الم (آيت : 1) |
الٓمّٓ. |
أَحَسِبَ النّاسُ أَن يُترَكوا أَن يَقولوا ءامَنّا وَهُم لا يُفتَنونَ (آيت : 2) |
ماڻھن ڀانيو آھي ڇا ته سندن (رڳو ايتري) چوڻ تي ته ايمان آندوسون اُھي ڇڏي ڏبا ۽ اُھي نه آزمائبا؟ |
وَلَقَد فَتَنَّا الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَلَيَعلَمَنَّ اللَّهُ الَّذينَ صَدَقوا وَلَيَعلَمَنَّ الكٰذِبينَ (آيت : 3) |
۽ جيڪي کانئن اڳ ھوا تن کي بيشڪ پرکيوسون پوءِ جيڪي سچا آھن تن کي الله ضرور ڌار ڪندو ۽ ڪُوڙن کي (به) ضرور ڌار ڪندو. |
أَم حَسِبَ الَّذينَ يَعمَلونَ السَّيِّـٔاتِ أَن يَسبِقونا ساءَ ما يَحكُمونَ (آيت : 4) |
جيڪي بڇڙايون ڪن ٿا تن ڀانيو آھي ڇا ته اسان کون اڳتي نڪري ويندا؟ جيڪو نبيرو ڪن ٿا سو بڇڙو آھي. |
مَن كانَ يَرجوا لِقاءَ اللَّهِ فَإِنَّ أَجَلَ اللَّهِ لَءاتٍ وَهُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 5) |
جيڪو الله جي ملڻ جي اميد رکندو آھي (سو سمجھي) ته بيشڪ الله جي ٺھرايل مُدت ضرور اچڻي آھي، ۽ اُھو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي. |
وَمَن جٰهَدَ فَإِنَّما يُجٰهِدُ لِنَفسِهِ إِنَّ اللَّهَ لَغَنِىٌّ عَنِ العٰلَمينَ (آيت : 6) |
۽ جيڪو (الله جي دين لاءِ) ڪوشش ڪري سو رڳو پنھنجي لاءِ ئي ڪوشش ڪري ٿو، ڇوته الله جھانن کان بي پرواھ آھي. |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَنُكَفِّرَنَّ عَنهُم سَيِّـٔاتِهِم وَلَنَجزِيَنَّهُم أَحسَنَ الَّذى كانوا يَعمَلونَ (آيت : 7) |
۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کان سندن مدايون ضرور ميٽيندا سون ۽ جيڪي ڪندا ھوا تنھن جو کين ڏاڍو چڱو بدلو ڏينداسون. |
وَوَصَّينَا الإِنسٰنَ بِوٰلِدَيهِ حُسنًا وَإِن جٰهَداكَ لِتُشرِكَ بى ما لَيسَ لَكَ بِهِ عِلمٌ فَلا تُطِعهُما إِلَىَّ مَرجِعُكُم فَأُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 8) |
۽ ماڻھوءَ کي پنھنجي ماءُ پيءُ سان چڱائي ڪرڻ جو حُڪم ڪيوسون، ۽ (اي ماڻھو) جيڪڏھن (اُھي) مون سان ڪنھن کي شريڪ ڪرڻ جي توکي ڪوشش ڪن جنھن (جي حقيقت) جي توکي ڪا ڄاڻپ نه آھي ته اُنھن جو چيو نه مڃ، اوھان جو مون ڏانھن موٽڻ آھي تنھنڪري جيڪي ڪندا ھيؤ تنھنجي اوھان کي سُڌ ڏيندس. |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَنُدخِلَنَّهُم فِى الصّٰلِحينَ (آيت : 9) |
۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي صالحن (جي ٽوليءَ) ۾ ضرور داخل ڪنداسون. |
وَمِنَ النّاسِ مَن يَقولُ ءامَنّا بِاللَّهِ فَإِذا أوذِىَ فِى اللَّهِ جَعَلَ فِتنَةَ النّاسِ كَعَذابِ اللَّهِ وَلَئِن جاءَ نَصرٌ مِن رَبِّكَ لَيَقولُنَّ إِنّا كُنّا مَعَكُم أَوَلَيسَ اللَّهُ بِأَعلَمَ بِما فى صُدورِ العٰلَمينَ (آيت : 10) |
۽ ماڻھن مان ڪي (اھڙا) آھن جي چوندا آھن ته الله تي ايمان آندو اٿون پوءِ جڏھن الله (جي واٽ) ۾ اُن کي ڪو ايذاءُ پھچايو ويندو آھي (تڏھن) ماڻھن جي ايذائڻ کي الله جي عذاب وانگر سمجھندو آھي، ۽ جيڪڏھن تنھنجي پالڻھار وٽان ڪا مدد ايندي آھي ته چوندا آھن ته بيشڪ اسين اوھان ساڻ ھواسون، جيڪي جھان (وارن) جي دلين ۾ آھي سو الله چڱي طرح ڄاڻندڙ نه آھي ڇا؟ |
