهن. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّخِذوا بِطانَةً مِن دونِكُم لا يَألونَكُم خَبالًا وَدّوا ما عَنِتُّم قَد بَدَتِ البَغضاءُ مِن أَفوٰهِهِم وَما تُخفى صُدورُهُم أَكبَرُ قَد بَيَّنّا لَكُمُ الءايٰتِ إِن كُنتُم تَعقِلونَ (آيت : 118) |
اي ايمان وارؤ! توهان پنھنجي مؤمن ڀائرن کان سواءِ، ٻئي ڪنھن کي به پنھنجو گهاٽو دوست نه بڻايو، توهان جي ڪمزوريءَ مان هو ناجائز فائدو وٺڻ جي ڪوشش ۾ لڳل هوندا آهن ۽ اوهان کي پهتل نقصان تي خوش ٿيندا آهن. انهن جي دلين جو ساڙ سندن چهرن تي صاف ظاهر آهي ۽ وري جيڪو ساڙ دلين ۾ لِڪائي ويٺا آهن، اهو ته ان کان به وڌيڪ (خطرناڪ) آهي، اسان توهان کي انهن جا پار پتا کولي سمجهائي ڇڏيا آهن، هاڻي انهن کان بچڻ عقل وارن جو ئي ڪم آهي. |
هٰأَنتُم أُولاءِ تُحِبّونَهُم وَلا يُحِبّونَكُم وَتُؤمِنونَ بِالكِتٰبِ كُلِّهِ وَإِذا لَقوكُم قالوا ءامَنّا وَإِذا خَلَوا عَضّوا عَلَيكُمُ الأَنامِلَ مِنَ الغَيظِ قُل موتوا بِغَيظِكُم إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 119) |
ڇا توهان اهي آهيو جو اهڙن ماڻهن سان محبت رکو ٿا، جن کي توهان سان ڪا به محبت نه آهي، حالانڪه توهان سڀني آسماني ڪتابن کي مڃيو ٿا، جيڪڏهن هي توهان سان ملندا ته چوندا، ته اسان به توهان جي رسول ۽ قرآن تي ايمان آندو آهي، پر جڏهن اوهان کان ڌار ٿي وڃن ٿا ته توهان جي مٿان ڪاوڙ ۾ پنھنجي آڱرينِ کي چڪ پائين ٿا. (اي نبي ﷺ) کين چؤ ته توهان پنھنجي ڪاوڙ ۾ئي وڃي ٻڏي مرو، بيشڪ الله تعالى (توهان جي) دلين جي رازن کان خوب واقف آهي. |
إِن تَمسَسكُم حَسَنَةٌ تَسُؤهُم وَإِن تُصِبكُم سَيِّئَةٌ يَفرَحوا بِها وَإِن تَصبِروا وَتَتَّقوا لا يَضُرُّكُم كَيدُهُم شَيـًٔا إِنَّ اللَّهَ بِما يَعمَلونَ مُحيطٌ (آيت : 120) |
جيڪڏهن توهان کي ڪا ڀلائي نصيب ٿئي ٿي، ته کين اها بري لڳي ٿي ۽ جيڪڏهن اوهان کي ڪا تڪليف پھچي ٿي، ته ان تي هو وڏا خوش ٿين ٿا، اي مؤمنو! جيڪڏهن توهان صبر ۽ پرهيزگاريءَ وارو رستو اختيار ڪندا، ته سندن ڪا به سازش اوهان کي ڪنھن به قسم جو نقصان نٿي پهچائي سگهي، بيشڪ انهن جو هر عمل الله تعالى جي گهيري ۾ آهي. |
وَإِذ غَدَوتَ مِن أَهلِكَ تُبَوِّئُ المُؤمِنينَ مَقٰعِدَ لِلقِتالِ وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 121) |
(اي نبي ﷺ اهو ڏينهن به ياد ڪريو) جڏهن توهان صبح جو سوير پنھنجي گهر(يعني مديني) مان نڪري، احد جي ميدان ۾ مؤمنن کي جنگ لاءِ مختلف جڳھن تي مقرر ڪرڻ لاءِ ترتيب ڏيئي رهيا هئا، بيشڪ الله تعالى سڀ ڪجهه ٻڌي ٿو ۽ هر شيءِ کان خوب واقف آهي. |
إِذ هَمَّت طائِفَتانِ مِنكُم أَن تَفشَلا وَاللَّهُ وَلِيُّهُما وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 122) |
(اهو به ذهن ۾ رکو) جڏهن توهان سان شامل ٻن ٽولن (بنو سلمه ۽ بنو حارثه) بزدلي ڏيکارڻ جو ارادو ڪيو هو، حالانڪه الله تعالى انهن ٻنهي جو به مددگار هو ۽ مؤمنن کي ته الله تعالى تي ئي ڀروسو رکڻ کپي. |
وَلَقَد نَصَرَكُمُ اللَّهُ بِبَدرٍ وَأَنتُم أَذِلَّةٌ فَاتَّقُوا اللَّهَ لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 123) |
الله تعالى ته توهان جي هن کان اڳ بدر جي ميدان ۾ مدد ڪري چڪو هو، اوهان ان وقت بلڪل ڪمزور هئا، سو الله تعالى کان ئي ڊڄندا رهو ته جيئن توهان جي اندر شڪرگذاري پيدا ٿئي. |
إِذ تَقولُ لِلمُؤمِنينَ أَلَن يَكفِيَكُم أَن يُمِدَّكُم رَبُّكُم بِثَلٰثَةِ ءالٰفٍ مِنَ المَلٰئِكَةِ مُنزَلينَ (آيت : 124) |
(اي نبي ﷺ) جڏهن توهان مؤمنن کي (سندن حوصلو وڌائڻ لاءِ) چئي رهيا هئا ته ڇا توهان جي لاءِ اهو ڪافي نه آهي، ته الله تعالى (ميدان جنگ ۾) ٽي هزار ملائڪ لاهي، اوهان جي مدد ڪري؟ |
بَلىٰ إِن تَصبِروا وَتَتَّقوا وَيَأتوكُم مِن فَورِهِم هٰذا يُمدِدكُم رَبُّكُم بِخَمسَةِ ءالٰفٍ مِنَ المَلٰئِكَةِ مُسَوِّمينَ (آيت : 125) |
يقيناً، جيڪڏهن توهان صبر ۽ پرهيزگاري اختيار ڪندا، ته اوهان جو پالڻھار دشمن جي اوچتو حملي ڪرڻ وقت، (ٽي هزار نه، پر) پنج هزار مخصوص ڪيل ملائڪن جي ذريعي توهان جي مدد ڪندو. |
وَما جَعَلَهُ اللَّهُ إِلّا بُشرىٰ لَكُم وَلِتَطمَئِنَّ قُلوبُكُم بِهِ وَمَا النَّصرُ إِلّا مِن عِندِ اللَّهِ العَزيزِ الحَكيمِ (آيت : 126) |
الله تعالى ( اها ڳالهه وقت کان اڳي) ان ڪري ٻڌائي ڇڏي، ته جيئن توهان خوش به ٿي وڃو ۽ ان خوشخبريءَ سان اوهان جون دليون مطمئن به ٿي وڃن. ( ياد رکو ته) مدد الله تعالى جي طرف کان ئي هوندي آهي، جيڪو زبردست حڪمت وارو آهي. |
لِيَقطَعَ طَرَفًا مِنَ الَّذينَ كَفَروا أَو يَكبِتَهُم فَيَنقَلِبوا خائِبينَ (آيت : 127) |
(۽ اها مدد توهان کي ان ڪري ڏني ويندي) ته جيئن ڪافرن جي طاقت جو هڪ حصو ختم ٿي وڃي، يا انهن کي اهڙي ذليل شڪست ڏئي جو، ھو بغير مقصد حاصل ڪرڻ جي واپس هليا وڃن. |
لَيسَ لَكَ مِنَ الأَمرِ شَيءٌ أَو يَتوبَ عَلَيهِم أَو يُعَذِّبَهُم فَإِنَّهُم ظٰلِمونَ (آيت : 128) |
