طسم (آيت : 1) |
ﰒ (طا ـ سين ـ ميم) |
تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ المُبينِ (آيت : 2) |
اهي کولي بيان ڪندڙ ڪتاب (قرآن) جون آيتون آهن |
نَتلوا عَلَيكَ مِن نَبَإِ موسىٰ وَفِرعَونَ بِالحَقِّ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 3) |
اسان توکي (اي نبي ﷺ) موسيٰ ۽ فرعون جو ڪجهه احوال پورو پورو ٻڌايون ٿا، انهن ماڻهن جي فائدي لاءِ جيڪي ايمان آڻن |
إِنَّ فِرعَونَ عَلا فِى الأَرضِ وَجَعَلَ أَهلَها شِيَعًا يَستَضعِفُ طائِفَةً مِنهُم يُذَبِّحُ أَبناءَهُم وَيَستَحيۦ نِساءَهُم إِنَّهُ كانَ مِنَ المُفسِدينَ (آيت : 4) |
حقيقت اها آهي ته فرعون زمين ۾ ڏاڍي سرڪشي ڪئي ۽ ان جي رهاڪن کي ٽولا ٽولا ڪري ڇڏيو هئائين. انهن مان هڪڙي ٽولي کي هو ذليل ڪندو هو، سندن پٽن کي قتل ڪندو هو ۽ سندن نياڻين کي جيئرو رهڻ ڏيندو هو. سچ ته هو فساد ڦهلائيندڙن مان هو |
وَنُريدُ أَن نَمُنَّ عَلَى الَّذينَ استُضعِفوا فِى الأَرضِ وَنَجعَلَهُم أَئِمَّةً وَنَجعَلَهُمُ الوٰرِثينَ (آيت : 5) |
۽ اسان ارادو ڪيو ته انهن ماڻهن تي مهرباني ڪريون، جن کي زمين ۾ هيڻو ڪري رکيو ويو هو ۽ کين اڳواڻ بڻايون ۽ کين ئي جاءِ نشين بنايون |
وَنُمَكِّنَ لَهُم فِى الأَرضِ وَنُرِىَ فِرعَونَ وَهٰمٰنَ وَجُنودَهُما مِنهُم ما كانوا يَحذَرونَ (آيت : 6) |
۽ زمين ۾ کين اقتدار عطا ڪريون ۽ ان نموني فرعون ۽ هامان ۽ سندن لشڪرن کي اهائي شيءِ ڏيکاري ڇڏيون، جنهن جو کين ڊپ هو |
وَأَوحَينا إِلىٰ أُمِّ موسىٰ أَن أَرضِعيهِ فَإِذا خِفتِ عَلَيهِ فَأَلقيهِ فِى اليَمِّ وَلا تَخافى وَلا تَحزَنى إِنّا رادّوهُ إِلَيكِ وَجاعِلوهُ مِنَ المُرسَلينَ (آيت : 7) |
اسان موسيٰ جي ماءُ ڏي وحي ڪيو ته "هن کي ٿـڃ ڌاراءِ ، پوءِ جڏهن توکي ان جي جان جو خطرو ٿئي ته کڻي درياءَ ۾ وجهي ڇڏيس ۽ ڪوبه خوف نه ڪر ۽ نڪي ڏک ڪر، اسان ورائي کيس توڏانهن ئي آڻينداسون ۽ کيس پيغمبرن ۾ شامل ڪنداسون". |
فَالتَقَطَهُ ءالُ فِرعَونَ لِيَكونَ لَهُم عَدُوًّا وَحَزَنًا إِنَّ فِرعَونَ وَهٰمٰنَ وَجُنودَهُما كانوا خٰطِـٔينَ (آيت : 8) |
نيٺ فرعون جي گهروارن کيس (درياءَ مان) کڻي ورتو، ته جيئن هو سندن دشمن ۽ انهن لاءِ ڏک جو سبب بڻجي. بيشڪ فرعون ۽ هامان ۽ سندن لشڪر (پنهنجي رٿ ۾) نهايت ڀــُـلل هئا |
وَقالَتِ امرَأَتُ فِرعَونَ قُرَّتُ عَينٍ لى وَلَكَ لا تَقتُلوهُ عَسىٰ أَن يَنفَعَنا أَو نَتَّخِذَهُ وَلَدًا وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 9) |
فرعون جي زال (کيس) چيو: ”هيءُ منهنجي ۽ تنهنجي لاءِ اکين جو ٺار آهي، هن کي قتل نه ڪر، ٿي سگهي ٿو ته اسان کي ڪو نفعو ڏئي يا اسان کڻي پٽ بڻايونس“. ۽ هو (نتيجي کان) بي خبر هئا |
وَأَصبَحَ فُؤادُ أُمِّ موسىٰ فٰرِغًا إِن كادَت لَتُبدى بِهِ لَولا أَن رَبَطنا عَلىٰ قَلبِها لِتَكونَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 10) |
هوڏانهن موسيٰ جي ماءُ جي دل بي چين پئي ٿي، هوءَ راز کولي ويهي ها جيڪڏهن اسان سندس دل کي ٽيڪ نه ڏيون ها، ته جيئن هوءَ (اسان جي وعدي تي) ايمان آڻڻ وارن مان ٿئي |
وَقالَت لِأُختِهِ قُصّيهِ فَبَصُرَت بِهِ عَن جُنُبٍ وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 11) |
هن ”ان (موسيٰ) جي ڀيڻ کي چيو ته ڪڍ لڳي وڃيس. سو هوءَ پاسو وٺيو کيس ائين ڏسندي رهي جو (دشمنن کي) پتو ئي نه پيو“ |
وَحَرَّمنا عَلَيهِ المَراضِعَ مِن قَبلُ فَقالَت هَل أَدُلُّكُم عَلىٰ أَهلِ بَيتٍ يَكفُلونَهُ لَكُم وَهُم لَهُ نٰصِحونَ (آيت : 12) |
۽ اسان ته ان تي اڳيئي ٿـڃ ڌارائڻ وارين جون ڇاتيون حرام ڪري ڇڏيون هيون. (اهو ڏسي) انهيءَ ڇوڪريءَ کين چيو ته ”مان اهڙي گهر جو ڏس ڏيانوَ، جيڪي توهان جي خاطر سندس پالنا ڪن ۽ سندس خيرخواهي سان سنڀال ڪن؟“ |
فَرَدَدنٰهُ إِلىٰ أُمِّهِ كَى تَقَرَّ عَينُها وَلا تَحزَنَ وَلِتَعلَمَ أَنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 13) |
اهڙيءَ ريت اسان موسيٰ کي سندس ماءُ وٽ موٽائي آندو، ته جيئن سندس اکيون ٺرن ۽ هوءَ غم نه ڪري ۽ ڄاڻي وٺي ته الله جو وعدو سچو هو، پر گهڻن ماڻهن کي ان ڳالهه جي ڄاڻ نه آهي |
وَلَمّا بَلَغَ أَشُدَّهُ وَاستَوىٰ ءاتَينٰهُ حُكمًا وَعِلمًا وَكَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 14) |
