الم (آيت : 1) |
الف لام ميم |
اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ الحَىُّ القَيّومُ (آيت : 2) |
الله کان سواءِ ڪو خدا ناهي. اها ابدي زنده هستي، نظامِ ڪائنات کي سنڀاليو اچي. |
نَزَّلَ عَلَيكَ الكِتٰبَ بِالحَقِّ مُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ وَأَنزَلَ التَّورىٰةَ وَالإِنجيلَ (آيت : 3) |
اي نبي! هن توتي هي ڪتاب حق سان نازل ڪيو آهي ۽ انهن ڪتابن جي تصديق ڪري ٿو، جيڪي (اڳي) نازل ڪري چڪو آهي تورات ۽ انجيل |
مِن قَبلُ هُدًى لِلنّاسِ وَأَنزَلَ الفُرقانَ إِنَّ الَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِ اللَّهِ لَهُم عَذابٌ شَديدٌ وَاللَّهُ عَزيزٌ ذُو انتِقامٍ (آيت : 4) |
هن کان پهرين انسانن جي هدايت لاءِ ۽ هن اها ڪسوٽي لاٿي (جيڪا حق ۽ باطل جو فرق ڏيکاري ٿي) هاڻي جيڪي ماڻهو الله جي حڪمن کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪن، انهن کي يقينًا سخت سزا ملندي، ۽ الله بي پناهه طاقت جو مالڪ برائيءَ جو بدلو ڏيڻ وارو آهي. |
إِنَّ اللَّهَ لا يَخفىٰ عَلَيهِ شَيءٌ فِى الأَرضِ وَلا فِى السَّماءِ (آيت : 5) |
بيشڪ الله کان ڳجهي نه آهي ڪابه شيءِ زمين ۽ آسمان ۾. |
هُوَ الَّذى يُصَوِّرُكُم فِى الأَرحامِ كَيفَ يَشاءُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 6) |
اهو ئي توهان جون صورتون توهان جي مائرن جي رحمن (پيٽ) ۾ جيئن گهري بڻائي ٿو، ڪوبه خدا ناهي ان زبردست حڪمت واري کان سواءِ. |
هُوَ الَّذى أَنزَلَ عَلَيكَ الكِتٰبَ مِنهُ ءايٰتٌ مُحكَمٰتٌ هُنَّ أُمُّ الكِتٰبِ وَأُخَرُ مُتَشٰبِهٰتٌ فَأَمَّا الَّذينَ فى قُلوبِهِم زَيغٌ فَيَتَّبِعونَ ما تَشٰبَهَ مِنهُ ابتِغاءَ الفِتنَةِ وَابتِغاءَ تَأويلِهِ وَما يَعلَمُ تَأويلَهُ إِلَّا اللَّهُ وَالرّٰسِخونَ فِى العِلمِ يَقولونَ ءامَنّا بِهِ كُلٌّ مِن عِندِ رَبِّنا وَما يَذَّكَّرُ إِلّا أُولُوا الأَلبٰبِ (آيت : 7) |
هي اهو ئي خدا آهي جنهن نازل ڪيو آهي (توتي اي نبي!) هي ڪتاب، جنهن ۾ ٻن نمونن جون آيتون آهن هڪ محڪمات، جيڪي ڪتاب جو اصل بنياد آهن ۽ ٻيون متشابهات، جن ماڻهن جي دلين ۾ ٽيڏ آهي اهي هميشه فتني جي تلاش ۾ متشابهات جي پويان لڳل هوندا آهن ۽ معنيٰ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا، جڏهن ته انهن جو حقيقي مفهوم ڪوبه نٿو ڄاڻي الله کان سواءِ،۽ برخلاف ان جي، جيڪي ماڻهو علم ۾ پختا آهن، اهي چون ٿا ته اسان جو انهن تي ايمان آهي، هي سڀ اسان جي رب جي طرفان ئي آهي۽ سچ هي آهي ته ڪنهن شيءِ مان صحيح سبق فقط عقل وارا ماڻهو ئي وٺن ٿا. |
رَبَّنا لا تُزِغ قُلوبَنا بَعدَ إِذ هَدَيتَنا وَهَب لَنا مِن لَدُنكَ رَحمَةً إِنَّكَ أَنتَ الوَهّابُ (آيت : 8) |
اهي الله کان دعا ڪن ٿا ته ”اي پروردگار! تون اسان جي دلين کي ڏنگائي کان بچاءِ، تون اسان کي سڌي راهه تي آڻي چڪو آهين، ته پوءِ اسان کي پنهنجي فيض جي خزانن مان رحمت عطا ڪر، بيشڪ تون سچو فياض آهين. |
رَبَّنا إِنَّكَ جامِعُ النّاسِ لِيَومٍ لا رَيبَ فيهِ إِنَّ اللَّهَ لا يُخلِفُ الميعادَ (آيت : 9) |
پروردگار! تون بيشڪ سڀني ماڻهن کي هڪ ڏينهن گڏ ڪرڻ وارو آهين، جنهن جي اچڻ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي، تون هرگز پنهنجي وعدي کان ڦرڻ وارو نه آهين. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا لَن تُغنِىَ عَنهُم أَموٰلُهُم وَلا أَولٰدُهُم مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا وَأُولٰئِكَ هُم وَقودُ النّارِ (آيت : 10) |
بيشڪ جن ماڻهن ڪفر جو رويو اختيار ڪيو آهي، انهن کي سندن مال ڪنهن ڪم نه ايندو ۽ نه سندن اولاد الله جي مقابلي ۾، ۽ اهي دوزخ جو ٻارڻ ٿي رهندا. |
كَدَأبِ ءالِ فِرعَونَ وَالَّذينَ مِن قَبلِهِم كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا فَأَخَذَهُمُ اللَّهُ بِذُنوبِهِم وَاللَّهُ شَديدُ العِقابِ (آيت : 11) |
انهن جي پڄاڻي اهڙي ئي ٿيندي جهڙي فرعون جي ساٿين ۽ ان کان اڳ بي فرمانن جي، جن الله جي آيتن کي ڪوڙو چيو، نتيجو هي نڪتو الله کين گناهن تي پڪڙيو ۽ سچ پچ الله سخت سزا ڏيڻ وارو آهي. |
قُل لِلَّذينَ كَفَروا سَتُغلَبونَ وَتُحشَرونَ إِلىٰ جَهَنَّمَ وَبِئسَ المِهادُ (آيت : 12) |
پوءِ (اي نبي!) جن ماڻهن تنهنجي دعوت کي قبولڻ کان انڪار ڪيو آهي، کين چؤ توهان مغلوب ٿيندا ۽ جهنم ڏي هڪليا ويندا ۽ اهو برو ٺڪاڻو آهي. |
قَد كانَ لَكُم ءايَةٌ فى فِئَتَينِ التَقَتا فِئَةٌ تُقٰتِلُ فى سَبيلِ اللَّهِ وَأُخرىٰ كافِرَةٌ يَرَونَهُم مِثلَيهِم رَأىَ العَينِ وَاللَّهُ يُؤَيِّدُ بِنَصرِهِ مَن يَشاءُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَعِبرَةً لِأُولِى الأَبصٰرِ (آيت : 13) |
توهان جي لاءِ انهن ٻن ٽولن ۾ هڪ عبرت ڏيندڙ نشاني هئي، جيڪي (بدر ۾) هڪ ٻئي جي مدِ مقابل هئا. هڪ ٽولو الله جي راهه ۾ لڙي رهيو هو ۽ ٻيو ٽولو ڪافرن جو هو، ڏسڻ وارا ڏسي رهيا هئا ته ڪافر ٽولو مؤمن ٽولي کان ٻيڻو آهي، پر (نتيجي ثابت ڪيو ته) الله پنهنجي نصرت ۽ فتح سان جنهن کي گهري ٿو مدد ڏئي ٿو. بيشڪ ان ۾ اکيون رکڻ وارن لاءِ وڏو سبق لڪل آهي. |
زُيِّنَ لِلنّاسِ حُبُّ الشَّهَوٰتِ مِنَ النِّساءِ وَالبَنينَ وَالقَنٰطيرِ المُقَنطَرَةِ مِنَ الذَّهَبِ وَالفِضَّةِ وَالخَيلِ المُسَوَّمَةِ وَالأَنعٰمِ وَالحَرثِ ذٰلِكَ مَتٰعُ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَاللَّهُ عِندَهُ حُسنُ المَـٔابِ (آيت : 14) |
سهڻيون بنايل آهن ماڻهن جي نفس کي وڻندڙ شيون، جن ۾ عورتون ۽ اولاد ۽ گڏ ڪيل خزانن سان سون چانديءَ جا ڍير، ۽ چونڊ گهوڙا، ۽ نشاني ڪيل چوپايو مال ۽ زرعي زمينون، پر اهو سڀ چند ڏينهن جي زندگيءَ جو سامان آهي دنيا جو، حقيقت ۾ الله وٽ ئي بهتر جاءِ آهي. |
قُل أَؤُنَبِّئُكُم بِخَيرٍ مِن ذٰلِكُم لِلَّذينَ اتَّقَوا عِندَ رَبِّهِم جَنّٰتٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَأَزوٰجٌ مُطَهَّرَةٌ وَرِضوٰنٌ مِنَ اللَّهِ وَاللَّهُ بَصيرٌ بِالعِبادِ (آيت : 15) |
چؤ: آءٌ توهان کي ٻڌايان ته ان کان وڌيڪ بهتر شيءِ ڪهڙي آهي؟ جيڪي ماڻهو تقويٰ جي راهه اختيار ڪن، انهن جي لاءِ سندن رب وٽ باغ آهن جن جي هيٺان نهرون وهنديون رهنديون، اتي کين هميشه جي حياتي حاصل هوندي ۽ پاڪ زالون سندن ساٿياڻيون هونديون ۽ الله جي رضا کين حاصل هوندي، ۽ الله پنهنجي بندن جي روين تي گهري نظر رکي ٿو. |
الَّذينَ يَقولونَ رَبَّنا إِنَّنا ءامَنّا فَاغفِر لَنا ذُنوبَنا وَقِنا عَذابَ النّارِ (آيت : 16) |
هي اهي ماڻهو آهن جيڪي چون ٿا ته، مالڪ! اسان ايمان آندو آهي، بخش ڪر اسان جون خطائون ۽ اسان کي دوزخ جي ٻارڻ کان بچاءِ. |
الصّٰبِرينَ وَالصّٰدِقينَ وَالقٰنِتينَ وَالمُنفِقينَ وَالمُستَغفِرينَ بِالأَسحارِ (آيت : 17) |
اهي ماڻهو صبر ڪرڻ وارا آهن، سچا آهن، فرمانبردار ۽ فياض آهن، ۽ رات جي آخري گهڙين ۾ بخشش جون دعائون گهرڻ وارا آهن. |
شَهِدَ اللَّهُ أَنَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ وَالمَلٰئِكَةُ وَأُولُوا العِلمِ قائِمًا بِالقِسطِ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 18) |
الله خود شاهدي ڏني آهي انهيءَ ڳالهه جي ته ان کان سواءِ ڪو خدا ناهي ۽ (اها شاهدي) فرشتن ۽ سڀني علم وارن به ڏني آهي. هو انصاف تي قائم آهي، ان زبردست حڪيم کان سواءِ حقيقت ۾ ڪوبه خدا نه آهي. |
إِنَّ الدّينَ عِندَ اللَّهِ الإِسلٰمُ وَمَا اختَلَفَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ إِلّا مِن بَعدِ ما جاءَهُمُ العِلمُ بَغيًا بَينَهُم وَمَن يَكفُر بِـٔايٰتِ اللَّهِ فَإِنَّ اللَّهَ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 19) |
بيشڪ الله جي ويجهو دين فقط اسلام ئي آهي، انهيءَ دين کان هٽي جيڪي مختلف طريقا انهن ماڻهن اختيار ڪيا آهن جن کي ڪتاب ڏنو ويو هو، سندن ان طرزِ عمل جو سبب انهيءَ کان سواءِ نه هو علم اچڻ کان پوءِ به، ته انهن پاڻ ۾ هڪ ٻئي تي زيادتي ڪرڻ لاءِ ائين ڪيو ۽ جيڪو به انڪار ڪري الله جي حڪمن ۽ هدايتن کان، الله کي ان کان حساب وٺڻ ۾ دير نٿي لڳي. |
فَإِن حاجّوكَ فَقُل أَسلَمتُ وَجهِىَ لِلَّهِ وَمَنِ اتَّبَعَنِ وَقُل لِلَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ وَالأُمِّيّۦنَ ءَأَسلَمتُم فَإِن أَسلَموا فَقَدِ اهتَدَوا وَإِن تَوَلَّوا فَإِنَّما عَلَيكَ البَلٰغُ وَاللَّهُ بَصيرٌ بِالعِبادِ (آيت : 20) |
هاڻي (اي نبي!) هي ماڻهو توسان جهيڙو ڪن ته کين چؤ ته مون ۽ منهنجي پوئلڳن الله جي آڏو سر جهڪايو آهي، پوءِ اهلِ ڪتاب ۽ غير اهلِ ڪتاب ٻنهي کان پڇ ته ڇا توهان به ان جي اطاعت ۽ بندگي قبول ڪئي؟ جيڪڏهن قبول ڪئي ته انهن يقينًا سڌو رستو ماڻي ورتو ۽ جي انهيءَ کان منهن موڙيو، ته پوءِ توتي فقط پيغام پهچائڻ جي ذميواري هئي، وڌيڪ الله پاڻ پنهنجي بندن جي معاملن کي ڏسڻ وارو آهي. |
إِنَّ الَّذينَ يَكفُرونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَيَقتُلونَ النَّبِيّۦنَ بِغَيرِ حَقٍّ وَيَقتُلونَ الَّذينَ يَأمُرونَ بِالقِسطِ مِنَ النّاسِ فَبَشِّرهُم بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 21) |
جيڪي ماڻهو الله جي حڪمن ۽ هدايتن کي مڃڻ کان انڪار ڪن ٿا ۽ سندس پيغمبرن کي ناحق قتل ڪن ٿا، ۽ اهڙن ماڻهن جي جان جا دشمن ٿي وڃن ٿا، جيڪي خلقِ خدا کي انصاف ۽ سچ جو حڪم ڏيڻ لاءِ اٿن، اهڙن ماڻهن کي خوشخبري ٻڌاءِ عذاب دردناڪ جي. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ حَبِطَت أَعمٰلُهُم فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَما لَهُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 22) |
هي اهي ماڻهو آهن جن جا ضايع ٿي ويا عمل دنيا ۽ آخرت ٻنهي ۾، ۽ انهن لاءِ ڪوبه مددگار ناهي. |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ أوتوا نَصيبًا مِنَ الكِتٰبِ يُدعَونَ إِلىٰ كِتٰبِ اللَّهِ لِيَحكُمَ بَينَهُم ثُمَّ يَتَوَلّىٰ فَريقٌ مِنهُم وَهُم مُعرِضونَ (آيت : 23) |
تو نه ڏٺو ته جن ماڻهن کي ڪتاب جي علم جو ڪجهه حصو مليو ته انهن جو حال ڪهڙو آهي؟ کين سڏيو وڃي ٿو جڏهن الله جي ڪتاب ڏانهن، جيئن اهو فيصلو ڪري انهن جي وچ ۾، ته انهن مان هڪ ٽولو ڪترائي ٿو ۽ انهيءَ فيصلي طرف اچڻ کان منهن ڦيري ٿو. |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قالوا لَن تَمَسَّنَا النّارُ إِلّا أَيّامًا مَعدودٰتٍ وَغَرَّهُم فى دينِهِم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 24) |
انهن جي اها هلت ان ڪري آهي جو چون ٿا ته، دوزخ جي باهه اسان کي ڇهندي به ڪانه، ۽ جي دوزخ جي سزا اسان کي ملي به، ته فقط چند ڏهاڙا. سندن هٿرادو عقيدن کين پنهنجي دين جي معاملي ۾ وڏين غلط فهمين ۾ وجهي ڇڏيو آهي. |
فَكَيفَ إِذا جَمَعنٰهُم لِيَومٍ لا رَيبَ فيهِ وَوُفِّيَت كُلُّ نَفسٍ ما كَسَبَت وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 25) |
پر انهن جو ڇا ٿيندو، جڏهن اسان کين ان ڏينهن گڏ ڪنداسين، جنهن جو اچڻ يقيني آهي؟ انهيءَ ڏينهن هر شخص کي سندس ڪمائي جو بدلو مڪمل ڏنو ويندو، ۽ ڪنهن تي به ڪو ظلم نه ٿيندو. |