(اي نبي ﷺ) فيصلن ڪرڻ جو اختيار توهان کي نه پر الله تعالى کي آهي، هو چاهي ته ڪافرن کي معاف ڪري ۽ چاهي ته کين عذاب ڪري ڇو ته هو ظالم آهن. |
وَلِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ يَغفِرُ لِمَن يَشاءُ وَيُعَذِّبُ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 129) |
آسمانن ۽ زمين جون سڀ شيون الله تعالى جون آهن، هو جنھن کي چاهي معاف ڪري ۽ جنھن کي چاهي عذاب ڏي، الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَأكُلُوا الرِّبوٰا۟ أَضعٰفًا مُضٰعَفَةً وَاتَّقُوا اللَّهَ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 130) |
اي ايمان وارؤ! توهان وياج ۽ وياج مٿان وياج نه کائو ۽ الله تعالى کان ڊڄو ته جيئن توهان ڪامياب ٿي وڃو. |
وَاتَّقُوا النّارَ الَّتى أُعِدَّت لِلكٰفِرينَ (آيت : 131) |
۽ ڊڄو ان باهه کان (يعني پنھنجو پاڻ کي ان باهه کان بچايو) جيڪا (خاص) ڪافرن لاءِ تيار ڪيل آهي. |
وَأَطيعُوا اللَّهَ وَالرَّسولَ لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 132) |
الله تعالى ۽ (سندس) رسول (ﷺ) جي فرمانبرداري ڪريو، ته جيئن توهان جي مٿان رحم ڪيو وڃي. |
وَسارِعوا إِلىٰ مَغفِرَةٍ مِن رَبِّكُم وَجَنَّةٍ عَرضُهَا السَّمٰوٰتُ وَالأَرضُ أُعِدَّت لِلمُتَّقينَ (آيت : 133) |
پنھنجي پالڻھار جي بخشش ۽ جنت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳي وڃو، جنھن جي ويڪر آسمانن ۽ زمين جي برابر آهي، اها جنت خاص ڪري پرهيزگارن لاءِ تيار ڪيل آهي. |
الَّذينَ يُنفِقونَ فِى السَّرّاءِ وَالضَّرّاءِ وَالكٰظِمينَ الغَيظَ وَالعافينَ عَنِ النّاسِ وَاللَّهُ يُحِبُّ المُحسِنينَ (آيت : 134) |
جيڪي هوند يا اڻ هوند ۾ به الله تعالى جي راهه ۾ خرچ ڪندا رهن ٿا، (پنهنجي) ڪاوڙ کي پي ويندا آهن ۽ ماڻهن جا قصور معاف ڪندا آهن، الله تعالى کي اهڙا ئي نيڪ ماڻهو پسند آهن. |
وَالَّذينَ إِذا فَعَلوا فٰحِشَةً أَو ظَلَموا أَنفُسَهُم ذَكَرُوا اللَّهَ فَاستَغفَروا لِذُنوبِهِم وَمَن يَغفِرُ الذُّنوبَ إِلَّا اللَّهُ وَلَم يُصِرّوا عَلىٰ ما فَعَلوا وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 135) |
۽ انهن نيڪ ماڻهن کان جڏهن به ڪو ڪسو ڪم ٿي ويندو آهي، يا پاڻ تي ڪو ظلم ڪري ويھندا آهن، ته هڪدم الله تعالى کي ياد ڪندا آهن ۽ پنھنجي گناهن جي معافي گهرندا آهن، الله تعالى کان سواءِ ٻيو ڪير آهي، جو ڪنھن جي گناهن کي معاف ڪري؟ جيڪو گناهه انهن کان ٿي چڪو آهي، ته پوءِ هو وري ڄاڻي واڻي ٻيهر ان جي ويجهو به نه ويندا آهن. |
أُولٰئِكَ جَزاؤُهُم مَغفِرَةٌ مِن رَبِّهِم وَجَنّٰتٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَنِعمَ أَجرُ العٰمِلينَ (آيت : 136) |
پنھنجي پالڻھار طرفان اهڙن ماڻهن لاءِ بخشش جي صورت ۾ بدلو آهي ۽ کين اهڙن باغن ۾ داخل ڪيو ويندو، جنھن جي هيٺان (مختلف قسمن جون) نھرون وهنديون، هو ان ۾ هميشه رهندا، نيڪ ڪم ڪرڻ وارن لاءِ ڪھڙو نه بھترين بدلو آهي. |
قَد خَلَت مِن قَبلِكُم سُنَنٌ فَسيروا فِى الأَرضِ فَانظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُكَذِّبينَ (آيت : 137) |
توهان کان اڳ ڪيترين ئي قومن جا انجام ظاهر ٿي چڪا آهن پوءِ اوهان زمين ۾ گهمي ڦري ڏسو، ته الله تعالى جي حڪمن کي ڪوڙو ڪندڙن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟ |
هٰذا بَيانٌ لِلنّاسِ وَهُدًى وَمَوعِظَةٌ لِلمُتَّقينَ (آيت : 138) |
هي (ڪتاب) ماڻهن لاءِ صاف ۽ چِٽي تنبِيھه آهي ۽ ان ۾ ئي پرهيزگارن لاءِ هدايت ۽ نصيحت آهي. |
وَلا تَهِنوا وَلا تَحزَنوا وَأَنتُمُ الأَعلَونَ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 139) |
توهان نه سست ٿيو ۽ نه پريشان ٿيو، مؤمن آهيو ته توهان ئي غالب ٿيندا. |
إِن يَمسَسكُم قَرحٌ فَقَد مَسَّ القَومَ قَرحٌ مِثلُهُ وَتِلكَ الأَيّامُ نُداوِلُها بَينَ النّاسِ وَلِيَعلَمَ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا وَيَتَّخِذَ مِنكُم شُهَداءَ وَاللَّهُ لا يُحِبُّ الظّٰلِمينَ (آيت : 140) |
(احد جي جنگ ۾) جيڪڏهن توهان کي ٿوري گهڻي تڪليف اچي وئي، ته ان کان پھريائين (بدر جي جنگ ۾) ڪافرن کي به وڏي تڪليف اچي چڪي آهي. هي زماني جا لاها چاڙها آهن، جيڪي اسان هڪڙن ماڻهن کان ٻين ڏانھن ڦيرائيندا رهون ٿا، توهان تي هي وقت ان ڪري آيو آهي، ته جيئن الله تعالى ظاهر ڪري ته توهان مان پڪا مؤمن ڪير آهن؟ ۽ تن کي چونڊي الڳ ڪري ۽ اوهان مان ڪِن کي شھادت جو درجو عطا ڪري، الله تعالى ظالمن کي پسند ئي نه ڪندو آهي. |
وَلِيُمَحِّصَ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا وَيَمحَقَ الكٰفِرينَ (آيت : 141) |
(هي واقعو ان ڪري به ٿيو آهي) ته جيئن الله تعالى مؤمنن کي (گناهن کان) پاڪ ڪري ۽ ڪافرن کي برباد ڪري. |
أَم حَسِبتُم أَن تَدخُلُوا الجَنَّةَ وَلَمّا يَعلَمِ اللَّهُ الَّذينَ جٰهَدوا مِنكُم وَيَعلَمَ الصّٰبِرينَ (آيت : 142) |
