الم (آيت : 1) |
ال۬مّ۬ (الف. لام. ميم) |
أَحَسِبَ النّاسُ أَن يُترَكوا أَن يَقولوا ءامَنّا وَهُم لا يُفتَنونَ (آيت : 2) |
ڇا ماڻهن ائين سمجهيو آهي ته رڳو ايترو چوڻ سان ئي ڇڏي ڏنا ويندا ته "اسان ايمان آندو" ۽ کين آزمايو نه ويندو؟ |
وَلَقَد فَتَنَّا الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَلَيَعلَمَنَّ اللَّهُ الَّذينَ صَدَقوا وَلَيَعلَمَنَّ الكٰذِبينَ (آيت : 3) |
حالانڪه اسان انهن سڀني ماڻهن جي آزمائش ڪري چڪا آهيون، جيڪي کانئن اڳ ٿي گذريا آهن. الله کي ته ضرور اهو ڏسڻو آهي ته سچا ڪير آهن ۽ ڪوڙا ڪير |
أَم حَسِبَ الَّذينَ يَعمَلونَ السَّيِّـٔاتِ أَن يَسبِقونا ساءَ ما يَحكُمونَ (آيت : 4) |
۽ ڇا جيڪي ماڻهو بڇڙيون حرڪتون ڪن ٿا، انهن ائين سمجهيو آهي ته هو اسان کان گوءِ کڻي ويندا؟ نهايت غلط فيصلو آهي، جيڪو اهي ڪن ٿا! |
مَن كانَ يَرجوا لِقاءَ اللَّهِ فَإِنَّ أَجَلَ اللَّهِ لَءاتٍ وَهُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 5) |
جنهن کي به الله سان ملڻ جي اميد آهي (ان کي سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته) الله جو مقرر ڪيل وقت اچڻ وارو ئي آهي ۽ الله سڀ ڪجهه ٻڌي ۽ ڄاڻي ٿو |
وَمَن جٰهَدَ فَإِنَّما يُجٰهِدُ لِنَفسِهِ إِنَّ اللَّهَ لَغَنِىٌّ عَنِ العٰلَمينَ (آيت : 6) |
جيڪو شخص به ڪوشش ڪندو ته پنهنجي ڀلي لاءِ ئي ڪندو، بيشڪ الله سڀني جهان وارن کان بي نياز آهي |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَنُكَفِّرَنَّ عَنهُم سَيِّـٔاتِهِم وَلَنَجزِيَنَّهُم أَحسَنَ الَّذى كانوا يَعمَلونَ (آيت : 7) |
۽ جيڪي ماڻهو ايمان آڻيندا ۽ سهڻا عمل ڪندا، انهن جون برايون اسان کانئن ميٽي ڇڏينداسون ۽ کين سندن سهڻن عملن جو اجورو ڏينداسون |
وَوَصَّينَا الإِنسٰنَ بِوٰلِدَيهِ حُسنًا وَإِن جٰهَداكَ لِتُشرِكَ بى ما لَيسَ لَكَ بِهِ عِلمٌ فَلا تُطِعهُما إِلَىَّ مَرجِعُكُم فَأُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 8) |
اسان انسان کي هدايت ڪئي ته پنهنجي پيءُ ماءُ سان سهڻو هلي، پر جيڪڏهن هو توتي زور ڀرين ته تون مون سان ڪنهن اهڙي (معبود) کي شريڪ ڪر، جنهن کي تون (منهنجي شريڪ طور) نٿو ڄاڻين ته تون انهن جو چوڻ نه وٺ. مون ڏانهن ئي توهان سڀني کي موٽي اچڻو آهي. پوءِ مان توهان کي ٻڌائيندس ته توهان ڇا ڪندا رهيا آهيو |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَنُدخِلَنَّهُم فِى الصّٰلِحينَ (آيت : 9) |
۽ جن ماڻهن ايمان آندو هوندو ۽ سهڻا عمل ڪيا هوندائون، انهن کي اسان ضرور صالحن ۾ شامل ڪنداسون |
وَمِنَ النّاسِ مَن يَقولُ ءامَنّا بِاللَّهِ فَإِذا أوذِىَ فِى اللَّهِ جَعَلَ فِتنَةَ النّاسِ كَعَذابِ اللَّهِ وَلَئِن جاءَ نَصرٌ مِن رَبِّكَ لَيَقولُنَّ إِنّا كُنّا مَعَكُم أَوَلَيسَ اللَّهُ بِأَعلَمَ بِما فى صُدورِ العٰلَمينَ (آيت : 10) |