قُلِ اللَّهُمَّ مٰلِكَ المُلكِ تُؤتِى المُلكَ مَن تَشاءُ وَتَنزِعُ المُلكَ مِمَّن تَشاءُ وَتُعِزُّ مَن تَشاءُ وَتُذِلُّ مَن تَشاءُ بِيَدِكَ الخَيرُ إِنَّكَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 26) |
چؤ: (اي نبي!) خدايا! ملڪ جا مالڪ، تون جنهن کي چاهين حڪومت ڏين ۽ جنهن کان چاهين کسي وٺين ۽ جنهن کي گهرين عزت بخشين ۽ جنهن کي چاهين ذليل ڪرين، تنهنجي اختيار ۾ ڀلائي آهي، بيشڪ تون هر شيءِ تي قادر آهين. |
تولِجُ الَّيلَ فِى النَّهارِ وَتولِجُ النَّهارَ فِى الَّيلِ وَتُخرِجُ الحَىَّ مِنَ المَيِّتِ وَتُخرِجُ المَيِّتَ مِنَ الحَىِّ وَتَرزُقُ مَن تَشاءُ بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 27) |
پوئيندو اچين ٿو رات کي ڏينهن ۾ ۽ پوئين ٿو ڏينهن کي رات ۾، ڪڍين ٿو جاندار کي بي جان مان ۽ ڪڍين ٿو بي جان کي جاندار مان، ۽ جنهن کي چاهين رزق عطا ڪرين ٿو بي حساب. |
لا يَتَّخِذِ المُؤمِنونَ الكٰفِرينَ أَولِياءَ مِن دونِ المُؤمِنينَ وَمَن يَفعَل ذٰلِكَ فَلَيسَ مِنَ اللَّهِ فى شَيءٍ إِلّا أَن تَتَّقوا مِنهُم تُقىٰةً وَيُحَذِّرُكُمُ اللَّهُ نَفسَهُ وَإِلَى اللَّهِ المَصيرُ (آيت : 28) |
نه بنائين هرگز مؤمن ڪافرن کي پنهنجو رفيق مددگار ايمان وارن کي ڇڏي، جيڪو به ائين ڪندو ان جو الله سان ڪوبه تعلق ناهي. ها، هي معاف آهي ته توهان انهن جي ظلم کان بچڻ لاءِ ظاهري طور اهڙو نمونو اختيار ڪريو، پر پاڻ کان ڊيڄاري ٿو الله توهان کي، ۽ توهان کي ان ڏانهن ئي موٽڻو آهي. |
قُل إِن تُخفوا ما فى صُدورِكُم أَو تُبدوهُ يَعلَمهُ اللَّهُ وَيَعلَمُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 29) |
(اي نبي!) خبردار ڪري ڇڏ ماڻهن کي ته توهان جي دلين ۾ جيڪي ڪجهه آهي، ان کي توهان ڀلي لڪايو يا ظاهر ڪريو، ۽ (الله) بهرحال ان کي ڄاڻي ٿو، آسمانن ۽ زمين جي ڪابه شيءِ سندس علم کان ٻاهر نه آهي ۽ سندس ئي اقتدار هر شيءِ تي حاوي آهي. |
يَومَ تَجِدُ كُلُّ نَفسٍ ما عَمِلَت مِن خَيرٍ مُحضَرًا وَما عَمِلَت مِن سوءٍ تَوَدُّ لَو أَنَّ بَينَها وَبَينَهُ أَمَدًا بَعيدًا وَيُحَذِّرُكُمُ اللَّهُ نَفسَهُ وَاللَّهُ رَءوفٌ بِالعِبادِ (آيت : 30) |
اهو ڏينهن اچڻ وارو آهي جڏهن هر نفس چاهي ڀلائي ڪئي هجي يا برائي، پنهنجي عمل جو ڦل آڏو ڏسندو، ۽ ان ڏينهن ماڻهو اها تمنا ڪندو ته ڪاش! اهو اڃا ان کان گهڻو پري هجي ها! ۽ ڊيڄاري ٿو توهان کي الله پنهنجو پاڻ کان ۽ اهو (الله) پنهنجي ٻانهن جو وڏو خيرخواهه آهي. |
قُل إِن كُنتُم تُحِبّونَ اللَّهَ فَاتَّبِعونى يُحبِبكُمُ اللَّهُ وَيَغفِر لَكُم ذُنوبَكُم وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 31) |
(اي نبي!) ماڻهن کي چؤ ته جي توهان محبت رکو ٿا الله سان ته منهنجي پيروي ڪريو، محبت ڪندو الله توهان سان ۽ معاف فرمائيندو توهان جي خطائن کي، ۽ الله وڏو معاف ڪندڙ رحيم آهي. |
قُل أَطيعُوا اللَّهَ وَالرَّسولَ فَإِن تَوَلَّوا فَإِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ الكٰفِرينَ (آيت : 32) |
انهن کي چؤ ته اطاعت ڪريو الله ۽ رسول جي، پوءِ جي اهي توهان جي دعوت قبول نه ڪن ته اهو ممڪن نه آهي ته الله اهڙن ڪافرن سان محبت ڪري، جيڪي رسول جا انڪاري هجن. |
إِنَّ اللَّهَ اصطَفىٰ ءادَمَ وَنوحًا وَءالَ إِبرٰهيمَ وَءالَ عِمرٰنَ عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 33) |
بيشڪ الله آدم ۽ نوح ۽ آل ابراهيم ۽ آل عمران کي اهميت ڏئي(پنهنجي رسالت لاءِ) دنيا وارن تي چونڊيو هو. |
ذُرِّيَّةً بَعضُها مِن بَعضٍ وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 34) |
هي هڪ سلسلي جا ماڻهو هئا هڪ ٻئي جي نسل مان، ۽ بيشڪ الله سڀڪجهه ٻڌي ڄاڻي ٿو. |
إِذ قالَتِ امرَأَتُ عِمرٰنَ رَبِّ إِنّى نَذَرتُ لَكَ ما فى بَطنى مُحَرَّرًا فَتَقَبَّل مِنّى إِنَّكَ أَنتَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 35) |
(هو ان وقت به ٻڌي رهيو هو) جڏهن عمران جي عورت (زال) چئي رهي هئي ته ”پروردگار! تنهنجي نذر ڪريان ٿي آءٌ هي ٻار جيڪو منهنجي پيٽ ۾ آهي، اهو تو لاءِ وقف هوندو، منهنجي اها پيشڪش قبول فرما، بيشڪ تون ٻڌڻ ۽ ڄاڻڻ وارو آهين.“ |
فَلَمّا وَضَعَتها قالَت رَبِّ إِنّى وَضَعتُها أُنثىٰ وَاللَّهُ أَعلَمُ بِما وَضَعَت وَلَيسَ الذَّكَرُ كَالأُنثىٰ وَإِنّى سَمَّيتُها مَريَمَ وَإِنّى أُعيذُها بِكَ وَذُرِّيَّتَها مِنَ الشَّيطٰنِ الرَّجيمِ (آيت : 36) |
پوءِ جڏهن اها ڪڪي ان جي گهر ڄائي ته ان چيو، ”مالڪ! مون وٽ ته ڄائي آهي ڇوڪري، جڏهن ته ان جي الله کي خبر هئي جو ڪجهه هن ڄڻيو هو، ۽ نه هوندو آهي ڇوڪرو ڇوڪريءَ وانگر، خير مون ته ان جو نالو مريم رکي ڇڏيو آهي ۽ آئون ان کي ۽ سندس اولاد کي تنهنجي پناهه ۾ ڏيان ٿي شيطان تڙيل جي فتني کان.“ |
فَتَقَبَّلَها رَبُّها بِقَبولٍ حَسَنٍ وَأَنبَتَها نَباتًا حَسَنًا وَكَفَّلَها زَكَرِيّا كُلَّما دَخَلَ عَلَيها زَكَرِيَّا المِحرابَ وَجَدَ عِندَها رِزقًا قالَ يٰمَريَمُ أَنّىٰ لَكِ هٰذا قالَت هُوَ مِن عِندِ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ يَرزُقُ مَن يَشاءُ بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 37) |
آخرڪار سندس رب ان نينگريءَ کي خوشيءَ سان قبول فرمايو ۽ ان کي تمام سٺي نينگريءَ بنائي وڏو ڪيو ۽ ان جو سرپرست بڻايو زڪريا کي. جڏهن ڪڏهن (هو) ويندو هو سندس محراب ۾ زڪريا ته ان وٽ ڏسندو هو کائڻ پيئڻ جو سامان ڪجهه نه ڪجهه، پڇندو هو، ”مريم! هي تو وٽ ڪٿان آيو؟“ هوءَ جواب ڏيندي هئي ته ”الله وٽان آيو آهي“، بيشڪ الله جنهن کي چاهيندو آهي رزق ڏيندو آهي بي حساب. |
هُنالِكَ دَعا زَكَرِيّا رَبَّهُ قالَ رَبِّ هَب لى مِن لَدُنكَ ذُرِّيَّةً طَيِّبَةً إِنَّكَ سَميعُ الدُّعاءِ (آيت : 38) |
هي حال ڏسي زڪريا پنهنجي رب کي، پڪاريو ”پروردگار! پنهنجي قدرت سان مون کي عطا ڪر نيڪ اولاد، بيشڪ تون دعا ٻڌڻ وارو آهين.“ |
فَنادَتهُ المَلٰئِكَةُ وَهُوَ قائِمٌ يُصَلّى فِى المِحرابِ أَنَّ اللَّهَ يُبَشِّرُكَ بِيَحيىٰ مُصَدِّقًا بِكَلِمَةٍ مِنَ اللَّهِ وَسَيِّدًا وَحَصورًا وَنَبِيًّا مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 39) |
جواب ۾ ملائڪن چيو، جڏهن ته هو نماز پڙهي رهيو هو محراب ۾ بيهي، ”بيشڪ الله توکي يحييٰ جي خوشخبري ڏئي ٿو، اهو تصديق ڪندڙ ٿي ايندو الله وٽان هڪ فرمان جي، ۽ ان ۾ سرداري ۽ بزرگي وارو شان هوندو ڪمال جو ضابطو هوندو، نبوت سان سرفراز صالحن مان هوندو. |
قالَ رَبِّ أَنّىٰ يَكونُ لى غُلٰمٌ وَقَد بَلَغَنِىَ الكِبَرُ وَامرَأَتى عاقِرٌ قالَ كَذٰلِكَ اللَّهُ يَفعَلُ ما يَشاءُ (آيت : 40) |
زڪريا چيو، ”پروردگار! ڀلا مون کي ڪٿان پئدا ٿيندو ڇوڪرو؟ آءٌ ته ڏاڍو پوڙهو ٿي چڪو آهيان ۽ منهنجي زال سَنڍ ٿي چڪي آهي“، جواب مليو، ”ائين ئي ٿيندو، الله سو ڪندو آهي جيڪي گهرندو آهي.“ |
قالَ رَبِّ اجعَل لى ءايَةً قالَ ءايَتُكَ أَلّا تُكَلِّمَ النّاسَ ثَلٰثَةَ أَيّامٍ إِلّا رَمزًا وَاذكُر رَبَّكَ كَثيرًا وَسَبِّح بِالعَشِىِّ وَالإِبكٰرِ (آيت : 41) |
عرض ڪيائين، ”مالڪ! پوءِ منهنجي لاءِ ڪا نشاني مقرر فرماءِ“. فرمايو ويو: نشاني هيءَ آهي ته تون ماڻهن سان ڳالهائي نه سگهندين ٽن ڏينهن تائين اشارن کان سواءِ، انهيءَ عرصي ۾ پنهنجي رب کي گهڻو ياد ڪجانءِ ۽ صبح شام سندس تسبيح پڙهندو رهجانءِ. |
وَإِذ قالَتِ المَلٰئِكَةُ يٰمَريَمُ إِنَّ اللَّهَ اصطَفىٰكِ وَطَهَّرَكِ وَاصطَفىٰكِ عَلىٰ نِساءِ العٰلَمينَ (آيت : 42) |
۽ پوءِ (اهو وقت آيو) جڏهن مريم کي فرشتن اچي چيو، ”اي مريم! بيشڪ الله توکي عزت وارو ڪيو ۽ پاڪائي عطا ڪئي ۽ پوري دنيا جي عورتن تي توکي اهميت ڏئي خدمت لاءِ چونڊيو. |
يٰمَريَمُ اقنُتى لِرَبِّكِ وَاسجُدى وَاركَعى مَعَ الرّٰكِعينَ (آيت : 43) |
اي مريم! پنهنجي رب جي فرمان جي تابع بڻجي رهه، سندس آڏو سجدا ڪر ۽ رب کي جهڪندڙ بندن سان تون به جهڪ. |
ذٰلِكَ مِن أَنباءِ الغَيبِ نوحيهِ إِلَيكَ وَما كُنتَ لَدَيهِم إِذ يُلقونَ أَقلٰمَهُم أَيُّهُم يَكفُلُ مَريَمَ وَما كُنتَ لَدَيهِم إِذ يَختَصِمونَ (آيت : 44) |
اهي غيب جون خبرون آهن (اي نبي!) جيڪي اسان وحي ذريعي توکي ٻڌايون پيا، نه ته تون اتي موجود ڪونه هئين، جڏهن هيڪل جا خادم پنهنجا قلم اڇلي رهيا هئا هي فيصلو ڪرڻ لاءِ ته مريم جو سرپرست ڪير هجي؟ نه تون اتي حاضر هئين جڏهن سندن وچ ۾ جهيڙو ٿيو هو. |
إِذ قالَتِ المَلٰئِكَةُ يٰمَريَمُ إِنَّ اللَّهَ يُبَشِّرُكِ بِكَلِمَةٍ مِنهُ اسمُهُ المَسيحُ عيسَى ابنُ مَريَمَ وَجيهًا فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَمِنَ المُقَرَّبينَ (آيت : 45) |
۽ جڏهن چيو ملائڪن، اي مريم! بيشڪ الله توکي پنهنجي هڪ فرمان جي خوشخبري ڏئي ٿو ان جو نالو هوندو مسيح عيسيٰ پٽ مريم، (اهو) معزز هوندو دنيا ۽ آخرت ۾، ۽ الله جي پيارن ٻانهن ۾ شامل هوندو. |
وَيُكَلِّمُ النّاسَ فِى المَهدِ وَكَهلًا وَمِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 46) |
۽ هو ڳالهائيندو ماڻهن سان پينگهي ۾ ۽ وڏي عمر کي پهچي به، اهو مرد صالح هوندو. |
قالَت رَبِّ أَنّىٰ يَكونُ لى وَلَدٌ وَلَم يَمسَسنى بَشَرٌ قالَ كَذٰلِكِ اللَّهُ يَخلُقُ ما يَشاءُ إِذا قَضىٰ أَمرًا فَإِنَّما يَقولُ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 47) |
(هي ٻڌي) مريم چيو، ”پروردگار! مون کي ٻار ڪٿان ٿيندو؟ مون کي ڪنهن به شخص هٿ ناهي لاتو“، جواب مليو: ”ائين ٿيندو، الله جيڪي گهري ٿو پئدا ڪري ٿو، هو جڏهن به ڪنهن ڪم ڪرڻ جو فيصلو فرمائي ٿو ته بس چوي ٿو ته ”ٿي پئو“ اهو ٿي پوندو آهي.“ |
وَيُعَلِّمُهُ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَالتَّورىٰةَ وَالإِنجيلَ (آيت : 48) |
(فرشتن وڌيڪ چيو) ۽ الله تعليم ڏيندو ان کي ڪتاب ۽ حڪمت جي ۽ تورات ۽ انجيل جي. |
وَرَسولًا إِلىٰ بَنى إِسرٰءيلَ أَنّى قَد جِئتُكُم بِـٔايَةٍ مِن رَبِّكُم أَنّى أَخلُقُ لَكُم مِنَ الطّينِ كَهَيـَٔةِ الطَّيرِ فَأَنفُخُ فيهِ فَيَكونُ طَيرًا بِإِذنِ اللَّهِ وَأُبرِئُ الأَكمَهَ وَالأَبرَصَ وَأُحىِ المَوتىٰ بِإِذنِ اللَّهِ وَأُنَبِّئُكُم بِما تَأكُلونَ وَما تَدَّخِرونَ فى بُيوتِكُم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لَكُم إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 49) |
۽ رسول مقرر ٿيندو بني اسرائيل ڏانهن (۽ اهو رسول طور) بني اسرائيل وٽ آيو ته ان چيو، ”آءٌ توهان جي رب جي طرفان توهان وٽ نشاني کڻي آيو آهيان، آءٌ توهان جي اڳيان مٽيءَ مان هڪ پکيءَ جو بوتو ٺاهيان ٿو ۽ ان ۾ ڦوڪ ڏيندس، اهو پکي ٿي وڃي ٿو حڪم الله جي سان، ۽ آءٌ مادر زاد انڌي ۽ ڪوڙهي کي ٺيڪ ڪريان ٿو، ۽ جيئرو ڪريان ٿو مئل کي الله جي حڪم سان، ۽ آءٌ ٻڌايان ٿو توهان کي ته ڇا کائيندا آهيو ۽ ڇا ذخيرو ڪري رکو ٿا پنهنجي گهرن ۾، انهيءَ ۾ توهان جي لاءِ وڏي نشاني آهي جيڪڏهن توهان (واقعي) ايمان آڻڻ وارا آهيو. |
وَمُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَىَّ مِنَ التَّورىٰةِ وَلِأُحِلَّ لَكُم بَعضَ الَّذى حُرِّمَ عَلَيكُم وَجِئتُكُم بِـٔايَةٍ مِن رَبِّكُم فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 50) |
۽ آءٌ ان تعليم ۽ هدايت جي تصديق ڪرڻ وارو آهيان جيڪي تورات ۾ هن وقت آهي اهي حلال ڪريان ٿو جيڪي توهان تي (اڳي) حرام ڪيون ويون آهن، ڏسو! آءٌ توهان وٽ نشاني کڻي آيو آهيان رب جي طرفان، تنهنڪري ڊڄو الله کان ۽ منهنجي اطاعت ڪريو. |
إِنَّ اللَّهَ رَبّى وَرَبُّكُم فَاعبُدوهُ هٰذا صِرٰطٌ مُستَقيمٌ (آيت : 51) |
بيشڪ الله منهنجو رب به آهي ۽ توهان جو به رب، تنهن ڪري توهان ان جي بندگي ڪريو، اهوئي سڌو رستو آهي. |
فَلَمّا أَحَسَّ عيسىٰ مِنهُمُ الكُفرَ قالَ مَن أَنصارى إِلَى اللَّهِ قالَ الحَوارِيّونَ نَحنُ أَنصارُ اللَّهِ ءامَنّا بِاللَّهِ وَاشهَد بِأَنّا مُسلِمونَ (آيت : 52) |
جڏهن محسوس ڪيو عيسيٰ ته (بني اسرائيل) ڪفر ۽ انڪار تي قائم آهن، ته ان چيو، ”ڪير الله جي راهه ۾ منهنجو مددگار ٿئي ٿو؟“ جواب ڏنو حوارين، ”اسين مددگار آهيون الله جا، اسان ايمان آندو الله تي ۽ شاهد رهجان ته اسين مسلم (الله آڏو سر جهڪائيندڙ) آهيون. |
رَبَّنا ءامَنّا بِما أَنزَلتَ وَاتَّبَعنَا الرَّسولَ فَاكتُبنا مَعَ الشّٰهِدينَ (آيت : 53) |
اي پالڻهار! جيڪو فرمان تو نازل فرمايو، اسان ان کي مڃيو ۽ پيروي قبول ڪئي رسول جي، اسان جو نالو شاهدن ۾ لکي ڇڏ. |
وَمَكَروا وَمَكَرَ اللَّهُ وَاللَّهُ خَيرُ المٰكِرينَ (آيت : 54) |
پوءِ سٽون سٽيون بني اسرائيل (مسيح جي خلاف) ، جواب ۾ الله به سِٽ سِٽي ۽ اهڙين سٽن ۾ الله سڀ کان اڳڀرو آهي.“ |
إِذ قالَ اللَّهُ يٰعيسىٰ إِنّى مُتَوَفّيكَ وَرافِعُكَ إِلَىَّ وَمُطَهِّرُكَ مِنَ الَّذينَ كَفَروا وَجاعِلُ الَّذينَ اتَّبَعوكَ فَوقَ الَّذينَ كَفَروا إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ ثُمَّ إِلَىَّ مَرجِعُكُم فَأَحكُمُ بَينَكُم فيما كُنتُم فيهِ تَختَلِفونَ (آيت : 55) |
جڏهن ان چيو ته (اها الله جي لڪل تدبير هئي) ”اي عيسيٰ! هاڻي آءٌ توکي واپس وٺندس ۽ توکي پاڻ ڏي کڻندس ۽ جن انڪار ڪيو آهي ۽ توکي پاڪ ڪندس سندن صحبت کان ۽ انهن جي گندي ماحول کان) ۽ پنهنجي پيروي ڪرڻ کي انهن ماڻهن تي بالادست رکندس جن تنهنجو انڪار ڪيو آهي، قيامت تائين پوءِ توهان سڀني کي نيٺ مون وٽ اچڻو آهي، ان وقت آءٌ انهن ڳالهين جو فيصلو ڪندس جن ۾ توهان جو اختلاف ٿيو هو. |
فَأَمَّا الَّذينَ كَفَروا فَأُعَذِّبُهُم عَذابًا شَديدًا فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَما لَهُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 56) |
جن ماڻهن ڪفر ۽ انڪار جي هلت اختيار ڪئي آهي، انهن کي سخت سزا ڏيندس دنيا ۽ آخرت ٻنهي ۾، ۽ اهي نه لهندا ڪوبه مددگار. |
وَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَيُوَفّيهِم أُجورَهُم وَاللَّهُ لا يُحِبُّ الظّٰلِمينَ (آيت : 57) |
۽ جن ايمان آندو ۽ نيڪ عملن جو رويو اختيار ڪيو تن کي انهن جو مڪمل اجر ڏيندس ۽ چڱيءَ طرح ڄاڻي وٺو ته الله ظالمن سان هرگز محبت نٿو ڪري. |
ذٰلِكَ نَتلوهُ عَلَيكَ مِنَ الءايٰتِ وَالذِّكرِ الحَكيمِ (آيت : 58) |
(اي نبي!) هي آيتون جيڪي اسان ٻڌائي رهيا آهيون توکي، اهي حڪمت سان ڀريل ڳالهيون آهن. |
إِنَّ مَثَلَ عيسىٰ عِندَ اللَّهِ كَمَثَلِ ءادَمَ خَلَقَهُ مِن تُرابٍ ثُمَّ قالَ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 59) |
بيشڪ عيسيٰ جو مثال الله وٽ آدم وانگر آهي جو الله آدم کي مٽيءَ مان پئدا ڪيو ۽ (ان کي) حڪم ڏنائين ته ”ٿي پؤ“ ۽ هو ٿي پيو. |
الحَقُّ مِن رَبِّكَ فَلا تَكُن مِنَ المُمتَرينَ (آيت : 60) |
هي حقيقت آهي جيڪا تنهنجي رب طرفان توکي ٻڌائي پئي وڃي ۽ تون شڪ ڪندڙ ماڻهن ۾ شامل نه ٿي. |
فَمَن حاجَّكَ فيهِ مِن بَعدِ ما جاءَكَ مِنَ العِلمِ فَقُل تَعالَوا نَدعُ أَبناءَنا وَأَبناءَكُم وَنِساءَنا وَنِساءَكُم وَأَنفُسَنا وَأَنفُسَكُم ثُمَّ نَبتَهِل فَنَجعَل لَعنَتَ اللَّهِ عَلَى الكٰذِبينَ (آيت : 61) |
هاڻي جيڪو به توسان جهڳڙو ڪري هن علم اچڻ کان پوءِ، ته (اي نبي!) انهن کي چؤ ”اچو ته پنهنجن ٻارن ٻچن کي به وٺي اچون ۽ اسين ۽ اسين ۽ توهين پاڻ به اچون پوءِ خدا کان دعا گهرون، ته ان تي الله جي لعنت هجي جيڪو ڪوڙو هجي.“ |
إِنَّ هٰذا لَهُوَ القَصَصُ الحَقُّ وَما مِن إِلٰهٍ إِلَّا اللَّهُ وَإِنَّ اللَّهَ لَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 62) |
بيشڪ هي بلڪل صحيح واقعا آهن ۽ حقيقت آهن ته الله کان سواءِ ڪو خدا نه آهي ۽ بيشڪ اها الله جي هستي جنهن جي طاقت سڀ کان مٿانهين ۽ حڪمت واري آهي. |
فَإِن تَوَلَّوا فَإِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِالمُفسِدينَ (آيت : 63) |
پوءِ جي هي ماڻهو (مقابلي کان) بچن، ته سندن فسادي هئڻ ظاهر ٿيندو ۽ الله انهن کان واقف آهي. |
قُل يٰأَهلَ الكِتٰبِ تَعالَوا إِلىٰ كَلِمَةٍ سَواءٍ بَينَنا وَبَينَكُم أَلّا نَعبُدَ إِلَّا اللَّهَ وَلا نُشرِكَ بِهِ شَيـًٔا وَلا يَتَّخِذَ بَعضُنا بَعضًا أَربابًا مِن دونِ اللَّهِ فَإِن تَوَلَّوا فَقولُوا اشهَدوا بِأَنّا مُسلِمونَ (آيت : 64) |
(اي نبي!) چؤ: ”اي اهلِ ڪتاب! اچو هڪ اهڙي ڳالهه ڏانهن جيڪا برابر آهي اسان ۽ توهان جي وچ ۾، اها ته اسان ڪنهن جي به بندگي نه ڪريون سواءِ الله جي، ۽ ان سان ڪنهن کي به شريڪ نه ڪريون ۽ اسان ڪنهن کي پنهنجو رب نه بنايون سواءِ الله جي“، انهيءَ دعوت قبولڻ کان جي هو منهن موڙين ته صاف چئي ڇڏ ته شاهد رهو، اسان ته مسلم (خدا جي بندگي ۽ اطاعت ڪندڙ) آهيون. |
يٰأَهلَ الكِتٰبِ لِمَ تُحاجّونَ فى إِبرٰهيمَ وَما أُنزِلَتِ التَّورىٰةُ وَالإِنجيلُ إِلّا مِن بَعدِهِ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 65) |
اي اهلِ ڪتاب! ڇو ٿا جهڳڙو ڪريو توهان ابراهيم جي دين بابت اسان سان؟ نازل ٿيا آهن تورات ۽ انجيل ته (ابراهيم کان) بعد ۾، پوءِ توهان اها ڳالهه به نٿا سمجهو. |
هٰأَنتُم هٰؤُلاءِ حٰجَجتُم فيما لَكُم بِهِ عِلمٌ فَلِمَ تُحاجّونَ فيما لَيسَ لَكُم بِهِ عِلمٌ وَاللَّهُ يَعلَمُ وَأَنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 66) |
توهان ماڻهو جيڪو علم رکو ٿا، ان ۾ گهڻو بحث ڪري چڪا، هاڻي انهن معاملن ۾ ڇو ٿا بحث ڪريو جن جو توهان وٽ ڪوبه علم ڪونهي، ۽ بيشڪ الله ڄاڻي ٿو ۽ توهان نه ٿا ڄاڻو. |
ما كانَ إِبرٰهيمُ يَهودِيًّا وَلا نَصرانِيًّا وَلٰكِن كانَ حَنيفًا مُسلِمًا وَما كانَ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 67) |
نه هو ابراهيم يهودي ۽ نه هو عيسائي (نصراني)، پر اهو هڪ سچو مسلمان هو، ۽ اهو هرگز مشرڪن مان نه هو. |
إِنَّ أَولَى النّاسِ بِإِبرٰهيمَ لَلَّذينَ اتَّبَعوهُ وَهٰذَا النَّبِىُّ وَالَّذينَ ءامَنوا وَاللَّهُ وَلِىُّ المُؤمِنينَ (آيت : 68) |
بيشڪ نسبت رکڻ جو ابراهيم سان حق سڀ کان وڌيڪ انهن جو آهي جن ان جي پيروي ڪئي ۽ هينئر هي نبي ۽ ان جي مڃڻ وارا ان جا وڌيڪ حقدار آهن، الله انهن جو مددگار آهي جيڪي ايمان رکن ٿا. |
وَدَّت طائِفَةٌ مِن أَهلِ الكِتٰبِ لَو يُضِلّونَكُم وَما يُضِلّونَ إِلّا أَنفُسَهُم وَما يَشعُرونَ (آيت : 69) |
(اي ايمان وارؤ!) اهلِ ڪتاب مان هڪ ٽولو چاهي ٿو ته ڪنهن طرح توهان کي سڌي واٽ تان موڙي، پر حقيقت ۾ اهي گمراهي ۾ پاڻ کي ئي وجهي رهيا آهن پر کين ان جو شعور ڪونهي. |
يٰأَهلَ الكِتٰبِ لِمَ تَكفُرونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَأَنتُم تَشهَدونَ (آيت : 70) |
اي اهلِ ڪتاب! ڇو ٿا انڪار ڪريو الله جي آيتن جو، جڏهن ته توهان پاڻ انهن جو مشاهدو ڪيو آهيو؟ |
يٰأَهلَ الكِتٰبِ لِمَ تَلبِسونَ الحَقَّ بِالبٰطِلِ وَتَكتُمونَ الحَقَّ وَأَنتُم تَعلَمونَ (آيت : 71) |
اي اهلِ ڪتاب! ڇو چاڙهي رهيا آهيو رنگ حق تي ناحق جو ۽ اهو شڪي بڻايو ٿا، ۽ ڇو ڄاڻي ٻجهي حق لڪايو ٿا جڏهن ته توهان اهو ڄاڻو ٿا؟ |
وَقالَت طائِفَةٌ مِن أَهلِ الكِتٰبِ ءامِنوا بِالَّذى أُنزِلَ عَلَى الَّذينَ ءامَنوا وَجهَ النَّهارِ وَاكفُروا ءاخِرَهُ لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 72) |
۽ اهلِ ڪتاب مان هڪ ٽولو چوي ٿو ته (هن نبيءَ) جي مڃڻ وارن تي جيڪي ڪجهه نازل ٿيو آهي، ان تي ايمان آڻيو صبح جو ۽ وري شام جو ان کان انڪار ڪريو، شايد انهيءَ ترڪيب سان هي ماڻهو ايمان کان ڦري وڃن. |
وَلا تُؤمِنوا إِلّا لِمَن تَبِعَ دينَكُم قُل إِنَّ الهُدىٰ هُدَى اللَّهِ أَن يُؤتىٰ أَحَدٌ مِثلَ ما أوتيتُم أَو يُحاجّوكُم عِندَ رَبِّكُم قُل إِنَّ الفَضلَ بِيَدِ اللَّهِ يُؤتيهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 73) |
۽ پڻ هي پاڻ ۾ چون ٿا ته، پنهنجي مذهب وارن کان سواءِ ڪنهن جي ڳالهه نه مڃو، اي نبي! کين چؤ ته ”اصل ۾ هدايت آهي الله جي ۽ هي ان جي عنايت ته ڪنهن کي اهو ڪجهه ڏجي جو ڪڏهن توهان کي ڏنل هو، يا هي ته ٻين کي رب جي حضور پيش ڪرڻ لاءِ توهان جي خلاف حجت ملي وڃي، انهن کي چؤ اي نبي! فضل ۽ شرف الله جي اختيار ۾ آهي، جنهن کي چاهي عطا ڪري. ۽ الله وڏي نظر وارو سڀڪجهه ڄاڻي ٿو. |
يَختَصُّ بِرَحمَتِهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ ذُو الفَضلِ العَظيمِ (آيت : 74) |
هو سڀڪجهه ڄاڻي ٿو پنهنجي رحمت جي باري ۾، جنهن کي گهري خاص ڪري ٿو ۽ الله جو فضل تمام وڏو آهي. |
وَمِن أَهلِ الكِتٰبِ مَن إِن تَأمَنهُ بِقِنطارٍ يُؤَدِّهِ إِلَيكَ وَمِنهُم مَن إِن تَأمَنهُ بِدينارٍ لا يُؤَدِّهِ إِلَيكَ إِلّا ما دُمتَ عَلَيهِ قائِمًا ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قالوا لَيسَ عَلَينا فِى الأُمِّيّۦنَ سَبيلٌ وَيَقولونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 75) |
۽ ڪو اهڙو به آهي اهلِ ڪتاب مان جو جيڪڏهن تون ان تي ڀروسو ڪري مال ۽ دولت جو ڍير به ڏين ته هو توکي ادا ڪري ڇڏيندو ۽ ڪنهن جو حال هي آهي ته جيڪڏهن تون هڪ دينار جي معاملي ۾ ان تي ڀروسو ڪرين ته اهو ادا نه ڪندو. ها، جيستائين تون ان جي سر تي سوار ٿي نه بيهين، انهن جي انهيءَ اخلاقي حالت جو سبب هي آهي ته هو چوندا آهن (غير يهودي) امين جي باري ۾ اسان تي ڪا پڪڙ نه آهي، ۽ اها ڳالهه صرف الله ڏانهن منسوب ڪن ٿا ڪوڙ آهي، جڏهن ته کين معلوم آهي (ته الله نه فرمائي آهي) |
بَلىٰ مَن أَوفىٰ بِعَهدِهِ وَاتَّقىٰ فَإِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُتَّقينَ (آيت : 76) |
آخر ڇو انهن کان پڇا نه ٿيندي؟ جيڪو به پنهنجو عهد پورو ڪندو، برائي کان بچندو، الله پسند ڪري ٿو پرهيزگارن کي. |
إِنَّ الَّذينَ يَشتَرونَ بِعَهدِ اللَّهِ وَأَيمٰنِهِم ثَمَنًا قَليلًا أُولٰئِكَ لا خَلٰقَ لَهُم فِى الءاخِرَةِ وَلا يُكَلِّمُهُمُ اللَّهُ وَلا يَنظُرُ إِلَيهِم يَومَ القِيٰمَةِ وَلا يُزَكّيهِم وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 77) |