اي مؤمنو! ڇا توهان اهو سمجهي ڇڏيو آهي ته اوهان جنت ۾ ايئن ئي داخل ٿيندا، حالانڪه الله تعالى اڃا ظاهر ئي نه ڪيو آهي، ته ڪير ان جي راهه ۾ جانيون قربان ڪندڙ ۽ ثابت قدم رهڻ وارا آهن؟ |
وَلَقَد كُنتُم تَمَنَّونَ المَوتَ مِن قَبلِ أَن تَلقَوهُ فَقَد رَأَيتُموهُ وَأَنتُم تَنظُرونَ (آيت : 143) |
توهان ته ان وقت (الله تعاليٰ جي راه ۾) موت جي تمنا ڪري رهيا هئا، جڏهن ته موت کي سامھون ڏٺو ئي ڪونه هو، هاڻي موت توهان جي سامھون آيو آهي، (جنھن کي) اوهان پنھنجي اکين سان ڏسي رهيا آهيو (سو اڳتي وڌو ۽ ڪافرن سان مقابلو ڪريو). |
وَما مُحَمَّدٌ إِلّا رَسولٌ قَد خَلَت مِن قَبلِهِ الرُّسُلُ أَفَإِي۟ن ماتَ أَو قُتِلَ انقَلَبتُم عَلىٰ أَعقٰبِكُم وَمَن يَنقَلِب عَلىٰ عَقِبَيهِ فَلَن يَضُرَّ اللَّهَ شَيـًٔا وَسَيَجزِى اللَّهُ الشّٰكِرينَ (آيت : 144) |
محمد (ﷺ) ته الله تعالى جو هڪ رسول ئي آهي، ان کان اڳ ٻيا به رسول ٿي گذريا آهن، پوءِ جيڪڏهن هو گذاري وڃي يا شھيد ٿي وڃي ته ڇا توهان پوئتي پير ڪندا؟ ياد رکو!جيڪو الٽو ڦري ويندو ته اهو الله تعالى کي ڪو به نقصان نٿو پھچائي سگهي، باقي الله تعالى عنقريب شڪر ادا ڪندڙن کي (بھترين) اجر ڏيندو. |
وَما كانَ لِنَفسٍ أَن تَموتَ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ كِتٰبًا مُؤَجَّلًا وَمَن يُرِد ثَوابَ الدُّنيا نُؤتِهِ مِنها وَمَن يُرِد ثَوابَ الءاخِرَةِ نُؤتِهِ مِنها وَسَنَجزِى الشّٰكِرينَ (آيت : 145) |
ڪوبه ساهوارو الله تعالى جي حڪم کان سواءِ نٿو مري سگهي، سڀني جو هڪ مقرر وقت لکيل آهي، جيڪو ماڻهو دنيا ۾ ئي ثواب حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندو، ته ان کي اسان دنيا ۾ ئي اجر ڏينداسين ۽ جيڪو آخرت جي ثواب حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندو، ته ان کي آخرت ۾ ئي اجر ڏينداسين، شڪر ادا ڪندڙن کي ته اسين سگهو ئي اجر عطا ڪنداسين. |
وَكَأَيِّن مِن نَبِىٍّ قٰتَلَ مَعَهُ رِبِّيّونَ كَثيرٌ فَما وَهَنوا لِما أَصابَهُم فى سَبيلِ اللَّهِ وَما ضَعُفوا وَمَا استَكانوا وَاللَّهُ يُحِبُّ الصّٰبِرينَ (آيت : 146) |
ڪيترا ئي اهڙا نبي سڳورا ٿي گذريا آهن، جن سان گڏ ملي ڪري الله تعالى جي نيڪ ٻانهن جنگ وڙهي، الله تعالى جي راهه ۾ انهن تي جيڪي مصيبتون يا تڪليفون آيون، انهن ڪڏهن به حوصلو نه هاريو، نه ئي هيڻائي ڏيکاري ۽ نه ئي باطل جي اڳيان جهڪيا، الله تعالى اهڙن ئي ثابت قدم رهڻ وارن کي پسند ڪندو آهي. |
وَما كانَ قَولَهُم إِلّا أَن قالوا رَبَّنَا اغفِر لَنا ذُنوبَنا وَإِسرافَنا فى أَمرِنا وَثَبِّت أَقدامَنا وَانصُرنا عَلَى القَومِ الكٰفِرينَ (آيت : 147) |
اهڙن نيڪ ٻانهن جي هي دعا هوندي آهي ته ”اي اسان جا پالڻھار! اسان جي غلطين ۽ ڪوتاهين کي درگذر فرماءِ، اسان جي عمل ۾ ٿيل زيادتين کي معاف فرماءِ، اسان کي حق تي ثابت قدم رک ۽ ڪافرن جي مقابلي ۾ اسان جي مدد فرماءِ. |
فَـٔاتىٰهُمُ اللَّهُ ثَوابَ الدُّنيا وَحُسنَ ثَوابِ الءاخِرَةِ وَاللَّهُ يُحِبُّ المُحسِنينَ (آيت : 148) |
پوءِ آخر ڪار الله تعالى اهڙن ماڻهن کي دنيا جو ثواب به ڏنو ۽ آخرت ۾ ان کان به وڌيڪ بھتر ثواب عطا ڪندو. الله تعالى ته نيڪ ماڻهن کي ئي پسند ڪندو آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِن تُطيعُوا الَّذينَ كَفَروا يَرُدّوكُم عَلىٰ أَعقٰبِكُم فَتَنقَلِبوا خٰسِرينَ (آيت : 149) |
اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن توهان ڪافرن جي چوڻ تي هلندا، ته هو اوهان کي حق جي راهه کان موڙي ويندا پوءِ توهان ڦري وڏي نقصان وارا ٿي ويندا. |
بَلِ اللَّهُ مَولىٰكُم وَهُوَ خَيرُ النّٰصِرينَ (آيت : 150) |
الله تعالى ئي توهان جو حامي آهي جيڪو توهان جو بھترين مددگار آهي. |
سَنُلقى فى قُلوبِ الَّذينَ كَفَرُوا الرُّعبَ بِما أَشرَكوا بِاللَّهِ ما لَم يُنَزِّل بِهِ سُلطٰنًا وَمَأوىٰهُمُ النّارُ وَبِئسَ مَثوَى الظّٰلِمينَ (آيت : 151) |
اسان سگهو ئي ڪافرن جي دلين ۾ رعب ويھارينداسين، ڇاڪاڻ جو انهن الله تعالى سان بغير ڪنھن دليل جي شرڪ ڪيو آهي، انهن جي جاءِ جھنم آهي ۽ ظالمن جي لاءِ اها بري جاءِ آهي. |
وَلَقَد صَدَقَكُمُ اللَّهُ وَعدَهُ إِذ تَحُسّونَهُم بِإِذنِهِ حَتّىٰ إِذا فَشِلتُم وَتَنٰزَعتُم فِى الأَمرِ وَعَصَيتُم مِن بَعدِ ما أَرىٰكُم ما تُحِبّونَ مِنكُم مَن يُريدُ الدُّنيا وَمِنكُم مَن يُريدُ الءاخِرَةَ ثُمَّ صَرَفَكُم عَنهُم لِيَبتَلِيَكُم وَلَقَد عَفا عَنكُم وَاللَّهُ ذو فَضلٍ عَلَى المُؤمِنينَ (آيت : 152) |
الله تعالى توهان سان (جنگ احد ۾) پنهنجو وعدو پورو ڪري ڏيکاريو، جڏهن اوهان ان جي حڪم سان ڪافرن کي قتل ڪري رهيا هئا، ايستائين جو توهان همت هاري ڏنل حڪم ۾ اختلاف ڪري ويٺا، الله تعالى اوهان کي اها شيءِ ڏيکاري هئي جنھن جي محبت توهان جي دلين ۾ موجود هئي، پوءِ توهان مان ڪن ماڻهن جي دنيا حاصل ڪرڻ جي خواهش هئي ۽ وري ڪن ماڻهن جي تمنا آخرت حاصل ڪرڻ جي هئي. پوءِ الله تعالى توهان جي حالت کي ڦيرائي ڇڏيو (يعني شڪست ڏني) ته جيئن اوهان جي آزمائش ڪري، پوءِ الله تعالى توهان کي معاف به ڪري ڇڏيو، ڇو ته الله تعالى مؤمنن تي وڏي مھربَاني ڪندو آهي. |
