الم (آيت : 1) |
الم |
أَحَسِبَ النّاسُ أَن يُترَكوا أَن يَقولوا ءامَنّا وَهُم لا يُفتَنونَ (آيت : 2) |
ڇا ماڻهن (هي) خيال ڪيو آهي ته سندن (رڳو ايتري) چوڻ تي ته اسان ايمان آندو، کين ڇڏيو ويندو ۽ انهن کي آزمايو نه ويندو (ضرور کين آزمايو ويندو) |
وَلَقَد فَتَنَّا الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَلَيَعلَمَنَّ اللَّهُ الَّذينَ صَدَقوا وَلَيَعلَمَنَّ الكٰذِبينَ (آيت : 3) |
جيڪي کانئن اڳ هئا تن کي بيشڪ اسان آزمايو، سو جن (ايمان ظاهر ڪرڻ ۾) سچ ڳالهايو آهي تن کي خدا ضرور الڳ ڏسندو ۽ ڪوڙن کي به ضرور معلوم ڪندو. |
أَم حَسِبَ الَّذينَ يَعمَلونَ السَّيِّـٔاتِ أَن يَسبِقونا ساءَ ما يَحكُمونَ (آيت : 4) |
ڀلا جيڪي بڇڙايو ڪن ٿا تن خيال ڪيو آهي ڇا ته اهي اسان کان (بچي) اڳي نڪري ويندا. (جيڪڏهن ائين آهي ته) اهي ماڻهو جو فيصلو ڪن ٿا سو (ڪهڙو نه) بڇڙو آهي. |
مَن كانَ يَرجوا لِقاءَ اللَّهِ فَإِنَّ أَجَلَ اللَّهِ لَءاتٍ وَهُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 5) |
جو شخص خدا سان ملڻ (قيامت جي اچڻ) جي اميد رکي ٿو سو (ياد رکي ته) خدا جي مقرر ڪيل مدت ضرور اچڻ واري آهي ۽ اهو (سڀني جي) ٻڌي ۽ ڄاڻي ٿو. |
وَمَن جٰهَدَ فَإِنَّما يُجٰهِدُ لِنَفسِهِ إِنَّ اللَّهَ لَغَنِىٌّ عَنِ العٰلَمينَ (آيت : 6) |
۽ جو شخص (عبادت ۾) ڪوشش ڪري ٿو سو رڳو پاڻ لاءِ ڪوشش ڪري ٿو. (ڇو ته) بيشڪ خدا ساري جهان وارن (جي عبادت) کان بي پرواھ آهي. |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَنُكَفِّرَنَّ عَنهُم سَيِّـٔاتِهِم وَلَنَجزِيَنَّهُم أَحسَنَ الَّذى كانوا يَعمَلونَ (آيت : 7) |
۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن جون بڇڙايون انهن کان پري ڪنداسون ۽ جيڪي ڪم پيا ڪن تنهن جو چڱي کان چڱو بدلو کين ضرور ڏينداسون. |
وَوَصَّينَا الإِنسٰنَ بِوٰلِدَيهِ حُسنًا وَإِن جٰهَداكَ لِتُشرِكَ بى ما لَيسَ لَكَ بِهِ عِلمٌ فَلا تُطِعهُما إِلَىَّ مَرجِعُكُم فَأُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 8) |
۽ اسان انسان کي سندس ماءُ پيءُ سان چڱو ڪرڻ جو حڪم ڪيو آهي ۽ (هي به ته) جيڪڏهن اهي ٻئي تو سان هن لاءِ جهڳڙو ڪن ته تون مون سان اهڙي شيءِ کي شريڪ ڪرين جنهن جي تو کي ڪا خبر نه آهي ته انهن جو چيو نه مڃ. (نيٺ هڪ ڏينهن) مون ڏي ئي اوهان کي موٽڻو آهي پوءِ جيڪي (دنيا ۾) پيا ڪريو تنهن جي اوهان کي خبر ڏيندس. |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَنُدخِلَنَّهُم فِى الصّٰلِحينَ (آيت : 9) |
۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي (قيامت ۾) ضرور نيڪ ماڻهن ۾ داخل ڪنداسون. |
وَمِنَ النّاسِ مَن يَقولُ ءامَنّا بِاللَّهِ فَإِذا أوذِىَ فِى اللَّهِ جَعَلَ فِتنَةَ النّاسِ كَعَذابِ اللَّهِ وَلَئِن جاءَ نَصرٌ مِن رَبِّكَ لَيَقولُنَّ إِنّا كُنّا مَعَكُم أَوَلَيسَ اللَّهُ بِأَعلَمَ بِما فى صُدورِ العٰلَمينَ (آيت : 10) |
۽ ڪي ماڻهو اهڙا به آهن جي چون ٿا ته اسان خدا تي ايمان آندو پوءِ جڏهن کين خدا جي باري ۾ ڪا تڪليف پهچي ٿي ته ماڻهن جي ايذاءُ کي خدا جي عذاب برابر ڪري سمجهن ٿا. ۽ (اي رسول) جيڪڏهن (تو وٽ) تنهنجي پالڻهار جي مدد ايندي (۽ تو کي فتح ٿي) ته اهي ئي ماڻهو چوڻ لڳن ٿا ته اسين اوهان سان هئاسون. ڇا جيڪي ساري جهان وارن جي دلين ۾ آهي تنهن کي خدا وڌيڪ ڄاڻندڙ نه آهي؟ (ضرور آهي) |