وَلَيَعلَمَنَّ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا وَلَيَعلَمَنَّ المُنٰفِقينَ (آيت : 11) |
۽ ته جن ايمان آندو آھي تن کي الله ڌار ڪندو آھي ۽ منافقن کي به ڌار ڪندو. |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لِلَّذينَ ءامَنُوا اتَّبِعوا سَبيلَنا وَلنَحمِل خَطٰيٰكُم وَما هُم بِحٰمِلينَ مِن خَطٰيٰهُم مِن شَيءٍ إِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 12) |
۽ ڪافر مؤمنن کي چون ٿا (اوھين) اسان جي واٽ جي تابعداري ڪريو ۽ (اسين) اوھان جون مدايون کڻنداسين، حالانڪ اُھي سندين مداين مان ڪجھ به کڻڻ وارا نه آھن، بيشڪ اُھي ڪُوڙا آھن. |
وَلَيَحمِلُنَّ أَثقالَهُم وَأَثقالًا مَعَ أَثقالِهِم وَلَيُسـَٔلُنَّ يَومَ القِيٰمَةِ عَمّا كانوا يَفتَرونَ (آيت : 13) |
۽ پنھنجن (گناھن جون) ڳٺڙيون ۽ (ٻيون ڪيئي) ڳٺڙيون پنھنجن گناھن سان ضرورکڻندا، ۽ جيڪو ٺاھ ٺاھيندا آھن تنھن بابت قيامت جي ڏينھن ضرور پڇيا ويندا. |
وَلَقَد أَرسَلنا نوحًا إِلىٰ قَومِهِ فَلَبِثَ فيهِم أَلفَ سَنَةٍ إِلّا خَمسينَ عامًا فَأَخَذَهُمُ الطّوفانُ وَهُم ظٰلِمونَ (آيت : 14) |
۽ بيشڪ نوح کي سندس قوم ڏانھن موڪليوسون ۽ پوءِ پنجاھ ورھ گھٽ (ھڪ) ھزار سال منجھن رھيو، پوءِ کين طوفان پڪڙيو ۽ اُھي ظالم ھوا. |
فَأَنجَينٰهُ وَأَصحٰبَ السَّفينَةِ وَجَعَلنٰها ءايَةً لِلعٰلَمينَ (آيت : 15) |
پوءِ کيس ۽ ٻيڙيءَ وارن کي (ٻڏڻ کان) بچايوسون ۽ اُن (ٻيڙيءَ) کي جھان (وارن) لاءِ نشاني ڪيوسون. |
وَإِبرٰهيمَ إِذ قالَ لِقَومِهِ اعبُدُوا اللَّهَ وَاتَّقوهُ ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 16) |
۽ ابراھيم کي (موڪليوسون) جڏھن پنھنجي قوم کي چيائين ته الله جي عبادت ڪريو ۽ کانئس ڊڄو، اھو اوھان لاءِ ڀلو آھي جيڪڏھن اوھين ڄاڻندا آھيو. |
إِنَّما تَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ أَوثٰنًا وَتَخلُقونَ إِفكًا إِنَّ الَّذينَ تَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ لا يَملِكونَ لَكُم رِزقًا فَابتَغوا عِندَ اللَّهِ الرِّزقَ وَاعبُدوهُ وَاشكُروا لَهُ إِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 17) |
اوھين ته الله کانسواءِ بُتن کي پوڄيندا آھيو ۽ اوھين (ڪوڙو) ٺاھ ٺاھيندا آھيو، بيشڪ الله کانسواءِ جن کي پوڄيندا آھيو سي ته اوھان کي روزي (ڏيڻ) جي (ڪي) مالڪ نه آھن تنھنڪري الله وٽان رزق طلب ڪريو ۽ سندس عبادت ڪريو ۽ سندس شڪرانو ڪريو، ڏانھس موٽايا ويندؤ. |
وَإِن تُكَذِّبوا فَقَد كَذَّبَ أُمَمٌ مِن قَبلِكُم وَما عَلَى الرَّسولِ إِلَّا البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 18) |
۽ جيڪڏھن ڪوڙو ڀانيو ٿا ته (ڇا ٿيو) بيشڪ اوھان کان اڳ (ڪيترين) اُمتن (پنھنجن پيغمبرن کي) ڪوڙو ڀانيو ھو، ۽ پيغمبر تي پڌري پيغام پھچائڻ کانسواءِ (ٻيو ڪي رکيل) نه آھي. |
