طسم (آيت : 1) |
طسم |
تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ المُبينِ (آيت : 2) |
(اي رسول) اهي پڌري ڪتاب جون آيتون آهن. |
نَتلوا عَلَيكَ مِن نَبَإِ موسىٰ وَفِرعَونَ بِالحَقِّ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 3) |
(جن ۾) اسين تو کي موسى ۽ فرعون جو ڪجھ احوال، ايمان وارن ماڻهن جي فائدي لاءِ ٺيڪ ٺيڪ ٻڌايون. |
إِنَّ فِرعَونَ عَلا فِى الأَرضِ وَجَعَلَ أَهلَها شِيَعًا يَستَضعِفُ طائِفَةً مِنهُم يُذَبِّحُ أَبناءَهُم وَيَستَحيۦ نِساءَهُم إِنَّهُ كانَ مِنَ المُفسِدينَ (آيت : 4) |
بيشڪ فرعون (مصر جي) زمين ۾ وڏائي ڪئي ۽ ان جي رهڻ وارن کي ڪيئي ٽولا (گروھ) ڪري ڇڏيو هئائين، جن مان هڪ گروھ (بني اسرائيلن) کي ڪمزور ڪري ڇڏيائين ٿي، سندن پٽن کي ڪٺائين ٿي۽ انهن جي ڌيئرن کي جيئرو ڇڏيائين ٿي. بيشڪ اهو فسادين مان هو. |
وَنُريدُ أَن نَمُنَّ عَلَى الَّذينَ استُضعِفوا فِى الأَرضِ وَنَجعَلَهُم أَئِمَّةً وَنَجعَلَهُمُ الوٰرِثينَ (آيت : 5) |
۽ اسين ته هي چاهيون ٿا ته جن کي زمين ۾ ڪمزور ڪيو ويو تن تي احسان ڪريون ۽ تن کي پيشوا بنايون ۽ انهن کي ان (زمين) جو مالڪ ڪريون. |
وَنُمَكِّنَ لَهُم فِى الأَرضِ وَنُرِىَ فِرعَونَ وَهٰمٰنَ وَجُنودَهُما مِنهُم ما كانوا يَحذَرونَ (آيت : 6) |
پڻ انهن کي زمين تي پوري قدرت عطا ڪريون ۽ فرعون ۽ هامان ۽ ٻنهين جي لشڪرن کي انهن کي ڪمزورن جي هٿن سان اها ڳالھ ڏيکاريون جنهن کان اهي شخص ڊڄندا هئا. |
وَأَوحَينا إِلىٰ أُمِّ موسىٰ أَن أَرضِعيهِ فَإِذا خِفتِ عَلَيهِ فَأَلقيهِ فِى اليَمِّ وَلا تَخافى وَلا تَحزَنى إِنّا رادّوهُ إِلَيكِ وَجاعِلوهُ مِنَ المُرسَلينَ (آيت : 7) |
۽ اسان موسى جي ماءُ ڏي وحي موڪليو ته تون ان کي کير پيار! پوءِ جڏهن تو کي ان جو ڊپ ٿئي ته ان کي (صندوق ۾ رکي) دريا ۾ اڇلاءِ ۽ ڊپ نه ڪج ۽ نه غمگين ٿج. بيشڪ اسين ان کي تو ڏي موٽائينداسون ۽ ان کي (پنهنجو) رسول بنائينداسون. |
فَالتَقَطَهُ ءالُ فِرعَونَ لِيَكونَ لَهُم عَدُوًّا وَحَزَنًا إِنَّ فِرعَونَ وَهٰمٰنَ وَجُنودَهُما كانوا خٰطِـٔينَ (آيت : 8) |
(مطلب ته موسى جي ماءُ کيس درياءَ ۾ وهائي ڇڏيو ته اها صندوق وهندي وهندي وڃي فرعون جي محل کي لڳي ته) فرعون جي ماڻهن ان کي کڻي ورتو ته (هڪ ڏينهن اهو ئي) سندن دشمن ۽ انهن جي غم جو سبب ٿئي.بيشڪ فرعون ۽ هامان ۽ سندن لشڪر خطا ڪندڙ هئا. |
وَقالَتِ امرَأَتُ فِرعَونَ قُرَّتُ عَينٍ لى وَلَكَ لا تَقتُلوهُ عَسىٰ أَن يَنفَعَنا أَو نَتَّخِذَهُ وَلَدًا وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 9) |
(۽ جڏهن موسى محل ۾ آندو ويو) ته فرعون جي زال(آسيه پنهنجي مڙس کي) چوڻ لڳي ته (هيءُ ٻار) منهنجي ۽ تنهنجي (ٻنهي جي) اکين جو ٺار آهي، ان کي نه ڪهو، من اسان جي ڪم اچي يا ان کي پٽ بنايون. هوڏانهن (سندس هٿان برباد ٿيڻ جي) کين خبر ڪين هئي. |
وَأَصبَحَ فُؤادُ أُمِّ موسىٰ فٰرِغًا إِن كادَت لَتُبدى بِهِ لَولا أَن رَبَطنا عَلىٰ قَلبِها لِتَكونَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 10) |
(هيڏانهن هيءُ حال هو) ۽ (هوڏانهن) موسى جي ماءُ جي دل اهڙي ته بي قرار هئي جو جيڪڏهن اسين ان جي دل مضبوط نه ڪريون ها ته اها موسى جو حال ظاهر ڪري وهي ها (پڻ ان لاءِ اسان کين توفيق ڏني) ته جيئن هوءَ (اسان جي وعدي جو) يقين رکي. |
وَقالَت لِأُختِهِ قُصّيهِ فَبَصُرَت بِهِ عَن جُنُبٍ وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 11) |
۽ موسى جي ماءُ (دريا ۾ اڇلڻ وقت) سندس ڀيڻ (ڪلثوم) کي چيو ته ان جي پويان لڳي وڃ، پوءِ اها ان کي پري کان ڏسندي رهي ۽ انهن ماڻهن کي خبر به نه پئي. |
وَحَرَّمنا عَلَيهِ المَراضِعَ مِن قَبلُ فَقالَت هَل أَدُلُّكُم عَلىٰ أَهلِ بَيتٍ يَكفُلونَهُ لَكُم وَهُم لَهُ نٰصِحونَ (آيت : 12) |
۽ اسان موسى تي شروع کان ٻين داين (جي ٿڃ) کي حرام ڪري ڇڏيو هو (جو ڪنهين جو ڌانوڻ نه ڌايو) تڏهن موسى جي ڀيڻ چيو ته ڇا آءُ اوهان کي اهڙو گهراڻو ڏسيان جيڪي هن جي اوهان لاءِ سنڀال ڪن ۽ اهي ان جا خير خواھ به هجن. |
فَرَدَدنٰهُ إِلىٰ أُمِّهِ كَى تَقَرَّ عَينُها وَلا تَحزَنَ وَلِتَعلَمَ أَنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 13) |
مطلب ته (ان ترڪيب سان) اسان موسى کي سندس ماءُ ڏي وري آندو هن لاءِ ته سندس اکيون ٺرن ۽ غمگين نه ٿئي ۽ هن لاءِ ته ڄاڻي ته بيشڪ خداجو وعدو سچو آهي پر انهن مان گهڻا نه ٿا ڄاڻن. |
