طسم (آيت : 1) |
طا- سين- ميم |
تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ المُبينِ (آيت : 2) |
هي قرآن مجيد جون آيتون آهن جو (سڀني ڳالهين کي) چٽو ڪندڙ ڪتاب آهي. |
نَتلوا عَلَيكَ مِن نَبَإِ موسىٰ وَفِرعَونَ بِالحَقِّ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 3) |
اسان حضرت موسيٰ ۽ فرعون جا سچا سچا احوال توکي انهن ماڻهن جي لاءِ ٻڌايون ٿا جن ايمان آندو آهي. |
إِنَّ فِرعَونَ عَلا فِى الأَرضِ وَجَعَلَ أَهلَها شِيَعًا يَستَضعِفُ طائِفَةً مِنهُم يُذَبِّحُ أَبناءَهُم وَيَستَحيۦ نِساءَهُم إِنَّهُ كانَ مِنَ المُفسِدينَ (آيت : 4) |
(ٻڌو) فرعون بادشاهه (مصر جي) ملڪ ۾ تڪبر ۽ سرڪشيءَ جو طريقو اختيار ڪيو ۽ ان ملڪ جي ماڻهن کي جدا جدا ٽولين ۾ ورهائي ڇڏيائين، جن مان هڪ ٽوليءَ کي (يعني بني اسرائيلن کي) دٻائي هيڻي حالت ۾ رکيائين، انهن جي پٽن کي مارائي ڇڏيندو هو ۽ انهن جي ڌيئرن کي جيئرو ڇڏيندو هو. يقيناً هو وڏو فتني باز ۽ بگاڙ ڪندڙ هو. |
وَنُريدُ أَن نَمُنَّ عَلَى الَّذينَ استُضعِفوا فِى الأَرضِ وَنَجعَلَهُم أَئِمَّةً وَنَجعَلَهُمُ الوٰرِثينَ (آيت : 5) |
۽ اسان چاهيو ٿي ته جن کي ملڪ ۾ دٻائي هيڻو ڪيو ٿي ويو، تن تي پنهنجو فضل ڪيون ۽ کين ماڻهن جا امام (يعني ليڊريا پيشوا) ڪيون ۽ کين ئي وارث ڪيون (يعني زمين تي ڪنهن ملڪ يا ملڪن جا حاڪم بنايون.) |
وَنُمَكِّنَ لَهُم فِى الأَرضِ وَنُرِىَ فِرعَونَ وَهٰمٰنَ وَجُنودَهُما مِنهُم ما كانوا يَحذَرونَ (آيت : 6) |
۽ ملڪ ۾ انهن جا پير ڄمايون ۽ انهن کي طاقتور ڪيون، ۽ فرعون، (سندس وزير) هامان ۽ سندن لشڪرن کي انهن (بني اسرائيلن) جي هٿان اُهي ئي ڳالهيون پيش آڻيون جن کان بچڻ لاءِ سڀ حيلا هلائي رهيا آهن. |
وَأَوحَينا إِلىٰ أُمِّ موسىٰ أَن أَرضِعيهِ فَإِذا خِفتِ عَلَيهِ فَأَلقيهِ فِى اليَمِّ وَلا تَخافى وَلا تَحزَنى إِنّا رادّوهُ إِلَيكِ وَجاعِلوهُ مِنَ المُرسَلينَ (آيت : 7) |
سو (اسان ڇا ڪيو جو) حضرت موسيٰ جي والده کي وحي موڪليوسين ته تون پنهنجي ٻچڙي کي پنهنجي ٿڃ پياريندي رهه. پوءِ جڏهن ان بابت توکي خطرو ڏسڻ ۾ اچي (ته فرعون جي ماڻهن کي خبر پوڻ تي آهي ۽ هو تنهنجي پٽ کي مارائي ڇڏيندا) تڏهن ٻچڙي کي (پيتيءَ ۾ وجهي نيل درياهه جي) پاڻيءَ ۾ لوڙهي ڇڏجانءِ، ۽ ڪوبه خوف نه رکجانءِ، نڪي ڪو غم ڪجانءِ. يقيناً اهو ٻچڙو توکي موٽائي ڏينداسين ۽ کيس (وڏي هوندي) پنهنجو رسول ڪنداسين. |
فَالتَقَطَهُ ءالُ فِرعَونَ لِيَكونَ لَهُم عَدُوًّا وَحَزَنًا إِنَّ فِرعَونَ وَهٰمٰنَ وَجُنودَهُما كانوا خٰطِـٔينَ (آيت : 8) |
(جڏهن والده موسيٰ کي پاڻيءَ ۾ ڦٽو ڪيو تڏهن) پوءِ فرعون جي ماڻهن (جن پيتي لڙهندي ڏٺي) ان کي کڻي ورتو، انهيءَ لاءِ نه ته هو (آخر) هنن جي مخالفت ڪري ۽ سندس غمن ۽ تڪليفن جو باعث ٿئي (پر فرعون جي ماڻهن کي ان وقت ڪهڙي خبر ته هو ڪو سندن مخالفت ڪندو ۽ تڪليفن جو باعث ٿيندو) انهيءَ ۾ شڪ ئي ڪونهي ته فرعون هامان ۽ سندن لشڪر خطاڪار ۽ گنهگار هئا. |