أَوَلَم يَرَوا كَيفَ يُبدِئُ اللَّهُ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ إِنَّ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرٌ (آيت : 19) |
نه ڏٺو اٿن ڇا ته الله خلق کي ڪھڙي طرح نئين سِر بنائيندو آھي؟ وري ٻيھر اُن کي بڻائيندو، بيشڪ اِھو (ڪم) الله تي آسان آھي. |
قُل سيروا فِى الأَرضِ فَانظُروا كَيفَ بَدَأَ الخَلقَ ثُمَّ اللَّهُ يُنشِئُ النَّشأَةَ الءاخِرَةَ إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 20) |
(کين) چؤ ته مُلڪ ۾ گھمو پوءِ نظر ڪريو ته الله ڪئن نئين سِر خلق کي پيدا ڪيو وري اُن پيدا ڪيل کي الله ٻيھر پيدا ڪندو، ڇوته الله سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي. |
يُعَذِّبُ مَن يَشاءُ وَيَرحَمُ مَن يَشاءُ وَإِلَيهِ تُقلَبونَ (آيت : 21) |
جنھن کي وڻيس تنھن کي عذاب ڪري ۽ جنھن تي وڻيس رحم ڪري، ۽ (اوھين) ڏانھس موٽايا ويندؤ. |
وَما أَنتُم بِمُعجِزينَ فِى الأَرضِ وَلا فِى السَّماءِ وَما لَكُم مِن دونِ اللَّهِ مِن وَلِىٍّ وَلا نَصيرٍ (آيت : 22) |
۽ اوھين نڪي زمين ۾ ۽ نڪي آسمان ۾ عاجز ڪرڻ وارا آھيو، ۽ اوھان جو الله کانسواءِ نڪو سڄڻ ۽ نڪو مددگار آھي. |
وَالَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَلِقائِهِ أُولٰئِكَ يَئِسوا مِن رَحمَتى وَأُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 23) |
۽ جن الله جي آيتن ۽ سندس ملڻ جو انڪار ڪيو سي منھنجي ٻاجھ کان نا اُميد ٿيا آھن ۽ اُنھن لاءِ ئي ڏکوئيندڙ عذاب آھي. |
فَما كانَ جَوابَ قَومِهِ إِلّا أَن قالُوا اقتُلوهُ أَو حَرِّقوهُ فَأَنجىٰهُ اللَّهُ مِنَ النّارِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 24) |
پوءِ ابراھيم جي قوم جي ورندي ھن چوڻ کانسواءِ (ٻي) ڪانه ھئي ته اُن کي ڪُھو يا اُن کي ساڙيو پوءِ الله کيس باھ کان بچايو، بيشڪ ھن (احوال) ۾ مڃيندڙ قوم لاءِ وڏيون نشانيون آھن. |
وَقالَ إِنَّمَا اتَّخَذتُم مِن دونِ اللَّهِ أَوثٰنًا مَوَدَّةَ بَينِكُم فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا ثُمَّ يَومَ القِيٰمَةِ يَكفُرُ بَعضُكُم بِبَعضٍ وَيَلعَنُ بَعضُكُم بَعضًا وَمَأوىٰكُمُ النّارُ وَما لَكُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 25) |
۽ (ابراھيم) چيو ته اوھان دنيا جي حياتيءَ ۾ رڳو پاڻ ۾ دوستيءَ جي ڪري الله کانسواءِ بتن کي اختيار ڪيو آھي، وري قيامت جي ڏينھن اوھين ھڪ ٻئي جو انڪار ڪندؤ ۽ اوھان مان ھڪڙا ٻـين تي لعنت ڪندا، ۽ اوھان جي جاءِ دوزخ آھي ۽ اوھان جو ڪوبه مددگار نه آھي. |
فَـٔامَنَ لَهُ لوطٌ وَقالَ إِنّى مُهاجِرٌ إِلىٰ رَبّى إِنَّهُ هُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 26) |
پوءِ ابراھيم تي لُوط ايمان آندو، ۽ (ابراھيم) چيو ته بيشڪ آءٌ پنھنجي پالڻھار ڏانھن وطن ڇڏڻ وارو آھيان، بيشڪ اُھو غالب حڪمت وارو آھي. |