وَلَيَعلَمَنَّ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا وَلَيَعلَمَنَّ المُنٰفِقينَ (آيت : 11) |
۽ جن ماڻهن ايمان قبول ڪيو خدا تن کي ضرور ڄاڻي ٿو ۽ منافقن کي به ضرور ڄاڻي ٿو. |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لِلَّذينَ ءامَنُوا اتَّبِعوا سَبيلَنا وَلنَحمِل خَطٰيٰكُم وَما هُم بِحٰمِلينَ مِن خَطٰيٰهُم مِن شَيءٍ إِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 12) |
۽ ڪافرن ايمان وارن کي چيو ته اسان جي طريقي تي هلو ۽ اسين (قيامت ۾) اوهان جا گناھ (پنهنجي صر تي) کڻنداسون. هوڏانهن اهي انهن جي گناهن مان ڪجھ به کڻڻ وارا نه آهن. بيشڪ اهي (بلڪل) ڪوڙا آهن. |
وَلَيَحمِلُنَّ أَثقالَهُم وَأَثقالًا مَعَ أَثقالِهِم وَلَيُسـَٔلُنَّ يَومَ القِيٰمَةِ عَمّا كانوا يَفتَرونَ (آيت : 13) |
۽ اهي پنهنجن (گناهن جا) بار ۽ پنهنجن بارن سان گڏ (جن کي گمراھ ڪيائون) تن جا بار (به) ضرور کڻندا. ۽ جيڪو ڪوڙ پيا گهڙين تنهن بابت قيامت جي ڏينهن انهن کان ضرور پڇا ڳاڇا ٿيندي. |
وَلَقَد أَرسَلنا نوحًا إِلىٰ قَومِهِ فَلَبِثَ فيهِم أَلفَ سَنَةٍ إِلّا خَمسينَ عامًا فَأَخَذَهُمُ الطّوفانُ وَهُم ظٰلِمونَ (آيت : 14) |
۽ بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏي (پيغمبر بنائي) موڪليو ته اهو انهن ۾ پنجاھ ورهيه گهٽ هڪ هزار سان رهيو (۽ هدايت ڪندو رهين پر جڏهن نه مڃيئون) ته نيٺ انهن کي طوفان پڪڙيو ۽ اهي ظالم هئا. |
فَأَنجَينٰهُ وَأَصحٰبَ السَّفينَةِ وَجَعَلنٰها ءايَةً لِلعٰلَمينَ (آيت : 15) |
پوءِ ان کي ۽ ٻيڙيءَ وارن کي بچايوسون ۽ اسان ان واقعي کي ساري خدائي جي لاءِ (پنهنجي قدرت جي) نشاني ڪيوسون. |
وَإِبرٰهيمَ إِذ قالَ لِقَومِهِ اعبُدُوا اللَّهَ وَاتَّقوهُ ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 16) |
۽ ابراهيم کي (ياد ڪريو) جڏهن ان پنهنجي قوم کي چيو ته الله جي عبادت ڪريو ۽ ان کان ڊڄو اهو اوهان لاءِ چڱو آهي جيڪڏهن سمجھ اٿو. |
إِنَّما تَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ أَوثٰنًا وَتَخلُقونَ إِفكًا إِنَّ الَّذينَ تَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ لا يَملِكونَ لَكُم رِزقًا فَابتَغوا عِندَ اللَّهِ الرِّزقَ وَاعبُدوهُ وَاشكُروا لَهُ إِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 17) |
اوهين خدا کان سواءِ رڳو بتن کي پوڄيو ٿا ۽ ڪوڙ ٺاهيو ٿا. بيشڪ جن کي خدا کان سواءِ پوڄيو ٿا سي اوهان کي روزي ڏيڻ جو اختيار (به) نه ٿا رکن، سو خدا وٽان روزي گهرو ۽ سندس شڪر ڪريو، (ڇو ته) هن ڏي ئي اوهان کي موٽايو ويندو. |
وَإِن تُكَذِّبوا فَقَد كَذَّبَ أُمَمٌ مِن قَبلِكُم وَما عَلَى الرَّسولِ إِلَّا البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 18) |
۽ (اي مڪي وارو) جيڪڏهن توهان (منهنجي رسول کي) ڪوڙو ڪيو ته (ڪجھ پرواھ نه آهي) اوهان کان اڳ ڪيترين ئي امتن (پنهنجي پيغمبرن کي) ڪوڙ ڪيو. ۽ رسول جي ذمي ته رڳو پڌرو پيغام پهچائڻ آهي. |
