الم (آيت : 1) |
الف- لام- ميم. |
أَحَسِبَ النّاسُ أَن يُترَكوا أَن يَقولوا ءامَنّا وَهُم لا يُفتَنونَ (آيت : 2) |
ڇا، ماڻهن ڀانيو آهي ته هنن کي رڳو انهي چوڻ تي ڇڏي ڏبو، ته ”اسان ايمان آندو، ۽ کين آزمائبو ڪو نه؟ |
وَلَقَد فَتَنَّا الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَلَيَعلَمَنَّ اللَّهُ الَّذينَ صَدَقوا وَلَيَعلَمَنَّ الكٰذِبينَ (آيت : 3) |
بيشڪ اسان کانئن اڳين کي به پرکيو هو، پوءِ جيڪي سچا آهن، تن کي به الله ضرور جدا ڪندو ۽ ڪوڙن کي به جدا ڪندو. |
أَم حَسِبَ الَّذينَ يَعمَلونَ السَّيِّـٔاتِ أَن يَسبِقونا ساءَ ما يَحكُمونَ (آيت : 4) |
ڇا بڇڙايون ڪندڙ شخص ائين ٿا ڀانئين، ته اسان کان نڪري ويندا؟ هو بلڪل بُرو فيصلو ٿا ڪن. |
مَن كانَ يَرجوا لِقاءَ اللَّهِ فَإِنَّ أَجَلَ اللَّهِ لَءاتٍ وَهُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 5) |
جيڪو شخص الله سان ملاقات ڪرڻ جي اميد رکندو هجي، (سو سمجهي) ته بيشڪ الله جو مقرر ڪيل وقت ضرور ايندو- ۽ هو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. |
وَمَن جٰهَدَ فَإِنَّما يُجٰهِدُ لِنَفسِهِ إِنَّ اللَّهَ لَغَنِىٌّ عَنِ العٰلَمينَ (آيت : 6) |
۽ جيڪو (ديني) ڪوشش ٿو ڪري، سو فقط پاڻ لاءِ ڪوشش ٿو ڪري_ بيشڪ الله جهانن کان بي پرواهه آهي. |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَنُكَفِّرَنَّ عَنهُم سَيِّـٔاتِهِم وَلَنَجزِيَنَّهُم أَحسَنَ الَّذى كانوا يَعمَلونَ (آيت : 7) |
۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن جون اسين مدايون ضرور ميٽينداسون ۽ کين سندن ڪمن جو سٺو بدلو ضرور ڏينداسون. |
وَوَصَّينَا الإِنسٰنَ بِوٰلِدَيهِ حُسنًا وَإِن جٰهَداكَ لِتُشرِكَ بى ما لَيسَ لَكَ بِهِ عِلمٌ فَلا تُطِعهُما إِلَىَّ مَرجِعُكُم فَأُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 8) |
۽ اسان انسان کي سندس ماءُ پيءُ سان چڱائي ڪرڻ جو حڪم ڪيو آهي- پر جيڪڏهن هو توتي زور رکن، ته مون سان اهڙن کي ڀائيوار سمجهه، جن جي توکي ڪا خبر ڪانهي، ته پوءِ سندن چيو نه مڃج- اوهان سڀني کي مون ڏانهن موٽڻو آهي، پوءِ آءُ اوهان جي ڪمن جي اوهان کي سُڌ ڏيندس. |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَنُدخِلَنَّهُم فِى الصّٰلِحينَ (آيت : 9) |
۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيائون، آءُ انهن کي ضرور نيڪن ۾ داخل ڪندس. |
وَمِنَ النّاسِ مَن يَقولُ ءامَنّا بِاللَّهِ فَإِذا أوذِىَ فِى اللَّهِ جَعَلَ فِتنَةَ النّاسِ كَعَذابِ اللَّهِ وَلَئِن جاءَ نَصرٌ مِن رَبِّكَ لَيَقولُنَّ إِنّا كُنّا مَعَكُم أَوَلَيسَ اللَّهُ بِأَعلَمَ بِما فى صُدورِ العٰلَمينَ (آيت : 10) |