وَلَمّا بَلَغَ أَشُدَّهُ وَاستَوىٰ ءاتَينٰهُ حُكمًا وَعِلمًا وَكَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 14) |
۽ جڏهن موسى پنهنجيءَ جوانيءَ کي پهتو ۽ پختو ٿيو تڏهن اسان ان کي حڪمت ۽ علم عطا ڪيو. ۽ نيڪي ڪندڙن کي اسان اهڙيءَ طرح بدلو ڏيون ٿا. |
وَدَخَلَ المَدينَةَ عَلىٰ حينِ غَفلَةٍ مِن أَهلِها فَوَجَدَ فيها رَجُلَينِ يَقتَتِلانِ هٰذا مِن شيعَتِهِ وَهٰذا مِن عَدُوِّهِ فَاستَغٰثَهُ الَّذى مِن شيعَتِهِ عَلَى الَّذى مِن عَدُوِّهِ فَوَكَزَهُ موسىٰ فَقَضىٰ عَلَيهِ قالَ هٰذا مِن عَمَلِ الشَّيطٰنِ إِنَّهُ عَدُوٌّ مُضِلٌّ مُبينٌ (آيت : 15) |
۽ هڪ ڏينهن اوچتو موسى شهر ۾ اهڙي وقت آيو جو اتي جا ماڻهو (ننڊ جي) غفلت ۾ پيا هئا ته اتي ٻه مرد پاڻ ۾ وڙهندي ڏٺائين، هيءُ (هڪڙو ته) سندس قوم (بني اسرائيلن) مان هو ۽ هيءُ (ٻيو) سندس دشمن قوم جو (قبطي) هو. پوءِ جيڪو سندس قوم مان هو تنهن موسى کان ان سان وڙهڻ لاءِ مدد گهري جيڪو سندس دشمن مان هو،پوءِ موسى ان (دشمن) کي مڪ هنئين ۽ ان کي ماري وڌائين. موسى (تنهن وقت) فرمايو ته هي سندن وڙهڻ ۽ جهڳڙو (ڪرڻ) شيطاني ڪم هو. بيشڪ اهو گمراھ ڪندڙ پڌرو دشمن آهي. |
قالَ رَبِّ إِنّى ظَلَمتُ نَفسى فَاغفِر لى فَغَفَرَ لَهُ إِنَّهُ هُوَ الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 16) |
(پوءِ خدا جي بارگاھ ۾) عرض ڪيائين ته: اي منهنجا پالڻهار! مون پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪيو (جو هن شهر ۾ آيس) پوءِ تون مون کي (دشمن کان) پوشيده رک! مطلب ته خدا کيس پوشيده رکيو. بيشڪ اهو وڏو ڍڪڻهار نهايت رحم وارو آهي. |
قالَ رَبِّ بِما أَنعَمتَ عَلَىَّ فَلَن أَكونَ ظَهيرًا لِلمُجرِمينَ (آيت : 17) |
موسى عرض ڪيو ته اي منهنجا پالڻهار! بيشڪتو مون تي جيڪو فضل ڪيو تنهن ڪري ڪڏهن به ڏوهارين جو مددگار نه ٿيندس. |
فَأَصبَحَ فِى المَدينَةِ خائِفًا يَتَرَقَّبُ فَإِذَا الَّذِى استَنصَرَهُ بِالأَمسِ يَستَصرِخُهُ قالَ لَهُ موسىٰ إِنَّكَ لَغَوِىٌّ مُبينٌ (آيت : 18) |
مطلب ته (رات جيئن تئين گذري) صبح جو ڪجھ اميد ڪجھ خوف جي حالت ۾ موسى شهر ۾ ويو ته ڏٺائين ته اهو ئي شخص جنهن ڪالھ ان کان مدد گهري هئي سو ان کي مدد لاءِ پيو سڏي. موسى ان کي چيو ته بيشڪ تون پڌرو گمراھ آهين. |
فَلَمّا أَن أَرادَ أَن يَبطِشَ بِالَّذى هُوَ عَدُوٌّ لَهُما قالَ يٰموسىٰ أَتُريدُ أَن تَقتُلَنى كَما قَتَلتَ نَفسًا بِالأَمسِ إِن تُريدُ إِلّا أَن تَكونَ جَبّارًا فِى الأَرضِ وَما تُريدُ أَن تَكونَ مِنَ المُصلِحينَ (آيت : 19) |
نيٺ جڏهن موسى گهريو ته ان شخص تي جيڪو ٻنهي جو دشمن هو (ڇڏائڻ لاءِ) هٿ ڊگهيري ته قبطي چوڻ لڳو ته: اي موسى! جيئن تو ڪالھ هڪ ماڻهوءَ کي ماري ڇڏيو (تئين) مون کي به مارڻ گهرين ٿو؟ تون رڳو زمين ۾ زبردست ٿيڻ گهرين ٿو ۽ صلح ڪرائڻ وارن مان ٿيڻ نه ٿو گهرين. |
وَجاءَ رَجُلٌ مِن أَقصَا المَدينَةِ يَسعىٰ قالَ يٰموسىٰ إِنَّ المَلَأَ يَأتَمِرونَ بِكَ لِيَقتُلوكَ فَاخرُج إِنّى لَكَ مِنَ النّٰصِحينَ (آيت : 20) |
۽ هڪ مرد شهر جي پوئين پاسي کان ڊوڙندو آيو ۽ (موسى کي) چوڻ لڳو اي موسى (پڪ ڄاڻ ته شهر جا) وڏا وڏا ماڻهو تنهنجي باري ۾ پاڻ ۾ صلاح ڪري رهيا آهن ته تو کي قتل ڪن سو تون (شهر مان) نڪري وڃ! آءُ تنهنجي خير خواهن مان آهيان. |
فَخَرَجَ مِنها خائِفًا يَتَرَقَّبُ قالَ رَبِّ نَجِّنى مِنَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 21) |
پوءِ موسى اتان اميد ۽ خوف ۾ نڪتو ۽ (خدا جي بارگاھ ۾) عرض ڪيائين ته پالڻهار! مون کي ظالم ماڻهن کان بچاءِ! |
وَلَمّا تَوَجَّهَ تِلقاءَ مَديَنَ قالَ عَسىٰ رَبّى أَن يَهدِيَنى سَواءَ السَّبيلِ (آيت : 22) |
۽ جڏهن مدين (شهر) ڏي رخ ڪيائين ۽ (رستو نه ڄاڻندو هو) ته پنهنجو پاڻ چيائين ته مون کي اميد آهي ته منهنجو پروردگار مون کي سڌو رستو ڏيکاريندو. |
وَلَمّا وَرَدَ ماءَ مَديَنَ وَجَدَ عَلَيهِ أُمَّةً مِنَ النّاسِ يَسقونَ وَوَجَدَ مِن دونِهِمُ امرَأَتَينِ تَذودانِ قالَ ما خَطبُكُما قالَتا لا نَسقى حَتّىٰ يُصدِرَ الرِّعاءُ وَأَبونا شَيخٌ كَبيرٌ (آيت : 23) |
۽ (اٺ ڏينهن فاقو ڪندو هليو) جڏهن مدين شهر جي کوھ تي (جيڪو شهر کان ٻاهر هو) پهتو ته اتي کوھ تي ماڻهن جي ڀيڙ ڏٺائين جو اهي (پنهنجي مال کي) پاڻي پياري رهيا آهن ۽ انهن (ماڻهن) کان هڪ پاسي ٻه زالون (حضرت شعيب جون ڌيئرون) ڏٺائين ته اهي (پنهنجين ٻڪرين کي جدا) جهليون بيٺيون آهن.موسى (انهن کان) پڇيو ته اوهان جو مطلب ڇا آهي؟ انهن چيو ته جيستائين ڌنار (پنهنجا جانور) موٽائي وٺي وڃن، تيسين نه پيارينديوسون ۽ اسان جو پيءُ وڏو ٻڍو آهي. |