وَوَهَبنا لَهُ إِسحٰقَ وَيَعقوبَ وَجَعَلنا فى ذُرِّيَّتِهِ النُّبُوَّةَ وَالكِتٰبَ وَءاتَينٰهُ أَجرَهُ فِى الدُّنيا وَإِنَّهُ فِى الءاخِرَةِ لَمِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 27) |
۽ اُن کي اسحاق ۽ يعقوب بخشيوسون ۽ سندس اولاد ۾ پيغمبري ۽ ڪتاب مقرر ڪيوسون ۽ کيس دنيا ۾ سندس اجر ڏنوسون، ۽ بيشڪ اُھو آخرت ۾ (به) صالحن مان آھي. |
وَلوطًا إِذ قالَ لِقَومِهِ إِنَّكُم لَتَأتونَ الفٰحِشَةَ ما سَبَقَكُم بِها مِن أَحَدٍ مِنَ العٰلَمينَ (آيت : 28) |
۽ لُوط کي (پيغمبر ڪري موڪليوسون) جڏھن پنھنجي قوم کي چيائين ته اوھين اُھو بي حيائي جو ڪم ڪندا آھيو جو جھان وارن مان ڪنھن ھڪ (به) اھو اوھان کان اڳ نه ڪيو آھي. |
أَئِنَّكُم لَتَأتونَ الرِّجالَ وَتَقطَعونَ السَّبيلَ وَتَأتونَ فى ناديكُمُ المُنكَرَ فَما كانَ جَوابَ قَومِهِ إِلّا أَن قالُوا ائتِنا بِعَذابِ اللَّهِ إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 29) |
ڇا اوھين مڙسن ڏانھن (شھوت سان) ويندا آھيو ۽ واٽ تي ڦُر ڪندا آھيو، ۽ پنھنجن مجلسن ۾ بد ڪم ڪندا آھيو؟ پوءِ سندس قوم جي ورندي ھن چوڻ کان سواءِ نه ھئي ته جيڪڏھن سچن مان آھين ته الله جو عذاب اسان وٽ آڻ. |
قالَ رَبِّ انصُرنى عَلَى القَومِ المُفسِدينَ (آيت : 30) |
(لُوط) چيو ته اي منھنجا پالڻھار مون کي فسادين جي قوم تي مدد ڏي. |
وَلَمّا جاءَت رُسُلُنا إِبرٰهيمَ بِالبُشرىٰ قالوا إِنّا مُهلِكوا أَهلِ هٰذِهِ القَريَةِ إِنَّ أَهلَها كانوا ظٰلِمينَ (آيت : 31) |
۽ جنھن مھل اسان جي قاصدن ابراھيم وٽ خوشخبري آندي (تنھن مھل) چيائون ته اسين ھن ڳوٺ وارن کي ناس ڪرڻ وارا آھيون، ڇوته اُتي جي رھڻ وارا ظالم (ٿيا) آھن. |
قالَ إِنَّ فيها لوطًا قالوا نَحنُ أَعلَمُ بِمَن فيها لَنُنَجِّيَنَّهُ وَأَهلَهُ إِلَّا امرَأَتَهُ كانَت مِنَ الغٰبِرينَ (آيت : 32) |
(ابراھيم) چيو ته بيشڪ اُن ۾ لُوط آھي، چيائون ته جيڪو به منجھس آھي تنھن کي اسين چڱو ڄاڻندڙ آھيون، کيس ۽ سندس گھر جي ڀاتين کي ضرور بچائينداسون سواءِ سنديس زال جي جا باقي رھيلن مان ٿيندي. |
وَلَمّا أَن جاءَت رُسُلُنا لوطًا سيءَ بِهِم وَضاقَ بِهِم ذَرعًا وَقالوا لا تَخَف وَلا تَحزَن إِنّا مُنَجّوكَ وَأَهلَكَ إِلَّا امرَأَتَكَ كانَت مِنَ الغٰبِرينَ (آيت : 33) |
۽ جنھن مھل اسان جا قاصد لُوط وٽ آيا تنھن مھل انھن جي (اچڻ) سببان ناراض ٿيو ۽ اُنھن جي (اچڻ) سببان دل تنگ ٿيو ۽ (اُنھن) چيو ته نڪي ڊڄ ۽ نڪي غم کاءُ، بيشڪ اسين توکي ۽ تنھنجي گھر جي ڀاتين کي بچائڻ وارا آھيون سواءِ تنھنجي زال جي جا باقي رھيلن مان ٿيندي. |
إِنّا مُنزِلونَ عَلىٰ أَهلِ هٰذِهِ القَريَةِ رِجزًا مِنَ السَّماءِ بِما كانوا يَفسُقونَ (آيت : 34) |
بيشڪ اسين ھن ڳوٺ وارن تي ھڪ عذاب انھي سببان آسمان کان لاھڻ وارا آھيون جو بدڪار ٿيا آھن. |
وَلَقَد تَرَكنا مِنها ءايَةً بَيِّنَةً لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 35) |
۽ بيشڪ اُن ڳوٺ جي پڌري نشاني سمجھندڙ قوم لاءِ ڇڏي سون. |