ماڻهن مان ڪو اهڙو به آهي، جيڪو چوي ٿو ته اسان ايمان آندو الله تي، پر پوءِ جڏهن هو الله جي معاملي ۾ ستايو ويو ته هن ماڻهن جي وڌل آزمائش کي الله جي عذاب وانگر سمجهيو. هاڻ جيڪڏهن تنهنجي رب وٽان ڪا فتح نصيب ٿئي ته اهو ماڻهو چوندو ته "اسان ته توهان سان هئاسون". ڇا ساري جهان وارن جي اندر جي حالت الله کي معلوم ناهي؟ |
وَلَيَعلَمَنَّ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا وَلَيَعلَمَنَّ المُنٰفِقينَ (آيت : 11) |
۽ الله ته اهو ضرور ڏسي رهندو ته ايمان آڻڻ وارا ڪير آهن ۽ ڪير منافق آهن |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لِلَّذينَ ءامَنُوا اتَّبِعوا سَبيلَنا وَلنَحمِل خَطٰيٰكُم وَما هُم بِحٰمِلينَ مِن خَطٰيٰهُم مِن شَيءٍ إِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 12) |
اهي ڪافر ايمان آڻڻ وارن کي چون ٿا ته توهان اسان جي طريقي جي پيروي ڪريو ته توهان جون خطائون اسان پاڻ تي کڻنداسون، حالانڪه انهن جي خطائن مان هو ڪابه شيءِ پاڻ تي کڻڻ وارا ناهن. بيشڪ اهي ڪوڙ ٿا ڳالهائن |
وَلَيَحمِلُنَّ أَثقالَهُم وَأَثقالًا مَعَ أَثقالِهِم وَلَيُسـَٔلُنَّ يَومَ القِيٰمَةِ عَمّا كانوا يَفتَرونَ (آيت : 13) |
ها باقي هو پنهنجا (گناهن جا) بار به ضرور کڻندا ۽ پنهنجن بارن سان گڏ ٻيا ڪيترائي بار پڻ ۽ قيامت جي ڏينهن ضرور کانئن انهن ڪوڙن ٺاهن ٺاهڻ جي باري ۾ پڇاڻو ٿيندو، جيڪي هو ٺاهيندا رهيا آهن |
وَلَقَد أَرسَلنا نوحًا إِلىٰ قَومِهِ فَلَبِثَ فيهِم أَلفَ سَنَةٍ إِلّا خَمسينَ عامًا فَأَخَذَهُمُ الطّوفانُ وَهُم ظٰلِمونَ (آيت : 14) |
اسان نوح کي سندس قوم ڏانهن موڪليو ۽ هو پنجاهه گهٽ هزار سال منجهن رهيو. نيٺ طوفان اچي انهن کي ان حالت ۾ ورايو جو هو ظالم هئا |
فَأَنجَينٰهُ وَأَصحٰبَ السَّفينَةِ وَجَعَلنٰها ءايَةً لِلعٰلَمينَ (آيت : 15) |
پوءِ اسان نوح کي ۽ ٻيڙيءَ وارن کي بچائي ورتو ۽ انهيءَ کي دنيا وارن لاءِ عبرت جي نشاني بنائي ڇڏيو |
وَإِبرٰهيمَ إِذ قالَ لِقَومِهِ اعبُدُوا اللَّهَ وَاتَّقوهُ ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 16) |
۽ ابراهيم کي به موڪليوسون، جڏهن هن پنهنجي قوم کي چيو ته "الله جي ٻانهپ ڪريو ۽ کانئس ڊڄو، اهو توهان لاءِ سڀ کان ڀلو آهي، جيڪڏهن توهان ڄاڻو |
إِنَّما تَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ أَوثٰنًا وَتَخلُقونَ إِفكًا إِنَّ الَّذينَ تَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ لا يَملِكونَ لَكُم رِزقًا فَابتَغوا عِندَ اللَّهِ الرِّزقَ وَاعبُدوهُ وَاشكُروا لَهُ إِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 17) |
توهان الله کي ڇڏي جن کي پوڄيو ٿا، اهي ته رڳو بت آهن ۽ توهان پيا ٿا ڪوڙو ٺاهه ٺاهيو. حقيقت ۾ الله کانسواءِ جن جي توهان پوڄا ڪريو ٿا، انهن کي توهان کي رزق ڏيڻ جي ڪابه طاقت ڪانهي، الله کان رزق گهرو ۽ سندس ئي ٻانهپ ڪريو ۽ انهيءَ جو شڪرانو ادا ڪريو، انهيءَ ڏانهن ئي توهان کي موٽايو ويندو |
وَإِن تُكَذِّبوا فَقَد كَذَّبَ أُمَمٌ مِن قَبلِكُم وَما عَلَى الرَّسولِ إِلَّا البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 18) |
