الم (آيت : 1) |
ا-ل-م |
أَحَسِبَ النّاسُ أَن يُترَكوا أَن يَقولوا ءامَنّا وَهُم لا يُفتَنونَ (آيت : 2) |
ڇا ائين سمجهيو آهي ماڻهن ته کين رڳو ايترو چوڻ تي ڇڏيو ويندو ته اسان ايمان آندو ۽ انهن کي آزمايو نه ويندو؟ |
وَلَقَد فَتَنَّا الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَلَيَعلَمَنَّ اللَّهُ الَّذينَ صَدَقوا وَلَيَعلَمَنَّ الكٰذِبينَ (آيت : 3) |
جڏهن ته پرکيو آهي انهن ماڻهن کي جيڪي کانئن اڳي گذري چڪا آهن. الله کي ته اهو ڏسڻو آهي ته انهن مان ڪير سچا آهن ۽ اهو به ڏسڻو آهي ته ڪير ڪوڙا آهن؟ |
أَم حَسِبَ الَّذينَ يَعمَلونَ السَّيِّـٔاتِ أَن يَسبِقونا ساءَ ما يَحكُمونَ (آيت : 4) |
ڇا اهي ماڻهو هي سمجهي رهيا آهن ته اهي جيڪي بڇڙايون ڪن پيا اهي اسان کان گوءِ کڻي ويندا؟ اهو غلط فيصلو آهي جيڪو انهن ڪيو آهي |
مَن كانَ يَرجوا لِقاءَ اللَّهِ فَإِنَّ أَجَلَ اللَّهِ لَءاتٍ وَهُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 5) |
جيڪو چاهي ٿو ملڻ الله سان، ان کي اهو معلوم هئڻ گهرجي ته الله سان ملڻ جو وقت اچڻ وارو آهي، ۽ اهو (الله) سڀڪجهه ٻڌي ۽ ڄاڻي ٿو |
وَمَن جٰهَدَ فَإِنَّما يُجٰهِدُ لِنَفسِهِ إِنَّ اللَّهَ لَغَنِىٌّ عَنِ العٰلَمينَ (آيت : 6) |
۽ جيڪو به شخص جهاد ڪندو (دين جي لاءِ) ته اهو جهاد هو پنهنجي ڀلي لاءِ ئي ڪندو، بيشڪ الله بي نياز آهي دنيا جهان وارن کان |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَنُكَفِّرَنَّ عَنهُم سَيِّـٔاتِهِم وَلَنَجزِيَنَّهُم أَحسَنَ الَّذى كانوا يَعمَلونَ (آيت : 7) |
۽ جيڪي ماڻهو ايمان آڻيندا ۽ سندن عمل نيڪ هوندا، ته کانئن پري ڪنداسين سندن برايون ۽ کين بدلو ڏينداسين سٺو سندن عملن جو (جيڪي اهي ڪندا) |
وَوَصَّينَا الإِنسٰنَ بِوٰلِدَيهِ حُسنًا وَإِن جٰهَداكَ لِتُشرِكَ بى ما لَيسَ لَكَ بِهِ عِلمٌ فَلا تُطِعهُما إِلَىَّ مَرجِعُكُم فَأُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 8) |
۽ هدايت آهي اسان جي ته انسان پنهنجي والدين سان سهڻو سلوڪ ڪري، پر جيڪڏهن اهي زور ڀرين ته تون ڪنهن اهڙي (خدا) کي ڀائيوار مڃ، جنهن کي تون (منهنجي شريڪ طور نٿو ڄاڻين)، ته سندن اطاعت نه ڪر، توهان سڀني کي آخرڪار مون وٽ ئي اچڻو آهي. آئون توهان کي ٻڌائيندس ته توهان ڇا ڪندا رهيا آهيو |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَنُدخِلَنَّهُم فِى الصّٰلِحينَ (آيت : 9) |
۽ جن ماڻهن ايمان آندو هوندو ۽ عمل نيڪ ڪيا هوندا، تن کي اسان ضرور داخل ڪنداسون صالحن (جي ٽولي) ۾ |
وَمِنَ النّاسِ مَن يَقولُ ءامَنّا بِاللَّهِ فَإِذا أوذِىَ فِى اللَّهِ جَعَلَ فِتنَةَ النّاسِ كَعَذابِ اللَّهِ وَلَئِن جاءَ نَصرٌ مِن رَبِّكَ لَيَقولُنَّ إِنّا كُنّا مَعَكُم أَوَلَيسَ اللَّهُ بِأَعلَمَ بِما فى صُدورِ العٰلَمينَ (آيت : 10) |
۽ ڪو ماڻهن مان اهڙو به آهي، جيڪو چوي ٿو ته اسان ايمان آندو الله تي، پر جڏهن اهو ستايو وڃي ٿو الله جي معاملي ۾ ته اهو ماڻهن جي وڌل آزمائش کي عذاب ٿو سمجهي الله جو، ۽ جڏهن ايندي آهي (فتح) مدد تنهنجي رب طرفان ته اهو ئي شخص چوندو آهي ته، اسان توهان سان گڏ هئاسين، ته ڇا الله کي معلوم ناهي چڱيءَ طرح سان دنيا وارن ماڻهن جي دلين جو حال؟ |