باقي جيڪي ماڻهو الله جي عهد ۽ پنهنجي قسمن کي ٿورڙي قيمت تي وڪڻن ٿا، ته انهن لاءِ آخرت ۾ ڪو حصو نه آهي، انهن سان ته آخرت جي ڏينهن نه ڳالهائيندو الله ۽ نه وري انهن ڏانهن ڏسندو قيامت جي ڏينهن، ۽ نه انهن کي پاڪ ڪندو، انهن لاءِ ته سخت دردناڪ سزا آهي. |
وَإِنَّ مِنهُم لَفَريقًا يَلوۥنَ أَلسِنَتَهُم بِالكِتٰبِ لِتَحسَبوهُ مِنَ الكِتٰبِ وَما هُوَ مِنَ الكِتٰبِ وَيَقولونَ هُوَ مِن عِندِ اللَّهِ وَما هُوَ مِن عِندِ اللَّهِ وَيَقولونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 78) |
۽ انهن ۾ ڪي ماڻهو اهڙا به آهن جيڪي زبان کي ڦيرائين ٿا ڪتاب پڙهندي، توهان سمجهندؤ ته جو ڪجهه هو پڙهن ٿا اهو ڪتاب ۾ آهي، ۽ ناهي اها ڪتاب جي لکت، ۽ هو چون ٿا ته هي جو ڪجهه پڙهي رهيا آهيون، اهو الله جي طرفان آهي، جڏهن ته اهو الله جي طرفان نه هوندو آهي، هو ڄاڻي واڻي ڪوڙي ڳالهه الله ڏانهن منسوب ڪندا آهن (۽ اهي خود اهو ڄاڻن ٿا). |
ما كانَ لِبَشَرٍ أَن يُؤتِيَهُ اللَّهُ الكِتٰبَ وَالحُكمَ وَالنُّبُوَّةَ ثُمَّ يَقولَ لِلنّاسِ كونوا عِبادًا لى مِن دونِ اللَّهِ وَلٰكِن كونوا رَبّٰنِيّۦنَ بِما كُنتُم تُعَلِّمونَ الكِتٰبَ وَبِما كُنتُم تَدرُسونَ (آيت : 79) |
ڪنهن انسان جو اهو ڪم نه آهي جو الله ته ان کي ڪتاب، ۽ حڪم ۽ نبوت عطا ڪري ۽ هو چوي ماڻهن کي ته توهان منهنجا بندا ٿي وڃو بجاءِ الله جي، پر هو ائين چوندو ته سچا ديندار بنجو، جيئن هن ڪتاب جي تعليم جي تقاضا آهي جنهن کي توهان پڙهو ۽ پڙهايو ٿا. |
وَلا يَأمُرَكُم أَن تَتَّخِذُوا المَلٰئِكَةَ وَالنَّبِيّۦنَ أَربابًا أَيَأمُرُكُم بِالكُفرِ بَعدَ إِذ أَنتُم مُسلِمونَ (آيت : 80) |
هو توهان کي هرگز نه چوندو ته بنايو ملائڪن يا پيغمبرن کي پنهنجو رب، ڇا هي ممڪن آهي ته هڪ نبي توهان کي ڪفر جو حڪم ڏئي، جڏهن ته توهان مسلمان آهيو. |
وَإِذ أَخَذَ اللَّهُ ميثٰقَ النَّبِيّۦنَ لَما ءاتَيتُكُم مِن كِتٰبٍ وَحِكمَةٍ ثُمَّ جاءَكُم رَسولٌ مُصَدِّقٌ لِما مَعَكُم لَتُؤمِنُنَّ بِهِ وَلَتَنصُرُنَّهُ قالَ ءَأَقرَرتُم وَأَخَذتُم عَلىٰ ذٰلِكُم إِصرى قالوا أَقرَرنا قالَ فَاشهَدوا وَأَنا۠ مَعَكُم مِنَ الشّٰهِدينَ (آيت : 81) |
۽ ياد ڪر جڏهن الله وعدو ورتو هو پيغمبرن کان ته ”اڄ مون توهان کي ڪتاب ۽ حڪمت سان نوازيو آهي، سڀاڻي ڪو ٻيو نبي انهيءَ تعليم جي تصديق ڪندڙ اچي، جا اڳي توهان وٽ موجود آهي، ته توهان ان تي ايمان آڻيندؤ ۽ ان جي مدد ڪندؤ.“ هن ارشاد بعد الله کانئن پڇيو، ”ڇا توهان اقرار ڪريو ٿا ۽ منهنجي طرفان ان عهد جي ذميواري کڻو ٿا؟“ هنن چيو، ”ها اسين اقرار ڪريون ٿا“، الله فرمايو، ”توهان شاهد رهو ۽ آءٌ به توهان سان گڏ شاهد آهيان.“ |
فَمَن تَوَلّىٰ بَعدَ ذٰلِكَ فَأُولٰئِكَ هُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 82) |
ان کان پوءِ جيڪو انهيءَ عهد تان ڦرندو، اهو ئي فاسق آهي. |
أَفَغَيرَ دينِ اللَّهِ يَبغونَ وَلَهُ أَسلَمَ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ طَوعًا وَكَرهًا وَإِلَيهِ يُرجَعونَ (آيت : 83) |
ڇا هي ماڻهو الله جي اطاعت جو طريقو (دين الله) ڇڏي ڪو ٻيو طريقو گهرن ٿا؟ جڏهن ته آسمان ۽ زمين جون سڀ شيون خوشيءَ يا ناخوشي، سڀ الله جي فرمان جون تابع آهن ۽ ان ڏي سڀني کي موٽڻو آهي. |
قُل ءامَنّا بِاللَّهِ وَما أُنزِلَ عَلَينا وَما أُنزِلَ عَلىٰ إِبرٰهيمَ وَإِسمٰعيلَ وَإِسحٰقَ وَيَعقوبَ وَالأَسباطِ وَما أوتِىَ موسىٰ وَعيسىٰ وَالنَّبِيّونَ مِن رَبِّهِم لا نُفَرِّقُ بَينَ أَحَدٍ مِنهُم وَنَحنُ لَهُ مُسلِمونَ (آيت : 84) |
چؤ (اي نبي!) ته اسان الله کي مڃيون ٿا ۽ ان جي تعليم کي جيڪا اسان تي نازل ڪئي وئي آهي، ان تعليمات کي به مڃيون ٿا جيڪي ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق ۽ يعقوب ۽ اولاد يعقوب تي نازل ٿيون ۽ انهن تي به ايمان رکون ٿا جيڪي موسيٰ ۽ عيسيٰ ۽ ٻين پيغمبرن کي سندن رب جي طرفان ڏنيون ويون، اسان فرق نٿا ڪريون انهن جي وچ ۾ ۽ اسان الله جي فرمان جا تابع (مسلم) آهيون. |
وَمَن يَبتَغِ غَيرَ الإِسلٰمِ دينًا فَلَن يُقبَلَ مِنهُ وَهُوَ فِى الءاخِرَةِ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 85) |
ان فرمانبرداري (اسلام) کان سواءِ جيڪو به شخص ڪو ٻيو طريقو اختيار ڪرڻ گهري، ان جو اهو طريقو هرگز قبول نه ڪيو ويندو ۽ اهو آخرت ۾ ناڪام ۽ نامراد رهندو. |
كَيفَ يَهدِى اللَّهُ قَومًا كَفَروا بَعدَ إيمٰنِهِم وَشَهِدوا أَنَّ الرَّسولَ حَقٌّ وَجاءَهُمُ البَيِّنٰتُ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 86) |
ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته هدايت بخشي الله انهن ماڻهن کي جن وري ڪفر اختيار ڪيو ايمان جي نعمت حاصل ڪرڻ کان پوءِ، ۽ اهي شاهدي ڏئي چڪا آهن پاڻ ان ڳالهه جي ته هي رسول حق تي آهي ۽ وٽن روشن نشانيون اچي چڪيون آهن، ۽ الله هدايت نه ڏيندو آهي ظالمن کي. |
أُولٰئِكَ جَزاؤُهُم أَنَّ عَلَيهِم لَعنَةَ اللَّهِ وَالمَلٰئِكَةِ وَالنّاسِ أَجمَعينَ (آيت : 87) |
انهن جي ظلم جو صحيح بدلو اهو ئي آهي ته ڦٽڪار آهي انهن تي الله ۽ ملائڪن ۽ انسانن مڙني جي. |
خٰلِدينَ فيها لا يُخَفَّفُ عَنهُمُ العَذابُ وَلا هُم يُنظَرونَ (آيت : 88) |
انهيءَ حالت ۾ اهي هميشه رهندا، نه ڪمي ٿيندي انهن جي سزا ۾ ۽ نه انهن کي ڪا مهلت ئي ڏني ويندي. |
إِلَّا الَّذينَ تابوا مِن بَعدِ ذٰلِكَ وَأَصلَحوا فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 89) |
البته اهي ماڻهو بچي ويندا جيڪي انهيءَ کان پوءِ توبهه ڪري پنهنجي اصلاح ڪن، الله بخشش ڪرڻ وارو رحم ڪندڙ آهي. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا بَعدَ إيمٰنِهِم ثُمَّ ازدادوا كُفرًا لَن تُقبَلَ تَوبَتُهُم وَأُولٰئِكَ هُمُ الضّالّونَ (آيت : 90) |
پر جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو ايمان آڻڻ کان پوءِ ۽ اڃا به وڌندا ويا پنهنجي ڪفر ۾، انهن جي هرگز قبول نه ڪئي ويندي توبهه، ۽ اهڙا ماڻهو ته پڪا گمراهه آهن. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا وَماتوا وَهُم كُفّارٌ فَلَن يُقبَلَ مِن أَحَدِهِم مِلءُ الأَرضِ ذَهَبًا وَلَوِ افتَدىٰ بِهِ أُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ أَليمٌ وَما لَهُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 91) |
يقين رکو جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو۽ انهيءَ ڪفر جي حالت ۾ ئي جان ڏني، انهن مان جيڪڏهن ڪو پاڻ کي سزا کان بچائڻ لاءِ ساري زمين سون جي ڀري به فديي ۾ ڏئي ته اهو قبول نه ڪيو ويندو، اهڙن ماڻهن جي لاءِ لاءِ دردناڪ سزا تيار آهي ۽ اهي ڪوبه پنهنجي لاءِ مددگار نه ڏسندا. |
لَن تَنالُوا البِرَّ حَتّىٰ تُنفِقوا مِمّا تُحِبّونَ وَما تُنفِقوا مِن شَيءٍ فَإِنَّ اللَّهَ بِهِ عَليمٌ (آيت : 92) |
توهان نيڪيءَ کي پهچي نٿا سگهو جيتر پنهنجون شيون (الله جي راهه ۾) خرچ نه ڪندا، جن کي توهين پيارو رکو ٿا ۽ جيڪي توهين خرچ ڪندؤ بيشڪ الله ان کان بي خبر نه هوندو. |
كُلُّ الطَّعامِ كانَ حِلًّا لِبَنى إِسرٰءيلَ إِلّا ما حَرَّمَ إِسرٰءيلُ عَلىٰ نَفسِهِ مِن قَبلِ أَن تُنَزَّلَ التَّورىٰةُ قُل فَأتوا بِالتَّورىٰةِ فَاتلوها إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 93) |
کائڻ جون اهي سڀ شيون (جيڪي شريعت محمدي ۾ حلال آهن) بني اسرائيل لاءِ به حلال هيون، پر ڪي اهڙيون شيون حرام هيون اسرائيل (حضرت يعقوب) پنهنجي مٿان حرام ڪيون هيون. تورات جي نازل ٿيڻ کان پهرين، انهن کي چئو، ته آڻيو تورات ۽ پيش ڪريو ان جي ڪا لکت جيڪڏهن توهان (پنهنجي اعتراض ۾) سچا آهيو. |
فَمَنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ مِن بَعدِ ذٰلِكَ فَأُولٰئِكَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 94) |
ان کان پوءِ به جيڪي ماڻهو الله ڏانهن پنهنجي ٺاهيل ڪوڙين ڳالهين کي منسوب ڪن ٿا اهي ئي حقيقت ۾ ظالم آهن. |
قُل صَدَقَ اللَّهُ فَاتَّبِعوا مِلَّةَ إِبرٰهيمَ حَنيفًا وَما كانَ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 95) |
چؤ (اي نبي!) سچ فرمايو آهي (الله جو ڪجهه فرمايو آهي) پوءِ تو کي هڪ مَنو ٿي ابراهيم جي طريقي جي پيروي ڪرڻ گهرجي ۽ ابراهيم شرڪ ڪرڻ وارن مان نه هو. |
إِنَّ أَوَّلَ بَيتٍ وُضِعَ لِلنّاسِ لَلَّذى بِبَكَّةَ مُبارَكًا وَهُدًى لِلعٰلَمينَ (آيت : 96) |
بيشڪ سڀ کان پهرين عبادت گاهه جيڪا انسانن لاءِ تعمير ٿي، اها ئي آهي جيڪا مڪي ۾ آهي. ان کي برڪت وارو ڪيو ويو پوري جهان لاءِ هدايت جو مرڪز بنائي. |
فيهِ ءايٰتٌ بَيِّنٰتٌ مَقامُ إِبرٰهيمَ وَمَن دَخَلَهُ كانَ ءامِنًا وَلِلَّهِ عَلَى النّاسِ حِجُّ البَيتِ مَنِ استَطاعَ إِلَيهِ سَبيلًا وَمَن كَفَرَ فَإِنَّ اللَّهَ غَنِىٌّ عَنِ العٰلَمينَ (آيت : 97) |
ان ۾ چٽيون نشانيون آهن، ابراهيم جي عبادت جي جاءِ آهي ۽ جيڪو ان ۾ داخل ٿيو امن وارو ٿي ويو ۽ ماڻهن تي الله جو هي حق آهي ته جيڪو هن گهر تائين پهچڻ جي طاقت رکي، اهو ان جو حج ڪري ۽ جيڪو ان حڪم جي پيروي کان انڪار ڪري، ته ان کي معلوم هجي ته الله دنيا وارن کان بي نياز آهي. |
قُل يٰأَهلَ الكِتٰبِ لِمَ تَكفُرونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَاللَّهُ شَهيدٌ عَلىٰ ما تَعمَلونَ (آيت : 98) |
چؤ، اي اهلِ ڪتاب! توهان ڇو ٿا انڪار ڪريو الله جي آيتن جو؟ الله شاهد آهي جيڪي توهان ڪري رهيا آهيو، الله سڀ ڪجهه ڏسي رهيو آهي. |
قُل يٰأَهلَ الكِتٰبِ لِمَ تَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ مَن ءامَنَ تَبغونَها عِوَجًا وَأَنتُم شُهَداءُ وَمَا اللَّهُ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 99) |
چؤ، اي اهلِ ڪتاب! توهان جي هي ڪهڙي روش آهي ته جيڪو الله جي ڳالهه مڃي ٿو ته ان کي به توهان الله جي راهه کان منع ڪريو ٿا اهو به گهرو ٿا ته اهو ڏنگي راهه هلي (جڏهن توهان خود ان سڌي راهه جا) شاهد آهيو. الله توهان جي حرڪتن کان غافل نه آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِن تُطيعوا فَريقًا مِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ يَرُدّوكُم بَعدَ إيمٰنِكُم كٰفِرينَ (آيت : 100) |
اي لوڪو! جن ايمان آندو آهي، توهان اهلِ ڪتاب مان، جي هڪ ٽولي جي ڳالهه مڃي ته اهي توهان کي ڦيرائي ويندا، ايمان مان ڪڍي وري ڪفر ڏي. |
وَكَيفَ تَكفُرونَ وَأَنتُم تُتلىٰ عَلَيكُم ءايٰتُ اللَّهِ وَفيكُم رَسولُهُ وَمَن يَعتَصِم بِاللَّهِ فَقَد هُدِىَ إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 101) |
۽ توهان جي لاءِ هاڻي ڪفر ۾ وڃڻ جو ڪهڙو موقعو آهي جڏهن ته توهان کي الله جون آيتون ٻڌايون وڃن ٿيون ۽ توهان ۾ ان جو رسول موجود آهي، جيڪو الله جو دامن مضبوطيءَ سان جهليندو سو ضرور سڌي راهه ماڻيندو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ حَقَّ تُقاتِهِ وَلا تَموتُنَّ إِلّا وَأَنتُم مُسلِمونَ (آيت : 102) |
اي لوڪو جن ايمان آندو آهي! الله کان ڊڄو جهڙو ان کان ڊڄڻ جو حق آهي ۽ توهان تي موت نه اچي پر ان حالت ۾ جو توهان مسلم هجو. |
