طسم (آيت : 1) |
طا سين ميم (هي حروفِ مقطعات آهن هنن جو اصل راز الله ۽ ان جو رسول ڄاڻن ٿا) |
تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ المُبينِ (آيت : 2) |
هي پڌري ڪتاب جون آيتون آهن. |
نَتلوا عَلَيكَ مِن نَبَإِ موسىٰ وَفِرعَونَ بِالحَقِّ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 3) |
(اي نبي!) اسان تو کي موسى ۽ فرعون جو صحيح واقعو پڙهي ٻڌايون ٿا ان قوم (جي فائدي) لاءِ جيڪي ايمان رکن ٿا. |
إِنَّ فِرعَونَ عَلا فِى الأَرضِ وَجَعَلَ أَهلَها شِيَعًا يَستَضعِفُ طائِفَةً مِنهُم يُذَبِّحُ أَبناءَهُم وَيَستَحيۦ نِساءَهُم إِنَّهُ كانَ مِنَ المُفسِدينَ (آيت : 4) |
بيشڪ فرعون زمينِ (مصر) ۾ وڏائي ڪئي ۽ اتان جي رهواسين کي ان ٽولن ۾ ورهائي ڇڏيو انهن مان هڪ جماعت (يعني بني اسرائيل) کي ڪمزور ڪري انهن جي پُٽن کي ڪُٺائين پئي ۽ انهن جي عورتن کي زنده ڇڏيائين پئي. بيشڪ اُهو فساد برپا ڪرڻ وارن مان هيو. |
وَنُريدُ أَن نَمُنَّ عَلَى الَّذينَ استُضعِفوا فِى الأَرضِ وَنَجعَلَهُم أَئِمَّةً وَنَجعَلَهُمُ الوٰرِثينَ (آيت : 5) |
۽ اسان چاهيو ته انهن ماڻهن تي احسان ڪيون جن کي زمين ۾ ڪمزور ڪري رکيو ويو آهي ۽ انهن کي اڳواڻ بنايون ۽ انهن کي (مُلڪ جو) وارث بنايون. |
وَنُمَكِّنَ لَهُم فِى الأَرضِ وَنُرِىَ فِرعَونَ وَهٰمٰنَ وَجُنودَهُما مِنهُم ما كانوا يَحذَرونَ (آيت : 6) |
۽ انهن کي زمين ۾ اقتدار ڏيون ۽ فرعون ۽ هامان کي ۽ انهن ٻنهين جي لشڪرن کي انهن کان اهو (انجام) ڏيکاريون جنهن کان اهي ڊڄندا هئا. |
وَأَوحَينا إِلىٰ أُمِّ موسىٰ أَن أَرضِعيهِ فَإِذا خِفتِ عَلَيهِ فَأَلقيهِ فِى اليَمِّ وَلا تَخافى وَلا تَحزَنى إِنّا رادّوهُ إِلَيكِ وَجاعِلوهُ مِنَ المُرسَلينَ (آيت : 7) |
۽ اسان موسى جي ماءُ جي دل ۾ اها ڳالهه وِڌي ته: ”ان کي کير پياريندي رهه، پوءِ جڏهن تو کي (ان جي قتل جو) انديشو ٿئي ته پوءِ ان کي درياءَ ۾ اُڇلاءِ ۽ نه ڪو خوف ڪر ۽ نه غم ڪر، بيشڪ اسان ان کي تو ڏانهن موٽائڻ وارا آهيون ۽ اسان ان کي رسولن مان بنائڻ وارا آهيون“. |
فَالتَقَطَهُ ءالُ فِرعَونَ لِيَكونَ لَهُم عَدُوًّا وَحَزَنًا إِنَّ فِرعَونَ وَهٰمٰنَ وَجُنودَهُما كانوا خٰطِـٔينَ (آيت : 8) |
آخرڪار ان کي فرعون جي گهر وارن (درياءَ مان) لڌو هن لاءِ ته انهن لاءِ دشمن ۽ غم (جو سبب) بنجي. بيشڪ فرعون ۽ هامان ۽ انهن ٻنهين جا لشڪر خطا ڪار هئا. |
وَقالَتِ امرَأَتُ فِرعَونَ قُرَّتُ عَينٍ لى وَلَكَ لا تَقتُلوهُ عَسىٰ أَن يَنفَعَنا أَو نَتَّخِذَهُ وَلَدًا وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 9) |
۽ فرعون جي زال چيو ته : ”(هي ٻار) منهنجي ۽ تنهنجي لاءِ اکين جو ٺار آهي. ان کي قتل نه ڪيو، من هي اسان کي نفعو پهچائي يا اسان ان کي پُٽيلو کڻي بنايون“ ۽ اُهي (انجام کان) بي خبر هئا. |
وَأَصبَحَ فُؤادُ أُمِّ موسىٰ فٰرِغًا إِن كادَت لَتُبدى بِهِ لَولا أَن رَبَطنا عَلىٰ قَلبِها لِتَكونَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 10) |
۽ موسى جي ماءُ جي دل (صبر کان) خالي ٿي پئي. اُها ان (موسيٰ جي راز) کي ظاهر ڪرڻ تي هئي جيڪڏهن اسان ان جي دل کي مضبوط نه ڪيون ها هن لاءِ ته اُها (موسى جي موٽائڻ واري رب جي وعدي تي) يقين ڪرڻ وارن مان ٿئي. |
وَقالَت لِأُختِهِ قُصّيهِ فَبَصُرَت بِهِ عَن جُنُبٍ وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 11) |
۽ (موسى جي ماءُ) سندس ڀيڻ (يعني موسيٰ جي ڀيڻ) کي چيو ته: ”ان جي پٺيان لڳي وڃ“، پوءِ اُها ان کي پري هڪ پاسي کان ڏسندي رَهِي ۽ انهن کي ان (حقيقت) جي خبر به نه پئي. |
وَحَرَّمنا عَلَيهِ المَراضِعَ مِن قَبلُ فَقالَت هَل أَدُلُّكُم عَلىٰ أَهلِ بَيتٍ يَكفُلونَهُ لَكُم وَهُم لَهُ نٰصِحونَ (آيت : 12) |
۽ اسان اڳي ئي ان (موسى) تي کير پيارڻ واريُن (جون ڇاتيون)حرام ڪري ڇڏيون هيون پوءِ (موسى جي ڀيڻ) چيو: ”ڇا آءٌ اوهان کي اهڙو گهراڻو ٻڌايان جيڪي ان جِي اوهان لاءِ پرورش ڪن ۽ اُهي ان جا خير خواه (به) هجن“؟ |
فَرَدَدنٰهُ إِلىٰ أُمِّهِ كَى تَقَرَّ عَينُها وَلا تَحزَنَ وَلِتَعلَمَ أَنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 13) |
سو اسان کيس سندس ماءُ ڏانهن موٽايو ته جيئن ان جي اک ٿڌي رهي ۽ غمگين نه ٿئي ۽ هن لاءِ ته يقين ڪري ته بيشڪ الله جو وعدو سچو آهي ۽ پر انهن مان گهڻا نه ٿا ڄاڻن. |