إِذ تُصعِدونَ وَلا تَلوۥنَ عَلىٰ أَحَدٍ وَالرَّسولُ يَدعوكُم فى أُخرىٰكُم فَأَثٰبَكُم غَمًّا بِغَمٍّ لِكَيلا تَحزَنوا عَلىٰ ما فاتَكُم وَلا ما أَصٰبَكُم وَاللَّهُ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 153) |
(اهي لمحا به ياد ڪريو) جڏهن اوهان ڀڄي جبل تي چڙهو پيا ۽ ڪنھن هڪ ڏي به پوئتي نه پيا ڏسو (ته هي ڇا ٿي رهيو آهي؟) ۽ رسول (ﷺ) توهان کي پويان سڏي رهيو هو، پوءِ الله تعالى اوهان کي هن روش جو اهڙو بدلو ڏنو، جو توهان جي اندر ڳڻتين مٿان ڳڻتيون پيدا ڪري ڇڏيائين، ته جيئن آئندهه اوهان ڪنھن به شيءِ جي وڃڻ ۽ ڪنھن مصيبت جي اچڻ تي پريشان نه ٿيو، توهان جيڪو به ڪم ڪريو ٿا الله تعالى ان کي خوب ڄاڻي ٿو. |
ثُمَّ أَنزَلَ عَلَيكُم مِن بَعدِ الغَمِّ أَمَنَةً نُعاسًا يَغشىٰ طائِفَةً مِنكُم وَطائِفَةٌ قَد أَهَمَّتهُم أَنفُسُهُم يَظُنّونَ بِاللَّهِ غَيرَ الحَقِّ ظَنَّ الجٰهِلِيَّةِ يَقولونَ هَل لَنا مِنَ الأَمرِ مِن شَيءٍ قُل إِنَّ الأَمرَ كُلَّهُ لِلَّهِ يُخفونَ فى أَنفُسِهِم ما لا يُبدونَ لَكَ يَقولونَ لَو كانَ لَنا مِنَ الأَمرِ شَيءٌ ما قُتِلنا هٰهُنا قُل لَو كُنتُم فى بُيوتِكُم لَبَرَزَ الَّذينَ كُتِبَ عَلَيهِمُ القَتلُ إِلىٰ مَضاجِعِهِم وَلِيَبتَلِىَ اللَّهُ ما فى صُدورِكُم وَلِيُمَحِّصَ ما فى قُلوبِكُم وَاللَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 154) |
انهن ڳڻتين کان پوءِ الله تعالى توهان مان هڪ ٽولي تي، اهڙي ته سڪون واري ڪيفيت طاري ڪئي، جو هو ننڊ جون پنڪيون کائڻ لڳا، وري ٻي ٽولي جنھن کي رڳو پنھنجي سر جي لڳي پئي هئي، سا جاهلن وانگر الله تعالى تي گمان ڪرڻ جو اظهار ڪرڻ لڳي، هو چوڻ لڳا ته ڇا اسان کي به هن معاملي ۾ ڪو اختيار حاصل آهي؟ (اي نبي ﷺ)! کين چؤ ته اختيار سڀ جا سڀ الله تعالى جي هٿ ۾ ئي آهن. در اصل هي ماڻهو پنھنجي اندر جي ڳالهه لڪائي ويٺا آهن، ان ڳالهه کي توهان جي اڳيان ظاهر ئي نٿا ڪن، انهن جي دل جي لڪيل ڳالهه هي آهي، ته جيڪڏهن اسان کي ڪجهه اختيار ملن ها ته اسان هتي نه ماريا وڃون ها. (اي نبي ﷺ)! کين چؤ ته جيڪڏهن توهان پنھنجي گهرن ۾ به هجو ها، تڏهن به مرڻ واري جاءِ تي هليا اچو ها، هي سڀ ڪجهه ان ڪري ٿيو، ته جيئن الله تعالى توهان جي سينن ۾ لڪيل رازن جي آزمائش ڪري ۽ اوهان جي دلين ۾ موجود وسوسن کي ختم ڪري، الله تعالى ئي سينن جي رازن کان خوب واقف آهي. |
إِنَّ الَّذينَ تَوَلَّوا مِنكُم يَومَ التَقَى الجَمعانِ إِنَّمَا استَزَلَّهُمُ الشَّيطٰنُ بِبَعضِ ما كَسَبوا وَلَقَد عَفَا اللَّهُ عَنهُم إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ حَليمٌ (آيت : 155) |
توهان مان جيڪي ماڻهو احد واري جنگ ۾ پٺي ڏيئي ڀڳا هئا، انهن جي ڀڄڻ جو سبب اهو هو جو، ڪجهه ڪمزورين جي ڪري شيطان کين ورغلايو پر الله تعالى انهن سڀني کي درگذر ڪري ڇڏيو، بيشڪ الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو برداشت ڪندڙ آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَكونوا كَالَّذينَ كَفَروا وَقالوا لِإِخوٰنِهِم إِذا ضَرَبوا فِى الأَرضِ أَو كانوا غُزًّى لَو كانوا عِندَنا ما ماتوا وَما قُتِلوا لِيَجعَلَ اللَّهُ ذٰلِكَ حَسرَةً فى قُلوبِهِم وَاللَّهُ يُحيۦ وَيُميتُ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 156) |
اي ايمان وارؤ! توهان ڪافرن واري سوچ نه رکندا ڪريو جيڪي چوندا آهن ته “اسان جا جيڪي ڀائر سفر ۾ مري وڃن ٿا يا جنگ ۾ مارجي وڃن ٿا، جيڪڏهن اسان وٽ موجود هجن ها، ته نه مرن ها ۽ نه ئي جنگ ۾ ماريا وڃن ها،” هو اها سوچ ان ڪري رکندا آهن ته جيئن الله تعالى سندن سوچ کي، انهن جي دلين جي حسرت جو سبب بنائي، مارڻ ۽ جيارڻ وارو ته الله تعالى آهي، توهان جو هر عمل الله تعالى جي نظر ۾ آهي. |
وَلَئِن قُتِلتُم فى سَبيلِ اللَّهِ أَو مُتُّم لَمَغفِرَةٌ مِنَ اللَّهِ وَرَحمَةٌ خَيرٌ مِمّا يَجمَعونَ (آيت : 157) |
جيڪڏهن توهان الله تعالى جي راهه ۾ ماريا وڃو يا مري وڃو، ته الله تعالى جي بخشش ۽ رحمت انهن ڪافرن جي مال ۽ دولت کان گهڻو بھتر آهي، جيڪا هو گڏ ڪندا رهن ٿا. |
وَلَئِن مُتُّم أَو قُتِلتُم لَإِلَى اللَّهِ تُحشَرونَ (آيت : 158) |
جيڪڏهن توهان مري وڃو يا ماريا وڃو، بھرحال اوهان سڀني کي الله تعالى جي سامھون حاضر ٿيڻو آهي. |
فَبِما رَحمَةٍ مِنَ اللَّهِ لِنتَ لَهُم وَلَو كُنتَ فَظًّا غَليظَ القَلبِ لَانفَضّوا مِن حَولِكَ فَاعفُ عَنهُم وَاستَغفِر لَهُم وَشاوِرهُم فِى الأَمرِ فَإِذا عَزَمتَ فَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُتَوَكِّلينَ (آيت : 159) |