وَإِلىٰ مَديَنَ أَخاهُم شُعَيبًا فَقالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ وَارجُوا اليَومَ الءاخِرَ وَلا تَعثَوا فِى الأَرضِ مُفسِدينَ (آيت : 36) |
۽ مدين (وارن) ڏانھن سندن ڀاءُ شعيب کي موڪليوسون پوءِ چيائين ته اي منھنجي قوم الله جي عبادت ڪريو ۽ قيامت جي ڏينھن جي اُميد رکو ۽ فسادي ٿي مُلڪ ۾ نه ڦِرو. |
فَكَذَّبوهُ فَأَخَذَتهُمُ الرَّجفَةُ فَأَصبَحوا فى دارِهِم جٰثِمينَ (آيت : 37) |
پوءِ اُن کي ڪوڙو ڀانيائون تنھنڪري کين زلزلي اچي ورتو پوءِ پنھنجن گھرن ۾ اونڌا ٿي (مري) پيا. |
وَعادًا وَثَمودَا۟ وَقَد تَبَيَّنَ لَكُم مِن مَسٰكِنِهِم وَزَيَّنَ لَهُمُ الشَّيطٰنُ أَعمٰلَهُم فَصَدَّهُم عَنِ السَّبيلِ وَكانوا مُستَبصِرينَ (آيت : 38) |
۽ عاد ۽ ثمود کي (چٽ ڪيوسون) ۽ بيشڪ سندين ڪن جاين مان اوھان کي پڌرو ٿي چڪو آھي، ۽ شيطان اُنھن لاءِ سندن عمل سينگاريا ھوا پوءِ کين سِڌي واٽ کان جھليائين ۽ (اُھي) سمجھ وارا (به) ھوا. |
وَقٰرونَ وَفِرعَونَ وَهٰمٰنَ وَلَقَد جاءَهُم موسىٰ بِالبَيِّنٰتِ فَاستَكبَروا فِى الأَرضِ وَما كانوا سٰبِقينَ (آيت : 39) |
۽ قارون ۽ فرعون ۽ ھامان کي (به چٽ ڪيوسون)، ۽ بيشڪ مُوسىٰ پڌرن معجزن سان وٽن آيو پوءِ مُلڪ ۾ وڏائي ڪيائون ۽ (اڳتي) وڌي ويندڙ نه ھوا. |
فَكُلًّا أَخَذنا بِذَنبِهِ فَمِنهُم مَن أَرسَلنا عَلَيهِ حاصِبًا وَمِنهُم مَن أَخَذَتهُ الصَّيحَةُ وَمِنهُم مَن خَسَفنا بِهِ الأَرضَ وَمِنهُم مَن أَغرَقنا وَما كانَ اللَّهُ لِيَظلِمَهُم وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 40) |
پوءِ سڀڪنھن کي سندس گناھ سببان پڪڙيوسون، پوءِ منجھانئن ڪن تي سخت آنڌي موڪلي سون، ۽ منجھانئن ڪن کي ڪڙڪي (اچي) ورتو، ۽ منجھانئن ڪن کي زمين ۾ ڳھايوسون، ۽ منجھانئن ڪن کي ٻوڙيوسون، ۽ ڪڏھن ٿيڻو نه ھو جو الله مٿن ظلم ڪري پر ھنن پنھنجو پاڻ تي ظلم ٿي ڪيو. |
مَثَلُ الَّذينَ اتَّخَذوا مِن دونِ اللَّهِ أَولِياءَ كَمَثَلِ العَنكَبوتِ اتَّخَذَت بَيتًا وَإِنَّ أَوهَنَ البُيوتِ لَبَيتُ العَنكَبوتِ لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 41) |
جن الله کانسواءِ ٻيا دوست ورتا آھن تن جو مثال ڪوريئڙي جي مثال وانگر آھي، جنھن گھر ٺاھيو، ۽ بيشڪ سڀني گھرن ۾ وڌيڪ ھيڻو ڪوريئڙي جو گھر آھي، جيڪڏھن (اھا ڳالھ) ڄاڻن ھا (ته ائين نه ڪن ھا). |
إِنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما يَدعونَ مِن دونِهِ مِن شَيءٍ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 42) |
بيشڪ جنھن شيء کي الله کانسواءِ پوڄيندا آھن سا جيڪا به ھجي تنھن کي الله ڄاڻندو آھي، ۽ اُھو غالب حڪمت وارو آھي. |
وَتِلكَ الأَمثٰلُ نَضرِبُها لِلنّاسِ وَما يَعقِلُها إِلَّا العٰلِمونَ (آيت : 43) |
۽ اھي مثال آھن جن کي ماڻھن لاءِ بيان ڪندا آھيون، ۽ انھن کي ڄاڻندڙن کانسواءِ ڪو نه سمجھندو آھي. |
خَلَقَ اللَّهُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِلمُؤمِنينَ (آيت : 44) |