۽ ڪي شخص اهڙا آهن جي چوندا آهن ته، ”اسان الله تي ويساهه آندو“- پر جڏهن الله جي راهه ۾ کين تڪليف ايندي آهي ته ماڻهن جي ايذاءَ کي به الله جي عذاب جهڙو پيا سمجهندا آهن ۽ جيڪڏهن تنهنجي ڌڻيءَ وٽان ڪا مدد پهچندي آهي، ته وري ضرور چوندا آهن ته ”بيشڪ اسين به اوهان سان گڏ هئاسون، ”ڇا، الله انهي کي ڪو نه ٿو ڄاڻي، جيڪو جهانن وارن جي دلين ۾ آهي؟ |
وَلَيَعلَمَنَّ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا وَلَيَعلَمَنَّ المُنٰفِقينَ (آيت : 11) |
۽ الله ضرور ايمان وارن کي به نکيڙيندو ۽ منافقن کي به نکيڙيندو. |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لِلَّذينَ ءامَنُوا اتَّبِعوا سَبيلَنا وَلنَحمِل خَطٰيٰكُم وَما هُم بِحٰمِلينَ مِن خَطٰيٰهُم مِن شَيءٍ إِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 12) |
۽ ڪافر مؤمنن کي چون ٿا ته ”اوهين اسان جي راهه تي هلو، ته اسين پڪ اوهان جون خطائون پاڻ تي کڻنداسون،“ هو سندن خطائن مان ڪجهه به کڻڻ وارا نه آهن، اُهي پڪ ڪوڙا آهن. |
وَلَيَحمِلُنَّ أَثقالَهُم وَأَثقالًا مَعَ أَثقالِهِم وَلَيُسـَٔلُنَّ يَومَ القِيٰمَةِ عَمّا كانوا يَفتَرونَ (آيت : 13) |
پر هو ضرور سندن گناهن جا بار به کڻندا ۽ سندن گناهن جي بار سان گڏ ٻيا به ڪيئن گناهن جا بار کڻندا ۽ قيامت ڏينهن ضرور کانئن ڪوڙن ٺاهن ٺاهڻ جو پڇاڻو وٺبو. |
وَلَقَد أَرسَلنا نوحًا إِلىٰ قَومِهِ فَلَبِثَ فيهِم أَلفَ سَنَةٍ إِلّا خَمسينَ عامًا فَأَخَذَهُمُ الطّوفانُ وَهُم ظٰلِمونَ (آيت : 14) |
۽ بيشڪ اسان ”نوح“ کي سندس قوم ڏي موڪليو، پوءِ هو منجهن پنجاهه ورهين گهٽ هڪ هزار سال رهيو- پوءِ انهن کي ظالم هجڻ سبب طوفان اچي ورتو- |
فَأَنجَينٰهُ وَأَصحٰبَ السَّفينَةِ وَجَعَلنٰها ءايَةً لِلعٰلَمينَ (آيت : 15) |
تڏهن اسان ان کي ۽ ٻيڙيءَ وارن کي بچايو ۽ انهن کي جهانن وارن لاءِ نشاني بنايوسون. |
وَإِبرٰهيمَ إِذ قالَ لِقَومِهِ اعبُدُوا اللَّهَ وَاتَّقوهُ ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 16) |
۽ ابراهيم کي (به موڪليوسون) جڏهن سندس قوم کي چيائين ته ”الله جي بندگي ڪريو ۽ ان کان ڊڄو، جيڪڏهن ڪا ڄاڻ اٿوَ ته اهو ڪم اوهان لاءِ ڀلو آهي. |
إِنَّما تَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ أَوثٰنًا وَتَخلُقونَ إِفكًا إِنَّ الَّذينَ تَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ لا يَملِكونَ لَكُم رِزقًا فَابتَغوا عِندَ اللَّهِ الرِّزقَ وَاعبُدوهُ وَاشكُروا لَهُ إِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 17) |
اوهين الله کي ڇڏي رڳو بُتن جي بندگي ٿا ڪريو ۽ ڪوڙو ٺاهه ٿا ٺاهيو، بيشڪ اوهين الله کي ڇڏي جن جي بندگي ٿا ڪريو، تن کي اوهان جي رزق ڏيڻ جو ڪو اختيار ڪونهي، تنهن ڪري الله کان ئي رزق طلبيو ۽ اُن جي ئي بندگي ڪريو ۽ ان جو ئي شڪر ڪريو، اوهين اُن ڏي ئي موٽندا. |
