الم (آيت : 1) |
الف ــ لام ــ ميم |
أَحَسِبَ النّاسُ أَن يُترَكوا أَن يَقولوا ءامَنّا وَهُم لا يُفتَنونَ (آيت : 2) |
ڇا هي ماڻهو اهو گمان ڪري ويٺا آهن ته انهن کي بغير آزمائڻ جي رڳو ايمان جي اقرار تي ڇڏيو ويندو؟ |
وَلَقَد فَتَنَّا الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَلَيَعلَمَنَّ اللَّهُ الَّذينَ صَدَقوا وَلَيَعلَمَنَّ الكٰذِبينَ (آيت : 3) |
اسان ته انهن کان اڳ سڀني گذري ويل ماڻهن جي آزمائش ڪري چڪا آهيون. الله تعالى کي ته اهو ضرور ظاهر ڪري ڏسڻو آهي ته ڪير سچا ماڻهو آهن ۽ ڪير ڪوڙا؟ |
أَم حَسِبَ الَّذينَ يَعمَلونَ السَّيِّـٔاتِ أَن يَسبِقونا ساءَ ما يَحكُمونَ (آيت : 4) |
ڇا بُرا ڪم ڪرڻ وارا اهو سمجهن ٿا ته هو اسان کان اڳتي نڪري ويندا؟ انهن جو اهو انتھائي برو فيصلو آهي. |
مَن كانَ يَرجوا لِقاءَ اللَّهِ فَإِنَّ أَجَلَ اللَّهِ لَءاتٍ وَهُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 5) |
پوءِ جيڪو ماڻهو الله تعالى سان ملڻ جي اميد رکي ٿو (ان کي سمجهڻ کپي ته) بيشڪ الله تعالى جو مقرر وقت (۽ وعدو) پورو ٿيڻ وارو آهي. بيشڪ هو خوب ٻڌندڙ ۽ وڏو ڄاڻندڙ آهي. |
وَمَن جٰهَدَ فَإِنَّما يُجٰهِدُ لِنَفسِهِ إِنَّ اللَّهَ لَغَنِىٌّ عَنِ العٰلَمينَ (آيت : 6) |
۽ جيڪو ماڻهو اسان جي راهه ۾ ڪوشش ڪندو ته اها ڪوشش سندس ئي فائدي لاءِ هوندي. بيشڪ الله تعالى تمام جھان وارن کان بي پرواهه آهي. |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَنُكَفِّرَنَّ عَنهُم سَيِّـٔاتِهِم وَلَنَجزِيَنَّهُم أَحسَنَ الَّذى كانوا يَعمَلونَ (آيت : 7) |
۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا ته اسان اهڙن ماڻهن جي براين کي ضرور ميٽائي ڇڏينداسون ۽ کين عملن جو سھڻو بدلو ڏينداسين. |
وَوَصَّينَا الإِنسٰنَ بِوٰلِدَيهِ حُسنًا وَإِن جٰهَداكَ لِتُشرِكَ بى ما لَيسَ لَكَ بِهِ عِلمٌ فَلا تُطِعهُما إِلَىَّ مَرجِعُكُم فَأُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 8) |
اسان انسان کي پنھنجي ماءُ ۽ پيءُ سان سھڻي سلوڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. جيڪڏهن ماءُ ۽ پيءُ توکي مون سان گڏ اهڙن کي شريڪ ڪرڻ تي زور ڀرين جن جي باري ۾ توکي ڪابه خبر نه آهي ته پوءِ ان ڳالهه ۾ اُنهن جو چيو نه مڃجانءِ. توهان سڀني کي مون ڏانھن ئي موٽڻو آهي، پوءِ مان توهان کي ٻڌائيندس ته توهان ڪھڙا ڪم ڪندا هئا؟ |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَنُدخِلَنَّهُم فِى الصّٰلِحينَ (آيت : 9) |
۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا ته اسان انهن کي ضرور نيڪ ماڻهن ۾ شمار ڪنداسين. |
وَمِنَ النّاسِ مَن يَقولُ ءامَنّا بِاللَّهِ فَإِذا أوذِىَ فِى اللَّهِ جَعَلَ فِتنَةَ النّاسِ كَعَذابِ اللَّهِ وَلَئِن جاءَ نَصرٌ مِن رَبِّكَ لَيَقولُنَّ إِنّا كُنّا مَعَكُم أَوَلَيسَ اللَّهُ بِأَعلَمَ بِما فى صُدورِ العٰلَمينَ (آيت : 10) |