أَوَلَم يَرَوا كَيفَ يُبدِئُ اللَّهُ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ إِنَّ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرٌ (آيت : 19) |
ڇا انهن ماڻهن هن تي غور ڪيو ته خدا ڪئين مخلوقات کي نئين سر پيدا ڪري ٿو ۽ وري ٻيهر پيدا ڪندو. هيءَ ته الله لاءِ سولي ڳالھ آهي. |
قُل سيروا فِى الأَرضِ فَانظُروا كَيفَ بَدَأَ الخَلقَ ثُمَّ اللَّهُ يُنشِئُ النَّشأَةَ الءاخِرَةَ إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 20) |
(اي رسول انهن کي) چئو ته ڪجھ زمين تي هلي ڏسو ته خدا ڪئين پهريان مخلوقات کي پيدا ڪيو (اهڙيءَ طرح) قيامت جي ڏينهن آخري پيدائش پيدا ڪندو، بيشڪ خدا سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. |
يُعَذِّبُ مَن يَشاءُ وَيَرحَمُ مَن يَشاءُ وَإِلَيهِ تُقلَبونَ (آيت : 21) |
جنهن کي گهري تنهن کي عذاب ڪري ۽ جنهن کي گهري تنهن تي رحم ڪري. ۽ ان ڏي ئي اوهان کي ڦيريو ويندو. |
وَما أَنتُم بِمُعجِزينَ فِى الأَرضِ وَلا فِى السَّماءِ وَما لَكُم مِن دونِ اللَّهِ مِن وَلِىٍّ وَلا نَصيرٍ (آيت : 22) |
۽ اوهين نه زمين ۾ (خدا کي) عاجز ڪرڻ وارا آهيو ۽ نه آسمان ۾ ۽ خدا کان سواءِ نه ته اوهان جو ڪو سرپرست آهي ۽ نه مددگار. |
وَالَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَلِقائِهِ أُولٰئِكَ يَئِسوا مِن رَحمَتى وَأُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 23) |
۽ جن ماڻهن خدا جي آيتن ۽ (قيامت جي ڏينهن) سندس حاضر هئڻ کان انڪار ڪيو اهي منهنجيءَ رحمت کان نااميد ٿيا آهن. ۽ انهن لاءِ ئي دردناڪ عذاب آهي. |
فَما كانَ جَوابَ قَومِهِ إِلّا أَن قالُوا اقتُلوهُ أَو حَرِّقوهُ فَأَنجىٰهُ اللَّهُ مِنَ النّارِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 24) |
پوءِ ابراهيم جي قوم وٽ (انهن ڳالهين جو) هن کان سواءِ ٻيو جواب نه هو ته ان کي قتل ڪريو يا کيس ساڙي (خاڪ ڪري) ڇڏيو. (نيٺ انهن ائين ڪيو) پر خدا ان کي باھ کان بچايو. بيشڪ ايمان واريءَ قوم لاءِ هن واقعي ۾ (خدا جي قدرت جون) ڪيئي نشانيون آهن. |
وَقالَ إِنَّمَا اتَّخَذتُم مِن دونِ اللَّهِ أَوثٰنًا مَوَدَّةَ بَينِكُم فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا ثُمَّ يَومَ القِيٰمَةِ يَكفُرُ بَعضُكُم بِبَعضٍ وَيَلعَنُ بَعضُكُم بَعضًا وَمَأوىٰكُمُ النّارُ وَما لَكُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 25) |
۽ ابراهيم (پنهنجي قوم کي) چيو ته اوهان ماڻهن خدا کي ڇڏي رڳو دنيا جي حياتيءَ ۾ پاڻ ۾ محبت ڪرڻ سبب بتن کي خدا بنايا آهن. وري قيامت جي ڏينهن اوهان مان هڪڙا ٻين جو انڪار ڪندا ۽ اوهان مان هڪڙا ٻين تي لعنت ڪندا، ۽ اوهان جي جاءِ دوزخ آهي ۽ اوهان جا ڪي به (تنهن وقت) مددگار نه هوندا. |
فَـٔامَنَ لَهُ لوطٌ وَقالَ إِنّى مُهاجِرٌ إِلىٰ رَبّى إِنَّهُ هُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 26) |
تڏهن رڳو لوط، ابراهيم تي ايمان آندو. ۽ ابراهيم چين: آءُ ته پنهنجي پروردگار ڏي وطن ڇڏي وڃي رهيو آهيا. بيشڪ اهو ئي زبردست حڪمت وارو آهي. |