(اي نبي ﷺ)! اها خاص الله تعالى جي رحمت ئي آهي، جنھن جي ڪري تون انهن سان نرميءَ وارو رويّو رکين ٿو، پر جيڪڏهن تون شوخ طبيعت ۽ سخت دل هجين ها، ته هي سڀ توکان پري ٿي وڃن ها، انهن جا قصور معاف ڪري ڇڏيو، انهن جي حق ۾ الله تعالى کان بخشش جي دعا گهرو ۽ اهم معاملات ۾ انهن سان مشورو ڪندا ڪريو، جڏهن (مشوري سان) ڪنھن ڳالهه جو فيصلو ٿي وڃي ۽ پڪو ارادو ڪيو، ته پوءِ الله تعالى تي ڀروسو رکو. بيشڪ الله تعالى ڀروسو رکندڙن کي پسند ڪندو آهي. |
إِن يَنصُركُمُ اللَّهُ فَلا غالِبَ لَكُم وَإِن يَخذُلكُم فَمَن ذَا الَّذى يَنصُرُكُم مِن بَعدِهِ وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 160) |
الله تعالى جي مدد هوندي توهان کي ڪير به شڪست نٿو ڏيئي سگهي ۽ جيڪڏهن هو پنھنجي مدد تان هٿ کڻي، ته ان کان سواءِ ٻيو ڪير آهي جيڪو اوهان جي مدد ڪري سگهي؟ مؤمنن کي رڳو الله تعالى تي ئي ڀروسو رکڻ گهرجي. |
وَما كانَ لِنَبِىٍّ أَن يَغُلَّ وَمَن يَغلُل يَأتِ بِما غَلَّ يَومَ القِيٰمَةِ ثُمَّ تُوَفّىٰ كُلُّ نَفسٍ ما كَسَبَت وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 161) |
ڪنھن به نبي سڳوري جو اهو شان ئي نه آهي، ته هو ڪنھن به معاملي ۾ خيانت ڪري، جيڪڏهن ڪو خيانت ڪندو ته هو پنھنجي خيانت سميت قيامت جي ڏينھن ايندو، پوءِ هرهڪ کي پنھنجي عملن جو پورو پورو بدلو ڏنو ويندو ۽ ڪنھن تي به ذري جيترو ظلم نه ڪيو ويندو. |
أَفَمَنِ اتَّبَعَ رِضوٰنَ اللَّهِ كَمَن باءَ بِسَخَطٍ مِنَ اللَّهِ وَمَأوىٰهُ جَهَنَّمُ وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 162) |
ڇا اهڙو ماڻهو جيڪو الله تعالى جي مرضيءَ تي هلندو رهيو، ان ماڻهوءَ وانگر هوندو جيڪو الله تعالى جي ڪاوڙ هيٺ آيل آهي، جنھن جو آخري ٺڪاڻو جھنم آهي ۽ اها بدترين جڳھه آهي. |
هُم دَرَجٰتٌ عِندَ اللَّهِ وَاللَّهُ بَصيرٌ بِما يَعمَلونَ (آيت : 163) |
الله تعالى جي مرضيءَ تي هلڻ وارن ۽ الله تعالى جي ڪاوڙ هيٺ آيل ماڻهن ۾ درجي بندي جي لحاظ سان وڏو فرق رکيل آهي، الله تعالى انهن سڀني جي عملن کي چڱيءَ طرح ڏسي رهيو آهي. |
لَقَد مَنَّ اللَّهُ عَلَى المُؤمِنينَ إِذ بَعَثَ فيهِم رَسولًا مِن أَنفُسِهِم يَتلوا عَلَيهِم ءايٰتِهِ وَيُزَكّيهِم وَيُعَلِّمُهُمُ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَإِن كانوا مِن قَبلُ لَفى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 164) |
بيشڪ الله تعالى مؤمنن تي وڏو احسان ڪيو آهي، جو خود انهن مان ئي هڪ رسول مقرر ڪيو، جيڪو کين آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو، انهن جي زندگي سڌاري ٿو ۽ هو (خود عمل ڪري) کين ڪتاب ۽ حڪمت جي تعليم ڏئي ٿو، ان کان اڳ هو پڌري گمراهيءَ ۾ پيل هئا. |
أَوَلَمّا أَصٰبَتكُم مُصيبَةٌ قَد أَصَبتُم مِثلَيها قُلتُم أَنّىٰ هٰذا قُل هُوَ مِن عِندِ أَنفُسِكُم إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 165) |
توهان (جنگ احد ۾) آيل تڪليف کي ڏسي چئو ٿا ته هي تڪليف ڪٿان آئي؟ (حالانڪه جنگ بدر ۾ ته) توهان ڪافرن کي ٻيڻي تڪليف پھچائي هئي. (اي نبي ﷺ) کين چؤ ته هي تڪليف توهان جي ئي پيدا ڪيل آهي. بيشڪ الله تعالى هر شيءِ تي وس وارو آهي. |
وَما أَصٰبَكُم يَومَ التَقَى الجَمعانِ فَبِإِذنِ اللَّهِ وَلِيَعلَمَ المُؤمِنينَ (آيت : 166) |
جنگ ۾ توهان کي جيڪو به نقصان پهتو، اهو الله تعالى جي حڪم سان پھتو، ته جيئن هو ظاهر ڪري ته پڪي ايمان وارا ڪير آهن؟ |
وَلِيَعلَمَ الَّذينَ نافَقوا وَقيلَ لَهُم تَعالَوا قٰتِلوا فى سَبيلِ اللَّهِ أَوِ ادفَعوا قالوا لَو نَعلَمُ قِتالًا لَاتَّبَعنٰكُم هُم لِلكُفرِ يَومَئِذٍ أَقرَبُ مِنهُم لِلإيمٰنِ يَقولونَ بِأَفوٰهِهِم ما لَيسَ فى قُلوبِهِم وَاللَّهُ أَعلَمُ بِما يَكتُمونَ (آيت : 167) |
۽ اهو به ظاهر ڪري ته منافق ڪير آهن؟ جڏهن کين چيو ويو ته الله تعالى جي راهه ۾ وڙهڻ لاءِ هلو، يا ڀلا هتي رهي ڪري شهر جي بچاءُ ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو، ته ان تي هو چوڻ لڳا ته جيڪڏهن اسان کي جنگ جي باري ۾ معلوم هجي ها ته ضرور توهان سان گڏ هلون ها، اها ڳالهه ڪرڻ وقت هو ايمان جي مقابلي ۾ ڪفر ڏي وڌيڪ ويجها هئا، اها سندن زباني دعويٰ آهي سندن دلين ۾ اهڙي ڪا به ڳالهه نه آهي. الله تعالى کي خوب معلوم آهي جيڪو ڪجهه هو لڪائين ٿا. |
الَّذينَ قالوا لِإِخوٰنِهِم وَقَعَدوا لَو أَطاعونا ما قُتِلوا قُل فَادرَءوا عَن أَنفُسِكُمُ المَوتَ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 168) |
هي اهي ماڻهو آهن جيڪي خود ته ويھي رهيا، وري پنھنجي مارجي ويل ڀائرن جي لاءِ چوڻ لڳا، ته جيڪڏهن هو اسان جو چيو مڃين ها ته نه ماريا وڃن ها.(اي نبي ﷺ)! کين چؤ ته ڀلا جيڪڏهن توهان ان ڳالهه ۾ سچا آهيو ته پنھنجي موت کي ته ٽاري ڏيکارجو. |
وَلا تَحسَبَنَّ الَّذينَ قُتِلوا فى سَبيلِ اللَّهِ أَموٰتًا بَل أَحياءٌ عِندَ رَبِّهِم يُرزَقونَ (آيت : 169) |
توهان اهو نه سمجهو ته جيڪي ماڻهو الله تعالى جي راهه ۾ شھيد ٿي ويا اهي مئل آهن، نه بلڪ اهي زنده آهن ۽ کين الله تعالى وٽ (باقاعده) رزق ڏنو وڃي ٿو. |