ماڻهن مان ڪي اهڙا به آهن جن جي دعوى آهي ته اسان الله تعالى تي ايمان آندو. پوءِ جڏهن اُنهن کي الله تعالى جي رستي ۾ تڪليف اچي ٿي ته ماڻهن جي طرفان ڏنل تڪليف کي الله تعالى جي عذاب وانگر سمجهن ٿا ۽ جڏهن تنھنجي پالڻھار جي طرفان ڪا مدد پھچي ٿي ته هو فوراً چون ٿا ته اسان ته توهان سان گڏ هئاسين. ڇا الله تعالى کي جھان وارن جي دلين جي حال جي چڱيءَ طرح خبر نه آهي؟ |
وَلَيَعلَمَنَّ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا وَلَيَعلَمَنَّ المُنٰفِقينَ (آيت : 11) |
الله تعالى کي ته اهو ضرور ڏسڻو آهي ته ڪير ايمان وارو آهي ۽ ڪير منافق؟ |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لِلَّذينَ ءامَنُوا اتَّبِعوا سَبيلَنا وَلنَحمِل خَطٰيٰكُم وَما هُم بِحٰمِلينَ مِن خَطٰيٰهُم مِن شَيءٍ إِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 12) |
ڪافر ايمان وارن کي چون ٿا ته توهان اسان جي رستي جي پيروي ڪريو ته توهان جا گناهه اسان پاڻ تي کڻنداسين. حالانڪه انهن جي گناهن مان پنھنجي مٿان هو ڪجهه به نٿا کڻي سگهن. بيشڪ اِهي وڏا ڪوڙا ماڻهو آهن. |
وَلَيَحمِلُنَّ أَثقالَهُم وَأَثقالًا مَعَ أَثقالِهِم وَلَيُسـَٔلُنَّ يَومَ القِيٰمَةِ عَمّا كانوا يَفتَرونَ (آيت : 13) |
البته هو ضرور پنھنجا گناهه ۽ پنھنجي گناهن سان گڏ ٻيا گناهه به کڻندا ۽ انهن کان قيامت جي ڏينھن ڪوڙ هڻڻ جي باري ۾ ضرور پڇيو ويندو. |
وَلَقَد أَرسَلنا نوحًا إِلىٰ قَومِهِ فَلَبِثَ فيهِم أَلفَ سَنَةٍ إِلّا خَمسينَ عامًا فَأَخَذَهُمُ الطّوفانُ وَهُم ظٰلِمونَ (آيت : 14) |
۽ اسان نوح ($) کي پنھنجي قوم ڏانھن موڪليو. هن ساڍا نو سؤ سال انهن سان گڏ گذاريا پر پوءِ اُنهن کي طوفان اچي پڪڙيو ڇوته اها ظالم قوم هئي. |
فَأَنجَينٰهُ وَأَصحٰبَ السَّفينَةِ وَجَعَلنٰها ءايَةً لِلعٰلَمينَ (آيت : 15) |
پوءِ اسان اُن کي ۽ ٻيڙي ۾ سوار سڀني ماڻهن کي بچايوسين ۽ ان جي قوم کي جھان وارن لاءِ وڏي نشاني بڻائي ڇڏيو. |
وَإِبرٰهيمَ إِذ قالَ لِقَومِهِ اعبُدُوا اللَّهَ وَاتَّقوهُ ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 16) |
۽ ابراهيم ( $ ) کي موڪليو، جڏهن هُن پنھنجي قوم کي چيو ته الله تعالى جي عبادت ڪريو ۽ ان کان ڊڄو جيڪڏهن توهان ڄاڻو ته اهو توهان جي لاءِ بھتر آهي. |
إِنَّما تَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ أَوثٰنًا وَتَخلُقونَ إِفكًا إِنَّ الَّذينَ تَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ لا يَملِكونَ لَكُم رِزقًا فَابتَغوا عِندَ اللَّهِ الرِّزقَ وَاعبُدوهُ وَاشكُروا لَهُ إِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 17) |
اوهان الله تعالى کي ڇڏي بتن جي پوڄا ڪريو ٿا ۽ توهان ڪوڙ هڻو ٿا. بيشڪ الله تعالى کي ڇڏي جن جي توهان پوڄا ڪريو ٿا اهي ته توهان کي روزي ڏيڻ جو اختيار ئي نٿا رکن. سو الله تعالى کان روزي گهرو، ان جي عبادت ڪريو ۽ ان جو ئي شڪر ادا ڪريو ڇوته ان ڏي ئي توهان جو موٽڻ آهي. |
وَإِن تُكَذِّبوا فَقَد كَذَّبَ أُمَمٌ مِن قَبلِكُم وَما عَلَى الرَّسولِ إِلَّا البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 18) |
جيڪڏهن توهان (مون کي) ڪوڙو سمجهو ٿا ته اها ڪا نئين ڳالهه نه آهي. توهان کان پھريون قومون به (پنهنجي رسولن کي) ڪوڙو سمجهنديون هيون. (درحقيقت) رسول سڳوري کي صرف واضح پيغام پھچائڻ جي ذميداري ڏنل هوندي آهي. |
