طسم (آيت : 1) |
طٰسٓمٓ جو، مالِڪ ڄاڻي مام، |
تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ المُبينِ (آيت : 2) |
هِي ڪارنامو ڪِتاب جو، کُلِيَل خاص عام، |
نَتلوا عَلَيكَ مِن نَبَإِ موسىٰ وَفِرعَونَ بِالحَقِّ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 3) |
مُوسٰى ۽ فِرعون جِي، حقيقت هَمام، سَچِي ثابتـِيءَ سان، توتي پَڙهون تمام، وِسهن، جي وَريام، ڪارڻ تِنهن قوم جي. |
إِنَّ فِرعَونَ عَلا فِى الأَرضِ وَجَعَلَ أَهلَها شِيَعًا يَستَضعِفُ طائِفَةً مِنهُم يُذَبِّحُ أَبناءَهُم وَيَستَحيۦ نِساءَهُم إِنَّهُ كانَ مِنَ المُفسِدينَ (آيت : 4) |
فِرعون فرش زمين تي، بَنيو بالم خان، ۽ سَندسِ ساڪِنن کي، ڪيو فِرقا بي فرمان، ڪي اُوچ ڪيائين اُنهن مان، ڪنهِن ٻارِيءَ ڪيائـِين ٻان، پِيو ڪُهي ڪُونڌر اُن جا، ۽ ڏي جويُن سَندنِ جِيدان، بي شڪ بي گمان، هو ڦِريَل ڦيٽوڙن مان. 484 |
وَنُريدُ أَن نَمُنَّ عَلَى الَّذينَ استُضعِفوا فِى الأَرضِ وَنَجعَلَهُم أَئِمَّةً وَنَجعَلَهُمُ الوٰرِثينَ (آيت : 5) |
۽ اَسِين گُھرون ٿا ته ڪريون، اُن اَڀرن تي اِنعام، ڀُون تي بنايو جَن وِيو، گولو ذات غلام، ۽ اُنهن کي ڪريون اِمام، پڻ وارث وَلهارن جو. |
وَنُمَكِّنَ لَهُم فِى الأَرضِ وَنُرِىَ فِرعَونَ وَهٰمٰنَ وَجُنودَهُما مِنهُم ما كانوا يَحذَرونَ (آيت : 6) |
۽ وَٺايونِ زور زمين تي، ڏيئـِي ماڳه مَڪان؛ فِرعون ۽ هامام کي، پڻ جي فوجون مَنجھ فَرمان، جِنهنجو اَندر رکنِ اَرمان، سو ڏيکاريونِ ڏيہ ۾. |
وَأَوحَينا إِلىٰ أُمِّ موسىٰ أَن أَرضِعيهِ فَإِذا خِفتِ عَلَيهِ فَأَلقيهِ فِى اليَمِّ وَلا تَخافى وَلا تَحزَنى إِنّا رادّوهُ إِلَيكِ وَجاعِلوهُ مِنَ المُرسَلينَ (آيت : 7) |
۽ اَسان پوءِ اِلهام ڪيو، مُوسٰى جي مادر، ته پالِينسِ، پوءِ جي، خوف ڪو، سَمجِھين تِنهين سِر، پوءِ داخِل ڪرِينس دَرياء ۾ ۽ نه ڊِڄ، نه اُلڪو ڪر، ۽ وري واپَسِ توڏي، ڪَنداسون ڪُونڌر، ۽ مُرسل مُقرر، آهيون ڪندڙ اُن کي. |
فَالتَقَطَهُ ءالُ فِرعَونَ لِيَكونَ لَهُم عَدُوًّا وَحَزَنًا إِنَّ فِرعَونَ وَهٰمٰنَ وَجُنودَهُما كانوا خٰطِـٔينَ (آيت : 8) |
پوءِ فِرعون وارن اُن کي، لَڌو ڪَنڌِيءَ ڪنار، تان هُجي آخر اُنهن لئي، ويرِي ۽ وِيچار، فِرعون ۽ هامان پڻ، سَندنِ فوج فُجار، اُهي خطاڪار، مُنڪر هُئا مُورهِين. |
وَقالَتِ امرَأَتُ فِرعَونَ قُرَّتُ عَينٍ لى وَلَكَ لا تَقتُلوهُ عَسىٰ أَن يَنفَعَنا أَو نَتَّخِذَهُ وَلَدًا وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 9) |
۽ چيو بِيبِي فِرعون جي، هِي آهي اکيَنِ جو ٺار، مُون ۽ تُنهنجي واسطي، مُور نَه ماريو، سو ٻار، اُميد ته اسان کي، جَلد سو، ڏِيندو نفعو نِروار، يا پاليُونسِ پُٽ ڪري، پر پَوينِ نه سُڌ سَنڀار، |
وَأَصبَحَ فُؤادُ أُمِّ موسىٰ فٰرِغًا إِن كادَت لَتُبدى بِهِ لَولا أَن رَبَطنا عَلىٰ قَلبِها لِتَكونَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 10) |
۽ مُوسٰى جي ماءُ جو، ٿيو قلب بي قرار، قابو نَه ڪريون قلب تِنهن، ته ڪريس ها اِظهار، اِن آسري آڌار، ته هُجي مَڃِيندڙم مان مُورِهين. |
وَقالَت لِأُختِهِ قُصّيهِ فَبَصُرَت بِهِ عَن جُنُبٍ وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 11) |
۽ چيائين سَندسِ ڀيڻ کي ته لهِينسِ خبر چار، پوءِ پَري کان ڏِسندِي رَهِي، ڪَنڌِيءَ ڀَرڪِنار، جِنهن جِي سار سَنڀار، هرگز نه هُئي هُنِن کي. |
وَحَرَّمنا عَلَيهِ المَراضِعَ مِن قَبلُ فَقالَت هَل أَدُلُّكُم عَلىٰ أَهلِ بَيتٍ يَكفُلونَهُ لَكُم وَهُم لَهُ نٰصِحونَ (آيت : 12) |
۽ اَ ڳي روڪيو سون اُن تي، ٻيَن داين جو کِير، پوءِ ڀيڻسِ چيو، ڪِ آءٌ ڏَسيان؟ سائـِڻ سا سُڌير، جا سانڍي هِن صَغِير، پوءِ آهِن اُن جا گھڻگھرا. |
فَرَدَدنٰهُ إِلىٰ أُمِّهِ كَى تَقَرَّ عَينُها وَلا تَحزَنَ وَلِتَعلَمَ أَنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 13) |
پوءِ موٽايو سُونسِ ماڻسِ ڏي، ته ٺَرنسِ نيڻ نار، ۽ نه ڳڻتِي ڪري ڳَڀور جِي، ۽ سَمجھي سَماچار، ته آهِن سَڀ اَلله جا، سَچا قول قرار، پر نه رکن سُڌ سَنڀار، مَنجھائـِڻ گھڻا مُورهِين. |
وَلَمّا بَلَغَ أَشُدَّهُ وَاستَوىٰ ءاتَينٰهُ حُكمًا وَعِلمًا وَكَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 14) |