وَلَيَعلَمَنَّ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا وَلَيَعلَمَنَّ المُنٰفِقينَ (آيت : 11) |
۽ ضرور ڏسڻو ئي آهي الله کي ته، ڪير ايمان وارا آهن ۽ ڏسڻ هي به گهرندو ته منافق ڪير آهن؟ |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لِلَّذينَ ءامَنُوا اتَّبِعوا سَبيلَنا وَلنَحمِل خَطٰيٰكُم وَما هُم بِحٰمِلينَ مِن خَطٰيٰهُم مِن شَيءٍ إِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 12) |
۽ چون ٿا اهي ڪافر انهن ماڻهن کي جن ايمان آندو آهي ته، توهان پيروي ڪريو اسان جي ۽ توهان جا گناهه اسان پاڻ کڻنداسون، ۽ جڏهن ته انهن جا گناهه ڪير به پاڻ تي کڻڻ وارا نه آهن پنهنجي مٿان، اهي نسورو ڪوڙ ٿا ڪن |
وَلَيَحمِلُنَّ أَثقالَهُم وَأَثقالًا مَعَ أَثقالِهِم وَلَيُسـَٔلُنَّ يَومَ القِيٰمَةِ عَمّا كانوا يَفتَرونَ (آيت : 13) |
۽ ها، اهي ته ضرور پنهنجا بار ته کڻندا پر ٻيا ڪيترا بار به کڻندا پاڻ تي، ۽ کانئن پڇاڻو به ٿيندو ڏينهن قيامت جي پڪ سان انهن بهتانن جو جيڪي اهي مڙهيندا هئا |
وَلَقَد أَرسَلنا نوحًا إِلىٰ قَومِهِ فَلَبِثَ فيهِم أَلفَ سَنَةٍ إِلّا خَمسينَ عامًا فَأَخَذَهُمُ الطّوفانُ وَهُم ظٰلِمونَ (آيت : 14) |
۽ موڪليوسين نوح کي اسان سندس قوم ڏي جيڪو انهن ۾ رهيو هڪ هزار سال گهٽ پنجاهه جي، پوءِ آخرڪار انهن کي اچي ورايو طوفان ان حالت ۾، ڇاڪاڻ ته اهي ظالم هئا |
فَأَنجَينٰهُ وَأَصحٰبَ السَّفينَةِ وَجَعَلنٰها ءايَةً لِلعٰلَمينَ (آيت : 15) |
پوءِ بچايوسين ان کي ۽ انهن ٻيڙي وارن کي، ۽ بڻايوسين ان کي عبرت جي نشاني دنيا وارن جي لاءِ |
وَإِبرٰهيمَ إِذ قالَ لِقَومِهِ اعبُدُوا اللَّهَ وَاتَّقوهُ ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 16) |
۽ ابراهيم کي موڪليوسين جڏهن هن پنهنجي قوم کي چيو ته، بندگي ڪريو الله جي ۽ کانئس ڊڄو، اهو ئي توهان جي لاءِ سٺو آهي، جيڪر توهان (اها ڳالهه) سمجهي وٺو |
إِنَّما تَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ أَوثٰنًا وَتَخلُقونَ إِفكًا إِنَّ الَّذينَ تَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ لا يَملِكونَ لَكُم رِزقًا فَابتَغوا عِندَ اللَّهِ الرِّزقَ وَاعبُدوهُ وَاشكُروا لَهُ إِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 17) |
حقيقت هيءَ آهي ته جن جي عبادت ڪريو ٿا هڪ خدا کي ڇڏي، اهي ته رڳو بت آهن ۽ توهان ته ڪوڙ پيا گهڙيو، حقيقت ۾ جن جي توهان پوڄا ڪريو پيا الله کي ڇڏي سي ته ڪوبه اختيار ئي نٿا رکن توهان کي رزق ڏيڻ جو، گُهرڻو اٿو ته الله کان رزق گهرو ۽ بندگي به انهيءَ جي ڪريو ۽ شڪر به انهيءَ جو ادا ڪريو، (ڇوته) ان ڏي ئي موٽايا ويندؤ |
وَإِن تُكَذِّبوا فَقَد كَذَّبَ أُمَمٌ مِن قَبلِكُم وَما عَلَى الرَّسولِ إِلَّا البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 18) |