أَوَلَم يَرَوا كَيفَ يُبدِئُ اللَّهُ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ إِنَّ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرٌ (آيت : 19) |
ڇا انهن ماڻهن نه ڏٺو آهي ته الله تعالى مخلوق کي پھريون ڀيرو پيدا ڪرڻ کان پوءِ ان کي ٻيھر به پيدا ڪندو رهي ٿو؟ بيشڪ اهو ڪم الله تعالى جي لاءِ آسان آهي. |
قُل سيروا فِى الأَرضِ فَانظُروا كَيفَ بَدَأَ الخَلقَ ثُمَّ اللَّهُ يُنشِئُ النَّشأَةَ الءاخِرَةَ إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 20) |
تون چؤ ته زمين ۾ گهمي ڦري ڏسو ته الله تعالى ڪيئن خلق کي پھريون ڀيرو پيدا ڪري ٿو؟ پوءِ وري ان کي (مارڻ کان پوءِ) ٻيھر پيدا ڪندو. بيشڪ الله تعالى هر شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. |
يُعَذِّبُ مَن يَشاءُ وَيَرحَمُ مَن يَشاءُ وَإِلَيهِ تُقلَبونَ (آيت : 21) |
هُو جنھن کي چاهي عذاب ڪري ۽ جنھن تي چاهي رحم ڪري. توهان کي ان ڏانھن ئي موٽايو ويندو. |
وَما أَنتُم بِمُعجِزينَ فِى الأَرضِ وَلا فِى السَّماءِ وَما لَكُم مِن دونِ اللَّهِ مِن وَلِىٍّ وَلا نَصيرٍ (آيت : 22) |
توهان نه ته زمين ۾ ۽ نه ئي آسمان ۾ (ان کي) بي وس ڪري سگهو ٿا. توهان جي لاءِ الله تعالى کان سواءِ ٻيو ڪير به حمايتي ۽ مددگار نه آهي. |
وَالَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَلِقائِهِ أُولٰئِكَ يَئِسوا مِن رَحمَتى وَأُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 23) |
۽ جن ماڻهن الله تعالى جي آيتن ۽ اُن سان ملاقات جو انڪار ڪيو، اُهي اصل ۾ منھنجي رحمت کان مايوس ماڻهو آهن ۽ اُنهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. |
فَما كانَ جَوابَ قَومِهِ إِلّا أَن قالُوا اقتُلوهُ أَو حَرِّقوهُ فَأَنجىٰهُ اللَّهُ مِنَ النّارِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 24) |
پوءِ سندس قوم جو جواب رڳو اهو هو ته کيس قتل ڪريو يا باهه ۾ ساڙي ڇڏيوس. پوءِ الله تعالى کيس باهه (جي نقصان) کان بچايو. بيشڪ ان واقعي ۾ ايمان آڻيندڙ قوم لاءِ وڏيون نشانيون آهن. |
وَقالَ إِنَّمَا اتَّخَذتُم مِن دونِ اللَّهِ أَوثٰنًا مَوَدَّةَ بَينِكُم فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا ثُمَّ يَومَ القِيٰمَةِ يَكفُرُ بَعضُكُم بِبَعضٍ وَيَلعَنُ بَعضُكُم بَعضًا وَمَأوىٰكُمُ النّارُ وَما لَكُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 25) |
(باهه مان با سلامت نڪرڻ کان پوءِ ابراهيم $ ) چيو ته (ٺيڪ آ) توهان دنيا ۾ هڪ ٻئي سان دوستي نڀاهڻ خاطر الله تعالى کي ڇڏي بتن کي معبود ٺاهيو آهي، پر قيامت جي ڏينھن توهان ئي خود هڪ ٻئي (سان تعلق) جو انڪار ڪندا ۽ هڪ ٻئي تي لعنت ڪندا رهندا. پوءِ باهه ئي توهان جو اصل ٺڪاڻو هوندي ۽ توهان جو ڪوبه مددگار نه هوندو. |
فَـٔامَنَ لَهُ لوطٌ وَقالَ إِنّى مُهاجِرٌ إِلىٰ رَبّى إِنَّهُ هُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 26) |
پوءِ ان وقت صرف لوط ($) ئي مٿس ايمان آندو ۽ ابراهيم ($) چيو ته مان الله تعالى جي رستي ۾ پنھنجو وطن ڇڏيان ٿو. بيشڪ هو زبردست حڪمت وارو آهي. |