وَقالَتِ امرَأَتُ فِرعَونَ قُرَّتُ عَينٍ لى وَلَكَ لا تَقتُلوهُ عَسىٰ أَن يَنفَعَنا أَو نَتَّخِذَهُ وَلَدًا وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 9) |
۽ فرعون جي زال (جا شايد نيڪ عورت هئي) فرعون کي چيو ته، هيءُ (سهڻو ٻچڙو) منهنجي لاءِ ۽ تنهنجي لاءِ اکين جو ٺار آهي. ان کي متان قتل ڪرائين. ممڪن آهي ته اسان کي هن مان گهڻو ئي فيض ۽ فائدو پهچندو گود جو پٽ ڪنداسين (شايد کين پٽ ڪونه هو) پر هنن کي خبر بلڪل ڪانه هئي (ته ان ڪم جو آخر نتيجو ڪهڙو نڪرندو). |
وَأَصبَحَ فُؤادُ أُمِّ موسىٰ فٰرِغًا إِن كادَت لَتُبدى بِهِ لَولا أَن رَبَطنا عَلىٰ قَلبِها لِتَكونَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 10) |
۽ (هوڏي وري) حضرت موسيٰ جي والده جي دل (جدائي کان) بي قرار ٿي پيئي ۽ اهو راز ظاهر ڪرڻ تي هئي. پر اسان سندس دل کي مضبوط رکيو انهيءَ لاءِ ته هوءَ ايمان تي قائم رهي. |
وَقالَت لِأُختِهِ قُصّيهِ فَبَصُرَت بِهِ عَن جُنُبٍ وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 11) |
۽ حضرت موسيٰ جي والده سندس (وڏي) ڀيڻ کي چيو ته، موسيٰ جي پٺيان (پر ٿورو پرڀرو) لڳي وڃ (جيئن اهي ماڻهو جيڪي پيتي کنيون ٿا وڃن تن کي ڪو شڪ نه پوي) اها ڀيڻ (سندن پٺيان هلندي ويئي ۽) ان ڏي نهاريندي رهي اهڙيءَ طرح جو ڄڻ ته ان سان ڪو واسطو ئي ڪونهيس، ۽ هنن ماڻهن کي خبر ئي ڪانه پئي (ته ڪو سندس ڀيڻ اسان ڏي نهاري رهي آهي). |
وَحَرَّمنا عَلَيهِ المَراضِعَ مِن قَبلُ فَقالَت هَل أَدُلُّكُم عَلىٰ أَهلِ بَيتٍ يَكفُلونَهُ لَكُم وَهُم لَهُ نٰصِحونَ (آيت : 12) |
۽ اسان اهڙي رٿ ڪئي جو پهريائين موسيٰ ڪنهن جي به ٿڃ نه پيتي (يعني ڪنهن جو به ببو نه ورتو تنهن تي ماڻهو حيران ٿي هيڏي هوڏي تلاش ڪرڻ لڳا. جڏهن سندن نظر ان ڀيڻ تي پئي تڏهن انهيءَ ڀيڻ کين) چيو ته، مان اوهان کي هڪڙي اهڙي گهر جا ماڻهو ڏيکاريان ڇا؟ جيڪي اوهان جي لاءِ انهيءَ ٻچڙي کي نپائين ۽ هن کي پيار ڪندڙ ۽ هن جا خيرخواهه ٿين. |
فَرَدَدنٰهُ إِلىٰ أُمِّهِ كَى تَقَرَّ عَينُها وَلا تَحزَنَ وَلِتَعلَمَ أَنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 13) |
(هنن ماڻهن اها ڳالهه قبول ڪئي، ڇوڪريءَ اهو گهر ڏيکاريو ۽ فرعون جي زال حضرت موسيٰ جي والده کي سندس دائي مقرر ڪيو) اهڙيءَ طرح اسان ٻچڙي کي سندس ماءُ ڏي موٽايو، انهيءَ لاءِ ته سندس اکيون ٺرن ۽ غم نه ڪري ۽ پڪ سان ڄاڻي ته بيشڪ الله جو واعدو سچو آهي. پر اڪثر ماڻهو نٿا ڄاڻن (ته ظاهري تڪليف ۾ به ڪا چڱائي رکيل آهي.) |
وَلَمّا بَلَغَ أَشُدَّهُ وَاستَوىٰ ءاتَينٰهُ حُكمًا وَعِلمًا وَكَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 14) |
۽ جڏهن حضرت موسيٰ جوان ٿيو، ۽ طاقتور ٿيو تڏهن اسان کيس حڪمت ۽ علم عطا ڪيو. (اسان جو اهو قانون آهي جو) نيڪي ڪندڙن کي اهڙيءَ ئي طرح نيڪ بدلو ڏيندا آهيون. |