۽ جيڪڏهن ڪوڙو ٿا چئو، ته پوءِ ڪوڙو ته توهان کان اڳي ڪيترين قومن چيو آهي، ۽ ڪابه ذميواري رسولن تي ناهي سواءِ سڌي سنئين پيغام پهچائڻ جي |
أَوَلَم يَرَوا كَيفَ يُبدِئُ اللَّهُ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ إِنَّ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرٌ (آيت : 19) |
ڇا انهن ماڻهن ڪڏهن ڏٺو ئي ناهي ته ڪهڙي نئين طرح سان الله تخليق جي شروعات ڪندو آهي ۽ ٻيهر موٽائيندو آهي، بيشڪ موٽائڻ انهيءَ جو الله لاءِ وڌيڪ آسان آهي |
قُل سيروا فِى الأَرضِ فَانظُروا كَيفَ بَدَأَ الخَلقَ ثُمَّ اللَّهُ يُنشِئُ النَّشأَةَ الءاخِرَةَ إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 20) |
(اي نبي!) هنن کي چؤ ته، گهمي ڦري ڏسو زمين ۾، پوءِ ڏسو ته هن (الله) ڪهڙيءَ طرح خلق جي شروعات ڪئي آهي، پوءِ اهو الله ئي ٻيهر حياتي بخشيندو، بيشڪ اهو الله ئي آهي جيڪو هر شيءِ تي قادر (وس وارو) آهي |
يُعَذِّبُ مَن يَشاءُ وَيَرحَمُ مَن يَشاءُ وَإِلَيهِ تُقلَبونَ (آيت : 21) |
سزا ڏئي جنهن کي وڻيس ۽ رحم ڪري جنهن تي وڻيس، اهو ئي آهي جنهن ڏي سڀ موٽايا ويندؤ |
وَما أَنتُم بِمُعجِزينَ فِى الأَرضِ وَلا فِى السَّماءِ وَما لَكُم مِن دونِ اللَّهِ مِن وَلِىٍّ وَلا نَصيرٍ (آيت : 22) |
۽ نه توهين (اهڙا آهيو) جو عاجز ڪرڻ وارا هجو زمين ۾، نه وري آسمان ۾، ۽ ڪير به اهڙو نه آهي جيڪو الله کان بچائڻ وارو ڪو مددگار آهي، نه وري سرپرست ئي آهي توهان لاءِ |
وَالَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَلِقائِهِ أُولٰئِكَ يَئِسوا مِن رَحمَتى وَأُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 23) |
۽ جن ماڻهن انڪار ڪيو الله جي آيتن جو ۽ ساڻس ملاقات (قيامت) جو، سي ته مايوس آهن منهنجي رحمت کان، ۽ اهڙن ماڻهن جي لاءِ دردناڪ عذاب (سزا) آهي |
فَما كانَ جَوابَ قَومِهِ إِلّا أَن قالُوا اقتُلوهُ أَو حَرِّقوهُ فَأَنجىٰهُ اللَّهُ مِنَ النّارِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 24) |
پوءِ (ابراهيم جي) قوم جو جواب ان کان سواءِ ڪجهه نه هو، انهن چيو ته، قتل ڪريوس يا ساڙيوس، آخرڪار بچائي ورتو ان کي الله ان باهه کان، بيشڪ (انهن ڳالهين ۾) نشانيون آهن انهن ماڻهن لاءِ جيڪي ايمان آڻڻ وارا آهن |
وَقالَ إِنَّمَا اتَّخَذتُم مِن دونِ اللَّهِ أَوثٰنًا مَوَدَّةَ بَينِكُم فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا ثُمَّ يَومَ القِيٰمَةِ يَكفُرُ بَعضُكُم بِبَعضٍ وَيَلعَنُ بَعضُكُم بَعضًا وَمَأوىٰكُمُ النّارُ وَما لَكُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 25) |
۽ ان چيو، بيشڪ توهان ورتو آهي الله کي ڇڏي بتن کي پنهنجي وچ ۾ محبت جو وسيلو ڪري دنيا جي حياتيءَ ۾، پر ڏينهن قيامت جي توهان انڪار ڪندؤ هڪ ٻئي جو ۽ لعنت ڪندؤ (توهان) هڪ ٻئي تي، ۽ ٺڪاڻو توهان جو باهه هوندي، ۽ ڪوبه توهان جو مددگار نه هوندو |
فَـٔامَنَ لَهُ لوطٌ وَقالَ إِنّى مُهاجِرٌ إِلىٰ رَبّى إِنَّهُ هُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 26) |