فَسَقىٰ لَهُما ثُمَّ تَوَلّىٰ إِلَى الظِّلِّ فَقالَ رَبِّ إِنّى لِما أَنزَلتَ إِلَىَّ مِن خَيرٍ فَقيرٌ (آيت : 24) |
تڏهن موسى انهن (ٻڪرين کي ٻوڪي سان پاڻي ڇڪي) پياريو. پوءِ اتان هٽي ڇانو ۾ اچي ويٺو (جيئن ته ڏاڍي بک هيس) عرض ڪيائين خداوندا! (هن وقت) جا نعمت تون مون ڏي موڪلين آءُ ان لاءِ (ڏاڍو) محتاج آهيان. |
فَجاءَتهُ إِحدىٰهُما تَمشى عَلَى استِحياءٍ قالَت إِنَّ أَبى يَدعوكَ لِيَجزِيَكَ أَجرَ ما سَقَيتَ لَنا فَلَمّا جاءَهُ وَقَصَّ عَلَيهِ القَصَصَ قالَ لا تَخَف نَجَوتَ مِنَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 25) |
ايتري ۾ انهن مان هڪ عورت ان وٽ شرم سان هلندي آئي (۽ موسى کي) چوڻ لڳي ته منهنجو پيءُ تو کي سڏي ٿو هن لاءِ ته اسان جي واسطي جو (ڌڻ کي) پاڻي پياريو آهي تنهن جي تو کي مزدوري ڏئي. پوءِ جڏهن موسى شعيب وٽ آيو ۽ ان کي احوال ٻڌائين تڏهن ان چيس ته نه ڊڄ! تون ظالم قوم کان بچي آئين. |
قالَت إِحدىٰهُما يٰأَبَتِ استَـٔجِرهُ إِنَّ خَيرَ مَنِ استَـٔجَرتَ القَوِىُّ الأَمينُ (آيت : 26) |
(ايتري ۾) انهن ٻنهين مان هڪ نينگر (پيءُ کي) چيو اي بابا! هن کي نوڪر رک! ڇو ته چڱو ماڻهو جنهن کي نوڪر رکڻ گهرين ٿو سو طاقتور (۽) امانتدار هجي (۽ هن ۾ اهي ٻئي ڳالهيون آهن) |
قالَ إِنّى أُريدُ أَن أُنكِحَكَ إِحدَى ابنَتَىَّ هٰتَينِ عَلىٰ أَن تَأجُرَنى ثَمٰنِىَ حِجَجٍ فَإِن أَتمَمتَ عَشرًا فَمِن عِندِكَ وَما أُريدُ أَن أَشُقَّ عَلَيكَ سَتَجِدُنى إِن شاءَ اللَّهُ مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 27) |
شعيب (موسى کي) چيو ته آءُ تنهنجي شادي پنهنجي هنن ٻن ڌيئرن مان هڪ سان ڪرائڻ گهران ٿو هن شرط تي ته تون منهنجي اٺ سال نوڪري ڪندين، ۽ جيڪڏهن تون ڏھ سال پورا ڪندين ته تنهنجو احسان، ۽ آءُ تو تي تڪليف رکڻ نٿو گهران. جيڪڏهن خدا گهريو ته تون مون کي نيڪن مان ڏسندين. |
قالَ ذٰلِكَ بَينى وَبَينَكَ أَيَّمَا الأَجَلَينِ قَضَيتُ فَلا عُدوٰنَ عَلَىَّ وَاللَّهُ عَلىٰ ما نَقولُ وَكيلٌ (آيت : 28) |
موسى چيس ته اهو منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ (انجام) آهي. انهن ٻنهي مدتن مان ڪا به پوري ڪريان ته مون تي ڪا به زيادتي نه ٿئي، ۽ جيڪي اسين چئون ٿا تنهن تي خدا شاهد آهي. (مطلب ته موسى جو ننڊي نينگر سان نڪاح ٿيو ۽ رهڻ لڳو). |
فَلَمّا قَضىٰ موسَى الأَجَلَ وَسارَ بِأَهلِهِ ءانَسَ مِن جانِبِ الطّورِ نارًا قالَ لِأَهلِهِ امكُثوا إِنّى ءانَستُ نارًا لَعَلّى ءاتيكُم مِنها بِخَبَرٍ أَو جَذوَةٍ مِنَ النّارِ لَعَلَّكُم تَصطَلونَ (آيت : 29) |
پوءِ موسى پنهنجي (ڏهن ورهين جي) مدت پوري ڪئي ۽ گهرواريءَ کي وٺي هليو ته (ڪاري رات ۽ سيارو ۽ رستو ڀلجي ويو، پڻ بي بي صفوران کي ويم جا سور ٿيا ته ايتري ۾) طور جبل ڏي باھ ٻرندي ڏسڻ ۾ آيس ته گهروارن کي چيائين ته اوهين ترسو مون هڪ باھ ڏٺي آهي، من اتان اوهان وٽ ڪا خبر يا باھ جو ٽانڊو آڻيان ته من اوهين پاڻ سيڪيو. |
فَلَمّا أَتىٰها نودِىَ مِن شٰطِئِ الوادِ الأَيمَنِ فِى البُقعَةِ المُبٰرَكَةِ مِنَ الشَّجَرَةِ أَن يٰموسىٰ إِنّى أَنَا اللَّهُ رَبُّ العٰلَمينَ (آيت : 30) |
پوءِ جڏهن باھ وٽ پهتو ته ان کي ميدان جي سڄي ڪناري کان برڪت واري جاءِ ۾ وڻ مان آواز آيو ته اي موسى! آءُ اي جهانن جو پاليندڙ آهيان. |
وَأَن أَلقِ عَصاكَ فَلَمّا رَءاها تَهتَزُّ كَأَنَّها جانٌّ وَلّىٰ مُدبِرًا وَلَم يُعَقِّب يٰموسىٰ أَقبِل وَلا تَخَف إِنَّكَ مِنَ الءامِنينَ (آيت : 31) |
۽ تون پنهنجي لٺ اڇل! پوءِ جڏهن (اڇليائين ته) ان کي اهڙي طرح چرندو (۽ هلندو) ڏٺائين ڄڻ اها (جيئري) ازدها آهي ته پٺ ڏيئي ڦريو ۽ پوئتي (منهن موڙي به) نه ڏٺائين. (ته اسان فرمايس ته) اي موسى اڳي اچ ۽ نه ڊڄ! تون هر طرح امن امان ۾ آهين. |
اسلُك يَدَكَ فى جَيبِكَ تَخرُج بَيضاءَ مِن غَيرِ سوءٍ وَاضمُم إِلَيكَ جَناحَكَ مِنَ الرَّهبِ فَذٰنِكَ بُرهٰنانِ مِن رَبِّكَ إِلىٰ فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِ إِنَّهُم كانوا قَومًا فٰسِقينَ (آيت : 32) |
(چڱو! پوءِ هي ته) پنهنجي هٿ کي پنهنجي گريبان ۾ وجھ ته ڪنهن به عيب کان سواءِ سفيد چمڪندڙ ٿي نڪري ۽ پنهنجيون ٻانهون خوف کان پاڻ ڏي ملاءِ. (ته جيئن خوف وڃي) مطلب ته (عصا ۽ يد بيضا) اهي ٻه دليل فرعون ۽ سندس (درباري) سردارن ڏي تنهنجي پروردگار جي طرفان آهن. بيشڪ اهي بدڪار ماڻهو هئا. |