وَدَخَلَ المَدينَةَ عَلىٰ حينِ غَفلَةٍ مِن أَهلِها فَوَجَدَ فيها رَجُلَينِ يَقتَتِلانِ هٰذا مِن شيعَتِهِ وَهٰذا مِن عَدُوِّهِ فَاستَغٰثَهُ الَّذى مِن شيعَتِهِ عَلَى الَّذى مِن عَدُوِّهِ فَوَكَزَهُ موسىٰ فَقَضىٰ عَلَيهِ قالَ هٰذا مِن عَمَلِ الشَّيطٰنِ إِنَّهُ عَدُوٌّ مُضِلٌّ مُبينٌ (آيت : 15) |
پوءِ (هڪڙي ڏينهن) حضرت موسيٰ اهڙي وقت (محلات مان نڪري) شهر ۾ هليو ويو جهن وقت شهر جا ماڻهو (ننڊ ۾) غافل هئا. اتي شهر ۾ ٻن ماڻهن کي وڙهندو ڏٺائين. جن مان هڪڙو ته سندس قوم (بني اسرائيلن) مان هو ۽ ٻيو سندس دشمن (قوم يعني مصري ماڻهن) مان هو. پوءِ (ڇا ٿيو جو) جيڪو ماڻهو سندس قوم مان هو تنهن انهيءَ ماڻهو جي خلاف جيڪو سندس دشمن قوم مان هو. کانئس مدد گهري. تنهن تي حضرت موسيٰ انهيءَ (مصري ماڻهوءَ) کي ٺونشو (يعني مُڪ) هڻي ڪڍي، ۽ هن کي ماري وڌائين، پوءِ (ارمان ۽ پريشاني ۾ پئجي) چيائين ته هي ته شيطاني ڪم ٿي پيو. بيشڪ شيطان (انسان جو) دشمن آهي ۽ ظاهرظهور گمراهه ڪندڙ آهي. |
قالَ رَبِّ إِنّى ظَلَمتُ نَفسى فَاغفِر لى فَغَفَرَ لَهُ إِنَّهُ هُوَ الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 16) |
(پوءِ خدا جي درگاهه ۾ ٻاڏائي حضرت موسيٰ ) عرض ڪيو ته، اي منهنجا پروردگار مون پاڻ تي پاڻ ظلم ڪيو آهي. تون مون کي بخش. سو خدا کيس بخشي ڇڏيو. بيشڪ هو بخشيندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي. |
قالَ رَبِّ بِما أَنعَمتَ عَلَىَّ فَلَن أَكونَ ظَهيرًا لِلمُجرِمينَ (آيت : 17) |
(خدا کان بخشش ملڻ تي حضرت موسيٰ) عرض ڪيو ته، اي منهنجا رب! تو جو مون تي هيءَ احسان ڪيو آهي سو مان (آئندهه) ڪڏهن به گنهگارن جو مددگار نه ٿيندس. |
فَأَصبَحَ فِى المَدينَةِ خائِفًا يَتَرَقَّبُ فَإِذَا الَّذِى استَنصَرَهُ بِالأَمسِ يَستَصرِخُهُ قالَ لَهُ موسىٰ إِنَّكَ لَغَوِىٌّ مُبينٌ (آيت : 18) |
حضرت موسيٰ ڊپ (۽ پريشانيءَ جي حالت) ۾ ئي صبح ڪري ڇڏيو. (وري به ڇا ٿيو جو) اوچتو ئي اوچتو ساڳئي ماڻهو جنهن اڳئين ڏينهن سندس مدد گهري هئي انهيءَ سندس مدد لاءِ واڪو ڪيو. حضرت موسيٰ کيس چئي ڏنو ته، تون ته ظاهرظهور جهيڙاڪار ۽ گمراهه ماڻهو ٿو ڏسجين. |
فَلَمّا أَن أَرادَ أَن يَبطِشَ بِالَّذى هُوَ عَدُوٌّ لَهُما قالَ يٰموسىٰ أَتُريدُ أَن تَقتُلَنى كَما قَتَلتَ نَفسًا بِالأَمسِ إِن تُريدُ إِلّا أَن تَكونَ جَبّارًا فِى الأَرضِ وَما تُريدُ أَن تَكونَ مِنَ المُصلِحينَ (آيت : 19) |
پوءِ جڏهن حضرت موسيٰ انهيءَ (مصري ماڻهو) کي جهلڻ (۽ پري ڪرڻ) چاهيو جو ٻنهي جو دشمن هو، تڏهن ان (اسرائيلي) ماڻهوءَ (پنهنجي ڀؤ کان) چئي ڏنو ته، اي موسي! ڇا تون مون کي به اهڙيءَ طرح مارڻ ٿو چاهين، جهڙي طرح ڪالهه هڪڙي ماڻهوءَ کي ماري ڇڏيو هيئي؟ تون ته فقط هي ٿو چاهين ته سڄي ملڪ ۾ سڀني تي ڏاڍو ۽ زبردست ٿي رهان ۽ تون نٿو چاهين ته صلح ۽ سڌارو ڪندڙ ٿيان. |