پوءِ کيس مڃيو لوط، ۽ چيو (ابراهيم) بيشڪ آءٌ هجرت ڪريان ٿو پنهنجي رب ڏانهن، بيشڪ اهو ئي ڏاڍو آهي حڪمت وارو آهي |
وَوَهَبنا لَهُ إِسحٰقَ وَيَعقوبَ وَجَعَلنا فى ذُرِّيَّتِهِ النُّبُوَّةَ وَالكِتٰبَ وَءاتَينٰهُ أَجرَهُ فِى الدُّنيا وَإِنَّهُ فِى الءاخِرَةِ لَمِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 27) |
۽ اسان کيس عطا ڪيو اسحاق ۽ يعقوب (جهڙو اولاد) ۽ رکيوسين سلسلو سندس نسل ۾ نبوت ۽ ڪتاب جو ۽ عطا ڪيوسين کيس اجر نه فقط دنيا ۾، پر بيشڪ اهو آخرت ۾ به صالحن مان هوندو |
وَلوطًا إِذ قالَ لِقَومِهِ إِنَّكُم لَتَأتونَ الفٰحِشَةَ ما سَبَقَكُم بِها مِن أَحَدٍ مِنَ العٰلَمينَ (آيت : 28) |
۽ موڪليوسين لوط کي جڏهن هن چيو پنهنجي قوم کي، بيشڪ توهان اهو بي حيائي وارو ڪم ڪريو ٿا، جيڪو توهان کان اڳ ڪنهن به نه ڪيو آهي (هن رهندي) دنيا وارن مان |
أَئِنَّكُم لَتَأتونَ الرِّجالَ وَتَقطَعونَ السَّبيلَ وَتَأتونَ فى ناديكُمُ المُنكَرَ فَما كانَ جَوابَ قَومِهِ إِلّا أَن قالُوا ائتِنا بِعَذابِ اللَّهِ إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 29) |
ڇا توهان جو حال هي آهي جو وڃو ٿا (بڇڙائي لاءِ) مَردن وٽ ۽ رهزني ڪريو ٿا ۽ پنهنجين مجلسن ۾ ڪريو ٿا بڇڙائي وارا برائي جا ڪم؟ پوءِ ڪوبه جواب ڪونه هو سندس قوم وٽ سواءِ ان جي ته، انهن چيو، ڀلا آڻي ڏيکار اهو عذاب الله جو (جنهن کان ڊيڄارين ٿو) تون جيڪڏهن سچو آهين |
قالَ رَبِّ انصُرنى عَلَى القَومِ المُفسِدينَ (آيت : 30) |
(لوط) چيو، اي منهنجا رب! مدد فرماءِ منهنجي انهن فسادي ماڻهن جي مقابلي ۾ |
وَلَمّا جاءَت رُسُلُنا إِبرٰهيمَ بِالبُشرىٰ قالوا إِنّا مُهلِكوا أَهلِ هٰذِهِ القَريَةِ إِنَّ أَهلَها كانوا ظٰلِمينَ (آيت : 31) |
۽ جڏهن پهتا اسان جا موڪليل (فرشتا) ابراهيم وٽ خوشخبري کڻي، ته انهن کيس چيو، اسان هلاڪ ڪرڻ وارا آهيون هن وستيءَ جي رهاڪن کي، بيشڪ ان جا ماڻهو تمام وڏا ظالم بنجي چڪا آهن |
قالَ إِنَّ فيها لوطًا قالوا نَحنُ أَعلَمُ بِمَن فيها لَنُنَجِّيَنَّهُ وَأَهلَهُ إِلَّا امرَأَتَهُ كانَت مِنَ الغٰبِرينَ (آيت : 32) |
(ابراهيم) چين، بيشڪ اتي ته لوط (موجود) آهي، انهن (فرشتن) وراڻيو، اسان چڱيءَ طرح ڄاڻون ٿا ته اتي ڪير آهي، اسان کيس بچائينداسين ۽ سندس گهر وارن کي به سواءِ سندس زال جي، اها پوئتي ئي هوندي رهڻ وارن ۾ |
وَلَمّا أَن جاءَت رُسُلُنا لوطًا سيءَ بِهِم وَضاقَ بِهِم ذَرعًا وَقالوا لا تَخَف وَلا تَحزَن إِنّا مُنَجّوكَ وَأَهلَكَ إِلَّا امرَأَتَكَ كانَت مِنَ الغٰبِرينَ (آيت : 33) |
۽ پوءِ جڏهن پهتا اسان جا موڪليل (قاصد) لوط وٽ، ته اهو سخت پريشان ۽ تنگ دل ٿي گهٻرائجي ويو، ۽ انهن (فرشتن) چيو، ڊڄ نه ۽ نه وري ڪو ڏک ڪر، اسان بچائينداسين توکي ۽ تنهنجي گهر وارن کي سواءِ تنهنجي زال جي جيڪا هوندي پوئتي رهڻ وارن ۾ |
إِنّا مُنزِلونَ عَلىٰ أَهلِ هٰذِهِ القَريَةِ رِجزًا مِنَ السَّماءِ بِما كانوا يَفسُقونَ (آيت : 34) |
تحقيق اسان نازل ڪرڻ وارا آهيون هن وستيءَ وارن تي عذاب آسمان تان، انهيءَ ڪري جو اهي گناهه (فسق) ڪندڙ هئا |