وَإِن تُكَذِّبوا فَقَد كَذَّبَ أُمَمٌ مِن قَبلِكُم وَما عَلَى الرَّسولِ إِلَّا البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 18) |
پوءِ جيڪڏهن اوهين ڪوڙو سمجهو، ته اوهان کان اڳين امتن به (سندن رسولن کي) ڪوڙو سمجهيو هو ۽ رسولن تي صاف حڪم ٻڌائڻ کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه به رکيل ناهي. |
أَوَلَم يَرَوا كَيفَ يُبدِئُ اللَّهُ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ إِنَّ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرٌ (آيت : 19) |
ڇا، هو نٿا ڏسن ته ڪيئن الله اول خلق کي پيدا ڪيو، پوءِ وري به ان کي بنائيندو_ بيشڪ اها ڳالهه الله لاءِ بلڪل سولي آهي. |
قُل سيروا فِى الأَرضِ فَانظُروا كَيفَ بَدَأَ الخَلقَ ثُمَّ اللَّهُ يُنشِئُ النَّشأَةَ الءاخِرَةَ إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 20) |
چئو ته ملڪ ۾ گهمي ڏسو، پوءِ نظر ڪريو ته ڪيئن الله خلق کي ڪينَ منجهان پيدا ڪيو، وري الله انهي پيدا ڪيل کي ٻئي دفعي پيدا ڪندو- بيشڪ الله هر چيز تي وس وارو آهي. |
يُعَذِّبُ مَن يَشاءُ وَيَرحَمُ مَن يَشاءُ وَإِلَيهِ تُقلَبونَ (آيت : 21) |
جنهن کي وڻيس تنهن کي عذاب ڪري ۽ جنهن تي وڻيس تنهن تي رحم ڪري ۽ اوهان کي ڏانهس موٽائبو- |
وَما أَنتُم بِمُعجِزينَ فِى الأَرضِ وَلا فِى السَّماءِ وَما لَكُم مِن دونِ اللَّهِ مِن وَلِىٍّ وَلا نَصيرٍ (آيت : 22) |
۽ اوهين نڪي (الله کان) زمين ۾ کٽي سگهندا، نڪي آسمانن ۾، ۽ الله کان سواءِ اوهان لاءِ نڪو دوست آهي، نڪو مددگار. |
وَالَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَلِقائِهِ أُولٰئِكَ يَئِسوا مِن رَحمَتى وَأُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 23) |
۽ جن الله جي آيتن ۽ سندس روبرو ٿيڻ کان انڪار ڪيو، سي منهنجي ٻاجهه کان نا اميد ٿيا آهن ۽ انهن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آهي. |
فَما كانَ جَوابَ قَومِهِ إِلّا أَن قالُوا اقتُلوهُ أَو حَرِّقوهُ فَأَنجىٰهُ اللَّهُ مِنَ النّارِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 24) |
پوءِ ابراهيم جي قوم جو جواب فقط اهو ئي هو ته ”هن کي قتل ڪريو يا ساڙيو“- پوءِ الله کيس باهه کان بچايو- بيشڪ انهي ۾ مڃيندڙ قوم لاءِ وڏيون نشانيون آهن. |
وَقالَ إِنَّمَا اتَّخَذتُم مِن دونِ اللَّهِ أَوثٰنًا مَوَدَّةَ بَينِكُم فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا ثُمَّ يَومَ القِيٰمَةِ يَكفُرُ بَعضُكُم بِبَعضٍ وَيَلعَنُ بَعضُكُم بَعضًا وَمَأوىٰكُمُ النّارُ وَما لَكُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 25) |
۽ ابراهيم چيو ته ”اوهان الله کي ڇڏي، بُتن کي فقط دنيا جي حياتيءَ ۾ هڪ ٻئي ۾ دوستيءَ سبب اختيار ڪيو آهي، پر قيامت ڏينهن وري اوهان مان هڪڙو ٻئي جو انڪار ڪندو ۽ هڪڙو ٻئي تي لعنت وجهندو- اوهان جو ٺڪاڻو باهه آهي ۽ اوهان جو ڪو به مددگار ڪونهي.“ |