جڏهن موسيٰ پنهنجي جوانيءَ کي پهتو ۽ پختو ٿيو ته اسان کيس فيصلي ڪرڻ جي لياقت ۽ علم عطا ڪيو. اسان نيڪ ماڻهن کي اهڙا ئي اجورا ڏيندا آهيون |
وَدَخَلَ المَدينَةَ عَلىٰ حينِ غَفلَةٍ مِن أَهلِها فَوَجَدَ فيها رَجُلَينِ يَقتَتِلانِ هٰذا مِن شيعَتِهِ وَهٰذا مِن عَدُوِّهِ فَاستَغٰثَهُ الَّذى مِن شيعَتِهِ عَلَى الَّذى مِن عَدُوِّهِ فَوَكَزَهُ موسىٰ فَقَضىٰ عَلَيهِ قالَ هٰذا مِن عَمَلِ الشَّيطٰنِ إِنَّهُ عَدُوٌّ مُضِلٌّ مُبينٌ (آيت : 15) |
(هڪ ڏينهن) هو شهر ۾ اهڙي وقت داخل ٿيو، جڏهن شهر وارا غفلت ۾ پيا هئا. هن ڏٺو ته ٻه ماڻهو پاڻ ۾ وڙهن ٿا. هڪڙو سندس قوم جو هو ۽ ٻيو سندس دشمن قوم مان هو. سندس قوم واري ماڻهوءَ کيس دشمن جي خلاف مدد لاءِ سڏيو. موسيٰ ان کي هڪڙو ٺؤنشو هنيو ۽ ان جو ڪم پورو ڪري ڇڏيائين (ائين ٿي پوڻ کان پوءِ ) موسيٰ چيو: ”اهو شيطان جو ڪم آهي، هو سخت دشمن ۽ کليو کلايو گمراهه ڪندڙ آهي“. |
قالَ رَبِّ إِنّى ظَلَمتُ نَفسى فَاغفِر لى فَغَفَرَ لَهُ إِنَّهُ هُوَ الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 16) |
پوءِ چوڻ لڳو: "اي منهنجا رب! مان پاڻ تي ڏاڍو ظلم ڪري ويٺو آهيان، مون کي معاف ڪر". پوءِ الله کيس معاف ڪيو، هو ته ڏاڍو بخشڻهار ۽ رحم ڪندڙ آهي |
قالَ رَبِّ بِما أَنعَمتَ عَلَىَّ فَلَن أَكونَ ظَهيرًا لِلمُجرِمينَ (آيت : 17) |
موسيٰ به عهد ڪيو ته "اي منهنجا رب! اهو احسان جو تو مون تي ڪيو آهي، سو هاڻي مان به وري ڪنهن به صورت ۾ ڏوهارين جو مددگار نه ٿيندس". |
فَأَصبَحَ فِى المَدينَةِ خائِفًا يَتَرَقَّبُ فَإِذَا الَّذِى استَنصَرَهُ بِالأَمسِ يَستَصرِخُهُ قالَ لَهُ موسىٰ إِنَّكَ لَغَوِىٌّ مُبينٌ (آيت : 18) |
ٻئي ڏينهن هو صبح سوير ئي ڊڄندو ۽ هر طرف کان خطرو جاچيندو شهر ۾ پئي ويو ته اوچتو ڇا ٿو ڏسي ته اهوئي شخص جنهن اڳئين ڏينهن کيس مدد لاءِ سڏيو هو، اڄ به کيس وڏي واڪي پيو سڏي. موسيٰ چيس: "تون ته ڪو ڏاڍو ڦڏئي ماڻهو آهين". |
فَلَمّا أَن أَرادَ أَن يَبطِشَ بِالَّذى هُوَ عَدُوٌّ لَهُما قالَ يٰموسىٰ أَتُريدُ أَن تَقتُلَنى كَما قَتَلتَ نَفسًا بِالأَمسِ إِن تُريدُ إِلّا أَن تَكونَ جَبّارًا فِى الأَرضِ وَما تُريدُ أَن تَكونَ مِنَ المُصلِحينَ (آيت : 19) |
پوءِ جڏهن موسيٰ ارادو ڪيو ته دشمن قوم جي ماڻهوءَ تي حملو ڪري ته هن دانهن ڪندي چيو: اي موسيٰ! اڄ تون مونکي به ائين قتل ڪندين ڇا، جيئن ڪالهه هڪڙي ماڻهوءَ کي ماري چڪو آهين؟ تون هن ملڪ ۾ ڏاڍو مڙس ٿيڻ چاهين ٿو، سڌارو آڻيندڙ بڻجڻ نٿو چاهين". |
وَجاءَ رَجُلٌ مِن أَقصَا المَدينَةِ يَسعىٰ قالَ يٰموسىٰ إِنَّ المَلَأَ يَأتَمِرونَ بِكَ لِيَقتُلوكَ فَاخرُج إِنّى لَكَ مِنَ النّٰصِحينَ (آيت : 20) |
ان کانپوءِ هڪڙو ماڻهو شهر جي پرئين پاسي کان ڊوڙندو آيو ۽ چيائين: "اي موسيٰ! سردار تنهنجي قتل جون پاڻ ۾ صلاحون پيا ڪن، هتان هليو وڃ، مان تنهنجو خيرخواه آهيان". |
فَخَرَجَ مِنها خائِفًا يَتَرَقَّبُ قالَ رَبِّ نَجِّنى مِنَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 21) |
اها خبر ٻڌي موسيٰ ڊڄندو هيڏي هوڏي واجهائيندو اتان نڪري پيو ۽ دعا گهريائين ته "اي منهنجا رب ! مونکي ظالمن کان بچاءِ ". |
وَلَمّا تَوَجَّهَ تِلقاءَ مَديَنَ قالَ عَسىٰ رَبّى أَن يَهدِيَنى سَواءَ السَّبيلِ (آيت : 22) |
مصر مان نڪري موسيٰ مدين ڏي منهن رکيو ته چيائين: "اميد ته منهنجو رب مونکي سنئين واٽ ڏيکاريندو". |
وَلَمّا وَرَدَ ماءَ مَديَنَ وَجَدَ عَلَيهِ أُمَّةً مِنَ النّاسِ يَسقونَ وَوَجَدَ مِن دونِهِمُ امرَأَتَينِ تَذودانِ قالَ ما خَطبُكُما قالَتا لا نَسقى حَتّىٰ يُصدِرَ الرِّعاءُ وَأَبونا شَيخٌ كَبيرٌ (آيت : 23) |
۽ جڏهن مدين جي کوه وٽ پهتو ته ڏٺائين ته ڪيترائي ماڻهو پنهنجن مالن کي پاڻي پيا پيئارين ۽ انهن کان پرڀرو ٻه عورتون پنهنجي مال کي جهلين پيون، موسيٰ انهن عورتن کان پڇيو: "توهان جو ڇا مسئلو آهي؟“ انهن چيو: "اسان پنهنجي مال کي تيستائين پاڻي نٿيون پيئاري سگهون، جيستائين اهي ڌنار پنهنجو مال نه ڪڍي وڃن ۽ اسان جو پيءُ ڏاڍو پوڙهو آهي". |
فَسَقىٰ لَهُما ثُمَّ تَوَلّىٰ إِلَى الظِّلِّ فَقالَ رَبِّ إِنّى لِما أَنزَلتَ إِلَىَّ مِن خَيرٍ فَقيرٌ (آيت : 24) |
اهو ٻڌي موسيٰ سندن ڍورن کي پاڻي پيئاريو، پوءِ وڃي ڇانوَ ّواري هنڌ ويٺو ۽ چيائين: "اي منهنجا پروردگار! جيڪا به ڀلائي تون مون ڏي موڪليندين، مان ان جو سخت محتاج آهيان". |