وَلَقَد تَرَكنا مِنها ءايَةً بَيِّنَةً لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 35) |
۽ اسان ڇڏي آهي ان وستيءَ جي نشاني پڌري طور تي، انهن ماڻهن لاءِ جيڪي عقل کان ڪم وٺن ٿا |
وَإِلىٰ مَديَنَ أَخاهُم شُعَيبًا فَقالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ وَارجُوا اليَومَ الءاخِرَ وَلا تَعثَوا فِى الأَرضِ مُفسِدينَ (آيت : 36) |
۽ موڪليوسين مدين ڏي سندن ڀاءُ شعيب کي، پوءِ ان چيو، ”اي منهنجي قوم! عبادت ڪريو الله جي ۽ رکو اميد قيامت جي ڏينهن جي ۽ ڏاڍايون ڪندا نه ڦرو زمين ۾ فسادي بڻجي“ |
فَكَذَّبوهُ فَأَخَذَتهُمُ الرَّجفَةُ فَأَصبَحوا فى دارِهِم جٰثِمينَ (آيت : 37) |
پر ڪوڙو چيو انهن کيس پوءِ کين اچي ورتو سخت زلزلي، پوءِ اهي اونڌي منهن پيل رهجي ويا پنهنجي گهرن ۾ |
وَعادًا وَثَمودَا۟ وَقَد تَبَيَّنَ لَكُم مِن مَسٰكِنِهِم وَزَيَّنَ لَهُمُ الشَّيطٰنُ أَعمٰلَهُم فَصَدَّهُم عَنِ السَّبيلِ وَكانوا مُستَبصِرينَ (آيت : 38) |
۽ عاد وارن ۽ ثمود وارن (کي هلاڪ ڪيوسين) ۽ اهي توهان ڏسي چڪا آهيو هنڌ ۽ ماڳ جتي اهي رهيا ٿي، ۽ خوشنما بنايو انهن لاءِ شيطان سندن عملن کي پوءِ کين هٽايوسين سنئين راهه کان جڏهن ته اهي عقل ۽ سمجهه وارا هئا |
وَقٰرونَ وَفِرعَونَ وَهٰمٰنَ وَلَقَد جاءَهُم موسىٰ بِالبَيِّنٰتِ فَاستَكبَروا فِى الأَرضِ وَما كانوا سٰبِقينَ (آيت : 39) |
۽ قارون ۽ فرعون ۽ هامان (کي هلاڪ ڪيوسين) ۽ آيو انهن وٽ موسيٰ کُليل نشانين سان، پر انهن پنهنجي وڏائي کي قائم رکيو زمين ۾، جڏهن ته اهي اڳيان وڌندڙ نه هئا |
فَكُلًّا أَخَذنا بِذَنبِهِ فَمِنهُم مَن أَرسَلنا عَلَيهِ حاصِبًا وَمِنهُم مَن أَخَذَتهُ الصَّيحَةُ وَمِنهُم مَن خَسَفنا بِهِ الأَرضَ وَمِنهُم مَن أَغرَقنا وَما كانَ اللَّهُ لِيَظلِمَهُم وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 40) |
پوءِ سڀني کي پڪڙيوسين سندن گناهن جي ڪري، پوءِ ڪنهن تي ته موڪلي سين پٿر وسائيندڙ هوا ۽ انهن مان ڪنهن کي اچي ورتو زبردست ڪڙڪي ۽ ڪنهن کي غرق ڪريڇڏيوسين زمين ۾، ۽ ڪنهن کي (وري) ٻوڙي ڇڏيوسين، ۽ نه هو الله ظلم ڪرڻ وارو انهن تي، پر اهي ته پاڻ ئي پنهنجي مٿان ظلم ڪرڻ وارا هئا |
مَثَلُ الَّذينَ اتَّخَذوا مِن دونِ اللَّهِ أَولِياءَ كَمَثَلِ العَنكَبوتِ اتَّخَذَت بَيتًا وَإِنَّ أَوهَنَ البُيوتِ لَبَيتُ العَنكَبوتِ لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 41) |
مثال آهي انهن ماڻهن جو جن بڻايا ڇڏي الله کي ٻيا سرپرست جيئن مثال آهي ڪوريئڙي جو، جيڪو ٺاهيندو آهي پنهنجو گهر ۽ بيشڪ ڪمزور سڀني گهرن کان گهر ڪوريئڙي جو ئي آهي ڪاش اهي (ماڻهو) اهو ڄاڻي وٺن ها |
إِنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما يَدعونَ مِن دونِهِ مِن شَيءٍ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 42) |
بيشڪ الله ئي ڄاڻي ٿو (چڱيءَ طرح) جيڪي ماڻهو سڏين ٿا ڇڏي (الله کي) ٻين جن شين کي، ۽ هو ته تمام زبردست حڪمت وارو آهي |
وَتِلكَ الأَمثٰلُ نَضرِبُها لِلنّاسِ وَما يَعقِلُها إِلَّا العٰلِمونَ (آيت : 43) |
