الم (آيت : 1) |
الف – لام – ميم |
أَحَسِبَ النّاسُ أَن يُترَكوا أَن يَقولوا ءامَنّا وَهُم لا يُفتَنونَ (آيت : 2) |
هي ماڻهو هيئن ٿا سمجهن ڇا ته جيڪڏهن هو رڳو هيترو (زبان سان) چوندا ته اسان ايمان آندو آهي ته پوءِ کين ائين ئي ڇڏيو ويندو (ته جيئن وڻين تيئن ڪن) ۽ کين آزمائش ۾ ڪونه وڌو ويندو. (نه نه! هنن جي ايمان جي آزمائش هنن جي عملن سان ٿيندي.) |
وَلَقَد فَتَنَّا الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَلَيَعلَمَنَّ اللَّهُ الَّذينَ صَدَقوا وَلَيَعلَمَنَّ الكٰذِبينَ (آيت : 3) |
۽ هيءَ حقيقت آهي ته، هنن کان اڳي جيڪي ماڻهوٿي گذريا آهن تن کي به اسان آزمائش ۾ وڌو هو سو (هنن ماڻهن کي به آزمائش ۾ وجهي) ضرور معلوم ڪري وٺنداسين (يعني ظاهر ڪري ڏيکارينداسين) ته ڪهڙا (پنهنجي ايمان جي دعويٰ ۾) سچا آهن ۽ ڪهڙا ڪوڙا آهن (۽ درحقيقت ايمان ڪونه آندو اٿن). |
أَم حَسِبَ الَّذينَ يَعمَلونَ السَّيِّـٔاتِ أَن يَسبِقونا ساءَ ما يَحكُمونَ (آيت : 4) |
جيڪي ماڻهو برائيون (۽ گناهه) ڪن ٿا، سي هيئن ٿا سمجهن ڇا ته هو اسان جو اڳ وٺي سگهندا (يعني خدا جي تجويزن کي روڪي پاڻ ڪامياب ٿي ويندا) ڪهڙو نه غلط ۽ بڇڙو فيصلو ۽ راءِ هو چئي رهيا آهن. (هو ڪڏهن به خدا جي تجويزن کي روڪي نه سگهندا ۽ ضرور ڪنڌ ڀر ڪرندا). |
مَن كانَ يَرجوا لِقاءَ اللَّهِ فَإِنَّ أَجَلَ اللَّهِ لَءاتٍ وَهُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 5) |
جيڪو به شخص (ڄاڻي ٿو ۽) اميد رکي ٿو ته (آخر) الله سان ملڻو آهي (تنهن کي نيڪ عمل هڪدم شروع ڪري ڏيڻ گهرجن ۽ هر طرح خدا جي راهه ۾ جهاد ڪرڻ گهرجي) ڇو ته يقيناً الله جو (مقرر ڪيل) وقت ضرور اچڻو آهي ۽ (کيس ياد رکڻ گهرجي ته الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي. |
وَمَن جٰهَدَ فَإِنَّما يُجٰهِدُ لِنَفسِهِ إِنَّ اللَّهَ لَغَنِىٌّ عَنِ العٰلَمينَ (آيت : 6) |
۽ (يقين رکڻ گهرجي ته) جيڪو به (حق جي راه ۾) بي انتها ڪوشش ۽ محنت ڪري ٿو سو درحقيقت پنهنجي ئي (فائدي) لاءِ ڪري ٿو، (نه خدا جي لاءِ) يقيناً الله تعاليٰ (سڄي ڪائنات، سڄي جهان ۽ سڀني ماڻهن جانورن ۽ شين وغيره) کان بي نياز ۽ بي احتياج آهي. (کيس نه ڪنهن جي پرواهه آهي ۽ نه هو ڪنهن جو محتاج آهي). |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَنُكَفِّرَنَّ عَنهُم سَيِّـٔاتِهِم وَلَنَجزِيَنَّهُم أَحسَنَ الَّذى كانوا يَعمَلونَ (آيت : 7) |
۽ جيڪي ماڻهو (سچو) ايمان آڻين ٿا ۽ نيڪ عمل ڪن ٿا تن جون بڇڙائيون ۽ بدڪاريون اسان ميٽائي ڇڏينداسين، ۽ جيڪي عمل هو ڪن ٿا تن مان بهترين عملن جي ڪري کين چڱو بدلو ڏينداسين. |
وَوَصَّينَا الإِنسٰنَ بِوٰلِدَيهِ حُسنًا وَإِن جٰهَداكَ لِتُشرِكَ بى ما لَيسَ لَكَ بِهِ عِلمٌ فَلا تُطِعهُما إِلَىَّ مَرجِعُكُم فَأُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 8) |
اسان هر انسان کي پنهنجي پيءُ ماءُ سان احسان ۽ چڱو سلوڪ ڪرڻ جي وصيت ڪئي آهي (اگرچه اهي مشرڪ هجن) پر جيڪڏهن اهي ٻئي ڪوشش ڪن ته تون مون (الله) سان ڪنهن ٻئي کي به شريڪ ڪرين (يعني منهنجي حڪمن جي ابتڙ ڪنهن ٻئي جو حڪم مڃين) جنهن ڳالهه جي باري ۾ توکي پورو علم ئي ڪونه آهي ته پوءِ انهن جي فرمانبرداري نه ڪر (ٻين اهڙين ڳالهين ۾ انهن جي تابعداري. بيشڪ جن ۾ خدا جي حڪمن جي انحرافي ڪانه ٿي ٿئي. ياد رکو ته) اوهان سڀني کي مون ڏي ئي موٽڻو آهي پوءِ (ان وقت) مان اوهان کي ٻڌائيندس ته توهان ڪهڙا ڪهڙا عمل ڪيا هئا. |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَنُدخِلَنَّهُم فِى الصّٰلِحينَ (آيت : 9) |
۽ جيڪي ماڻهو (سچو) ايمان ۽ يقين رکن ۽ نيڪ عمل به ڪن ٿا تن کي اسان صالحن جي سنگت ۾ داخل ڪنداسين. (يعني اهڙا ماڻهو پيغمبرن، صديقن، شهيدن ۽ صالح ٻانهن سان گڏ رهندا). |
وَمِنَ النّاسِ مَن يَقولُ ءامَنّا بِاللَّهِ فَإِذا أوذِىَ فِى اللَّهِ جَعَلَ فِتنَةَ النّاسِ كَعَذابِ اللَّهِ وَلَئِن جاءَ نَصرٌ مِن رَبِّكَ لَيَقولُنَّ إِنّا كُنّا مَعَكُم أَوَلَيسَ اللَّهُ بِأَعلَمَ بِما فى صُدورِ العٰلَمينَ (آيت : 10) |