وَاعتَصِموا بِحَبلِ اللَّهِ جَميعًا وَلا تَفَرَّقوا وَاذكُروا نِعمَتَ اللَّهِ عَلَيكُم إِذ كُنتُم أَعداءً فَأَلَّفَ بَينَ قُلوبِكُم فَأَصبَحتُم بِنِعمَتِهِ إِخوٰنًا وَكُنتُم عَلىٰ شَفا حُفرَةٍ مِنَ النّارِ فَأَنقَذَكُم مِنها كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُم ءايٰتِهِ لَعَلَّكُم تَهتَدونَ (آيت : 103) |
مضبوطيءَ سان جهليو الله جي رسيءَ کي سڀئي گڏجي ۽ ڇڙوڇڙ نه ٿيو، ۽ ياد ڪريو الله جي انهيءَ نعمت کي جيڪا ان توهان تي ڪئي جڏهن توهان هڪ ٻئي جا دشمن هئا، ان توهان جي دلين کي جوڙيو ۽ سندس ڪرم سان بڻجي ويا توهان پاڻ ۾ ڀائر، ۽ توهان بيٺا هئا باهه جي هڪ ڀريل کڏ جي ڪناري تي، الله توهان کي ان کان بچائي ورتو، اهڙيءَ طرح الله پنهنجون نشانيون توهان جي آڏو روشن ڪري ٿو، شايد انهن مان توهان کي سڌي راهه ملي وڃي. |
وَلتَكُن مِنكُم أُمَّةٌ يَدعونَ إِلَى الخَيرِ وَيَأمُرونَ بِالمَعروفِ وَيَنهَونَ عَنِ المُنكَرِ وَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 104) |
۽ توهان ۾ ضرور ڪي ماڻهو اهڙا به هجن جيڪي سڏين نيڪيءَ ڏانهن، ڀلائيءَ جو حڪم ڏين ۽ روڪيندا رهن برائين کان، جيڪي به ماڻهو اهو ڪم ڪندا اهي ئي ڪاميابي ماڻيندا. |
وَلا تَكونوا كَالَّذينَ تَفَرَّقوا وَاختَلَفوا مِن بَعدِ ما جاءَهُمُ البَيِّنٰتُ وَأُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 105) |
۽ ڪڏهن به انهن ماڻهن وانگر نه ٿجؤ جيڪي فرقن ۾ ورهائجي ويا، ۽ چٽين ۽ واضح هدايتن ملڻ بعد به وري ٽولن ۾ ورڇجي ويا، جن به اها راهه اختيار ڪئي، اهي (ان ڏينهن) سخت سزا ڀوڳيندا. |
يَومَ تَبيَضُّ وُجوهٌ وَتَسوَدُّ وُجوهٌ فَأَمَّا الَّذينَ اسوَدَّت وُجوهُهُم أَكَفَرتُم بَعدَ إيمٰنِكُم فَذوقُوا العَذابَ بِما كُنتُم تَكفُرونَ (آيت : 106) |
ان ڏيهن ڪي روشن چهرا (سرخرو هوندا) ۽ ڪن جا منهن ڪارا هوندا. جن ماڻهن جا منهن ڪارا هوندا، کين چيو ويندو توهان ڪافراڻي راهه اختيار ڪئي ايمان جي نعمت بعد چڱو هاڻي ان ڪفرانِ نعمت جي بدلي ۾ عذاب جو مزو وٺو. |
وَأَمَّا الَّذينَ ابيَضَّت وُجوهُهُم فَفى رَحمَةِ اللَّهِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 107) |
۽ باقي رهيا اهي ماڻهو جن جا چهرا روشن هوندا، ته انهن کي جڳهه ملندي الله جي رحمت ۾، ۽ اهي هميشه انهيءَ حالت ۾ رهندا. |
تِلكَ ءايٰتُ اللَّهِ نَتلوها عَلَيكَ بِالحَقِّ وَمَا اللَّهُ يُريدُ ظُلمًا لِلعٰلَمينَ (آيت : 108) |
هي فرمودا الله جا آهن جيڪي اسان توهان کي ٺيڪ ٺيڪ ٻڌائي رهيا آهيون ڇاڪاڻ ته الله دنيا وارن تي ظلم ڪرڻ جو ارادو نٿو رکي. |
وَلِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَإِلَى اللَّهِ تُرجَعُ الأُمورُ (آيت : 109) |
الله ئي آسمانن ۽ زمينن جي مڙني شين جو مالڪ آهي، ۽ الله جي ئي حضور ۾ سڀ معاملا پيش ٿين ٿا. |
كُنتُم خَيرَ أُمَّةٍ أُخرِجَت لِلنّاسِ تَأمُرونَ بِالمَعروفِ وَتَنهَونَ عَنِ المُنكَرِ وَتُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَلَو ءامَنَ أَهلُ الكِتٰبِ لَكانَ خَيرًا لَهُم مِنهُمُ المُؤمِنونَ وَأَكثَرُهُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 110) |
هاڻي توهان ئي بهترين ٽولو انسانن جي هدايت ۽ اصلاح جي لاءِ دنيا جي ميدان ۾ آهيو، نيڪيءَ جو حڪم ڏيو ٿا ۽ برائيءَ کان روڪيو ٿا، ۽ ايمان رکو ٿا الله تي، ۽ هي اهلِ ڪتاب ايمان آڻين ها ته سندن حق ۾ بهتر هو، جڏهن ته انهن ۾ ڪي ايمان وارا آهن پر گهڻا ئي نافرمان آهن. |
لَن يَضُرّوكُم إِلّا أَذًى وَإِن يُقٰتِلوكُم يُوَلّوكُمُ الأَدبارَ ثُمَّ لا يُنصَرونَ (آيت : 111) |
اهي توهان جو ڪجهه بگاڙي نٿا سگهن، سواءِ ڪجهه ايذائڻ جي ۽ جيڪڏهن توهان سان لڙندا ته مقابلي ۾ پٺي ڏيکاريندا، پوءِ اهڙو ته لاچار ٿيندا جو کين ڪٿان به ڪا مدد ڪانه ملندي. |
ضُرِبَت عَلَيهِمُ الذِّلَّةُ أَينَ ما ثُقِفوا إِلّا بِحَبلٍ مِنَ اللَّهِ وَحَبلٍ مِنَ النّاسِ وَباءو بِغَضَبٍ مِنَ اللَّهِ وَضُرِبَت عَلَيهِمُ المَسكَنَةُ ذٰلِكَ بِأَنَّهُم كانوا يَكفُرونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَيَقتُلونَ الأَنبِياءَ بِغَيرِ حَقٍّ ذٰلِكَ بِما عَصَوا وَكانوا يَعتَدونَ (آيت : 112) |
هي جتي به رهيا انهن تي ذلت جي مار پئي ڪٿي ته اها مهابي الله جي يا ڪٿي ته وري انسانن جي طرفان پناه ه ملي وئي ته اها ٻي ڳالهه آهي. هي غضب الله جي هيٺ گهيرجي ويا آهن. ۽ انهن تي محتاجي زيردستي ٿاڦي وئي آهي. هي سڀ انهيءَ ڪري ٿيو آهي جو هي الله جي آيتن جو ڪفر ڪندا رهيا، ۽ قتل ڪيو پيغمبرن کي بغير حق جي، ۽ اهو سڀ انهن جي نافرمانين ۽ زيادتين جو نتيجو آهي. |
لَيسوا سَواءً مِن أَهلِ الكِتٰبِ أُمَّةٌ قائِمَةٌ يَتلونَ ءايٰتِ اللَّهِ ءاناءَ الَّيلِ وَهُم يَسجُدونَ (آيت : 113) |
پر سڀ (اهلِ ڪتاب) هڪ جهڙا نه آهن. انهن ۾ ڪي اهڙا به آهن جيڪي سڌي راهه تي قائم آهن، الله جون آيتون راتين جو پڙهن ٿا ۽ ان جي آڏو سجدي ۾ وڃن ٿا. |
يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَيَأمُرونَ بِالمَعروفِ وَيَنهَونَ عَنِ المُنكَرِ وَيُسٰرِعونَ فِى الخَيرٰتِ وَأُولٰئِكَ مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 114) |
ايمان رکن ٿا الله ۽ ڏينهن آخرت جي تي، ۽ نيڪيءَ جو حڪم ڏين ٿا ۽ روڪين ٿا برائين کان ۽ ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ سرگرم رهن ٿا، ۽ اهي ماڻهو صالحن مان آهن. |
وَما يَفعَلوا مِن خَيرٍ فَلَن يُكفَروهُ وَاللَّهُ عَليمٌ بِالمُتَّقينَ (آيت : 115) |
۽ جيڪا به نيڪي هي ڪندا، ان جي ناقدري نه ڪئي ويندي ۽ الله چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو پرهيزگار ماڻهن کي. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا لَن تُغنِىَ عَنهُم أَموٰلُهُم وَلا أَولٰدُهُم مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا وَأُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 116) |
اهي ماڻهو جن ڪفر جي راهه اختيار ڪئي ته ڪنهن ڪم اچي سگهندو نه سندن مال ۽ نه وري اولاد الله جي مقابلي ۾، ۽ اهي ماڻهو ته باهه ۾ وڃڻ وارا آهن. هميشه اتي ئي رهندا. |
مَثَلُ ما يُنفِقونَ فى هٰذِهِ الحَيوٰةِ الدُّنيا كَمَثَلِ ريحٍ فيها صِرٌّ أَصابَت حَرثَ قَومٍ ظَلَموا أَنفُسَهُم فَأَهلَكَتهُ وَما ظَلَمَهُمُ اللَّهُ وَلٰكِن أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 117) |
هو پنهنجي هن دنيا واري زندگيءَ ۾ جو ڪجهه خرچ ڪري رهيا آهن، ان جو مثال ان هوا وانگر آهي جنهن ۾ پارو هجي ۽ انهن ماڻهن جي پوک تي پوي جن ظلم ڪيو آهي پنهنجي پاڻ تي، ۽ ان کي برباد ڪري ڇڏي، الله انهن تي ظلم نه ڪيو پر حقيقت ۾ هي پنهنجي مٿان پاڻ ظلم ڪري رهيا آهن. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّخِذوا بِطانَةً مِن دونِكُم لا يَألونَكُم خَبالًا وَدّوا ما عَنِتُّم قَد بَدَتِ البَغضاءُ مِن أَفوٰهِهِم وَما تُخفى صُدورُهُم أَكبَرُ قَد بَيَّنّا لَكُمُ الءايٰتِ إِن كُنتُم تَعقِلونَ (آيت : 118) |
اي لوڪو جن ايمان آندو آهي! پنهنجي جماعت جي ماڻهن کان سواءِ ٻين کي پنهنجو رازدار نه بنايو، نٿا مڙن هو توهان جي خرابيءَ جي ڪنهن به موقعي مان فائدي وٺڻ مان، توهان کي جنهن شيءِ مان نقصان پهچي، اها ئي انهن کي محبوب آهي. سندن بغض سندن واتن مان ٻاهر اچي ٿو دلين جو جيڪو سينن ۾ لڪايل اٿن، اهو ان کان وڌيڪ آهي. اسان توهان کي صاف هدايتون ڏنيون، جي توهان کي عقل آهي ( ته ساڻن تعلق رکڻ ۾ احتياط ڪريو) |
هٰأَنتُم أُولاءِ تُحِبّونَهُم وَلا يُحِبّونَكُم وَتُؤمِنونَ بِالكِتٰبِ كُلِّهِ وَإِذا لَقوكُم قالوا ءامَنّا وَإِذا خَلَوا عَضّوا عَلَيكُمُ الأَنامِلَ مِنَ الغَيظِ قُل موتوا بِغَيظِكُم إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 119) |
توهان ته انهن سان محبت ڪريو ٿا پر هو توهان سان محبت نٿا ڪن، جڏهن ته توهان مڃيو ٿا سڀني (آسماني) ڪتابن کي، ۽ جڏهن هو توهان سان ملن ٿا ته چون ٿا، اسان به ايمان آندو آهي (توهان جي رسول ۽ ڪتابن تي)، پر جڏهن الڳ ٿين ٿا ته چڙ ۽ ڪاوڙ جو هي حال اٿن جو آڱريون چٻاڙن ٿا، کين چؤ پنهنجي غصي ۾ پاڻ جلي مرو، بيشڪ الله دلين ۾ لڪل رازن کي به ڄاڻي ٿو. |
إِن تَمسَسكُم حَسَنَةٌ تَسُؤهُم وَإِن تُصِبكُم سَيِّئَةٌ يَفرَحوا بِها وَإِن تَصبِروا وَتَتَّقوا لا يَضُرُّكُم كَيدُهُم شَيـًٔا إِنَّ اللَّهَ بِما يَعمَلونَ مُحيطٌ (آيت : 120) |
جيڪڏهن ٿئي ٿو توهان جو ڀلو ته انهن کي تڪليف پهچي ٿي ۽ جي توهان تي اچي ٿي ڪا مصيبت ته خوش ٿين ٿا، پر سندن ڪابه تدبير توهان جي خلاف ڪامياب نه ٿيندي، جي صبر ڪندا رهو ۽ الله کان ڊڄندي ڪم ڪندا رهو، ته بيشڪ الله ان تي حاوي آهي جيڪي ڪجهه هو ڪري رهيا آهن. |
وَإِذ غَدَوتَ مِن أَهلِكَ تُبَوِّئُ المُؤمِنينَ مَقٰعِدَ لِلقِتالِ وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 121) |
۽ جڏهن تون صبح سويري گهران نڪتو هئين (اي رسول! مسلمانن جي آڏو ان جو ذڪر ڪر) ۽ (احد ميدان ۾) کين جنگ لاءِ الڳ هنڌن تي بيهاريو. الله سڀ ڪجهه ٻڌي ۽ ڄاڻي ٿو. |
إِذ هَمَّت طائِفَتانِ مِنكُم أَن تَفشَلا وَاللَّهُ وَلِيُّهُما وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 122) |
ياد ڪريو، جڏهن توهان مان ٻه ٽولا بزدلي ڏيکارڻ تي آماده ٿي ويا هئا، جڏهن ته الله انهن جي مدد لاءِ موجود هو ۽ الله تي ئي ڀروسو رکڻ گهرجي مؤمنن کي. |
وَلَقَد نَصَرَكُمُ اللَّهُ بِبَدرٍ وَأَنتُم أَذِلَّةٌ فَاتَّقُوا اللَّهَ لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 123) |
آخر ان کان پهرين به الله توهان جي مدد جنگِ بدر ۾ ڪري چڪو هو، ان وقت توهان ڪمزور هئا. توهان کي گهرجي ته الله جي ناشڪريءَ کان بچو، اميد ته هاڻي شڪرگذار رهندؤ. |
إِذ تَقولُ لِلمُؤمِنينَ أَلَن يَكفِيَكُم أَن يُمِدَّكُم رَبُّكُم بِثَلٰثَةِ ءالٰفٍ مِنَ المَلٰئِكَةِ مُنزَلينَ (آيت : 124) |
ياد ڪر اي نبي! جڏهن مؤمنن کي چئي رهيو هئين ”ڇا توهان جي لاءِ اها ڳالهه ڪافي نه آهي ته الله ٽي هزار ملائڪ موڪلي توهان جي مدد ڪري؟“ |
بَلىٰ إِن تَصبِروا وَتَتَّقوا وَيَأتوكُم مِن فَورِهِم هٰذا يُمدِدكُم رَبُّكُم بِخَمسَةِ ءالٰفٍ مِنَ المَلٰئِكَةِ مُسَوِّمينَ (آيت : 125) |
بيشڪ جي توهان صبر ڪريو ۽ الله کان ڊڄندي ڪم ڪريو ته جنهن وقت دشمن توهان تي چڙهائي ڪندو ته ان وقت توهان جو رب (ٽي هزار نه) پنج هزار نشان لڳل ملائڪن سان توهان جي مدد ڪندو. |
وَما جَعَلَهُ اللَّهُ إِلّا بُشرىٰ لَكُم وَلِتَطمَئِنَّ قُلوبُكُم بِهِ وَمَا النَّصرُ إِلّا مِن عِندِ اللَّهِ العَزيزِ الحَكيمِ (آيت : 126) |
۽ اها ڳالهه انهيءَ لاءِ الله توهان کي ٻڌائي آهي ته توهان خوش ٿي وڃو ۽ توهان جون دليون مطمئن ٿين، جيڪا فتح ۽ نصرت ڪجهه به آهي اها الله جي طرفان آهي، اهو وڏي طاقت وارو، دانا بينا آهي. |
لِيَقطَعَ طَرَفًا مِنَ الَّذينَ كَفَروا أَو يَكبِتَهُم فَيَنقَلِبوا خائِبينَ (آيت : 127) |
(اها مدد هو انهيءَ لاءِ ڏيندو) جيئن ڪفر جي راهه تي هلندڙن جو ڪٽي ڇڏي هڪ بازو يا اهڙي شڪست ڏئي جو نامرادي سان پٺتي هٽن. |