وَلَمّا بَلَغَ أَشُدَّهُ وَاستَوىٰ ءاتَينٰهُ حُكمًا وَعِلمًا وَكَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 14) |
۽ جڏهن (موسى ) پنهنجي پُورَجوانيءَ کي پهتو ۽ توانا ٿي ويو تڏهن اسان کيس حُڪم ۽ علم ڏنو. ۽ اسان اهڙي طرح نيڪوڪارن کي بدلو ڏيندا آهيون. |
وَدَخَلَ المَدينَةَ عَلىٰ حينِ غَفلَةٍ مِن أَهلِها فَوَجَدَ فيها رَجُلَينِ يَقتَتِلانِ هٰذا مِن شيعَتِهِ وَهٰذا مِن عَدُوِّهِ فَاستَغٰثَهُ الَّذى مِن شيعَتِهِ عَلَى الَّذى مِن عَدُوِّهِ فَوَكَزَهُ موسىٰ فَقَضىٰ عَلَيهِ قالَ هٰذا مِن عَمَلِ الشَّيطٰنِ إِنَّهُ عَدُوٌّ مُضِلٌّ مُبينٌ (آيت : 15) |
۽ (هڪ ڏينهن موسى) شهر ۾ داخل ٿيو جنهن وقت شهر وارا غفلت (جي ننڊ) ۾ هئا ته ان ۾ ٻن مردن کي پاڻ ۾ وڙهندي ڏٺائين هي (هڪڙو) سندس جماعت (بني اسرائيل) مان هيو ۽ هي (ٻيو) سندس دشمنن (قومِ فرعون) مان هيو، پوءِ جيڪو سندس جماعت مان هيو تنهن کيس مدد لاءِ پڪاريو ان جي خلاف جيڪو سندس دشمنن مان هيو پوءِ موسى ان کي مُڪ هنئي پوءِ ان جو ڪم پورو ڪيائين. چيائين: ”هي شيطان جو عمل آهي. بيشڪ اُهو گمراهه ڪندڙ پڌرو دشمن آهي“. |
قالَ رَبِّ إِنّى ظَلَمتُ نَفسى فَاغفِر لى فَغَفَرَ لَهُ إِنَّهُ هُوَ الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 16) |
چيائين: ”اي منهنجا پالڻهار! مون پنهنجو پاڻ تي زيادتي ڪئي سو تون مون کي معاف ڪر“. پوءِ (الله) ان کي معاف ڪيو. بيشڪ اُهو وڏو بخشڻهار ٻاجهارو آهي. |
قالَ رَبِّ بِما أَنعَمتَ عَلَىَّ فَلَن أَكونَ ظَهيرًا لِلمُجرِمينَ (آيت : 17) |
(موسى) چيو: ”اي منهنجا پالڻهار! تو جا مون تي نعمت ڪئي آهي انڪري آءٌ ڪڏهن به ڏوهارين جو مددگار نه ٿيندس“. |
فَأَصبَحَ فِى المَدينَةِ خائِفًا يَتَرَقَّبُ فَإِذَا الَّذِى استَنصَرَهُ بِالأَمسِ يَستَصرِخُهُ قالَ لَهُ موسىٰ إِنَّكَ لَغَوِىٌّ مُبينٌ (آيت : 18) |
پوءِ (موسى) ان شهر ۾ ڊڄندي انتظار ڪندي صبح ڪيو (هاڻي ڇا ٿيندو؟)پوءِ اوچتو اُهو ئي ماڻهو جنهن کانئس ڪالهه مدد گهري هئي کيس مدد لاءِ سڏيائين. (موسى) کيس چيو: ”بيشڪ تون پڌرو گمراهه آهين“. |
فَلَمّا أَن أَرادَ أَن يَبطِشَ بِالَّذى هُوَ عَدُوٌّ لَهُما قالَ يٰموسىٰ أَتُريدُ أَن تَقتُلَنى كَما قَتَلتَ نَفسًا بِالأَمسِ إِن تُريدُ إِلّا أَن تَكونَ جَبّارًا فِى الأَرضِ وَما تُريدُ أَن تَكونَ مِنَ المُصلِحينَ (آيت : 19) |
پوءِ جڏهن ارادو ڪيائين ته ان کي پڪڙي جيڪو انهن ٻنهين جو دشمن هيو، (ته ان غلط فهميءَ مان) چيو اي موسى: ”ڇا اڄ تون مون کي مارڻ چاهين ٿو؟ جيئن تو ڪالهه هڪ ماڻهو کي قتل ڪيو هيو، تون صرف اُهو چاهين ٿو ته تون زمين ۾ ڏاڍو مڙس هجين ۽ نه ٿو چاهين ته تون (ڪو) صلح ڪرڻ وارن مان هجين“. |
وَجاءَ رَجُلٌ مِن أَقصَا المَدينَةِ يَسعىٰ قالَ يٰموسىٰ إِنَّ المَلَأَ يَأتَمِرونَ بِكَ لِيَقتُلوكَ فَاخرُج إِنّى لَكَ مِنَ النّٰصِحينَ (آيت : 20) |
۽ هڪ ماڻهو شهر جي آخري ڇيڙي کان ڊوڙندو آيو، چيائين: ”اي موسى! يقينًا سردار تنهنجي قتل جي باري ۾ مشورا ڪري رهيا آهن، سو تون هتان نڪري وڃ، بيشڪ آءٌ تو لاءِ خيرخواهن مان آهيان“. |
فَخَرَجَ مِنها خائِفًا يَتَرَقَّبُ قالَ رَبِّ نَجِّنى مِنَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 21) |
سو (موسى) اتان ڊڄندو انتظار ڪندو نڪتو (ته هاڻي ڇا ٿيندو؟) چيائين: ”اي منهنجا پالڻهار! مون کي ظالم قوم کان نجات عطا ڪر“. |
وَلَمّا تَوَجَّهَ تِلقاءَ مَديَنَ قالَ عَسىٰ رَبّى أَن يَهدِيَنى سَواءَ السَّبيلِ (آيت : 22) |
۽ جڏهن اهو (مصر مان نڪري) مَدين (شهر) ڏانهن مُنهن ڪري هليو (ته) چيائين: ”اميد آهي ته عنقريب منهنجو پروردگار مون کي سڌي رستي جي هدايت ڪندو“. |
وَلَمّا وَرَدَ ماءَ مَديَنَ وَجَدَ عَلَيهِ أُمَّةً مِنَ النّاسِ يَسقونَ وَوَجَدَ مِن دونِهِمُ امرَأَتَينِ تَذودانِ قالَ ما خَطبُكُما قالَتا لا نَسقى حَتّىٰ يُصدِرَ الرِّعاءُ وَأَبونا شَيخٌ كَبيرٌ (آيت : 23) |
۽ جڏهن مدين جي پاڻي (جي کوهه) تي پهتو ته اتي ماڻهن جو هجوم ڏٺائين جي (پنهنجي جانورن کي) پاڻي پياري رهيا هئا، ۽ انهن کان پري ٻه عورتون ڏٺائين جن (پنهنجي ٻڪرين کي پاڻي کان) جهلي بيهاريو هيو، (موسى) چيو: ”اوهان ٻنهين جي ڇا پريشاني آهي“؟ انهن چيو: ”اسان (پنهنجي ٻڪرين کي) پاڻي نه ٿيون پياري سگهون جيستائين ڌنار (پنهنجا جانور) موٽائي وٺي وڃن، ۽ اسان جو ابو عمر رسيده بزرگ آهي“. |