الله آسمانن ۽ زمين کي (چڱيء) رِٿ سان خلقيو آھي، بيشڪ اِن (ڪم) ۾ مؤمنن لاءِ (وڏي) نشاني آھي. |
اتلُ ما أوحِىَ إِلَيكَ مِنَ الكِتٰبِ وَأَقِمِ الصَّلوٰةَ إِنَّ الصَّلوٰةَ تَنهىٰ عَنِ الفَحشاءِ وَالمُنكَرِ وَلَذِكرُ اللَّهِ أَكبَرُ وَاللَّهُ يَعلَمُ ما تَصنَعونَ (آيت : 45) |
(اي پيغمبر) ڪتان مان جيڪي توڏانھن وحي ڪيو ويو سو پڙھ ۽ نماز پڙھ، بيشڪ نماز بي حيائي ۽ مَدي ڪم (ڪرڻ) کان جھليندي آھي، بيشڪ الله جو ياد ڪرڻ سڀ کان وڏو آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو سو الله ڄاڻندو آھي. |
وَلا تُجٰدِلوا أَهلَ الكِتٰبِ إِلّا بِالَّتى هِىَ أَحسَنُ إِلَّا الَّذينَ ظَلَموا مِنهُم وَقولوا ءامَنّا بِالَّذى أُنزِلَ إِلَينا وَأُنزِلَ إِلَيكُم وَإِلٰهُنا وَإِلٰهُكُم وٰحِدٌ وَنَحنُ لَهُ مُسلِمونَ (آيت : 46) |
۽ ڪتاب وارن مان جن بي انصافي ڪئي تن کانسواءِ ٻـين سان ڏاڍي چڱي طريقي کانسواءِ تڪرار نه ڪريو ۽ چئو ته جيڪي اسان ڏانھن نازل ڪيو ويو آھي ۽ جيڪي اوھان ڏانھن نازل ڪيو ويو آھي تنھن تي اسان ايمان آندو آھي ۽ اسان جو معبود ۽ اوھان جو معبُود ھڪ آھي ۽ اسين سندس فرمانبردار آھيون. |
وَكَذٰلِكَ أَنزَلنا إِلَيكَ الكِتٰبَ فَالَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ يُؤمِنونَ بِهِ وَمِن هٰؤُلاءِ مَن يُؤمِنُ بِهِ وَما يَجحَدُ بِـٔايٰتِنا إِلَّا الكٰفِرونَ (آيت : 47) |
۽ (جھڙي طرح اڳيان ڪتاب نازل ڪياسون) اھڙي طرح اسان توڏانھن ڪتاب نازل ڪيو، پوءِ جن کي ڪتاب ڏنوسون سي اُن (قرآن) کي مڃيندا آھن، ۽ انھن (عربن) مان ڪو (اھڙو) آھي جو اُن تي ايمان آڻيندو آھي، ۽ ڪافرن کانسواءِ (ٻيو) ڪو اسان جي آيتن جو انڪار نه ڪندو آھي. |
وَما كُنتَ تَتلوا مِن قَبلِهِ مِن كِتٰبٍ وَلا تَخُطُّهُ بِيَمينِكَ إِذًا لَارتابَ المُبطِلونَ (آيت : 48) |
۽ اُنھيءَ (قرآن جي لھڻ) کان اڳ ڪو ڪتاب نڪي تون پڙھندو ھئين ۽ نڪي اُھو پنھنجي سڄي ھٿ سان لکندو ھئين (جيڪڏھن لکين پڙھين ھا) ته اُنھيءَ مھل اُھي ڪوڙا ضرور شڪ ۾ پون ھا. |
بَل هُوَ ءايٰتٌ بَيِّنٰتٌ فى صُدورِ الَّذينَ أوتُوا العِلمَ وَما يَجحَدُ بِـٔايٰتِنا إِلَّا الظّٰلِمونَ (آيت : 49) |
بلڪ اُھو (قرآن) پڌريون آيتون (آھن) انھن جي سينن ۾ (محفوظ) آھي جن کي عِلم ڏنو ويو آھي، ۽ ظالمن کان سواءِ (ٻيو) ڪو اسان جي آيتن جو انڪار نه ڪندو آھي. |
وَقالوا لَولا أُنزِلَ عَلَيهِ ءايٰتٌ مِن رَبِّهِ قُل إِنَّمَا الءايٰتُ عِندَ اللَّهِ وَإِنَّما أَنا۠ نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 50) |
۽ چون ٿا ته سندس پالڻھار کان مٿس مُعجزا ڇونه نازل ڪيا ويا آھن؟ (کين) چؤ مُعجزا (ته رڳو منھنجي) الله وٽ آھن، ۽ آءٌ ته رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان. |
أَوَلَم يَكفِهِم أَنّا أَنزَلنا عَلَيكَ الكِتٰبَ يُتلىٰ عَلَيهِم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَرَحمَةً وَذِكرىٰ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 51) |