۽ اهي آهن مثال جيڪي اسان بيان ڪريون ٿا ماڻهن جي لاءِ، ۽ پر اهي نٿا سمجهن سواءِ علم رکڻ وارن جي |
خَلَقَ اللَّهُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِلمُؤمِنينَ (آيت : 44) |
خلقيو (پيدا ڪيو آهي) الله آسمانن کي ۽ زمين کي حق سان، بيشڪ ان ۾ (وڏي) نشاني آهي ايمان وارن مؤمنن لاءِ |
اتلُ ما أوحِىَ إِلَيكَ مِنَ الكِتٰبِ وَأَقِمِ الصَّلوٰةَ إِنَّ الصَّلوٰةَ تَنهىٰ عَنِ الفَحشاءِ وَالمُنكَرِ وَلَذِكرُ اللَّهِ أَكبَرُ وَاللَّهُ يَعلَمُ ما تَصنَعونَ (آيت : 45) |
(اي نبي!) تلاوت ڪر توتي وحي ڪيل ڪتاب جي، ۽ قائم ڪر نماز، بيشڪ نماز روڪي ٿي بي حيائي جي ڪمن ۽ برائي کان، ۽ ذڪر ڪرڻ الله جو ان کان وڌيڪ آهي، ۽ الله ڄاڻي ٿو جيڪي ڪجهه توهان ڪندا آهيو. |
وَلا تُجٰدِلوا أَهلَ الكِتٰبِ إِلّا بِالَّتى هِىَ أَحسَنُ إِلَّا الَّذينَ ظَلَموا مِنهُم وَقولوا ءامَنّا بِالَّذى أُنزِلَ إِلَينا وَأُنزِلَ إِلَيكُم وَإِلٰهُنا وَإِلٰهُكُم وٰحِدٌ وَنَحنُ لَهُ مُسلِمونَ (آيت : 46) |
۽ نه ڪريو بحث اهلِ ڪتاب سان پر طريقي سهڻي سان سواءِ انهن ماڻهن جي جيڪي انهن مان ظالم هجن، ۽ چؤ انهن کي ته اسان ايمان آندو آهي ان شيءِ تي جا اسان ڏي موڪلي وئي آهي ۽ ان شيءِ تي به جيڪا توهان ڏي موڪلي وئي هئي، ۽ اسان جو معبود ۽ توهان جو معبود هڪ ئي آهي ۽ اسان ان جا ئي تابعدار آهيون |
وَكَذٰلِكَ أَنزَلنا إِلَيكَ الكِتٰبَ فَالَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ يُؤمِنونَ بِهِ وَمِن هٰؤُلاءِ مَن يُؤمِنُ بِهِ وَما يَجحَدُ بِـٔايٰتِنا إِلَّا الكٰفِرونَ (آيت : 47) |
(اي نبي!) ۽ ساڳيءَ طرح اسان نازل ڪيو آهي تو ڏي ڪتاب، تنهن ڪري اهي ماڻهو جن کي ڏنو هو اڳ ۾ ڪتاب سي ايمان آڻين ٿا ان تي، ۽ انهن ماڻهن مان به ڪيترا ئي هن تي ايمان آڻي رهيا آهن، ۽ انهن مان اسان جي آيتن جو انڪار فقط ڪافر ئي ڪندا آهن |
وَما كُنتَ تَتلوا مِن قَبلِهِ مِن كِتٰبٍ وَلا تَخُطُّهُ بِيَمينِكَ إِذًا لَارتابَ المُبطِلونَ (آيت : 48) |
(اي نبي!) ۽ نه تون ڪو ڪتاب پڙهندو هئين ان کان اڳ ۾ ۽ نه وري ڪو ڪتاب لکندو هئين پنهنجي هٿن سان، ائين هجي ها ته باطل پرست ماڻهو ضرور شڪ ڪن ها |
بَل هُوَ ءايٰتٌ بَيِّنٰتٌ فى صُدورِ الَّذينَ أوتُوا العِلمَ وَما يَجحَدُ بِـٔايٰتِنا إِلَّا الظّٰلِمونَ (آيت : 49) |
حقيقت ۾ اهي آيتون (نشانيون) بلڪل پڌريون آهن انهن ماڻهن جي دلين ۾ جن کي بخشيو ويو آهي علم، ۽ نه وري انڪار ٿا ڪن اسان جي آيتن جو سواءِ اهي جيڪي ظالم آهن |
وَقالوا لَولا أُنزِلَ عَلَيهِ ءايٰتٌ مِن رَبِّهِ قُل إِنَّمَا الءايٰتُ عِندَ اللَّهِ وَإِنَّما أَنا۠ نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 50) |
۽ چون ٿا اهي ماڻهو، ڇو نه نازل ڪيون ويون آيتون ان شخص تي پنهنجي رب طرفان؟ چؤ، بيشڪ نشانيون ته آهن الله وٽ، ۽ بيشڪ آئون ته رڳو پڌرو خبردار ڪندڙ آهيان |
أَوَلَم يَكفِهِم أَنّا أَنزَلنا عَلَيكَ الكِتٰبَ يُتلىٰ عَلَيهِم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَرَحمَةً وَذِكرىٰ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 51) |