فَسَقىٰ لَهُما ثُمَّ تَوَلّىٰ إِلَى الظِّلِّ فَقالَ رَبِّ إِنّى لِما أَنزَلتَ إِلَىَّ مِن خَيرٍ فَقيرٌ (آيت : 24) |
پوءِ انهن ٻنهين (جي ڌڻ) کي پاڻي پياريائين پوءِ (وڻ جي) پاڇولي ڏانهن آيو پوءِ چيائين: ”اي منهنجا پالڻهار بيشڪ آءٌ هر ان ڀلائي جو محتاج آهيان جا تون مون ڏي نازل ڪرين“. |
فَجاءَتهُ إِحدىٰهُما تَمشى عَلَى استِحياءٍ قالَت إِنَّ أَبى يَدعوكَ لِيَجزِيَكَ أَجرَ ما سَقَيتَ لَنا فَلَمّا جاءَهُ وَقَصَّ عَلَيهِ القَصَصَ قالَ لا تَخَف نَجَوتَ مِنَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 25) |
پوءِ وٽس انهن ٻنهين مان هڪ (ڇوڪرِي) شرم ۽ حياء سان هلندي آئي، چيائين: ”بيشڪ منهنجو پيءُ توکي سڏي ٿو هن لاءِ ته توکي مزدوري ڏئي جو تو اسان لاءِ (ڌڻ کي) پاڻي پياريو آهي“. پوءِ جڏهن (موسى) ان (ڇوڪرين جي پيءُ شعيب) وٽ آيو ۽ ان سان گذريل واقعا بيان ڪيائين (ان) چيو ته: ”نه ڊڄ، تون ظالم قوم کان نجات حاصل ڪئي آهي“. |
قالَت إِحدىٰهُما يٰأَبَتِ استَـٔجِرهُ إِنَّ خَيرَ مَنِ استَـٔجَرتَ القَوِىُّ الأَمينُ (آيت : 26) |
انهن ٻنهين (نياڻين) مان هڪ چيو ته: ”اي منهنجا والد! ان کي (پاڻ وٽ) مزدوري تي رک، بيشڪ بهترين ماڻهو جنهن کي مزدوري تي رکڻ چاهين اهو آهي جو طاقتور امانتدار هجي“. |
قالَ إِنّى أُريدُ أَن أُنكِحَكَ إِحدَى ابنَتَىَّ هٰتَينِ عَلىٰ أَن تَأجُرَنى ثَمٰنِىَ حِجَجٍ فَإِن أَتمَمتَ عَشرًا فَمِن عِندِكَ وَما أُريدُ أَن أَشُقَّ عَلَيكَ سَتَجِدُنى إِن شاءَ اللَّهُ مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 27) |
(شعيب) چيو: ”آءٌ چاهيان ٿو ته منهنجي هن ٻن ڌيئرن مان هڪ سان تنهنجو نڪاح ڪيان هن شرط (مهر) تي جو تون اٺ سال مون وٽ مزدوري ڪرين، پوءِ جيڪڏهن تو ڏهه سال پورا ڪيا ته تنهنجي پاران (احسان) هوندا ۽ آءٌ نه ٿو چاهيان ته تو تي سختي ڪيان. الله گهريو ته سگهوئي تون مون کي صالحن مان لهندين“. |
قالَ ذٰلِكَ بَينى وَبَينَكَ أَيَّمَا الأَجَلَينِ قَضَيتُ فَلا عُدوٰنَ عَلَىَّ وَاللَّهُ عَلىٰ ما نَقولُ وَكيلٌ (آيت : 28) |
(موسى) چيو ته: ”اِهو منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ (معاهدو) طئي ٿيو. انهن ٻنهين مُدتن مان ڪابه پوري ڪيان ته پوءِ مون تي ڪابه زيادتي نه ٿيندي. ۽ ان (ڳالهه) تي جيڪي اسان چئون ٿا الله نگهبان آهي“. |
فَلَمّا قَضىٰ موسَى الأَجَلَ وَسارَ بِأَهلِهِ ءانَسَ مِن جانِبِ الطّورِ نارًا قالَ لِأَهلِهِ امكُثوا إِنّى ءانَستُ نارًا لَعَلّى ءاتيكُم مِنها بِخَبَرٍ أَو جَذوَةٍ مِنَ النّارِ لَعَلَّكُم تَصطَلونَ (آيت : 29) |
پوءِ جڏهن موسى اُها مدت پوري ڪئي ۽ پنهنجي گهر واريءَ کي وٺي هليو (ته) طُور جبل جي طرف کان هڪ باهه ڏٺائين، پنهنجي گهرواري کي چيائين: ”توهان ترسو مون هڪ باهه ڏٺي آهي شايد اتان توهان لاءِ ڪا خبر آڻيان يا باهه جو ٽانڊو آڻيان ته جيئن توهان پاڻُ سيڪِيو“. |
فَلَمّا أَتىٰها نودِىَ مِن شٰطِئِ الوادِ الأَيمَنِ فِى البُقعَةِ المُبٰرَكَةِ مِنَ الشَّجَرَةِ أَن يٰموسىٰ إِنّى أَنَا اللَّهُ رَبُّ العٰلَمينَ (آيت : 30) |
پوءِ جڏهن اتي (باهه وٽ) پهتو ته واديءَ (طور) جي ساڄي طرفان با برڪت مقام ۾ (واقع) وڻ مان کيس سڏيو ويو ته: ”اي موسى! آءٌ ئي الله آهيان ! جهانن جو پالڻهار“. |
وَأَن أَلقِ عَصاكَ فَلَمّا رَءاها تَهتَزُّ كَأَنَّها جانٌّ وَلّىٰ مُدبِرًا وَلَم يُعَقِّب يٰموسىٰ أَقبِل وَلا تَخَف إِنَّكَ مِنَ الءامِنينَ (آيت : 31) |
۽ (هي به کيس چيو ويو ته:) ”تون پنهنجي لٺ کي اڇلاءِ. پوءِ جڏهن ان کي چُرندو ڏٺائين ڄڻڪ اُهو نانگ آهي ته پُٺ ورائي ڊوڙڻ لڳو، ۽ پوئتي نه پئي ڏٺائين. (آواز آيو): ”اي موسى! اڳتي اچ ۽ نه ڊڄ. بيشڪ تون امن وارن مان آهين. |
اسلُك يَدَكَ فى جَيبِكَ تَخرُج بَيضاءَ مِن غَيرِ سوءٍ وَاضمُم إِلَيكَ جَناحَكَ مِنَ الرَّهبِ فَذٰنِكَ بُرهٰنانِ مِن رَبِّكَ إِلىٰ فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِ إِنَّهُم كانوا قَومًا فٰسِقينَ (آيت : 32) |
پنهنجو هٿ پنهنجي گريبان ۾ وجهه ته بغير ڪنهن عيب (يا بيماري) جي سفيد (چمڪدار) ٿي نڪرندو. ۽ خوف کان (بچڻ لاءِ) پنهنجون ٻانهون پنهنجي (سيني) طرف ملاءِ پوءِ اُهي ٻئي دليل آهن تنهنجي پالڻهار پاران فرعون ۽ ان جي سردارن ڏانهن. بيشڪ اُهي نافرمان قوم آهن. |