۽ جيڪڏهن ڪوڙ ٿا سمجهو ته توهان کان اڳ به ته گهڻيون ئي قومون ڪوڙو چئي چڪيون آهن ۽ رسول تي پڌرو پيغام پهچائڻ کانسواءِ ٻي ڪا ذميواري ڪونهي" |
أَوَلَم يَرَوا كَيفَ يُبدِئُ اللَّهُ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ إِنَّ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرٌ (آيت : 19) |
انهن ماڻهن ڏٺو ئي ناهي ڇا ته ڪيئن ٿو الله پهرين ڀيري خلق پيدا ڪري؟ پوءِ ٻيهر به ائين پيو ڪري؟ انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته اهو (وري پيدا ڪرڻ) ته الله لاءِ پاڻ وڌيڪ سؤلو آهي |
قُل سيروا فِى الأَرضِ فَانظُروا كَيفَ بَدَأَ الخَلقَ ثُمَّ اللَّهُ يُنشِئُ النَّشأَةَ الءاخِرَةَ إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 20) |
چوينِ ته زمين ۾ ڪجهه گهمو ڦرو ۽ ڏسو وائسو ته ڪيئن نه نئين ســِـر خلق جوڙي اٿائين، پوءِ ورائي ٻيهر به الله جيئاري اٿاريندو. بيشڪ الله هر شيءِ تي قادر آهي؟ |
يُعَذِّبُ مَن يَشاءُ وَيَرحَمُ مَن يَشاءُ وَإِلَيهِ تُقلَبونَ (آيت : 21) |
جنهن کي وڻيس سزا ڏئي ۽ جنهن تي گهري رحم ڪري. انهيءَ ڏانهن ئي توهان موٽايا ويندؤ |
وَما أَنتُم بِمُعجِزينَ فِى الأَرضِ وَلا فِى السَّماءِ وَما لَكُم مِن دونِ اللَّهِ مِن وَلِىٍّ وَلا نَصيرٍ (آيت : 22) |
توهان نڪي زمين ۾ زور پوڻ وارا آهيو ۽ نه آسمان ۾ ۽ توهان لاءِ الله کان بچائڻ وارو ڪوبه واهر وسيلو ڪونهي |
وَالَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَلِقائِهِ أُولٰئِكَ يَئِسوا مِن رَحمَتى وَأُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 23) |
جن ماڻهن الله جي آيتن جو ۽ ساڻس ملاقات جو انڪار ڪيو آهي، سي منهنجيءَ رحمت کان نااميد ٿي چڪا آهن ۽ انهن لاءِ دردناڪ سزا آهي |
فَما كانَ جَوابَ قَومِهِ إِلّا أَن قالُوا اقتُلوهُ أَو حَرِّقوهُ فَأَنجىٰهُ اللَّهُ مِنَ النّارِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 24) |
پوءِ ابراهيم جي قوم جو جواب ان کان سواءِ ٻيو ڪو نه هو ته چيائون ته "کيس قتل ڪريو يا ساڙي ڇڏيو". نيٺ الله کيس باهه کان بچائي ورتو. بيشڪ انهيءَ ۾ نشانيون آهن انهن ماڻهن لاءِ، جيڪي ايمان آڻڻ وارا آهن |
وَقالَ إِنَّمَا اتَّخَذتُم مِن دونِ اللَّهِ أَوثٰنًا مَوَدَّةَ بَينِكُم فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا ثُمَّ يَومَ القِيٰمَةِ يَكفُرُ بَعضُكُم بِبَعضٍ وَيَلعَنُ بَعضُكُم بَعضًا وَمَأوىٰكُمُ النّارُ وَما لَكُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 25) |
ان چين ته "توهان دنيا ۾ ته الله کي ڇڏي بتن کي پاڻ ۾ دلين ڳنڍڻ جو وسيلو بڻايو آهي، پر قيامت جي ڏينهن توهان هڪ ٻئي جو انڪار ڪندؤ ۽ هڪ ٻئي تي لعنت وجهندؤ ۽ توهان جي جاءِ باهه هوندي ۽ ڪوبه توهان جو مددگار نه هوندو". |
فَـٔامَنَ لَهُ لوطٌ وَقالَ إِنّى مُهاجِرٌ إِلىٰ رَبّى إِنَّهُ هُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 26) |
ان وقت لوط مٿس (ابراهيم تي) ايمان آندو ۽ ابراهيم چيو، مان پنهنجي رب ڏانهن ٿو هجرت ڪريان، هو زبردست ۽ داناءُ آهي |