فَجاءَتهُ إِحدىٰهُما تَمشى عَلَى استِحياءٍ قالَت إِنَّ أَبى يَدعوكَ لِيَجزِيَكَ أَجرَ ما سَقَيتَ لَنا فَلَمّا جاءَهُ وَقَصَّ عَلَيهِ القَصَصَ قالَ لا تَخَف نَجَوتَ مِنَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 25) |
(ٿوري دير کانپوءِ ) انهن ٻنهي مان هڪڙي لـڄ ڪندي هلندي وٽس آئي ۽ چيائين: "ابو توکي سڏي ٿو، تانته تو جيڪو اسان جي خاطر ڌڻ کي پاڻي پيئاريو آهي، ان جو توکي اجورو ڏئي". موسيٰ جڏهن وٽس پهتو ۽ کيس پنهنجو سارو قصو ٻڌايائين ته ان چيس: ڪوبه ڊپ نه ڪر، هاڻي تون ظالمن کان بچي وئين". |
قالَت إِحدىٰهُما يٰأَبَتِ استَـٔجِرهُ إِنَّ خَيرَ مَنِ استَـٔجَرتَ القَوِىُّ الأَمينُ (آيت : 26) |
انهن ٻنهي عورتن مان هڪڙيءَ پيءُ کي چيو: "ابا ! هن ماڻهوءَ کي نوڪر ڪري رک، تو لاءِ سڀ کان ڀلو ماڻهو جنهن کي تون نوڪر رکين اهو ٿي سگهي ٿو، جيڪو سگهارو ۽ ايماندار هجي". |
قالَ إِنّى أُريدُ أَن أُنكِحَكَ إِحدَى ابنَتَىَّ هٰتَينِ عَلىٰ أَن تَأجُرَنى ثَمٰنِىَ حِجَجٍ فَإِن أَتمَمتَ عَشرًا فَمِن عِندِكَ وَما أُريدُ أَن أَشُقَّ عَلَيكَ سَتَجِدُنى إِن شاءَ اللَّهُ مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 27) |
هُنَ (موسيٰ کي) چيو: "مان چاهيان ٿو ته پنهنجي انهن ٻن ڌيئرن مان هڪڙيءَ جو نڪاح توسان ڪيان، ان شرط سان ته تون اٺ سال منهنجو نوڪر ٿي رهين ۽ جيڪڏهن ڏهه سال پورا ڪندين ته اهو تنهنجي مرضيءَ تي ڇڏيل آهي. مان توتي ڪا سختي ڪرڻ نٿو گهران، تون انشاءَ الله مون کي نيڪ ماڻهو لهندين". |
قالَ ذٰلِكَ بَينى وَبَينَكَ أَيَّمَا الأَجَلَينِ قَضَيتُ فَلا عُدوٰنَ عَلَىَّ وَاللَّهُ عَلىٰ ما نَقولُ وَكيلٌ (آيت : 28) |
موسيٰ جواب ڏنو: "اها ڳالهه منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ طئي ٿي وئي. انهن ٻنهي مدتن مان جيڪا به پوري ڪيم، ان کانپوءِ مون سان ڪابه بي واجبي ٿيڻ نه کپي ۽ جيڪو قول اقرار اسان ڪريون ٿا، الله ان کي ڏسندڙ آهي". |
فَلَمّا قَضىٰ موسَى الأَجَلَ وَسارَ بِأَهلِهِ ءانَسَ مِن جانِبِ الطّورِ نارًا قالَ لِأَهلِهِ امكُثوا إِنّى ءانَستُ نارًا لَعَلّى ءاتيكُم مِنها بِخَبَرٍ أَو جَذوَةٍ مِنَ النّارِ لَعَلَّكُم تَصطَلونَ (آيت : 29) |
جڏهن موسيٰ مــُـدو پورو ڪيو ۽ پنهنجن ٻارن ٻچن کي ساڻ وٺي پئي ويو، ته طور جي پاسي کان کيس باهه نظر آئي، پنهنجي گهروارن کي چيائين ته "ترسو، مان باهه ڏٺي آهي، منَ اتان ڪو ڏس پتو لهي اچان يا ان باهه مان ڪو ٽانڊو ئي کڻي اچان ته توهان ڪجهه پاڻ سيڪي وٺو". |
فَلَمّا أَتىٰها نودِىَ مِن شٰطِئِ الوادِ الأَيمَنِ فِى البُقعَةِ المُبٰرَكَةِ مِنَ الشَّجَرَةِ أَن يٰموسىٰ إِنّى أَنَا اللَّهُ رَبُّ العٰلَمينَ (آيت : 30) |
اتي پهتو ته ميدان جي ساڄي پاسي کان برڪت ڀرئي پڌر ۾ هڪ وڻ وٽان سڏ ٿيس ته "اي موسيٰ! مان ئي آهيان الله، ساري جهان وارن جو مالڪ". |
وَأَن أَلقِ عَصاكَ فَلَمّا رَءاها تَهتَزُّ كَأَنَّها جانٌّ وَلّىٰ مُدبِرًا وَلَم يُعَقِّب يٰموسىٰ أَقبِل وَلا تَخَف إِنَّكَ مِنَ الءامِنينَ (آيت : 31) |
۽ (حڪم ڏنو ويس ته) اڇلاءِ پنهنجي لٺ، جيئن ئي موسيٰ ڏٺو ته اها لٺ نانگ وانگر ٿي وئي ته هو پٺي ڏئي ڀڳو ۽ پوئتي نه ڏٺائين، (فرمايو ويس) "موسيٰ موٽي اچ ۽ ڊڄ نه، تون بلڪل محفوظ آهين |
اسلُك يَدَكَ فى جَيبِكَ تَخرُج بَيضاءَ مِن غَيرِ سوءٍ وَاضمُم إِلَيكَ جَناحَكَ مِنَ الرَّهبِ فَذٰنِكَ بُرهٰنانِ مِن رَبِّكَ إِلىٰ فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِ إِنَّهُم كانوا قَومًا فٰسِقينَ (آيت : 32) |
پنهنجو هٿ گريبان ۾ وجهه، چمڪندڙ ٿي نڪرندو بنا ڪنهن عيب جي ۽ خوف کان بچڻ لاءِ پنهنجي ٻانهن ڀڪوڙي ڇڏ، اهي ٻئي چٽيون نشانيون اٿيئي تنهنجي رب وٽان، فرعون ۽ سندس درٻارين جي آڏو پيش ڪرڻ لاءِ ، اهي ڏاڍا نافرمان ماڻهو آهن". |
قالَ رَبِّ إِنّى قَتَلتُ مِنهُم نَفسًا فَأَخافُ أَن يَقتُلونِ (آيت : 33) |
موسيٰ عرض ڪيو ته "اي منهنجا پالڻهار! مان ته سندن هڪ ماڻهو ماريو آهي، ڊڄان ٿو ته هو مون کي ماري ڇڏيندا |
وَأَخى هٰرونُ هُوَ أَفصَحُ مِنّى لِسانًا فَأَرسِلهُ مَعِىَ رِدءًا يُصَدِّقُنى إِنّى أَخافُ أَن يُكَذِّبونِ (آيت : 34) |