قالَ رَبِّ إِنّى قَتَلتُ مِنهُم نَفسًا فَأَخافُ أَن يَقتُلونِ (آيت : 33) |
(موسى) چيو: ”اي منهنجا مالڪ! مون انهن مان هڪ شخص کي قتل ڪيو هيو سو آءٌ ڊڄان ٿو ته اُهي مون کي قتل ڪري ڇڏيندا. |
وَأَخى هٰرونُ هُوَ أَفصَحُ مِنّى لِسانًا فَأَرسِلهُ مَعِىَ رِدءًا يُصَدِّقُنى إِنّى أَخافُ أَن يُكَذِّبونِ (آيت : 34) |
۽ منهنجو ڀاءُ هارون اُهو مون کان وڌيڪ چِٽي زبان وارو آهي سو ان کي مون سان گڏ مددگار بنائي موڪل ته منهنجي تصديق ڪري، بلاشڪ آءٌ هن ڳالهه کان (به) ڊڄان ٿو ته اهي مون کي ڪوڙو چوندا“. |
قالَ سَنَشُدُّ عَضُدَكَ بِأَخيكَ وَنَجعَلُ لَكُما سُلطٰنًا فَلا يَصِلونَ إِلَيكُما بِـٔايٰتِنا أَنتُما وَمَنِ اتَّبَعَكُمَا الغٰلِبونَ (آيت : 35) |
(الله) فرمايو: ”سگهو ئي اسان تنهنجي ٻانهن تنهنجي ڀاءُ جي ذريعي مضبوط ڪنداسين ۽ اسان اوهان ٻنهين کي غلبو ڏينداسين جو اُهي اوهان ٻنهين تائين پهچي نه سگهندا .. اسان جي نشانين سبب .. اوهان ٻئي ۽ جنهن به اوهان جي پيروي ڪئي غالب رهندؤ“. |
فَلَمّا جاءَهُم موسىٰ بِـٔايٰتِنا بَيِّنٰتٍ قالوا ما هٰذا إِلّا سِحرٌ مُفتَرًى وَما سَمِعنا بِهٰذا فى ءابائِنَا الأَوَّلينَ (آيت : 36) |
پوءِ جڏهن موسى انهن وٽ اسان جون چِٽيون نشانيون کڻي آيو چيائون ته: ”هي من گهڙت جادو کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي. ۽ اسان اِها ڳالهه پنهنجي اڳين ابن ڏاڏن ۾ (ڪڏهن به) نه ٻڌي“. |
وَقالَ موسىٰ رَبّى أَعلَمُ بِمَن جاءَ بِالهُدىٰ مِن عِندِهِ وَمَن تَكونُ لَهُ عٰقِبَةُ الدّارِ إِنَّهُ لا يُفلِحُ الظّٰلِمونَ (آيت : 37) |
۽ موسى چيو ته: ”منهنجو پالڻهار ان کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو جيڪو ان وٽان هدايت کڻي آيو آهي ۽ ان کي به جنهن لاءِ آخرت جو گهر هوندو. بيشڪ ظالم ماڻهو ڪاميابي ڪونه ماڻيندا“. |
وَقالَ فِرعَونُ يٰأَيُّهَا المَلَأُ ما عَلِمتُ لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرى فَأَوقِد لى يٰهٰمٰنُ عَلَى الطّينِ فَاجعَل لى صَرحًا لَعَلّى أَطَّلِعُ إِلىٰ إِلٰهِ موسىٰ وَإِنّى لَأَظُنُّهُ مِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 38) |
۽ فرعون چيو ته: ”اي درباريو! آءٌ اوهان لاءِ پاڻ کان سواءِ ٻيو ڪو معبود نه ٿو ڄاڻان، سو اي هامان منهنجي لاءِ مٽي (جي سِرن کي) باهه تي پچاءِ، پوءِ مون لاءِ هڪ اونچي عمارت بناءِ من آءٌ (ان تي چڙهي) موسى جي معبود کي ڏسي سگهان ۽ بيشڪ آءٌ ان کي ڪوڙن مان گمان ڪيان ٿو“. |
وَاستَكبَرَ هُوَ وَجُنودُهُ فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ وَظَنّوا أَنَّهُم إِلَينا لا يُرجَعونَ (آيت : 39) |
۽ فرعون ۽ ان جي لشڪرن زمين ۾ ناحق وڏائي ڪئي ۽ گمان ڪيائون ته اُهي اسان ڏانهن نه موٽايا ويندا. |
فَأَخَذنٰهُ وَجُنودَهُ فَنَبَذنٰهُم فِى اليَمِّ فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الظّٰلِمينَ (آيت : 40) |
سو اسان ان کي ۽ سندس لشڪرن کي (عذاب ۾) پڪڙيو پوءِ اسان کين سمنڊ ۾ اڇلايو، پوءِ ڏس ته ظالمن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟ |
وَجَعَلنٰهُم أَئِمَّةً يَدعونَ إِلَى النّارِ وَيَومَ القِيٰمَةِ لا يُنصَرونَ (آيت : 41) |
۽ اسان کين (دوزخين جو) سرواڻ بنايو جو اُهي دوزخ ڏانهن سڏيندا هئا، ۽ قيامت واري ڏينهن انهن جي مدد نه ڪئي ويندي. |
وَأَتبَعنٰهُم فى هٰذِهِ الدُّنيا لَعنَةً وَيَومَ القِيٰمَةِ هُم مِنَ المَقبوحينَ (آيت : 42) |
۽ اسان هن دنيا ۾ انهن جي پٺيان لعنت لڳائي ڇڏي، ۽ قيامت واري ڏينهن اُهي بدحال ماڻهن مان هوندا. |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ مِن بَعدِ ما أَهلَكنَا القُرونَ الأولىٰ بَصائِرَ لِلنّاسِ وَهُدًى وَرَحمَةً لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 43) |
۽ بلاشڪ پهرين قومن کي هلاڪ ڪرڻ کان پوءِ اسان موسى کي ڪتاب ڏنو جيڪو ماڻهن لاءِ اکيون کولڻ وارو ۽ هدايت ۽ رحمت هيو ته جيئن اُهي نصيحت پرائن. |
وَما كُنتَ بِجانِبِ الغَربِىِّ إِذ قَضَينا إِلىٰ موسَى الأَمرَ وَما كُنتَ مِنَ الشّٰهِدينَ (آيت : 44) |
۽ تون (جبل طور جي) الهندي طرف (موجود) نه هئين جڏهن اسان موسى (کي رسالت جو معاملو سپرد ڪرڻ) جو فيصلو ڪيو ۽ نه تون اتي حاضرن مان هئين. |