فَـٔامَنَ لَهُ لوطٌ وَقالَ إِنّى مُهاجِرٌ إِلىٰ رَبّى إِنَّهُ هُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 26) |
پوءِ مٿس لوط ويساهه آندو ۽ چيائين ”آءُ پنهنجي ڌڻيءَ جي راهه ۾ وطن ڇڏيندس_ بيشڪ هو غالب ڏاهپ وارو آهي.“ |
وَوَهَبنا لَهُ إِسحٰقَ وَيَعقوبَ وَجَعَلنا فى ذُرِّيَّتِهِ النُّبُوَّةَ وَالكِتٰبَ وَءاتَينٰهُ أَجرَهُ فِى الدُّنيا وَإِنَّهُ فِى الءاخِرَةِ لَمِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 27) |
اسان ابراهيم کي اسحاق ۽ يعقوب بخشيا، سندس اولاد ۾ نبوت ۽ ڪتاب مقرر ڪياسون، کيس دنيا ۾ به سندس اجر ڏنوسون ۽ بيشڪ هو آخرت ۾ به نيڪن مان آهي. |
وَلوطًا إِذ قالَ لِقَومِهِ إِنَّكُم لَتَأتونَ الفٰحِشَةَ ما سَبَقَكُم بِها مِن أَحَدٍ مِنَ العٰلَمينَ (آيت : 28) |
۽ لوط کي (موڪليوسين) جڏهن سندس قوم کي چيائين ”اوهين ته اهڙو بيحيائيءَ جو ڪم پيا ڪريو، جو اوهان کان اڳ دنيا جي ڪنهن به شخص نه ڪيو آهي! |
أَئِنَّكُم لَتَأتونَ الرِّجالَ وَتَقطَعونَ السَّبيلَ وَتَأتونَ فى ناديكُمُ المُنكَرَ فَما كانَ جَوابَ قَومِهِ إِلّا أَن قالُوا ائتِنا بِعَذابِ اللَّهِ إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 29) |
ڇا اوهين مَردن ڏي ٿا وڃو، واٽ ويندڙن کي ٿا ڦُريو ۽ اوهان پنهنجي محفلن ۾ ٿا بُڇڙا ڪم ڪريو؟“ انهي تي سندس قوم جو جواب فقط اهو هو، ته ”آڻ اسان تي الله جو عذاب، جي سچو آهين ته!“ |
قالَ رَبِّ انصُرنى عَلَى القَومِ المُفسِدينَ (آيت : 30) |
چيائين ”اي منهنجا ڌڻي! تون مون کي هن فسادين جي قوم تي مدد ڏي!“ |
وَلَمّا جاءَت رُسُلُنا إِبرٰهيمَ بِالبُشرىٰ قالوا إِنّا مُهلِكوا أَهلِ هٰذِهِ القَريَةِ إِنَّ أَهلَها كانوا ظٰلِمينَ (آيت : 31) |
پوءِ جنهن وقت اسان جي قاصدن ابراهيم وٽ مبارڪ آندي، تڏهن چيائون ”اسين هن ڳوٺ کي ناس ڪنداسون، جو اتي جا رهاڪو ظالم آهن.“ |
قالَ إِنَّ فيها لوطًا قالوا نَحنُ أَعلَمُ بِمَن فيها لَنُنَجِّيَنَّهُ وَأَهلَهُ إِلَّا امرَأَتَهُ كانَت مِنَ الغٰبِرينَ (آيت : 32) |
چيائين ته ”ان ۾ ته لوط به آهي!“ چيائون ”اسان کي ان جي رهاڪن جي پوري ڄاڻ آهي، اسين کيس ۽ سندس ڀاتين کي بچائينداسون، سواءِ سندس زال جي، اها پوئتي رهيلن مان ٿيندي.“ |
وَلَمّا أَن جاءَت رُسُلُنا لوطًا سيءَ بِهِم وَضاقَ بِهِم ذَرعًا وَقالوا لا تَخَف وَلا تَحزَن إِنّا مُنَجّوكَ وَأَهلَكَ إِلَّا امرَأَتَكَ كانَت مِنَ الغٰبِرينَ (آيت : 33) |
پوءِ جڏهن اسان جا قاصد لوط وٽ آيا، ته هو انهن جي اچڻ ڪري رنج ۽ دل تنگ ٿيڻ لڳو، تڏهن هنن چيس ”نڪي ڊپ ڪر، نڪي غمگين ٿيءُ، بيشڪ اسين توکي ۽ تنهنجي گهر وارن کي بچائينداسون، سواءِ تنهنجي زال جي، اها پوئتي رهيل ٿيندي. |
إِنّا مُنزِلونَ عَلىٰ أَهلِ هٰذِهِ القَريَةِ رِجزًا مِنَ السَّماءِ بِما كانوا يَفسُقونَ (آيت : 34) |