۽ منهنجو ڀاءُ هارون مون کان وڌيڪ ڳالهائڻو آهي، هن کي مون سان گڏ ٻانهن ٻيلي ڪري موڪل، تانته منهنجي ڳالهه جي تصديق ڪري. مان ته ڊڄان ٿو ته هو مون کي ڪوڙو ڀانئيندا". |
قالَ سَنَشُدُّ عَضُدَكَ بِأَخيكَ وَنَجعَلُ لَكُما سُلطٰنًا فَلا يَصِلونَ إِلَيكُما بِـٔايٰتِنا أَنتُما وَمَنِ اتَّبَعَكُمَا الغٰلِبونَ (آيت : 35) |
فرمايائين: "اسان تنهنجي ڀاءُ وسيلي تنهنجا هٿ مضبوط ڪنداسون ۽ توهان ٻنهي جو اهڙو ڌاڪو ڄمائينداسون، جو هو توهان جو وار به ونگو نه ڪري سگهندا. اسانجي نشانين جي زور تي سوڀ توهان جي ۽ توهان جي پوئلڳن جي ئي ٿيندي". |
فَلَمّا جاءَهُم موسىٰ بِـٔايٰتِنا بَيِّنٰتٍ قالوا ما هٰذا إِلّا سِحرٌ مُفتَرًى وَما سَمِعنا بِهٰذا فى ءابائِنَا الأَوَّلينَ (آيت : 36) |
پوءِ جڏهن موسيٰ اسان جون چٽيون نشانيون کڻي وٽن پهتو ته انهن چيو ته "اهو ته رڳو هٿراڌو جادو آهي ۽ اهي ڳالهيون ته اسان پنهنجي ابي ڏاڏي جي زماني ۾ ڪڏهن ٻڌيون ئي ناهن". |
وَقالَ موسىٰ رَبّى أَعلَمُ بِمَن جاءَ بِالهُدىٰ مِن عِندِهِ وَمَن تَكونُ لَهُ عٰقِبَةُ الدّارِ إِنَّهُ لا يُفلِحُ الظّٰلِمونَ (آيت : 37) |
موسيٰ جواب ڏنو: "منهنجو رب ته انهيءَ شخص کي چڱيءَ طرح ٿو سڃاڻي، جيڪو وٽانئس هدايت کڻي آيو آهي ۽ اهوئي ٿو بهتر ڄاڻي ته پڇاڙي ڪنهن جي موچاري ٿيڻي آهي. اصل ڳالهه اها آهي ته ظالم ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا". |
وَقالَ فِرعَونُ يٰأَيُّهَا المَلَأُ ما عَلِمتُ لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرى فَأَوقِد لى يٰهٰمٰنُ عَلَى الطّينِ فَاجعَل لى صَرحًا لَعَلّى أَطَّلِعُ إِلىٰ إِلٰهِ موسىٰ وَإِنّى لَأَظُنُّهُ مِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 38) |
۽ فرعون چيو ته "اي درٻار وارؤ! مان ته پاڻ کان سواءِ توهان جي ٻئي ڪنهن خدا کي سڃاڻان ئي نٿو. هامان، تون سرون پچرائي منهنجي لاءِ ڪا اوچي ماڙي ٺهراءِ ته ان تي چڙهي مــَـن ڪو موسيٰ جي الله کي ڏسي سگهان، مان ته هن کي ڪوڙو ٿو سمجهان". |
وَاستَكبَرَ هُوَ وَجُنودُهُ فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ وَظَنّوا أَنَّهُم إِلَينا لا يُرجَعونَ (آيت : 39) |
هن ۽ سندس لشڪرن زمين ۾ ناحق وڏائي ڪئي ۽ ڀانئيائون پئي ته اسان ڏانهن موٽائي آندا ئي نه ويندا |
فَأَخَذنٰهُ وَجُنودَهُ فَنَبَذنٰهُم فِى اليَمِّ فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الظّٰلِمينَ (آيت : 40) |
نيٺ اسان کيس ۽ سندس لشڪرن کي پڪڙيو ۽ سمنڊ ۾ اڇلايوسون. هاڻي ڏسي ڇڏ ته انهن ظالمن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي |
وَجَعَلنٰهُم أَئِمَّةً يَدعونَ إِلَى النّارِ وَيَومَ القِيٰمَةِ لا يُنصَرونَ (آيت : 41) |
۽ اسان کين جهنم ڏانهن سڏڻ وارا اڳواڻ بنائي ڇڏيو ۽ قيامت جي ڏينهن هو ڪٿان به ڪا مدد وٺي نه سگهندا |
وَأَتبَعنٰهُم فى هٰذِهِ الدُّنيا لَعنَةً وَيَومَ القِيٰمَةِ هُم مِنَ المَقبوحينَ (آيت : 42) |
اسان هن دنيا ۾ لعنت سندن ڪڍ لڳائي ڇڏي ۽ قيامت جي ڏينهن هو بڇڙن مان هوندا |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ مِن بَعدِ ما أَهلَكنَا القُرونَ الأولىٰ بَصائِرَ لِلنّاسِ وَهُدًى وَرَحمَةً لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 43) |
گذريل نسلن کي تباهه ڪرڻ کانپوءِ اسان موسيٰ کي ڪتاب ڏنو، ماڻهن لاءِ حقيقتون کوليندڙ ۽ هدايت ۽ رحمت بڻائي، تانته مــَـن ڪا نصيحت پرائين |
وَما كُنتَ بِجانِبِ الغَربِىِّ إِذ قَضَينا إِلىٰ موسَى الأَمرَ وَما كُنتَ مِنَ الشّٰهِدينَ (آيت : 44) |
(اي نبي) تون ان وقت الهندي ڪنڊ وٽ موجود نه هئين، جنهن وقت اسان موسيٰ کي شريعت جا احڪام عطا ڪيا هئا ۽ نڪي تون شاهدن مان هئين |
وَلٰكِنّا أَنشَأنا قُرونًا فَتَطاوَلَ عَلَيهِمُ العُمُرُ وَما كُنتَ ثاوِيًا فى أَهلِ مَديَنَ تَتلوا عَلَيهِم ءايٰتِنا وَلٰكِنّا كُنّا مُرسِلينَ (آيت : 45) |
بلڪه ان کانپوءِ (تنهنجي زماني تائين ته) اسان ڪيترائي نسل کڙا ڪري چڪا آهيون ۽ مٿن ڪو زمانو گذري چڪو آهي. تون مدين وارن ۾ به ته ڪونه رهندو هئين جو کين اسان جون آيتون ٻڌائيندو هجين ها، پر (ان زماني جون اهي خبرون) موڪلڻ وارا ته اسان ئي آهيون |
وَما كُنتَ بِجانِبِ الطّورِ إِذ نادَينا وَلٰكِن رَحمَةً مِن رَبِّكَ لِتُنذِرَ قَومًا ما أَتىٰهُم مِن نَذيرٍ مِن قَبلِكَ لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 46) |