جڏهن پهتو پَنهنجي زور کي، ٿيو طاقتمند تمام، بيشڪ بخشيو سون اُن کي، عِلم ۽ اَحڪام، ۽ اِنهِيءَ مِثال مُدام، ڀَلن ساڻ ڀَلايون. |
وَدَخَلَ المَدينَةَ عَلىٰ حينِ غَفلَةٍ مِن أَهلِها فَوَجَدَ فيها رَجُلَينِ يَقتَتِلانِ هٰذا مِن شيعَتِهِ وَهٰذا مِن عَدُوِّهِ فَاستَغٰثَهُ الَّذى مِن شيعَتِهِ عَلَى الَّذى مِن عَدُوِّهِ فَوَكَزَهُ موسىٰ فَقَضىٰ عَلَيهِ قالَ هٰذا مِن عَمَلِ الشَّيطٰنِ إِنَّهُ عَدُوٌّ مُضِلٌّ مُبينٌ (آيت : 15) |
۽ گِھڙيو اَندر گام، مُوسٰى اِهڙِيءَ مَهل تي، ته سَندسِ ساڪِن نِنڊ ۾، هُئا اَندر آرام، پوِ ٻه مَرد مَنجھس مَنجھند جو، وِڙهندا ڏِٺا وَريام، هِي هُنجي قوم مان، ۽ هُو خَصم سَندسِ مان، خام، هو جو سَندسِ ساٿ مان، گُھريَسِ مَدد گگدام، بَرسِر تِنهن بَدنام، جو دُشمن سَندسِ جي ڌُرمان. پوءِ مُوسٰى هَنيسِ مُٺ ڪو، پوءِ مارِيائـِينس مُور، چي، هِي عَمل اِبلِيس جو، ڪَيُمِ ڪو ڪلور، جو ظاهِر آهي ضَرور، وِرسائـِيندڙ واٽ کان، |
قالَ رَبِّ إِنّى ظَلَمتُ نَفسى فَاغفِر لى فَغَفَرَ لَهُ إِنَّهُ هُوَ الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 16) |
چي، سانيم ربَّ، سُبحان!، مون پاڻهي ڪئـِي پاڻ سان، مرهينمِ مِهرسان، پوءِ مَرهِيُسِ مِهربان، آهي بي گمان، اِهو مَرهِيندڙ، مِهر ڀَريو. |
قالَ رَبِّ بِما أَنعَمتَ عَلَىَّ فَلَن أَكونَ ظَهيرًا لِلمُجرِمينَ (آيت : 17) |
چي، سانيمِ! جِنهن سبب ڪَيُئـِه، مون تي ڪرم ڪلتار! هُوندسِ ڪو نه حِمايتِي، پوءِ ڏوهين جو ڏاتار، |
فَأَصبَحَ فِى المَدينَةِ خائِفًا يَتَرَقَّبُ فَإِذَا الَّذِى استَنصَرَهُ بِالأَمسِ يَستَصرِخُهُ قالَ لَهُ موسىٰ إِنَّكَ لَغَوِىٌّ مُبينٌ (آيت : 18) |
پوءِ ڳَـڻتيون کِيندڙ ڳوٺ ۾، ٿيو وِهاڻِيءَ وار، ڪالهوڻي قِصاص جو، پِيو ڪڍي اِنتظار، تان ڪالھ جِنهن ڪُو ڪاريسِ، سو وَريو گُھري وَاهر، ٻهڳڻ چيو ٻِيهار، تون بِلڪُل ڀُليل پَڌرو. |
فَلَمّا أَن أَرادَ أَن يَبطِشَ بِالَّذى هُوَ عَدُوٌّ لَهُما قالَ يٰموسىٰ أَتُريدُ أَن تَقتُلَنى كَما قَتَلتَ نَفسًا بِالأَمسِ إِن تُريدُ إِلّا أَن تَكونَ جَبّارًا فِى الأَرضِ وَما تُريدُ أَن تَكونَ مِنَ المُصلِحينَ (آيت : 19) |
ڀوءَ جڏهن ڀَلي ڀانيو، ته ڪري اُنهِيءَ تي اُلير، جو دُشمن ٻِن جو دِين ۾، ته وراڻيو تنهن وير، ڇا مُوسٰى مارڻ مُون گُھرِين، جِيئن ڪالھ ڪُٺِيء ڪير؟ ٿِيئڻ ڏاڍو ڏيھ ۾، ڀانِئين ٿو ڀَلير!، مُور نه گُھرِين مَٿير!، ته صَحِي سانتِيڪن مان ٿئـِين. |
وَجاءَ رَجُلٌ مِن أَقصَا المَدينَةِ يَسعىٰ قالَ يٰموسىٰ إِنَّ المَلَأَ يَأتَمِرونَ بِكَ لِيَقتُلوكَ فَاخرُج إِنّى لَكَ مِنَ النّٰصِحينَ (آيت : 20) |
۽ ڪو ڍوليو آيو ڊوڙندو، شهر مَٿي کان شير، چي، مُوسٰى! تولئي مارڪو، ڪن صلاحون سَوير، ته ڪن قتل توکي، پوءِ نِڪر، نَه ڪَر دير، آءٌ تو خاطِر خير، گھڻگھرن مان آهيان. |
فَخَرَجَ مِنها خائِفًا يَتَرَقَّبُ قالَ رَبِّ نَجِّنى مِنَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 21) |
پوءِ نِڪتو ڊڄندڙ اُن منجھان، پِئو ڪڍي اِنتظار، چي، ڏاڍن کان ڏاتار!، مُون کي ڇُٽائـِين مُون ڌڻِي. |
وَلَمّا تَوَجَّهَ تِلقاءَ مَديَنَ قالَ عَسىٰ رَبّى أَن يَهدِيَنى سَواءَ السَّبيلِ (آيت : 22) |
پوءِ جڏهن اَڀويون اُن ڪيو، مُنهن مَدْيَنْ پار، وَراڻِين تِنهن وار، ته سانيمِ سُهائي مانَ سَنئين! |
وَلَمّا وَرَدَ ماءَ مَديَنَ وَجَدَ عَلَيهِ أُمَّةً مِنَ النّاسِ يَسقونَ وَوَجَدَ مِن دونِهِمُ امرَأَتَينِ تَذودانِ قالَ ما خَطبُكُما قالَتا لا نَسقى حَتّىٰ يُصدِرَ الرِّعاءُ وَأَبونا شَيخٌ كَبيرٌ (آيت : 23) |
۽ مَٿي کوھ مَدْيَنْ جي، وارِد ٿيو جِنهن وار، ته مَٿسِ ماڻهن مان ڌِٺئـِين، ڪي ٽوليون ڌَڻ، ڌَرار، وَلر واري سان پَنهنجا، پِيا پِيارِين پَهنوار، بِيٺل ڏِٺائـِين ڀَر ۾، ٻه عورتون اِنهيان ڌار، تَڙن کان تڪرار، پِيون روڪِين رِڍون پَنهنجيون، چي، عُذر ڪِهڙو اوهان کي، ٻوليائون ٻِيهار، پهرين اَسِين نه پِياريون، تان موٽن ڌَڻ ڌنار، باقي بَرقرار، اَسِين پوءِ پِياريون. ۽ پوڙهو پِيء اَسان جو، وَڏو مَنجھ ڄمار، |
فَسَقىٰ لَهُما ثُمَّ تَوَلّىٰ إِلَى الظِّلِّ فَقالَ رَبِّ إِنّى لِما أَنزَلتَ إِلَىَّ مِن خَيرٍ فَقيرٌ (آيت : 24) |
