الم (آيت : 1) |
اَرٿ، “الٓمّٓ” جو سَمجھي هِڪ سُبحان، |
أَحَسِبَ النّاسُ أَن يُترَكوا أَن يَقولوا ءامَنّا وَهُم لا يُفتَنونَ (آيت : 2) |
ڇا ماڻهن رکيو مَن ۾، غَلط هِي گُمان؟ ته چَون رُڳو چَپن سان، ته آندوسون اِيمان، ۽ اُنهن کان اِمتحان، وَڌِيڪ وَٺبو ڪو نه ڪو. |
وَلَقَد فَتَنَّا الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَلَيَعلَمَنَّ اللَّهُ الَّذينَ صَدَقوا وَلَيَعلَمَنَّ الكٰذِبينَ (آيت : 3) |
۽ جڏهن اُنهن کان اَڳيَنِ کي، آزمايوسون اِظهار، سَمجھي تان سَچن کي، پڻ ڪُوڙن کي ڪلتار |
أَم حَسِبَ الَّذينَ يَعمَلونَ السَّيِّـٔاتِ أَن يَسبِقونا ساءَ ما يَحكُمونَ (آيت : 4) |
ڇا، ڀانيو تَن ڀورڙِين؟ جي ڪوجها ڪن ڪم ڪار، ته مَهٽِيندانِئون مُورهِين، ۽ بُڇڙو ٿيو بسيار، ڪوڙا جِنهن ڪُفر جو، ٿا حُڪم ڪن هيڪار، |
مَن كانَ يَرجوا لِقاءَ اللَّهِ فَإِنَّ أَجَلَ اللَّهِ لَءاتٍ وَهُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 5) |
جو آهي رکندو آسرو، ڌَڻِئ جي دِيدار، پوءِ اَوس آهي اَچڻو، ٻَڌل ڏِينهن ڏتار، ۽ سُڻندڙ سو سَتار، پڻ مالِڪ محَرم حال جو. |
وَمَن جٰهَدَ فَإِنَّما يُجٰهِدُ لِنَفسِهِ إِنَّ اللَّهَ لَغَنِىٌّ عَنِ العٰلَمينَ (آيت : 6) |
۽ جو لَڙي ٿو لِله، سولڙي پنهنجو پاڻ لئي، بي شڪ بي پرواھ، قادِر ڪُل جھان کان. |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَنُكَفِّرَنَّ عَنهُم سَيِّـٔاتِهِم وَلَنَجزِيَنَّهُم أَحسَنَ الَّذى كانوا يَعمَلونَ (آيت : 7) |
۽ آندو جن ايمان، پڻ چڱا ڪيائون ڪمڙا، ميٽِينداسُون اُنهن جون بَديون بي گُمان، ۽ صفا سُهڻو اُنهن کي، اَسِين ڏينداسون ڏان، جيڪِي مَنجھ جَھان، ٿاڪن، تَن ڪمن جو. |
وَوَصَّينَا الإِنسٰنَ بِوٰلِدَيهِ حُسنًا وَإِن جٰهَداكَ لِتُشرِكَ بى ما لَيسَ لَكَ بِهِ عِلمٌ فَلا تُطِعهُما إِلَىَّ مَرجِعُكُم فَأُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 8) |
۽ ماڻهوءَ کي، سَندسِ ماء، پِيء سان، ڏِنِي سون موچارِي مَت، ۽ جي چَونئـِي ته اُنهِيء چيز کي، ڀيڙو ڪر ڪِنهن ڀَت، قادِر ساڻ ڪَمن ۾، جِنهن جو اَصل نه توکي اَت، پوءِ نه مَڃيينِ مُورهِين، اِهڙِي ڳالھ ڳَت، مون ڏي، ماڳ اوهان جو، پوءِ اوهان کي اَلبت، ڏِيندسِ حَقِيقت، جيڪِي عمل ڪريو، اُنهن جِي. |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَنُدخِلَنَّهُم فِى الصّٰلِحينَ (آيت : 9) |
۽ آندو جَن اِيمان، پڻ چڱا ڪيائون ڪمڙا، تَن ڏِيندسِ ماڳ مَڪان، ڀيڙا ڀَلارن سان. |
وَمِنَ النّاسِ مَن يَقولُ ءامَنّا بِاللَّهِ فَإِذا أوذِىَ فِى اللَّهِ جَعَلَ فِتنَةَ النّاسِ كَعَذابِ اللَّهِ وَلَئِن جاءَ نَصرٌ مِن رَبِّكَ لَيَقولُنَّ إِنّا كُنّا مَعَكُم أَوَلَيسَ اللَّهُ بِأَعلَمَ بِما فى صُدورِ العٰلَمينَ (آيت : 10) |
۽ ڪي مُنهان چون، ماڻهن مان، ته اسان مڃيو الله، جڏهن اِيذاء رسيو اُن کي، مَنجھ ربَّ جِي راھ، ته ماڻهن سندِي مار کي، ڀانئي ٿو بَدخواھ، برابر تِنهن باھ، جا اَلله جي غذاب جِي. ۽ مِلِي مُؤمنن کي، جِھڙئَ وٖير واهر، پاران پَرور تُنهنجي، ته ٻولِين پِيا ٻِيهار، هُئاسون اَسِين به، اوهان سان، ڀيڙا بَرقرار، ڇا، اَندرجي اَسرار، سي سائـِين سَمجھندڙ ناھِ ڪي؟ |