۽ تون طور (جبل) جي ڀــَـرِ ۾ به ڪونه هئين، جڏهن اسان (موسيٰ کي پهرئين ڀيري) سڏيو هو، پر اها تنهنجي رب جي رحمت ئي آهي (جو توکي اهو سڀ ڪجهه ڄاڻايو پيو وڃي) تانته تون انهن ماڻهن کي خبردار ڪرين جن وٽ توکان اڳ ڪوبه ڊيڄاريندڙ نه آيو آهي، ته مَنَ ائين ڪو هوش ڌارين |
وَلَولا أَن تُصيبَهُم مُصيبَةٌ بِما قَدَّمَت أَيديهِم فَيَقولوا رَبَّنا لَولا أَرسَلتَ إِلَينا رَسولًا فَنَتَّبِعَ ءايٰتِكَ وَنَكونَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 47) |
(۽ اهو اسان ان ڪري ڪيو آهي ته) متان سندن پنهنجن ڪرتوتن جي ڪري جڏهن ڪا مصيبت اچي پوينِ ته هيئن چون ته "اي پالڻهار! تو ڇو نه اسان ڏي به ڪو رسول موڪليو، ته جيڪر اسان تنهنجي آيتن جي پيروي ڪريون ها ۽ مؤمن بڻجون ها". |
فَلَمّا جاءَهُمُ الحَقُّ مِن عِندِنا قالوا لَولا أوتِىَ مِثلَ ما أوتِىَ موسىٰ أَوَلَم يَكفُروا بِما أوتِىَ موسىٰ مِن قَبلُ قالوا سِحرانِ تَظٰهَرا وَقالوا إِنّا بِكُلٍّ كٰفِرونَ (آيت : 48) |
پر جڏهن اسان وٽان حق وٽن اچي ويو ته اهي چوڻ لڳا ته "هن کي به اهو سڀ ڪجهه ڇونه ڏنو ويو، جيڪو موسيٰ کي ڏنو ويو هو". ڇا ڀلا اهي ماڻهو انهيءَ جو انڪار نه ڪري چڪا آهن، جيڪو اڳي موسيٰ کي ڏنو ويو هو؟ انهن چيو هو ته (توريت ۽ قرآن) ٻئي هڪجهڙا جادو آهن جيڪي هڪ ٻئي جي مدد ڪن ٿا". ۽ چيائون ته "اسان ڪنهن کي به نٿا مڃيون". |
قُل فَأتوا بِكِتٰبٍ مِن عِندِ اللَّهِ هُوَ أَهدىٰ مِنهُما أَتَّبِعهُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 49) |
(اي نبي) چوين ته "چڱو، پوءِ آڻيو ڪو الله وٽان اهڙو ڪتاب، جيڪو انهن ٻنهي کان وڌيڪ هدايت ڏيندڙ هجي، جيڪڏهن توهان سچا آهيو ته مان به ان جي پيروي ڪريان". |
فَإِن لَم يَستَجيبوا لَكَ فَاعلَم أَنَّما يَتَّبِعونَ أَهواءَهُم وَمَن أَضَلُّ مِمَّنِ اتَّبَعَ هَوىٰهُ بِغَيرِ هُدًى مِنَ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 50) |
هاڻي جيڪڏهن هو تنهنجي اها گهر پوري نٿا ڪن ته پوءِ سمجهي ڇڏ ته اهي رڳو پنهنجن خواهشن جي پيروي ڪن ٿا ۽ ان ماڻهوءَ کان وڌيڪ گمراهه ٻيو ڪير هوندو، جيڪو الله جي هدايت کان سواءِ فقط پنهنجن خواهشن جي پيروي ڪري ؟ الله اهڙن ظالمن کي ڪڏهن به هدايت نصيب نه ڪندو آهي |
وَلَقَد وَصَّلنا لَهُمُ القَولَ لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 51) |
۽ (نصيحت جي) ڳالهه اسان لاڳيتو کين پهچائي چڪا آهيون، تانته هو غفلت مان سجاڳ ٿين |
الَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ مِن قَبلِهِ هُم بِهِ يُؤمِنونَ (آيت : 52) |
جن ماڻهن کي هن کان اڳ اسان ڪتاب ڏنو هو، اهي هن (قرآن) تي ايمان آڻن ٿا |
وَإِذا يُتلىٰ عَلَيهِم قالوا ءامَنّا بِهِ إِنَّهُ الحَقُّ مِن رَبِّنا إِنّا كُنّا مِن قَبلِهِ مُسلِمينَ (آيت : 53) |
۽ جڏهن اهو کين پڙهي ٻڌايو وڃي ٿو ته چون ٿا ته "اسان ان تي ايمان آندو، اهو برابر حق آهي اسان جي رب وٽان، اسان ته اڳيئي مسلم آهيون". |
أُولٰئِكَ يُؤتَونَ أَجرَهُم مَرَّتَينِ بِما صَبَروا وَيَدرَءونَ بِالحَسَنَةِ السَّيِّئَةَ وَمِمّا رَزَقنٰهُم يُنفِقونَ (آيت : 54) |
هي اهي ماڻهو آهن، جن کي سندن اجر ٻه دفعا ڏنو ويندو، انهيءَ ثابت قدميءَ جي عيوض جيڪا انهن ڏيکاري آهي. هو برائيءَ کي ڀلائيءَ سان ٽاري ڇڏين ٿا ۽ جيڪو رزق اسان کين ڏنو آهي ان مان ئي خرچ ڪن ٿا |
وَإِذا سَمِعُوا اللَّغوَ أَعرَضوا عَنهُ وَقالوا لَنا أَعمٰلُنا وَلَكُم أَعمٰلُكُم سَلٰمٌ عَلَيكُم لا نَبتَغِى الجٰهِلينَ (آيت : 55) |
۽ جڏهن ڪا بيهودي ڳالهه ٻڌائون ته ائين چئي پاسو ڪري هليا ويا ته "اسان جا عمل اسان لاءِ ۽ توهان جا عمل توهان لاءِ ، توهان تي سلام هجي، اسان جاهلن واري هلت نٿا هلڻ گهرون". |
إِنَّكَ لا تَهدى مَن أَحبَبتَ وَلٰكِنَّ اللَّهَ يَهدى مَن يَشاءُ وَهُوَ أَعلَمُ بِالمُهتَدينَ (آيت : 56) |
اي نبي! تون جنهن کي گهرين تنهن کي هدايت نٿو ڏئي سگهين، پر الله جنهن کي گهري هدايت ڏئي ٿو ۽ هو انهن ماڻهن کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو، جيڪي هدايت تي هلڻ وارا آهن |