پاڻِي ڪڍيائـِين، پاڻ پوءِ، تِنين لئي تڪرار، لالڻ لاڙو پوءِ ڪيو، ڪِنهن پرڇائـِين پار، چي، اُتم اُتارئـِي خير مان، جيڪِي سَندمِ جبار، حاجتمند هيڪار، آءٌ اُنهِيء جو آهيان. |
فَجاءَتهُ إِحدىٰهُما تَمشى عَلَى استِحياءٍ قالَت إِنَّ أَبى يَدعوكَ لِيَجزِيَكَ أَجرَ ما سَقَيتَ لَنا فَلَمّا جاءَهُ وَقَصَّ عَلَيهِ القَصَصَ قالَ لا تَخَف نَجَوتَ مِنَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 25) |
پوءِ آئـِي اُنهِيء ڏي هيڪڙِي، هَلندِي حيا ساڻ، چي، مُنهنجو بابو توکي، ٿو ڪوٺي اِنهِيء ڪاڻ، جو پاڻِي ڪڍيئـِي پاڻ، تِنهنجو پُورو ڏِينئـِي پورهيو. پوءِ جڏهن اُن وَٽ آيو، ۽ سَڄِي سُڻائـِينسِ ڳالھ، ڌارمَ خوف خَطرو، چيائـِين اِهڙِي چال، لاشڪ ڇُٽِين تون لال!، جَفا ڪار جماعت کان. |
قالَت إِحدىٰهُما يٰأَبَتِ استَـٔجِرهُ إِنَّ خَيرَ مَنِ استَـٔجَرتَ القَوِىُّ الأَمينُ (آيت : 26) |
هِڪ بِيبِي چيو ته بابا!، بِيهارِينسِ بُيَهار، جيڪو بُهيار بِهاريئـِي، ڀَلو برقرار، طاقتمند تڪرار، اِيمان دار اَمانتِي. |
قالَ إِنّى أُريدُ أَن أُنكِحَكَ إِحدَى ابنَتَىَّ هٰتَينِ عَلىٰ أَن تَأجُرَنى ثَمٰنِىَ حِجَجٍ فَإِن أَتمَمتَ عَشرًا فَمِن عِندِكَ وَما أُريدُ أَن أَشُقَّ عَلَيكَ سَتَجِدُنى إِن شاءَ اللَّهُ مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 27) |
چيائـِين اِهڙِي چال، ته آئون ايرادو ٿو ڪريان، ته هِن مُنهنجي ٻِن ڌِين مان، هِڪ نِياڻِيءَ نال، شادِي ڪريان تُنهنجِي، شرط ته اَٺ سال، مال چارِيندِين مُنهنجو، جي پُورِي ڪَئـِي ڳالھ، ڀَلا! تُنهنجو ڀال، جي اَٺن کي، تون ڏھ ڪرين. ۽ آءٌ اَصل نه گُھران، ته ڏسِيين ڏُ کيو ڪم ڪار، چَڱو ڏِسنديِم چڱن مان، جي گھريو ربَّ غفّار، |
قالَ ذٰلِكَ بَينى وَبَينَكَ أَيَّمَا الأَجَلَينِ قَضَيتُ فَلا عُدوٰنَ عَلَىَّ وَاللَّهُ عَلىٰ ما نَقولُ وَكيلٌ (آيت : 28) |
چي، تو ۽ مُنهنجي وِچ ۾، اِهي قول قرار، ڪهڙو به ٻول ٻِن مان، نِئـِي پُڄايمِ پار، وَڌِيڪ بوجوبار، پوءِ مون تي نه آهي مُورهِين. اَلله شاهِد اُن مٿي، جيڪِي چئون ٿا پاڻ، |
فَلَمّا قَضىٰ موسَى الأَجَلَ وَسارَ بِأَهلِهِ ءانَسَ مِن جانِبِ الطّورِ نارًا قالَ لِأَهلِهِ امكُثوا إِنّى ءانَستُ نارًا لَعَلّى ءاتيكُم مِنها بِخَبَرٍ أَو جَذوَةٍ مِنَ النّارِ لَعَلَّكُم تَصطَلونَ (آيت : 29) |
پوءِ جڏهن مُدت پُورِي ڪئـِي، مُوسٰى مَت سُڄاڻ، ته آل عيال ساڻ، راتو واھ رَميو. سُوٺائـِين سَنجا ڪا، سامَهِين سَڄي طُور، پَنهنجي آل عيال کي، چيو نَبِي نُور، اَوهِين تَرسو اِتهِين، مُون باھِ ڏِٺِي ڪا ڏُور، اُميد ته اوهان لئي آڻيان، ڪا خاصِي خبر ضرور، يا چڻنگ مَنجھانسِ مُور، ته سيڪي بُت سِيءَ لاهيو. |
فَلَمّا أَتىٰها نودِىَ مِن شٰطِئِ الوادِ الأَيمَنِ فِى البُقعَةِ المُبٰرَكَةِ مِنَ الشَّجَرَةِ أَن يٰموسىٰ إِنّى أَنَا اللَّهُ رَبُّ العٰلَمينَ (آيت : 30) |
جڏهن اُن تي آيو، ته پَڌرِي ٿِيَسِ پُڪار، ساوڙ نَئي جي ڪَپ ڪنان، ڪَنڌِيءَ ڀَرڪِنار، بِلڪُل ڀَلِي ڀيڻيءَ تي، جِتي چَمن کُليا چوڌار، ته آءٌ اَلله آهيان، اي مُوسٰى مَڻيادار! پَرور پالڻهار، جُمله جَھانن جو. |
وَأَن أَلقِ عَصاكَ فَلَمّا رَءاها تَهتَزُّ كَأَنَّها جانٌّ وَلّىٰ مُدبِرًا وَلَم يُعَقِّب يٰموسىٰ أَقبِل وَلا تَخَف إِنَّكَ مِنَ الءامِنينَ (آيت : 31) |
۽ اُڇَل لَٺ تُنهنجِي، پوءِ، وٽبِي ڏِٺائـِين جِنهن وار، ڪَرڪارو نانگ ڪَنڌار، وريو پُٺِيرو پوئتي. ۽ پير نه پاتئـِين پوئتي، چي، مِهتر مُوسٰى! وَر، خَطرو، خوف نه ڪر، تون اَمانِيَن مان آهِين. |
اسلُك يَدَكَ فى جَيبِكَ تَخرُج بَيضاءَ مِن غَيرِ سوءٍ وَاضمُم إِلَيكَ جَناحَكَ مِنَ الرَّهبِ فَذٰنِكَ بُرهٰنانِ مِن رَبِّكَ إِلىٰ فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِ إِنَّهُم كانوا قَومًا فٰسِقينَ (آيت : 32) |
پَنهنجِي گريبان ۾، وِجھ تون هَٿ وينجھار!، نُورانِي نِڪرندو، ڪِنهن مَرض مَٺائـِي ڌار، ۽ هَٿ هِينئي تي ڌار، سونڪي ۽ سراف کان. پوءِ اِهي تُنهنجي آگي ڪنان، ٻَئـِي نِشانيون نُور، فِرعون ۽ سَندسِ فوج ڏي، مُعجزا مَشهور، اُهي موڳا آهن مُور، ڪاڍوڙن جِي قوم ڪا. |
قالَ رَبِّ إِنّى قَتَلتُ مِنهُم نَفسًا فَأَخافُ أَن يَقتُلونِ (آيت : 33) |