وَلَيَعلَمَنَّ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا وَلَيَعلَمَنَّ المُنٰفِقينَ (آيت : 11) |
۽ وَر سائـِين سَمجھي تن کي، آندو جَن اِيمان، ۽ سَمجھي پڻ سُبحان، لوڪان لِڪندڙن کي. |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لِلَّذينَ ءامَنُوا اتَّبِعوا سَبيلَنا وَلنَحمِل خَطٰيٰكُم وَما هُم بِحٰمِلينَ مِن خَطٰيٰهُم مِن شَيءٍ إِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 12) |
مَڃيو جَن مذڪور، تن کي ڪَهيو، جَن ڪُفر ڪيو، ته وَٺو واٽ اَسان جِي، ته اَهنجا عيب قُصور، کَڻون، کَڻندڙ ڪِين سي، سَندنِ مَديَنِ مان مُور، ظاهِر آهي ضرور، ته اُهي ڪُوڙا آهِن قول ۾. |
وَلَيَحمِلُنَّ أَثقالَهُم وَأَثقالًا مَعَ أَثقالِهِم وَلَيُسـَٔلُنَّ يَومَ القِيٰمَةِ عَمّا كانوا يَفتَرونَ (آيت : 13) |
۽ بار سَندنِ گَڏ، بار تَنِ، مَرکَڻنِ مَغرُور، ۽ ڪَن، جي ڪُوڙ فُتور، تَن جو پُڇبُنِ ڏِينهن قيام جي. |
وَلَقَد أَرسَلنا نوحًا إِلىٰ قَومِهِ فَلَبِثَ فيهِم أَلفَ سَنَةٍ إِلّا خَمسينَ عامًا فَأَخَذَهُمُ الطّوفانُ وَهُم ظٰلِمونَ (آيت : 14) |
۽ مُڪو سون نُوح نبيءَ کي، پَنهنجِي قوم پار، پوءِ رَهيو وَرھ تِنهن راڄ ۾، پَنجاھ گھٽ هَزار، پوءِ وَرتو طُوفان تَن کي، ۽ هُئائـِي هاڃِيڪار، |
فَأَنجَينٰهُ وَأَصحٰبَ السَّفينَةِ وَجَعَلنٰها ءايَةً لِلعٰلَمينَ (آيت : 15) |
پوءِ آجو ڪيوسون اُن کي، ۽ ٻِيا ٻيڙي وارايار، ۽ نِشاني نروار، ڪيوسونِ، ڪُل جھان لئي. |
وَإِبرٰهيمَ إِذ قالَ لِقَومِهِ اعبُدُوا اللَّهَ وَاتَّقوهُ ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 16) |
پڻ اِبراهِيم آزر، جڏهن ڪَهيو پَنهنجِي قوم کي، ته پُوڄيو پَرور هيڪڙو، ۽ ڀَئو ڀانيو اُنهِيء ڀَر، اِي اوهان لئي بِهتر، جي سَمجھيو پَنهنجي سُود کي. |
إِنَّما تَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ أَوثٰنًا وَتَخلُقونَ إِفكًا إِنَّ الَّذينَ تَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ لا يَملِكونَ لَكُم رِزقًا فَابتَغوا عِندَ اللَّهِ الرِّزقَ وَاعبُدوهُ وَاشكُروا لَهُ إِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 17) |
اَوهِين ته الله ري، رُڳو پُوڄيو ٺلا ٿان، جُوٺيون جاٽون ڪيتريون، جوڙيو مَنجھ جھان، جاٽون ڪريو جَن جون، سوا ربَّ سُبحان، اُهي قُوَّت اوهان جي قُوت جِي، ڪوڏِي رکن ڪانه، پوءِ رَبّ وٽ روزِي ڳوليو، ۽ ڀيٽيوسِ بي گمان، ۽ مَڃيو اُنهِيءَ جا اِحسان، آخِر به اُن ڏي موٽندا. |
وَإِن تُكَذِّبوا فَقَد كَذَّبَ أُمَمٌ مِن قَبلِكُم وَما عَلَى الرَّسولِ إِلَّا البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 18) |
۽ جي اوهين ڪُوڙ ڪوٺيو، هِي موچارو مَذڪور، ته آن کان اَڳيَن اُمتن، پڻ ڪُوٺيو ڪُوڙ فُتور، ۽ ناهي مُرسل تي مُور، پَڌري پَٽ پيغام ري. |