وَوَهَبنا لَهُ إِسحٰقَ وَيَعقوبَ وَجَعَلنا فى ذُرِّيَّتِهِ النُّبُوَّةَ وَالكِتٰبَ وَءاتَينٰهُ أَجرَهُ فِى الدُّنيا وَإِنَّهُ فِى الءاخِرَةِ لَمِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 27) |
۽ اسان ابراهيم کي اسحاق (جهڙو پٽ) ۽ يعقوب (جهڙو پوٽو) عطا ڪيو ۽ سندس نسل ۾ پيغمبر ۽ ڪتاب کي مقرر ڪيوسون ۽ اسان ابراهيم کي دنيا ۾ چڱو بدلو عطا ڪيو ۽ اهو ته آخرت ۾ (به) نيڪ ماڻهن مان آهي. |
وَلوطًا إِذ قالَ لِقَومِهِ إِنَّكُم لَتَأتونَ الفٰحِشَةَ ما سَبَقَكُم بِها مِن أَحَدٍ مِنَ العٰلَمينَ (آيت : 28) |
۽ (اي رسول) لوط کي (ياد ڪر!) جڏهن ان پنهنجيءَ قوم کي چيو (هو) ته اوهين بيحيائي جو ڪم ڪريو ٿا، جو اوهان کان اڳي ساري خدائيءَ ۾ اهو (فعل) ڪنهن (به) نه ڪيو آهي. |
أَئِنَّكُم لَتَأتونَ الرِّجالَ وَتَقطَعونَ السَّبيلَ وَتَأتونَ فى ناديكُمُ المُنكَرَ فَما كانَ جَوابَ قَومِهِ إِلّا أَن قالُوا ائتِنا بِعَذابِ اللَّهِ إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 29) |
ڇا اوهين (زالن کي ڇڏي شهوت رانيءَ لاءِ) مڙسن ڏي وڃو ٿا. ۽ اوهين پنهنجين محفلن ۾ بڇڙيون حرڪتون ڪريو ٿا؟ سو (انهن سڀني ڳالهين جو) لوط جي قوم وٽ هن کان سواءِ ڪو جواب نه هو جو اهي چوڻ لڳا ته، ڀلا جيڪڏهن اوهين سچا آهيو ته اسان تي خدا جو عذاب ته آڻيو. |
قالَ رَبِّ انصُرنى عَلَى القَومِ المُفسِدينَ (آيت : 30) |
(تڏهن) لوط دعا گهري، پروردگار! هن فساد ڪندڙ قوم جي مقابلي ۾ منهنجي مدد ڪر (تنهن وقت کان عذاب جي تياري ٿي). |
وَلَمّا جاءَت رُسُلُنا إِبرٰهيمَ بِالبُشرىٰ قالوا إِنّا مُهلِكوا أَهلِ هٰذِهِ القَريَةِ إِنَّ أَهلَها كانوا ظٰلِمينَ (آيت : 31) |
۽ جڏهن اسان جا موڪليل فرشتا ابراهيم وٽ (پوڙهائپ ۾ پٽ جي) خوش خبري کڻي آيا ته (ابراهيم کي) چيائون، اسين جلد ئي هن ڳوٺ جي رهڻ وارن کي برباد ڪرڻ وارا آهيون. (ڇو ته) هن ڳوٺ جي رهڻ وارا (تمام) سرڪش آهن. |
قالَ إِنَّ فيها لوطًا قالوا نَحنُ أَعلَمُ بِمَن فيها لَنُنَجِّيَنَّهُ وَأَهلَهُ إِلَّا امرَأَتَهُ كانَت مِنَ الغٰبِرينَ (آيت : 32) |
(اهو ٻڌي) ابراهيم چين ته ان ڳوٺ ۾ ته لوط (به) آهي. انهن فرشتن چيو ته جو به ان ۾ آهي تنهن کي اسين چڱيءَ طرح ڄاڻون ٿا. ان کي ۽ ان جي گهروارن کي اسين ضرور بچائينداسون سندس زال کان سواءِ جا باقي رهيلن مان ٿيندي. |
وَلَمّا أَن جاءَت رُسُلُنا لوطًا سيءَ بِهِم وَضاقَ بِهِم ذَرعًا وَقالوا لا تَخَف وَلا تَحزَن إِنّا مُنَجّوكَ وَأَهلَكَ إِلَّا امرَأَتَكَ كانَت مِنَ الغٰبِرينَ (آيت : 33) |
۽ جڏهن اسان جا موڪليل فرشتا لوط وٽ آيا ته کين ڏسي ناخوش ٿيو ۽ انهن جي (مهماني ڪرڻ) کان دل تنگ ٿيو ۽ کيس چيائون، نڪي ڊڄ ۽ نه ڪي غمگين ٿي. بيشڪ اسين تو کي ۽ تنهنجي گهروارن کي بچائينداسون پر تنهنجي زال (ڇو ته) اها باقي رهيلن مان ٿيندي. |
إِنّا مُنزِلونَ عَلىٰ أَهلِ هٰذِهِ القَريَةِ رِجزًا مِنَ السَّماءِ بِما كانوا يَفسُقونَ (آيت : 34) |
بيشڪ اسين هن ڳوٺ وارن تي سندن بدڪارين سبب هڪ آسماني عذاب نازل ڪرڻ وارا آهيون. |
وَلَقَد تَرَكنا مِنها ءايَةً بَيِّنَةً لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 35) |
۽ يقنا اسان ان (ابتي ڪيل ڳوٺ) مان عقل وارن لاءِ (سبق حاصل ڪرڻ جي) هڪ پڌري ۽ کليل نشاني باقي رکي آهي. |