چي، سانيَمِ ربَّ، سَتار! مون ماريو ماڻهو اُنهن مَنجھان، پوءِ پو ڀانيانٿو ته ڪن مون، خُون ڪنان خار، |
وَأَخى هٰرونُ هُوَ أَفصَحُ مِنّى لِسانًا فَأَرسِلهُ مَعِىَ رِدءًا يُصَدِّقُنى إِنّى أَخافُ أَن يُكَذِّبونِ (آيت : 34) |
۽ مون کان چِٽو چوڻ ۾، هارُون آهي هوشيار، پوءِ مون سان موڪل اُن کي، ٻِيلِي ڪر ٻِيهار، سَچي ساک مُنهنجي ڏئي، گوهر مَنجھ گُفتار، آءٌ ڏَران ٿو ڏاتار!، ته متان ڪُوڙ ڪن مونکي. |
قالَ سَنَشُدُّ عَضُدَكَ بِأَخيكَ وَنَجعَلُ لَكُما سُلطٰنًا فَلا يَصِلونَ إِلَيكُما بِـٔايٰتِنا أَنتُما وَمَنِ اتَّبَعَكُمَا الغٰلِبونَ (آيت : 35) |
چي، ٻانھ ٻِيلي تُنهنجو، بِلڪُل ڪنداسون ڀاء، ۽ مُقرّر ڪنداسون مُلڪ ۾، طاقت توهان لاءِ، پوءِ اوهان کي اَصل ئـِي، هو نه سگھنِ هَٿ لاءِ، اَوهين ۽ تابع اَهنجامُنهنجي حُڪمن سان هَرجاءِ، دُرست ڪريو دِلجاءِ، ته سڀ سوڀارا آهيو. |
فَلَمّا جاءَهُم موسىٰ بِـٔايٰتِنا بَيِّنٰتٍ قالوا ما هٰذا إِلّا سِحرٌ مُفتَرًى وَما سَمِعنا بِهٰذا فى ءابائِنَا الأَوَّلينَ (آيت : 36) |
پوءِ جڏهن مُوسٰى مُعجزا، آيُنِ کَڻِي اِظهار، آکيون، ته اَصل نه آهي، هِي جادو جُڙتو ڌار، ۽ اَسان جي پِيَنِ پهرين ۾، جي وَڏا هُئا وِينجھار، اِهڙِي پِرت پَچار، ڪانه ٻُڌِيسون ڪَڏِهن. |
وَقالَ موسىٰ رَبّى أَعلَمُ بِمَن جاءَ بِالهُدىٰ مِن عِندِهِ وَمَن تَكونُ لَهُ عٰقِبَةُ الدّارِ إِنَّهُ لا يُفلِحُ الظّٰلِمونَ (آيت : 37) |
۽ مُوسٰى چَيو ته مُون ڌَڻِي، آهي صَحِي سَمجھدار، ته آنِدي ڪِنهن اُن وَتان، سُونهپ پريئـِين پار، اُهو ڪِهڙو آهي، جنهن لئي، پَڇاڙِيءَ پَت ڪار؟ ظالمِ زيان ڪار، ڪڏهِين ڇُٽندا ڪِين ڪِي. |
وَقالَ فِرعَونُ يٰأَيُّهَا المَلَأُ ما عَلِمتُ لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرى فَأَوقِد لى يٰهٰمٰنُ عَلَى الطّينِ فَاجعَل لى صَرحًا لَعَلّى أَطَّلِعُ إِلىٰ إِلٰهِ موسىٰ وَإِنّى لَأَظُنُّهُ مِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 38) |
۽ فِرعون اُتي فَرمايو، اي دَرٻارِي دِيوان! مُون ڌاران، ڌڻي اَهنجو، نه ڀانيان بي گُمان، مِٽيء مَٿي مَچ ٻارڪو، هِڪدم اي هامان!، اَڏ اُڏام کَٽلڙِي، مون لئي ڪو مَڪان، مالِڪ مُوسٰى جو، چَڙهِي مَٿاهون مانَ! ۽ جُوٺن، مان جھان، بِلڪُل ڀانيان اُن کي. |
وَاستَكبَرَ هُوَ وَجُنودُهُ فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ وَظَنّوا أَنَّهُم إِلَينا لا يُرجَعونَ (آيت : 39) |
۽ اُهو ۽ لَشڪر اُن جا، پِيا خُودِيءَ مَنجھ خُوار، ڀُون ۾ بيواجبِي، ڪيؤن تَڪبّر تڪرار، ۽ ڀانيانئون بيڪار، مُور نَه اَسان ڏي موٽيندا. |
فَأَخَذنٰهُ وَجُنودَهُ فَنَبَذنٰهُم فِى اليَمِّ فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الظّٰلِمينَ (آيت : 40) |
پوءِ پَڪڙيوسون اُن کي، پڻ سَندسِ سِپاھ، پوءِ اُڇليوسون اُنهن کي، اُونهي مَنجھ اوڙاھ، پوءِ هو، ڪِيئن همراه!، ڏِس، ڏاڍن پويون ڏينهڙو. |
وَجَعَلنٰهُم أَئِمَّةً يَدعونَ إِلَى النّارِ وَيَومَ القِيٰمَةِ لا يُنصَرونَ (آيت : 41) |
۽ ڪيوسون، اُنهن امام، ٿي سَڏيون سِڌو باھ ڏي، ۽ ڏاڍي ڏِينهن قِيام، مدد ماڻِيندا ڪانه ڪا. |
وَأَتبَعنٰهُم فى هٰذِهِ الدُّنيا لَعنَةً وَيَومَ القِيٰمَةِ هُم مِنَ المَقبوحينَ (آيت : 42) |
لَعنت لائـِيسونِ پُٺ ۾، دُنيا مُنجھ دَوام، ۽ تَڙيَلنِ مان تمام، مهندان مَحشر ڏِينهن ۾. |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ مِن بَعدِ ما أَهلَكنَا القُرونَ الأولىٰ بَصائِرَ لِلنّاسِ وَهُدًى وَرَحمَةً لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 43) |
۽ ڏِنوسون مُوسٰى کي، تِهان پوءِ تورات، جِھان پوءِ، جَھانَ اڳيان، ماري ڪياسُون مات، اکيون اِنسانن لئي، پڻ ڏَس سِڌو ۽ ڏات، سَنِيها سوغات، سُڻِي سَمجھنِ، مانَ ڪي! |
وَما كُنتَ بِجانِبِ الغَربِىِّ إِذ قَضَينا إِلىٰ موسَى الأَمرَ وَما كُنتَ مِنَ الشّٰهِدينَ (آيت : 44) |
۽ هرگز هُئـِين ڪِين تون، اُن دَم اولھ پار، مُڪاسون مُوسٰى ڏي، جِنهين دَم جُھار، نَه وَرْنَہ! تِنهن وار، هُئين تون حاضِرن مان. |
وَلٰكِنّا أَنشَأنا قُرونًا فَتَطاوَلَ عَلَيهِمُ العُمُرُ وَما كُنتَ ثاوِيًا فى أَهلِ مَديَنَ تَتلوا عَلَيهِم ءايٰتِنا وَلٰكِنّا كُنّا مُرسِلينَ (آيت : 45) |