أَوَلَم يَرَوا كَيفَ يُبدِئُ اللَّهُ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ إِنَّ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرٌ (آيت : 19) |
ڇا ڏِٺئون نَه ؟ ته ڏاتار ڪِيئَن، پهرين جوڙٖي جوڙ کي، موٽِي موٽائـِيندو اُن کي، قُدرت سان ڪلتار، قادِر تي ڪم ڪار، آهي اِي آسان گھڻو. |
قُل سيروا فِى الأَرضِ فَانظُروا كَيفَ بَدَأَ الخَلقَ ثُمَّ اللَّهُ يُنشِئُ النَّشأَةَ الءاخِرَةَ إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 20) |
چئو، بَرِين، بَحرِين، ڀُون گُھمو، پوءِ ڪريو نظر نِهار، ته ڪنهن پَر پهرِين جوڙ کي، ٿو جوڙي جوڙڻهار، موٽِي ٻئي جھان کي. جوڙيندو جَبَّار، صاحب ربُّ، ستار، آهي قادِر هر ڪِنهن ڪم تي. |
يُعَذِّبُ مَن يَشاءُ وَيَرحَمُ مَن يَشاءُ وَإِلَيهِ تُقلَبونَ (آيت : 21) |
وَڻيسِ تِنهن کي ڏُک ڏئي، ۽ وڻيسِ سکه تنهِنين، ۽ ڏانهسِ ڏِينهن ڪنهِين، اَوهين مِڙئي موٽائبا. |
وَما أَنتُم بِمُعجِزينَ فِى الأَرضِ وَلا فِى السَّماءِ وَما لَكُم مِن دونِ اللَّهِ مِن وَلِىٍّ وَلا نَصيرٍ (آيت : 22) |
۽ اوهِين نه اُڀ، نه زمين ۾ هرگز ڏِيندڙ هارِ، ۽ والِي ۽ واهر، اوهان جو نه اَلله ري. |
وَالَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَلِقائِهِ أُولٰئِكَ يَئِسوا مِن رَحمَتى وَأُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 23) |
اَلله جي آيُنِيان ڦِريا، جي فُجار، پڻ مَحشر ۾ مِلڻ کان، ڪيؤَن اُنهِيء جي انڪار، اُهي مُنهنجي مِهر مَنجھان، ٿِيا نا اُميد نِبار، ۽ آهي اُنهن هارِ، سُورن ڀَريو ساڙڪو. |
فَما كانَ جَوابَ قَومِهِ إِلّا أَن قالُوا اقتُلوهُ أَو حَرِّقوهُ فَأَنجىٰهُ اللَّهُ مِنَ النّارِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 24) |
پوءِ جواب سَنديسِ، جماعت جو، هو نه هِنِيان ڌار، ته قتل ڪريو اُن کي، پڻ اُڪايوسِ اَپار، پوءِ آگي اُن کي، آگ ڪنان، ڪيو آجو اُنهِيء وار، اُن ۾ پَڌرا پار، سَچ سَمجھن، تِنهن ساٿ لئي. |
وَقالَ إِنَّمَا اتَّخَذتُم مِن دونِ اللَّهِ أَوثٰنًا مَوَدَّةَ بَينِكُم فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا ثُمَّ يَومَ القِيٰمَةِ يَكفُرُ بَعضُكُم بِبَعضٍ وَيَلعَنُ بَعضُكُم بَعضًا وَمَأوىٰكُمُ النّارُ وَما لَكُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 25) |
چي، اوهان ته ڇڏي اَلله کي، ٺاهيون درگاهون ڌار، هِڪ ٻِئي سان هيج ڪري، مَنجھ نِپٽ نَنڍِي ڄَمار، ڦِرندا هيڪ ٻين کان، موٽِي مَحشر وار، لاشڪ ڏِيندا لَعنتون، هِڪ ٻئي کي هُت هزار، دوزخ اُنهن جو دار، ۽ نه اوهان جو آڌارڪو. |
فَـٔامَنَ لَهُ لوطٌ وَقالَ إِنّى مُهاجِرٌ إِلىٰ رَبّى إِنَّهُ هُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 26) |
پوءِ لاشڪ اُن تي لُوط نَبِي، آندو اِعتبار، چي، آئون آهيان لَڏڻو، سَندمِ سائـِينءَ پار، ڏاڍو سو ڏاتار، پڻ ڏاهو ڏيہ مَلوڪ سو. |
وَوَهَبنا لَهُ إِسحٰقَ وَيَعقوبَ وَجَعَلنا فى ذُرِّيَّتِهِ النُّبُوَّةَ وَالكِتٰبَ وَءاتَينٰهُ أَجرَهُ فِى الدُّنيا وَإِنَّهُ فِى الءاخِرَةِ لَمِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 27) |