وَجاءَ رَجُلٌ مِن أَقصَا المَدينَةِ يَسعىٰ قالَ يٰموسىٰ إِنَّ المَلَأَ يَأتَمِرونَ بِكَ لِيَقتُلوكَ فَاخرُج إِنّى لَكَ مِنَ النّٰصِحينَ (آيت : 20) |
۽ (انهيءَ وقت) شهر جي ٻئي پاسي کان هڪڙو (مصري) شخص ڊوڙندو آيو ۽ اچي چيائين ته، اي موسيٰ يقيناً (شهر جا) سردار تنهنجي باري ۾ مشورو ڪري رهيا آهن ته توکي (مصريءَ ماڻهو جي خون جي بدلي ۾) قتل ڪيو وڃي. تنهن ڪري (تڪڙو ٿي شهر مان) نڪري هليو وڃ. يقيناً مان تنهنجو خيرخواهه آهيان. |
فَخَرَجَ مِنها خائِفًا يَتَرَقَّبُ قالَ رَبِّ نَجِّنى مِنَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 21) |
پوءِ حضرت موسيٰ خوف منجهان هيڏي هوڏي نهاريندو شهر مان نڪري هليو ويو ۽ دعا گهريائين ته، اي منهنجا پروردگار مون کي هنن ظالم ماڻهن کان بچائجانءِ. |
وَلَمّا تَوَجَّهَ تِلقاءَ مَديَنَ قالَ عَسىٰ رَبّى أَن يَهدِيَنى سَواءَ السَّبيلِ (آيت : 22) |
۽ جڏهن حضرت موسيٰ مدين (ملڪ) ڏانهن رخ رکيو تڏهن چيائين ته اميد اٿم ته منهنجو پروردگار مون کي سڌيءَ واٽ تي لڳائيندو. |
وَلَمّا وَرَدَ ماءَ مَديَنَ وَجَدَ عَلَيهِ أُمَّةً مِنَ النّاسِ يَسقونَ وَوَجَدَ مِن دونِهِمُ امرَأَتَينِ تَذودانِ قالَ ما خَطبُكُما قالَتا لا نَسقى حَتّىٰ يُصدِرَ الرِّعاءُ وَأَبونا شَيخٌ كَبيرٌ (آيت : 23) |
۽ جڏهن هو مدين جي پاڻيءَ (جي کوهه يا چشمي) وٽ پهتو تڏهن اتي ماڻهن جي هڪ ٽولي ڏٺائين جيڪي (ڌڻن کي) پاڻي پياري رهيا هئا ۽ پڻ انهن کان جدا (ٿورو پرڀرو) ٻه (نوجوان) عورتون ڏٺائين جيڪي ٻڪرين کي روڪي جهليون بيٺيون هيون. حضرت موسيٰ انهن عورتن کان پڇيو ته، توهان سان ڪهڙي حالت آهي (۽ ڇا جي لاءِ انتظار ۾ بيٺيون آهيو؟) هنن جواب ڏنو ته، اسان تيستائين (پنهنجي ٻڪرين کي) پاڻي پياري نه ٿيون سگهون جيستائين ٻيا ريڍار ۽ ٻڪرار (پنهنجي ٻڪرين کي پاڻي پياري) ٻڪريون ڪاهي هليا نٿا وڃن. (اسان ضعيف عورتون آهيون. اسان کي ڪو ڀاءِ به ڪونهي) ۽ اسان جو بابا هڪڙو تمام پوڙهو ماڻهو آهي (تنهن ڪري هو گهر ۾ ٿو رهي ۽ ٻڪرين جو ڪم ڪري نٿو سگهي). |
فَسَقىٰ لَهُما ثُمَّ تَوَلّىٰ إِلَى الظِّلِّ فَقالَ رَبِّ إِنّى لِما أَنزَلتَ إِلَىَّ مِن خَيرٍ فَقيرٌ (آيت : 24) |
(تنهن تي حضرت موسيٰ کي مٿن رحم اچي ويو ۽ مردن جو ظلم ڏسي حيران ٿيو جو هر روز اول پاڻ پاڻي پياريندا هئا ۽ سڀني کان پڇاڙيءَ ۾ ويچاريون اهي ٻه عورتون پاڻي پيئارينديون هيون) سو هن انهن عورتن جي ٻڪرين کي پاڻي پيئاريو پوءِ (ڪنهن وڻ جي) ڇانو ڏي هٽي هليو ويو. ۽ خدا کان سوال گهريائين ته، اي منهنجا پروردگار! جيڪا به ڀلائي ۽ نعمت (هن وقت) مون تي ڪرين تنهن لاءِ مان بيشڪ سخت حاجتمند آهيان (جو نه اٿم سمر، نڪو اٿم ڪو گهر). |
فَجاءَتهُ إِحدىٰهُما تَمشى عَلَى استِحياءٍ قالَت إِنَّ أَبى يَدعوكَ لِيَجزِيَكَ أَجرَ ما سَقَيتَ لَنا فَلَمّا جاءَهُ وَقَصَّ عَلَيهِ القَصَصَ قالَ لا تَخَف نَجَوتَ مِنَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 25) |