۽ ڇا ڪافي ناهي انهن ماڻهن لاءِ هي (نشاني) ته اسان نازل ڪيو آهي توتي ڪتاب جيڪو پڙهي کين ٻڌايو وڃي ٿو؟ بيشڪ ان ۾ رحمت ۽ نصيحت آهي انهن ماڻهن لاءِ جيڪي ايمان آڻين ٿا |
قُل كَفىٰ بِاللَّهِ بَينى وَبَينَكُم شَهيدًا يَعلَمُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَالَّذينَ ءامَنوا بِالبٰطِلِ وَكَفَروا بِاللَّهِ أُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 52) |
(اي نبي!) چؤ ته ڪافي آهي الله جي منهنجي ۽ توهان جي وچ ۾ شاهدي، اهو ڄاڻي ٿو جيڪي ڪجهه آهي آسمانن ۽ زمين ۾، ۽ جيڪي ماڻهو مڃين ٿا باطل کي ۽ ڪفر ڪن ٿا الله سان، اهي ئي (ماڻهو) آهن ٽوٽي ۾ رهڻ وارا |
وَيَستَعجِلونَكَ بِالعَذابِ وَلَولا أَجَلٌ مُسَمًّى لَجاءَهُمُ العَذابُ وَلَيَأتِيَنَّهُم بَغتَةً وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 53) |
۽ اهي تو کان گُهر ڪن ٿا سگهوئي عذاب جي، ۽ جيڪڏهن هڪ وقت مقرر ڪيل نه هجي ها ته اچي وڃي ها انهن تي عذاب، ۽ پڪ سان (پنهنجي وقت تي) اهو ته اوچتو ئي ايندو، ان حال ۾ جو کين خبر به نه هوندي |
يَستَعجِلونَكَ بِالعَذابِ وَإِنَّ جَهَنَّمَ لَمُحيطَةٌ بِالكٰفِرينَ (آيت : 54) |
اهي توکان مطالبو ڪن ٿا جلد ئي عذاب آڻڻ جو، ۽ بيشڪ دوزخ ته وڪوڙي چڪي آهي انهن ڪافرن کي |
يَومَ يَغشىٰهُمُ العَذابُ مِن فَوقِهِم وَمِن تَحتِ أَرجُلِهِم وَيَقولُ ذوقوا ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 55) |
(۽ کين خبر پوندي) ان ڏينهن جڏهن ويڙهي ويندو کين عذاب مٿان کان به ۽ (وري) کين هيٺان پيرن کان انهن کي، ۽ چوندو ته هاڻي چکو مزو انهن ڪرتوتن جو جيڪي توهان ڪندا هئا |
يٰعِبادِىَ الَّذينَ ءامَنوا إِنَّ أَرضى وٰسِعَةٌ فَإِيّٰىَ فَاعبُدونِ (آيت : 56) |
اي منهنجا ٻانهؤ! جن ايمان آندو آهي، بيشڪ منهنجي زمين ڪشادي آهي، تنهن ڪري توهان منهنجي ئي بندگي ڪريو |
كُلُّ نَفسٍ ذائِقَةُ المَوتِ ثُمَّ إِلَينا تُرجَعونَ (آيت : 57) |
هر ساهه واري کي مزو چکڻو آهي موت جو، پوءِ توهان سڀ اسان ڏانهن ئي موٽايا ويندؤ |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَنُبَوِّئَنَّهُم مِنَ الجَنَّةِ غُرَفًا تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها نِعمَ أَجرُ العٰمِلينَ (آيت : 58) |
۽ جن ماڻهن آندو آهي ايمان ۽ عمل نيڪ ڪيا آهن، تن کي اسان رهائينداسين جنت جي بلند ماڙين ۾، انهن جي هيٺان وهنديون هونديون نهرون، اهي سدائين رهندا اتي، ڪهڙو نه سٺو اجر آهي عمل ڪرڻ وارن جي لاءِ |
الَّذينَ صَبَروا وَعَلىٰ رَبِّهِم يَتَوَكَّلونَ (آيت : 59) |
انهن ماڻهن لاءِ جن صبر ڪيو آهي ۽ اهي جيڪي پنهنجي رب تي ڀروسو ڪن ٿا |
وَكَأَيِّن مِن دابَّةٍ لا تَحمِلُ رِزقَهَا اللَّهُ يَرزُقُها وَإِيّاكُم وَهُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 60) |
۽ ڪيترا ئي آهن جانور، جيڪي کڻي نٿا هلن پنهنجو رزق، الله انهن کي رزق ڏئي ٿو ۽ توهان جو رازق به اهو ئي آهي، اهو ئي سڀڪجهه ٻڌي ۽ ڄاڻي ٿو |