۽ پَر جوڙيا سون جُڳه گھڻا، پوءِ ڊِگِھي ٿِينَ ڄَمار، ۽ نه هُئـِين مُقيم تون، مَدْيَنْ ۾ مَهندار! ٿو پڙهِين اَسان جون اُنهن مَٿي، نِيشانيون نِروار، پر آهيون آئـِي وار، موڪلِيدڙ مُرسلِين. |
وَما كُنتَ بِجانِبِ الطّورِ إِذ نادَينا وَلٰكِن رَحمَةً مِن رَبِّكَ لِتُنذِرَ قَومًا ما أَتىٰهُم مِن نَذيرٍ مِن قَبلِكَ لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 46) |
پاڻِي ڪڍيائـِين، پاڻ پوءِ، تِنين لئي تڪرار، لالڻ لاڙو پوءِ ڪيو، ڪِنهن پرڇائـِين پار، چي، اُتم اُتارئـِي خير مان، جيڪِي سَندمِ جبار، حاجتمند هيڪار، آءٌ اُنهِيء جو آهيان. |
وَلَولا أَن تُصيبَهُم مُصيبَةٌ بِما قَدَّمَت أَيديهِم فَيَقولوا رَبَّنا لَولا أَرسَلتَ إِلَينا رَسولًا فَنَتَّبِعَ ءايٰتِكَ وَنَكونَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 47) |
۽ ڇو نہ جڏھن اُنھن تي، اَچي ڪو آزار، جيڪِي سَندنِ ھَٿن ڪيو، ڪارڻ تِنھن ڪم ڪار، پوءِ آکِين تہ اَسان جا، سائِين رَبَّ، سَتَّار!، ڇو نہ اسان ڏي موڪلئِي، مُرسل ڪو مَھندار!، پوءِ ھُجون تُنھنجي حُڪمن جا، تِھدِل تابِعدار، ۽ قلب ساڻ قرار، ٿيون مَڃِندڙن مَنجھان. |
فَلَمّا جاءَهُمُ الحَقُّ مِن عِندِنا قالوا لَولا أوتِىَ مِثلَ ما أوتِىَ موسىٰ أَوَلَم يَكفُروا بِما أوتِىَ موسىٰ مِن قَبلُ قالوا سِحرانِ تَظٰهَرا وَقالوا إِنّا بِكُلٍّ كٰفِرونَ (آيت : 48) |
پوءِ اَسان کان، حَق اُنھن تي، وارد ٿيو جنھن وار، چي، ڇو نہ مُوسيٰ جِيئن مِليَسِ، نشانيون نروار؟، ڇا، جيڪا مُوسيٰ کي مليو، تِنھن کان، اڳ نہ ڪيون انڪار؟، چي، جادوگر جُونجھار، ٻَئِي ھِڪ ٻئي جا مَددگار، چي، ھَمَہ کان ھيڪار، اَسِين اِنڪاري آھيون. |
قُل فَأتوا بِكِتٰبٍ مِن عِندِ اللَّهِ هُوَ أَهدىٰ مِنهُما أَتَّبِعهُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 49) |
چئو نَبِي نواب!، تہ آڻيو ڪو اَللہ وَٽان، ھِدايت وارو، ھِن ٻِن کان، ڪَثر ڪو ڪتاب، تہ آءٌ بَجا آڻيا، حُڪم سَندسِ ھر باب، آھيو اي اَحباب!، جي صَحِي سَچ ٻولن مان. |
فَإِن لَم يَستَجيبوا لَكَ فَاعلَم أَنَّما يَتَّبِعونَ أَهواءَهُم وَمَن أَضَلُّ مِمَّنِ اتَّبَعَ هَوىٰهُ بِغَيرِ هُدًى مِنَ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 50) |
ڏِينئِي، جي نہ جواب، پوءِ سَمجِھي وَٺ سُپرين! تہ سَندنِ سَڌن پُٺيان، ڪاھِين ٿا ڪَذاب، ۽ ڪَثر ڪير اُن ڪنان، ڀُليل ھَر ڪِنھن باب؟، جو ھَليو سَندسِ سَڌن تي، بِنا ڪِنھن ڪتاب، آيَل آسمان کان، والِي، کان وَھاب، سائِين راھ صَواب، ڏَسي نَہ ظالِم ذات کي. |
وَلَقَد وَصَّلنا لَهُمُ القَولَ لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 51) |
۽ ڳالھيون ڳَنڍيوسون اُنھن لئي، تہ مَت وَٺنِ ڪامان! |
الَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ مِن قَبلِهِ هُم بِهِ يُؤمِنونَ (آيت : 52) |
ڪياسون ڪِتاب جَن تي، اِنھڳان اَڳ اِحسان، آڻِين ٿا اِيمان، اِھي اِن ڪتاب تي. |
وَإِذا يُتلىٰ عَلَيهِم قالوا ءامَنّا بِهِ إِنَّهُ الحَقُّ مِن رَبِّنا إِنّا كُنّا مِن قَبلِهِ مُسلِمينَ (آيت : 53) |
۽ جڏهن پَڙهجي اُنهن مٿي، چي، آندوسون ايمان، آهي اَسان جي رَبَّ ڪنان، بَرحق بي گمان، اَسِين اڳه اِيمان، هُئاسون آڻِيندڙ اُن مَٿي. |
أُولٰئِكَ يُؤتَونَ أَجرَهُم مَرَّتَينِ بِما صَبَروا وَيَدرَءونَ بِالحَسَنَةِ السَّيِّئَةَ وَمِمّا رَزَقنٰهُم يُنفِقونَ (آيت : 54) |
ٻَه ڀيرا بيشڪ اُنهن کي، ڏِبو سَندنِ ثواب، جنهن سبب سَٺائون سِر تي، اِيذا، اهنج عذاب، ۽ خراب جو، خُوب سان، جوڙيو ڏِين جَواب، ۽ ڏُکيَن ڏِين اُن مَنجھان، جيڪِي اَسان ڏِنَنِ اَسباب، |
وَإِذا سَمِعُوا اللَّغوَ أَعرَضوا عَنهُ وَقالوا لَنا أَعمٰلُنا وَلَكُم أَعمٰلُكُم سَلٰمٌ عَلَيكُم لا نَبتَغِى الجٰهِلينَ (آيت : 55) |
۽ جڏهن ٻُڌئون ڳالھ خراب، ته مُنهن موڙيون اُن ڪنان. چي، اَهنجا ڪم اوهان لئي، ۽ اسان جا، اسان ڪاڻ، سَلام اَوهان تي پاڻ، اَسِين نَه اَٻوجھن کي گُھرون. |
إِنَّكَ لا تَهدى مَن أَحبَبتَ وَلٰكِنَّ اللَّهَ يَهدى مَن يَشاءُ وَهُوَ أَعلَمُ بِالمُهتَدينَ (آيت : 56) |