وَوَهَبنا لَهُ إِسحٰقَ وَيَعقوبَ وَجَعَلنا فى ذُرِّيَّتِهِ النُّبُوَّةَ وَالكِتٰبَ وَءاتَينٰهُ أَجرَهُ فِى الدُّنيا وَإِنَّهُ فِى الءاخِرَةِ لَمِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 27) |
۽ اسان کيس اسحاق ۽ يعقوب (جهڙو اولاد) عطا ڪيوسون ۽ سندس پيڙهيءَ ۾ نبوت ۽ ڪتاب رکي ڇڏياسون ۽ هن کي دنيا ۾ به سندس اجورو عطا ڪيو ۽ آخرت ۾ ته هو پڪ سان صالحن مان هوندو |
وَلوطًا إِذ قالَ لِقَومِهِ إِنَّكُم لَتَأتونَ الفٰحِشَةَ ما سَبَقَكُم بِها مِن أَحَدٍ مِنَ العٰلَمينَ (آيت : 28) |
۽ اسان لوط کي به (نبوت ڏئي) موڪليو. جڏهن هن پنهنجي قوم کي چيو ته "توهان ته اهڙي بيحيائيءَ جو ڪم ٿا ڪريو، جيڪو توهان کان اڳ دنيا وارن مان ڪنهن به نه ڪيو هو |
أَئِنَّكُم لَتَأتونَ الرِّجالَ وَتَقطَعونَ السَّبيلَ وَتَأتونَ فى ناديكُمُ المُنكَرَ فَما كانَ جَوابَ قَومِهِ إِلّا أَن قالُوا ائتِنا بِعَذابِ اللَّهِ إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 29) |
ڇا توهان مردن وٽ ٿا وڃو ۽ واٽ ويندڙن کي ٿا ڦريو ۽ پنهنجين مجلسن ۾ بڇڙا ڪم ٿا ڪريو؟" پوءِ ته سندس قوم وٽ ان کان سواءِ ٻيو ڪوبه جواب ڪونه هو جو چيائون ته "آڻ ڀلا الله وارو عذاب، جيڪڏهن تون سچو آهين" |
قالَ رَبِّ انصُرنى عَلَى القَومِ المُفسِدينَ (آيت : 30) |
لوط چيو: "اي منهنجا رب! هن فسادي قوم جي مقابلي ۾ منهنجي مدد ڪر". |
وَلَمّا جاءَت رُسُلُنا إِبرٰهيمَ بِالبُشرىٰ قالوا إِنّا مُهلِكوا أَهلِ هٰذِهِ القَريَةِ إِنَّ أَهلَها كانوا ظٰلِمينَ (آيت : 31) |
۽ جڏهن اسان جا موڪليل (فرشتا) ابراهيم وٽ خوشخبري کڻي آيا ته انهن کيس چيو ته "اسان هن ڳوٺ کي برباد ڪرڻ وارا آهيون، هن جا رهاڪو سخت ظالم بڻجي چڪا آهن". |
قالَ إِنَّ فيها لوطًا قالوا نَحنُ أَعلَمُ بِمَن فيها لَنُنَجِّيَنَّهُ وَأَهلَهُ إِلَّا امرَأَتَهُ كانَت مِنَ الغٰبِرينَ (آيت : 32) |
ابراهيم چيو: "ان ۾ ته لوط به آهي". انهن وراڻي ڏني، اسان چڱيءَ طرح ٿا ڄاڻون ته اتي ڪير ڪير آهي. کيس ۽ سندس گهر وارن کي بچائي وٺنداسون، سواءِ سندس زال جي، جيڪا پوئتي رهجي وڃڻ وارن مان هئي |
وَلَمّا أَن جاءَت رُسُلُنا لوطًا سيءَ بِهِم وَضاقَ بِهِم ذَرعًا وَقالوا لا تَخَف وَلا تَحزَن إِنّا مُنَجّوكَ وَأَهلَكَ إِلَّا امرَأَتَكَ كانَت مِنَ الغٰبِرينَ (آيت : 33) |
پوءِ جڏهن اسان جا موڪليل (فرشتا) لوط وٽ پهتا ته هو سندن اچڻ تي ڏاڍو پريشان ٿي ويو ۽ منجهي پيو. انهن چيس ته "ڊڄ نه ۽ نڪي ڏک ۾ پؤ، اسان توکي ۽ تنهنجي گهروارن کي بچائي وٺنداسون، سواءِ تنهنجي زال جي جيڪا پوئتي رهجي وڃڻ وارن مان آهي |
إِنّا مُنزِلونَ عَلىٰ أَهلِ هٰذِهِ القَريَةِ رِجزًا مِنَ السَّماءِ بِما كانوا يَفسُقونَ (آيت : 34) |
اسان هن ڳوٺ جي رهاڪن تي آسمان مان عذاب نازل ڪرڻ وارا آهيون، انهيءَ بڇڙائيءَ جي ڪري، جيڪا اهي پيا ڪندا رهيا آهن". |
وَلَقَد تَرَكنا مِنها ءايَةً بَيِّنَةً لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 35) |