وَلٰكِنّا أَنشَأنا قُرونًا فَتَطاوَلَ عَلَيهِمُ العُمُرُ وَما كُنتَ ثاوِيًا فى أَهلِ مَديَنَ تَتلوا عَلَيهِم ءايٰتِنا وَلٰكِنّا كُنّا مُرسِلينَ (آيت : 45) |
۽ پر (ان کان پوءِ به) اسان ڪيتريون جماعتون پيدا ڪيون پوءِ انهن تي ڊگهو عرصو گذري ويو، ۽ نه تون مَديَن وارن ۾ رهندڙ هئين جو تون انهن تي اسان جون آيتون پڙهين ها ۽ پر اسان ئي (توکي) رسول بنائي موڪلڻ وارا آهيون. |
وَما كُنتَ بِجانِبِ الطّورِ إِذ نادَينا وَلٰكِن رَحمَةً مِن رَبِّكَ لِتُنذِرَ قَومًا ما أَتىٰهُم مِن نَذيرٍ مِن قَبلِكَ لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 46) |
۽ نه تون طور (جبل) جي ڪناري (موجود) هئين جڏهن اسان (موسى کي) سڏيو ۽ پر تنهنجي پروردگار جي پاران رحمت آهي جو (توکي هي غيبي خبرون ڏنيون ويون ته) تون اهڙي قوم کي ڊيڄارين جن وٽ تو کان اڳ ڪو ڊيڄاريندڙ نه آيو آهي ته جيئن اُهي نصيحت پرائن. |
وَلَولا أَن تُصيبَهُم مُصيبَةٌ بِما قَدَّمَت أَيديهِم فَيَقولوا رَبَّنا لَولا أَرسَلتَ إِلَينا رَسولًا فَنَتَّبِعَ ءايٰتِكَ وَنَكونَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 47) |
۽ (اهو هن لاءِ ڪيوسين جو ) ڪٿي ائين نه ٿئي جو انهن جي هٿن جي ڪمايل (ڪرتوتن) سبب انهن تي ڪا مصيبت پهچي ته پوءِ هيئن نه چوڻ لڳن: ”اي اسان جا پالڻهار! تو اسان ڏانهن ڪو رسول ڇو نه موڪليو جو اسان تنهنجي آيتن جي تابعداري ڪيون ها ۽ اسان ايمان وارن مان ٿيون ها“. |
فَلَمّا جاءَهُمُ الحَقُّ مِن عِندِنا قالوا لَولا أوتِىَ مِثلَ ما أوتِىَ موسىٰ أَوَلَم يَكفُروا بِما أوتِىَ موسىٰ مِن قَبلُ قالوا سِحرانِ تَظٰهَرا وَقالوا إِنّا بِكُلٍّ كٰفِرونَ (آيت : 48) |
پوءِ جڏهن اسان وٽان انهن کي حق جي ڳالهه پهتي ته چيائون: ”هن (رسول) کي اهو ڇو نه ڏنو ويو جيڪو موسيٰ کي ڏنو ويو هيو“. ڇا انهن ان جو انڪار نه ڪيو هيو جيڪو هن کان اڳ موسى کي ڏنو ويو هيو، چيائون ته : ”ٻئي (تورات ۽ قرآن) جادو آهن جيڪي هڪ ٻئي جي مدد ڪن ٿا“۽ چيائون: ”اسان (انهن) سڀني جا انڪاري آهيون“. |
قُل فَأتوا بِكِتٰبٍ مِن عِندِ اللَّهِ هُوَ أَهدىٰ مِنهُما أَتَّبِعهُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 49) |
چؤ ته: ”الله وٽان ڪو ٻيو ڪتاب آڻيو جيڪو انهن ٻنهين کان وڌيڪ هدايت ڏيڻ وارو هجي ته آءٌ ان جي پيروي ڪيان، اگر توهان سچا آهيو“. |
فَإِن لَم يَستَجيبوا لَكَ فَاعلَم أَنَّما يَتَّبِعونَ أَهواءَهُم وَمَن أَضَلُّ مِمَّنِ اتَّبَعَ هَوىٰهُ بِغَيرِ هُدًى مِنَ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 50) |
پوءِ جيڪڏهن تنهنجي ڳالهه قبول نه ڪن ته پوءِ ڄاڻ اُهي رڳو پنهنجي سڌن جي پيروي ڪن ٿا. ۽ ان کان وڌيڪ گمراهه ٻيو ڪير هوندو جيڪو الله جي طرفان هدايت کي ڇڏي پنهنجي سڌن جي پيروي ڪري. بيشڪ الله ظالم قوم کي هدايت نه ٿو ڏئي. |
وَلَقَد وَصَّلنا لَهُمُ القَولَ لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 51) |
۽ بيشڪ اسان انهن لاءِ لڳاتار فرمان موڪليندا رهيا آهيون ته جيئن اُهي نصيحت پرائن. |
الَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ مِن قَبلِهِ هُم بِهِ يُؤمِنونَ (آيت : 52) |
اُهي ماڻهو جن کي اسان هن (قرآن) کان اڳ ڪتاب ڏنو هيو اُهي هن (قرآن) تي به ايمان رکن ٿا. |
وَإِذا يُتلىٰ عَلَيهِم قالوا ءامَنّا بِهِ إِنَّهُ الحَقُّ مِن رَبِّنا إِنّا كُنّا مِن قَبلِهِ مُسلِمينَ (آيت : 53) |
۽ جڏهن انهن کي قرآن پڙهي ٻڌايو وڃي ٿو ته چون ٿا: ”اسان ان تي ايمان آندو بيشڪ اُهو حق آهي اسان جي پالڻهار جي پاران بيشڪ اسان ان کان اڳ ۾ ئي فرمانبردار هئاسين“. |
أُولٰئِكَ يُؤتَونَ أَجرَهُم مَرَّتَينِ بِما صَبَروا وَيَدرَءونَ بِالحَسَنَةِ السَّيِّئَةَ وَمِمّا رَزَقنٰهُم يُنفِقونَ (آيت : 54) |
هي اُهي ماڻهو آهن جن کي سندن اجر ٻه ڀيرا ڏنو ويندو ان ڪري جو صبر ڪيائون اُهي بدي کي نيڪي سان ٽارن ٿا ۽ جيڪو اسان کين رزق ڏنو آهي ان مان خرچ ڪن ٿا. |
وَإِذا سَمِعُوا اللَّغوَ أَعرَضوا عَنهُ وَقالوا لَنا أَعمٰلُنا وَلَكُم أَعمٰلُكُم سَلٰمٌ عَلَيكُم لا نَبتَغِى الجٰهِلينَ (آيت : 55) |
۽ جڏهن اهي ڪا بيهودي گفتار ٻڌن ٿا ته ان کان منهن موڙن ٿا ۽ چون ٿا ته : ”اسان لاءِ اسان جا عمل آهن ۽ اوهان لاءِ اوهان جا عمل آهن، توهان تي سلامتي هجي اسان جاهلن جو طريقو نه ٿا چاهيون“. |
إِنَّكَ لا تَهدى مَن أَحبَبتَ وَلٰكِنَّ اللَّهَ يَهدى مَن يَشاءُ وَهُوَ أَعلَمُ بِالمُهتَدينَ (آيت : 56) |