(خدا سندس دعا ٻڌي، جلد ئي) پوءِ انهن (نوجوان عورتن) مان هڪڙي شرم ۽ حيا سان هلندي وٽس آئي ۽ چوڻ لڳي ته، منهنجي بابا توکي دعوت ڏئي گهرايو آهي. انهيءَ لاءِ ته تو جو اسان جي لاءِ اسان جي ٻڪرين کي پاڻي پيئاريو تنهن جو توکي ڪو عيوضو ڏئي. پوءِ جڏهن حضرت موسيٰ انهيءَ (پير مرد) وٽ آيو ۽ کيس پنهنجو سڄو قصو (ڄمڻ کان وٺي مصر ڇڏي مدين ۾ پهچڻ تائين) ٻڌايائين تڏهن پير مرد چيو ته، (هاڻي) ڪوبه خوف نه ڪر، ظالم ماڻهن کان بچي آيو آهين (۽ هاڻي هتي هنن کان سلامت آهين.) |
قالَت إِحدىٰهُما يٰأَبَتِ استَـٔجِرهُ إِنَّ خَيرَ مَنِ استَـٔجَرتَ القَوِىُّ الأَمينُ (آيت : 26) |
انهن (نوجوان عورتن) مان هڪڙيءَ پنهنجي پيءُ کي عرض ڪيو ته منهنجا پيار بابا! هن (مرد) کي ڪنهن اجوري سان ملازم ڪري رک. ملازم ڪري رکڻ لاءِ بهترين ماڻهو تنهنجي لاءِ يقيناً اهو آهي جيڪو طاقتور ۽ ايماندار آهي. |
قالَ إِنّى أُريدُ أَن أُنكِحَكَ إِحدَى ابنَتَىَّ هٰتَينِ عَلىٰ أَن تَأجُرَنى ثَمٰنِىَ حِجَجٍ فَإِن أَتمَمتَ عَشرًا فَمِن عِندِكَ وَما أُريدُ أَن أَشُقَّ عَلَيكَ سَتَجِدُنى إِن شاءَ اللَّهُ مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 27) |
(پوڙهي پنهنجي ڌيءُ جو عرض قبول ڪيو، حضرت موسيٰ کيس نهايت پسند پيو سو ڪي ڏينهن گذرڻ بعد کيس) چيائين ته مان چاهيان ٿو ته، توکي هنن ٻن ڌيئرن مان هڪڙي پرڻائي ڏيان هن شرط تي ته تون اٺ سال (هتي رهي) منهنجو ڪم ڪار ڪندو رهين، پر جيڪڏهن تون ڏهه سال پورا ڪرين ته تنهنجو احسان سمجهبو، پر مان نٿو چاهيان ته توکي تنگ ڪيان ۽ تڪليف ۾ وجهان. انشاءَ الله تون پاڻ ڏسندين ته مان نيڪ ماڻهو آهيان (۽ تو سان چڱو سلوڪ ڪندس). |
قالَ ذٰلِكَ بَينى وَبَينَكَ أَيَّمَا الأَجَلَينِ قَضَيتُ فَلا عُدوٰنَ عَلَىَّ وَاللَّهُ عَلىٰ ما نَقولُ وَكيلٌ (آيت : 28) |
حضرت موسيٰ جواب ۾ چيو ته (مان خوشيءَ سان قبول ٿو ڪيان) توهان جي ۽ منهنجي وچ ۾ اهو اقرار ۽ قبوليت ٿي چڪي. انهن ٻن مدن مان جيڪو به پورو ڪيان ته مون تي ڪا ميار يا رنجش نه رهي. ۽ جيڪي اسان هن وقت پاڻ ۾ ٺاهه ڪري رهيا آهيون تنهن تي الله تعاليٰ شاهد آهي. |
فَلَمّا قَضىٰ موسَى الأَجَلَ وَسارَ بِأَهلِهِ ءانَسَ مِن جانِبِ الطّورِ نارًا قالَ لِأَهلِهِ امكُثوا إِنّى ءانَستُ نارًا لَعَلّى ءاتيكُم مِنها بِخَبَرٍ أَو جَذوَةٍ مِنَ النّارِ لَعَلَّكُم تَصطَلونَ (آيت : 29) |
(حضرت موسيٰ پير مرد جي ڌيءُ سان شادي ڪئي) پوءِ جڏهن (اتي رهڻ جو) مدو پورو ڪيائين ۽ پنهنجي ٻارن ٻچن سميت سفر تي نڪتو تڏهن (واٽ ويندي) طور جبل جي هڪڙي پاسي باهه ڏٺائين. پنهنجي ٻارن ٻچن کي چيائين ته مون هڪڙي باهه ڏٺي آهي. توهان هتي بيهو ته (مان اوڏاهين وڃي) اتان ڪا خبر لهي (رستو وغيره پڇي) اوهان ڏي موٽي اچان يا باهه مان ڪو ٽانڊو کڻي اچان ته توهان (باهه ٻاري) سيءُ لاهيو ۽ تئه وٺو. |
فَلَمّا أَتىٰها نودِىَ مِن شٰطِئِ الوادِ الأَيمَنِ فِى البُقعَةِ المُبٰرَكَةِ مِنَ الشَّجَرَةِ أَن يٰموسىٰ إِنّى أَنَا اللَّهُ رَبُّ العٰلَمينَ (آيت : 30) |