۽ اسان انهيءَ ڳوٺ جي هڪ پڌري نشاني ڇڏي ڏني آهي، انهن ماڻهن لاءِ جيڪي عقل کان ڪم وٺن ٿا |
وَإِلىٰ مَديَنَ أَخاهُم شُعَيبًا فَقالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ وَارجُوا اليَومَ الءاخِرَ وَلا تَعثَوا فِى الأَرضِ مُفسِدينَ (آيت : 36) |
۽ مدين ڏانهن اسان سندن ڀاءُ شعيب کي موڪليو. ان چيو ته "اي منهنجي قوم وارؤ! الله جي بندگي ڪريو ۽ آخرت جا اميدوار بنجو ۽ زمين ۾ فسادي بنجي ڏاڍايون نه ڪندا وتو" |
فَكَذَّبوهُ فَأَخَذَتهُمُ الرَّجفَةُ فَأَصبَحوا فى دارِهِم جٰثِمينَ (آيت : 37) |
پر انهن کيس ڪوڙو سڏيو، پوءِ هڪڙي سخت زلزلي اچي کين ورتو ۽ هو پنهنجن گهرن ۾ اونڌا ٿي ڪري پيا |
وَعادًا وَثَمودَا۟ وَقَد تَبَيَّنَ لَكُم مِن مَسٰكِنِهِم وَزَيَّنَ لَهُمُ الشَّيطٰنُ أَعمٰلَهُم فَصَدَّهُم عَنِ السَّبيلِ وَكانوا مُستَبصِرينَ (آيت : 38) |
۽ عاد ۽ ثمود کي به اسان تباهه ڪيو هو، سندن رهڻ جا هنڌ توهان جي آڏو پڌرا لڳا پيا آهن. ۽ سندن عملن کي شيطان انهن لاءِ ڏسڻ ۾ ڏاڍو سهڻو بڻائي ڇڏيو ۽ کين اصلي رستي کان لاڙي ڇڏيو، جيتوڻيڪ هو سڀ سمجهي رهيا هئا |
وَقٰرونَ وَفِرعَونَ وَهٰمٰنَ وَلَقَد جاءَهُم موسىٰ بِالبَيِّنٰتِ فَاستَكبَروا فِى الأَرضِ وَما كانوا سٰبِقينَ (آيت : 39) |
۽ قارون، فرعون ۽ هامان کي به اسان تباهه ڪيو. موسيٰ وٽن چٽيون نشانيون آنديون، پر هنن پاڻ کي زمين ۾ تمام وڏو ڀانيو، جيتوڻيڪ هو ڪو اڳ ڪڍي وڃڻ وارا نه هئا |
فَكُلًّا أَخَذنا بِذَنبِهِ فَمِنهُم مَن أَرسَلنا عَلَيهِ حاصِبًا وَمِنهُم مَن أَخَذَتهُ الصَّيحَةُ وَمِنهُم مَن خَسَفنا بِهِ الأَرضَ وَمِنهُم مَن أَغرَقنا وَما كانَ اللَّهُ لِيَظلِمَهُم وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 40) |
نيٺ اسان هرهڪ کي سندس گناهه جي بدلي ۾ کڻي پڪڙيو. پوءِ انهن مان ڪنهن تي اسان پٿر وسائڻ واري هوا موڪلي ۽ ڪنهن کي هڪڙي زبردست ڌَڌَڪي اچي ورتو ۽ وري ڪنهن کي اسان زمين ۾ ڳهائي ڇڏيو ۽ ڪنهن کي غرق ڪري ڇڏيوسون، الله انهن تي ظلم ڪرڻ وارو نه هو، پر هو پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪري رهيا هئا |
مَثَلُ الَّذينَ اتَّخَذوا مِن دونِ اللَّهِ أَولِياءَ كَمَثَلِ العَنكَبوتِ اتَّخَذَت بَيتًا وَإِنَّ أَوهَنَ البُيوتِ لَبَيتُ العَنكَبوتِ لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 41) |
جن ماڻهن الله کي ڇڏي ٻيا دوست بڻايا آهن، انهن جو مثال ڪوريئڙي وانگر آهي، جيڪو پنهنجو هڪ گهر ٺاهيندو آهي ۽ سڀني گهرن ۾ وڌ ۾ وڌ ڪمزور گهر ڪوريئڙي جو گهر ئي هوندو آهي، جيڪر ڪجهه ڄاڻ هجين ها |
إِنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما يَدعونَ مِن دونِهِ مِن شَيءٍ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 42) |
اهي ماڻهو الله کي ڇڏي جنهن کي به سڏين ٿا، الله ان کي ڄاڻي ٿو ۽ اهوئي زبردست ۽ داناءُ آهي |
وَتِلكَ الأَمثٰلُ نَضرِبُها لِلنّاسِ وَما يَعقِلُها إِلَّا العٰلِمونَ (آيت : 43) |
اهي مثال اسان ماڻهن جي سمجهاڻي لاءِ ڏيون ٿا، پر انهن کي سمجهن فقط اهي ٿا، جن کي علم آهي |