قالَ رَبِّ إِنّى قَتَلتُ مِنهُم نَفسًا فَأَخافُ أَن يَقتُلونِ (آيت : 33) |
موسى عرض ڪيو ته منهنجا پالڻهار! بيشڪ انهن مان هڪ ماڻهوءَ کي قتل ڪيو آهي سو آءُ ڊڄان ٿو ته متان مون کي قتل نه ڪن. |
وَأَخى هٰرونُ هُوَ أَفصَحُ مِنّى لِسانًا فَأَرسِلهُ مَعِىَ رِدءًا يُصَدِّقُنى إِنّى أَخافُ أَن يُكَذِّبونِ (آيت : 34) |
۽ منهنجي ڀاءُ هارون جي زبان مون کان زياده چٽي آهي سو تون ان کي مون سان مددگار ڪري موڪل ته منهنجي تصديق ڪري، آءُ ڊڄان ٿو ته متان مون کي ڪوڙو ڪن. |
قالَ سَنَشُدُّ عَضُدَكَ بِأَخيكَ وَنَجعَلُ لَكُما سُلطٰنًا فَلا يَصِلونَ إِلَيكُما بِـٔايٰتِنا أَنتُما وَمَنِ اتَّبَعَكُمَا الغٰلِبونَ (آيت : 35) |
خدا فرمايو ته اسين تنهنجو بازو تنهنجي ڀاءُ سان مضبوط ڪنداسون ۽ اوهان کي غلبو ڏينداسون (ته) پوءِ اوهان ٻنهي تائين اهي پهچي نه سگهندا، اسان جي معجزن ڪري، اوهين ٻئي ۽ جيڪي اوهان جا تابع ٿيا غالب ٿيندو. |
فَلَمّا جاءَهُم موسىٰ بِـٔايٰتِنا بَيِّنٰتٍ قالوا ما هٰذا إِلّا سِحرٌ مُفتَرًى وَما سَمِعنا بِهٰذا فى ءابائِنَا الأَوَّلينَ (آيت : 36) |
الغرض، جڏهن موسى وٽن اسان جا معجزا کڻي آيو جيڪي ظاهر هئا (تڏهن به) چيائون ته هيءَ رڳو هٿرادو جادو آهي، ۽ اها ڳالھ ته اسان پنهنجن ابن ڏاڏن ۾ (به) نه ٻڌي. |
وَقالَ موسىٰ رَبّى أَعلَمُ بِمَن جاءَ بِالهُدىٰ مِن عِندِهِ وَمَن تَكونُ لَهُ عٰقِبَةُ الدّارِ إِنَّهُ لا يُفلِحُ الظّٰلِمونَ (آيت : 37) |
پڻ موسى چيو ته، منهنجو پروردگار ان شخص کي چڱي طرح سڃاڻي ٿو جنهن وٽس هدايت آندي، ۽ ان کي به جنهن لاءِ (آخرت جو گهر آهن، هي ڳالھ يقيني آهي ته ظالم ڪامياب نه ٿيندا. |
وَقالَ فِرعَونُ يٰأَيُّهَا المَلَأُ ما عَلِمتُ لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرى فَأَوقِد لى يٰهٰمٰنُ عَلَى الطّينِ فَاجعَل لى صَرحًا لَعَلّى أَطَّلِعُ إِلىٰ إِلٰهِ موسىٰ وَإِنّى لَأَظُنُّهُ مِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 38) |
۽ (اهو ٻڌي) فرعون چيو، اي منهنجي دربار جا سردارو! مون کي پاڻ (پنهنجي سر) کان سواءِ اوهان جو ڪو به پروردگار معلوم نه آهي. سو اي هامان! (وزير) تون منهنجي لاءِ سرن جي کوري کي ٻار (۽) پوءِ مون لاءِ هڪ مضبوط محلات بناءِ! من آءُ موسى جي خدا کي نهاري ڏسان ۽ بيشڪ آءُ ان کي ڪوڙن مان خيال ڪريان ٿو. |
وَاستَكبَرَ هُوَ وَجُنودُهُ فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ وَظَنّوا أَنَّهُم إِلَينا لا يُرجَعونَ (آيت : 39) |
۽ فرعون ۽ سندس لشڪرن زمين ۾ ناحق (اجائي) وڏائي ڪئي ۽ انهن ماڻهن سمجهيو هو ته اهي ڪڏهن به اسان ڏي موٽايا نه ويندا. |
فَأَخَذنٰهُ وَجُنودَهُ فَنَبَذنٰهُم فِى اليَمِّ فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الظّٰلِمينَ (آيت : 40) |
پوءِ اسان ان کي ۽ سندس لشڪرن کي پڪڙيوسين ۽ انهن کي درياءُ ۾اڇلايوسون سو ڏس ظالمن جي پڇاڙي ڪئين بڇڙي آهي. |
وَجَعَلنٰهُم أَئِمَّةً يَدعونَ إِلَى النّارِ وَيَومَ القِيٰمَةِ لا يُنصَرونَ (آيت : 41) |
۽ اسان انهن کي (گمراهن جو) پيشوا ڪيو جو (ماڻهن کي) دوزخ ڏي سڏيندا رهن ٿا. ۽ قيامت ۾ (اهڙا بي وس هوندا جو) کين (ڪنهن قسم جي) مدد نه ڏني ويندي. |
وَأَتبَعنٰهُم فى هٰذِهِ الدُّنيا لَعنَةً وَيَومَ القِيٰمَةِ هُم مِنَ المَقبوحينَ (آيت : 42) |
۽ هن دنيا ۾ سندن پٺيان لعنت لڳائي ڇڏي آهي ۽ قيامت جي ڏينهن سندن شڪليون بگاڙيون وينديون. |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ مِن بَعدِ ما أَهلَكنَا القُرونَ الأولىٰ بَصائِرَ لِلنّاسِ وَهُدًى وَرَحمَةً لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 43) |
۽ اڳين امتن جي برباد ڪرڻ کان پوءِ موسى کي ڪتاب (توريت) عطا ڪيوسون جيڪي ماڻهن لاءِ سمورو بصيرت ۽ هدايت ۽ رحمت هو ته من اهي عبرت ۽ نصيحت حاصل ڪن. |
وَما كُنتَ بِجانِبِ الغَربِىِّ إِذ قَضَينا إِلىٰ موسَى الأَمرَ وَما كُنتَ مِنَ الشّٰهِدينَ (آيت : 44) |
۽ (اي رسول) جڏهن اسان موسى تائين پنهنجو حڪم پهچايو ته تون نه (جبل جبل جي) الهندي پاسي هئين (جتي کيس رسالت ملي هئي) ۽ نه تون انهن ڳالهين کي پنهنجي اکين سان ڏسڻ وارن مان هئين. |
وَلٰكِنّا أَنشَأنا قُرونًا فَتَطاوَلَ عَلَيهِمُ العُمُرُ وَما كُنتَ ثاوِيًا فى أَهلِ مَديَنَ تَتلوا عَلَيهِم ءايٰتِنا وَلٰكِنّا كُنّا مُرسِلينَ (آيت : 45) |