اسان توتي ڪتاب نازل ڪيو جو کين پڙھي ٻڌائبو آھي سو کين ڪافي نه آھي ڇا، بيشڪ ھن ۾ مؤمنن جي قوم لاءِ ٻاجھ ۽ نصيحت آھي. |
قُل كَفىٰ بِاللَّهِ بَينى وَبَينَكُم شَهيدًا يَعلَمُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَالَّذينَ ءامَنوا بِالبٰطِلِ وَكَفَروا بِاللَّهِ أُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 52) |
(کين) چؤ ته الله منھنجي ۽ اوھان جي وچ ۾ شاھد بس آھي، جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو اُھو ڄاڻندو آھي، ۽ جن ڪوڙ کي مڃيو ۽ الله جو انڪار ڪيو سي ئي ڇيئي وارا آھن. |
وَيَستَعجِلونَكَ بِالعَذابِ وَلَولا أَجَلٌ مُسَمًّى لَجاءَهُمُ العَذابُ وَلَيَأتِيَنَّهُم بَغتَةً وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 53) |
۽ توکان عذاب تڪڙو گھرندا آھن، ۽ جيڪڏھن (اُن جي) مُدّت مُقرر ٿيل نه ھجي ھا ته کين عذاب ضرور پھچي ھا، ۽ (اھو) مٿن پڪ اوچتو ايندو ۽ اُھي بي خبر ھوندا. |
يَستَعجِلونَكَ بِالعَذابِ وَإِنَّ جَهَنَّمَ لَمُحيطَةٌ بِالكٰفِرينَ (آيت : 54) |
توکان عذاب تڪڙو گھرندا آھن، بيشڪ دوزخ ڪافرن کي (اُنھيءَ ڏينھن) وڪوڙيندڙ آھي. |
يَومَ يَغشىٰهُمُ العَذابُ مِن فَوقِهِم وَمِن تَحتِ أَرجُلِهِم وَيَقولُ ذوقوا ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 55) |
جنھن ڏينھن کين عذاب سندن مٿن کان ۽ سندن پيرن جي ھيٺ کان ويڙھيندو ۽ (الله) چوندو ته جيڪي ڪندا ھيؤ تنھنجو (مزو) چکو. |
يٰعِبادِىَ الَّذينَ ءامَنوا إِنَّ أَرضى وٰسِعَةٌ فَإِيّٰىَ فَاعبُدونِ (آيت : 56) |
اي منھنجا مؤمن ٻانھؤ بيشڪ منھنجي زمين ويڪري آھي تنھنڪري خاص منھنجي عبادت ڪريو. |
كُلُّ نَفسٍ ذائِقَةُ المَوتِ ثُمَّ إِلَينا تُرجَعونَ (آيت : 57) |
سڀڪو جيءُ موت جو مزو چکڻ وارو آھي، وري اسان ڏي موٽائبؤ. |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَنُبَوِّئَنَّهُم مِنَ الجَنَّةِ غُرَفًا تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها نِعمَ أَجرُ العٰمِلينَ (آيت : 58) |
۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي ضرور بھشت جي ماڙين ۾ ٽِڪائينداسون جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن منجس سدائين رھڻ وارا آھن، (انھن چڱن) ڪمن ڪندڙن جي مزوري چڱي آھي. |
الَّذينَ صَبَروا وَعَلىٰ رَبِّهِم يَتَوَكَّلونَ (آيت : 59) |
جن صبر ڪيو ۽ پنھنجي پالڻھار تي ڀروسو ڪندا آھن. |
وَكَأَيِّن مِن دابَّةٍ لا تَحمِلُ رِزقَهَا اللَّهُ يَرزُقُها وَإِيّاكُم وَهُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 60) |
۽ ڪيترائي جانور پنھنجي روزي ساڻ نه کڻندا آھن، الله تعالىٰ انھن کي ۽ اوھان کي روزي ڏيندو آھي، ۽ اُھو ئي ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آھي. |
وَلَئِن سَأَلتَهُم مَن خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَسَخَّرَ الشَّمسَ وَالقَمَرَ لَيَقولُنَّ اللَّهُ فَأَنّىٰ يُؤفَكونَ (آيت : 61) |