خَلَقَ اللَّهُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِلمُؤمِنينَ (آيت : 44) |
الله آسمانن ۽ زمين کي برحق پيدا ڪيو آهي، بيشڪ ان ۾ وڏي نشاني آهي ايمان وارن لاءِ |
اتلُ ما أوحِىَ إِلَيكَ مِنَ الكِتٰبِ وَأَقِمِ الصَّلوٰةَ إِنَّ الصَّلوٰةَ تَنهىٰ عَنِ الفَحشاءِ وَالمُنكَرِ وَلَذِكرُ اللَّهِ أَكبَرُ وَاللَّهُ يَعلَمُ ما تَصنَعونَ (آيت : 45) |
(اي نبي) تلاوت ڪر هن ڪتاب جي، جيڪو توڏانهن وحيءَ جي ذريعي موڪليو ويو آهي ۽ نماز قائم ڪر، بيشڪ نماز بيحيائيءَ ۽ برن ڪمن کان روڪي ٿي ۽ الله جو ذڪر ته اڃان به وڏو آهي، الله ڄاڻي ٿو جيڪي توهان ڪريو ٿا |
وَلا تُجٰدِلوا أَهلَ الكِتٰبِ إِلّا بِالَّتى هِىَ أَحسَنُ إِلَّا الَّذينَ ظَلَموا مِنهُم وَقولوا ءامَنّا بِالَّذى أُنزِلَ إِلَينا وَأُنزِلَ إِلَيكُم وَإِلٰهُنا وَإِلٰهُكُم وٰحِدٌ وَنَحنُ لَهُ مُسلِمونَ (آيت : 46) |
۽ اهل ڪتاب سان بحث نه ڪريو پر سهڻي طريقي سان. سواءِ انهن ماڻهن جي، جيڪي منجهانئن ظالم هجن ۽ کين چئو ته "اسان ايمان آندو آهي، انهيءَ تي جيڪو اسان ڏانهن موڪليو ويو آهي ۽ ان تي به جيڪو توهان ڏانهن موڪليو ويو هو، اسان جو معبود ۽ توهان جو معبود هڪڙو ئي آهي ۽ اسان انهيءَ جا ئي مسلم (فرمانبردار) آهيون". |
وَكَذٰلِكَ أَنزَلنا إِلَيكَ الكِتٰبَ فَالَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ يُؤمِنونَ بِهِ وَمِن هٰؤُلاءِ مَن يُؤمِنُ بِهِ وَما يَجحَدُ بِـٔايٰتِنا إِلَّا الكٰفِرونَ (آيت : 47) |
(اي نبي!) اسان ساڳئي نموني توڏانهن به ڪتاب نازل ڪيو آهي، تنهنڪري اهي ماڻهو جن کي اسان اڳ ڪتاب ڏنو هو، ان تي ايمان آڻن ٿا ۽ هنن ماڻهن مان به ڪيترائي مٿس ايمان آڻي رهيا آهن ۽ اسان جي آيتن جو انڪار ته فقط ڪافر ئي ڪن ٿا |
وَما كُنتَ تَتلوا مِن قَبلِهِ مِن كِتٰبٍ وَلا تَخُطُّهُ بِيَمينِكَ إِذًا لَارتابَ المُبطِلونَ (آيت : 48) |
(اي نبي) تون هن کان اڳ ڪوبه ڪتاب نڪي پڙهندو هئين ۽ نه پنهنجي هٿ سان ئي ڪو لکندو هئين، جيڪڏهن ائين هجي ها ته باطل جا پوڄاري شڪ ۾ پئجي وڃن ها |
بَل هُوَ ءايٰتٌ بَيِّنٰتٌ فى صُدورِ الَّذينَ أوتُوا العِلمَ وَما يَجحَدُ بِـٔايٰتِنا إِلَّا الظّٰلِمونَ (آيت : 49) |
حقيقت ۾ اهي چٽيون نشانيون آهن، انهن ماڻهن جي دلين ۾ جن کي علم ڏنو ويو آهي ۽ اسان جي آيتن جو انڪار نٿا ڪن پر اهي جيڪي ظالم آهن |
وَقالوا لَولا أُنزِلَ عَلَيهِ ءايٰتٌ مِن رَبِّهِ قُل إِنَّمَا الءايٰتُ عِندَ اللَّهِ وَإِنَّما أَنا۠ نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 50) |
اهي چون ٿا ته "ڇو نه لاٿيون ويون مٿس ڪي نشانيون سندس رب جي طرفان؟" چوين ته "نشانيون ته الله وٽ ئي آهن ۽ مان ته فقط پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان". |
أَوَلَم يَكفِهِم أَنّا أَنزَلنا عَلَيكَ الكِتٰبَ يُتلىٰ عَلَيهِم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَرَحمَةً وَذِكرىٰ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 51) |