وَوَهَبنا لَهُ إِسحٰقَ وَيَعقوبَ وَجَعَلنا فى ذُرِّيَّتِهِ النُّبُوَّةَ وَالكِتٰبَ وَءاتَينٰهُ أَجرَهُ فِى الدُّنيا وَإِنَّهُ فِى الءاخِرَةِ لَمِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 27) |
۽ اسان کيس اسحاق ۽ يعقوب (ؐ) عطا ڪياسون ۽ ان جي نسل ۾ ئي نبوت ۽ ڪتاب ڏيندا رهياسين ۽ اسان کيس دنيا ۾ سھڻو بدلو عطا ڪيو. بيشڪ آخرت ۾ ته هو ضرور نيڪوڪار ٻانهن ۾ شامل هوندو. |
وَلوطًا إِذ قالَ لِقَومِهِ إِنَّكُم لَتَأتونَ الفٰحِشَةَ ما سَبَقَكُم بِها مِن أَحَدٍ مِنَ العٰلَمينَ (آيت : 28) |
۽ لوط ($) کي موڪليوسين. جڏهن هُن پنھنجي قوم کي چيو ته بيشڪ توهان اهڙو ته بي حيائيءَ وارو ڪم ڪريو ٿا جو توهان کان اڳ دنيا ۾ ڪنھن به اهڙو ڪم نه ڪيو آهي. |
أَئِنَّكُم لَتَأتونَ الرِّجالَ وَتَقطَعونَ السَّبيلَ وَتَأتونَ فى ناديكُمُ المُنكَرَ فَما كانَ جَوابَ قَومِهِ إِلّا أَن قالُوا ائتِنا بِعَذابِ اللَّهِ إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 29) |
توهان (عورتن کي ڇڏي) مردن سان قُرب ونڊيو ٿا ۽ رستن تي ويھي ڦرلُٽ ڪريو ٿا ۽ پنھنجي محفلن ۾ به بُرا ڪم ڪريو ٿا. پوءِ سندس قوم جو رڳو اهو جواب هو ته جيڪڏهن تون سچو آهين ته اسان جي مٿان الله تعالى جو عذاب آڻي ڏيکار. |
قالَ رَبِّ انصُرنى عَلَى القَومِ المُفسِدينَ (آيت : 30) |
لوط ($) چيو ته: اي منھنجا پالڻھار! هن فساد ڦھلائيندڙ قوم جي مقابلي ۾ منھنجي مدد فرماءِ. |
وَلَمّا جاءَت رُسُلُنا إِبرٰهيمَ بِالبُشرىٰ قالوا إِنّا مُهلِكوا أَهلِ هٰذِهِ القَريَةِ إِنَّ أَهلَها كانوا ظٰلِمينَ (آيت : 31) |
۽ جڏهن ابراهيم ($) وٽ اسان جا فرشتا خوشخبري کڻي آيا ته (کيس اهو به) چيائون ته اسان فلاڻي شھر کي تباهه ڪرڻ آيا آهيون. بيشڪ ان شھر جا رهاڪو ظالم آهن. |
قالَ إِنَّ فيها لوطًا قالوا نَحنُ أَعلَمُ بِمَن فيها لَنُنَجِّيَنَّهُ وَأَهلَهُ إِلَّا امرَأَتَهُ كانَت مِنَ الغٰبِرينَ (آيت : 32) |
ابراهيم ($) چيو ته اُن شھر ۾ لوط ($) به رهي ٿو. فرشتن چيو ته اسان کي سڀ معلوم آهي ته ان ۾ ڪير ڪير رهي ٿو؟ اسان سندس گهرواريءَ کي ڇڏي کيس ۽ باقي ٻين سڀني گهر وارن کي بچائينداسون. سندس گهر واري پوئتي رهجي ويندڙن سان گڏ هوندي. |
وَلَمّا أَن جاءَت رُسُلُنا لوطًا سيءَ بِهِم وَضاقَ بِهِم ذَرعًا وَقالوا لا تَخَف وَلا تَحزَن إِنّا مُنَجّوكَ وَأَهلَكَ إِلَّا امرَأَتَكَ كانَت مِنَ الغٰبِرينَ (آيت : 33) |
۽ جڏهن اسان جا فرشتا لوط ($) وٽ آيا ته انهن جي اچڻ تي هُو ڏاڍو پريشان ۽ دِل گير ٿي ويو. ان تي فرشتن چيس: تون نه ڊڄ ۽ نه ئي پريشان ٿيءُ. بيشڪ اسان توکي ۽ تنھنجي گهر وارن کي بچائينداسون، سواءِ تنھنجي گهر واريءَ جي، جيڪا پوئتي رهجي ويندڙن سان گڏ هوندي. |
إِنّا مُنزِلونَ عَلىٰ أَهلِ هٰذِهِ القَريَةِ رِجزًا مِنَ السَّماءِ بِما كانوا يَفسُقونَ (آيت : 34) |
اسان هن شھر تي سندن بدڪارين جي ڪري آسمان مان عذاب نازل ڪرڻ وارا آهيون. |
وَلَقَد تَرَكنا مِنها ءايَةً بَيِّنَةً لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 35) |