اي تُنهنجي نَه اِختيار، ته وات وَڻي ، تِنهن لائـِين، پروڻيسِ تِنهن کي واٽ سَنئـِين، ڏَسي ٿو ڏاتار، ۽ سَمجھندڙ سَتار، صَحِي سَواٽن کي. |
وَقالوا إِن نَتَّبِعِ الهُدىٰ مَعَكَ نُتَخَطَّف مِن أَرضِنا أَوَلَم نُمَكِّن لَهُم حَرَمًا ءامِنًا يُجبىٰ إِلَيهِ ثَمَرٰتُ كُلِّ شَيءٍ رِزقًا مِن لَدُنّا وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 57) |
۽ چيائون، ته چڱِيءَ راھ ۾، جي تابع ٿياسون توساڻ، ته پَٽِين کڄَنداسون پاڻ، بِيشڪ پَنهنجِي ڀُون مان. ڇاهَنڌ نه ڏِٺوسونِ حرم ۾، اَمن ساڻ اَمان؟ چُونڊجِي چوڌاري کان، ميوا هَر مَڪان، ڪارڻ قُوت گُذران، اَچن اَسان کان، اُن ڏي. پر گھڻا بي گُمان، تَوجَّه نه ڏِين، تن مان، |
وَكَم أَهلَكنا مِن قَريَةٍ بَطِرَت مَعيشَتَها فَتِلكَ مَسٰكِنُهُم لَم تُسكَن مِن بَعدِهِم إِلّا قَليلًا وَكُنّا نَحنُ الوٰرِثينَ (آيت : 58) |
۽ ناس ڪياسون ڳوٺ ڪَئـِين، جَن ۾ سَندن گُذران، سِينگاريو، سُڌاريو وِيو، سَمرسِين، سامان، پوءِ اِهي آهن اُنهن جا، ماڙِيون ماڳه مَڪان، تَن پُڃاڻا تَن ۾، قوم رهِي ڪا ڪا نه، مگر مُدت ٿورڙِي، ڪي مُسافِر مِهمان، ۽ وارث جڳه جھان، اَسِين آخر آهيون. |
وَما كانَ رَبُّكَ مُهلِكَ القُرىٰ حَتّىٰ يَبعَثَ فى أُمِّها رَسولًا يَتلوا عَلَيهِم ءايٰتِنا وَما كُنّا مُهلِكِى القُرىٰ إِلّا وَأَهلُها ظٰلِمونَ (آيت : 59) |
۽ سائـِين سَندئـِي، ڪِنهن ڳوٺ کي، ناهي ڪَندڙ ناس، تان مُرسل موڪلي اُن مان، وَڏِيءَ وَسندِي پاس، ۽ آيتون اِلماس، پَڙهي اَسان جون اُنهن مَٿي. ۽ ناس ڪندڙ ناهيون، ڪو ديرو اِنهيان ڌار، ته هُئا هاڃيڪار، سَٻر ساڪِن اُن جا. |
وَما أوتيتُم مِن شَيءٍ فَمَتٰعُ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَزينَتُها وَما عِندَ اللَّهِ خَيرٌ وَأَبقىٰ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 60) |
۽ جيڪِي ڏِنو وِيو اوهان کي، سَمر ۽ سامان، سو نفعو ننڍِيءَ ڄَمار جو، ۽ جَھلڪو مَنجھ جھان، ۽ بِهتر بَقادار سي، باغ ۽ بُستان، جي صاحِب وَٽ سُبحان، پَڙهِي ڇو نه پَرُوڙيو؟ |
أَفَمَن وَعَدنٰهُ وَعدًا حَسَنًا فَهُوَ لٰقيهِ كَمَن مَتَّعنٰهُ مَتٰعَ الحَيوٰةِ الدُّنيا ثُمَّ هُوَ يَومَ القِيٰمَةِ مِنَ المُحضَرينَ (آيت : 61) |
ڇا، ٻول ٻَڌاسون جِنهن سان سُهڻا سراسر، جيڪِي باغ بهشت ۾، ماڻيندو مُيَسَّر، پوءِ اِهو اِنعام ۾، آهي اُن وانگر؟، جنهن کي ڏِناسُون ڏِينهن ٻَه ٽي، وَٽابا ويتر، ڏُ کـئي ڏينهن قِيام جي، سو موٽِي مَنجھ محَشر، ٻَرندڙ آگه اَندر، هُوندو حاضرن مان. |
وَيَومَ يُناديهِم فَيَقولُ أَينَ شُرَكاءِىَ الَّذينَ كُنتُم تَزعُمونَ (آيت : 62) |
۽ ڏِبُنِ، پَڙهو جنهن ڏينهن ۾، چَئبُنِ اِهڙِيءَ چال، ڪٿي، سي ڀائـِينداهُئا، جن کي جوڙيوال؟، |
قالَ الَّذينَ حَقَّ عَلَيهِمُ القَولُ رَبَّنا هٰؤُلاءِ الَّذينَ أَغوَينا أَغوَينٰهُم كَما غَوَينا تَبَرَّأنا إِلَيكَ ما كانوا إِيّانا يَعبُدونَ (آيت : 63) |
قول قراريو جَن تي، تن قبولِي اِها ڳالھ، هِي سي، ڀُلايوسون جَن کي، ڀَلا بي مثال!، ڀُلايوسونِ جيئن، اَسِين ڀُلياسون بحال، توڏي وَرياسون، تن کان، ڦِرياسون فِى الحال، ڪِين ڪَندا هُئا ڪالھ، پُوڄاپاٺ اسان جي. |
وَقيلَ ادعوا شُرَكاءَكُم فَدَعَوهُم فَلَم يَستَجيبوا لَهُم وَرَأَوُا العَذابَ لَو أَنَّهُم كانوا يَهتَدونَ (آيت : 64) |
۽ چي، سَڏيو اَهنجي سائـِيَنِ کي، پوءِ واڪيائون تِنهن وار، پوءِ جُڙيُنِ ڪو نه جواب ڪو، ۽ جڏهن اکيُنِ ڏِٺئون آزار، هُوند ٿِي هوشيار، وَٺنِ هاڪا واٽ سَنئـِين! |
وَيَومَ يُناديهِم فَيَقولُ ماذا أَجَبتُمُ المُرسَلينَ (آيت : 65) |
۽ ڏِبُنِ پڙهو جنهن ڏِينهن، پوءِ چَئبُنِ اِهڙِي چال، ته جَيَرِي جواب مُرسَلِين، ڪِهڙو ڏِنان ڪالھ؟ |
فَعَمِيَت عَلَيهِمُ الأَنباءُ يَومَئِذٍ فَهُم لا يَتَساءَلونَ (آيت : 66) |
پوءِ مُنجھي وِيُنِ مَتيون، نه سَمجھن سَنئـِين ڳالھ، پوءِ اُنهن کان اَحوال، وَرِي وَٺبو ڪو نه ڪو. |
فَأَمّا مَن تابَ وَءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَعَسىٰ أَن يَكونَ مِنَ المُفلِحينَ (آيت : 67) |
پر جو موٽيو ۽ مَڃئـِيين ۽ چڱِي ڌاريِين چال، پوءِ هُوندو سو هَرحال، سُڌِيرن جي ساٿ ۾. |
وَرَبُّكَ يَخلُقُ ما يَشاءُ وَيَختارُ ما كانَ لَهُمُ الخِيَرَةُ سُبحٰنَ اللَّهِ وَتَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 68) |