۽ ڀلا انهن لاءِ اها (نشاني) ڪافي ناهي ڇا ته اسان توتي ڪتاب نازل ڪيو آهي، جيڪو کين پڙهي ٻڌايو وڃي ٿو؟ حقيقت ۾ ته هن ۾ رحمت ۽ نصيحت آهي، انهن ماڻهن لاءِ جيڪي ايمان آڻن ٿا |
قُل كَفىٰ بِاللَّهِ بَينى وَبَينَكُم شَهيدًا يَعلَمُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَالَّذينَ ءامَنوا بِالبٰطِلِ وَكَفَروا بِاللَّهِ أُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 52) |
(اي نبي) چوين ته "منهنجي ۽ توهان جي وچ ۾ الله جو شاهد هجڻ ڪافي آهي، هو ڄاڻي ٿو جيڪي آسمانن توڙي زمين ۾ آهي، جيڪي ماڻهو باطل کي مڃين ٿا ۽ الله سان ڪفر ڪن ٿا، اهي ئي نقصان ۾ پوندڙ آهن". |
وَيَستَعجِلونَكَ بِالعَذابِ وَلَولا أَجَلٌ مُسَمًّى لَجاءَهُمُ العَذابُ وَلَيَأتِيَنَّهُم بَغتَةً وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 53) |
اهي ماڻهو توکان عذاب جلدي آڻڻ جي گهر ڪن ٿا، جيڪڏهن ڪو وقت مقرر ٿيل نه هجي ها ته مٿن (هيل تائين) عذاب اچي چڪو هجي ها ۽ پڪ سان (پنهنجي وقت تي) اهو اوچتو ئي اوچتو اچي ويندو، جو هنن کي پتو ئي نه پوندو |
يَستَعجِلونَكَ بِالعَذابِ وَإِنَّ جَهَنَّمَ لَمُحيطَةٌ بِالكٰفِرينَ (آيت : 54) |
توکان عذاب جلد آڻڻ جي گهر ٿا ڪن، حالانڪه جهنم انهن ڪافرن کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي |
يَومَ يَغشىٰهُمُ العَذابُ مِن فَوقِهِم وَمِن تَحتِ أَرجُلِهِم وَيَقولُ ذوقوا ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 55) |
۽ (پتو پوندن انهيءَ ڏينهن) جڏهن عذاب کين مٿان به وڪوڙي ويندو ته پيرن هيٺان به ۽ چوندو ته هاڻي چکو مزو انهن عملن جو جيڪي توهان ڪندا هيؤ |
يٰعِبادِىَ الَّذينَ ءامَنوا إِنَّ أَرضى وٰسِعَةٌ فَإِيّٰىَ فَاعبُدونِ (آيت : 56) |
اي منهنجا بندؤ! جن ايمان آندو آهي، منهنجي ڌرتي ڏاڍي ڪشادي اَٿوَ، تنهنڪري توهان رڳو منهنجي ئي بندگي ڪريو |
كُلُّ نَفسٍ ذائِقَةُ المَوتِ ثُمَّ إِلَينا تُرجَعونَ (آيت : 57) |
هر ساهواري کي موت جو مزو چکڻو آهي، پوءِ توهان سڀئي اسان ڏانهن موٽائي آندا ويندؤ |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَنُبَوِّئَنَّهُم مِنَ الجَنَّةِ غُرَفًا تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها نِعمَ أَجرُ العٰمِلينَ (آيت : 58) |
جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا، انهن کي اسان جنت جي اوچين ماڙين ۾ رهائينداسون، جن جي هيٺان واهيون پيون وهنديون، اتي هو سدائين رهندا. ڪهڙو نه ڀلو اجر آهي عمل ڪرڻ وارن لاءِ |
الَّذينَ صَبَروا وَعَلىٰ رَبِّهِم يَتَوَكَّلونَ (آيت : 59) |
انهن ماڻهن لاءِ جن صبر ڪيو آهي ۽ جيڪي پنهنجي رب تي ڀروسو ڪن ٿا |
وَكَأَيِّن مِن دابَّةٍ لا تَحمِلُ رِزقَهَا اللَّهُ يَرزُقُها وَإِيّاكُم وَهُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 60) |
ڪيترائي جانور آهن جيڪي پنهنجو رزق ساڻ کنيون نٿا وتن، الله انهن کي رزق رسائي ٿو ۽ توهان کي به اهوئي رزق ڏئي ٿو. هو سڀ ڪجهه ٻڌي ۽ ڄاڻي ٿو |