۽ جيڪڏھن کائن پُڇين ته ڪنھن آسمانن ۽ زمين کي بڻايو ۽ (ڪنھن) سج ۽ چنڊ کي نِوايو آھي؟ ته ضرور چوندا ته الله، پوءِ ڪيڏانھن ڦيرايا ويندا آھن. |
اللَّهُ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَيَقدِرُ لَهُ إِنَّ اللَّهَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 62) |
الله پنھنجن ٻانھن مان جنھن لاءِ گھري تنھنجي روزي ڪشادي ڪندو آھي ۽ (جنھن لاءِ گھري ته تَنھنجي) گھٽ ڪندو آھي، ڇوته الله ھر شيءَ کي ڄاڻندڙ آھي. |
وَلَئِن سَأَلتَهُم مَن نَزَّلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَحيا بِهِ الأَرضَ مِن بَعدِ مَوتِها لَيَقولُنَّ اللَّهُ قُلِ الحَمدُ لِلَّهِ بَل أَكثَرُهُم لا يَعقِلونَ (آيت : 63) |
۽ جيڪڏھن کائن پڇين ته ڪنھن آسمان کان پاڻي وسايو پوءِ اُن سان زمين کي اُن جي مرڻ کانپوءِ جيئرو ڪيو ته ضرور چوندا ته الله، (اي پيغمبر کين) چؤ ته سڀ ساراھ الله کي جڳائي، بلڪ منجھائن گھڻا نه ڄاڻندا آھن. |
وَما هٰذِهِ الحَيوٰةُ الدُّنيا إِلّا لَهوٌ وَلَعِبٌ وَإِنَّ الدّارَ الءاخِرَةَ لَهِىَ الحَيَوانُ لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 64) |
۽ ھيءَ دنيا جي حياتي ته تماشي ۽ راند کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه آھي، ۽ بيشڪ آخرت جي حويلي ئي سدائين حياتيءَ واري آھي، جيڪڏھن ڄاڻن ھا (ته آخرت کي دنيا کان وڌيڪ پسند ڪن ھا). |
فَإِذا رَكِبوا فِى الفُلكِ دَعَوُا اللَّهَ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ فَلَمّا نَجّىٰهُم إِلَى البَرِّ إِذا هُم يُشرِكونَ (آيت : 65) |
پوءِ (اُھي) جڏھن ٻيڙين ۾ چڙھندا آھن (تڏھن) رڳو الله کي سندس اعتقاد رکي سڏيندا آھن، پوءِ جڏھن کين ڀر ڏانھن پھچائيندو (بچائي) آھي (تڏھن) اُتي جو اُتي (ھن ڪري) شرڪ ڪندا آھن. |
لِيَكفُروا بِما ءاتَينٰهُم وَلِيَتَمَتَّعوا فَسَوفَ يَعلَمونَ (آيت : 66) |
ته جيڪي کين ڏنوسون تنھنجي بي شُڪري ڪن، ۽ ته خوش گذارين، پوءِ سگھوئي (حال جي حقيقت) ڄاڻندا. |
أَوَلَم يَرَوا أَنّا جَعَلنا حَرَمًا ءامِنًا وَيُتَخَطَّفُ النّاسُ مِن حَولِهِم أَفَبِالبٰطِلِ يُؤمِنونَ وَبِنِعمَةِ اللَّهِ يَكفُرونَ (آيت : 67) |
نه ڏٺائون ڇا ته اسان (مڪي جي) حرم کي امن جي جاءِ ڪئي؟ حالانڪ سندس آس پاس کان ماڻھو اُمالڪ کڄي ويندا آھن، پوءِ ڇا ڪوڙ کي مڃيندا آھن ۽ الله جي نعمتن جو انڪار ڪندا آھن؟ |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أَو كَذَّبَ بِالحَقِّ لَمّا جاءَهُ أَلَيسَ فى جَهَنَّمَ مَثوًى لِلكٰفِرينَ (آيت : 68) |
۽ اُن کان وڌيڪ ڪير ظالم آھي جيڪو الله تي ڪوڙو ٺاھ ٺاھي يا جڏھن وٽس حق آيو تڏھن اُن کي ڪوڙو ڄاڻي؟ ڪافرن جي جاءِ دوزخ ۾ نه آھي ڇا؟ |
وَالَّذينَ جٰهَدوا فينا لَنَهدِيَنَّهُم سُبُلَنا وَإِنَّ اللَّهَ لَمَعَ المُحسِنينَ (آيت : 69) |
۽ جن اسان جي واٽ ۾ ڪوشش ڪئي تن کي ضرور پنھنجون واٽون ڏيکارينداسون، ۽ بيشڪ الله ڀلارن سان گڏ آھي. |