لَيسَ لَكَ مِنَ الأَمرِ شَيءٌ أَو يَتوبَ عَلَيهِم أَو يُعَذِّبَهُم فَإِنَّهُم ظٰلِمونَ (آيت : 128) |
(اي نبي!) تنهنجو ڪوبه حصو ناهي فيصلي جي اختيارن ۾، الله کي اختيار آهي ته اهو انهن کي معاف ڪري يا سزا ڏئي ڇو ته اهي ظالم آهن. |
وَلِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ يَغفِرُ لِمَن يَشاءُ وَيُعَذِّبُ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 129) |
بيشڪ الله ئي مالڪ آهي جيڪي ڪجهه آسمانن ۽ زمين ۾ آهي، جنهن کي گهري بخشي ڇڏي، جنهن کي گهري عذاب ڏئي، الله معاف ڪرڻ وارو رحيم آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَأكُلُوا الرِّبوٰا۟ أَضعٰفًا مُضٰعَفَةً وَاتَّقُوا اللَّهَ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 130) |
اي لوڪو، جن ايمان آندو آهي! ڇڏي ڏيو وڌندڙ ۽ مٿي چڙهندڙ وياج کائڻ ۽ الله کان ڊڄو، اميد ته توهان ڪامياب ويندؤ. |
وَاتَّقُوا النّارَ الَّتى أُعِدَّت لِلكٰفِرينَ (آيت : 131) |
۽ ان باهه کان بچو جيڪا تيار ڪئي وئي آهي ڪافرن جي لاءِ. |
وَأَطيعُوا اللَّهَ وَالرَّسولَ لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 132) |
۽ اطاعت ڪريو الله ۽ رسول جي، توهان تي رحم ڪيو ويندو. |
وَسارِعوا إِلىٰ مَغفِرَةٍ مِن رَبِّكُم وَجَنَّةٍ عَرضُهَا السَّمٰوٰتُ وَالأَرضُ أُعِدَّت لِلمُتَّقينَ (آيت : 133) |
ڊوڙندا هلو ان راهه تي جيڪا توهان جي رب جي بخشش ۽ ان جنت ڏانهن وڃي ٿي جنهن جي وسعت آسمانن ۽ زمين جيتري آهي ۽ اها انهن خدا ترس ماڻهن لاءِ تيار ڪيل آهي. |
الَّذينَ يُنفِقونَ فِى السَّرّاءِ وَالضَّرّاءِ وَالكٰظِمينَ الغَيظَ وَالعافينَ عَنِ النّاسِ وَاللَّهُ يُحِبُّ المُحسِنينَ (آيت : 134) |
جيڪي هر حال ۾ پنهنجا مال خرچ ڪن ٿا چاهي بد حال هجن چاهي خوش حال، ۽ جيڪي غصي کي پيئن ٿا ۽ معاف ڪن ٿا قصور ماڻهن جا، اهڙا ئي نيڪ ماڻهو بي حد پسند آهن الله کي. |
وَالَّذينَ إِذا فَعَلوا فٰحِشَةً أَو ظَلَموا أَنفُسَهُم ذَكَرُوا اللَّهَ فَاستَغفَروا لِذُنوبِهِم وَمَن يَغفِرُ الذُّنوبَ إِلَّا اللَّهُ وَلَم يُصِرّوا عَلىٰ ما فَعَلوا وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 135) |
۽ جن جو حال هي آهي جو انهن کان ڪو فحش ڪم ٿي وڃي يا گناهه سان ڪو ظلم پاڻ تي ڪن، ته يڪدم الله کين ياد اچي ٿو ۽ ان کان هو پنهنجي قصورن جي معافي گهرن ٿا، ڇوته ٻيو ڪير آهي جيڪو گناهه معاف ڪري سگهي الله کان سواءِ؟ ۽ هو ڏسي وائسي اصرار نٿا ڪن پنهنجي ڪِئي تي. |
أُولٰئِكَ جَزاؤُهُم مَغفِرَةٌ مِن رَبِّهِم وَجَنّٰتٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَنِعمَ أَجرُ العٰمِلينَ (آيت : 136) |
اهڙن ماڻهن جي جزا سندن رب وٽ هيءَ آهي جو هو کين معاف ڪري ۽ اهڙن باغن ۾ کين داخل ڪري، جن جي هيٺان نهرون پيون وهنديون ۽ هو اتي هميشه رهندا. ڪهڙو نه سهڻو بدلو آهي نيڪ ڪم ڪرڻ وارن لاءِ. |
قَد خَلَت مِن قَبلِكُم سُنَنٌ فَسيروا فِى الأَرضِ فَانظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُكَذِّبينَ (آيت : 137) |
توهان کان پهرين ڪيترا ئي دور گذري چڪا آهن، گهمي ڦري ڏسو زمين ۾، ته انهن ماڻهن جي ڇا پڇاڙي ٿي جن (الله جي حڪمت ۽(هدايت کي) ڪوڙو چيو. |
هٰذا بَيانٌ لِلنّاسِ وَهُدًى وَمَوعِظَةٌ لِلمُتَّقينَ (آيت : 138) |
هي ماڻهن جي لاءِ هڪ پڌري تنبيهه آهي ۽ پرهيزگارن جي لاءِ هدايت ۽ نصيحت. |
وَلا تَهِنوا وَلا تَحزَنوا وَأَنتُمُ الأَعلَونَ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 139) |
۽ دل نه لاهيو ۽ نه غم ڪريو، توهان ئي غالب رهندؤ جيڪڏهن توهان مؤمن آهيو. |
إِن يَمسَسكُم قَرحٌ فَقَد مَسَّ القَومَ قَرحٌ مِثلُهُ وَتِلكَ الأَيّامُ نُداوِلُها بَينَ النّاسِ وَلِيَعلَمَ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا وَيَتَّخِذَ مِنكُم شُهَداءَ وَاللَّهُ لا يُحِبُّ الظّٰلِمينَ (آيت : 140) |
هن وقت جي توهان کي چوٽ لڳي آهي ته هن کان پهرين توهان جي مخالف ڌر کي به اهڙي چوٽ لڳل آهي، ۽ هي ته زماني جون لاهيون چاڙهيون آهن، جن کي ماڻهن ۾ گهمائيندا رهون ٿا. الله سچائيءَ جي شاهدن کي ڏسڻ گهري ٿو ته ههڙي وقت ۾ سچا مؤمن ڪير آهن، ڇاڪاڻ ته الله کي پسند نه آهن ظالم ماڻهو. |
وَلِيُمَحِّصَ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا وَيَمحَقَ الكٰفِرينَ (آيت : 141) |
۽ انهيءَ آزمائش جي ذريعي الله مؤمنن کي جدا ڪري ڪافرن کي هلاڪ ڪرڻ گهريو ٿي. |
أَم حَسِبتُم أَن تَدخُلُوا الجَنَّةَ وَلَمّا يَعلَمِ اللَّهُ الَّذينَ جٰهَدوا مِنكُم وَيَعلَمَ الصّٰبِرينَ (آيت : 142) |
ڇا توهان ائين سمجهيو آهي ته جنت ۾ ائين ئي هليا ويندؤ، جڏهن ته الله اڃا اهو ڏٺو ئي ناهي ته توهان مان ڪير اهي ماڻهو آهن، جيڪي سندس راهه ۾ جانيون ڏيڻ وارا ۽ سندس لاءِ صبر ڪرڻ وارا آهن. |
وَلَقَد كُنتُم تَمَنَّونَ المَوتَ مِن قَبلِ أَن تَلقَوهُ فَقَد رَأَيتُموهُ وَأَنتُم تَنظُرونَ (آيت : 143) |
توهان ته تمنائون ڪيون موت جون، پر هي ان وقت جي ڳالهه هئي جڏهن موت آڏو نه هو، ڏسو هاڻي اهو توهان جي سامهون اچي ويو ۽ توهان ان کي اکين سان ڏٺو آهي. |
وَما مُحَمَّدٌ إِلّا رَسولٌ قَد خَلَت مِن قَبلِهِ الرُّسُلُ أَفَإِي۟ن ماتَ أَو قُتِلَ انقَلَبتُم عَلىٰ أَعقٰبِكُم وَمَن يَنقَلِب عَلىٰ عَقِبَيهِ فَلَن يَضُرَّ اللَّهَ شَيـًٔا وَسَيَجزِى اللَّهُ الشّٰكِرينَ (آيت : 144) |
۽ محمد ڪجهه ناهي انهيءَ کان سواءِ فقط هڪ رسول آهي، گذري چڪا آهن ان کان پهرين ٻيا رسول، پوءِ ڇا جيڪڏهن هو مري وڃي، يا قتل ڪيو وڃي ته توهان ماڻهو پٺتي ڦري ويندؤ ۽ ياد رکو، جيڪو ابتو ڦري ويندو سو ڪجهه نقصان نه ڪندو الله جو، البته جيڪي الله جا شڪر گذار بندا ٿي رهندا، الله انهن کي ان جي جزا ڏيندو. |
وَما كانَ لِنَفسٍ أَن تَموتَ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ كِتٰبًا مُؤَجَّلًا وَمَن يُرِد ثَوابَ الدُّنيا نُؤتِهِ مِنها وَمَن يُرِد ثَوابَ الءاخِرَةِ نُؤتِهِ مِنها وَسَنَجزِى الشّٰكِرينَ (آيت : 145) |
ڪوبه روح وارو مري نٿو سگهي سواءِ حڪم الله جي، موت جو وقت ته لکيل آهي، جيڪو ماڻهو ثواب جي ارادي سان دنيا ۾ ڪم ڪندو، ان کي دنيا ۾ ئي ملندو ۽ جيڪو ڪم ڪندو ثواب آخرت جي لاءِ اهو آخرت جو حاصل ڪندو، شڪر ڪندڙن کي ان جي جزا ضرور ملندي. |
وَكَأَيِّن مِن نَبِىٍّ قٰتَلَ مَعَهُ رِبِّيّونَ كَثيرٌ فَما وَهَنوا لِما أَصابَهُم فى سَبيلِ اللَّهِ وَما ضَعُفوا وَمَا استَكانوا وَاللَّهُ يُحِبُّ الصّٰبِرينَ (آيت : 146) |
هن کان پهرين اهڙا نبي گذريا، جن سان ملي خدا پرستن گڏجي جنگ لڙي، انهن کي ڪيتريون ئي مصيبتون الله جي راهه ۾ ڏسڻيون پيون پر اهي دل لاهي نه ويٺا، (باطل اڳيان) جهڪيا نه، الله پسند ڪري ٿو اهڙن ئي صبر ڪندڙن کي. |
وَما كانَ قَولَهُم إِلّا أَن قالوا رَبَّنَا اغفِر لَنا ذُنوبَنا وَإِسرافَنا فى أَمرِنا وَثَبِّت أَقدامَنا وَانصُرنا عَلَى القَومِ الكٰفِرينَ (آيت : 147) |
انهن جي دعا بس اها ئي هئي ته ”اي اسان جا رب! معاف ڪر اسان جي غلطين ۽ ڪوتاهين کي، اسان پنهنجي ڪمن ۾ جيترو تنهنجي حدن کي اورانگهيو اهي معاف فرماءِ، اسان جا قدم ڄماءِ ۽ مدد ڪر ڪافرن جي مقابلي ۾.“ |
فَـٔاتىٰهُمُ اللَّهُ ثَوابَ الدُّنيا وَحُسنَ ثَوابِ الءاخِرَةِ وَاللَّهُ يُحِبُّ المُحسِنينَ (آيت : 148) |
آخرڪار عطا ڪيو الله انهن کي دنيا جو ثواب ۽ ان کان به سهڻو ثواب آخرت جو ڏنو، الله کي ته اهڙا ئي نيڪ عمل ماڻهو وڻن ٿا. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِن تُطيعُوا الَّذينَ كَفَروا يَرُدّوكُم عَلىٰ أَعقٰبِكُم فَتَنقَلِبوا خٰسِرينَ (آيت : 149) |
اي لوڪو جن ايمان آندو آهي! جي توهان انهن ماڻهن جي اشارن تي هلندا جن ڪفر جي راهه اختيار ڪئي آهي، ته اهي توهان کي پوئتي ڦيرائي ويندا پوءِ توهان نامراد ٿي ويندا. |
بَلِ اللَّهُ مَولىٰكُم وَهُوَ خَيرُ النّٰصِرينَ (آيت : 150) |
حقيقت ۾ الله ئي توهان جو حامي۽ مددگار آهي، ۽ اهو بهترين مدد ڪرڻ وارو آهي. |
سَنُلقى فى قُلوبِ الَّذينَ كَفَرُوا الرُّعبَ بِما أَشرَكوا بِاللَّهِ ما لَم يُنَزِّل بِهِ سُلطٰنًا وَمَأوىٰهُمُ النّارُ وَبِئسَ مَثوَى الظّٰلِمينَ (آيت : 151) |
اهو وقت جلد ايندو جڏهن اسان ويهارينداسين حق جي منڪرن جي دلين تي رعب، ڇاڪاڻ ته انهن (ڪيترا ئي) شريڪ بڻايا آهن الله سان سندس خدائي ۾، جن جي شريڪ هئڻ لاءِ الله ڪا سَنَد نازل نه ڪئي آهي ۽ انهن جو آخري ٺڪاڻو جهنم آهي، انتهائي برو جيڪو ظالمن کي نصيب ٿيندو. |
وَلَقَد صَدَقَكُمُ اللَّهُ وَعدَهُ إِذ تَحُسّونَهُم بِإِذنِهِ حَتّىٰ إِذا فَشِلتُم وَتَنٰزَعتُم فِى الأَمرِ وَعَصَيتُم مِن بَعدِ ما أَرىٰكُم ما تُحِبّونَ مِنكُم مَن يُريدُ الدُّنيا وَمِنكُم مَن يُريدُ الءاخِرَةَ ثُمَّ صَرَفَكُم عَنهُم لِيَبتَلِيَكُم وَلَقَد عَفا عَنكُم وَاللَّهُ ذو فَضلٍ عَلَى المُؤمِنينَ (آيت : 152) |
(تائيد ۽ مدد جو) جيڪو وعدو الله توهان سان ڪيو هو، اهو پورو ٿيو. اول توهان ان جي ئي حڪم سان انهن کي قتل ڪري رهيا هئا، پر جڏهن توهان ڪمزوري ڏيکاري، پنهنجي ڪم ۾ اختلاف ڪيو، جيئن ئي الله توهان کي اها شيءِ ڏيکاري، جنهن جي محبت ۾ توهان گرفتار هئا (يعني مالِ غنيمت)، توهان پنهنجي سردار جي حڪم جي خلاف ورزي ڪئ ، ڪي دنيا جا طالب هئا ۽ ڪن آخرت جي خواهش رکي ٿي، تڏهن ئي ته الله توهان کي ڪافرن جي مقابلي ۾ ناڪام ڪيو، جيئن توهان جي آزمائش ڪري ۽ معاف ڪري توهان کي، ڇاڪاڻ ته الله مؤمنن تي عنايت جي نظر رکي ٿو. |
إِذ تُصعِدونَ وَلا تَلوۥنَ عَلىٰ أَحَدٍ وَالرَّسولُ يَدعوكُم فى أُخرىٰكُم فَأَثٰبَكُم غَمًّا بِغَمٍّ لِكَيلا تَحزَنوا عَلىٰ ما فاتَكُم وَلا ما أَصٰبَكُم وَاللَّهُ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 153) |
ياد ڪريو جڏهن توهان ڀڳا پئي ويا، ڪنهن ڏانهن مڙي ڏسڻ جو به هوش ڪونه هو، ۽ رسول توهان کي پويان پڪاري رهيو هو، ان وقت توهان جي اهڙي هلت جو بدلو الله توهان کي اهو ڏنو جو توهان کي رنج ۽ غم ڏئي، جيئن آئنده لاءِ توهان کي اهو سبق ملي ته جيڪي توهان جي هٿن مان وڃي يا مصيبت اچي ته ان تي ملول نه ٿيو ۽ الله توهان جي سڀني عملن کان باخبر آهي. |
ثُمَّ أَنزَلَ عَلَيكُم مِن بَعدِ الغَمِّ أَمَنَةً نُعاسًا يَغشىٰ طائِفَةً مِنكُم وَطائِفَةٌ قَد أَهَمَّتهُم أَنفُسُهُم يَظُنّونَ بِاللَّهِ غَيرَ الحَقِّ ظَنَّ الجٰهِلِيَّةِ يَقولونَ هَل لَنا مِنَ الأَمرِ مِن شَيءٍ قُل إِنَّ الأَمرَ كُلَّهُ لِلَّهِ يُخفونَ فى أَنفُسِهِم ما لا يُبدونَ لَكَ يَقولونَ لَو كانَ لَنا مِنَ الأَمرِ شَيءٌ ما قُتِلنا هٰهُنا قُل لَو كُنتُم فى بُيوتِكُم لَبَرَزَ الَّذينَ كُتِبَ عَلَيهِمُ القَتلُ إِلىٰ مَضاجِعِهِم وَلِيَبتَلِىَ اللَّهُ ما فى صُدورِكُم وَلِيُمَحِّصَ ما فى قُلوبِكُم وَاللَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 154) |