پوءِ اسان اُن شھر جا چِٽا نشان باقي ڇڏيا آهن ته جيئن عقل رکڻ واري قوم (اُنهن کي ڏسي) عبرت حاصل ڪري. |
وَإِلىٰ مَديَنَ أَخاهُم شُعَيبًا فَقالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ وَارجُوا اليَومَ الءاخِرَ وَلا تَعثَوا فِى الأَرضِ مُفسِدينَ (آيت : 36) |
۽ مدين وارن ڏانھن اسان سندن ڀاءُ شعيب ($) کي موڪليوسين. هن چيو ته: اي منھنجي قوم! الله تعالى جي عبادت ڪريو، قيامت جي ڏينھن تي يقين رکو ۽ زمين ۾ فساد نه ڦھلائيندا وتو. |
فَكَذَّبوهُ فَأَخَذَتهُمُ الرَّجفَةُ فَأَصبَحوا فى دارِهِم جٰثِمينَ (آيت : 37) |
پر انهن اُن کي ڪوڙو ڪيو، پوءِ هڪ زلزلي کين اچي وڪڙ ۾ ورتو. پوءِ هو پنھنجي پنھنجي گهرن ۾ اونڌا مئل پيا هئا. |
وَعادًا وَثَمودَا۟ وَقَد تَبَيَّنَ لَكُم مِن مَسٰكِنِهِم وَزَيَّنَ لَهُمُ الشَّيطٰنُ أَعمٰلَهُم فَصَدَّهُم عَنِ السَّبيلِ وَكانوا مُستَبصِرينَ (آيت : 38) |
۽ عاد ۽ ثمود قوم کي به تباهه ڪيوسين ۽ انهن جا گهر (اڃا تائين به) توهان جي سامهون موجود آهن. شيطان کين سندن عملن کي سھڻو ڪري ڏيکاريو ۽ اُنهن کي سڌي راهه کان روڪي ڇڏيو. حالانڪه هو سمجهدار ماڻهو هئا. |
وَقٰرونَ وَفِرعَونَ وَهٰمٰنَ وَلَقَد جاءَهُم موسىٰ بِالبَيِّنٰتِ فَاستَكبَروا فِى الأَرضِ وَما كانوا سٰبِقينَ (آيت : 39) |
قارون، فرعون ۽ هامان کي به هلاڪ ڪري ڇڏيوسين ۽ انهن سڀني وٽ موسى ($) چٽيون نشانيون کڻي آيو هو پر تڏهن به انهن زمين ۾ غرور ڪيو. هو سڀ اسان کان ڀڄي وڃڻ وارا ته نه هئا. |
فَكُلًّا أَخَذنا بِذَنبِهِ فَمِنهُم مَن أَرسَلنا عَلَيهِ حاصِبًا وَمِنهُم مَن أَخَذَتهُ الصَّيحَةُ وَمِنهُم مَن خَسَفنا بِهِ الأَرضَ وَمِنهُم مَن أَغرَقنا وَما كانَ اللَّهُ لِيَظلِمَهُم وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 40) |
پوءِ اسان هر ڪنھن کي پنھنجي پنھنجي گناهن ۾ پڪڙيو، انهن مان ڪن جي مٿان پٿرن جو مينھن وسايو، ڪن کي سخت رڙ جي آواز اچي پڪڙيو، ڪن کي اسان زمين ۾ ڳھائي ڇڏيو ۽ وري ڪن کي پاڻي ۾ غرق ڪري ڇڏيو. الله تعالى ڪنھن تي ذري جيترو به ظلم نه ڪندو آهي پر ماڻهو پنھنجو پاڻ تي ظلم ڪندا آهن. |
مَثَلُ الَّذينَ اتَّخَذوا مِن دونِ اللَّهِ أَولِياءَ كَمَثَلِ العَنكَبوتِ اتَّخَذَت بَيتًا وَإِنَّ أَوهَنَ البُيوتِ لَبَيتُ العَنكَبوتِ لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 41) |
جيڪي ماڻهو الله تعالى کي ڇڏي ٻين کي پنھنجو حمايتي ۽ مددگار ٺاهيندا آهن، انهن جو مثال ڪوريئڙي وانگر آهي جيڪو پنھنجي لاءِ گهر ٺاهيندو آهي. بيشڪ سڀني گهرن کان وڌيڪ ڪمزور گهر ڪوريئڙي جو هوندو آهي. ڪاش! هي ماڻهو (ان مثال مان) سمجهي سگهن. |
إِنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما يَدعونَ مِن دونِهِ مِن شَيءٍ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 42) |
هي ماڻهو الله تعالى کي ڇڏي جن کي به سڏين ٿا تن کي الله تعالى خوب ڄاڻي ٿو ۽ هو زبردست حڪمت وارو آهي. |
وَتِلكَ الأَمثٰلُ نَضرِبُها لِلنّاسِ وَما يَعقِلُها إِلَّا العٰلِمونَ (آيت : 43) |
اهي سڀ مثال اسان ماڻهن کي سمجهائڻ لاءِ ئي بيان ڪريون ٿا پر انهن مثالن کي رڳو علم وارا ماڻهو ئي سمجهندا آهن. |