وَقالوا إِن نَتَّبِعِ الهُدىٰ مَعَكَ نُتَخَطَّف مِن أَرضِنا أَوَلَم نُمَكِّن لَهُم حَرَمًا ءامِنًا يُجبىٰ إِلَيهِ ثَمَرٰتُ كُلِّ شَيءٍ رِزقًا مِن لَدُنّا وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 57) |
اهي چون ٿا ته "جيڪڏهن اسان توسان گڏ انهيءَ هدايت تي هلياسون ته پنهنجي زمين مان ڪڍي ڦٽو ڪيا وينداسون". ڇا اها حقيقت نه آهي ته اسان هڪڙي امن واري حرم کي سندن رهڻ جي جاءِ بنايوسون، جنهن ڏانهن هر قسم جا ميوا ڇڪجي اچن ٿا اسان وٽان رزق طور؟ پر انهن مان اڪثر ماڻهو ڄاڻن نٿا |
وَكَم أَهلَكنا مِن قَريَةٍ بَطِرَت مَعيشَتَها فَتِلكَ مَسٰكِنُهُم لَم تُسكَن مِن بَعدِهِم إِلّا قَليلًا وَكُنّا نَحنُ الوٰرِثينَ (آيت : 58) |
۽ ڪيتريون ئي اهڙيون آباديون اسان برباد ڪري چڪا آهيون، جن پنهنجي خوشحاليءَ تي وڏائي ڪئي هئي، سو ڏسي وٺو، اهي آهن انهن جون جايون، جن منجهه کانئن پوءِ ڪو ورلي رهيو آهي ۽ نيٺ اسان ئي وڃي وارث بڻياسون |
وَما كانَ رَبُّكَ مُهلِكَ القُرىٰ حَتّىٰ يَبعَثَ فى أُمِّها رَسولًا يَتلوا عَلَيهِم ءايٰتِنا وَما كُنّا مُهلِكِى القُرىٰ إِلّا وَأَهلُها ظٰلِمونَ (آيت : 59) |
۽ تنهنجو رب ته آبادين کي تباهه ڪرڻ وارو نه هو، جيستائين هو سندن مرڪز ۾ ڪو رسول نه موڪلي ڏئي، جيڪو کين اسان جون آيتون پڙهي ٻڌائي ۽ پڻ اسان آبادين کي تيستائين برباد ڪرڻ وارا نه هئاسون، جيستائين سندن رهاڪو ظالم نه بنجن ها |
وَما أوتيتُم مِن شَيءٍ فَمَتٰعُ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَزينَتُها وَما عِندَ اللَّهِ خَيرٌ وَأَبقىٰ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 60) |
توهان کي جيڪي ڪجهه ڏنو ويو آهي، سو ته رڳو دنيا واريءَ زندگيءَ جو سامان ۽ ان جو سينگار آهي ۽ جيڪي ڪجهه الله وٽ آهي، سو ان کان گهڻو ڀلو آهي ۽ وڌيڪ پائدار آهي. پوءِ ڀلا توهان عقل کان ڪم نٿا وٺو ڇا؟ |
أَفَمَن وَعَدنٰهُ وَعدًا حَسَنًا فَهُوَ لٰقيهِ كَمَن مَتَّعنٰهُ مَتٰعَ الحَيوٰةِ الدُّنيا ثُمَّ هُوَ يَومَ القِيٰمَةِ مِنَ المُحضَرينَ (آيت : 61) |
ڇا اهو ماڻهو جنهن سان اسان سهڻو وعدو ڪيو هجي ۽ هو ان کي ماڻڻ وارو به هجي، اهو ڪڏهن انهيءَ شخص وانگر ٿي سگهي ٿو، جنهن کي اسان فقط دنيا جي زندگيءَ جو ساز و سامان ڏنو هجي ۽ پوءِ قيامت جي ڏينهن هو سزا لاءِ پيش ڪيو وڃڻو هجي؟" |
وَيَومَ يُناديهِم فَيَقولُ أَينَ شُرَكاءِىَ الَّذينَ كُنتُم تَزعُمونَ (آيت : 62) |
۽ (نه وسارين اهي ماڻهو) انهيءَ ڏينهن کي جڏهن هو (الله) کين سڏيندو ۽ پڇندو، "ڪٿي آهن منهنجا اهي شريڪ جن جي توهان دعويٰ ڪندا هيؤ؟" |
قالَ الَّذينَ حَقَّ عَلَيهِمُ القَولُ رَبَّنا هٰؤُلاءِ الَّذينَ أَغوَينا أَغوَينٰهُم كَما غَوَينا تَبَرَّأنا إِلَيكَ ما كانوا إِيّانا يَعبُدونَ (آيت : 63) |
جن تي اها ڳالهه لاڳو ٿيندي، اهي چوندا: "اي اسان جا رب! بيشڪ اهي ئي اٿيئي اُهي ماڻهو، جن کي اسان گمراهه ڪيو هو، انهن کي اسان ائين ئي گمراهه ڪيو، جيئن اسان پاڻ گمراهه ٿي وياسون. اسان تنهنجي آڏو لاتعلق هجڻ جو اظهار ڪريون ٿا، اهي اسان جي ته عبادت ڪندا ئي نه هئا". |
وَقيلَ ادعوا شُرَكاءَكُم فَدَعَوهُم فَلَم يَستَجيبوا لَهُم وَرَأَوُا العَذابَ لَو أَنَّهُم كانوا يَهتَدونَ (آيت : 64) |
پوءِ انهن کي چيو ويندو ته سڏيو هاڻي پنهنجن شريڪن کي. هو کين سڏيندا پر اهي کين ورندي نه ڏيندا ۽ هو وڃي عذاب ڏسندا. جيڪر هو هدايت تي هلن ها |
وَيَومَ يُناديهِم فَيَقولُ ماذا أَجَبتُمُ المُرسَلينَ (آيت : 65) |
۽ (نه وسارين اهي ماڻهو) اهو ڏينهن جڏهن هو (الله) کين سڏيندو ۽ پڇندو ته "جيڪي رسول موڪليا ويا هئا، انهن کي توهان ڪهڙي ورندي ڏني هئي؟" |
فَعَمِيَت عَلَيهِمُ الأَنباءُ يَومَئِذٍ فَهُم لا يَتَساءَلونَ (آيت : 66) |
ان وقت ته انهن کان ڪابه ڳالهه نه نڪرندي ۽ نڪي پاڻ ۾ ئي هڪ ٻئي کان پڇي سگهندا |
فَأَمّا مَن تابَ وَءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَعَسىٰ أَن يَكونَ مِنَ المُفلِحينَ (آيت : 67) |
باقي جنهن اڄ توبه ڪئي ۽ ايمان آندائين ۽ نيڪ عمل ڪيائين، اميد آهي ته اُهو ڪاميابي حاصل ڪرڻ وارن مان هوندو |
وَرَبُّكَ يَخلُقُ ما يَشاءُ وَيَختارُ ما كانَ لَهُمُ الخِيَرَةُ سُبحٰنَ اللَّهِ وَتَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 68) |
تنهنجو رب جيڪي وڻيس پيدا ڪري ٿو ۽ (پنهنجي ڪم لاءِ جنهن کي گهري پاڻ ئي) چونڊي وٺي ٿو، ان ڪم ۾ کين ڪوبه اختيار ڪونهي. الله پاڪ آهي ۽ تمام مٿانهون آهي، انهيءَ شرڪ کان جيڪو اُهي ڪن ٿا |