وَإِلىٰ مَديَنَ أَخاهُم شُعَيبًا فَقالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ وَارجُوا اليَومَ الءاخِرَ وَلا تَعثَوا فِى الأَرضِ مُفسِدينَ (آيت : 36) |
پڻ (اسان) مدين جي رهڻ وارن ڏي سندن ڀاءُ شعيب کي پيغمبر بنائي موڪليو ته ان (پنهنجي قوم کي) چيو: اي منهنجي قوم! خدا جي عبادت ڪريو ۽ قيامت جي ڏينهن جي اميد رکو ۽ زمين ۾ فسادي ٿي فساد نه ڦهلايو. |
فَكَذَّبوهُ فَأَخَذَتهُمُ الرَّجفَةُ فَأَصبَحوا فى دارِهِم جٰثِمينَ (آيت : 37) |
ته انهن (شعيب کي ڪوڙو ڪيو، ته انهن کي زلزلي اچي ورتو پوءِ اهي صبح جو پنهنجن گهرن ۾ گوڏن ڀر (اونڌا) ڪريا پيا هئا. |
وَعادًا وَثَمودَا۟ وَقَد تَبَيَّنَ لَكُم مِن مَسٰكِنِهِم وَزَيَّنَ لَهُمُ الشَّيطٰنُ أَعمٰلَهُم فَصَدَّهُم عَنِ السَّبيلِ وَكانوا مُستَبصِرينَ (آيت : 38) |
۽ قوم عاد ۽ ثمود کي برباد ڪيوسون) ۽ (اي مڪي وارو) اوهان کي ته سندن (برباد ٿيل) گهر به (رستي سان ايندي ويندي) سجهن ٿا. ۽ شيطان سندن نظر ۾ انهن جا ڪرتوت چڱا ڪري ڏيکاريا هئا ۽ کين (سڌي) راھ تي (هلڻ کان) روڪي ڇڏيو هو. هوڏانهن اهي ماڻهو ڏاڍا هوشيار هئا. |
وَقٰرونَ وَفِرعَونَ وَهٰمٰنَ وَلَقَد جاءَهُم موسىٰ بِالبَيِّنٰتِ فَاستَكبَروا فِى الأَرضِ وَما كانوا سٰبِقينَ (آيت : 39) |
۽ (اسان ئي) قارون ۽ فرعون ۽ هامان کي به (برباد ڪيو) هوڏانهن وٽن موسى پڌرا ۽ کليل معجزا کڻي آيو تڏهن به اهي ماڻهو روءِ زمين تي سرڪشيءَ ڪندا پيا وتن ۽ اهي اسان کان (نڪري) اڳتي وڌي نه سگهيا. |
فَكُلًّا أَخَذنا بِذَنبِهِ فَمِنهُم مَن أَرسَلنا عَلَيهِ حاصِبًا وَمِنهُم مَن أَخَذَتهُ الصَّيحَةُ وَمِنهُم مَن خَسَفنا بِهِ الأَرضَ وَمِنهُم مَن أَغرَقنا وَما كانَ اللَّهُ لِيَظلِمَهُم وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 40) |
ته اسان سڀني کي سندن گناھ جي سزا ۾ پڪڙيوسون. پوءِ انهن مان ڪي اهڙا هئا جن تي پهڻن وسائڻ وارو واءُ موڪليوسون ۽ انهن مان ڪي اهڙا هئا جن کي سخت هڪل ورتو ۽ انهن مان ڪي اهڙا هئا جن کي زمين ۾ ڳهايوسون، ۽ انهن مان ڪي اهڙا هئا جن کي ٻوڙيوسون ۽ خدا ته مٿن ظلم ڪرڻ وارو نه هو پر اهي پاڻ تي پڻ ظلم ڪندا هئا. |
مَثَلُ الَّذينَ اتَّخَذوا مِن دونِ اللَّهِ أَولِياءَ كَمَثَلِ العَنكَبوتِ اتَّخَذَت بَيتًا وَإِنَّ أَوهَنَ البُيوتِ لَبَيتُ العَنكَبوتِ لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 41) |
جن ماڻهن خدا کان سواءِ ٻين کي پنهنجو ڪارساز بنايو آهي تن جو مثال ڪوريئڙي جي مثال جهڙو آهي جنهن هڪ گهر ٺاهيو هوڏانهن (سڀني) گهرن مان زياده هيڻو گهر ڪوريئڙي جو آهي. جيڪر اهي (ايتري ڳالھ) ڄاڻن. |
إِنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما يَدعونَ مِن دونِهِ مِن شَيءٍ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 42) |
خدا کي ڇڏي اهي ماڻهو جنهن شيءِ کي سڏين ٿا تنهن کي بيشڪ خدا ڄاڻي ٿو. ۽ اهو ئي زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. |
وَتِلكَ الأَمثٰلُ نَضرِبُها لِلنّاسِ وَما يَعقِلُها إِلَّا العٰلِمونَ (آيت : 43) |
۽ اسان اهي مثال ماڻهن (جي سمجهائڻ) لاءِ بيان ڪريون ٿا ۽ انهن کي رڳو عالم ئي سمجهن ٿا. |