فَرِحينَ بِما ءاتىٰهُمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ وَيَستَبشِرونَ بِالَّذينَ لَم يَلحَقوا بِهِم مِن خَلفِهِم أَلّا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 170) |
الله تعالى پنھنجي مھربانيءَ سان کين جيڪو ڪجهه عطا ڪيو آهي، هو ان تي ڏاڍو خوش ٿيا ويٺا آهن ۽ ان ڳالهه تي به وڏا مطمئن آهن، ته اسان جا ساٿي جيڪي غازي آهن ۽ اڃا اسان وٽ هتي نه پھتا آهن، تن لاءِ به (دنيا ۾) نه ڪو خوف آهي ۽ نه ئي انهن لاءِ ڪا ڳڻتي آهي. |
يَستَبشِرونَ بِنِعمَةٍ مِنَ اللَّهِ وَفَضلٍ وَأَنَّ اللَّهَ لا يُضيعُ أَجرَ المُؤمِنينَ (آيت : 171) |
هو الله تعالى جي نعمت ۽ ان جي مھربانيءَ تي خوشيون ملهائي رهيا آهن، هاڻي کين خبر پئجِي وئي ته بيشڪ الله تعالى ڪڏهن به مؤمنن جو اجر ضايع نه ڪندو آهي. |
الَّذينَ استَجابوا لِلَّهِ وَالرَّسولِ مِن بَعدِ ما أَصابَهُمُ القَرحُ لِلَّذينَ أَحسَنوا مِنهُم وَاتَّقَوا أَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 172) |
جن مؤمنن ڌڪ کائڻ کان پوءِ به (ٻيهر جنگ لاءِ) الله تعالى ۽ رسول (ﷺ) جي پڪار تي لَبَّيڪ چيو، انهن مان نيڪوڪارن ۽ پرهيزگارن جي لاءِ وڏو اجر آهي. |
الَّذينَ قالَ لَهُمُ النّاسُ إِنَّ النّاسَ قَد جَمَعوا لَكُم فَاخشَوهُم فَزادَهُم إيمٰنًا وَقالوا حَسبُنَا اللَّهُ وَنِعمَ الوَكيلُ (آيت : 173) |
اهڙن ماڻهن کي ڪن ماڻهن چيو ته، توهان جي خلاف دشمن هڪ وڏو لشڪر تيار ڪيو آهي سو ان لشڪر کان ڊڄو، اهو ٻڌي سندن ايمان اڃا به وڌي ويو ۽ چوڻ لڳا ته اسان جي لاءِ الله تعالى جي ذات ڪافي آهي ۽ هو بھترين طريقي سان معاملا حل ڪندو آهي. |
فَانقَلَبوا بِنِعمَةٍ مِنَ اللَّهِ وَفَضلٍ لَم يَمسَسهُم سوءٌ وَاتَّبَعوا رِضوٰنَ اللَّهِ وَاللَّهُ ذو فَضلٍ عَظيمٍ (آيت : 174) |
آخرڪار هو الله تعالى جي مھربانيءَ سان خير سان واپس (مديني) پهتا، کين ڪنھن به قسم جي تڪليف نه آئي، ڇاڪاڻ جو انهن الله تعالى جي رضا جي تابعداري ڪئي هئي، الله تعالى وڏي مھرباني ڪندڙ آهي. |
إِنَّما ذٰلِكُمُ الشَّيطٰنُ يُخَوِّفُ أَولِياءَهُ فَلا تَخافوهُم وَخافونِ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 175) |
اهو ته شيطان هو جيڪو پنھنجي ساٿين ذريعي (توهان کي) ڊيڄاري رهيو هو، (آئنده) اوهان انهن کان ڊڄو ئي نه، جيڪڏهن توهان پڪا مؤمن آهيو ته مون کان ئي ڊڄندا رهو. |
وَلا يَحزُنكَ الَّذينَ يُسٰرِعونَ فِى الكُفرِ إِنَّهُم لَن يَضُرُّوا اللَّهَ شَيـًٔا يُريدُ اللَّهُ أَلّا يَجعَلَ لَهُم حَظًّا فِى الءاخِرَةِ وَلَهُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 176) |
(اي نبي ﷺ) انهن ماڻهن جو ڪوبه غم نه ڪر، جيڪي ڪفر جي راهه ۾ وڏي محنت ڪري رهيا آهن، هو الله تعالى جو ڪجهه به بگاڙي نٿا سگهن، الله تعالى چاهي ٿو ته ڪفر جي ڪري انهن جو آخرت ۾ ڪو به حصو نه هجي ۽ انهن لاءِ وڏو عذاب تيار آهي. |
إِنَّ الَّذينَ اشتَرَوُا الكُفرَ بِالإيمٰنِ لَن يَضُرُّوا اللَّهَ شَيـًٔا وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 177) |
بيشڪ جن ماڻهن ايمان جي مقابلي ۾ ڪفر خريد ڪيو، ته اهڙا شخص الله تعالى کي ڪو به نقصان نٿا پھچائي سگهن ۽ انهن جي لاءِ وڏي تڪليف وارو عذاب آهي. |
وَلا يَحسَبَنَّ الَّذينَ كَفَروا أَنَّما نُملى لَهُم خَيرٌ لِأَنفُسِهِم إِنَّما نُملى لَهُم لِيَزدادوا إِثمًا وَلَهُم عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 178) |
هي ڪافر ڪڏهن به ان خوشفھميءَ ۾ نه رهن، ته اسان کين جيڪا ڍر ڏيون ٿا، سا انهن جي لاءِ ڪا ڀلائيءَ واري آهي. بيشڪ اسان ته ڍر ان ڪري ڏيون ٿا ته جيئن هو خوب گناهه ڪمائي وٺن. اهڙن ماڻهن لاءِ ئي ته ذليل ڪندڙ عذاب رکيو ويو آهي. |
ما كانَ اللَّهُ لِيَذَرَ المُؤمِنينَ عَلىٰ ما أَنتُم عَلَيهِ حَتّىٰ يَميزَ الخَبيثَ مِنَ الطَّيِّبِ وَما كانَ اللَّهُ لِيُطلِعَكُم عَلَى الغَيبِ وَلٰكِنَّ اللَّهَ يَجتَبى مِن رُسُلِهِ مَن يَشاءُ فَـٔامِنوا بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ وَإِن تُؤمِنوا وَتَتَّقوا فَلَكُم أَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 179) |
الله تعالى ڪڏهن به مؤمنن کي ان حالت ۾ رهڻ نه ڏيندو، جو منافق به ايمان جي ظاهري دعوى سان انهن ۾ شامل رهن، هو پاڪ ماڻهن کي ناپاڪ ماڻهن کان ڌار ڪري ڇڏيندو، الله تعالى توهان کي اها ڳجهه جي خبر نه ٻڌائيندو، بلڪ الله تعالى پنھنجي رسولن مان جنھن کي چاهي ان کي ڳجهه جون خبرون ٻڌائڻ لاءِ چونڊيندو آهي. اوهان صرف الله تعالى ۽ ان جي سڀني رسولن تي ايمان آڻيو، جيڪڏهن توهان ايمان آڻيندا ۽ پرهيزگاري اختيار ڪندا ته پوءِ اوهان لاءِ وڏو اجر آهي. |
وَلا يَحسَبَنَّ الَّذينَ يَبخَلونَ بِما ءاتىٰهُمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ هُوَ خَيرًا لَهُم بَل هُوَ شَرٌّ لَهُم سَيُطَوَّقونَ ما بَخِلوا بِهِ يَومَ القِيٰمَةِ وَلِلَّهِ ميرٰثُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 180) |