۽ (افسوس) ماڻهن ۾ ڪي اهڙا (ضعيف ايمان وارا يا منافق) به آهن جيڪي (ظاهري ته) چون ٿا ته، اسان ايمان آندو آهي پر جڏهن (خدا جي راهه ۾) ڪنهن تڪليف يا مصيبت هيٺ اچن ٿا تڏهن ماڻهن جي ظلم (کان جيڪا تڪليف کين پهچي ٿي تنهن) کي خدا جي عذاب وانگر ٿا سمجهن (يعني ان کي خدا جو عذاب ڪري ٿا سمجهن، حالانڪ اها سندن ايمان جي آزمائش ٿي وٺجي) ۽ جيڪڏهن تنهنجي پروردگار وٽان (اوهان مسلمانن لاءِ) ڪا مدد (۽ فتح) اچي ته پوءِ يقيناً (پنهنجن فائدن وٺڻ لاءِ) چوندا ته يقيناً اسان توهان (مسلمانن) سان شامل هئاسين، (نه اوهان جي دشمنن سان) ڇا (هو ايترو به نٿا ڄاڻن ته) الله تعاليٰ خوب ڄاڻي ٿو ته ماڻهن جي دلين ۾ ڇا آهي. (اهي منافق مسلمانن کي کڻي ٺڳي سگهن پر خدا سندن دلين جا خيال به ڄاڻي ٿو ۽ کين سندن بدخيالن ۽ بدعملن موجب ضورور سزا ڏيندو.) |
وَلَيَعلَمَنَّ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا وَلَيَعلَمَنَّ المُنٰفِقينَ (آيت : 11) |
يقيناً خدا سچن مؤمنن کي ڄاڻي ٿو (ته هو سچا آهن ۽ کين پڌرو ڪري ڏيکاريندو) ۽ منافقن کي به ڄاڻي ٿو (ته هو ڪوڙا آهن). |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لِلَّذينَ ءامَنُوا اتَّبِعوا سَبيلَنا وَلنَحمِل خَطٰيٰكُم وَما هُم بِحٰمِلينَ مِن خَطٰيٰهُم مِن شَيءٍ إِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 12) |
۽ جن ماڻهن ڪفر جي واٽ اختيار ڪئي آهي سي مؤمنن کي چون ٿا ته، توهان به اسان جي واٽ وٺو ۽ اوهان جي خطائن (جا جيڪي نتيجا نڪرندا تن) جا بار اسان کڻنداسين پر هو ڪڏهن به هنن جي خطائن جو ڪجهه به بار نه کڻندا. يقيناً هو ڪوڙا آهن. |
وَلَيَحمِلُنَّ أَثقالَهُم وَأَثقالًا مَعَ أَثقالِهِم وَلَيُسـَٔلُنَّ يَومَ القِيٰمَةِ عَمّا كانوا يَفتَرونَ (آيت : 13) |
بلڪ هو پنهنجا بار به کڻندا ۽ پنهنجي بارن سان گڏ انهن ٻين جا بار به کڻندا (جن کي برغلائيندا هئا) ان کان سواءِ جيڪي جيڪي (اهڙا) ڪوڙا ٺاهه (دنيا ۾) ٺاهيندا هئا تن بابت به قيامت جي ڏينهن کانئن باز پرس ٿيندي. |
وَلَقَد أَرسَلنا نوحًا إِلىٰ قَومِهِ فَلَبِثَ فيهِم أَلفَ سَنَةٍ إِلّا خَمسينَ عامًا فَأَخَذَهُمُ الطّوفانُ وَهُم ظٰلِمونَ (آيت : 14) |
۽ هيءَ حقيقت آهي ته، اسان حضرت نوح کي سندس قوم ڏي پيغمبر ڪري موڪليو. هن انهن سان گڏ ساڍا نو سؤ سال حياتيءَ جا گذاريا (۽ کين سمجهاڻيون ڏنيون ته به هنن مان گهڻا منڪر رهيا ۽ ظلم ڪندا رهيا) سو طوفان هنن کي پڪڙي ورتو (۽ هو ٻڏي مئا) ڇو ته هو (پڇاڙي تائين) ظلم ڪندا رهيا. |
فَأَنجَينٰهُ وَأَصحٰبَ السَّفينَةِ وَجَعَلنٰها ءايَةً لِلعٰلَمينَ (آيت : 15) |
پر اسان حضرت نوح کي ۽ ٻيڙيءَ وارن کي (جيڪي ساڻس گڏ ٻيڙيءَ ۾ چڙهيا هئا) بچائي ورتو، ۽ اسان ان ٻيڙيءَ کي (جا جودي جبل جي چوٽيءَ تي وڃي بيٺي هئي) جهان جي سڀني ماڻهن لاءِ (عبرت جي) نشاني بنايو. |
وَإِبرٰهيمَ إِذ قالَ لِقَومِهِ اعبُدُوا اللَّهَ وَاتَّقوهُ ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 16) |
۽ اسان حضرت ابراهيم کي به پيغمبر ڪري موڪليو (ڏسو) هن پنهنجي قوم کي چيو ته، فقط الله جي ٻانهپ ڪيو ۽ فقط الله (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄو جيڪيڏهن توهان ڄاڻ رکو (۽ سمجهو سوچيو ته توهان کي يقين ٿيندو) ته انهيءَ ۾ اوهان جي لاءِ وڏي بهتري ۽ چڱائي آهي. |
إِنَّما تَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ أَوثٰنًا وَتَخلُقونَ إِفكًا إِنَّ الَّذينَ تَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ لا يَملِكونَ لَكُم رِزقًا فَابتَغوا عِندَ اللَّهِ الرِّزقَ وَاعبُدوهُ وَاشكُروا لَهُ إِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 17) |
(هيءَ ڳالهه ظاهر آهي ته) توهان الله کي ڇڏي بتن جي پوڄا ٿا ڪيو ۽ ڪوڙا ٺاهه ٿا ٺاهيو (اوهان جا خيال ۽ عقيدا بلڪل غلط آهن) خدا کي ڇڏي جن شين، بتن يا ماڻهن جي ٻانهپ ٿا ڪيو تن کي ڪابه طاقت ڪانهي جو اوهان کي رزق ڏيئي سگهن (يا ٻيون دل ۽ دماغ جون گهرجون پوريون ڪري سگهن) سو (توهان جاهل نه ٿيو) فقط الله وٽان رزق جي تلاش ڪيو ۽ فقط سندس حڪمن جي تابعداري ڪيو ۽ (هنن جي ڏنل نعمتن بابت) سندس ئي شڪرگذاري ڪيو (يعني سندس نعمتن کي سندس هدايتن موجب چڱيءَ طرح ڪم آڻي پنهنجو ئي ڀلو ڪيو) (ياد رکو ته) توهان کي (آخر) ڏانهس ئي موٽڻو آهي. |