اسين ضرور هن ڳوٺ جي رهاڪن تي آسمان مان عذاب لاهينداسون، جو هو بدڪار آهن.“ |
وَلَقَد تَرَكنا مِنها ءايَةً بَيِّنَةً لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 35) |
۽ اسان سمجهندڙ قوم لاءِ ان ڳوٺ جي پڌري نشاني ڇڏي. |
وَإِلىٰ مَديَنَ أَخاهُم شُعَيبًا فَقالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ وَارجُوا اليَومَ الءاخِرَ وَلا تَعثَوا فِى الأَرضِ مُفسِدينَ (آيت : 36) |
۽ مَدۡيَنَ وارن ڏانهن سندن ڀاءُ شعيب کي موڪليوسون- چيائين ”اي منهنجي قوم! الله جي بندگي ڪريو، قيامت جي اميد رکو! ملڪ ۾ بگيڙ وجهندڙ ٿي نه ڦِرو“- |
فَكَذَّبوهُ فَأَخَذَتهُمُ الرَّجفَةُ فَأَصبَحوا فى دارِهِم جٰثِمينَ (آيت : 37) |
پوءِ هنن کيس ڪوڙو سمجهيو_ تنهن ڪري کين ڌرتي ڌٻڻ اچي ورتو، پوءِ هو سندن گهرن ۾ اونڌا ٿي ڪري پيا. |
وَعادًا وَثَمودَا۟ وَقَد تَبَيَّنَ لَكُم مِن مَسٰكِنِهِم وَزَيَّنَ لَهُمُ الشَّيطٰنُ أَعمٰلَهُم فَصَدَّهُم عَنِ السَّبيلِ وَكانوا مُستَبصِرينَ (آيت : 38) |
۽ عاد ۽ ثمود قوم کي به ، جن جي ڪيترين ئي جاين جي اوهان کي پوري خبر آهي، هنن لاءِ شيطان سندن ڪم سهڻا ڪري ڏيکاريا هئا، پوءِ هنن کي سنئين واٽ کان روڪيائين ۽ هو هئا به سمجهدار. |
وَقٰرونَ وَفِرعَونَ وَهٰمٰنَ وَلَقَد جاءَهُم موسىٰ بِالبَيِّنٰتِ فَاستَكبَروا فِى الأَرضِ وَما كانوا سٰبِقينَ (آيت : 39) |
۽ قارون ۽ فرعون ۽ هامان کي به_ بيشڪ هنن وٽ موسيٰ! پڌرن معجزن ساڻ آيو_ پوءِ هنن ملڪ ۾ هٺ ڪيو، پر هو به اسان کان بچي نه سگهيا. |
فَكُلًّا أَخَذنا بِذَنبِهِ فَمِنهُم مَن أَرسَلنا عَلَيهِ حاصِبًا وَمِنهُم مَن أَخَذَتهُ الصَّيحَةُ وَمِنهُم مَن خَسَفنا بِهِ الأَرضَ وَمِنهُم مَن أَغرَقنا وَما كانَ اللَّهُ لِيَظلِمَهُم وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 40) |
پوءِ سڀني کي سندن گناهن سبب پڪڙيوسون، منجهانئن ڪن تي سخت طوفان موڪليوسون، ڪن کي ڪڙڪي اچي ورتو، ڪن کي زمين ۾ ڳيهائي ڇڏيوسون ۽ ڪن کي ٻوڙي ڇڏيوسون- الله کي هر گز مٿن ظلم ڪرڻو نه هو، پر هو پنهنجي پاڻ تي ظلم ڪندڙ هئا. |
مَثَلُ الَّذينَ اتَّخَذوا مِن دونِ اللَّهِ أَولِياءَ كَمَثَلِ العَنكَبوتِ اتَّخَذَت بَيتًا وَإِنَّ أَوهَنَ البُيوتِ لَبَيتُ العَنكَبوتِ لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 41) |
جيڪي شخص الله کي ڇڏي ٻين کي ٿا سائين سمجهن، تن جو مثال ڪوريئڙي وانگر آهي، جنهن گهر بنايو- مگر سڀني گهرن کان وڌيڪ هيڻو گهر ته پڪ سان ڪوريئڙي جو آهي، افسوس! جي هو ائين سمجهن. |
إِنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما يَدعونَ مِن دونِهِ مِن شَيءٍ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 42) |
پڪ جنهن کي به هو الله کان سواءِ ٿا پڪارين، ان کي الله ڄاڻي ٿو ۽ هو زبردست ڏاهپ وارو آهي- |