۽ اسحاق ۽ يَعقوب اُن کي، ٻَئـِي ڏِٺاسون ڏات، ۽ نُبُوَّت سَندسِ نَسل ۾، جا بلڪل ڀَلي ذَات، مُقرّر ڪئي سون مِهرسان، پڻ صَحِيفا سوغات، ۽ ڏِنوسونِس هِن ڏيھ ۾، سَندسِ پورهيو پات، پڻ نيڪان نيڪ صفات، اُهو آهي آخرت ۾. |
وَلوطًا إِذ قالَ لِقَومِهِ إِنَّكُم لَتَأتونَ الفٰحِشَةَ ما سَبَقَكُم بِها مِن أَحَدٍ مِنَ العٰلَمينَ (آيت : 28) |
۽ لُوط سَندسِ ساٿ کي، آکيو اَ کر اِهو، ته اَچو ٿا اَڀرائـِيءَ تي، ڇَڏي ننگ نِهو، جَملي جَھانن ۾، جُوٺو جِنهن جِھو، ڪونهِي هِڪ به ڪهِو، جِنهن اوهان کان اَڳي ڪيو. |
أَئِنَّكُم لَتَأتونَ الرِّجالَ وَتَقطَعونَ السَّبيلَ وَتَأتونَ فى ناديكُمُ المُنكَرَ فَما كانَ جَوابَ قَومِهِ إِلّا أَن قالُوا ائتِنا بِعَذابِ اللَّهِ إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 29) |
ڇا، مُردارِي! مَردن تي، اَچو شُوم شِتاب؟ وِهو جَھلي واٽڙيون، خواهش ساڻ، خراب، ۽ اَچو اُنهن جِي مَجلِس ۾، جا بُڇڙِي هَر ڪِنهن باب، پوءِ سَندسِ ڪافِر قوم جو، هِن ري، هو نه جواب، ته اَسان تي اَلله جو ڀَلي آڻ عَذاب، صَحِي سَچ ٻولن مان، جي آهِين نيڪ نواب!، |
قالَ رَبِّ انصُرنى عَلَى القَومِ المُفسِدينَ (آيت : 30) |
چي، سانيَمِ! سوڀ صواب، ڏِينمِ ڏوهارِي، قوم تي. |
وَلَمّا جاءَت رُسُلُنا إِبرٰهيمَ بِالبُشرىٰ قالوا إِنّا مُهلِكوا أَهلِ هٰذِهِ القَريَةِ إِنَّ أَهلَها كانوا ظٰلِمينَ (آيت : 31) |
۽ اَسان جا اِبراهِيم تي، جڏهن آيامَلڪ مُنِير، اِسحاق ۽ يعقوب جي، کڻِي خاص کِير، چي، گارِيندڙ هِن گام کي، اَسِين آهيون اي اَمِير!، هاڃيڪار حَقِير، جِنهن جا ساڪِن سڀَڪِنهن ڳالھ ۾. |
قالَ إِنَّ فيها لوطًا قالوا نَحنُ أَعلَمُ بِمَن فيها لَنُنَجِّيَنَّهُ وَأَهلَهُ إِلَّا امرَأَتَهُ كانَت مِنَ الغٰبِرينَ (آيت : 32) |
اُتو اِبراهِيم، ته آهي لُوط به اُن ۾، چي، اَسِين واقِف آهيون، جي ساڪِن مَنجھس سَلِيم، بيشڪ بَچائـِينداسُون اُن کي، پڻ سَندسِ اَهل عَظِيم، مگر عورت اُن جِي حُڪم ساڻ حَڪِيم، ساڀيڙِي بي تَعظِيم، پويِين پَساھ وارن ۾. |
وَلَمّا أَن جاءَت رُسُلُنا لوطًا سيءَ بِهِم وَضاقَ بِهِم ذَرعًا وَقالوا لا تَخَف وَلا تَحزَن إِنّا مُنَجّوكَ وَأَهلَكَ إِلَّا امرَأَتَكَ كانَت مِنَ الغٰبِرينَ (آيت : 33) |
۽ مَلڪ مُرسل اَسان جا، وارد ٿِيا جِنهن وار، لڳِي لائـِق لُوط کي، تِنيان ڳڻَتِي ڳار، ۽ سِيني سوڙهو کائن ٿيو؛ ۽ ٻوليائون ٻِيهار، ته بِلڪل ڀَو نه ڀانءِ تون، نَڪِي وِجھل وِينجھار! ته آجو ڪندڙ آهيون، توکي اَسِين تڪرار، پڻ تُنهنجي آل عيال کي، تُنهنجي ديري ڌار، هوندي هاڃيڪار، پويِين پَساھ وارن ۾. |
إِنّا مُنزِلونَ عَلىٰ أَهلِ هٰذِهِ القَريَةِ رِجزًا مِنَ السَّماءِ بِما كانوا يَفسُقونَ (آيت : 34) |
اَسِين آهيون اُن ڳوٺ تي، موڪلِيندڙ مُور، آفت ڪا اُڀ ڪنان، آڌِيءَ وقت، اَسور، جِيئَن، ٿا ڪَن فِسق فُجور، ڏِٺاوائـِٺا ڏيہ ۾. |
وَلَقَد تَرَكنا مِنها ءايَةً بَيِّنَةً لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 35) |