وَإِن تُكَذِّبوا فَقَد كَذَّبَ أُمَمٌ مِن قَبلِكُم وَما عَلَى الرَّسولِ إِلَّا البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 18) |
۽ جيڪڏهن توهان (الله جي پيغام کي) ڪوڙو سمجهي ٺڪرايو ٿا ۽ رد ڪيو ٿا (ته اها ڪا نئين ڳالهه ڪانهي) اوهان کان اڳي به ڪيترن ئي امتن (خدا جي پيغام کي) ڪوڙو ٺهرايو. رسول جو فرض ته فقط هيءُ آهي ته (خدا جو پيغام) چٽيءَ طرح ۽ کليو کلايو (ماڻهن کي) پهچائي (ٻڌائي ۽ سمجهائي). |
أَوَلَم يَرَوا كَيفَ يُبدِئُ اللَّهُ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ إِنَّ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرٌ (آيت : 19) |
اهي ماڻهو نٿا ڏسن ڇا ته ڪيئن خدا شروعات ۾ شيون پيدا ڪري ٿو ۽ ڪيئن پوءِ به بار بار پيدا ڪندو رهي ٿو. يقيناً اهو ڪم الله تعاليٰ جي لاءِ بلڪل آسان آهي. |
قُل سيروا فِى الأَرضِ فَانظُروا كَيفَ بَدَأَ الخَلقَ ثُمَّ اللَّهُ يُنشِئُ النَّشأَةَ الءاخِرَةَ إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 20) |
(تون ماڻهن کي) چئو ته، زمين تي سير سفر ڪيو ۽ ڏسو ته ڪيئن الله تعاليٰ خلقت جي شروعات ڪئي (يعني ڪهڙيون ڪهڙيون شيون هوا، باهه، پاڻي، جبل، سمنڊ، درياهه، وغيره پيدا ڪيا)، پوءِ به (اهڙيءَ طرح) خدا تعاليٰ ٻيون خلقتون خلقيندو رهي ٿو ۽ خلقيندو، ڇو ته بيشڪ الله تعاليٰ کي هر چيز (پيدا ڪرڻ) جي طاقت ۽ قدرت آهي. |
يُعَذِّبُ مَن يَشاءُ وَيَرحَمُ مَن يَشاءُ وَإِلَيهِ تُقلَبونَ (آيت : 21) |
هو جنهن کي چاهي ٿو تنهن کي عذاب ۾ گرفتار ڪري ٿو ۽ جنهن کي چاهي ٿو تنهن تي رحم ڪري ٿو (۽ نه وساريو ته) اوهان کي هن ڏي ئي موٽڻو آهي. |
وَما أَنتُم بِمُعجِزينَ فِى الأَرضِ وَلا فِى السَّماءِ وَما لَكُم مِن دونِ اللَّهِ مِن وَلِىٍّ وَلا نَصيرٍ (آيت : 22) |
توهان الله تعاليٰ جي تجويزن کي نڪي زمين تي روڪي سگهو ٿا، نڪي آسمان ۾ روڪي سگهو ٿا ۽ (ياد رکو ته نافرمانيءَ جو نتيجو ضرور ڏسندو پوءِ) خدا کان سواءِ توهان جو ڪوبه ڪارساز يا مددگار ڪونه ٿيندو. |
وَالَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَلِقائِهِ أُولٰئِكَ يَئِسوا مِن رَحمَتى وَأُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 23) |
۽ جيڪي ماڻهو الله جي آيتن ۽ حڪمن جا منڪر آهن، ۽ پڻ (قيامت جي ڏينهن) سندس روبرو حاضر ٿيڻ جا منڪر آهن سي منهنجي رحمت کان نااميد (۽ محروم) هوندا، ۽ انهن جي لاءِ سخت دردناڪ عذاب هوندو. |
فَما كانَ جَوابَ قَومِهِ إِلّا أَن قالُوا اقتُلوهُ أَو حَرِّقوهُ فَأَنجىٰهُ اللَّهُ مِنَ النّارِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 24) |
پر حضرت ابراهيم جي قوم وٽ (انهن مٿين سڀني سمجهاڻين جو) جواب ٻيو ڪوبه ڪونه هو. سواءِ هن جي جو هڪٻئي کي چيائون ته، اچو ته هن کي قتل ڪري ڇڏيون يا کيس باهه ۾ ساڙي ڇڏيون. پر الله تعاليٰ هن کي باهه منجهان بچائي ورتو. بيشڪ هن (واقعي) ۾ انهن ماڻهن لاءِ (وڏيون عبرت جون) نشانيون آهن جيڪي ايمان رکن ٿا. |
وَقالَ إِنَّمَا اتَّخَذتُم مِن دونِ اللَّهِ أَوثٰنًا مَوَدَّةَ بَينِكُم فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا ثُمَّ يَومَ القِيٰمَةِ يَكفُرُ بَعضُكُم بِبَعضٍ وَيَلعَنُ بَعضُكُم بَعضًا وَمَأوىٰكُمُ النّارُ وَما لَكُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 25) |
۽ حضرت ابراهيم (وري به کين) چيو ته، توهان جو الله تعاليٰ کي ڇڏي بتن کي (پوڄا لاءِ) ورتو آهي سو هن ڪري جو هن دنيا ۾ توهان هڪٻئي لاءِ محبت رکو ٿا پر قيامت جي ڏينهن (جڏهن پنهنجي ظلمن جو نتيجو ڏسندؤ تڏهن) اوهان هڪٻئي کان بيزار ٿيندؤ ۽ هڪٻئي تي لعنتون وجهندؤ ۽ توهان جو ٽڪاڻو دوزخ هوندو ۽ توهان جو ڪوبه مددگار ڪونه هوندو. |
فَـٔامَنَ لَهُ لوطٌ وَقالَ إِنّى مُهاجِرٌ إِلىٰ رَبّى إِنَّهُ هُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 26) |
پر (سندس ڀائٽئي) حضرت لوط مٿس ايمان آندو ۽ چيائين ته مان پنهنجي پروردگار جي طرف هجرت ڪرڻ وارو آهيان. بيشڪ هو وڏي طاقت ۽ شان وارو آهي ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. |