خَلَقَ اللَّهُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِلمُؤمِنينَ (آيت : 44) |
خدا آسمان ۽ زمين کي (ٺيڪ ٺيڪ) حق سان پيدا ڪيو آهي بيشڪ ان (ڪم) ۾ ايمان وارن لاءِ (خدا جي قدرت جي) وڏي نشاني آهي. |
اتلُ ما أوحِىَ إِلَيكَ مِنَ الكِتٰبِ وَأَقِمِ الصَّلوٰةَ إِنَّ الصَّلوٰةَ تَنهىٰ عَنِ الفَحشاءِ وَالمُنكَرِ وَلَذِكرُ اللَّهِ أَكبَرُ وَاللَّهُ يَعلَمُ ما تَصنَعونَ (آيت : 45) |
(اي رسول) جيڪو ڪتاب تو ڏي وحي ڪيو ويو آهي سو تلاوت ڪر ۽ نماز قائم ڪر. بيشڪ نماز بيحيائي ۽ بڇڙي ڪم کان روڪي ٿي. ۽ بيشڪ خدا جو ياد ڪرڻ سڀ کان وڏو مرتبو آهي ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي خدا (چڱيءَ طرح) ڄاڻي ٿو. |
وَلا تُجٰدِلوا أَهلَ الكِتٰبِ إِلّا بِالَّتى هِىَ أَحسَنُ إِلَّا الَّذينَ ظَلَموا مِنهُم وَقولوا ءامَنّا بِالَّذى أُنزِلَ إِلَينا وَأُنزِلَ إِلَيكُم وَإِلٰهُنا وَإِلٰهُكُم وٰحِدٌ وَنَحنُ لَهُ مُسلِمونَ (آيت : 46) |
۽ (اي ايمان وارو!) ڪتاب وارن سان مناظرو نه ڪندا ڪريو پر سٺي ۽ عمدي نموني ۾، مگر انهن مان جن اوهان تي ظلم ڪيو (تن سان رعايت نه ڪريو) ۽ صاف صاف چئي ڏيو ته جيڪو (ڪتاب) اسان ڏي نازل ٿيو آهي ۽ جيڪي اوهان ڏي نازل ڪيو ويو آهي تنهن تي اسان جو ايمان آهي ۽ اسان جو معبود ۽ اوهان جو معبود هڪ آهي ۽ اسين سندس ئي فرمانبردار آهيون. |
وَكَذٰلِكَ أَنزَلنا إِلَيكَ الكِتٰبَ فَالَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ يُؤمِنونَ بِهِ وَمِن هٰؤُلاءِ مَن يُؤمِنُ بِهِ وَما يَجحَدُ بِـٔايٰتِنا إِلَّا الكٰفِرونَ (آيت : 47) |
۽ (اي پيغمبر) جهڙي طرح اڳيان ڪتاب نازل ڪيا هئاسون) اهڙي طرح اسان تو ڏي (هي) ڪتاب نازل ڪيو. پوءِ جن کي (اڳي) ڪتاب ڏنوهوسون سي ان تي ايمان آڻين ٿا. ۽ هنن (عربن) مان به ڪي اهڙا آهن جي ان تي ايمان آڻين ٿا. ۽ ڪافرن کان سواءِ ٻيو ڪو به اسان جي آيتن جو انڪار نه ٿو ڪري. |
وَما كُنتَ تَتلوا مِن قَبلِهِ مِن كِتٰبٍ وَلا تَخُطُّهُ بِيَمينِكَ إِذًا لَارتابَ المُبطِلونَ (آيت : 48) |
۽ (اي پيغمبر) قرآن کان اڳ تون ڪو ڪتاب نه پڙهندو هئين ۽ نه ان کي پنهنجي هٿ سان لکندو هئين (جيڪڏهن تون لکين پڙهين ها ته) ان وقت هي ڪوڙا ماڻهو ضرور (تنهنجي نبوت ۾) شڪ ۾ پون ها. |
بَل هُوَ ءايٰتٌ بَيِّنٰتٌ فى صُدورِ الَّذينَ أوتُوا العِلمَ وَما يَجحَدُ بِـٔايٰتِنا إِلَّا الظّٰلِمونَ (آيت : 49) |
پر جن شخصن کي خدا جي طرفان علم عطا ڪيو ويو آهي تن جي سينن ۾ اهو (قرآن) پڌريو آيتون آهن. ۽ سرڪش کان سواءِ اسان جي آيتن جو (ٻيو) ڪو به انڪار نٿو ڪري. |
وَقالوا لَولا أُنزِلَ عَلَيهِ ءايٰتٌ مِن رَبِّهِ قُل إِنَّمَا الءايٰتُ عِندَ اللَّهِ وَإِنَّما أَنا۠ نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 50) |
۽ (ڪافر عرب) چون ٿا ته هن (رسول!) تي سندس پروردگار جي طرفان معجزا ڇو ڪين نازل ٿيا (اي رسول! کين) چئو، معجزا ته خدا وٽ آهن ۽ آءُ رڳو (خدا جي عذاب کان) ظاهر ڊيڄاريندڙ آهيان. |
أَوَلَم يَكفِهِم أَنّا أَنزَلنا عَلَيكَ الكِتٰبَ يُتلىٰ عَلَيهِم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَرَحمَةً وَذِكرىٰ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 51) |