۽ والِي تُنهنجو وڻيسِ تِئين، جوڙي ٿو جنسار، گَھڙي، گُھري جنهن گھاٽ کي، مَرضيءَ جو مُختيار، ۽ ڪونهي اِختيار اُنهن کي، جن کي ڀائـِن ڀائيوار، تنين کان تڪرار، اَلله اُتم ۽ پاڪ گھڻو. |
وَرَبُّكَ يَعلَمُ ما تُكِنُّ صُدورُهُم وَما يُعلِنونَ (آيت : 69) |
۽ جي سانِڍينِ سَندنِ سِينَن ۾، يا ظاهِر ڪَن زبان، سو ٿو سَمجھي سائين تُنهنجو، سڀنِي کي سُبحان، |
وَهُوَ اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ لَهُ الحَمدُ فِى الأولىٰ وَالءاخِرَةِ وَلَهُ الحُكمُ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 70) |
اُهو اَلله جِنهن سَوا، اولو، نه آستان، سَڀ ساراهون اُن کي، مَنجھ هِن ۽ هُن جَھان، ۽ هَلن حَقَّ اُنهِيءَ جا، فَرمودا، فَرمان، ۽ مَنجھ مَحشرجي ميدان، مِڙئي اُن ڏي موٽندا. |
قُل أَرَءَيتُم إِن جَعَلَ اللَّهُ عَلَيكُمُ الَّيلَ سَرمَدًا إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ مَن إِلٰهٌ غَيرُ اللَّهِ يَأتيكُم بِضِياءٍ أَفَلا تَسمَعونَ (آيت : 71) |
چئو ڪِيئن ڀانيو ٿا بات؟ اَلله جَلَّ جَلالَہٗ، ڪري ڏِينهن قيام سِين، سدا ساندھ رات، آهي ڪو اَلله ري، ٻِيو ڏِيندڙ ڏات؟ ته آڻي ڏِينهن اَوهان تي، پيدا ڪري پِرڀات، پوءِ لاشرِيڪِي لات، ڇو ٻوڙا ٻڌو ڪين ٿا؟ |
قُل أَرَءَيتُم إِن جَعَلَ اللَّهُ عَلَيكُمُ النَّهارَ سَرمَدًا إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ مَن إِلٰهٌ غَيرُ اللَّهِ يَأتيكُم بِلَيلٍ تَسكُنونَ فيهِ أَفَلا تُبصِرونَ (آيت : 72) |
چئو وَرتُوَ ڪو ويچار؟ ته الله جَلَّ جَلالَہٗ، ڪري، ڏينهن قيام سِين، سَدا ڏِينهن سَتّار، آخر آهي ڪير ٻيو؟ پاڪ ڌڻِي کان ڌار، ته راحت وارِي راتِڙي، آڻي اوهان هارِ، ته ڪريو مَنجھسِ قرار، پوءِ نِرتًا ڇو نه نِهاريو؟ |
وَمِن رَحمَتِهِ جَعَلَ لَكُمُ الَّيلَ وَالنَّهارَ لِتَسكُنوا فيهِ وَلِتَبتَغوا مِن فَضلِهِ وَلَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 73) |
۽ ڏينهن، رات پَنهنجي رحم سان، ڪيائـِين اوهان ڪاڻ، ته مَنجهسِ گھر ۾ گھاريو، وَسايو وٿاڻ، پڻ ڀال سَندسِ کي پاڻ، ڳوليو، مَن ڳُڻ ڳائيو! |
وَيَومَ يُناديهِم فَيَقولُ أَينَ شُرَكاءِىَ الَّذينَ كُنتُم تَزعُمونَ (آيت : 74) |
ڏِبُنِ پَڙهو جِنهن ڏينهن ۾، پوءِ چَئـِبو اِهڙِي چال، ته ڪٿي ڀائيوار مون، جَن ڀانيان، اَندر ڀال؟ |
وَنَزَعنا مِن كُلِّ أُمَّةٍ شَهيدًا فَقُلنا هاتوا بُرهٰنَكُم فَعَلِموا أَنَّ الحَقَّ لِلَّهِ وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 75) |
۽ ساکِي سَڀڪِنهن قوم مان، بيهارياسون بَحال، پوءِ چَيوسونِ ته چِٺو آڻيو، پوءِ سَمِجھي وِيا سُوال، ته آھِ حق اَلله لئي، ٻِي سَڀ ڪوڙِي ڳالھ، جي ڪُوڙا پوڄيؤن ڪالھ، سي وِيا وٽانِ وِڃائجِي. |
إِنَّ قٰرونَ كانَ مِن قَومِ موسىٰ فَبَغىٰ عَلَيهِم وَءاتَينٰهُ مِنَ الكُنوزِ ما إِنَّ مَفاتِحَهُ لَتَنوأُ بِالعُصبَةِ أُولِى القُوَّةِ إِذ قالَ لَهُ قَومُهُ لا تَفرَح إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ الفَرِحينَ (آيت : 76) |
قارُون مُوسٰى جي قوم مان، مٿنِ رکيو مان، کاڻِيون خزانن جون، ڏِنيون سونسِ ڏان، ڪُنجيون کَڻندا هُئا اُن جيون، جوڙِي جُنگه جُوان، اُتُسِ عَزارت اُن جِي، ته خُوشِي ڪر نه خان؛ قادِر رکي ڪا نه محبت مَرڪندڙن سان. |
وَابتَغِ فيما ءاتىٰكَ اللَّهُ الدّارَ الءاخِرَةَ وَلا تَنسَ نَصيبَكَ مِنَ الدُّنيا وَأَحسِن كَما أَحسَنَ اللَّهُ إِلَيكَ وَلا تَبغِ الفَسادَ فِى الأَرضِ إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ المُفسِدينَ (آيت : 77) |
گُھر اُن ۾، آخرت کي، ڏِنئـِي جو ڏاتار، ۽ دُنيا فانِي مان پَنهنجو، وانٽو ڪِيمِ وِسار، ۽ وَڙُ ڪر جِيئن وَڙ ڪَيئي، سائـِينءَ رَبَّ سَتار، ۽ مُور نه آڻ مُلڪ ۾، تباهِي تَڪرار، پَرور ڏِئي نه پِيار، ڦيٽاڙو ڦلِيندڙِين. |
قالَ إِنَّما أوتيتُهُ عَلىٰ عِلمٍ عِندى أَوَلَم يَعلَم أَنَّ اللَّهَ قَد أَهلَكَ مِن قَبلِهِ مِنَ القُرونِ مَن هُوَ أَشَدُّ مِنهُ قُوَّةً وَأَكثَرُ جَمعًا وَلا يُسـَٔلُ عَن ذُنوبِهِمُ المُجرِمونَ (آيت : 78) |