وَتِلكَ الأَمثٰلُ نَضرِبُها لِلنّاسِ وَما يَعقِلُها إِلَّا العٰلِمونَ (آيت : 43) |
۽ اهي مثال آهن، جي اسين ماڻهن لاءِ بيان ٿا ڪريون_ انهن کي فقط ڄاڻپ وارا ئي پروڙيندا آهن- |
خَلَقَ اللَّهُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِلمُؤمِنينَ (آيت : 44) |
الله آسمانن ۽ زمين کي چڱيءَ رٿ سان خلقيو آهي، بيشڪ انهي ۾ مؤمنن لاءِ وڏي نشاني آهي. |
اتلُ ما أوحِىَ إِلَيكَ مِنَ الكِتٰبِ وَأَقِمِ الصَّلوٰةَ إِنَّ الصَّلوٰةَ تَنهىٰ عَنِ الفَحشاءِ وَالمُنكَرِ وَلَذِكرُ اللَّهِ أَكبَرُ وَاللَّهُ يَعلَمُ ما تَصنَعونَ (آيت : 45) |
تو ڏانهن جيڪي قرآن مان وحي ڪيو ويو، سو پڙهه ۽ نماز پڙهندو رهه_ بيشڪ نماز بي حيائي ۽ بُرن ڪمن کان روڪ ڪندي آهي ۽ الله جو ذڪر سڀ کان وڏو آهي_ ۽ جيڪي اوهين ٿا ڪريو، سو الله ڄاڻي ٿو. |
وَلا تُجٰدِلوا أَهلَ الكِتٰبِ إِلّا بِالَّتى هِىَ أَحسَنُ إِلَّا الَّذينَ ظَلَموا مِنهُم وَقولوا ءامَنّا بِالَّذى أُنزِلَ إِلَينا وَأُنزِلَ إِلَيكُم وَإِلٰهُنا وَإِلٰهُكُم وٰحِدٌ وَنَحنُ لَهُ مُسلِمونَ (آيت : 46) |
ڪتاب وارن سان سهڻي نموني ئي بحث ڪريو، سواءِ انهي جي، جي انهن مان ظالم هجن_ ۽ چئو ته ”اسان انهي (ڪتاب) تي ايمان آندو آهي، جو اسان ڏي لٿو ۽ (انهن ڪتابن تي به) جي اوهان ڏي لٿا_ اسان جو سائين ۽ اوهان جو سائين هڪڙو آهي_ ۽ اسين ان جا تابعدار آهيون. |
وَكَذٰلِكَ أَنزَلنا إِلَيكَ الكِتٰبَ فَالَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ يُؤمِنونَ بِهِ وَمِن هٰؤُلاءِ مَن يُؤمِنُ بِهِ وَما يَجحَدُ بِـٔايٰتِنا إِلَّا الكٰفِرونَ (آيت : 47) |
۽ اهڙيءَ طرح اسان تو ڏانهن ڪتاب لاٿو، پوءِ جن کي ڪتاب ڏنوسون، سي انهي کي مڃيندا آهن ۽ هنن (عربن) مان به ڪو ان تي ايمان آڻيندو آهي ۽ اسان جي آيتن جو انڪار فقط ڪافر ڪندا آهن. |
وَما كُنتَ تَتلوا مِن قَبلِهِ مِن كِتٰبٍ وَلا تَخُطُّهُ بِيَمينِكَ إِذًا لَارتابَ المُبطِلونَ (آيت : 48) |
۽ تون نڪي انهي کان اڳ ڪو ڪتاب پڙهندو هئين، نڪي اهو پنهنجي ساڄي هٿ سان لکندو هئين، تڏهن ته اهي ڪوڙا ضرور شڪ ۾ پون ها. |
بَل هُوَ ءايٰتٌ بَيِّنٰتٌ فى صُدورِ الَّذينَ أوتُوا العِلمَ وَما يَجحَدُ بِـٔايٰتِنا إِلَّا الظّٰلِمونَ (آيت : 49) |
بلڪ اهو پڌريون آيتون آهن، جوعلم مليل شخصن جي سينن ۾ آهي ۽ اسان جي آيتن جو انڪار فقط ظالم ئي ڪندا آهن. |
وَقالوا لَولا أُنزِلَ عَلَيهِ ءايٰتٌ مِن رَبِّهِ قُل إِنَّمَا الءايٰتُ عِندَ اللَّهِ وَإِنَّما أَنا۠ نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 50) |
۽ چون ٿا ته سندس ڌڻيءَ کان مٿس معجزا ڇو نه لٿا؟“ چئو ته ” معجزا فقط الله جي اختيار ۾ آهن، ۽ آءُ ته رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان.“ |