پر اسان (موسى) کان پوءِ ڪيتريون ئي امتون پيدا ڪيون، پوءِ انهن تي ڊگهو زمانو گذري ويو، ۽ نه تون مدين وارن ۾ رهندڙ هئين جو تو انهن کي اسان جون آيتون پڙهي پئي ٻڌايون، پر اسين ته (توکي) پيغمبر بنائي موڪلڻ وارا هئاسون. |
وَما كُنتَ بِجانِبِ الطّورِ إِذ نادَينا وَلٰكِن رَحمَةً مِن رَبِّكَ لِتُنذِرَ قَومًا ما أَتىٰهُم مِن نَذيرٍ مِن قَبلِكَ لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 46) |
۽ نه تون (جبل) طور جي پاسي ۾ هئين جڏهن اسان (موسى کي) سڏيو هو پر تنهنجي پالڻهار جي مهربانيءَ سان (تو وٽ وحي آيو) هن لاءِ ته تون اهڙي قوم کي ڊيڄارين جن وٽ تو کان اڳ ڪو به (خدا جي عذاب کان) ڊيڄاريندڙ نه آيو ته من اهي نصيحت حاصل ڪن. |
وَلَولا أَن تُصيبَهُم مُصيبَةٌ بِما قَدَّمَت أَيديهِم فَيَقولوا رَبَّنا لَولا أَرسَلتَ إِلَينا رَسولًا فَنَتَّبِعَ ءايٰتِكَ وَنَكونَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 47) |
۽ جيڪڏهن ائين نه هجي ها جو جڏهن مٿن سندن اڳلن ڪرتوتن جي ڪري ڪا مصيبت پوي ها چون ها ته اي اسان جا پالڻهار! تو اسان ڏي ڪو رسول ڇو نه موڪليو ته اسين تنهنجي ڳالهين تي هلون ها ۽ ايمان وارن مان ٿيون ها (ته اسين تو کي نه موڪليون ها). |
فَلَمّا جاءَهُمُ الحَقُّ مِن عِندِنا قالوا لَولا أوتِىَ مِثلَ ما أوتِىَ موسىٰ أَوَلَم يَكفُروا بِما أوتِىَ موسىٰ مِن قَبلُ قالوا سِحرانِ تَظٰهَرا وَقالوا إِنّا بِكُلٍّ كٰفِرونَ (آيت : 48) |
پوءِ جڏهن اسان جي بارگاھ مان انهن وٽ (دين) حق پهتو ته چوڻ لڳا ته جهڙا (معجزا) موسى کي عطا ٿيا. تهڙا ئي هن رسول (محمد) کي ڇو نه ڏنا ويا. ته ڇا! جي معجزا هن کان اڳ موسى کي عطا ٿيل هئا تن کان انهن ماڻهن انڪار نه ڪيو هو؟ ڪافرن ته هيئن به چئي ڏنو ته اهي ٻئي (توريت ۽ قرآن) جادو آهن جيڪي پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا مددگار ٿي ويا آهن ۽ هي به چئي ڏنائون ته اسين ٻنهي کي نه ٿا مڃون. |
قُل فَأتوا بِكِتٰبٍ مِن عِندِ اللَّهِ هُوَ أَهدىٰ مِنهُما أَتَّبِعهُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 49) |
(اي رسول! تون کين) چئو ته جيڪڏهن اوهين سچا آهيو ته خدا وٽان ڪو ڪتاب آڻيو جو انهن ٻنهي کان وڌيڪ سڌو رستو ڏيکاريندڙ هجي ته ان تي هلان. |
فَإِن لَم يَستَجيبوا لَكَ فَاعلَم أَنَّما يَتَّبِعونَ أَهواءَهُم وَمَن أَضَلُّ مِمَّنِ اتَّبَعَ هَوىٰهُ بِغَيرِ هُدًى مِنَ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 50) |
پوءِ جيڪڏهن تنهنجي ڳالھ قبول نه ڪن ته اهي رڳو پنهنجي خواهشن تي هلن ٿا ۽ جيڪو خدا جي رستي ڏيکارڻ کان سواءِ پنهنجي خواهش تي هلي ٿو تنهن کان وڌيڪ گمراھ ڪير آهي؟ بيشڪ خدا ظالم قوم کي سڌو رستو نه ٿو ڏيکاري. |
وَلَقَد وَصَّلنا لَهُمُ القَولَ لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 51) |
۽ بيشڪ اسين ماڻهن لاءِ ڪلام لڳو لڳ موڪليندا آيا آهيون ته من اهي نصيحت حاصل ڪن. |
الَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ مِن قَبلِهِ هُم بِهِ يُؤمِنونَ (آيت : 52) |
۽ جڏهن انهن کي اسان هن کان اڳ ڪتاب عطا ڪيو آهي سي قرآن کي مڃين ٿا. |
وَإِذا يُتلىٰ عَلَيهِم قالوا ءامَنّا بِهِ إِنَّهُ الحَقُّ مِن رَبِّنا إِنّا كُنّا مِن قَبلِهِ مُسلِمينَ (آيت : 53) |
۽ جڏهن انهن کي قرآن پڙهي ٻڌايو وڃي ٿو ته چون ٿا اسان ان تي ايمان آندو بيشڪ اهو اسان جي پالڻار جي طرفان سچو آهي بيشڪ اسين قرآن جي (نازل ٿيڻ کان) اڳي ئي فرمانبردار هئاسون. |
أُولٰئِكَ يُؤتَونَ أَجرَهُم مَرَّتَينِ بِما صَبَروا وَيَدرَءونَ بِالحَسَنَةِ السَّيِّئَةَ وَمِمّا رَزَقنٰهُم يُنفِقونَ (آيت : 54) |
اهي ئي اهي شخص آهن جن کي سندن ثابت قدميءَ جي ڪري سندن اجر ٻيڻو ڏنو ۽ اهي ڀلائي سان بڇڙائي کي ٽارين ٿا ۽ جيڪي انهن کي اسان رزق ڏنو آهي تنهن مان (خدا جي راھ ۾) خرچ ڪن ٿا. |
وَإِذا سَمِعُوا اللَّغوَ أَعرَضوا عَنهُ وَقالوا لَنا أَعمٰلُنا وَلَكُم أَعمٰلُكُم سَلٰمٌ عَلَيكُم لا نَبتَغِى الجٰهِلينَ (آيت : 55) |
۽ جڏهن (ڪا) بيهودي ڳالھ ٻڌن ٿا ته ان کان منهن موڙين ٿا ۽ چون ٿا ته اسان لاءِ اسان جا ڪم آهن ۽ اوهان لاءِ اوهان جا ڪرتوت آهن. (بس پري کان ئي) اوهان تي سلام هجي ۽ اسان کي جاهل نه گهرجن. |
إِنَّكَ لا تَهدى مَن أَحبَبتَ وَلٰكِنَّ اللَّهَ يَهدى مَن يَشاءُ وَهُوَ أَعلَمُ بِالمُهتَدينَ (آيت : 56) |
(اي رسول) بيشڪ جنهن کي تون پسدن ڪرين ٿو تنهن کي تون رستو نه ٿو ڏيکاري سگهين پر جنهن کي خدا گهري تنهن کي رستو ڏيکاري ٿو ۽ اهو ئي سڌي راھ تي ايندڙن کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. |