وَرَبُّكَ يَعلَمُ ما تُكِنُّ صُدورُهُم وَما يُعلِنونَ (آيت : 69) |
تنهنجو رب ڄاڻي ٿو، جيڪي انهن دلين ۾ لڪايو آهي ۽ جيڪي اهي کولي پڌرو ڪن ٿا |
وَهُوَ اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ لَهُ الحَمدُ فِى الأولىٰ وَالءاخِرَةِ وَلَهُ الحُكمُ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 70) |
اهو الله ئي آهي، جنهن کان سواءِ ٻيو ڪوبه عبادت جي لائق ناهي. انهيءَ لاءِ ساراهه آهي دنيا ۾ به ته آخرت ۾ به، حڪومت انهيءَ جي آهي ۽ انهيءَ ڏانهن توهان سڀئي موٽائي آندا ويندؤ |
قُل أَرَءَيتُم إِن جَعَلَ اللَّهُ عَلَيكُمُ الَّيلَ سَرمَدًا إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ مَن إِلٰهٌ غَيرُ اللَّهِ يَأتيكُم بِضِياءٍ أَفَلا تَسمَعونَ (آيت : 71) |
اي نبي! چوين ته توهان ڪڏهن سوچيو آهي ته جي الله قيامت تائين توهان تي رات مڙهي ڇڏي ته الله کان سواءِ ٻيو ڪهڙو معبود آهي، جيڪو توهان کي سوجهرو آڻي ڏئي؟ ڇا پوءِ توهان نٿا ٻڌو؟ |
قُل أَرَءَيتُم إِن جَعَلَ اللَّهُ عَلَيكُمُ النَّهارَ سَرمَدًا إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ مَن إِلٰهٌ غَيرُ اللَّهِ يَأتيكُم بِلَيلٍ تَسكُنونَ فيهِ أَفَلا تُبصِرونَ (آيت : 72) |
پڇين ته ڪڏهن سوچيو اٿوَ ته جيڪڏهن الله قيامت تائين توهان تي ڏينهن مڙهي ڇڏي ته الله کانسواءِ ٻيو ڪهڙو معبود آهي، جيڪو توهان کي رات آڻي ڏيندو تانته توهان منجهس آرام ڪري سگهو؟ ڇا پوءِ توهان نٿا ڏسو؟ |
وَمِن رَحمَتِهِ جَعَلَ لَكُمُ الَّيلَ وَالنَّهارَ لِتَسكُنوا فيهِ وَلِتَبتَغوا مِن فَضلِهِ وَلَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 73) |
اها ته سندس رحمت آهي جو هن توهان جي لاءِ رات ۽ ڏينهن بڻايا آهن ته جيئن توهان (رات جو) آرام ڪري سگهو ۽ (ڏينهن جو) پنهنجي رب جي فضل جي ڳولا ڪريو ته مــَـن توهان شڪر ڪريو |
وَيَومَ يُناديهِم فَيَقولُ أَينَ شُرَكاءِىَ الَّذينَ كُنتُم تَزعُمونَ (آيت : 74) |
(ڌيان ۾ رکن اهي ماڻهو) اهو ڏينهن جڏهن هو (الله) کين سڏيندو ۽ پوءِ پڇندو ته "ڪٿي آهن منهنجا اهي شريڪ جن کي توهان مون جهڙو ڀانئيندا هيؤ؟" |
وَنَزَعنا مِن كُلِّ أُمَّةٍ شَهيدًا فَقُلنا هاتوا بُرهٰنَكُم فَعَلِموا أَنَّ الحَقَّ لِلَّهِ وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 75) |
۽ اسان هر امت مان هڪڙو شاهد ڪڍي ٻاهر ڪنداسون پوءِ چونداسون: "آڻيو هاڻي پنهنجو دليل". تڏهن معلوم ٿي ويندن ته بيشڪ حق الله جي پاسي آهي ۽ اهي سارا ٺڳيءَ جا ٺاهه گم ٿي ويندن، جيڪي گهڙيا هئائون |
إِنَّ قٰرونَ كانَ مِن قَومِ موسىٰ فَبَغىٰ عَلَيهِم وَءاتَينٰهُ مِنَ الكُنوزِ ما إِنَّ مَفاتِحَهُ لَتَنوأُ بِالعُصبَةِ أُولِى القُوَّةِ إِذ قالَ لَهُ قَومُهُ لا تَفرَح إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ الفَرِحينَ (آيت : 76) |
قارون برابر موسيٰ جي قوم جو ماڻهو هو، پر پوءِ هو پنهنجيءَ قوم جو باغي بڻجي ويو ۽ اسان کيس ايترا ته خزانا ڏئي ڇڏيا هئا، جو انهن جون ڪنجيون سگهارن ماڻهن جو هڪڙو ٽولو مس کڻي سگهندو هو. هڪ ڀيري جڏهن سندس قوم جي ماڻهن کيس چيو ته آڪڙ نه ڪر، الله آڪڙ ڪرڻ وارن کي پسند نه ڪندو آهي |
وَابتَغِ فيما ءاتىٰكَ اللَّهُ الدّارَ الءاخِرَةَ وَلا تَنسَ نَصيبَكَ مِنَ الدُّنيا وَأَحسِن كَما أَحسَنَ اللَّهُ إِلَيكَ وَلا تَبغِ الفَسادَ فِى الأَرضِ إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ المُفسِدينَ (آيت : 77) |
جيڪو مال الله توکي ڏنو آهي ان جي وسيلي آخرت جو گهر بنائڻ جي ڪوشش ڪر ۽ دنيا مان به پنهنجو حصو نه وسار. چڱائي ڪر، جيئن الله توسان چڱائي ڪئي آهي ۽ زمين ۾ فساد وجهڻ جي ڪوشش نه ڪر، الله فساد وجهڻ وارن کي پسند نه ڪندو آهي |
قالَ إِنَّما أوتيتُهُ عَلىٰ عِلمٍ عِندى أَوَلَم يَعلَم أَنَّ اللَّهَ قَد أَهلَكَ مِن قَبلِهِ مِنَ القُرونِ مَن هُوَ أَشَدُّ مِنهُ قُوَّةً وَأَكثَرُ جَمعًا وَلا يُسـَٔلُ عَن ذُنوبِهِمُ المُجرِمونَ (آيت : 78) |
ته چيائين ته "اهو سڀ ڪجهه ته مونکي مون واري علم جي ڪري ئي حاصل ٿيو آهي". ڇا کيس اهو علم نه هو ته الله کانئس اڳ اهڙن گهڻن ئي ماڻهن کي ختم ڪري چڪو آهي، جيڪي هن کان به وڌيڪ طاقتور هئا ۽ وٽن خلق به وڏي هئي؟ ۽ ڏوهارين کان ته سندن ڏوهه پڇبائي ناهن |