وَلَئِن سَأَلتَهُم مَن خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَسَخَّرَ الشَّمسَ وَالقَمَرَ لَيَقولُنَّ اللَّهُ فَأَنّىٰ يُؤفَكونَ (آيت : 61) |
(اي نبي) جيڪڏهن تون انهن کان پڇندين ته آسمانن ۽ زمين کي ڪنهن پيدا ڪيو آهي ۽ سج ۽ چنڊ کي ڪنهن تابع بنائي ڇڏيو آهي ته ضرور چوندا ته الله، پوءِ ڀلا ڪيڏانهن پيا ٿا ٺڳجن؟ |
اللَّهُ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَيَقدِرُ لَهُ إِنَّ اللَّهَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 62) |
الله ئي آهي، جيڪو پنهنجن بندن مان جنهن جو چاهي رزق ڪشادو ڪري ٿو ۽ جنهن جو چاهي تنگ ڪري ٿو. بيشڪ الله هر شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي |
وَلَئِن سَأَلتَهُم مَن نَزَّلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَحيا بِهِ الأَرضَ مِن بَعدِ مَوتِها لَيَقولُنَّ اللَّهُ قُلِ الحَمدُ لِلَّهِ بَل أَكثَرُهُم لا يَعقِلونَ (آيت : 63) |
۽ جيڪڏهن تون پڇندينِ ته ڪنهن آسمان مان پاڻي وسايو ۽ ان جي وسيلي مئل زمين کي وري جيئاري کڙو ڪيو ته هو ضرور چوندا ته الله، چؤ الحمدلله، پر انهن مان گهڻا ماڻهو سمجهن نٿا |
وَما هٰذِهِ الحَيوٰةُ الدُّنيا إِلّا لَهوٌ وَلَعِبٌ وَإِنَّ الدّارَ الءاخِرَةَ لَهِىَ الحَيَوانُ لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 64) |
۽ هيءَ دنيا واري حياتي ته ڪجهه به ناهي، بس رڳو هڪڙو کيل ۽ تماشو آهي، اصلي حياتيءَ وارو گهر ته آخرت وارو گهر آهي، جيڪر اهي ماڻهو ڄاڻن ها |
فَإِذا رَكِبوا فِى الفُلكِ دَعَوُا اللَّهَ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ فَلَمّا نَجّىٰهُم إِلَى البَرِّ إِذا هُم يُشرِكونَ (آيت : 65) |
جڏهن اهي ماڻهو ٻيڙيءَ ۾ چڙهن ٿا ته پنهنجي دين کي الله لاءِ خاص بنائي انهيءَ کان ئي دعا گهرن ٿا، پوءِ جڏهن هو کين بچائي سڪيءَ تي آڻي ٿو ته امالڪ ٿا شرڪ ڪرڻ لڳن |
لِيَكفُروا بِما ءاتَينٰهُم وَلِيَتَمَتَّعوا فَسَوفَ يَعلَمونَ (آيت : 66) |
تانته الله جي ڏنل ڇوٽڪاري تي سندس ناشڪري ڪن ۽ (دنيا جي حياتيءَ جا به) مزا ماڻين. چڱو، پوءِ جلد ئي خبر پوندن |
أَوَلَم يَرَوا أَنّا جَعَلنا حَرَمًا ءامِنًا وَيُتَخَطَّفُ النّاسُ مِن حَولِهِم أَفَبِالبٰطِلِ يُؤمِنونَ وَبِنِعمَةِ اللَّهِ يَكفُرونَ (آيت : 67) |
ڇا اُهي نٿا ڏسن ته اسان هڪڙو امن وارو حرم بڻايو آهي، توڻي جو ان جي آسپاس ماڻهو کڄي وڃن ٿا؟ ڇا پوءِ به باطل کي مڃين ٿا ۽ الله جي نعمت جي ناشڪري ڪن ٿا؟ |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أَو كَذَّبَ بِالحَقِّ لَمّا جاءَهُ أَلَيسَ فى جَهَنَّمَ مَثوًى لِلكٰفِرينَ (آيت : 68) |
انهيءَ ماڻهوءَ کان وڌيڪ ظالم ٻيو ڪير هوندو، جيڪو الله تي ڪوڙ هڻي يا حق کي ڪوڙو سڏي، جڏهن اهو سندس آڏو اچي چڪو هجي؟ ڇا اهڙن ڪافرن جو ٺڪاڻو جهنم ئي ناهي؟ |
وَالَّذينَ جٰهَدوا فينا لَنَهدِيَنَّهُم سُبُلَنا وَإِنَّ اللَّهَ لَمَعَ المُحسِنينَ (آيت : 69) |
جيڪي ماڻهو اسان جي لاءِ پاڻ پتوڙيندا، انهن کي اسان پنهنجون راهون ڏيکارينداسون ۽ بيشڪ الله نيڪن جو ئي ساڻي آهي |