ڇا انهن لاءِ هي ڪافي نه آهي جو اسان تو تي ڪتاب (قرآن) نازل ڪيو آهي جو انهن کي پڙهي ٻڌايو وڃي ٿو. بيشڪ ايماندار ماڻهن لاءِ ان ۾ (خدا جي) وڏي مهرباني ۽ (تمام چڱي) نصيحت آهي. |
قُل كَفىٰ بِاللَّهِ بَينى وَبَينَكُم شَهيدًا يَعلَمُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَالَّذينَ ءامَنوا بِالبٰطِلِ وَكَفَروا بِاللَّهِ أُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 52) |
(اي پيغمبر! تون انهن کي) چئو ته منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ شاهدي لاءِ خدا ڪافي آهي جيڪو سڀني آسمانن ۽ زمين جي ڳالهين کي ڄاڻي ٿو. ۽ جن ڪوڙ تي يقين ڪيو ۽ خدا جو انڪار ڪيو سي ئي نقصان وارا آهن. |
وَيَستَعجِلونَكَ بِالعَذابِ وَلَولا أَجَلٌ مُسَمًّى لَجاءَهُمُ العَذابُ وَلَيَأتِيَنَّهُم بَغتَةً وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 53) |
۽ (اي رسول) تو کان ماڻهو عذاب جي جلد اچڻ جي گهر ڪن ٿا. ۽ جيڪڏهن مقرر ڪيل وقت نه هجي ها ته (ڪڏهن جو) مٿن عذاب اچي وڃي ها ۽ (نيٺ ته هڪ نه هڪ ڏينهن) ضرور انهن تي عذاب اوچتو ايندو جو کين خبر به نه پوندي. |
يَستَعجِلونَكَ بِالعَذابِ وَإِنَّ جَهَنَّمَ لَمُحيطَةٌ بِالكٰفِرينَ (آيت : 54) |
تو کان عذاب جي جلد اچڻ جي گهر ڪن ٿا ۽ بيشڪ دوزخ ڪافرن کي تنهن ڏينهن ضرور گهيرو ڪندو، |
يَومَ يَغشىٰهُمُ العَذابُ مِن فَوقِهِم وَمِن تَحتِ أَرجُلِهِم وَيَقولُ ذوقوا ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 55) |
جنهن ڏينهن کين عذاب سندن مٿان ۽ سندن پيرن هيٺان ويڙهي ويندو ۽ (تڏهن خدا) فرمائيندو ته جيڪي ڪرتوت اوهين (دنيا ۾) ڪندا هئا تن جو مزو چکيو! |
يٰعِبادِىَ الَّذينَ ءامَنوا إِنَّ أَرضى وٰسِعَةٌ فَإِيّٰىَ فَاعبُدونِ (آيت : 56) |
اي منهنجا ايمان وارا بندو! بيشڪ منهنجي زمين ڪشادي آهي ۽ اوهين منهنجي ئي عبادت ڪريو. |
كُلُّ نَفسٍ ذائِقَةُ المَوتِ ثُمَّ إِلَينا تُرجَعونَ (آيت : 57) |
سڀ ڪو نفس موت (جو مزو) چکڻ وارو آهي، پوءِ مون ڏي ئي اوهان کي موٽايو ويندو. |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَنُبَوِّئَنَّهُم مِنَ الجَنَّةِ غُرَفًا تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها نِعمَ أَجرُ العٰمِلينَ (آيت : 58) |
۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي جنت جي ماڙين ۾ رهائينداسون، جن جي هيٺان واھ وهن ٿا جن ۾ هميشه رهندا. اهو انهن (نيڪ) ڪم ڪرڻ وارن جو چڱو بدلو آهي. |
الَّذينَ صَبَروا وَعَلىٰ رَبِّهِم يَتَوَكَّلونَ (آيت : 59) |
جن دنيا ۾ (مصيبتن تي) صبر ڪيو ۽ پنهنجي پالڻهار تي ڀروسو ڪن ٿا. |
وَكَأَيِّن مِن دابَّةٍ لا تَحمِلُ رِزقَهَا اللَّهُ يَرزُقُها وَإِيّاكُم وَهُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 60) |
۽ زمين تي هلڻ وارا ڪيترائي آهن جي پنهنجي روزي پاڻ سان کنيو نه ٿا وتن الله ئي انهن کي ۽ اوهان کي روزي ڏئي ٿو، ۽ اهو وڏو ڏيڻ وارو (۽) ڄاڻندڙ آهي. |
وَلَئِن سَأَلتَهُم مَن خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَسَخَّرَ الشَّمسَ وَالقَمَرَ لَيَقولُنَّ اللَّهُ فَأَنّىٰ يُؤفَكونَ (آيت : 61) |