ڪنجوسي ڪرڻ وارا ماڻهو اهو نه سمجهن ته الله تعالى جيڪو ڪجهه کين پنھنجي مھربانيءَ سان ڏنو آهي، ان ۾ هو ڪنجوسي ڪري ڪو ڀلو ڪم ڪن ٿا، اها ڪنجوسي سندن لاءِ انتھائي بري آهي، هي ماڻهو جيڪو به ميڙي گڏ ڪري رکن ٿا، اهو قيامت جي ڏينھن سندن ڳچين جو ڳٽ بنايو ويندو، آسمانن ۽ زمين جي هر شيءِ الله تعالى جي ملڪيت آهي، توهان جيڪو به ڪريو ٿا، الله تعالى ان کان خوب واقف آهي. |
لَقَد سَمِعَ اللَّهُ قَولَ الَّذينَ قالوا إِنَّ اللَّهَ فَقيرٌ وَنَحنُ أَغنِياءُ سَنَكتُبُ ما قالوا وَقَتلَهُمُ الأَنبِياءَ بِغَيرِ حَقٍّ وَنَقولُ ذوقوا عَذابَ الحَريقِ (آيت : 181) |
الله تعالى انهن (يھودين) جي ڳالهه ٻڌي ورتي، جن چيو ته الله تعالى محتاج آهي ۽ اسين مالدار آهيون، انهن جيڪو ڪجهه چيو، اهو ۽ نبين سڳورن جا ناحق قتل اسان سندن کاتي ۾ لکي ڇڏينداسين، پوءِ فيصلي واري ڏينھن اسان کين چـونداسين ته جھنم جي عذاب جو مزو چکو. |
ذٰلِكَ بِما قَدَّمَت أَيديكُم وَأَنَّ اللَّهَ لَيسَ بِظَلّامٍ لِلعَبيدِ (آيت : 182) |
توهان دنيا ۾ جيڪا پنھنجي هٿن سان ڪمائي ڪئي هئي، هي ان جو نتيجو آهي، بيشڪ الله تعالى پنھنجي ٻانهن تي ذري جيترو به ظلم نه ڪندو آهي. |
الَّذينَ قالوا إِنَّ اللَّهَ عَهِدَ إِلَينا أَلّا نُؤمِنَ لِرَسولٍ حَتّىٰ يَأتِيَنا بِقُربانٍ تَأكُلُهُ النّارُ قُل قَد جاءَكُم رُسُلٌ مِن قَبلى بِالبَيِّنٰتِ وَبِالَّذى قُلتُم فَلِمَ قَتَلتُموهُم إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 183) |
يھودي چون ٿا ته بيشڪ الله تعالى اسان کي هدايت ڪئي آهي، ته اسين ڪنھن به رسول کي نه مڃينداسين جيستائين هو اسان جي سامھون قرباني نه ڪري ۽ پوءِ آسمان مان باهه اچي ان قربانيءَ کي نه ساڙي ڇڏي، (اي نبي ﷺ) کين چؤ ته توهان وٽ مون کان اڳ به ڪيترائي نبِي سڳورا واضح نشانيون کڻي آيا ۽ انهن نبين سڳورن ۾ قرباني ڪرڻ وارا نبِي به هئا، جن جو توهان ذڪر خير ڪندا رهو ٿا پوءِ جيڪڏهن اوهان سچا آهيو ته توهان انهن نبين سڳورن کي ڇو قتل ڪيو؟ |
فَإِن كَذَّبوكَ فَقَد كُذِّبَ رُسُلٌ مِن قَبلِكَ جاءو بِالبَيِّنٰتِ وَالزُّبُرِ وَالكِتٰبِ المُنيرِ (آيت : 184) |
(اي نبي ﷺ!) جيڪڏهن هي ماڻهو توهان کي ڪوڙو ڪن ٿا، ته اوهان کان اڳ هي ڪيترن رسولن کي به ڪوڙو ڪري چڪا آهن، جيڪي انهن وٽ صاف نشانيون، صحيفا ۽ روشن ڪتاب کڻي آيا هئا. |
كُلُّ نَفسٍ ذائِقَةُ المَوتِ وَإِنَّما تُوَفَّونَ أُجورَكُم يَومَ القِيٰمَةِ فَمَن زُحزِحَ عَنِ النّارِ وَأُدخِلَ الجَنَّةَ فَقَد فازَ وَمَا الحَيوٰةُ الدُّنيا إِلّا مَتٰعُ الغُرورِ (آيت : 185) |
(بس!) هر زندهه شيءِ کي موت جو مزو چکڻو آهي ۽ توهان سڀني کي قيامت جي ڏينھن پورو پورو بدلو ڏنو ويندو ۽ جيڪو شخص باهه کان بچايو ويو ۽ جنت ۾ داخل ڪيو ويو بس! اهو ئي ڪامياب ٿي ويو، دنيا جي زندگي ته رڳو ظاهري ڌوڪي جي شيءِ آهي. |
لَتُبلَوُنَّ فى أَموٰلِكُم وَأَنفُسِكُم وَلَتَسمَعُنَّ مِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ مِن قَبلِكُم وَمِنَ الَّذينَ أَشرَكوا أَذًى كَثيرًا وَإِن تَصبِروا وَتَتَّقوا فَإِنَّ ذٰلِكَ مِن عَزمِ الأُمورِ (آيت : 186) |
اي مؤمنو! توهان جي مٿان مال ۽ جانين ٻنهي جي آزمائش ايندي رهندي ۽ اوهان اهل ڪتاب ۽ مشرڪن جي واتان گهڻيون ئي تڪليف ڏيندڙ ڳالهيون ٻڌندا، پوءِ جيڪڏهن صبر کان ڪم وٺندا ۽ پرهيزگاري اختيار ڪندا ته بيشڪ اهو وڏي دليريءَ وارو ڪم آهي. |
وَإِذ أَخَذَ اللَّهُ ميثٰقَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ لَتُبَيِّنُنَّهُ لِلنّاسِ وَلا تَكتُمونَهُ فَنَبَذوهُ وَراءَ ظُهورِهِم وَاشتَرَوا بِهِ ثَمَنًا قَليلًا فَبِئسَ ما يَشتَرونَ (آيت : 187) |
۽ جڏهن الله تعالى اهل ڪتاب کان هي وعدو ورتو ته توهان ڪتاب جي تعليم کي ماڻهن جي اندر پکيڙيندا ۽ لڪائي نه رکندا ته انهن پنهنجي ڪيل وعدي کي پوئتي اڇلائي ڇڏيو ۽ ٿوري قيمت تي وڪڻي ڇڏيو، ڪيڏي نه اها بدترين قيمت آهي جيڪا هو وٺن ٿا. |
لا تَحسَبَنَّ الَّذينَ يَفرَحونَ بِما أَتَوا وَيُحِبّونَ أَن يُحمَدوا بِما لَم يَفعَلوا فَلا تَحسَبَنَّهُم بِمَفازَةٍ مِنَ العَذابِ وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 188) |
جيڪي ماڻهو پنھنجي ڪرتوتن تي خوش ٿي رهيا آهن ۽ جيڪي ڪارناما انهن سر انجام ئي نه ڏنا آهن، انهن تي به هروڀرو پنھنجي تعريف ٻڌڻ پسند ڪندا آهن، توهان انهن جي باري ۾ اهو گمان نه ڪريو، ته هو عذاب کان بچِي ويندا، انهن جي لاءِ ته تڪليف وارو عذاب تيار آهي. |
وَلِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 189) |
آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي الله تعالى جي ئي آهي ۽ الله تعالى هر شيءِ تي طاقت رکندڙ آهي. |
إِنَّ فى خَلقِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاختِلٰفِ الَّيلِ وَالنَّهارِ لَءايٰتٍ لِأُولِى الأَلبٰبِ (آيت : 190) |