وَوَهَبنا لَهُ إِسحٰقَ وَيَعقوبَ وَجَعَلنا فى ذُرِّيَّتِهِ النُّبُوَّةَ وَالكِتٰبَ وَءاتَينٰهُ أَجرَهُ فِى الدُّنيا وَإِنَّهُ فِى الءاخِرَةِ لَمِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 27) |
۽ اسان حضرت ابراهيم کي (پٽ) اسحاق ۽ (پوٽو) يعقوب عطا ڪيو ۽ سندس نسل (يعني پيڙهيءَ) ۾ نبوت ۽ ڪتاب جو سلسلو جاري رکيو. (حضرت يعقوب جي اولاد ۾ ته گهڻائي پيغمبر ٿيا جن کي خدائي ڪتاب به مليو پر حضرت اسماعيل جي اولاد مان آخري پيغمبر خاتم المرسلين حضرت محمدﷺ پيدا ٿيو جنهن تي قرآن مجيد نازل ٿيو) ۽ اسان حضرت ابراهيم کي هن ئي دنيا ۾ وڏو اجر (۽ ڪاميابي) ڏني. ۽ يقيناً آخرت ۾ به هو صالحن جي جماعت ۾ هوندو. |
وَلوطًا إِذ قالَ لِقَومِهِ إِنَّكُم لَتَأتونَ الفٰحِشَةَ ما سَبَقَكُم بِها مِن أَحَدٍ مِنَ العٰلَمينَ (آيت : 28) |
۽ حضرت لوط کي به اسان (هڪڙي قوم ڏي) پيغمبر ڪري موڪليو. هن انهيءَ قوم جي ماڻهن کي چيو ته، توهان اهڙا بي شرميءَ جا ڪم ٿا ڪيو جهڙا توهان کان اڳي سڄي جهان ۾ ڪنهن به نه ڪيا. |
أَئِنَّكُم لَتَأتونَ الرِّجالَ وَتَقطَعونَ السَّبيلَ وَتَأتونَ فى ناديكُمُ المُنكَرَ فَما كانَ جَوابَ قَومِهِ إِلّا أَن قالُوا ائتِنا بِعَذابِ اللَّهِ إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 29) |
ڇا توهان (عورتن جي بجاءِ) مردن ڏي ٿا وڃو؟ ۽ پڻ رهزني ٿا ڪيو؟ (يعني واٽن تي ويهي مسافرن کي ٿا لٽيو ۽ ڦريو؟) ۽ پنهنجي مجلسن ۾ به اهو ساڳيو نفرت جهڙو ڪم ٿا ڪيو، پر سندس قوم جي ماڻهن وٽ (انهن سمجهاڻين متعلق) فقط هي ئي جواب هو جو کيس چيائون ته، جيڪڏهن تون سچو آهين (هن ڳالهه ۾ ته اسان تي عذاب ايندو) ته ڀلا آڻ اسان تي خدا جو عذاب! |
قالَ رَبِّ انصُرنى عَلَى القَومِ المُفسِدينَ (آيت : 30) |
حضرت لوط دعا گهري ته، اي منهنجا پروردگار منهنجي هنن (ظالمن ۽) بگاڙو وجهندڙ ماڻهن جي خلاف مدد ڪر. |
وَلَمّا جاءَت رُسُلُنا إِبرٰهيمَ بِالبُشرىٰ قالوا إِنّا مُهلِكوا أَهلِ هٰذِهِ القَريَةِ إِنَّ أَهلَها كانوا ظٰلِمينَ (آيت : 31) |
(حضرت لوط جي دعا قبول پيئي) سو جڏهن اسان جا قاصد (يعني ملائڪ) حضرت ابراهيم ڏي (پٽ ڄمڻ جي) خوشخبري کڻي آيا تڏهن انهن فرشتن (حضرت ابراهيم کي) چيو ته، اسان هن (حضرت لوط واري) شهر جي ماڻهن کي تباهه ڪرڻ آيا آهيون، ڇو ته اتي جا ماڻهو وڏا ظالم (۽ بي حيا) ٿي پيا آهن. |
قالَ إِنَّ فيها لوطًا قالوا نَحنُ أَعلَمُ بِمَن فيها لَنُنَجِّيَنَّهُ وَأَهلَهُ إِلَّا امرَأَتَهُ كانَت مِنَ الغٰبِرينَ (آيت : 32) |
حضرت ابراهيم چيو ته، ان شهر ۾ ته حضرت لوط موجود آهي. فرشتن جواب ۾ چيو ته، ها اسان کي خبر آهي ته ان ۾ ڪير موجود آهي. اسان هن کي ۽ سندس ماڻهن کي سواءِ سندس زال جي (انهيءَ تباهيءَ کان) بچائينداسين. هوءَ پٺتي رهندڙن سان رهجي پوندي (۽ هنن سان گڏ تباهه ٿيندي). |
وَلَمّا أَن جاءَت رُسُلُنا لوطًا سيءَ بِهِم وَضاقَ بِهِم ذَرعًا وَقالوا لا تَخَف وَلا تَحزَن إِنّا مُنَجّوكَ وَأَهلَكَ إِلَّا امرَأَتَكَ كانَت مِنَ الغٰبِرينَ (آيت : 33) |
۽ جڏهن اسان جا قاصد (يعني فرشتا) حضرت لوط وٽ ويا تڏهن هن کي انهن فرشتن بابت ڏاڍو خطرو ڏسڻ ۾ آيو ۽ سندس دل سوڙهي ٿيڻ لڳي. سو هنن کيس چيو ته، ڊڄ نه، نڪو ڪو غم ڪر. اسان ضرور توکي ۽ تنهنجي ماڻهن کي سواءِ تنهنجي زال جي، (ايندڙ عذاب کان) بچائي وٺنداسين. هوءَ پٺتي رهندڙ ماڻهن ۾ رهجي پوندي (۽ تباهه ٿيندي). |
إِنّا مُنزِلونَ عَلىٰ أَهلِ هٰذِهِ القَريَةِ رِجزًا مِنَ السَّماءِ بِما كانوا يَفسُقونَ (آيت : 34) |
اسان ضرور هن شهر جي ماڻهن جي مٿان آسمان مان عذاب نازل ڪنداسين، ڇو ته هو بدڪارين ۾ ليڪو لنگهي بيٺا آهن. |
وَلَقَد تَرَكنا مِنها ءايَةً بَيِّنَةً لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 35) |
(حضرت لوط ۽ سندس ماڻهو انهن فرشتن جي چوڻ موجب راتو واهه شهر مان نڪري ويا. باقي ماڻهن تي پٿرن جو مينهن وسيو ۽ تباهه ٿي پيا. اها حقيقت اڄ تائين هرڪو پنهنجي اکين سان ڏسي سگهي ٿو) هيءَ حقيقت آهي ته اسان ان واقعي مان هڪڙي چٽي نشاني (عبرت وٺڻ لاءِ) ڇڏي آهي انهن ماڻهن لاءِ جيڪي (حقيقت کي) سمجهن ٿا (۽ سمجهڻ چاهين ٿا). |
وَإِلىٰ مَديَنَ أَخاهُم شُعَيبًا فَقالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ وَارجُوا اليَومَ الءاخِرَ وَلا تَعثَوا فِى الأَرضِ مُفسِدينَ (آيت : 36) |