۽ (اي رسول) جيڪڏهن تون انهن کان پڇندين ته آسمانن ۽ زمين کي ڪنهن پيدا ڪيو ۽ سج ۽ چنڊ کي ڪنهن ڪم ۾ لڳايو ته ضرور چوندا ته الله! پوءِ ڪئين ابتا وڃن ٿا؟ |
اللَّهُ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَيَقدِرُ لَهُ إِنَّ اللَّهَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 62) |
الله ئي پنهنجي ٻانهن مان جنهن لاءِ گهري ٿو تنهن جي روزي ڪشادي ڪري ٿو ۽ (جنهن لاءِ گهري ٿو) تنهن جي تنگ ڪري ٿو. بيشڪ خدا سڀ ڪنهن شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي. |
وَلَئِن سَأَلتَهُم مَن نَزَّلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَحيا بِهِ الأَرضَ مِن بَعدِ مَوتِها لَيَقولُنَّ اللَّهُ قُلِ الحَمدُ لِلَّهِ بَل أَكثَرُهُم لا يَعقِلونَ (آيت : 63) |
۽ جيڪڏهن تون انهن کان پڇندين ته آسمان مان پاڻي ڪير ٿو لاهي پوءِ ان سان زمين کي ان جي مرڻ (غير آباد هجڻ) کان پوءِ جياريو (آباد ڪيو) اٿس ته اهي ضرور چوندا ته الله! (اي رسول) تون چئو الحمد لله! پر انهن مان گهڻا (ايترو به) نه ٿا سمجهن. |
وَما هٰذِهِ الحَيوٰةُ الدُّنيا إِلّا لَهوٌ وَلَعِبٌ وَإِنَّ الدّارَ الءاخِرَةَ لَهِىَ الحَيَوانُ لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 64) |
۽ هيءَ دنيا جي حياتي (ته رڳو) تماشي ۽ راند کان سواءِ (ٻيو) ڪجھ نه آهي. ۽ آخرت جو گهر ئي (سچي) حياتي آهي. جيڪڏهن سمجهن ٿا. |
فَإِذا رَكِبوا فِى الفُلكِ دَعَوُا اللَّهَ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ فَلَمّا نَجّىٰهُم إِلَى البَرِّ إِذا هُم يُشرِكونَ (آيت : 65) |
پوءِ جڏهن ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿين ٿا ته خدا کي تمام خلوص (دل) سان عبادت ڪندڙ ٿي سڏين ٿا، وري جڏهن کين خشڪي ڏي بچائي آڻجي ٿو ته يڪدم شرڪ ڪن ٿا. |
لِيَكفُروا بِما ءاتَينٰهُم وَلِيَتَمَتَّعوا فَسَوفَ يَعلَمونَ (آيت : 66) |
هن لاءِ ته جيڪي اسان انهن کي (نعمتون) ڏنيون آهن تن جي نا شڪري ڪن ۽ مزا ماڻين. پوءِ جلد ئي (ان جو نتيجو) کين معلوم ٿيندو. |
أَوَلَم يَرَوا أَنّا جَعَلنا حَرَمًا ءامِنًا وَيُتَخَطَّفُ النّاسُ مِن حَولِهِم أَفَبِالبٰطِلِ يُؤمِنونَ وَبِنِعمَةِ اللَّهِ يَكفُرونَ (آيت : 67) |
ڇا انهن ان تي به غور نه ڪيو ته اسان حرم (مڪي) کي امن ۽ امان جو هنڌ بنايو آهي، هوڏانهن سندن آس پاس کان ماڻهو امالڪ کڄي وڃن ٿا. ته ڇا اهي ماڻهو ڪوڙن معبودن تي ايمان آڻين ٿا ۽ خدا جي نعمت جي ناشڪري ڪن ٿا؟ |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أَو كَذَّبَ بِالحَقِّ لَمّا جاءَهُ أَلَيسَ فى جَهَنَّمَ مَثوًى لِلكٰفِرينَ (آيت : 68) |
۽ ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آهي جنهن خدا تي ڪوڙ گهڙيو يا ان وٽ ڪا سچي ڳالھ اچي تنهن کي ڪوڙو ڪيائين. (ته) ڇا ڪافرن جي رهڻ جي جاءِ جهنم نه آهي؟ (ضرور آهي). |
وَالَّذينَ جٰهَدوا فينا لَنَهدِيَنَّهُم سُبُلَنا وَإِنَّ اللَّهَ لَمَعَ المُحسِنينَ (آيت : 69) |
۽ جن ماڻهن اسان جي راھ ۾ جهاد ڪيو تن کي ضرور اسين پنهنجي راھ جي هدايت ڪنداسون. ۽ بيشڪ الله نيڪي ڪندڙن سان گڏ آهي. |