خَلَقَ اللَّهُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِلمُؤمِنينَ (آيت : 44) |
بيشڪ آسمانن ۽ زمين کي الله تعالى برحق پيدا ڪيو آهي. بيشڪ ان ۾ ايمان آڻيندڙن لاءِ وڏي نشاني آهي. |
اتلُ ما أوحِىَ إِلَيكَ مِنَ الكِتٰبِ وَأَقِمِ الصَّلوٰةَ إِنَّ الصَّلوٰةَ تَنهىٰ عَنِ الفَحشاءِ وَالمُنكَرِ وَلَذِكرُ اللَّهِ أَكبَرُ وَاللَّهُ يَعلَمُ ما تَصنَعونَ (آيت : 45) |
(اي نبيﷺ!) ڪتاب مان جيڪو توڏانهن وحي ڪيو وڃي ٿو ان جي تلاوت ڪر ۽ نماز قائم ڪر، بيشڪ نماز بيحيائي ۽ برائي جي ڪمن کان روڪي ٿي ۽ الله تعالى جو ذڪر ئي سڀ کان وڏي شيءِ آهي ۽ جيڪو ڪجهه توهان ڪريو ٿا الله تعالى کي سڀ خبر آهي. |
وَلا تُجٰدِلوا أَهلَ الكِتٰبِ إِلّا بِالَّتى هِىَ أَحسَنُ إِلَّا الَّذينَ ظَلَموا مِنهُم وَقولوا ءامَنّا بِالَّذى أُنزِلَ إِلَينا وَأُنزِلَ إِلَيكُم وَإِلٰهُنا وَإِلٰهُكُم وٰحِدٌ وَنَحنُ لَهُ مُسلِمونَ (آيت : 46) |
اهل ڪتاب (يھودين ۽ عيسائين) مان جن ظلم ڪيو آهي تن کان سواءِ باقي ٻين سان سھڻي طريقي سان بحث ڪريو ۽ کين چئو ته اسان ان تي ايمان آندو آهي جيڪو اسان تي نازل ٿيو آهي، ان تي به جيڪو اوهان تي نازل ٿيو آهي. اسان جو ۽ توهان جو معبود هڪ ئي آهي ۽ اسان سڀ ان جا ئي فرمانبردار آهيون. |
وَكَذٰلِكَ أَنزَلنا إِلَيكَ الكِتٰبَ فَالَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ يُؤمِنونَ بِهِ وَمِن هٰؤُلاءِ مَن يُؤمِنُ بِهِ وَما يَجحَدُ بِـٔايٰتِنا إِلَّا الكٰفِرونَ (آيت : 47) |
(جھڙي طرح گذريل ڪتاب نازل ڪيا هئا) اهڙي طرح اسان تنھنجي مٿان به ڪتاب نازل ڪيو آهي پوءِ جن کي اڳ ۾ ڪتاب ڏنو ويو هو سي به هن ڪتاب تي ايمان آڻين ٿا ۽ هنن (يعني مڪي جي) ماڻهن مان به ڪيترائي ماڻهو (هن ڪتاب تي) ايمان آڻي رهيا آهن. ڪافرن کان سواءِ اسان جي آيتن جو ٻيو ڪير به انڪار نٿو ڪري. |
وَما كُنتَ تَتلوا مِن قَبلِهِ مِن كِتٰبٍ وَلا تَخُطُّهُ بِيَمينِكَ إِذًا لَارتابَ المُبطِلونَ (آيت : 48) |
(اي نبيﷺ!) هن ڪتاب کان اڳ تون ڪنھن به ڪتاب کي نه ته پڙهندو هئين ۽ نه ئي پنھنجي هٿ سان لکندو هئين. جيڪڏهن اها صلاحيت توهان وٽ موجود هجي ها ته هي ڪوڙا ماڻهو شڪ ۾ پئجي وڃن ها. |
بَل هُوَ ءايٰتٌ بَيِّنٰتٌ فى صُدورِ الَّذينَ أوتُوا العِلمَ وَما يَجحَدُ بِـٔايٰتِنا إِلَّا الظّٰلِمونَ (آيت : 49) |
بلڪه هي ته اهڙيون کليون نشانيون آهن جيڪي صرف علم وارن جي سينن ۾ محفوظ هونديون آهن. اسان جي آيتن جو انڪار ظالم ماڻهن کان سواءِ ٻيو ڪير به نه ڪندو آهي. |
وَقالوا لَولا أُنزِلَ عَلَيهِ ءايٰتٌ مِن رَبِّهِ قُل إِنَّمَا الءايٰتُ عِندَ اللَّهِ وَإِنَّما أَنا۠ نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 50) |
هي ماڻهو چون ٿا ته هن شخص تي سندس پالڻھار جي طرفان (ظاهري) معجزا ڇو نه لاٿا ويا. تون چؤ ته بيشڪ معجزا ته الله تعالى جي هٿ ۾ آهن. مان ته رڳو صاف ڊيڄاريندڙ ٿي آيو آهيان. |
أَوَلَم يَكفِهِم أَنّا أَنزَلنا عَلَيكَ الكِتٰبَ يُتلىٰ عَلَيهِم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَرَحمَةً وَذِكرىٰ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 51) |