وَقالوا إِن نَتَّبِعِ الهُدىٰ مَعَكَ نُتَخَطَّف مِن أَرضِنا أَوَلَم نُمَكِّن لَهُم حَرَمًا ءامِنًا يُجبىٰ إِلَيهِ ثَمَرٰتُ كُلِّ شَيءٍ رِزقًا مِن لَدُنّا وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 57) |
۽ ڪن (مڪي وارن) چيو ته جيڪڏهن اسين تو سان گڏ هدايت تي هلنداسون ته پنهنجي ملڪ مان تڙجي وينداسون (اهو ڇا ٿا بڪن) ڇا اسان انهن کي امن واري حرم مڪه ۾ نه ٽڪايو جنهن ڏي اسان جي طرفان هر قسم جا ميوا رزق لاءِ پهچايا وڃن ٿا پر انهن مان گهڻا نه ٿا ڄاڻن. |
وَكَم أَهلَكنا مِن قَريَةٍ بَطِرَت مَعيشَتَها فَتِلكَ مَسٰكِنُهُم لَم تُسكَن مِن بَعدِهِم إِلّا قَليلًا وَكُنّا نَحنُ الوٰرِثينَ (آيت : 58) |
۽ ڪيترائي ڳوٺ اسان برباد ڪيا. جيڪي پنهنجي (عيش جي) گذارن ۾ تمام وڏائي سان (زندگي) گذاريندا هئا ته (ڏسو ته) هي سندن (برباد ڪيل) گهر آهن جي ان کان پوءِ وري آباد نه ٿيا پر تمام ٿورا. ۽ (نيٺ) اسان ئي انهن جي (مال ۽ سامان جا) وارث ٿياسون. |
وَما كانَ رَبُّكَ مُهلِكَ القُرىٰ حَتّىٰ يَبعَثَ فى أُمِّها رَسولًا يَتلوا عَلَيهِم ءايٰتِنا وَما كُنّا مُهلِكِى القُرىٰ إِلّا وَأَهلُها ظٰلِمونَ (آيت : 59) |
۽ تنهنجو پالڻهار ڳوٺن کي (تيسين) برباد ڪرڻ وارو نه آهي جيسين انهن مان وڏي ڳوٺ (صدر مقام) ۾ ڪو رسول نه موڪلي جو انهن کي اسان جون آيتون پڙهي ٻڌائي ۽ اسين ڳوٺن کي برباد ڪندائي نه آهيون سواءِ ان حالت جي جو سندن رهڻ وارا ظالم هجن. |
وَما أوتيتُم مِن شَيءٍ فَمَتٰعُ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَزينَتُها وَما عِندَ اللَّهِ خَيرٌ وَأَبقىٰ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 60) |
۽ جو ڪجھ اوهان کي ڏنو ويو آهي سو (فقط فاني) دنيا جي حياتي جو سامان ۽ ان جو سينگار آهي، جيڪي الله وٽ آهي سو گهڻو چڱو ۽ جٽادار آهي، ڇا پوءِ عقل کان ڪم نه ٿا وٺو. |
أَفَمَن وَعَدنٰهُ وَعدًا حَسَنًا فَهُوَ لٰقيهِ كَمَن مَتَّعنٰهُ مَتٰعَ الحَيوٰةِ الدُّنيا ثُمَّ هُوَ يَومَ القِيٰمَةِ مِنَ المُحضَرينَ (آيت : 61) |
ڀلا اهو شخص جنهن سان (بهشت جو) اسان چڱو وعدو ڪيو آهي ۽ اهو ان کي حاصل ڪندو، ان ماڻهوءَ جي برابر ٿي سگهي ٿو جنهن کي اسان دنياوي حياتيءَ جا (ڪي ڏينهن) فائدي جا عطا ڪيا آهن ۽ پوءِ قيامت جي ڏينهن (جوابدار ٿي اسان وٽ) حاضر ڪيو ويندو. |
وَيَومَ يُناديهِم فَيَقولُ أَينَ شُرَكاءِىَ الَّذينَ كُنتُم تَزعُمونَ (آيت : 62) |
۽ جنهن ڏينهن خدا انهن کي سڏيندو پوءِ فرمائيندن ته جن کي اوهان اسان جو شريڪ خيال ڪندا هئا، اهي (اڄ) ڪٿي آهن؟ (مطلب ته اهي بنايل شريڪ به سڏايا ويندا). |
قالَ الَّذينَ حَقَّ عَلَيهِمُ القَولُ رَبَّنا هٰؤُلاءِ الَّذينَ أَغوَينا أَغوَينٰهُم كَما غَوَينا تَبَرَّأنا إِلَيكَ ما كانوا إِيّانا يَعبُدونَ (آيت : 63) |
تنهن ڏينهن اهي جن تي (سزا جي) ڳالھ لازم ٿي چڪي هوندي سي چوندا ته اي اسان جا پالڻهار هي اهي ئي آهن جن کي اسان گمراھ ڪيو، جيئن پاڻ گمراھ ٿياسون تئين اسان انهن کي گمراھ ڪيو (هاڻي) اسين تنهنجي اڳيان سڀني کان بيزار ٿيون ٿا، اهي (خاص) اسان کي ئي پوڄيندا هئا. |
وَقيلَ ادعوا شُرَكاءَكُم فَدَعَوهُم فَلَم يَستَجيبوا لَهُم وَرَأَوُا العَذابَ لَو أَنَّهُم كانوا يَهتَدونَ (آيت : 64) |
پڻ چيو ويندو ته ڀلا پنهنجن (انهن) شريڪن کي (جن کي اوهين خدا سمجهندا هئا) سڏيو ته اهي کين جواب به نه ڏيندا (پڻ پنهنجين اکين سان) عذاب کي ڏسندا. (۽ خواهش ڪندا ته) جيڪر اهي (دنيا ۾) هدايت وارا ٿين ها. |
وَيَومَ يُناديهِم فَيَقولُ ماذا أَجَبتُمُ المُرسَلينَ (آيت : 65) |
(۽ اهو ڏينهن ياد ڪريو) جنهن ڏينهن خدا ماڻهن کي سڏيندو ۽ پڇندو ته اوهان پيغمبرن کي ڪهڙو جواب ڏنو؟ |
فَعَمِيَت عَلَيهِمُ الأَنباءُ يَومَئِذٍ فَهُم لا يَتَساءَلونَ (آيت : 66) |
پوءِ ان ڏينهن انهن ماڻهن کان سڀ ڳالهيون ڀلجي وينديون جو هڪ ٻئي کان پڇي به نه سگهندا. |
فَأَمّا مَن تابَ وَءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَعَسىٰ أَن يَكونَ مِنَ المُفلِحينَ (آيت : 67) |
پر هاءُ! جنهن توبه ڪئي هوندي ۽ ايمان آندو هوندو ۽ چڱا ڪم ڪيا هوندائين سو اميد آهي ته ڪاميابن مان ٿي ويندا. |
وَرَبُّكَ يَخلُقُ ما يَشاءُ وَيَختارُ ما كانَ لَهُمُ الخِيَرَةُ سُبحٰنَ اللَّهِ وَتَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 68) |