بيشڪ تون جنهن کي چاهين (ازخود) هدايت ڪري نه ٿو سگھين ۽ پر الله جنهن کي چاهي هدايت ڪري ٿو، ۽ اُهو ئي هدايت يافتن کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آهي. |
وَقالوا إِن نَتَّبِعِ الهُدىٰ مَعَكَ نُتَخَطَّف مِن أَرضِنا أَوَلَم نُمَكِّن لَهُم حَرَمًا ءامِنًا يُجبىٰ إِلَيهِ ثَمَرٰتُ كُلِّ شَيءٍ رِزقًا مِن لَدُنّا وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 57) |
۽ چون ٿا ته : ”جيڪڏهن اسان تو سان گڏ هدايت جي پيروي ڪنداسين ته اسان پنهنجي ڌرتي مان کنڀجي وينداسين“. ڇا اسان انهن کي امن واري حرم (مڪه مڪرمه) ۾ آباد نه ڪيو جتي اسان وٽان (ڏنل) هر جنس جا ميوا رزق طور پهچايا وڃن ٿا ۽ پر انهن مان گهڻا نه ٿا ڄاڻن. |
وَكَم أَهلَكنا مِن قَريَةٍ بَطِرَت مَعيشَتَها فَتِلكَ مَسٰكِنُهُم لَم تُسكَن مِن بَعدِهِم إِلّا قَليلًا وَكُنّا نَحنُ الوٰرِثينَ (آيت : 58) |
۽ اسان ڪيتريون ئي بستيون برباد ڪري ڇڏيون جي پنهنجي خوشحالي تي سرڪش ٿي ويون، پوءِ هي سندن (اُجڙيل)گهر آهن جي انهن کان پوءِ ڪڏهن آباد ئي نه ٿيا سواءِ ٿورن جي. ۽ اسان ئي (سڀني جا) وارث آهيون. |
وَما كانَ رَبُّكَ مُهلِكَ القُرىٰ حَتّىٰ يَبعَثَ فى أُمِّها رَسولًا يَتلوا عَلَيهِم ءايٰتِنا وَما كُنّا مُهلِكِى القُرىٰ إِلّا وَأَهلُها ظٰلِمونَ (آيت : 59) |
۽ تنهنجو پالڻهار ڳوٺن کي (تيستائين) هلاڪ ڪرڻ وارو نه آهي جيستائين انهن جي مرڪزي شهر ۾ ڪو رسول نه موڪلي جيڪو انهن تي اسان جون آيتون تلاوت ڪري، ۽ اسان ڳوٺن کي هلاڪ ڪرڻ وارا نه آهيون مگر ان حال ۾ جو اتان جا رهواسي ظالم هجن. |
وَما أوتيتُم مِن شَيءٍ فَمَتٰعُ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَزينَتُها وَما عِندَ اللَّهِ خَيرٌ وَأَبقىٰ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 60) |
۽ توهان کي جا به شيءِ ڏني وئي سا فقط دنياوي زندگي جو سامان ۽ ان جو سينگار آهي، ۽ جيڪي الله وٽ آهي سو ڀلو ۽ بقادار آهي. ڇا توهان (پوءِ به) نه ٿا سمجهو. |
أَفَمَن وَعَدنٰهُ وَعدًا حَسَنًا فَهُوَ لٰقيهِ كَمَن مَتَّعنٰهُ مَتٰعَ الحَيوٰةِ الدُّنيا ثُمَّ هُوَ يَومَ القِيٰمَةِ مِنَ المُحضَرينَ (آيت : 61) |
ڀلا جنهن ماڻهو سان اسان سُهڻو وعدو ڪيو پوءِ اهو ان کي ملڻ وارو به آهي سو ان ماڻهو وانگر آهي ڇا جنهن کي اسان دنياوي زندگي جو سامان ڏنو پوءِ اُهو قيامت واري ڏينهن (سزا لاءِ پيش ٿيندڙن سان گڏ) حاضر ڪيلن مان ٿي وڃي. |
وَيَومَ يُناديهِم فَيَقولُ أَينَ شُرَكاءِىَ الَّذينَ كُنتُم تَزعُمونَ (آيت : 62) |
۽ جنهن ڏينهن (الله) انهن کي سڏيندو ۽ پوءِ چوندو ته: ”اُهي منهنجا شريڪ ڪٿي آهن جن کي توهان (معبود) ڀائيندا هيئو“. |
قالَ الَّذينَ حَقَّ عَلَيهِمُ القَولُ رَبَّنا هٰؤُلاءِ الَّذينَ أَغوَينا أَغوَينٰهُم كَما غَوَينا تَبَرَّأنا إِلَيكَ ما كانوا إِيّانا يَعبُدونَ (آيت : 63) |
اُهي ماڻهو جن تي (عذاب جو) فرمان ثابت ٿي چڪو هوندو سي چوندا: ” اي اسان جا پالڻهار! هي ماڻهو آهن جن کي اسان گمراهه ڪيو هيو، اسان کين (ائين) گمراهه ڪيو هيو جيئن اسان (خود) گمراهه ٿياسين، اسان انهن کان بيزار ٿيندي تو ڏانهن متوجهه ٿيون ٿا، اُهي صرف اسان جي پوڄا ڪونه ڪندا هئا“. |
وَقيلَ ادعوا شُرَكاءَكُم فَدَعَوهُم فَلَم يَستَجيبوا لَهُم وَرَأَوُا العَذابَ لَو أَنَّهُم كانوا يَهتَدونَ (آيت : 64) |
۽ چيو ويندو ته: ”پنهنجي شريڪن کي سڏيو“ پوءِ انهن کي سڏيندا ته اُهي کين جواب نه ڏيندا ۽ عذاب کي ڏسندا (ته چوندا) ”هائو جي اُهي هدايت وارا ٿين ها“! |
وَيَومَ يُناديهِم فَيَقولُ ماذا أَجَبتُمُ المُرسَلينَ (آيت : 65) |
۽ جنهن ڏينهن (الله) انهن کي سڏيندو پوءِ چوندو ته: ”توهان رسولن کي ڪهڙو جواب ڏنو هيو“؟ |
فَعَمِيَت عَلَيهِمُ الأَنباءُ يَومَئِذٍ فَهُم لا يَتَساءَلونَ (آيت : 66) |
پوءِ ان ڏينهن انهن کان سڀ ڳالهيون ڀُلجي وينديون پوءِ هڪ ٻئي کان پڇي به نه سگهندا. |
فَأَمّا مَن تابَ وَءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَعَسىٰ أَن يَكونَ مِنَ المُفلِحينَ (آيت : 67) |
پوءِ جنهن ماڻهو توبه ڪئي ۽ ايمان آندائين ۽ چڱا عمل ڪيائين پوءِ پڪ سان اُهو ڪامياب ماڻهن مان هوندو. |
وَرَبُّكَ يَخلُقُ ما يَشاءُ وَيَختارُ ما كانَ لَهُمُ الخِيَرَةُ سُبحٰنَ اللَّهِ وَتَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 68) |