۽ مدين جي ماڻهن ڏي اسان سندن برادريءَ جي ماڻهو حضرت شعيب کي پيغمبر ڪري موڪليو. هن کين چيو ته، اي منهنجي قوم جا ماڻهو! الله جي ٻانهپ ڪيو (۽ سندس حڪمن تي هلو) ۽ آخرت جي ڏينهن (جي عذاب) کان ڊڄو ۽ ملڪ ۾ خرابيون ۽ بگاڙ نه ڪندا وتو. |
فَكَذَّبوهُ فَأَخَذَتهُمُ الرَّجفَةُ فَأَصبَحوا فى دارِهِم جٰثِمينَ (آيت : 37) |
پر هنن حضرت شعيب کي ڪوڙو سمجهيو ۽ کيس نه مڃيو، سو هڪڙي اهڙي زبردست آواز هنن کي پڪڙ ڪئي (جهڙو ٻرندڙ جبل جي ڦاٽڻ ڪري يا ڪڏهن ڪڏهن ڌرتي ڌٻڻ وقت ٿيندو آهي.) جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو اهي ماڻهو پنهنجي گهرن ۾ اونڌا ٿي پئجي رهيا، (يعني مرده لاشا ٿي پيا.) |
وَعادًا وَثَمودَا۟ وَقَد تَبَيَّنَ لَكُم مِن مَسٰكِنِهِم وَزَيَّنَ لَهُمُ الشَّيطٰنُ أَعمٰلَهُم فَصَدَّهُم عَنِ السَّبيلِ وَكانوا مُستَبصِرينَ (آيت : 38) |
۽ عاد ۽ ثمود جي قومن کي به (اسان تباهه ڪري ڇڏيو) ۽ اوهان کي هنن جا گهر به چٽائي چٽا ڏسڻ ۾ اچن ٿا ۽ شيطان هنن جي (بد) عملن کي هنن جي نظر ۾ سهڻا ڪري ڏيکاريا ۽ هنن کي سڌي واٽ کان روڪي ڇڏيائين، اگرچه هو نهايت هوشيار ۽ هنرمند هئا. |
وَقٰرونَ وَفِرعَونَ وَهٰمٰنَ وَلَقَد جاءَهُم موسىٰ بِالبَيِّنٰتِ فَاستَكبَروا فِى الأَرضِ وَما كانوا سٰبِقينَ (آيت : 39) |
۽ قارون، فرعون ۽ هامان (کي به اسان تباهه ڪري ڇڏيو) هنن ڏي حضرت موسيٰ چٽين نشانين سان آيو (۽ کين گهڻوئي سمجهايائين) پر هنن ملڪ ۾ تڪبر جي روش اختيار ڪئي پر هنن کي ڪهڙي مجال هئي جو اسان جي پڪڙ کان نڪري ڇٽي وڃن. |
فَكُلًّا أَخَذنا بِذَنبِهِ فَمِنهُم مَن أَرسَلنا عَلَيهِ حاصِبًا وَمِنهُم مَن أَخَذَتهُ الصَّيحَةُ وَمِنهُم مَن خَسَفنا بِهِ الأَرضَ وَمِنهُم مَن أَغرَقنا وَما كانَ اللَّهُ لِيَظلِمَهُم وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 40) |
سو اسان انهن سڀني کي سندن گناهن (۽ ظلمن) سببان پڪڙ ڪئي. ڪن ڏي اسان سخت طوفان (پٿرن جي برسات سان) موڪليو، ڪن کي دهشتناڪ آواز گهيري فنا ڪري ڇڏيو، ڪن کي اسان جي حڪم سان زمين ڳهي ويئي ۽ ڪن کي اسان ٻوڙي ماري ڇڏيو، ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ جو اهو وڙ نه هو (۽ نه آهي) ته هنن سان بي انصافي ڪري، حقيقت هيءَ آهي ته هنن پاڻ تي پاڻ ظلم ڪيو (۽ پاڻ کي پاڻ تباهه ڪيو جيئن هاڻي زبردست قومون پاڻ کي پاڻ تباهه ڪري رهيون آهن.) |
مَثَلُ الَّذينَ اتَّخَذوا مِن دونِ اللَّهِ أَولِياءَ كَمَثَلِ العَنكَبوتِ اتَّخَذَت بَيتًا وَإِنَّ أَوهَنَ البُيوتِ لَبَيتُ العَنكَبوتِ لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 41) |
جن ماڻهن الله کي ڇڏي ٻين کي ڪارساز ۽ مددگار ڪري ورتو آهي (يعني خدا جي چڱن حڪمن جي خلاف شيطان جا يا ٻين جا خراب حڪم مڃين ٿا) انهن جو مثال هڪڙي (ضعيف) ڪوريئڙي سان ٿو لڳي، جنهن گهر ته ٺاهيو پر سڀني گهرن کان ضعيف گهر ڪوريئڙي جو آهي. (يعني سندن ڪارناما به ائين بيڪار ٿي ويندا جيئن ڪوريئڙي جو گهر اسان جي هٿ جي ڇنڊڪي سان فنا ٿي ٿو وڃي) ڪهڙو نه چڱو ٿئي جيڪڏهن هو اها ڳالهه ڄاڻن (۽ سمجهن). |
إِنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما يَدعونَ مِن دونِهِ مِن شَيءٍ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 42) |
بيشڪ الله تعاليٰ انهيءَ هرهڪ چيز کي ڄاڻي ٿو جنهن کي اهي (ڀليل ماڻهو معبود سمجهي) پڪارين ٿا ۽ (ياد رکو ته) هو وڏي قدرت وارو ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. |
وَتِلكَ الأَمثٰلُ نَضرِبُها لِلنّاسِ وَما يَعقِلُها إِلَّا العٰلِمونَ (آيت : 43) |
۽ اهي مثال آهن جي اسان ماڻهن کي (سمجهائڻ لاءِ) ٻڌايون ٿا، پر اهي ماڻهو انهن مثالن کي سمجهي سگهن ٿا جيڪي علم وارا آهن. |
خَلَقَ اللَّهُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِلمُؤمِنينَ (آيت : 44) |
الله تعاليٰ آسمانن ۽ زمين کي حق سان (۽ نهايت عجيب و غريب قانون سان) خلقيو آهي. جيڪي ماڻهو ايمان رکندڙ آهن تن لاءِ انهيءَ ۾ وڏي نشاني رکيل آهي. |
اتلُ ما أوحِىَ إِلَيكَ مِنَ الكِتٰبِ وَأَقِمِ الصَّلوٰةَ إِنَّ الصَّلوٰةَ تَنهىٰ عَنِ الفَحشاءِ وَالمُنكَرِ وَلَذِكرُ اللَّهِ أَكبَرُ وَاللَّهُ يَعلَمُ ما تَصنَعونَ (آيت : 45) |