۽ اَوَس ڇَڏِي سُون اُن مان، نِشانِي نِروار، وَٺِن جي ويچار، ڪارن تِنهن قوم جي. |
وَإِلىٰ مَديَنَ أَخاهُم شُعَيبًا فَقالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ وَارجُوا اليَومَ الءاخِرَ وَلا تَعثَوا فِى الأَرضِ مُفسِدينَ (آيت : 36) |
۽ شُعيب شهر مَديَن ڏي، سَندنِ ڀاء ڀَلير، چي، پُوڄيو پاڪ ڌڻِيءَ کي، مُنهنجا مِٽ مَٿير! ۽ آخِر ڏِينهن جو آسرو، ڌاريو پَڪ دِلير!، ۽ بگاڙِيندڙ ٿِي ڀُون ۾، پٽئـِين نه پايو پير، |
فَكَذَّبوهُ فَأَخَذَتهُمُ الرَّجفَةُ فَأَصبَحوا فى دارِهِم جٰثِمينَ (آيت : 37) |
پوءِ ڪُوڙو ڪوٺيؤن اُن کي، تَڏهن وَرتِن تِنهِين وير، ڪِنهن زور آور زلزلي، ڪندڙ زَبر زير، پوءِ ٿِيا صُبح سَوير، جُھورِي سَندنِ جاين ۾. |
وَعادًا وَثَمودَا۟ وَقَد تَبَيَّنَ لَكُم مِن مَسٰكِنِهِم وَزَيَّنَ لَهُمُ الشَّيطٰنُ أَعمٰلَهُم فَصَدَّهُم عَنِ السَّبيلِ وَكانوا مُستَبصِرينَ (آيت : 38) |
۽ ڪيوسون، عاد، ثَمود کي، هيڪاندو هلاڪ، ۽ اَڄ به اوهان لئي ثابِتيون، سَندنِ ٿاڻاٿاڪ، ۽ اِبلِيس سِينگاريا اُنهن لئي، اُنهن جا عمل ناپاڪ، ۽ هُئا چِٽِيء اََکه چالاڪ، پوءِ روڪئـِين اُنهن کي راھ کان. |
وَقٰرونَ وَفِرعَونَ وَهٰمٰنَ وَلَقَد جاءَهُم موسىٰ بِالبَيِّنٰتِ فَاستَكبَروا فِى الأَرضِ وَما كانوا سٰبِقينَ (آيت : 39) |
۽ ڪيوسون چَٽ قارُون کي، پڻ فِرعون ۽ هامان، ۽ آينِ اُهڃاڻن سان، مُوسٰى مِهربان، پوءِ ڀُون ۾ ڀانيؤن پاڻ کي، رکيؤَن شوڪت شان، ۽ کَڻندڙ نه هُئا سي خان، اَ ڳرائـِي اَسان ڪنان. |
فَكُلًّا أَخَذنا بِذَنبِهِ فَمِنهُم مَن أَرسَلنا عَلَيهِ حاصِبًا وَمِنهُم مَن أَخَذَتهُ الصَّيحَةُ وَمِنهُم مَن خَسَفنا بِهِ الأَرضَ وَمِنهُم مَن أَغرَقنا وَما كانَ اللَّهُ لِيَظلِمَهُم وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 40) |
پوءِ سوگھو ڪيوسون سڀن کي، ڪارڻ سَندنِ قُصور، پوءِ ڪن تي واء ڪَڪَرِيُن جو، موڪليوسُون مُور، ۽ ڪن کي ڪَڙڪي پَڪڙيو، دَهشت جنهن جِي دُور، ۽ ڪن کي ڌَرتيءَ دَٻِيو، ۽ ڪي ڪياسون غَرقُور، ۽ اَلله اِهڙو ناھِ، جو ڪِنهن سان، ڪري ڪَلور، مگر سي مَغرور، هُئاپاڻهِين ڪَندڙ پان سان. |
مَثَلُ الَّذينَ اتَّخَذوا مِن دونِ اللَّهِ أَولِياءَ كَمَثَلِ العَنكَبوتِ اتَّخَذَت بَيتًا وَإِنَّ أَوهَنَ البُيوتِ لَبَيتُ العَنكَبوتِ لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 41) |
ڌَڻِيءَ ڌاران جَن ڪيا، مَددگار مُقرّر، آهي حال اُنهن جو، اُن ڪورِيئڙي وانگر، جنهن پَنهنجو گھر جوڙيو، ۽ ڪوڙِيئڙي جو گھر، سَچ پَچ سَڀ گَھرن ۾، اَڀرو ۽ اَبتر، جانچِيندا جيڪر، هُونِ حَقِيقت حال کي. |
إِنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما يَدعونَ مِن دونِهِ مِن شَيءٍ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 42) |
اَلله ڄاڻي اُن ڳالھ کي، ته سواسِ، نه ڪَن سَڏ، ڪِنهن هُوندل شيء کي هَڏ، سو ڏاڍو ۽ ڏاهو گھڻو. |
وَتِلكَ الأَمثٰلُ نَضرِبُها لِلنّاسِ وَما يَعقِلُها إِلَّا العٰلِمونَ (آيت : 43) |
۽ کوليو اِهي خُوب، ڏِيون ماڻهن لاءِ مَذڪُور، مگر نه سَمجھن مُور، عالِمن ري اُن کي. |