۽ تنهنجو پالڻهار جو چاهي ٿو پيدا ڪري ٿو ۽ جو چاهي ٿو پسند ڪري ٿو. ۽ ان ۾ انهن جو ڪو اختيار نه آهي. الله پاڪ آهي ۽ انهن (ڪوڙن معبودن) کان مٿاهون آهي جن کي (سندس) شريڪ ڪن ٿا. |
وَرَبُّكَ يَعلَمُ ما تُكِنُّ صُدورُهُم وَما يُعلِنونَ (آيت : 69) |
۽ تنهنجو پالڻهار (سڀ ڪجهه) ڄاڻي ٿو جيڪو سندن سينا لڪائن ٿا ۽ جيڪو ظاهر ڪن ٿا. |
وَهُوَ اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ لَهُ الحَمدُ فِى الأولىٰ وَالءاخِرَةِ وَلَهُ الحُكمُ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 70) |
۽ اُهو ئي الله آهي جنهن کان سواءِ ڪوبه معبود نه آهي. سڀ واکاڻ سندس آهي دنيا ۾ به ۽ آخرت ۾ به. ۽ سندس ئي حڪم آهي ۽ اوهان ان ڏانهن موٽايا ويندؤ. |
قُل أَرَءَيتُم إِن جَعَلَ اللَّهُ عَلَيكُمُ الَّيلَ سَرمَدًا إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ مَن إِلٰهٌ غَيرُ اللَّهِ يَأتيكُم بِضِياءٍ أَفَلا تَسمَعونَ (آيت : 71) |
چؤ ڀلا ٻڌايو ته جيڪڏهن الله اوهان تي قيامت واري ڏينهن تائين هميشه رات ڪري ڇڏي ته الله کان سواءِ ڪهڙو معبود آهي جيڪو اوهان وٽ روشني آڻيندو؟ ڇا پوءِ توهان ٻڌو نه ٿا. |
قُل أَرَءَيتُم إِن جَعَلَ اللَّهُ عَلَيكُمُ النَّهارَ سَرمَدًا إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ مَن إِلٰهٌ غَيرُ اللَّهِ يَأتيكُم بِلَيلٍ تَسكُنونَ فيهِ أَفَلا تُبصِرونَ (آيت : 72) |
چؤ ڀلا ٻڌايو ته جيڪڏهن الله اوهان تي قيامت واري ڏينهن تائين هميشه ڏينهن ڪري ڇڏي ته الله کان سواءِ ڪهڙو معبود آهي جيڪو توهان وٽ رات کي آڻيندو؟ جنهن ۾ اوهان آرام ڪندئو. ڇا پوءِ توهان ڏسو نه ٿا. |
وَمِن رَحمَتِهِ جَعَلَ لَكُمُ الَّيلَ وَالنَّهارَ لِتَسكُنوا فيهِ وَلِتَبتَغوا مِن فَضلِهِ وَلَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 73) |
۽ ان پنهنجي ٻاجهه سان توهان لاءِ رات ۽ ڏينهن کي بنايو تان ته توهان (رات ۾) آرام ڪيو. ۽ هن لاءِ ته (ڏينهن ۾) ان جو فضل (روزي) تلاش ڪيو هن لاءِ ته توهان شڪر گذار ٿيو. |
وَيَومَ يُناديهِم فَيَقولُ أَينَ شُرَكاءِىَ الَّذينَ كُنتُم تَزعُمونَ (آيت : 74) |
۽ جنهن ڏينهن (الله) انهن کي سڏيندو پوءِ چوندو: ”اُهي منهنجا شريڪ ڪٿي آهن جن کي توهان (معبود) گمان ڪندا هئا“؟ |
وَنَزَعنا مِن كُلِّ أُمَّةٍ شَهيدًا فَقُلنا هاتوا بُرهٰنَكُم فَعَلِموا أَنَّ الحَقَّ لِلَّهِ وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 75) |
۽ اسان هر امت مان هڪ شاهد ڪڍنداسين پوءِ اسان چونداسين: ”اوهان پنهنجو دليل پيش ڪيو“ پوءِ ڄاڻي وٺندا ته سچي ڳالهه الله جي آهي ۽ انهن کان اُهي ڳالهيون گم ٿي وينديون جيڪي ڪوڙَ گهڙيندا هئا. |
إِنَّ قٰرونَ كانَ مِن قَومِ موسىٰ فَبَغىٰ عَلَيهِم وَءاتَينٰهُ مِنَ الكُنوزِ ما إِنَّ مَفاتِحَهُ لَتَنوأُ بِالعُصبَةِ أُولِى القُوَّةِ إِذ قالَ لَهُ قَومُهُ لا تَفرَح إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ الفَرِحينَ (آيت : 76) |
بيشڪ قارون موسى جي قوم مان هيو پوءِ ان ماڻهن تي سرڪشي ڪئي، ۽ اسان ان کي (ايترا) خزانا ڏنا هئا جو ان جي ڪنجين (کي کڻڻ) هڪ وڏي طاقتور جماعت کي ڏکيو لڳو ٿي، جڏهن سندس قوم کيس چيو ته (گهڻو مال ڏسي آڪڙ ۾) ”خوشي نه ڪر بيشڪ الله آڪڙ ڪندڙن کي پسند نه ٿو ڪري. |
وَابتَغِ فيما ءاتىٰكَ اللَّهُ الدّارَ الءاخِرَةَ وَلا تَنسَ نَصيبَكَ مِنَ الدُّنيا وَأَحسِن كَما أَحسَنَ اللَّهُ إِلَيكَ وَلا تَبغِ الفَسادَ فِى الأَرضِ إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ المُفسِدينَ (آيت : 77) |
۽ الله تو کي جيڪي ڏنو آهي ان سان آخرت جو گهر طلب ڪر ۽ دنيا مان به پنهنجو حصو نه وسار ۽ تون (ماڻهن سان) احسان ڪر جيئن الله تو سان احسان ڪيو آهي. ۽ زمين ۾ فساد (جي واٽ) نه ڳول. بيشڪ الله فسادين کي پسند نه ٿو ڪري“. |
قالَ إِنَّما أوتيتُهُ عَلىٰ عِلمٍ عِندى أَوَلَم يَعلَم أَنَّ اللَّهَ قَد أَهلَكَ مِن قَبلِهِ مِنَ القُرونِ مَن هُوَ أَشَدُّ مِنهُ قُوَّةً وَأَكثَرُ جَمعًا وَلا يُسـَٔلُ عَن ذُنوبِهِمُ المُجرِمونَ (آيت : 78) |
چيائين: ”اُهو (مال) ته مون کي صرف ان علم جي ذريعي ڏنو ويو آهي جو مون وٽ آهي“. ڇا هيءَ ڳالهه نه ڄاتائين ته بيشڪ الله ان کان اڳ گهڻين قومن کي برباد ڪري ڇڏيو آهي جيڪي ان کان وڌيڪ طاقتور ۽ گهڻي لشڪر واريون هيون. ۽ ڏوهارين کان (هلاڪت واري وقت) سندن گناهه نه پڇيا ويندا آهن. |