فَخَرَجَ عَلىٰ قَومِهِ فى زينَتِهِ قالَ الَّذينَ يُريدونَ الحَيوٰةَ الدُّنيا يٰلَيتَ لَنا مِثلَ ما أوتِىَ قٰرونُ إِنَّهُ لَذو حَظٍّ عَظيمٍ (آيت : 79) |
پوءِ هڪڙي ڏينهن هو پنهنجي قوم جي آڏو وڏي ٺٺ ٺانگر سان نڪتو. جيڪي ماڻهو دنيا جي زندگيءَ جا طالبو هئا، اهي کيس ڏسي چوڻ لڳا ته "جيڪر اسان کي به اهڙو ئي سڀ ڪجهه هجي ها جهڙو قارون کي ڏنو ويو آهي، هيءُ ته ڪو وڏي ڀاڳ وارو آهي". |
وَقالَ الَّذينَ أوتُوا العِلمَ وَيلَكُم ثَوابُ اللَّهِ خَيرٌ لِمَن ءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا وَلا يُلَقّىٰها إِلَّا الصّٰبِرونَ (آيت : 80) |
پر جيڪي علم وارا هئا، اهي چوڻ لڳا: "افسوس آهي توهان جي حال تي، الله جو ڏنل ثواب ته وڌيڪ سٺو آهي ان ماڻهوءَ لاءِ جيڪو ايمان آڻي ۽ نيڪ عمل ڪري، ۽ اها دولت فقط صبر ڪرڻ وارن کي ئي نصيب ٿيندي آهي". |
فَخَسَفنا بِهِ وَبِدارِهِ الأَرضَ فَما كانَ لَهُ مِن فِئَةٍ يَنصُرونَهُ مِن دونِ اللَّهِ وَما كانَ مِنَ المُنتَصِرينَ (آيت : 81) |
نيٺ اسان کيس ۽ سندس گهر کي زمين ۾ غرق ڪري ڇڏيو، پوءِ ڪوبه اهڙو ٽولو نه مليس، جيڪو الله جي مقابلي ۾ سندس ڪا مدد ڪري سگهي ها ۽ نڪي پاڻ ئي پنهنجي ڪا مدد ڪري سگهيو |
وَأَصبَحَ الَّذينَ تَمَنَّوا مَكانَهُ بِالأَمسِ يَقولونَ وَيكَأَنَّ اللَّهَ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَيَقدِرُ لَولا أَن مَنَّ اللَّهُ عَلَينا لَخَسَفَ بِنا وَيكَأَنَّهُ لا يُفلِحُ الكٰفِرونَ (آيت : 82) |
هاڻي اهي ئي ماڻهو جن ڪالهه سندس مرتبي جي ســَـڌ پئي ڪئي چوڻ لڳا ته "افسوس، اسان ته وساري ڇڏيو هو ته الله پنهنجن ٻانهن مان جنهن جو رزق چاهيندو آهي، ڪشادو ڪري ڇڏيندو آهي ۽ جنهن جو گهرندو آهي تنگ ڪندو آهي، جيڪڏهن الله اسان تي مهرباني نه ڪئي هجي ها ته اسانکي به زمين ۾ ڳهائي ڇڏي ها. افسوس جو اسان کي ياد نه رهيو ته ڪافر ته ڪامياب ناهن ٿيندا". |
تِلكَ الدّارُ الءاخِرَةُ نَجعَلُها لِلَّذينَ لا يُريدونَ عُلُوًّا فِى الأَرضِ وَلا فَسادًا وَالعٰقِبَةُ لِلمُتَّقينَ (آيت : 83) |
اهو آخرت وارو گهر ته اسان فقط انهن ماڻهن لاءِ خاص ڪري ڇڏينداسون، جيڪي زمين ۾ وڏائي نٿا چاهن ۽ نڪي فساد ڪرڻ ٿا چاهن ۽ ڀلي پڇاڙي ته متقين لاءِ ئي آهي |
مَن جاءَ بِالحَسَنَةِ فَلَهُ خَيرٌ مِنها وَمَن جاءَ بِالسَّيِّئَةِ فَلا يُجزَى الَّذينَ عَمِلُوا السَّيِّـٔاتِ إِلّا ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 84) |
جيڪو به ڀلائي آڻيندو، ان لاءِ اڃان به وڌيڪ ڀلائي آهي ۽ جيڪو برائي آڻيندو ته براين ڪرڻ وارن کي بدلو به اهڙو ئي ملندو، جهڙا اهي عمل ڪندا هئا |
إِنَّ الَّذى فَرَضَ عَلَيكَ القُرءانَ لَرادُّكَ إِلىٰ مَعادٍ قُل رَبّى أَعلَمُ مَن جاءَ بِالهُدىٰ وَمَن هُوَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 85) |
اي نبي! پڪ ڄاڻ ته جنهن هيءُ قرآن توتي فرض (نازل) ڪيو آهي، سو ئي توکي موٽائي سهڻي ماڳ رسائڻ وارو آهي. ٻڌائي ڇڏين ته "منهنجو رب چڱيءَ طرح ٿو ڄاڻي ته هدايت کڻي ڪير آيو آهي ۽ پڌري گمراهيءَ ۾ ڪير پيل آهي". |
وَما كُنتَ تَرجوا أَن يُلقىٰ إِلَيكَ الكِتٰبُ إِلّا رَحمَةً مِن رَبِّكَ فَلا تَكونَنَّ ظَهيرًا لِلكٰفِرينَ (آيت : 86) |
تون ان ڳالهه جو ڪڏهن به اميدوار ڪونه هئين ته توتي ڪتاب نازل ڪيو وڃي، اهو ته فقط تنهنجي رب جي رحمت سبب (توتي نازل ٿيو آهي) تنهنڪري تون ڪافرن جو مددگار نه ٿيءُ |
وَلا يَصُدُّنَّكَ عَن ءايٰتِ اللَّهِ بَعدَ إِذ أُنزِلَت إِلَيكَ وَادعُ إِلىٰ رَبِّكَ وَلا تَكونَنَّ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 87) |
۽ ائين ڪڏهن به نه ٿيڻ کپي ته جڏهن الله جون آيتون توتي نازل ٿين ته ڪافر توکي انهن کان روڪي بيهن. پنهنجي رب ڏانهن سڏ ۽ ڪڏهن به مشرڪن مان نه ٿيءُ |
وَلا تَدعُ مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ كُلُّ شَيءٍ هالِكٌ إِلّا وَجهَهُ لَهُ الحُكمُ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 88) |
۽ الله سان گڏ ٻئي ڪنهن به معبود کي نه سڏ. انهيءَ کانسواءِ ٻيو ڪوبه معبود نه آهي. هر شيءِ فنا ٿيڻي آهي، سواءِ ان جي ذات جي. حڪومت انهيءَ جي ئي آهي ۽ انهيءَ ڏانهن ئي توهان سڀني کي موٽايو ويندؤ. |