خَلَقَ اللَّهُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِلمُؤمِنينَ (آيت : 44) |
اَلله اُڀ ، ڀُون جوڙيا، بَرحق بي گمان، اُن ۾ عام نِشان، مَڃِيندڙ لئي مُورهين. |
اتلُ ما أوحِىَ إِلَيكَ مِنَ الكِتٰبِ وَأَقِمِ الصَّلوٰةَ إِنَّ الصَّلوٰةَ تَنهىٰ عَنِ الفَحشاءِ وَالمُنكَرِ وَلَذِكرُ اللَّهِ أَكبَرُ وَاللَّهُ يَعلَمُ ما تَصنَعونَ (آيت : 45) |
توڏي ڪتاب ڪرِيم مان، اَچي جو اِلهام، هل تن حُڪمن اُتي، پڻ وقتن تي وريام! پَڙھ نمازون نِينهن مان، پڻ نماز نيڪ نام، جَھلي جوٺِئَ ڳالھ کان، پڻ مَديَن کان مُدام، ۽ آهي ذِڪر اَلله جو، تحقِيق وَڏو تمام، ۽ جيڪي ڪريو تان قيام، اَلله ڄاڻي اُن کي. |
وَلا تُجٰدِلوا أَهلَ الكِتٰبِ إِلّا بِالَّتى هِىَ أَحسَنُ إِلَّا الَّذينَ ظَلَموا مِنهُم وَقولوا ءامَنّا بِالَّذى أُنزِلَ إِلَينا وَأُنزِلَ إِلَيكُم وَإِلٰهُنا وَإِلٰهُكُم وٰحِدٌ وَنَحنُ لَهُ مُسلِمونَ (آيت : 46) |
۽ ڪريو نه، اَهل ڪتاب سان، مقالت مگر، چَئو اُنِهئَ چال سان، جا سُهِڻي سَربسر، مگر سي مُنڪر، جن پاڻِهين ڪيون پاڻ سان. ۽ چَئو، ته مَڃيائون، سي مِڙِئي، جي آگي کان، عَلام، اَسان ۽ اوهان ڏي، وِيا اُتاريا اَحڪام، اَسان ۽ اَوهان جو، مالِڪ هِڪ مُدام، تابِعدار تَمام ، اَسِين آهيون ئـِي اُن جا. |
وَكَذٰلِكَ أَنزَلنا إِلَيكَ الكِتٰبَ فَالَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ يُؤمِنونَ بِهِ وَمِن هٰؤُلاءِ مَن يُؤمِنُ بِهِ وَما يَجحَدُ بِـٔايٰتِنا إِلَّا الكٰفِرونَ (آيت : 47) |
۽ اِن پَر اُتاريوسون، تو مَٿي ڪامل! هِي قُرآن، پوءِ ڪيوسون عَطا ڪتاب جَن، سي اُتس رکن اِيمان، پڻ مَڃِينسِ ڪي هُنن منجھان، پڻ ڪَن اِنڪارِي ڪانه، قوم سوا ڪُفران، اسان جي اُهڃاڻن کان. |
وَما كُنتَ تَتلوا مِن قَبلِهِ مِن كِتٰبٍ وَلا تَخُطُّهُ بِيَمينِكَ إِذًا لَارتابَ المُبطِلونَ (آيت : 48) |
۽ لاشڪ لِک پَڙھ ڪا اَ ڳي، پَڙهندڙو نه هُئـِين پاڻ، ۽ لِکندو نه هُئينسِ لال! تون، سَندئـِي سَڄي ساڻ، هِي اَڻهُوندا اَڄاڻ، تڏهن ته گَڏيا گُمان ۾. |
بَل هُوَ ءايٰتٌ بَيِّنٰتٌ فى صُدورِ الَّذينَ أوتُوا العِلمَ وَما يَجحَدُ بِـٔايٰتِنا إِلَّا الظّٰلِمونَ (آيت : 49) |
بَلڪ اِهي آيتون، نِشانيون نِروار، ثابِت تَن جي سِينن ۾، جَن کي ڏِني سَمجھ ستار، ۽ اَسان جي اُهڃاڻن، کان، اصل نه ڪن اِنڪار، تن داد نه ڏٖئين، ڌار، جي ظاهر آهن ظُلم تي. |
وَقالوا لَولا أُنزِلَ عَلَيهِ ءايٰتٌ مِن رَبِّهِ قُل إِنَّمَا الءايٰتُ عِندَ اللَّهِ وَإِنَّما أَنا۠ نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 50) |
۽ چيائون، ته ڇو ڪِين، مَٿسِ لاٿو وِيو معجزو؟ مُعجزا مالِڪ وٽ، اُنهن کي چَئو اَمِين!، ۽ سَندو باھِ سِجِين، آئون خالِص آهيان خابرو. |
أَوَلَم يَكفِهِم أَنّا أَنزَلنا عَلَيكَ الكِتٰبَ يُتلىٰ عَلَيهِم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَرَحمَةً وَذِكرىٰ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 51) |