ڇا انهن ماڻهن لاءِ اهو ڪافي نه آهي ته اسان تنھنجي مٿان (بغير پڙهڻ لکڻ جي) هي ڪتاب نازل ڪيو آهي، جيڪو کين پڙهي ٻڌايو وڃي ٿو. بيشڪ ايمان آڻڻ وارن لاءِ ته هن ۾ رحمت به آهي ته نصيحت به . |
قُل كَفىٰ بِاللَّهِ بَينى وَبَينَكُم شَهيدًا يَعلَمُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَالَّذينَ ءامَنوا بِالبٰطِلِ وَكَفَروا بِاللَّهِ أُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 52) |
تون چؤ ته منھنجي ۽ توهان جي وچ ۾ صرف الله تعالى جي گواهي ڪافي آهي. جيڪو آسمانن ۽ زمين جي هر شيءِ کي ڄاڻي ٿو. خساري ۾ ته اهي ماڻهو آهن، جن ڪوڙ تي ايمان آندو ۽ الله تعالى جو انڪار ڪيو. |
وَيَستَعجِلونَكَ بِالعَذابِ وَلَولا أَجَلٌ مُسَمًّى لَجاءَهُمُ العَذابُ وَلَيَأتِيَنَّهُم بَغتَةً وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 53) |
هي ماڻهو توهان کان (هروڀرو) جلدي عذاب اچڻ جي گُهر ڪن ٿا پر جيڪڏهن عذاب جو وقت پهريان مقرر نه هجي ها ته اهو ته (هن وقت تائين) مٿن اچي چڪو هجي ها. اهو عذاب ته مٿن اوچتو اهڙي وقت ايندو جو کين خبر ئي نه پوندي. |
يَستَعجِلونَكَ بِالعَذابِ وَإِنَّ جَهَنَّمَ لَمُحيطَةٌ بِالكٰفِرينَ (آيت : 54) |
هي ماڻهو توهان کان جلدي عذاب جي گُهر ڪن ٿا حالانڪه جھنم ته انهن ڪافرن کي گهيري ۾ آڻي چڪو آهي. |
يَومَ يَغشىٰهُمُ العَذابُ مِن فَوقِهِم وَمِن تَحتِ أَرجُلِهِم وَيَقولُ ذوقوا ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 55) |
جنھن ڏينھن کين مٿان کان پيرن تائين عذاب وڪوڙي ڇڏيندو، ان ڏينهن الله تعالى کين چوندو ته پنھنجي عملن جو مزو چکو. |
يٰعِبادِىَ الَّذينَ ءامَنوا إِنَّ أَرضى وٰسِعَةٌ فَإِيّٰىَ فَاعبُدونِ (آيت : 56) |
اي منھنجا مؤمن ٻانهو! (هجرت ڪري وڃو ڇو ته) منھنجي زمين وڏي ڪشادي آهي (بس! جتي به هجو) منھنجي بندگي ڪندا رهو. |
كُلُّ نَفسٍ ذائِقَةُ المَوتِ ثُمَّ إِلَينا تُرجَعونَ (آيت : 57) |
هر ساهواري کي موت جو مزو چکڻو آهي پوءِ توهان سڀني کي اسان ڏي ئي موٽايو ويندو. |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَنُبَوِّئَنَّهُم مِنَ الجَنَّةِ غُرَفًا تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها نِعمَ أَجرُ العٰمِلينَ (آيت : 58) |
۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا، اسان انهن کي جنت جي عاليشان بنگلن ۾ رهائينداسون جن جي هيٺان (مختلف قسمن جون) نهرون وهنديون، اهي ان ۾ هميشه رهندا، (نيڪ) عمل ڪرڻ وارن جو ڪيڏو نه بھترين اجرآهي. |
الَّذينَ صَبَروا وَعَلىٰ رَبِّهِم يَتَوَكَّلونَ (آيت : 59) |
جن ماڻهن صبر کان ڪم ورتو ۽ الله تعالى تي ڀروسو ڪندا رهيا (ته اهي سڀ نعمتون انهن جي لاءِ ئي آهن). |
وَكَأَيِّن مِن دابَّةٍ لا تَحمِلُ رِزقَهَا اللَّهُ يَرزُقُها وَإِيّاكُم وَهُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 60) |
ڪيترائي اهڙا جانور آهن جيڪي پنھنجي روزي گڏ ڪري نه رکندا آهن. الله تعالى انهن کي به ۽ توهان کي به روزي ڏئي ٿو ۽ هو خوب ٻڌندڙ ۽ وڏي علم وارو آهي. |
وَلَئِن سَأَلتَهُم مَن خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَسَخَّرَ الشَّمسَ وَالقَمَرَ لَيَقولُنَّ اللَّهُ فَأَنّىٰ يُؤفَكونَ (آيت : 61) |