چي، پَنهنجي عِلم، عَقل تي، مِليُمِ اِهو مال، ڇا، سوچِيئنِ نه هِن ڳالھ کي؟ ته اَلله جَلَّ جلالہٗ، اِنهيان اَ ڳه جُڳه ڪيترا، ڪيا پَڻِي ۽ پيمال، جي اُن کان زَر ۽ زور ۾، هُئا بَرکه بَحال، ۽ ڪِين پُڇبو ڪالھ، ڏوهن سَندنِ جو ڏوهِيين. |
فَخَرَجَ عَلىٰ قَومِهِ فى زينَتِهِ قالَ الَّذينَ يُريدونَ الحَيوٰةَ الدُّنيا يٰلَيتَ لَنا مِثلَ ما أوتِىَ قٰرونُ إِنَّهُ لَذو حَظٍّ عَظيمٍ (آيت : 79) |
پوءِ ذات سَندسِ ۾ زِينت سان، نِڪرِي ٿيو نِروار، تڏهين چيو، جي چاهِين ٿا، نِپَٽ نَنڍِي ڄمار، جِيئن مال مِليا قارون کي، ڪَرهُونِ اَسان هار!، آهي سو اِظهار، صاحِب وَڏي سُهاڳه جو. |
وَقالَ الَّذينَ أوتُوا العِلمَ وَيلَكُم ثَوابُ اللَّهِ خَيرٌ لِمَن ءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا وَلا يُلَقّىٰها إِلَّا الصّٰبِرونَ (آيت : 80) |
۽ عِلم عطا ٿيو جَن کي، تن چيو اِهڙِيءَ چال، ته حيف اوهان جي حال کي!، ڀَلي ڌَڻِيءَ جا ڀال، بيشڪ سي بِهتر گھڻو، آهن اُنهن نال، جَن مَڃيو مالِڪ پاڪ کي، پڻ اَڇا ڪيؤَن اَعمال، ۽ مِلَنِ ڪِين مجال، سي ثواب، سوا صابرِين. |
فَخَسَفنا بِهِ وَبِدارِهِ الأَرضَ فَما كانَ لَهُ مِن فِئَةٍ يَنصُرونَهُ مِن دونِ اللَّهِ وَما كانَ مِنَ المُنتَصِرينَ (آيت : 81) |
پوءِ گَنجن گَڏ، خاڪ ۾، ڪيوسونسِ گَلوگار، پوءِ سوا سائـِينءَ، ساٿ نَه هو، لهيسِ سارسنڀال، ۽ نه سو نِگُو نسار، پُهچندڙن مان، پاڻ هو. |
وَأَصبَحَ الَّذينَ تَمَنَّوا مَكانَهُ بِالأَمسِ يَقولونَ وَيكَأَنَّ اللَّهَ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَيَقدِرُ لَولا أَن مَنَّ اللَّهُ عَلَينا لَخَسَفَ بِنا وَيكَأَنَّهُ لا يُفلِحُ الكٰفِرونَ (آيت : 82) |
۽ مَڱيو جَن ماڳه تِنهن، چَيئون وِهاڻِيءَ وار، گھُري سَندسِ گولن مان، جنهن لئي رَبُّ، جَبّار، بخشي تِنهن بِسيار، ياتنگي ڏيئي توڻ جِي. جِيڪر! نَه جَلَّ شانهٗ، ڪيو اَسان تي اِحسان، ته دَٻجِي وِياسون، دائـِما ڀُون ۾ بي گمان، بيشڪ بي شُڪران، ڪڏهن ڇُٽنداڪِين ڪِي. |
تِلكَ الدّارُ الءاخِرَةُ نَجعَلُها لِلَّذينَ لا يُريدونَ عُلُوًّا فِى الأَرضِ وَلا فَسادًا وَالعٰقِبَةُ لِلمُتَّقينَ (آيت : 83) |
اُهو آخِر گَھر اُنهن لئي، مُقرّر ڪريون ٿا مُور، جي خُودِي نه گُھرن خاڪ ۾، ۽ نه ڦيٽاڙو فُتور، ۽ آهي نِسُورِي نُور، پَڇاڙِي پاڪن لئي. |
مَن جاءَ بِالحَسَنَةِ فَلَهُ خَيرٌ مِنها وَمَن جاءَ بِالسَّيِّئَةِ فَلا يُجزَى الَّذينَ عَمِلُوا السَّيِّـٔاتِ إِلّا ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 84) |
جِنهن ڀَلِي ڪَئـِي، ته اُن لئي، ڀَلائـِي بِهتر، ۽ جِنهن بِدِي ڪَئـِي، ته بَدلو، نه ملندو تَن مگر، اَڀرايُون اَبتر، جِنهن قدرڪندا پاڻ هئا. |
إِنَّ الَّذى فَرَضَ عَلَيكَ القُرءانَ لَرادُّكَ إِلىٰ مَعادٍ قُل رَبّى أَعلَمُ مَن جاءَ بِالهُدىٰ وَمَن هُوَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 85) |
توڏي قرآن ڪريم کي، مُڪو جِنهن مُختيار، سو وارڻ وارو واڳه سَندئـِي، واپَس وطن پارِ، چَئو، جو سَنئون هَليو، تِنهنجو سانيَمِ سَمجھدار، پڻ ڀُليو جو بَدڪار، آگو آگاه اُن ڪنان. |
وَما كُنتَ تَرجوا أَن يُلقىٰ إِلَيكَ الكِتٰبُ إِلّا رَحمَةً مِن رَبِّكَ فَلا تَكونَنَّ ظَهيرًا لِلكٰفِرينَ (آيت : 86) |
اَصل نه هوءِ آسرو، ته اِيندئـِي ڪو ڪتاب، پر رَحمت تُنهنجي، رَبَّ ڪنان، صحِي بَرصواب، پوءِ بِلڪُل نه ٿئـِي ڪِنهن باب، مَددگار مُنڪرِين. |
وَلا يَصُدُّنَّكَ عَن ءايٰتِ اللَّهِ بَعدَ إِذ أُنزِلَت إِلَيكَ وَادعُ إِلىٰ رَبِّكَ وَلا تَكونَنَّ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 87) |
اَلله جي آيتن کان، توکي لوڪ نه ڪري روڪ، جنهن بعد، جڏهن توڏي، وِيون لاٿيون وِچان لوڪ، ۽ تُنهنجي پَرور پاڪ ڏي، سَڏ ماڻهن کي موڪ، ۽ جَن ٿان بَنايا ٿوڪ، تَن پَر پُوڄارين مان، پاڻ نه ٿِي. |
وَلا تَدعُ مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ كُلُّ شَيءٍ هالِكٌ إِلّا وَجهَهُ لَهُ الحُكمُ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 88) |
۽ ڪِنهن پِير، فقير کي، پرور گَڏ نه پُوڪار، ڌڻِيءَ ڌاران ناھِ ڪا، درگاه ۽ درٻار، وَٿون سَڀئـِي وَڃڻيون، ذات ڌَڻِيءَ کان ڌار، حُڪم اُن هيڪ جو، چالو آهي چوڌار، ۽ سَڏي آخِرڪار، مِڙئـِي موٽائبا، اُن ڏي. |