(اي پيغمبر!) هيءُ ڪتاب جو توڏي وحي جي رستي موڪليو ويوآهي، سو پڙهه (۽ ٻين کي به پڙهي ٻڌاءِ) ۽ نماز قائم ڪر، (پاڻ به نماز جو پابند ٿي ۽ ٻين مسلمانن کي به جماعت سان نماز پڙهڻ جو حڪم ڪر) يقيناً نماز بي شرميءَ جي ڪمن کان ۽ ٻين برن ۽ بي انصافيءَ جي ڪمن کان روڪي ٿي، ۽ الله تعاليٰ جي يادگيري (هر وقت رکڻ ۽ سندس حڪمن تي هر حال ۾ هلڻ) سڀ کان وڏي ڳالهه آهي. ۽ ياد رکو ته جيڪي جيڪي توهان ڪيو ٿا سو سڀ الله تعاليٰ کي معلوم آهي. |
وَلا تُجٰدِلوا أَهلَ الكِتٰبِ إِلّا بِالَّتى هِىَ أَحسَنُ إِلَّا الَّذينَ ظَلَموا مِنهُم وَقولوا ءامَنّا بِالَّذى أُنزِلَ إِلَينا وَأُنزِلَ إِلَيكُم وَإِلٰهُنا وَإِلٰهُكُم وٰحِدٌ وَنَحنُ لَهُ مُسلِمونَ (آيت : 46) |
۽ (اي مسلمانو) ڪتاب وارن سان بحث مباحثو نه ڪيو، پر (هنن کي سمجهائڻ لاءِ) اهڙو طريقو وٺو جو نهايت عمدو، سهڻو (۽ دل ڇڪيندڙ) هجي، پر جيڪڏهن انهن مان ڪي ظلم ڪندڙ هجن (يعني ٻين کي ناحق ايذائيندا هجن ته پوءِ انهن کي باز آڻڻ لاءِ بيشڪ مناسب اپاءَ وٺو) ۽ (ڪتاب وارن کي) چئو ته اسان انهيءَ (قرآن) تي به ايمان آندو آهي جو اسان تي نازل ٿيو آهي ۽ انهن (ڪتابن) تي به ايمان آندو آهي جيڪي اوهان تي نازل ٿيا آهن. ۽ (اسان جو پڪو ايمان اهي ته) اسان جو معبود ۽ اوهان جو معبود ساڳيو ئي هڪ الله آهي. ۽ اسان سندس ئي فرمانبردار ٻانها آهيون. (اوهان به سندس فرمانبردار ٻانها ٿي رهو). |
وَكَذٰلِكَ أَنزَلنا إِلَيكَ الكِتٰبَ فَالَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ يُؤمِنونَ بِهِ وَمِن هٰؤُلاءِ مَن يُؤمِنُ بِهِ وَما يَجحَدُ بِـٔايٰتِنا إِلَّا الكٰفِرونَ (آيت : 47) |
۽ (اي پيغمبر!) اسان توڏي اهڙيءَ طرح ڪتاب موڪليو آهي (جهڙيءَ طرح اهل ڪتاب ڏي موڪليو هوسين) پوءِ جن (اهل ڪتاب) کي اسان ڪتاب ڏنو سي هن (قرآن) ۾ به ايمان آڻين ٿا، ۽ هنن (عرب مشرڪن) مان به ڪي ان تي ايمان آڻي رهيا آهن. فقط اُهي ئي اسان جي آيتن ۽ حڪمن کان انڪار ڪري رهيا آهن، جن (خودغرضي، تڪبر، ضد ۽ دشمني سببان ڄاڻي ٻجهي) ڪفر جي واٽ ورتي آهي. |
وَما كُنتَ تَتلوا مِن قَبلِهِ مِن كِتٰبٍ وَلا تَخُطُّهُ بِيَمينِكَ إِذًا لَارتابَ المُبطِلونَ (آيت : 48) |
۽ هن (قرآن جي نازل ٿيڻ) کان اڳي نڪي تون پاڻ ڪوبه ڪتاب پڙهندو هئين، نڪي پنهنجي سڄي هٿ سان ان کي لکي ٿو سگهين. جيڪڏهن ائين هجي ها (يعني تون لکي پڙهي ڄاڻين ها يا شاعر هجين ها يا تقريرون ڪندڙ هجين ها) ته پوءِ اهي بڪواس ڪندڙ (ڪافر) شڪ آڻين ها (ته تون پاڻ ٿو قرآن ٺاهين.) |
بَل هُوَ ءايٰتٌ بَيِّنٰتٌ فى صُدورِ الَّذينَ أوتُوا العِلمَ وَما يَجحَدُ بِـٔايٰتِنا إِلَّا الظّٰلِمونَ (آيت : 49) |
بلڪ حقيقت هيءَ آهي ته جن ماڻهن کي علم (۽ سمجهه) ڏني ويئي آهي تن جي دلين کي اهي چٽيون ۽ روشن آيتون (قرآن مجيد جون الله جي طرفان آيل) ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. ۽ اسان جي (چٽين) آيتن کان فقط انهن کي انڪار آهي، جيڪي ظلم تي سندرو ٻڌي بيٺا آهن. |
وَقالوا لَولا أُنزِلَ عَلَيهِ ءايٰتٌ مِن رَبِّهِ قُل إِنَّمَا الءايٰتُ عِندَ اللَّهِ وَإِنَّما أَنا۠ نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 50) |
اهي (منڪر) چون ٿا ته، حضرت جن تي سندس پروردگار طرفان اهڙا معجزا ڇو نٿا نازل ٿين (جهڙا حضرت موسيٰ کي مليا هئا) (اي پيغمبر! تون کين) چئو ته، معجزا الله تعاليٰ جي هٿ ۾ آهن (۽ هو مون تي معجزا نازل ڪري سگهي ٿو، پر هوپنهنجي حڪمت پاڻ ٿو ڄاڻي) مان ته فقط چٽوئي چٽو خبردار ڪندڙ آهيان. |
أَوَلَم يَكفِهِم أَنّا أَنزَلنا عَلَيكَ الكِتٰبَ يُتلىٰ عَلَيهِم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَرَحمَةً وَذِكرىٰ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 51) |
هنن ماڻهن لاءِ هيءَ ڳالهه ڪافي ناهي ڇا ته اسان توتي ڪتاب (قرآن مجيد) نازل ڪيو آهي جو کين پڙهي ٻڌايو وڃي ٿو. (کين گهرجي ته ان جي تعليم تي غور ۽ فڪر ڪن ۽ ڄاڻن ته) بيشڪ جن ماڻهن ۾ ايمان آهي تن لاءِ هيءُ قرآن سچ پچ وڏي رحمت آهي ۽ (اعليٰ درجي جي) نصيحت آهي. |