أَوَلَم يَكفِهِم أَنّا أَنزَلنا عَلَيكَ الكِتٰبَ يُتلىٰ عَلَيهِم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَرَحمَةً وَذِكرىٰ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 51) |
ڇا هنن لا ءِ اهو ڪافي ناهي، جو اسان توتي ڪتاب موڪليو، جو کين پڙهي ٻڌائبو آهي؟ بيشڪ انهي ۾ مؤمن قوم لاءِ رحمت ۽ نصيحت آهي. |
قُل كَفىٰ بِاللَّهِ بَينى وَبَينَكُم شَهيدًا يَعلَمُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَالَّذينَ ءامَنوا بِالبٰطِلِ وَكَفَروا بِاللَّهِ أُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 52) |
چئو ته الله مون ۽ اوهان جي وچ ۾ شاهد ڪافي آهي- جيڪي به آسمانن ۽ زمين ۾ آهي، سو هو ڄاڻي ٿو ۽ جن ڪوڙ کي مڃيو ۽ الله کان انڪار ڪيو، اهڙا شخص ئي نقصان پائيندا. |
وَيَستَعجِلونَكَ بِالعَذابِ وَلَولا أَجَلٌ مُسَمًّى لَجاءَهُمُ العَذابُ وَلَيَأتِيَنَّهُم بَغتَةً وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 53) |
۽ توکان عذاب لاءِ تڪڙ ٿا ڪن_ سو جيڪڏهن وقت مقرر نه هجي ها، ته مٿن ضرور عذاب اچي ها_ ۽ اهو مٿن ضرور اوچتو ايندو، جو هنن کي پروڙ به ڪانه هوندي. |
يَستَعجِلونَكَ بِالعَذابِ وَإِنَّ جَهَنَّمَ لَمُحيطَةٌ بِالكٰفِرينَ (آيت : 54) |
هو توکان عذاب لاءِ تڪڙ ٿا ڪن ۽ بيشڪ جهنم ڪافرن کي وڪوڙيندو. |
يَومَ يَغشىٰهُمُ العَذابُ مِن فَوقِهِم وَمِن تَحتِ أَرجُلِهِم وَيَقولُ ذوقوا ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 55) |
انهي ڏينهن کين سندن مٿن کان ۽ پيرن هيٺان عذاب وڪوڙيندو ۽ (الله) چوندو ته ”چکو اهو، جيڪي اوهين ڪندا هئا!“ |
يٰعِبادِىَ الَّذينَ ءامَنوا إِنَّ أَرضى وٰسِعَةٌ فَإِيّٰىَ فَاعبُدونِ (آيت : 56) |
اي منهنجا مؤمن بندؤ! بيشڪ منهنجي زمين ڪشادي آهي، پوءِ فقط منهنجي ئي بندگي ڪريو_ |
كُلُّ نَفسٍ ذائِقَةُ المَوتِ ثُمَّ إِلَينا تُرجَعونَ (آيت : 57) |
هر شخص موت کي چکندو، پوءِ اوهين اسان ڏي موٽائبا- |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَنُبَوِّئَنَّهُم مِنَ الجَنَّةِ غُرَفًا تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها نِعمَ أَجرُ العٰمِلينَ (آيت : 58) |
۽ جن ايمان آندو۽ چڱا ڪم ڪيا، تن کي ضرور بهشت جي ماڙين ۾ ٽڪائينداسون، جن هيٺان نهرون وهنديون آهن، هو انهن ۾ هميشه رهندا_ چڱن ڪمن ڪندڙن کي چڱي مزوري آهي. |
الَّذينَ صَبَروا وَعَلىٰ رَبِّهِم يَتَوَكَّلونَ (آيت : 59) |
جن صبر ڪيو ۽ سندن ڌڻيءَ تي ڀروسو رکيائون. |
وَكَأَيِّن مِن دابَّةٍ لا تَحمِلُ رِزقَهَا اللَّهُ يَرزُقُها وَإِيّاكُم وَهُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 60) |
۽ ڪيترائي ساهوارا پنهنجو رزق نه کڻندا آهن، الله ئي انهن کي خواهه اوهان کي رزق ڏئي ٿو ۽ اهو ٻڌندڙ ڄاڻيندڙ آهي. |
وَلَئِن سَأَلتَهُم مَن خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَسَخَّرَ الشَّمسَ وَالقَمَرَ لَيَقولُنَّ اللَّهُ فَأَنّىٰ يُؤفَكونَ (آيت : 61) |