فَخَرَجَ عَلىٰ قَومِهِ فى زينَتِهِ قالَ الَّذينَ يُريدونَ الحَيوٰةَ الدُّنيا يٰلَيتَ لَنا مِثلَ ما أوتِىَ قٰرونُ إِنَّهُ لَذو حَظٍّ عَظيمٍ (آيت : 79) |
پوءِ (هڪ ڏينهن) پنهنجي قوم اڳيان پنهنجي سينگار (۽ رعب تاب) سان نڪتو. اُهي ماڻهو جيڪي دنياوي زندگي گهرندا هئا تن چيو: ”هائو جي اسان وٽ به اهڙو (مال) هجي ها جيڪو قارون کي ڏنو ويو آهي، بيشڪ اُهو زبردست نصيب وارو آهي“. |
وَقالَ الَّذينَ أوتُوا العِلمَ وَيلَكُم ثَوابُ اللَّهِ خَيرٌ لِمَن ءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا وَلا يُلَقّىٰها إِلَّا الصّٰبِرونَ (آيت : 80) |
۽ اهي ماڻهو جن کي علم ڏنو ويو هيو تن چيو ته: ”توهان تي افسوس آهي الله جو ثواب (ان قاروني مال کان) ڀلو آهي ان ماڻهو لاءِ جنهن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائين، مگر اُهو (اجر) صبر وارن کان سواءِ ڪنهن کي نه ٿو ڏنو وڃي“. |
فَخَسَفنا بِهِ وَبِدارِهِ الأَرضَ فَما كانَ لَهُ مِن فِئَةٍ يَنصُرونَهُ مِن دونِ اللَّهِ وَما كانَ مِنَ المُنتَصِرينَ (آيت : 81) |
آخرڪار اسان ان (قارون) کي ۽ سندس گهر کي زمين ۾ دٻائي ڇڏيو. پوءِ ان لاءِ ڪا جماعت ڪانه هئي جا الله جي مقابلي ۾ سندس مدد ڪري، ۽ نه ئي خود پاڻ کي بچائڻ وارن مان هيو. |
وَأَصبَحَ الَّذينَ تَمَنَّوا مَكانَهُ بِالأَمسِ يَقولونَ وَيكَأَنَّ اللَّهَ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَيَقدِرُ لَولا أَن مَنَّ اللَّهُ عَلَينا لَخَسَفَ بِنا وَيكَأَنَّهُ لا يُفلِحُ الكٰفِرونَ (آيت : 82) |
۽ جن ڪالهه سندس مرتبي جي تمنا ڪئي هئي چوڻ لڳا: ”افسوس اسان وساري ويٺاسين جو الله پنهنجي ٻانهن مان جنهن لاءِ چاهي ٿو رزق ڪشادو ڪري ٿو ۽ (جنهن لاءِ چاهي) تنگ ڪري ٿو، جيڪڏهن الله اسان تي احسان نه ڪري ها ته اسان کي به (زمين ۾) دٻائي ڇڏي ها. افسوس اسان وساري ويٺاسين ته ڪافر فلاح ڪونه ٿا ماڻن“. |
تِلكَ الدّارُ الءاخِرَةُ نَجعَلُها لِلَّذينَ لا يُريدونَ عُلُوًّا فِى الأَرضِ وَلا فَسادًا وَالعٰقِبَةُ لِلمُتَّقينَ (آيت : 83) |
اهو آخرت جو گهر آهي جنهن کي اسان انهن ماڻهن لاءِ (مخصوص) ڪيون ٿا جيڪي زمين ۾ نه وڏائي ڪرڻ گهرن ٿا ۽ نه فساد انگيزي. ۽ (چڱي) پڇاڙي پرهيزگارن لاءِ آهي. |
مَن جاءَ بِالحَسَنَةِ فَلَهُ خَيرٌ مِنها وَمَن جاءَ بِالسَّيِّئَةِ فَلا يُجزَى الَّذينَ عَمِلُوا السَّيِّـٔاتِ إِلّا ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 84) |
جيڪو چڱائي آڻيندو ان لاءِ ان کان بهتر (بدلو) آهي، ۽ جيڪو برائي آڻيندو ته بري ڪم ڪرڻ وارن کي ڪوبه بدلو نه ڏنو ويندو . مگر ايترو جيترو اهي عمل ڪندا هئا. |
إِنَّ الَّذى فَرَضَ عَلَيكَ القُرءانَ لَرادُّكَ إِلىٰ مَعادٍ قُل رَبّى أَعلَمُ مَن جاءَ بِالهُدىٰ وَمَن هُوَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 85) |
بيشڪ جنهن (الله) تو تي قرآن (جي تبليغ کي) فرض ڪيو آهي سو تو کي موٽڻ جي جاءِ (مڪي پاڪ) ضرور واپس موٽائيندو . چؤ ته: ”منهنجو پالڻهار ان کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آهي جيڪو هدايت يافته ٿي آيو آهي ۽ ان کي (به) جيڪو پڌري گمراهي ۾ پِيَلُ آهي“. |
وَما كُنتَ تَرجوا أَن يُلقىٰ إِلَيكَ الكِتٰبُ إِلّا رَحمَةً مِن رَبِّكَ فَلا تَكونَنَّ ظَهيرًا لِلكٰفِرينَ (آيت : 86) |
۽ توکي اميد نه هئي ته تو تي ڪتاب لاٿو ويندو پر تنهنجي پالڻهار جي ٻاجهه سان (توتي لاٿو ويو) پوءِ تون ڪافرن لاءِ مددگار نه بنج. |
وَلا يَصُدُّنَّكَ عَن ءايٰتِ اللَّهِ بَعدَ إِذ أُنزِلَت إِلَيكَ وَادعُ إِلىٰ رَبِّكَ وَلا تَكونَنَّ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 87) |
۽ توکي الله جي آيتن (پهچائڻ) کان هرگز نه روڪن ان کان پوءِ جو اهي توتي نازل ٿي چڪيون ۽ پنهنجي پالڻهار ڏانهن سڏ ۽ تون هرگز شرڪ ڪرڻ وارن مان نه ٿيءُ. |
وَلا تَدعُ مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ كُلُّ شَيءٍ هالِكٌ إِلّا وَجهَهُ لَهُ الحُكمُ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 88) |
۽ الله سان گڏ ڪنهن معبود جي پوڄا نه ڪر، ان کان سواءِ ڪو معبود نه آهي. هر شيءِ هلاڪ ٿيڻ واري آهي سواءِ سندس ذات جي. حڪم ان جو ئي آهي ۽ توهان ان ڏانهن ئي موٽايا ويندؤ. |