ڇا، ڪافي ناهي، تَن ڪاڻ؟ ته اَسان اُتاريو تو مٿي، مُصحف جِھڙو مُعجزو، ٿو پَڙهجي مَٿنِ پاڻ، جنهن ۾ رحمت ربَّ جِي، پڻ ياد ڏيارڻ ڏان، ۽ مَڃِين جي مَن ساڻ، ڪارڻ تنهِنين قوم جي. |
قُل كَفىٰ بِاللَّهِ بَينى وَبَينَكُم شَهيدًا يَعلَمُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَالَّذينَ ءامَنوا بِالبٰطِلِ وَكَفَروا بِاللَّهِ أُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 52) |
چئو، مون ۽ اَوهان جي وِچ ۾، سائي بس ستار، جيڪِي اُڀ، زمين ۾، سوڄاڻي ڄاڻڻهار، اُهي جَن اَڻهوندي تي، آندو اِعتبار، ۽ مالِڪ سَدا موجُود کان، ڦِري وِيا فُجار، آهن اُهي اِظهار، ڇِيهي وارا ڇيہ جا. |
وَيَستَعجِلونَكَ بِالعَذابِ وَلَولا أَجَلٌ مُسَمًّى لَجاءَهُمُ العَذابُ وَلَيَأتِيَنَّهُم بَغتَةً وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 53) |
۽ توکان عذاب اَلله جو، تڪڙو گُھرن تڪرار، ۽ مُدت مُقرّر، جي نه هُئـِي، آيُنِ سِر آزار، اَوَس اِيندن اوچتو، واڪي ڪِهِين وار، بي خبر بَدڪار، هُوندا جِنهِين حال ۾. |
يَستَعجِلونَكَ بِالعَذابِ وَإِنَّ جَهَنَّمَ لَمُحيطَةٌ بِالكٰفِرينَ (آيت : 54) |
توکان عذاب اَلله جو تڪڙو گُھرن تڪرار، ۽ قابو ڦِريل ڪافِرِين، باهِيون برقرار، |
يَومَ يَغشىٰهُمُ العَذابُ مِن فَوقِهِم وَمِن تَحتِ أَرجُلِهِم وَيَقولُ ذوقوا ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 55) |
مَٿان هيٺان ڄِڀيون، ويڙهيِندَنِ جنهن وار، ۽ جي ڪندا هئا ڪم ڪار، چونداسون، ته سي چکو. |
يٰعِبادِىَ الَّذينَ ءامَنوا إِنَّ أَرضى وٰسِعَةٌ فَإِيّٰىَ فَاعبُدونِ (آيت : 56) |
ٻُڌو ٻانهان مُنهنجا!، آندو جَن اِيمان، ته مُلڪ ڪُشادو مُنهنجو، جُمله جڳه جھان، پوءِ اَمن سان اَمان، مُون کي پُوڄيو مُورهين. |
كُلُّ نَفسٍ ذائِقَةُ المَوتِ ثُمَّ إِلَينا تُرجَعونَ (آيت : 57) |
هَر وانگِي وَٺندو، موت جو، مَزور مُقرّر، اَسان ڏي آخِر، موٽِي اَوهِين موٽائبا. |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَنُبَوِّئَنَّهُم مِنَ الجَنَّةِ غُرَفًا تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها نِعمَ أَجرُ العٰمِلينَ (آيت : 58) |
۽ جَن آندو اِعتبار، پڻ چڱاڪيائون ڪَمڙا، جائـِي ڏِينداسونِ جايون، ماڙِيون مَڻياندار، جَن هيٺان هَلن ناليون، دائـِم دِلقرار، ڀَلو ٿيِو بِسيار، اَجر عامِلن جو. |
الَّذينَ صَبَروا وَعَلىٰ رَبِّهِم يَتَوَكَّلونَ (آيت : 59) |
اُهي، جَن آزار، سَڀ ڪجھ سَٺو سَچ مَٿان، ۽ بيشڪ ساروبار، رَکنِ پَنهنجي رَبَّ مٿي. |
وَكَأَيِّن مِن دابَّةٍ لا تَحمِلُ رِزقَهَا اللَّهُ يَرزُقُها وَإِيّاكُم وَهُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 60) |
۽ چُرندڙ ڪَئـِين، چُوڻو پَنهنجو، نه کَڻنِ پاڻ، اَلله اُنهن ۽ آن کي ٿو، سَولِي ڏئي سانجاڻ، ۽ سُڻندڙ ۽ سُڄاڻ، صَحِي آهي ، سو ڌَڻِي. |
وَلَئِن سَأَلتَهُم مَن خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَسَخَّرَ الشَّمسَ وَالقَمَرَ لَيَقولُنَّ اللَّهُ فَأَنّىٰ يُؤفَكونَ (آيت : 61) |