۽ تنهنجو پالڻهار جيڪي گهري ٿو سو پيدا ڪري ٿو. (جنهن کي چاهي سو) چونڊي ٿو ۽ اهو پسند ڪرڻ (چونڊڻ) ماڻهن جي اختيار ۾ نه آهي. خدا پاڪ آهي ۽ انهن کان بلند آهي جن کي (سندس) شريڪ ڪن ٿا. |
وَرَبُّكَ يَعلَمُ ما تُكِنُّ صُدورُهُم وَما يُعلِنونَ (آيت : 69) |
۽ (اي رسول) اهي ماڻهو جي ڳالهيون پنهنجين دلين ۾ لڪائين ٿا ۽ جيڪي پاڻ ظاهر ڪن ٿا تنهن کي تنهنجو پروردگار چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. |
وَهُوَ اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ لَهُ الحَمدُ فِى الأولىٰ وَالءاخِرَةِ وَلَهُ الحُكمُ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 70) |
۽ اهو ئي خدا آهي ان کان سواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي. دنيا ۽ آخرت ۾ سندس ئي ساراھ آهي ۽ سندس ئي حڪومت آهي ۽ اوهان کي (مرڻ کان پوءِ) ان ڏي ئي موٽايو ويندو. |
قُل أَرَءَيتُم إِن جَعَلَ اللَّهُ عَلَيكُمُ الَّيلَ سَرمَدًا إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ مَن إِلٰهٌ غَيرُ اللَّهِ يَأتيكُم بِضِياءٍ أَفَلا تَسمَعونَ (آيت : 71) |
(اي رسول! کين) چئوته ڀلا جيڪڏهن خدا اوهان تي قيامت جي ڏينهن تائين هميشه رات ڪري (ڇڏي) ته الله کان سواءِ ڪهڙو خدا آهي جو اوهان وٽ روشني آڻيندو؟ ڇا پوءِ اوهين نه ٿا ٻڌو؟ |
قُل أَرَءَيتُم إِن جَعَلَ اللَّهُ عَلَيكُمُ النَّهارَ سَرمَدًا إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ مَن إِلٰهٌ غَيرُ اللَّهِ يَأتيكُم بِلَيلٍ تَسكُنونَ فيهِ أَفَلا تُبصِرونَ (آيت : 72) |
(اي رسول! کين) چئين ڀلا مون کي ٻڌايو ته جيڪڏهن الله اوهان تي قيامت جي ڏينهن تائين هميشه ڏينهن ڪري ته خدا کان سواءِ ڪهڙو خدا آهي جو اوهان وٽ رات (آڻيندو جنهن ۾ آرام ڪندو؟ ڇا پوءِ اوهين (ايترو به) نه ٿا ڏسو؟ |
وَمِن رَحمَتِهِ جَعَلَ لَكُمُ الَّيلَ وَالنَّهارَ لِتَسكُنوا فيهِ وَلِتَبتَغوا مِن فَضلِهِ وَلَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 73) |
۽ پنهنجي مهربانيءَ سان اوهان لاءِ رات ۽ ڏينهن کي بنايو اٿس هن لاءِ ته رات ۾ آرام ڪريو ۽ هن لاءِ ته ڏينهن ۾ سندس فضل ۽ ڪرم (روزيءَ) جي تلاش ڪيو ۽ من اوهين شڪر ڪريو. |
وَيَومَ يُناديهِم فَيَقولُ أَينَ شُرَكاءِىَ الَّذينَ كُنتُم تَزعُمونَ (آيت : 74) |
۽ جنهن ڏينهن خدا انهن کي سڏيندو پوءِ فرمائيندو ته اهي منهنجا شريڪ ڪٿي آهن جن (جي شريڪ ٿيڻ) جو اوهين خيال ڪندا هئا. |
وَنَزَعنا مِن كُلِّ أُمَّةٍ شَهيدًا فَقُلنا هاتوا بُرهٰنَكُم فَعَلِموا أَنَّ الحَقَّ لِلَّهِ وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 75) |
۽ هر هڪ امت مان هڪ شاهد (پيغمبر) جدا ڪنداسون (سامهون سڏينداسون) پوءِ (ان ڏينهن مشرڪن کي) چونداسون ته (پنهنجي بي گناهيءَ جي) ثابتي پيش ڪريو، تڏهن اهي ڄاڻندا ته بيشڪ حق الله جي پاسي آهي ۽ جيڪي ڪوڙ پيا گهڙين سي انهن کان غائب ٿي ويندا. |
إِنَّ قٰرونَ كانَ مِن قَومِ موسىٰ فَبَغىٰ عَلَيهِم وَءاتَينٰهُ مِنَ الكُنوزِ ما إِنَّ مَفاتِحَهُ لَتَنوأُ بِالعُصبَةِ أُولِى القُوَّةِ إِذ قالَ لَهُ قَومُهُ لا تَفرَح إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ الفَرِحينَ (آيت : 76) |
(ناشڪري جي هڪ ڳالھ ٻڌو) موسى جي قوم مان هڪ شخص قارون (نالي) جو جنهن هنن تي شرارت شروع ڪئي ۽ اسان کيس ايترا ته خزانا عطا ڪيا هئا جو سندس ڪنجين سگھ واريءَ ٽوليءَ کي (کڻڻ ۾) ٿڪايو ٿي. جڏهن ان کي سندس قوم چيو ته (گهڻو مال ڏسي) خوش نه ٿي! ڇو ته خدا وڏائي ڪندڙن کي پسند نه ٿو ڪري. |
وَابتَغِ فيما ءاتىٰكَ اللَّهُ الدّارَ الءاخِرَةَ وَلا تَنسَ نَصيبَكَ مِنَ الدُّنيا وَأَحسِن كَما أَحسَنَ اللَّهُ إِلَيكَ وَلا تَبغِ الفَسادَ فِى الأَرضِ إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ المُفسِدينَ (آيت : 77) |
۽ جيڪي خدا تو کي عطا ڪيو آهي تنهن سان آخرت جي گهر جي به ڪوشش ڪر ۽ دنيا مان جيترو تنهنجو حصو آهي سو نه وسار ۽ جيئن خدا تو سان ڀلائي آهي تئين تون به ٻين سان ڀلائي ڪر، ۽ زمين ۾ فساد وجهڻ جي ڪوشش نه ڪر! ڇو ته خدا فسادين کي پسند نه ٿو ڪري. |
قالَ إِنَّما أوتيتُهُ عَلىٰ عِلمٍ عِندى أَوَلَم يَعلَم أَنَّ اللَّهَ قَد أَهلَكَ مِن قَبلِهِ مِنَ القُرونِ مَن هُوَ أَشَدُّ مِنهُ قُوَّةً وَأَكثَرُ جَمعًا وَلا يُسـَٔلُ عَن ذُنوبِهِمُ المُجرِمونَ (آيت : 78) |
قارون چوڻ لڳو ته هي (مال ۽ دولت) ته مون کي پنهنجي علم (ڪيميا) سان مليو آهي. ڇا قارون هي به نه سوچيو ته خدا ان کان اڳ ڪيتريون ئي جماعتون برباد ڪيون آهن جيڪي ان کان (به) وڌيڪ طاقت واريون ۽ گهڻي جمعيت واريون هيون. ۽ ڏوهارين کان (سندن سزا جي وقت) انهن جي گناهن بابت پڇيو ويندو. |