جيڪڏهن تون انهن کان پڇا ڪندين ته آسمانن ۽ زمين کي ڪنھن پيدا ڪيو آهي، سج ۽ چنڊ کي ڪنھن هڪ نظام هيٺ قابو ڪري رکيو آهي؟ ته هو ضرور چوندا ته الله تعالى. پوءِ به هو ڪاڏي اُبتا ڦري وڃن ٿا. |
اللَّهُ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَيَقدِرُ لَهُ إِنَّ اللَّهَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 62) |
الله تعالى پنھنجي ٻانهن مان جنھن جو چاهي رزق ڪشادو ڪري ٿو ۽ جنھن جو چاهي گهٽائي ٿو. بيشڪ الله تعالى هر شيءِ کان خوب واقف آهي. |
وَلَئِن سَأَلتَهُم مَن نَزَّلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَحيا بِهِ الأَرضَ مِن بَعدِ مَوتِها لَيَقولُنَّ اللَّهُ قُلِ الحَمدُ لِلَّهِ بَل أَكثَرُهُم لا يَعقِلونَ (آيت : 63) |
۽ جيڪڏهن تون انهن کان پڇا ڪندين ته ڪير آسمان مان پاڻي نازل ڪري غيرآباد زمين کي آباد ڪري ٿو ته هو ضرور چوندا ته الله تعالى. تون چؤ ته (بيشڪ) سڀ تعريفون الله تعالى جي لاءِ ئي آهن. پر گهڻا ماڻهو عقل کان ڪم نٿا وٺن. |
وَما هٰذِهِ الحَيوٰةُ الدُّنيا إِلّا لَهوٌ وَلَعِبٌ وَإِنَّ الدّارَ الءاخِرَةَ لَهِىَ الحَيَوانُ لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 64) |
دنيا جي زندگي ته رڳو کيل تماشي وانگر آهي ۽ آخرت جي زندگي ئي حقيقي زندگي آهي (جنهن ۾ موت نه هوندو) ڪاش! انهن ماڻهن کي معلوم ٿي وڃي. |
فَإِذا رَكِبوا فِى الفُلكِ دَعَوُا اللَّهَ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ فَلَمّا نَجّىٰهُم إِلَى البَرِّ إِذا هُم يُشرِكونَ (آيت : 65) |
اُهي ماڻهو جڏهن ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيندا آهن ته (طوفان کي ڏسي) دين کي الله تعاليٰ جي لاءِ خالص ڪري ان کي پُڪاريندا آهن پر جڏهن هو کين خشڪي ڏي بچائي آڻيندو آهي ته هو فوراً شرڪ ڪرڻ لڳندا آهن. |
لِيَكفُروا بِما ءاتَينٰهُم وَلِيَتَمَتَّعوا فَسَوفَ يَعلَمونَ (آيت : 66) |
ته جيئن هو الله تعالى جي ڪيل مھرباني جي ناشڪري ڪن. (ٺيڪ آ) مزا ڪري وٺو. کين جلد ئي خبر پئجي ويندي. |
أَوَلَم يَرَوا أَنّا جَعَلنا حَرَمًا ءامِنًا وَيُتَخَطَّفُ النّاسُ مِن حَولِهِم أَفَبِالبٰطِلِ يُؤمِنونَ وَبِنِعمَةِ اللَّهِ يَكفُرونَ (آيت : 67) |
ڇا هي ماڻهو نٿا ڏسن ته (مڪي جي) حرم کي اسان امن وارو علائقو بنائي ڇڏيو آهي جڏهن ته ٻين علائقن مان ماڻهو کنڀجي وڃن ٿا. پوءِ به اُهي ڪوڙ تي ايمان آڻي الله تعالى جي نعمت جي ناشڪري ڪن ٿا. |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أَو كَذَّبَ بِالحَقِّ لَمّا جاءَهُ أَلَيسَ فى جَهَنَّمَ مَثوًى لِلكٰفِرينَ (آيت : 68) |
ان کان وڌيڪ ٻيو ڪير ظالم ٿي سگهي ٿو؟ جيڪو الله تعالى تي ڪوڙ گهڙي ۽ جڏهن حق ڳالهه وٽس اچي ته ان کي به ڪوڙو ڪري. ڇا اهڙن ڪافرن لاءِ جھنم جي جاءِ نه آهي؟ |
وَالَّذينَ جٰهَدوا فينا لَنَهدِيَنَّهُم سُبُلَنا وَإِنَّ اللَّهَ لَمَعَ المُحسِنينَ (آيت : 69) |
۽ جيڪي ماڻهو اسان جي راهه ۾ ڪوشش ڪندا ته اسان کين ضرور سڌو رستو ڏيکارينداسون. بيشڪ الله تعالى نيڪوڪار ماڻهن سان ئي گڏ آهي. |