۽ پُڇَندِينِ پيدا ڪِنهن ڪيا، هِي زَبر، اُڀ، زَمين، ۽ ڪِنهن ڪيو سج ۽ چنڊ کي، توڙان تابِعِين، اَلله جَلَّ جَلالَہ، چوندا ساڻ يقِين، پوءِ ڪِنهن بيدِئَ ڏي، بيدِين، ڪِيئن ڦيريا وَڃن فريب سان. |
اللَّهُ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَيَقدِرُ لَهُ إِنَّ اللَّهَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 62) |
گُھري سَندسِ گولن مان، جنهِين لئي جبّار، ته ڏئيسِ گھڻو، ۽ جنهن لئي گُھري، ته ڏئيسِ تنگِي تڪرار، واحِد واقِف ڪار، هَر ڪِنهن شئ جي حال کان. |
وَلَئِن سَأَلتَهُم مَن نَزَّلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَحيا بِهِ الأَرضَ مِن بَعدِ مَوتِها لَيَقولُنَّ اللَّهُ قُلِ الحَمدُ لِلَّهِ بَل أَكثَرُهُم لا يَعقِلونَ (آيت : 63) |
۽ پُڇندينِ ته آخِر اُڀ ڪنان، ڪِنهن اُتاريو آب؟ جِنهن سان ڪيائين زمين کي، سائـِي ۽ سيراب، اوسر پُڃاڻا اُن جي، بيرانِي هر باب، اَللهَ جَلَّ جَلالہٗ؛ اِهي جَلدِي ڏِينِ جواب، چئو، آهي شُڪر اَلله جو!، وَه وَه!، وَڙ وَهاب، بَلڪ بي صواب، اَڪثر نه هَلنِ عقل تي. |
وَما هٰذِهِ الحَيوٰةُ الدُّنيا إِلّا لَهوٌ وَلَعِبٌ وَإِنَّ الدّارَ الءاخِرَةَ لَهِىَ الحَيَوانُ لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 64) |
۽ هِئَ حياتِي نَنڍڙِي، رُڳو راند راڳ، جا ڪِيتاجِيَڻ جو، مَهندان ٻِئو ماڳ، سِرهي ٿِينِ سُجاڳ، هُوند حقيقت حال کان. |
فَإِذا رَكِبوا فِى الفُلكِ دَعَوُا اللَّهَ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ فَلَمّا نَجّىٰهُم إِلَى البَرِّ إِذا هُم يُشرِكونَ (آيت : 65) |
پوءِ جڏهن چڙهيا چوڏول ۾، گھيرِيُنِ ڪِنهن گَھمسان، ته سَڏيائون سُبحان کي، رڳو ڏِيندڙ، اُن کي ڏان، پوءِ جڏهن ڇَڏايو سون ڇولِيان، برڏي بي گُمان، اِجھو گَڏِينِ اُن سان، ٿورا ڪِنهِين ٿان، |
لِيَكفُروا بِما ءاتَينٰهُم وَلِيَتَمَتَّعوا فَسَوفَ يَعلَمونَ (آيت : 66) |
تان تِهان ڦِرن، جوتَن مَٿي، اَسان ڪيو اِحسان، ۽ مَرَ ميڙاڪن مَستان، پوءِ سَمجِھي ويندا سِگھڙي! |
أَوَلَم يَرَوا أَنّا جَعَلنا حَرَمًا ءامِنًا وَيُتَخَطَّفُ النّاسُ مِن حَولِهِم أَفَبِالبٰطِلِ يُؤمِنونَ وَبِنِعمَةِ اللَّهِ يَكفُرونَ (آيت : 67) |
پوءِ اُهو نه ڏِٺئون؟ ته اسان ڪيو، حَرم هَنڌ اَمان، ۽ اوسي پاسي اُن جي، اُٺائـِجن اِنسان، پوءِ اِهي ڇا، اَڻهوندي تي ، آڻِينِ ٿا اِيمان؟ ۽ ڦِرن بي فَرمان، اَلله جي اِنعام کان؟ |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أَو كَذَّبَ بِالحَقِّ لَمّا جاءَهُ أَلَيسَ فى جَهَنَّمَ مَثوًى لِلكٰفِرينَ (آيت : 68) |
۽ ڪير وڌيڪ اُن کان، آهي مَٿي اَنڌير؟ جِنهن ڪُوڙ رَبَّ، ڪَرِيم تي، ٻَڌا ٻَڌِي پير، يا ڪُوڙو ڪوٺئـِين سَچ کي، آيو وَٽسِ جِنهن وير، ڇا، ناهي صُبح سَوير، دوزخ ديرو ڪافِرِين؟ |
وَالَّذينَ جٰهَدوا فينا لَنَهدِيَنَّهُم سُبُلَنا وَإِنَّ اللَّهَ لَمَعَ المُحسِنينَ (آيت : 69) |
۽ اَسان لئي، دِل جانَ سان، ڪَيو جِھاد جَن، ته وَهيون واٽون پَنهنجون، توڙ ڏَسِينداسون تَن، ۽ اَلله ٻِيلِي اُن، جي چارئـِي پَهر چَڱِئَ ۾ |