فَخَرَجَ عَلىٰ قَومِهِ فى زينَتِهِ قالَ الَّذينَ يُريدونَ الحَيوٰةَ الدُّنيا يٰلَيتَ لَنا مِثلَ ما أوتِىَ قٰرونُ إِنَّهُ لَذو حَظٍّ عَظيمٍ (آيت : 79) |
(هڪ ڏينهن قارون) پنهنجي قوم جي سامهون سينگار (دٻدٻي) سان نڪتو. (ان کي ڏسي) جيڪي ماڻهو دينا جي حياتي گهرندا هئا، (سي کيس اهڙي شان سان ڏسي) چوڻ لڳا ته جيڪي مال ۽ دولت قارون کي عطا ٿيو آهي تنهن جهڙو جيڪر اسان کي به هجي! بيشڪ قارون وڏي نصيب وارو هو. |
وَقالَ الَّذينَ أوتُوا العِلمَ وَيلَكُم ثَوابُ اللَّهِ خَيرٌ لِمَن ءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا وَلا يُلَقّىٰها إِلَّا الصّٰبِرونَ (آيت : 80) |
۽ جن شخصن کي (اسان جي بارگاھ مان) علم عطا ٿيل هو تن چيو ته اوهين ناس ٿيو! (اڙي) جنهن شخص ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تنهن لاءِ ته خدا جو ثواب (نيڪ بدلو) ان کان گهڻو چڱو آهي ۽ اهو ثواب صبر ڪرڻ کان سواءِ ٻيا حاصل ڪري نه ٿا سگهن. |
فَخَسَفنا بِهِ وَبِدارِهِ الأَرضَ فَما كانَ لَهُ مِن فِئَةٍ يَنصُرونَهُ مِن دونِ اللَّهِ وَما كانَ مِنَ المُنتَصِرينَ (آيت : 81) |
پوءِ ان کي ۽ سندس گهر بار کي زمين ۾ ڳهايوسون. پوءِ ته خدا کان سواءِ ڪا به اهڙي جماعت نه هئي جا ان جي مدد ڪري ۽ نه وري پنهنجي پاڻ مدد ڪري سگهيو. |
وَأَصبَحَ الَّذينَ تَمَنَّوا مَكانَهُ بِالأَمسِ يَقولونَ وَيكَأَنَّ اللَّهَ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَيَقدِرُ لَولا أَن مَنَّ اللَّهُ عَلَينا لَخَسَفَ بِنا وَيكَأَنَّهُ لا يُفلِحُ الكٰفِرونَ (آيت : 82) |
۽ جن ماڻهن ڪالھ سندس (رعب دبدٻي ۽ شان) جي خواهش ڪئي هئي اهي (اڄ اهو حال ڏسي) چوڻ لڳا ته (اڙي) معاذ الله هي ته خدا ئي پنهنجن بندن مان جنهن لاءِ گهري ٿو تنهن جي روزي ڪشادي ڪري ٿو ۽ تنگ ڪري ٿو. جيڪڏهن الله اسان تي احسان نه ڪري ها ته اسان کي (به زمين ۾) ڳهائي ڇڏي ها. هاءِ افسوس ڪافر ڪڏهن ڪامياب نٿا ٿين. |
تِلكَ الدّارُ الءاخِرَةُ نَجعَلُها لِلَّذينَ لا يُريدونَ عُلُوًّا فِى الأَرضِ وَلا فَسادًا وَالعٰقِبَةُ لِلمُتَّقينَ (آيت : 83) |
اهو آخرت جو گهر آهي جنهن کي انهن لاءِ خاص ڪري ڇڏينداسون جي زمين ۾ نه وڏائي ڪرڻ ٿا گهرن ۽ نه فساد وجهڻ (گهرن ٿا) ۽ (چڱي) پڇاڙي ته رڳو پرهيزگارن جي آهي. |
مَن جاءَ بِالحَسَنَةِ فَلَهُ خَيرٌ مِنها وَمَن جاءَ بِالسَّيِّئَةِ فَلا يُجزَى الَّذينَ عَمِلُوا السَّيِّـٔاتِ إِلّا ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 84) |
جو شخص نيڪي ڪندو ته ان جي لاءِ ان (نيڪي کان) گهڻو بهتر بدلو آهي ۽ جيڪي برا ڪم ڪندو ته ياد رکي! ته جن ماڻهن برايون ڪيو آهن تن جو اهو ئي بدلو آهي جيڪي دنيا ۾ ڪندا رهيا آهن. |
إِنَّ الَّذى فَرَضَ عَلَيكَ القُرءانَ لَرادُّكَ إِلىٰ مَعادٍ قُل رَبّى أَعلَمُ مَن جاءَ بِالهُدىٰ وَمَن هُوَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 85) |
(اي رسول) خدا تعالى جنهن تو تي قرآن نازل ڪيو آهي سو تو کي ضرور پنهنجيءَ جاءِ ڏي موٽائڻ وارو آهي. (اي رسول) چئو ته ڪير سڌي راھ تي آيو ۽ ڪير پڌري گمراهيءَ ۾ پيو رهيو تنهن کان منهنجو پالڻهار چڱيءَ طرح واقف آهي. |
وَما كُنتَ تَرجوا أَن يُلقىٰ إِلَيكَ الكِتٰبُ إِلّا رَحمَةً مِن رَبِّكَ فَلا تَكونَنَّ ظَهيرًا لِلكٰفِرينَ (آيت : 86) |
۽ تو کي اميد نه هئي ته توکي خدا جي طرفان ڪتاب (قرآن) نازل ڪيو ويندو پر تنهنجي پالڻهار جي مهربانيءَ سان لاٿو ويو پوءِ تون ڪافرن جو مددگار متان ٿئين! |
وَلا يَصُدُّنَّكَ عَن ءايٰتِ اللَّهِ بَعدَ إِذ أُنزِلَت إِلَيكَ وَادعُ إِلىٰ رَبِّكَ وَلا تَكونَنَّ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 87) |
۽ ائين نه ٿئي جو خدائي احڪام نازل ٿيڻ کان پوءِ اهي ماڻهو انهن جي تبليغ کان روڪين ۽ تون پنهنجي پروردگار ڏي (ماڻهن کي) سڏيندو رھ! ۽ خبردار! مشرڪن مان ڪڏهين به نه ٿج! |
وَلا تَدعُ مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ كُلُّ شَيءٍ هالِكٌ إِلّا وَجهَهُ لَهُ الحُكمُ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 88) |
۽ خدا کان سواءِ ٻئي ڪنهين معبود کي نه سڏج! هن کان سواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي، سندس ذات کان سواءِ سڀ ڪا شيءِ فنا ٿيڻ واري آهي سندس ئي حڪومت آهي ۽ ان ڏي ئي اوهان کي (مرڻ بعد) موٽايو ويندو. |