قُل كَفىٰ بِاللَّهِ بَينى وَبَينَكُم شَهيدًا يَعلَمُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَالَّذينَ ءامَنوا بِالبٰطِلِ وَكَفَروا بِاللَّهِ أُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 52) |
(اي منهنجا پيغمبر تون ڪافرن کي) چئي ڏي ته منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ الله تعاليٰ جي شاهدي ڪافي آهي (۽ توهان پاڻ ڏسندؤ ته هو حق کي غالب ڪندو ۽ باطل کي فنا ڪندو) جيڪي به آسمان ۽ زمين ۾ آهي سو سڀ هو چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو ۽ جيڪي به ماڻهو باطل ۾ ايمان رکن ٿا (يعني الله تعاليٰ جي چڱن حڪمن کي ڇڏي ٻين جي نقصانڪار هدايتن تي عمل ڪن ٿا) ۽ الله (جا حڪم) نٿا مڃين سي ضرور نقصان هيٺ ايندا. |
وَيَستَعجِلونَكَ بِالعَذابِ وَلَولا أَجَلٌ مُسَمًّى لَجاءَهُمُ العَذابُ وَلَيَأتِيَنَّهُم بَغتَةً وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 53) |
۽ اهي (منڪر) توسان تڪڙ لائي ٿا ڏين ته آڻ اسان تي عذاب ۽ جلد آڻ (ته سمجهون ته تون سچو آهي، تون کين ٻڌاءِ ته ( جيڪڏهن ان لاءِ وقت مقرر ڪيل نه هجي ها ته بيشڪ انهن ماڻهن تي (سندن ظلمن سبب هڪدم) عذاب اچي وڃي ها (پر الله تعاليٰ پنهنجي رحمت سببان کين مهلت ٿو ڏئي ته من هدايت تي اچن. جيڪڏهن سڌيءَ واٽ تي نه ايندا ته پوءِ) هنن تي اهو عذاب اهڙو ته اوچتو اچي ويندو جو کين پتو ئي ڪونه پوندو. |
يَستَعجِلونَكَ بِالعَذابِ وَإِنَّ جَهَنَّمَ لَمُحيطَةٌ بِالكٰفِرينَ (آيت : 54) |
هنن منڪرن عذاب جي اچڻ لاءِ تڪڙ مچائي ڏني آهي (هو سمجهن ٿا ته عذاب ايندو ئي ڪونه پر) يقيناً جهنم جو عذاب ڪافرن کي هر طرف کان وڪوڙي ويندو. |
يَومَ يَغشىٰهُمُ العَذابُ مِن فَوقِهِم وَمِن تَحتِ أَرجُلِهِم وَيَقولُ ذوقوا ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 55) |
انهيءَ ڏينهن عذاب سندن مٿان اچي توڙي سندن پيرن هيٺان نڪري، کين ڍڪي ڇڏيندو ۽ کين چيو ويندو ته، توهان جيڪي (بڇڙا) عمل ڪندا رهندا هيؤ تن (جي بدلي ۾ عذاب) جو ذائقو وٺو. |
يٰعِبادِىَ الَّذينَ ءامَنوا إِنَّ أَرضى وٰسِعَةٌ فَإِيّٰىَ فَاعبُدونِ (آيت : 56) |
اي منهنجا مسلمان بندؤ! يقين ڄاڻو ته منهنجي زمين ڪشادي آهي سو (جيڪڏهن هتي مڪي ۾ منهنجي حڪمن جي تعميل پوريءَ طرح ڪري نٿا سگهو ته ٻئي اهڙي ملڪ ۾ وڃو جتي پوريءَ طرح تعميل ڪري سگهو ۽) فقط منهنجي ٻانهپ ڪيو. |
كُلُّ نَفسٍ ذائِقَةُ المَوتِ ثُمَّ إِلَينا تُرجَعونَ (آيت : 57) |
(۽ ياد رکو ته) هرهڪ نفس کي ضرور موت جو ذائقو چکڻو آهي. پوءِ (آخر) اوهان کي اسان ڏي ئي موٽي اچڻو آهي. (۽ حساب ڪتاب ڏيڻو آهي). |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَنُبَوِّئَنَّهُم مِنَ الجَنَّةِ غُرَفًا تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها نِعمَ أَجرُ العٰمِلينَ (آيت : 58) |
مگر اهي ماڻهو جيڪي (تڪليفن هوندي به) ايمان تي محڪم رهن ٿا ۽ نيڪ ڪمن ڪرڻ ۾ ثابت قدم رهن ٿا تن کي اسان جنت جي اونچين ماڙين ۾ رهائينداسين جن جي هيٺان نهرون وهندڙ هونديون ۽ اهي ان جنت ۾ هميشه رهندا. (ڏسو) نيڪ عمل ڪندڙن لاءِ ڪهڙو نه سهڻو ۽ اعليٰ انعام تيار رکيو آهي. |
الَّذينَ صَبَروا وَعَلىٰ رَبِّهِم يَتَوَكَّلونَ (آيت : 59) |
(اهو اعليٰ انعام انهن نيڪ عمل ڪندڙن لاءِ آهي) جيڪي (حق جي راهه ۾) تڪليفون صبر سان سهن ٿا ۽ ثابت قدم رهن ٿا ۽ پنهنجي پروردگار تي پورو پورو ڀروسو رکن ٿا (نه ظالم حاڪمن ۽ سردارن تي). |
وَكَأَيِّن مِن دابَّةٍ لا تَحمِلُ رِزقَهَا اللَّهُ يَرزُقُها وَإِيّاكُم وَهُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 60) |
۽ (توهان رزق جي تنگيءَ کان ڊڄو ٿا، پر ڏسو نٿا ته) گهڻائي اهڙا ساهه وارا جيت ۽ جانور آهن جي پنهنجي غذا پاڻ سان ڪونه ٿا کنيون وتن. الله ئي انهن کي رزق ٿو ڏئي ۽ اوهان کي به ۽ هو سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. |
وَلَئِن سَأَلتَهُم مَن خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَسَخَّرَ الشَّمسَ وَالقَمَرَ لَيَقولُنَّ اللَّهُ فَأَنّىٰ يُؤفَكونَ (آيت : 61) |