پوءِ جڏهن حضرت موسيٰ باهه واري هنڌ پهتو، تڏهن ماٿريءَ جي ساڄي ڪناري کان ان برڪت واري جاءِ تي وڻ منجهان آواز آيو ته، اي موسيٰ! مان اهو الله آهيان جو سڄي جهان جو پروردگار آهيان. |
وَأَن أَلقِ عَصاكَ فَلَمّا رَءاها تَهتَزُّ كَأَنَّها جانٌّ وَلّىٰ مُدبِرًا وَلَم يُعَقِّب يٰموسىٰ أَقبِل وَلا تَخَف إِنَّكَ مِنَ الءامِنينَ (آيت : 31) |
۽ (اي موسيٰ!) پنهنجي لٺ اڇلاءِ، (لٺ اڇلايائين ته نانگ ٿي پيئي) پوءِ جڏهن ان کي اهڙيءَ طرح چرندو ڏٺائين جو ڄڻ ته وڏي بلا آهي، تڏهن پٺي ڏيئي وٺي ڀڳو ۽ هڪ قدم به پوئتي نه موٽيو. (تنهن تي اسان کيس فرمايو ته) اي موسيٰ (موٽي) وڌي اچ ۽ ڊڄ نه، ڇو ته تون هتي امن امان هيٺ بلڪل سلامت آهين. |
اسلُك يَدَكَ فى جَيبِكَ تَخرُج بَيضاءَ مِن غَيرِ سوءٍ وَاضمُم إِلَيكَ جَناحَكَ مِنَ الرَّهبِ فَذٰنِكَ بُرهٰنانِ مِن رَبِّكَ إِلىٰ فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِ إِنَّهُم كانوا قَومًا فٰسِقينَ (آيت : 32) |
(اي موسيٰ هاڻ وري) پنهنجو هٿ گريبان ۾ وجهه (پوءِ ڇا ٿيندو جو) اهو هٿ بنا ڪنهن داغ يا خرابيءَ جي چنڊ وانگي چمڪندي ٻاهر ايندو ۽ خوف لاهڻ لاءِ پنهنجو هٿ وري پنهنجي پاسي کي لڳائي ڇڏ. اهي ٻه نشانيون يا معجزا تنهنجي رب جي طرفان فرعون ۽ سندس سردارن (کي سمجهائڻ) لاءِ آهن. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته هو بيحد بي فرمان بدڪار ماڻهو آهي. |
قالَ رَبِّ إِنّى قَتَلتُ مِنهُم نَفسًا فَأَخافُ أَن يَقتُلونِ (آيت : 33) |
حضرت موسيٰ چيو ته اي منهنجا رب! مون انهن ماڻهن مان هڪڙي شخص کي قتل ڪري وڌو هو. سو مون کي ڊپ آهي ته هو مون کي قتل ڪري ڇڏيندا. |
وَأَخى هٰرونُ هُوَ أَفصَحُ مِنّى لِسانًا فَأَرسِلهُ مَعِىَ رِدءًا يُصَدِّقُنى إِنّى أَخافُ أَن يُكَذِّبونِ (آيت : 34) |
۽ (اي رب منهنجا) منهنجو ڀاءِ هارون مون کان وڌيڪ سٺو ڳالهائڻو آهي. سو مون سان گڏ هن کي به (پيغمبر ڪري) موڪل ته منهنجو مددگار ٿئي ۽ منهنجي ڳالهه کي ٽيڪو ڏئي (۽ تائيد ڪري) ڇو ته مون کي خوف آهي ته اهي (بدڪار) مون کي ڪوڙو سمجهي منهنجي ڳالهه نه مڃيندا. |
قالَ سَنَشُدُّ عَضُدَكَ بِأَخيكَ وَنَجعَلُ لَكُما سُلطٰنًا فَلا يَصِلونَ إِلَيكُما بِـٔايٰتِنا أَنتُما وَمَنِ اتَّبَعَكُمَا الغٰلِبونَ (آيت : 35) |
الله تعاليٰ (تنهن تي حضرت موسيٰ کي) فرمايو ته، اسان تنهنجي ڀاءُ (کي تو سان ٻانهن ٻيلي ڪرڻ) سان تنهنجا بازو مضبوط ڪنداسين ۽ توهان ٻنهي کي سند ۽ اختيار ڏينداسين هو توهان کي ڇهي به نه سگهندا (يعني توهان جو وار به ونگو نه ڪري سگهندا). توهان ٻئي ۽ توهان جي پيروي ڪندڙ اسان جي نشانين ۽ معجزن جي وسيلي غالب رهندؤ. |
فَلَمّا جاءَهُم موسىٰ بِـٔايٰتِنا بَيِّنٰتٍ قالوا ما هٰذا إِلّا سِحرٌ مُفتَرًى وَما سَمِعنا بِهٰذا فى ءابائِنَا الأَوَّلينَ (آيت : 36) |