۽ جيڪڏهن کانئن پڇين ته ”ڪنهن آسمان ۽ زمين کي خلقيو ۽ سج ۽ چنڊ کي (سندس قانون ۾) جڪڙي رکيو؟“ ته ضرور چوندا ”الله!“ پوءِ ڪيڏانهن پيا ڦيرائجن؟ |
اللَّهُ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَيَقدِرُ لَهُ إِنَّ اللَّهَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 62) |
الله ئي سندس ٻانهن مان جنهن جو رزق وڻيس ڪشادو ڪري ٿو ۽ گهٽائي ٿو_ بيشڪ الله هر چيز کي ڄاڻيندڙ آهي. |
وَلَئِن سَأَلتَهُم مَن نَزَّلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَحيا بِهِ الأَرضَ مِن بَعدِ مَوتِها لَيَقولُنَّ اللَّهُ قُلِ الحَمدُ لِلَّهِ بَل أَكثَرُهُم لا يَعقِلونَ (آيت : 63) |
۽ جيڪڏهن تون کانئن پڇين؛ ڪنهن آسمان کان پاڻي موڪليو، جنهن سان زمين کي سندس مرڻ کان پوءِ جياريو؟“ ته ضرور چوندا ”الله!“ چئو ته هر ڪا واکاڻ الله کي ئي جڳائي، بلڪ انهن مان گهڻا نٿا پروڙين. |
وَما هٰذِهِ الحَيوٰةُ الدُّنيا إِلّا لَهوٌ وَلَعِبٌ وَإِنَّ الدّارَ الءاخِرَةَ لَهِىَ الحَيَوانُ لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 64) |
۽ هي دنيا جي حياتي ته رڳو تماشو ۽ راند آهي ۽ بيشڪ آخرت جي حياتي ئي سچي حياتي آهي، جي هنن کي ڄاڻ هجي ها! |
فَإِذا رَكِبوا فِى الفُلكِ دَعَوُا اللَّهَ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ فَلَمّا نَجّىٰهُم إِلَى البَرِّ إِذا هُم يُشرِكونَ (آيت : 65) |
جڏهن هو ٻيڙين ۾ چڙهندا آهن، ته فقط الله ۾ ويساهه رکي کيس سڏيندا آهن- پر جڏهن هو کين سڪيءَ تي پهچائيندو آهي تڏهن وري هو ساڻس ٻيا ڀائيوار ڪندا آهن. |
لِيَكفُروا بِما ءاتَينٰهُم وَلِيَتَمَتَّعوا فَسَوفَ يَعلَمونَ (آيت : 66) |
ته جيڪي کين ڏنوسون، ان جي ناشڪري ڪن ۽ ته ڪجهه فائدو حاصل ڪن_ پوءِ جلد ئي خبر پوندن. |
أَوَلَم يَرَوا أَنّا جَعَلنا حَرَمًا ءامِنًا وَيُتَخَطَّفُ النّاسُ مِن حَولِهِم أَفَبِالبٰطِلِ يُؤمِنونَ وَبِنِعمَةِ اللَّهِ يَكفُرونَ (آيت : 67) |
ڇا هو نٿا ڏسن، ته اسان حرم کي امن وارو ڪيو، جو سندن آسپاس مان ته ماڻهو امالڪ کڄي ويندا آهن، پوءِ ڇا هو ڪوڙن ڌڻين کي مڃين ٿا ۽ الله جي نعمت جو انڪار ٿا ڪن؟ |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أَو كَذَّبَ بِالحَقِّ لَمّا جاءَهُ أَلَيسَ فى جَهَنَّمَ مَثوًى لِلكٰفِرينَ (آيت : 68) |
۽ ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آهي، جيڪو الله تي ڪوڙو ٺاهه ٺاهي، يا وٽس حق اچڻ تي ان کي ڪوڙو سمجهي؟ ڇا، ڪافرن جو ٺڪاڻو جهنم ۾ ڪو نه آهي؟ |
وَالَّذينَ جٰهَدوا فينا لَنَهدِيَنَّهُم سُبُلَنا وَإِنَّ اللَّهَ لَمَعَ المُحسِنينَ (آيت : 69) |
۽ جن اسان جي واٽ ۾ ڪوشش ڪئي، انهن کي اسين ضرور پنهنجون واٽون ڏيکارينداسون_ بيشڪ الله چڱا ڪم ڪندڙن ساڻ آهي. |