بيشڪ آسمانن ۽ زمين جي پيدا ڪرڻ ۽ رات ۽ ڏينھن جي اچڻ وڃڻ (يعني ڦير گهير) ۾ عقلمند ماڻهن لاءِ ڪيتريون ئي نشانيون آهن. |
الَّذينَ يَذكُرونَ اللَّهَ قِيٰمًا وَقُعودًا وَعَلىٰ جُنوبِهِم وَيَتَفَكَّرونَ فى خَلقِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ رَبَّنا ما خَلَقتَ هٰذا بٰطِلًا سُبحٰنَكَ فَقِنا عَذابَ النّارِ (آيت : 191) |
هي (عقلمند) ماڻهو اٿندي ويھندي ۽ سمهندي هر حال ۾ الله تعالى کي ياد ڪندا آهن ۽ آسمانن ۽ زمين جي پيدائش تي غور و فڪر ڪندا آهن ۽ پوءِ پڪاري چوندا آهن، ته اي اسان جا پالڻھار! هي جيڪو ڪجهه تو ٺاهيو آهي، اهو هرگز بيڪار نه آهي، تنھنجي ئي ذات پاڪ آهي، بس! اسان کي باهه جي عذاب کان بچاءِ. |
رَبَّنا إِنَّكَ مَن تُدخِلِ النّارَ فَقَد أَخزَيتَهُ وَما لِلظّٰلِمينَ مِن أَنصارٍ (آيت : 192) |
اي اسان جا پالڻھار! جنھن کي به تون جھنم جي باهه ۾ داخل ڪيو، ڄڻ ته تو ان کي ذلت ۽ رسوائيءَ ۾ وجهي ڇڏيو ۽ اهڙن ظالمن جو ڪير به مددگار نه هوندو. |
رَبَّنا إِنَّنا سَمِعنا مُنادِيًا يُنادى لِلإيمٰنِ أَن ءامِنوا بِرَبِّكُم فَـٔامَنّا رَبَّنا فَاغفِر لَنا ذُنوبَنا وَكَفِّر عَنّا سَيِّـٔاتِنا وَتَوَفَّنا مَعَ الأَبرارِ (آيت : 193) |
اي اسان جا پالڻھار! بيشڪ اسان سڏيندڙ جي آواز کي ٻڌو، جيڪو ايمان لاءِ سڏي رهيو هو ۽ چئي رهيو هو ته، پنھنجي پالڻھار جي مٿان ايمان آڻيو پوءِ اسان ايمان آندوسين. اي اسان جا پالڻھار! اسان جي گناهن کي بخش ڪر ، اسان جي برائين کي ميٽائي ڇڏ ۽ اسان کي نيڪ ماڻهن سان گڏ موت ڏجانءِ. |
رَبَّنا وَءاتِنا ما وَعَدتَنا عَلىٰ رُسُلِكَ وَلا تُخزِنا يَومَ القِيٰمَةِ إِنَّكَ لا تُخلِفُ الميعادَ (آيت : 194) |
اي اسان جا پالڻھار! پنھنجي رسولن جي ذريعي، تو جيڪي اسان سان وعدا ڪيا آهن، انهن کي پورو فرماءِ ۽ قيامت جي ڏينھن اسان کي خوار نه ڪجانءِ، بيشڪ تون ڪڏهن به وعدي خلافي نه ڪندو آهين. |
فَاستَجابَ لَهُم رَبُّهُم أَنّى لا أُضيعُ عَمَلَ عٰمِلٍ مِنكُم مِن ذَكَرٍ أَو أُنثىٰ بَعضُكُم مِن بَعضٍ فَالَّذينَ هاجَروا وَأُخرِجوا مِن دِيٰرِهِم وَأوذوا فى سَبيلى وَقٰتَلوا وَقُتِلوا لَأُكَفِّرَنَّ عَنهُم سَيِّـٔاتِهِم وَلَأُدخِلَنَّهُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ ثَوابًا مِن عِندِ اللَّهِ وَاللَّهُ عِندَهُ حُسنُ الثَّوابِ (آيت : 195) |
پوءِ سندن پالڻھار انهن مردن ۽ عورتن جي دعائن کي قبول فرمايو، ۽ چيو ته مان توهان جي ڪنھن به (نيڪ) عمل کي ضايع نه ڪندس، ڇو جو توهان هڪ ٻئي مان ئي پيدا ٿيل آهيو، پوءِ جن ماڻهن هجرت ڪئي، پنھنجي گهرن مان ڪڍيا ويا، منھنجي محبت ۾ تڪليف ڪاٽي، منھنجي راه ۾ وڙهيا ۽ مارجي ويا ته مان سندن سڀني برائين کي مٽائي ڇڏيندس ۽ کين اهڙن باغن ۾ داخل ڪندس، جن جي هيٺان (مختلف قسم جون) نھرون وهنديون، اهو الله تعالى جي طرف کان بدلو آهي، بھترين بدلو ته الله تعالى وٽ ئي آهي. |
لا يَغُرَّنَّكَ تَقَلُّبُ الَّذينَ كَفَروا فِى البِلٰدِ (آيت : 196) |
(اي نبي ﷺ!) دنيا ۾ ڪافرن جو هيڏي هوڏي (تڪبر، غرور ۽ بي فڪريءَ سان) گهمڻ ڦرڻ توهان کي ڌوڪي ۾ نه وجهي. |
مَتٰعٌ قَليلٌ ثُمَّ مَأوىٰهُم جَهَنَّمُ وَبِئسَ المِهادُ (آيت : 197) |
انهن جو اهو گهمڻ ڦرڻ ٿورن ڏينهن لاءِ آهي، پوءِ سندن رهڻ جي جاءِ جھنم آهي جيڪا تمام بري جاءِ آهي. |
لٰكِنِ الَّذينَ اتَّقَوا رَبَّهُم لَهُم جَنّٰتٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها نُزُلًا مِن عِندِ اللَّهِ وَما عِندَ اللَّهِ خَيرٌ لِلأَبرارِ (آيت : 198) |
پر جيڪي ماڻهو پنھنجي پالڻھار کان ڊڄندا رهيا، تن لاءِ اهڙا باغ آهن، جن جي هيٺان (مختلف قسم جون) نھرون وهنديون، هو ان ۾ هميشه لاءِ رهندا، اها مهمان نوازي الله تعالى جي طرفان آهي، جيڪو ڪجهه الله تعالى وٽ آهي، اهو نيڪوڪارن لاءِ بھتر آهي. |
وَإِنَّ مِن أَهلِ الكِتٰبِ لَمَن يُؤمِنُ بِاللَّهِ وَما أُنزِلَ إِلَيكُم وَما أُنزِلَ إِلَيهِم خٰشِعينَ لِلَّهِ لا يَشتَرونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ ثَمَنًا قَليلًا أُولٰئِكَ لَهُم أَجرُهُم عِندَ رَبِّهِم إِنَّ اللَّهَ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 199) |
بيشڪ اهل ڪتاب مان ڪجهه ماڻهو اهڙا آهن، جيڪي الله تعالى تي ايمان رکن ٿا، قرآن شريف ۽ اڳ ۾ نازل ٿيل ڪتابن تي به ايمان رکن ٿا، هو هر وقت الله تعالى جي اڳيان عاجزي ڪندڙ آهن، الله تعالى جي آيتن کي ٿورڙيءَ قيمت تي نٿا وڪڻن،اهڙن ماڻهن جو بدلو سندن پالڻھار وٽ آهي، بيشڪ الله تعالى جلدي حساب ڪندو آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اصبِروا وَصابِروا وَرابِطوا وَاتَّقُوا اللَّهَ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 200) |
اي ايمان وارؤ! ثابت قدم رهو، هڪ ٻئي کي مضبوط ڪريو، پاڻ ۾رابطي ۾ رهو ۽ الله تعالى کان ئي ڊڄندا رهو، توهان ئي ڪامياب ٿيندا. |