الله انهيءَ غم کان پوءِ وري توهان مان ڪن ماڻهن تي اهڙي اطمينان واري حالت طاري ڪئي جو اهي اوجهراڪيون کائڻ لڳا، پر هڪ ٻيو ٽولو جنهن وٽ سڄي اهميت فقط سندن مفاد کي هئي، اهي الله متعلق سراسر حق جي ابتڙ جاهلاڻا شڪ ڪرڻ لڳا، هي ماڻهو هاڻي چون ٿا ته، هن ڪم کي هلائڻ ۾ اسان جو به ڪو حصو آهي، انهن کي چؤ (اي نبي! ڪنهن جو به حصو ناهي) بيشڪ اختيار سڀ الله جي هٿ ۾ آهن، اصل ۾ هي ماڻهو پنهنجي دلين ۾ جيڪا ڳالهه لڪايو ويٺا آهن، انهن کي تنهنجي آڏو ظاهر نٿا ڪن، سندن مطلب هي آهي ته ”جي اڳواڻي جي اختيارن ۾ اسان جو به ڪجهه حصو هجي ها ته اسان هت ماريا نه وڃون ها“، انهن کي چؤ ته، ”جي توهان پنهنجي گهرن ۾ به هجو ها ته جن ماڻهن جو موت لکيل هو، اهي پنهنجي قتل گاهن ڏانهن نڪري اچن ها“ ۽ هي معاملو جيڪو پيش آيو، اهو ان لاءِ هو ته الله انهيءَ راز کي آزمائي جيڪو توهان جي سينن ۾ هو ۽ جيڪا کوٽ توهان جي دلين ۾ آهي، ۽ الله چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو دلين جا راز. |
إِنَّ الَّذينَ تَوَلَّوا مِنكُم يَومَ التَقَى الجَمعانِ إِنَّمَا استَزَلَّهُمُ الشَّيطٰنُ بِبَعضِ ما كَسَبوا وَلَقَد عَفَا اللَّهُ عَنهُم إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ حَليمٌ (آيت : 155) |
بيشڪ توهان مان جن ماڻهن مقابلي واري ڏينهن پٺي ڦيري هئي، انهن جي هيڻائيءَ جو سبب هي هو ته انهن جي ڪن ڪمزورين سبب شيطان سندن قدمن کي لوڏي وڌو هو، الله انهن کي معاف ڪري ڇڏيو، بيشڪ الله وڏو معاف ڪندڙ بُردبار آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَكونوا كَالَّذينَ كَفَروا وَقالوا لِإِخوٰنِهِم إِذا ضَرَبوا فِى الأَرضِ أَو كانوا غُزًّى لَو كانوا عِندَنا ما ماتوا وَما قُتِلوا لِيَجعَلَ اللَّهُ ذٰلِكَ حَسرَةً فى قُلوبِهِم وَاللَّهُ يُحيۦ وَيُميتُ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 156) |
اي لوڪو جن ايمان آندو آهي! اهڙيون ڳالهيون نه ڪريو جيڪي ڪافرن جهڙيون آهن، انهن جا عزيز ۽ ويجها ماڻهو جڏهن ڪنهن سفر تي وڃن ٿا (۽ اتي ڪنهن حادثي جو شڪار ٿين ٿا)، ته چون ٿا ”جي هو اسان وٽ هجن ها ته ماريا نه وڃن ها ۽ نه قتل ئي ٿين ها“ اهڙي قسم جي ڳالهين کي الله سندن دلين ۾ حسرت ۽ غم جو سبب بنائي ٿو، ۽ اصل ۾ جيارڻ ۽ مارڻ وارو ته الله ئي آهي، ۽ الله ئي توهان جي سڄي چرپر جو نگران آهي. |
وَلَئِن قُتِلتُم فى سَبيلِ اللَّهِ أَو مُتُّم لَمَغفِرَةٌ مِنَ اللَّهِ وَرَحمَةٌ خَيرٌ مِمّا يَجمَعونَ (آيت : 157) |
۽ جيڪڏهن توهان قتل ٿي وڃو الله جي راهه ۾ يا مري وڃو ته رحمتِ خداوندي ۽ بخشش توهان جي حصي ۾ ايندي، اها هر شيءِ کان بهتر آهي جيڪي هي ماڻهو گڏ ڪن ٿا. |
وَلَئِن مُتُّم أَو قُتِلتُم لَإِلَى اللَّهِ تُحشَرونَ (آيت : 158) |
۽ جي توهان مري وڃو يا ماريا وڃو، بهرحال توهان سڀني کي الله ڏي ئي گڏجي وڃڻو آهي. |
فَبِما رَحمَةٍ مِنَ اللَّهِ لِنتَ لَهُم وَلَو كُنتَ فَظًّا غَليظَ القَلبِ لَانفَضّوا مِن حَولِكَ فَاعفُ عَنهُم وَاستَغفِر لَهُم وَشاوِرهُم فِى الأَمرِ فَإِذا عَزَمتَ فَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُتَوَكِّلينَ (آيت : 159) |
(اي پيغمبر!) هيءَ وڏي رحمت ئي آهي الله جي جو تون انهن ماڻهن لاءِ ڏاڍو نرم مزاج آهين، جي تون تيز طبيعت يا سنگدل هجين ها ته هي تنهنجي چوڌاري (جيڪي ماڻهو آهن) ڀڄي وڃن ها، معاف ڪر انهن جا قصور، انهن جي حق ۾ بخشش جي دعا گهر ۽ دين جي ڪمن ۾ سندن مشورا شامل رک، پوءِ جي توهان جو ارادو ڪنهن راءِ تي مضبوط ٿي وڃي ته ڀروسو رکو الله تي، بيشڪ اهڙن ئي ماڻهن کي الله پسند ڪري ٿو جيڪي ان تي ڀروسو ڪندا آهن. |
إِن يَنصُركُمُ اللَّهُ فَلا غالِبَ لَكُم وَإِن يَخذُلكُم فَمَن ذَا الَّذى يَنصُرُكُم مِن بَعدِهِ وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 160) |
جيڪڏهن توهان جي مدد ۾ الله هوندو ته پوءِ ڪابه طاقت توهان تي غالب نه ايندي، ۽ جي هو توهان کي ڇڏي ڏئي، ته پوءِ ڪير آهي جيڪو توهان جي مدد ڪري سگهي ٿو ان کان سواءِ، انهن کي (مڪمل) ڀروسو ڪرڻ گهرجي الله تي ئي جيڪي سچا مؤمن آهن. |
وَما كانَ لِنَبِىٍّ أَن يَغُلَّ وَمَن يَغلُل يَأتِ بِما غَلَّ يَومَ القِيٰمَةِ ثُمَّ تُوَفّىٰ كُلُّ نَفسٍ ما كَسَبَت وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 161) |
۽ ڪنهن به نبيءَ جو هي ڪم ٿي نٿو سگهي ته اهو خيانت ڪري ۽ جيڪو خيانت ڪندو اهو پنهنجي خيانت سميت قيامت جي ڏينهن حاضر ٿيندو، پوءِ هر ساهه واري کي پنهنجي ڪمائيءَ جو پورو بدلو ملي ويندو ۽ ڪنهن تي به ظلم نه ٿيندو. |
أَفَمَنِ اتَّبَعَ رِضوٰنَ اللَّهِ كَمَن باءَ بِسَخَطٍ مِنَ اللَّهِ وَمَأوىٰهُ جَهَنَّمُ وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 162) |
ڀلا ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته ڪو شخص الله جي رضا تي هلڻ وارو هجي، اهو ان شخص وانگر ڪري جيڪو الله جي غضب هيٺ آيل هجي ۽ سندس آخري ٺڪاڻو جهنم هجي! ۽ اهو بدترين ٺڪاڻو آهي. |
هُم دَرَجٰتٌ عِندَ اللَّهِ وَاللَّهُ بَصيرٌ بِما يَعمَلونَ (آيت : 163) |
ٻنهي قسمن جي ماڻهن ۾ وڏو فرق آهي الله وٽ، ۽ الله نظر رکي ٿو سڀني جي اعمال تي. |
لَقَد مَنَّ اللَّهُ عَلَى المُؤمِنينَ إِذ بَعَثَ فيهِم رَسولًا مِن أَنفُسِهِم يَتلوا عَلَيهِم ءايٰتِهِ وَيُزَكّيهِم وَيُعَلِّمُهُمُ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَإِن كانوا مِن قَبلُ لَفى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 164) |
حقيقت ۾ الله اهلِ ايمان تي وڏو احسان ڪيو آهي جو موڪليو آهي انهن جي وچ ۾ هڪ اهڙي پيغمبر کي، جيڪو انهن کي سندس آيتون ٻڌائي ٿو، انهن جي زندگين کي سنواري ٿو ۽ انهن کي تعليم ڏئي ٿو ڪتاب ۽ دانائيءَ جي، ۽ جڏهن ته اهي ماڻهو ان کان پهرين پڌرين گمراهين ۾ پيل هئا. |
أَوَلَمّا أَصٰبَتكُم مُصيبَةٌ قَد أَصَبتُم مِثلَيها قُلتُم أَنّىٰ هٰذا قُل هُوَ مِن عِندِ أَنفُسِكُم إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 165) |
۽ هي توهان جو ڇا حال آهي توهان تي مصيبت آئي جڏهن ته(جنگ بدر ۾) ان کان ٻيڻي توهان جي هٿان (مخالفن تي) آئي، ته توهان چوڻ لڳا ته ڪٿان آئي؟ (اي نبي) چؤ انهن کي ته، اها مصيبت توهان جي پنهنجي آندل آهي، بيشڪ الله هر شيءِ تي قادر آهي. |
وَما أَصٰبَكُم يَومَ التَقَى الجَمعانِ فَبِإِذنِ اللَّهِ وَلِيَعلَمَ المُؤمِنينَ (آيت : 166) |
۽ جيڪو نقصان توهان کي لڙائي واري ڏينهن پهتو هو اهو الله جي حڪم سان هو جيئن الله ڏسي ته توهان مان مؤمن ڪير آهي. |
وَلِيَعلَمَ الَّذينَ نافَقوا وَقيلَ لَهُم تَعالَوا قٰتِلوا فى سَبيلِ اللَّهِ أَوِ ادفَعوا قالوا لَو نَعلَمُ قِتالًا لَاتَّبَعنٰكُم هُم لِلكُفرِ يَومَئِذٍ أَقرَبُ مِنهُم لِلإيمٰنِ يَقولونَ بِأَفوٰهِهِم ما لَيسَ فى قُلوبِهِم وَاللَّهُ أَعلَمُ بِما يَكتُمونَ (آيت : 167) |
۽ اهو ڄاڻي ته منافق ڪير آهي ۽ اهي منافق جن کي جڏهن چيو ويو ته اچو ۽ جنگ ڪريو الله جي راهه ۾ يا (پنهنجي شهر جو) دفاع ڪريو، ته چوڻ لڳا ”جي اسان کي معلوم هجي ها ته اڄ جنگ ٿيندي ته توهان سان گڏ هلون ها“، اها ڳالهه جڏهن هو ڪري رهيا هئا ته ان وقت اهي ڪفر کي وڌيڪ ويجها هئا بنسبت ايمان جي، اهي پنهنجي زبانن سان اهي ڳالهيون چون ٿا جيڪي نه هونديون آهن سندن دلين ۾، ۽ الله سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو جيڪي اهي دلين ۾ لڪائين ٿا. |
الَّذينَ قالوا لِإِخوٰنِهِم وَقَعَدوا لَو أَطاعونا ما قُتِلوا قُل فَادرَءوا عَن أَنفُسِكُمُ المَوتَ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 168) |
هي اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي پاڻ ته ويٺا رهيا ۽ سندن ڀائر جيڪي وڙهڻ ويا ۽ ماريا ويا، انهن لاءِ چيو، جي اهي اسان جي ڳالهه مڃين ها ته ماريا نه وڃن ها، کين چؤ ته ”جي توهان پنهنجي قول ۾ سچا آهيو ته جڏهن توهان جو موت اچي ته اهو ٽاري ڏيکارجو.“ |
وَلا تَحسَبَنَّ الَّذينَ قُتِلوا فى سَبيلِ اللَّهِ أَموٰتًا بَل أَحياءٌ عِندَ رَبِّهِم يُرزَقونَ (آيت : 169) |
۽ (اي نبي!) جيڪي ماڻهو قتل ٿيا آهن الله جي راهه ۾، انهن کي مرده نه سمجهو، حقيقت ۾ اهي زنده آهن پنهنجي رب وٽ رزق پيا حاصل ڪن. |
فَرِحينَ بِما ءاتىٰهُمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ وَيَستَبشِرونَ بِالَّذينَ لَم يَلحَقوا بِهِم مِن خَلفِهِم أَلّا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 170) |
جيڪي ڪجهه پنهنجي فضل سان الله انهن کي ڏنو آهي، ان تي اهي خوش آهن ۽ اهي بشارتون موڪلين ٿا انهن لاءِ جيڪي ناهن مليا انهن سان جيڪي انهن جي پويان آهن، پوءِ ڪوبه خوف نه هوندو انهن تي ۽ نه وري اهي غمگين ئي رهندا. |
يَستَبشِرونَ بِنِعمَةٍ مِنَ اللَّهِ وَفَضلٍ وَأَنَّ اللَّهَ لا يُضيعُ أَجرَ المُؤمِنينَ (آيت : 171) |
هو خوش ٿين ٿا نعمتون الله جون ڏسي ۽ ان جو فضل ۽ بيشڪ الله نٿو ضايع ڪري اجر مؤمنن جو. |
الَّذينَ استَجابوا لِلَّهِ وَالرَّسولِ مِن بَعدِ ما أَصابَهُمُ القَرحُ لِلَّذينَ أَحسَنوا مِنهُم وَاتَّقَوا أَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 172) |
اهي ماڻهو جن حڪم مڃيو الله ۽ رسول جو ان کان پوءِ جو کين پهتا زخم، انهن لاءِ جن احسان ڪيو انهن مان ۽ تقويٰ اختيار ڪئي، انهن لاءِ وڏو اجر آهي. |
الَّذينَ قالَ لَهُمُ النّاسُ إِنَّ النّاسَ قَد جَمَعوا لَكُم فَاخشَوهُم فَزادَهُم إيمٰنًا وَقالوا حَسبُنَا اللَّهُ وَنِعمَ الوَكيلُ (آيت : 173) |
اهي ماڻهو جن چيو انهن منجهان ته بيشڪ انهن ئي گڏ ڪيو (لشڪر) توهان جي (مقابلي) لاءِ، پوءِ ڊڄو ان کان، ته ان ڳالهه وڌائي ڇڏيو سندن ايمان، ۽ هنن چيو ته ڪافي آهي اسان جي لاءِ الله ۽ اهو ئي ڀلو آهي ڪارساز |
فَانقَلَبوا بِنِعمَةٍ مِنَ اللَّهِ وَفَضلٍ لَم يَمسَسهُم سوءٌ وَاتَّبَعوا رِضوٰنَ اللَّهِ وَاللَّهُ ذو فَضلٍ عَظيمٍ (آيت : 174) |
آخرڪار هو موٽيا الله جي نعمت ۽ فضل سان، انهن کي ڪنهن قسم جو نقصان به نه پهتو، ۽ انهن کي الله جي رضا تي هلڻ جو شرف به مليو، الله وڏو فضل ڪرڻ وارو آهي. |
إِنَّما ذٰلِكُمُ الشَّيطٰنُ يُخَوِّفُ أَولِياءَهُ فَلا تَخافوهُم وَخافونِ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 175) |
بيشڪ هاڻي توهان کي معلوم ٿيو ته اهو اصل ۾ شيطان هو جيڪو ڊيڄاري رهيو هو پنهنجي دوستن کي، ان ڪري آئنده انهن کان نه بلڪه مون کان ڊڄو جي توهان صاحبِ ايمان آهيو. |
وَلا يَحزُنكَ الَّذينَ يُسٰرِعونَ فِى الكُفرِ إِنَّهُم لَن يَضُرُّوا اللَّهَ شَيـًٔا يُريدُ اللَّهُ أَلّا يَجعَلَ لَهُم حَظًّا فِى الءاخِرَةِ وَلَهُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 176) |
(اي نبي!) انهن جون سرگرميون توکي ڏک ۾ نه وجهن، جيڪي ماڻهو اڄ وڏي ڊڪ ڊوڙ ڪن پيا ڪفر جي راهه ۾، هي الله جو ڪجهه به بگاڙي نٿا سگهن، الله جو هي ارادو آهي ته انهن جي لاءِ ڪوبه حصو نه رکي آخرت ۾، ۽ انهن کي نيٺ ته سخت سزا ملڻ واري آهي. |
إِنَّ الَّذينَ اشتَرَوُا الكُفرَ بِالإيمٰنِ لَن يَضُرُّوا اللَّهَ شَيـًٔا وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 177) |