۽ (اي پيغمبر!) جيڪڏهن تون هنن (منڪرن يا ضعيف ايمان وارن) کان پڇين ته ڪنهن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو آهي، ۽ ڪنهن سج ۽ چنڊ کي پنهنجي فرمان هيٺ رکيو آهي (جو هو خدائي قانون جا سورهن آنا پابند رهن ٿا) ته هو يقيناً جواب ۾ چوندا ته الله (ئي آهي جنهن هنن کي پيدا ڪيو آهي، جڏهن ته ايترو قبول به ڪن ٿا) ته پوءِ ڪيئن هو (حق کان) هٽي گمراهه ٿي ٿا وڃن. |
اللَّهُ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَيَقدِرُ لَهُ إِنَّ اللَّهَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 62) |
الله ئي آهي جو پنهنجي بندن مان جنهن لاءِ چاهي ٿو تنهن لاءِ رزق ڪشادو ڪري ٿو ۽ جنهن لاءِ چاهي ٿو تنهن لاءِ تنگ ڪري ٿو. بيشڪ الله تعاليٰ هر شيء جو علم رکندڙ آهي. |
وَلَئِن سَأَلتَهُم مَن نَزَّلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَحيا بِهِ الأَرضَ مِن بَعدِ مَوتِها لَيَقولُنَّ اللَّهُ قُلِ الحَمدُ لِلَّهِ بَل أَكثَرُهُم لا يَعقِلونَ (آيت : 63) |
(اي پيغمبر!) جيڪڏهن تون انهن ماڻهن کان پڇين ته ڪير ٿو آسمان مان مينهن وسائي، ۽ پوءِ ان پاڻيءَ سان زمين کي سندس موت (يعني خشڪ هئڻ) بعد وري جيئرو ڪري (يعني سرسبز ڪري) ته پوءِ هو ضرور چوندا ته الله (ئي ائين ڪرڻ وارو آهي نه ڪو ٻيو. افسوس ته اها ڳالهه قبول ڪرڻ بعد به هو الله جي اعليٰ حڪمن ۽ قانونن جي تعميل نٿا ڪن، پر تون ته پنهنجي سر شڪر ڪر) چئو ته سڀ ساراهه الله جي لاءِ آهي، (جنهن دنيائي نعمتون به عطا ڪيون آهن ۽ قرآن مجيد جي نعمت به عطا ڪئي اٿس) پر (افسوس جو) هنن مان اڪثر ماڻهو نٿا سمجهن (۽ پاڻ کي تباهه ٿا ڪن). |
وَما هٰذِهِ الحَيوٰةُ الدُّنيا إِلّا لَهوٌ وَلَعِبٌ وَإِنَّ الدّارَ الءاخِرَةَ لَهِىَ الحَيَوانُ لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 64) |
۽ (ياد رکو ته) دنيا جي هيءَ زندگي رڳو کيل تماشو آهي، ۽ يقين رکو ته آخرت جي گهر واري (زندگي جا پوءِ اچڻي آهي سا) ئي سچي زندگي آهي. ماڻهو اها ڳالهه ڄاڻن ۽ سمجهن ته ڪهڙو نه چڱو ٿئي. |
فَإِذا رَكِبوا فِى الفُلكِ دَعَوُا اللَّهَ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ فَلَمّا نَجّىٰهُم إِلَى البَرِّ إِذا هُم يُشرِكونَ (آيت : 65) |
(پر ماڻهو اها ڳالهه نٿا ڄاڻن ۽ دنيا جي شوق ۾ خدا کي وساري ٿا ڇڏين، ڏسو) جڏهن هو ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿا ٿين (۽ طوفان کين وڪوڙي ٿو وڃي) تڏهن ته سچيءَ دل سان (ٻين ديوتائن ۽ شيطاني حرصن کي ڇڏي) الله تعاليٰ کي پڪارڻ لڳن ٿا، پر پوءِ جڏهن اسان کين خشڪيءَ تي سلامت پهچايون ٿا تڏهن وري هڪدم شرڪ ڪرڻ لڳن ٿا (يعني خدا جي حڪمن کي وساري نفساني خواهشن تي عمل ڪن ٿا). |
لِيَكفُروا بِما ءاتَينٰهُم وَلِيَتَمَتَّعوا فَسَوفَ يَعلَمونَ (آيت : 66) |
(اهي ماڻهو جو شرڪ ٿا ڪن سو) هن لاءِ ته جيڪي نعمتون اسان کين ڏنيون آهن تن بابت ناشڪري ڪن (۽ انهن کي خراب طرح ڪم آڻين يا ضايع ڪري ڇڏين) ۽ عيش عشرتن ۾ محو ٿي وڃن. پر جلد ئي کين معلوم ٿي ويندو (ته سندن روش مان ڪهڙا خراب نتيجا نڪرندا). |
أَوَلَم يَرَوا أَنّا جَعَلنا حَرَمًا ءامِنًا وَيُتَخَطَّفُ النّاسُ مِن حَولِهِم أَفَبِالبٰطِلِ يُؤمِنونَ وَبِنِعمَةِ اللَّهِ يَكفُرونَ (آيت : 67) |
هو نٿا ڏسن ڇا ته اسان مڪي شريف کي امن جي جاءِ ٺهرايو آهي، حالانڪ انهن مڪي جي ماڻهن جي چؤگرد جيڪي ماڻهو آهن تن کي (ڌاڙيل يا غُنيم) زوريءَ کڻي هليا ٿا وڃن. (انهيءَ نعمت هوندي به) هي (مڪي جا ماڻهو) باطل ۾ ايمان رکيون ويٺا آهن ڇا ۽ الله جو فضل نٿا مڃين ڇا؟ |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أَو كَذَّبَ بِالحَقِّ لَمّا جاءَهُ أَلَيسَ فى جَهَنَّمَ مَثوًى لِلكٰفِرينَ (آيت : 68) |
۽ انهيءَ شخص کان وڌيڪ ظالم ڪير آهي جيڪو الله تي ڪوڙا ٺاهه ٿو ٺاهي يا جڏهن حق جي ڳالهه کيس ٻڌائي وڃي ٿي تڏهن ان کي ڪوڙي ٺهرائي نٿو مڃي. ڇا اهڙن منڪرن جي لاءِ جهنم ۾ جاءِ ڪانهي؟ |
وَالَّذينَ جٰهَدوا فينا لَنَهدِيَنَّهُم سُبُلَنا وَإِنَّ اللَّهَ لَمَعَ المُحسِنينَ (آيت : 69) |
پر جيڪي ماڻهو اسان جي راهه ۾ (يعني حق جي واٽ تي هلڻ لاءِ) هر ممڪن ڪوشش ڪن ٿا تن کي اسان پنهنجي (سڌين ۽ حقيقي) واٽن تي آڻينداسين، ۽ (ياد رکو ته) يقيناً الله تعاليٰ نيڪي ڪندڙن سان شامل آهي ۽ سندن مددگار آهي. |