وَلَئِن سَأَلتَهُم مَن خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَسَخَّرَ الشَّمسَ وَالقَمَرَ لَيَقولُنَّ اللَّهُ فَأَنّىٰ يُؤفَكونَ (آيت : 61) |
۽ جيڪڏهن تون انهن ماڻهن کان پڇين، ته ڪنهن خلقيا آهن آسمان ۽ زمين ۽ ڪنهن تابع ڪيو آهي سج ۽ چنڊ کي، ته ضرور چوندا الله، پوءِ اهي ڪٿان کان دوکو کائي رهيا آهن؟ |
اللَّهُ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَيَقدِرُ لَهُ إِنَّ اللَّهَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 62) |
الله ئي آهي جيڪو ڪشادو ڪري ٿو رزق، جنهن جو به گهري پنهنجي ٻانهن مان، ۽ تنگ ڪري ٿو (رزق) جنهن جو به چاهي، بيشڪ الله ئي هر شيءِ جو علم رکي ٿو |
وَلَئِن سَأَلتَهُم مَن نَزَّلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَحيا بِهِ الأَرضَ مِن بَعدِ مَوتِها لَيَقولُنَّ اللَّهُ قُلِ الحَمدُ لِلَّهِ بَل أَكثَرُهُم لا يَعقِلونَ (آيت : 63) |
۽ جيڪڏهن تون انهن کان پڇين ته ڪنهن وسايو آهي آسمان تان پاڻي ۽ پوءِ جياريو ان سان زمين کي ان جي مرڻ کان پوءِ؟ ته اهي ضرور چوندا الله، چؤ الحمدلله، پر گهڻا ماڻهو سمجهن ئي نٿا |
وَما هٰذِهِ الحَيوٰةُ الدُّنيا إِلّا لَهوٌ وَلَعِبٌ وَإِنَّ الدّارَ الءاخِرَةَ لَهِىَ الحَيَوانُ لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 64) |
۽ هي جيڪا حياتي آهي دنيا جي ڪجهه ناهي سواءِ راند ۽ دل جي وندر لاءِ، ۽ بيشڪ زندگيءَ جو اصلي گهر آهي ته آخرت جو ئي گهر آهي، جيڪر اهي ماڻهو ڄاڻن ها |
فَإِذا رَكِبوا فِى الفُلكِ دَعَوُا اللَّهَ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ فَلَمّا نَجّىٰهُم إِلَى البَرِّ إِذا هُم يُشرِكونَ (آيت : 65) |
جڏهن چڙهندا آهن ٻيڙيءَ ۾ ته گهرندا آهن الله کان خاص ڪري پنهنجي دين کي، پوءِ جڏهن اهو کين بچائي آڻيندو آهي خشڪي تي ته اهي امالڪ شرڪ ڪرڻ لڳندا آهن |
لِيَكفُروا بِما ءاتَينٰهُم وَلِيَتَمَتَّعوا فَسَوفَ يَعلَمونَ (آيت : 66) |
جيئن ناشڪري ڪن ڏنل نعمت جي، ۽ مزا ماڻين، پوءِ سگهوئي کين معلوم ٿي ويندو |
أَوَلَم يَرَوا أَنّا جَعَلنا حَرَمًا ءامِنًا وَيُتَخَطَّفُ النّاسُ مِن حَولِهِم أَفَبِالبٰطِلِ يُؤمِنونَ وَبِنِعمَةِ اللَّهِ يَكفُرونَ (آيت : 67) |
ڇا اهي ڏسن نٿا ته اسان بڻايو هڪ حرم امن وارو، جڏهن ته کڄي وڃن ٿا ماڻهو انهن جي اوسي پاسي کان، ڇا پوءِ به اهي ماڻهو باطل کي مڃن ٿا ۽ نعمت جيڪا الله جي آهي ان جي ناشڪري ڪن ٿا؟ |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أَو كَذَّبَ بِالحَقِّ لَمّا جاءَهُ أَلَيسَ فى جَهَنَّمَ مَثوًى لِلكٰفِرينَ (آيت : 68) |
۽ ڪير ان شخص کان وڌيڪ ظالم هوندو جيڪو ٺاهي الله تي ڪوڙ يا ڪوڙو چوي حق کي، جڏهن ته اهو اچي چڪو ان جي سامهون؟ ڇا دوزخ جاءِ ناهي اهڙن ڪافرن جي لاءِ |
وَالَّذينَ جٰهَدوا فينا لَنَهدِيَنَّهُم سُبُلَنا وَإِنَّ اللَّهَ لَمَعَ المُحسِنينَ (آيت : 69) |
۽ جيڪي ماڻهو جهاد ڪندا اسان جي خاطر، تن کي اسان ضرور ڏيکارينداسين پنهنجون راهون، ۽ بيشڪ الله ڀلارن سان گڏ آهي. |