بيشڪ جيڪي ماڻهو ڪفر جا خريدار ٿيا آهن ايمان کي ڇڏي، اهي يقينًا الله جو ڪوبه نقصان نه پيا ڪن، انهن جي لاءِ تيار آهي عذاب دردناڪ. |
وَلا يَحسَبَنَّ الَّذينَ كَفَروا أَنَّما نُملى لَهُم خَيرٌ لِأَنفُسِهِم إِنَّما نُملى لَهُم لِيَزدادوا إِثمًا وَلَهُم عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 178) |
هي ڍر پاڻ لاءِ بهتر نه سمجهن ڪافر، جيڪا کين ڏئي رهيا آهيون ان کي هي بيشڪ اها ڍر اصل ۾ انهيءَ ڪري ڏئي رهيا آهيون ته چڱيءَ طرح گناهن جو بار کڻن، پوءِ انهن لاٰءِ سخت ذليل ڪرڻ واري سزا آهي. |
ما كانَ اللَّهُ لِيَذَرَ المُؤمِنينَ عَلىٰ ما أَنتُم عَلَيهِ حَتّىٰ يَميزَ الخَبيثَ مِنَ الطَّيِّبِ وَما كانَ اللَّهُ لِيُطلِعَكُم عَلَى الغَيبِ وَلٰكِنَّ اللَّهَ يَجتَبى مِن رُسُلِهِ مَن يَشاءُ فَـٔامِنوا بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ وَإِن تُؤمِنوا وَتَتَّقوا فَلَكُم أَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 179) |
ڪڏهن به الله انهيءَ حالت ۾ مؤمنن کي نه ڇڏيندو، جنهن ۾ توهان هن وقت آهيو، هو ضرور ناپاڪ ماڻهن کان پاڪ ماڻهن کي الڳ ڪندو، پر اهو طريقو نه آهي الله جو ته توهان کي غيب کان واقف ڪري، پر الله پنهنجي رسولن مان جنهن کي گُهري، ان کي (غيبي ڪمن لاءِ) چونڊي وٺندو آهي. ته پوءِ ايمان رکو الله ۽ سندس رسولن تي ۽ جيڪڏهن توهان خدا ترسيءَ جي راهه تي هلندا رهيا ته توهان کي ملندو وڏو اجر. |
وَلا يَحسَبَنَّ الَّذينَ يَبخَلونَ بِما ءاتىٰهُمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ هُوَ خَيرًا لَهُم بَل هُوَ شَرٌّ لَهُم سَيُطَوَّقونَ ما بَخِلوا بِهِ يَومَ القِيٰمَةِ وَلِلَّهِ ميرٰثُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 180) |
۽ نه رهن اهي ان خيال ۾ جن ماڻهن کي الله پنهنجي فضل سان نوازيو آهي پر اهي بخل کان ڪم وٺن ٿا ته اها ڪنجوسي انهن لاءِ چڱي آهي. نه، پر اها ته انهن لاءِ بنهه بري آهي، هو جيڪي ڪجهه پنهنجي ڪنجوسائپ سان ڪري رهيا آهن، اهو قيامت جي ڏينهن انهن لاءِ ڳچيءَ جو طوق ٿيندو، الله جي لاءِ آسمانن ۽ زمين جي ميراث آهي ۽ الله توهان جي هر عمل کان چڱيءَ طرح باخبر آهي. |
لَقَد سَمِعَ اللَّهُ قَولَ الَّذينَ قالوا إِنَّ اللَّهَ فَقيرٌ وَنَحنُ أَغنِياءُ سَنَكتُبُ ما قالوا وَقَتلَهُمُ الأَنبِياءَ بِغَيرِ حَقٍّ وَنَقولُ ذوقوا عَذابَ الحَريقِ (آيت : 181) |
ٻڌي ورتو الله انهن ماڻهن جو قول جيڪي چون ٿا ته حقيقت ۾ الله فقير آهي ۽ اسين شاهوڪار (غني) آهيون، لکي ورتيون سين انهن جون ڳالهيون ۽ انهيءَ کان اڳ اهي نبين کي قتل ڪندا رهيا ناحق، ۽ اهو به سندن اعمالنامي ۾ درج آهي، فيصلي جي وقت چونداسين ته اچو، جهنم جي عذاب جو مزو چکو. |
ذٰلِكَ بِما قَدَّمَت أَيديكُم وَأَنَّ اللَّهَ لَيسَ بِظَلّامٍ لِلعَبيدِ (آيت : 182) |
اها توهان جي هٿن جي ڪمائي آهي ۽ بيشڪ (ڪڏهن به) الله پنهنجن بندن جي لاءِ ظالم نه آهي. |
الَّذينَ قالوا إِنَّ اللَّهَ عَهِدَ إِلَينا أَلّا نُؤمِنَ لِرَسولٍ حَتّىٰ يَأتِيَنا بِقُربانٍ تَأكُلُهُ النّارُ قُل قَد جاءَكُم رُسُلٌ مِن قَبلى بِالبَيِّنٰتِ وَبِالَّذى قُلتُم فَلِمَ قَتَلتُموهُم إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 183) |
جيڪي ماڻهو چون ٿا ته بيشڪ ”الله اسان کي هدايت ڪئي آهي ته اسين ڪنهن کي رسول ڪري نه مڃون، جيتر هو اسان جي آڏو اهڙي قرباني نه ڪري جنهن کي (غيب کان) باهه اچي کائي وڃي.“ کين چؤ، توهان وٽ ڪيترا رسول مون کان اڳ چٽين نشانين سان آيا هئا، جنهن جو توهان ذڪر ڪريو ٿا، ته پوءِ توهان انهن کي قتل ڇو ڪيو؟ جي توهان (ايمان آڻڻ ۾) سچا آهيو. |
فَإِن كَذَّبوكَ فَقَد كُذِّبَ رُسُلٌ مِن قَبلِكَ جاءو بِالبَيِّنٰتِ وَالزُّبُرِ وَالكِتٰبِ المُنيرِ (آيت : 184) |
(اي محمد!) جي هي ماڻهو توکي ڪوڙو چون ٿا ته تو کان پهرين به ڪيترا ئي رسول ڪوڙا ڪيا ويا جن چٽيون نشانيون، صحيفا ۽ روشني بخشيندڙ ڪتاب آندا. |
كُلُّ نَفسٍ ذائِقَةُ المَوتِ وَإِنَّما تُوَفَّونَ أُجورَكُم يَومَ القِيٰمَةِ فَمَن زُحزِحَ عَنِ النّارِ وَأُدخِلَ الجَنَّةَ فَقَد فازَ وَمَا الحَيوٰةُ الدُّنيا إِلّا مَتٰعُ الغُرورِ (آيت : 185) |
هر ڪنهن شخص کي نيٺ موت جو ذائقو چکڻو آهي ۽ بيشڪ هرڪو پنهنجو پنهنجو اجورو ڏينهن قيامت جي ماڻيندو. اصل ۾ ڪامياب اهو آهي جيڪو دوزخ جي باهه کان اتي بچي ۽ جنت ۾ داخل ڪيو وڃي، ۽ رهي هيءَ دنيا جي حياتي ته اها ظاهر ظهور دوکي واري شيءِ آهي. |
لَتُبلَوُنَّ فى أَموٰلِكُم وَأَنفُسِكُم وَلَتَسمَعُنَّ مِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ مِن قَبلِكُم وَمِنَ الَّذينَ أَشرَكوا أَذًى كَثيرًا وَإِن تَصبِروا وَتَتَّقوا فَإِنَّ ذٰلِكَ مِن عَزمِ الأُمورِ (آيت : 186) |
مسلمانؤ! ضرور آزمايو ويندو توهان کي مال ۽ جان ٻنهي قربانين سان ۽ ٻڌندا توهان اهل ڪتاب ۽ مشرڪن کان گهڻيون ڏکوئيندڙ ڳالهيون، جيڪڏهن انهن مڙني حالتن ۾ توهان صبر ۽ خدا ترسيءَ جي راهه تي قائم رهندؤ ته اهو وڏي حوصلي وارو ڪم آهي. |
وَإِذ أَخَذَ اللَّهُ ميثٰقَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ لَتُبَيِّنُنَّهُ لِلنّاسِ وَلا تَكتُمونَهُ فَنَبَذوهُ وَراءَ ظُهورِهِم وَاشتَرَوا بِهِ ثَمَنًا قَليلًا فَبِئسَ ما يَشتَرونَ (آيت : 187) |
۽ انهن اهل ڪتاب کي ورتل الله جو اهو وعدو به ياد ڏياريو ته توهان ڪتاب جي تعليم کي عام ڪندؤ ماڻهن ۾، نه رکندؤ ان کي لڪائي، پر انهن ڪتاب کي پٺيءَ پويان اڇلي ڇڏيو ۽ ان کي وڪڻي ڇڏيائون ٿوري قيمت تي، ڪيڏو نه برو ڪاروبار آهي جيڪو هي ڪن پيا. |
لا تَحسَبَنَّ الَّذينَ يَفرَحونَ بِما أَتَوا وَيُحِبّونَ أَن يُحمَدوا بِما لَم يَفعَلوا فَلا تَحسَبَنَّهُم بِمَفازَةٍ مِنَ العَذابِ وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 188) |
اهي ماڻهو گمان نه ڪن ته اهي عذاب کان محفوظ آهن، جيڪي چاهين ٿا ته تعريف ٿئي سندن ڪرتوتن جي جيڪي حقيقت ۾ انهن ڪيا ئي ناهن. اهي نه بچندا عذاب کان، انهن لاءِ ته دردناڪ سزا تيار آهي. |
وَلِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 189) |
۽ الله ئي مالڪ آهي آسمانن زمين جو ۽ الله جي ئي قدرت هر شيءِ تي حاوي آهي. |
إِنَّ فى خَلقِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاختِلٰفِ الَّيلِ وَالنَّهارِ لَءايٰتٍ لِأُولِى الأَلبٰبِ (آيت : 190) |
بيشڪ پئدا ٿيڻ آسمانن ۽ زمين جو ۽ واري سان رات ۽ ڏينهن جي اچڻ ۾ هوش وارن جي لاءِ گهڻيون نشانيون آهن. |
الَّذينَ يَذكُرونَ اللَّهَ قِيٰمًا وَقُعودًا وَعَلىٰ جُنوبِهِم وَيَتَفَكَّرونَ فى خَلقِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ رَبَّنا ما خَلَقتَ هٰذا بٰطِلًا سُبحٰنَكَ فَقِنا عَذابَ النّارِ (آيت : 191) |
جيڪي ماڻهو ياد ڪندا رهن ٿا الله کي اٿي ۽ ويٺي ۽ ليٽي هر ڪنهن حال ۾، غور ۽ فڪر ڪن ٿا تخليق (جوڙجڪ) آسمانن ۽ زمين تي،(چون ٿا) پروردگار! هي سڀ ڪجهه تو بي مقصد نه بڻايو آهي، تون پاڪ آهين اجائي عمل کان، پوءِ (اي رب!) اسان کي دوزخ جي ٻارڻ کان بچاءِ. |
رَبَّنا إِنَّكَ مَن تُدخِلِ النّارَ فَقَد أَخزَيتَهُ وَما لِلظّٰلِمينَ مِن أَنصارٍ (آيت : 192) |
اي اسان جا رب! تو جنهن کي وڌو باهه ۾، حقيقت ۾ ان کي وڏي ذلت ۽ رسوائي ۾ وڌو، پوءِ اهڙن ظالمن جي لاءِ ناهي ڪوبه مددگار. |
رَبَّنا إِنَّنا سَمِعنا مُنادِيًا يُنادى لِلإيمٰنِ أَن ءامِنوا بِرَبِّكُم فَـٔامَنّا رَبَّنا فَاغفِر لَنا ذُنوبَنا وَكَفِّر عَنّا سَيِّـٔاتِنا وَتَوَفَّنا مَعَ الأَبرارِ (آيت : 193) |
اي مالڪ! اسان هڪ پڪارڻ واري کي ٻڌو جيڪو سڏي رهيو هو ايمان ڏي، ۽ چوي پيو ته مڃو پنهنجي رب کي، پوءِ اسان ايمان آندو، اي اسان جا آقا! اسان کي معاف ڪر اسان جا ڏوهه جيڪي برائيون اسان ۾ آهن اهي دور ڪر ۽ اسان جو انت آڻ نيڪ ماڻهن سان. |
رَبَّنا وَءاتِنا ما وَعَدتَنا عَلىٰ رُسُلِكَ وَلا تُخزِنا يَومَ القِيٰمَةِ إِنَّكَ لا تُخلِفُ الميعادَ (آيت : 194) |
خداوندا! اهي پورا ڪر تو جيڪي وعدا ڪيا آهن پنهنجن رسولن جي ذريعي، ۽ اسان کي خواري ۾ نه وجهه قيامت واري ڏينهن، بيشڪ تون نه آهين وعدي خلاف. |
فَاستَجابَ لَهُم رَبُّهُم أَنّى لا أُضيعُ عَمَلَ عٰمِلٍ مِنكُم مِن ذَكَرٍ أَو أُنثىٰ بَعضُكُم مِن بَعضٍ فَالَّذينَ هاجَروا وَأُخرِجوا مِن دِيٰرِهِم وَأوذوا فى سَبيلى وَقٰتَلوا وَقُتِلوا لَأُكَفِّرَنَّ عَنهُم سَيِّـٔاتِهِم وَلَأُدخِلَنَّهُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ ثَوابًا مِن عِندِ اللَّهِ وَاللَّهُ عِندَهُ حُسنُ الثَّوابِ (آيت : 195) |
جواب ۾ سندن رب فرمايو ”بيشڪ آئون ڪنهن جو عمل ضايع ڪرڻ وارو نه آهيان، پوءِ توهان مان ڪو مرد هجي يا عورت، توهان سڀ هڪ ٻئي جا هم جنس آهيو، تنهن ڪري جن ماڻهن هجرت ڪئي منهنجي خاطر وطن ڇڏيا، گهرن مان منهنجي راهه ۾ ۽ مون لاءِ لڙيا ۽ ماريا ويا انهن جا سڀ قصور آئون معاف ڪندس ۽ انهن کي داخل ڪندس اهڙن باغن ۾، جن جي هيٺان نهرون وهنديون هونديون، اها ئي جزا آهي انهن جي لاءِ الله وٽ، ۽ الله وٽ ئي بهترين جزا آهي. |
لا يَغُرَّنَّكَ تَقَلُّبُ الَّذينَ كَفَروا فِى البِلٰدِ (آيت : 196) |
(اي نبي!) توکي ڪنهن ڌوڪي ۾ نه وجهي نافرمان ماڻهن جو گهمڻ دنيا جي ملڪن ۾. |
مَتٰعٌ قَليلٌ ثُمَّ مَأوىٰهُم جَهَنَّمُ وَبِئسَ المِهادُ (آيت : 197) |
هي چند ڏينهن جو ٿورو لطف آهي، پوءِ اهي سڀ وڌا ويندا جهنم ۾، جيڪا رهڻ جي بدترين جاءِ آهي. |
لٰكِنِ الَّذينَ اتَّقَوا رَبَّهُم لَهُم جَنّٰتٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها نُزُلًا مِن عِندِ اللَّهِ وَما عِندَ اللَّهِ خَيرٌ لِلأَبرارِ (آيت : 198) |
ان جي ابتڙ جيڪي ماڻهو حياتي بسر ڪن ٿا پنهنجي رب کان ڊڄندي، انهن لاءِ اهڙا باغ آهن جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون، انهن ۾ اهي هميشه رهندا، الله جي طرفان انهن لاءِ اهو مهماني جو سامان آهي ۽ جيڪو الله وٽ آهي نيڪ ماڻهن لاءِ بهتر آهي. |
وَإِنَّ مِن أَهلِ الكِتٰبِ لَمَن يُؤمِنُ بِاللَّهِ وَما أُنزِلَ إِلَيكُم وَما أُنزِلَ إِلَيهِم خٰشِعينَ لِلَّهِ لا يَشتَرونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ ثَمَنًا قَليلًا أُولٰئِكَ لَهُم أَجرُهُم عِندَ رَبِّهِم إِنَّ اللَّهَ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 199) |
ڪي ماڻهو اهڙا آهن اهل ڪتاب مان جيڪي الله کي مڃن ٿا، انهيءَ ڪتاب کي به مڃن ٿا جيڪو تو ڏي موڪليو آهي ۽ ان ڪتاب تي ايمان رکن ٿا، جيڪو هن کان پهرين کين موڪليو هو، الله جي آڏو جهڪيل رهن ٿا، الله جي آيتن کي ٿوري قيمت تي وڪڻن نٿا، انهن جو اجر آهي سندن رب وٽ، بيشڪ الله حساب چڪائڻ ۾ دير نٿو لڳائي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اصبِروا وَصابِروا وَرابِطوا وَاتَّقُوا اللَّهَ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 200) |
اي لوڪو! جن ايمان آندو آهي! صبر کان ڪم وٺو، باطل جي پوڄارين جي مقابلي ۾ جواني ڏيکاريو، حق جي خدمت لاءِ تيار رهو، الله کان ڊڄو، اميد ته ڪامياب رهندؤ. |