پوءِ جڏهن حضرت موسيٰ انهن ڏانهن (يعني فرعون ۽ سندس سردارن ڏانهن) اسان جي چٽين نشانين سان آيو تڏهن هنن چيو ته، هي ڪجهه نه آهي، هي ته رڳو هٿرادو ٺهيل جادوءَ جو کيل آهي. ۽ اسان اهي ڳالهيون (توحيد، رسالت ۽ وحي جون) ته پنهنجي اڳوڻن ابن ڏاڏن کان ڪڏهن به ڪونه ٻڌيون. |
وَقالَ موسىٰ رَبّى أَعلَمُ بِمَن جاءَ بِالهُدىٰ مِن عِندِهِ وَمَن تَكونُ لَهُ عٰقِبَةُ الدّارِ إِنَّهُ لا يُفلِحُ الظّٰلِمونَ (آيت : 37) |
(تنهن تي) حضرت موسيٰ فرمايو ته، (توهان مڃو يا نه مڃو پر) منهنجو رب انهيءَ کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو جيڪو وٽانئس هدايت (۽ حڪم ۽ پيغام) کڻي آيو آهي ۽ جنهن جي لاءِ عاقبت جو (چڱو) گهر آهي. (يعني جنهن جي پڇاڙي چڱي ٿيندي) ۽ هيءُ به يقين آهي ته ظالم ڪڏهن به ڪامياب ڪونه ٿيندا. |
وَقالَ فِرعَونُ يٰأَيُّهَا المَلَأُ ما عَلِمتُ لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرى فَأَوقِد لى يٰهٰمٰنُ عَلَى الطّينِ فَاجعَل لى صَرحًا لَعَلّى أَطَّلِعُ إِلىٰ إِلٰهِ موسىٰ وَإِنّى لَأَظُنُّهُ مِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 38) |
۽ فرعون چيو ته، اي سردارؤ! مان ته ڄاڻان ٿو ته مون کان سواءِ توهان جو ڪوبه معبود ڪونهي. اي هامان! تون منهنجي لاءِ مٽيءَ جي سرن کي کوري ۾ پچاراءِ ۽ پوءِ هڪ وڏي مٿاهين محلات تيار ڪراءِ ته مان مٿي چڙهي موسيٰ جي معبود کي ڏسان، اگرچه مون کي ته پنهنجي سر يقين آهي ته هو ڪوڙو آهي. |
وَاستَكبَرَ هُوَ وَجُنودُهُ فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ وَظَنّوا أَنَّهُم إِلَينا لا يُرجَعونَ (آيت : 39) |
۽ فرعون ۽ سندس لشڪرن ملڪ ۾ ناحق تڪبر ۽ سرڪشي ڪئي ۽ سمجهيائون ٿي ته هو ڪڏهن به اسان وٽ (سزا لاءِ) رجوع ڪونه ڪندا. |
فَأَخَذنٰهُ وَجُنودَهُ فَنَبَذنٰهُم فِى اليَمِّ فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الظّٰلِمينَ (آيت : 40) |
تنهن ڪري اسان کيس ۽ سندس لشڪرن جي پڪڙ ڪئي ۽ انهن کي سمنڊ ۾ اڇلائي وڌو. سو ڏسو ته ظالمن جي پڇاڙي ڪهڙي نه خراب ٿي. |
وَجَعَلنٰهُم أَئِمَّةً يَدعونَ إِلَى النّارِ وَيَومَ القِيٰمَةِ لا يُنصَرونَ (آيت : 41) |
۽ اسان هنن (ظالمن) کي اهڙو ليڊر بنايو جو (ماڻهن کي) دوزخ جي طرف سڏيندا هئا (يعني ماڻهن کي غلط طريقي تي هلائي دوزخ لاءِ تيار ڪندا هئا) پر قيامت جي ڏينهن (سخت عذاب ۾ پوندا ۽) هنن کي ڪابه مدد ڪانه ملندي. |
وَأَتبَعنٰهُم فى هٰذِهِ الدُّنيا لَعنَةً وَيَومَ القِيٰمَةِ هُم مِنَ المَقبوحينَ (آيت : 42) |
۽ هن دنيا ۾ اسان هنن جي پٺيان لعنت لڳائي ڇڏي، ۽ قيامت جي ڏينهن به هو انهن ۾ هوندا جيڪي نفرت ۽ ڌڪار جي لائق آهن. |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ مِن بَعدِ ما أَهلَكنَا القُرونَ الأولىٰ بَصائِرَ لِلنّاسِ وَهُدًى وَرَحمَةً لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 43) |
۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان اڳوڻين امتن کي تباهه ڪرڻ بعد حضرت موسيٰ کي اهڙو ڪتاب (دين ۽ شريعت جو) ڏنو جو (ماڻهن لاءِ) بصيرت ۽ روشني هو ۽ جو سڌي واٽ ڏيکاريندڙ ۽ سراسر رحمت هو. (اهو ڪتاب انهيءَ لاءِ موڪليو ويو) ته ماڻهو نصيحت حاصل ڪن (۽ نيڪ عمل ڪري خوشحال ٿين). |
وَما كُنتَ بِجانِبِ الغَربِىِّ إِذ قَضَينا إِلىٰ موسَى الأَمرَ وَما كُنتَ مِنَ الشّٰهِدينَ (آيت : 44) |
۽ (اي پيغمبر) جڏهن اسان موسيٰ کي (نبوت ۽) حڪم ڏنو تڏهن تون (طويٰ ماٿري جي) اولهه طرف (جتي اهو واقعو ٿيو هو) موجود ڪونه هئين نڪي تو پنهنجي اکين سان اهو واقعو ڏٺو. |
وَلٰكِنّا أَنشَأنا قُرونًا فَتَطاوَلَ عَلَيهِمُ العُمُرُ وَما كُنتَ ثاوِيًا فى أَهلِ مَديَنَ تَتلوا عَلَيهِم ءايٰتِنا وَلٰكِنّا كُنّا مُرسِلينَ (آيت : 45) |
بلڪ اسان (حضرت موسيٰ جي زماني ۽ تنهنجي زماني جي وچ ۾) گهڻيون ئي پيڙهيون پيدا ڪيون ۽ انهن جي گذري وڃڻ کان پوءِ به زمانا گذري چڪا آهن. تون مدين جي ماڻهن ۾ رهيو ئي ڪونه هئين جو انهن کي اسان جون آيتون پڙهي ٻڌائين ها. پر حقيقت هيءَ آهي ته اسان رسول موڪليندا رهيا آهيون (۽ توکي به رسول ڪري موڪليو اٿئون ۽ اگرچه تون طور جبل وٽ ڪونه هئين نڪي ٻيا اڳوڻا واقعا توڏٺا ته به وحيءَ جي رستي توکي اهي خبرون ٻڌايون ٿا). |
وَما كُنتَ بِجانِبِ الطّورِ إِذ نادَينا وَلٰكِن رَحمَةً مِن رَبِّكَ لِتُنذِرَ قَومًا ما أَتىٰهُم مِن نَذيرٍ مِن قَبلِكَ لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 46) |
نڪي تون انهيءَ وقت طور جبل جي پاسي ۾ هئين جڏهن اسان موسيٰ کي سڏ ڪيو هو، پر (اها) تنهنجي پروردگار جي رحمت آهي (جو توکي وحي جي رستي اڳوڻن پيغمبرن ۽ ماڻهن جا احوال ٻڌايا اٿئون) انهيءَ لاءِ ته تون (اهي قصا عبرت وٺڻ لاءِ هنن ماڻهن کي ٻڌائين) هنن (قريش) قوم جي ماڻهن کي خبردار ڪرين جن ڏي توکان اڳي ڪوبه خبردار ڪندڙ (رسول) ڪونه آيو آهي (سو کين اهي قصا ٻڌاءِ ۽ خبردار ڪر) ته من نصيحت حاصل ڪن (۽ نيڪ عمل ڪن). |
وَلَولا أَن تُصيبَهُم مُصيبَةٌ بِما قَدَّمَت أَيديهِم فَيَقولوا رَبَّنا لَولا أَرسَلتَ إِلَينا رَسولًا فَنَتَّبِعَ ءايٰتِكَ وَنَكونَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 47) |
جيڪڏهن ائين نه هجي ها (جو اسان توکي هنن قريشن ڏانهن پيغمبر ڪري نه موڪليون ها) ۽ ڪا مصيبت هنن تي سندن ئي بدعملن سبب اچي ڪڙڪي ها ته پوءِ هو چون ها ته اي اسان جا پروردگار ڇو نه اسان ڏي ڪو رسول موڪليو؟ (جيڪڏهن ڪو رسول موڪلين ها) ته پوءِ اسان تنهنجي حڪمن جي پيروي ڪيون ها ۽ (ايمان وارا) مؤمن ٿيون ها. |
فَلَمّا جاءَهُمُ الحَقُّ مِن عِندِنا قالوا لَولا أوتِىَ مِثلَ ما أوتِىَ موسىٰ أَوَلَم يَكفُروا بِما أوتِىَ موسىٰ مِن قَبلُ قالوا سِحرانِ تَظٰهَرا وَقالوا إِنّا بِكُلٍّ كٰفِرونَ (آيت : 48) |
پر (هاڻي) جڏهن ته اسان جي طرف کان هنن وٽ حق (جو پيغام) اچي ويو آهي تڏهن چوڻ لڳا آهن ته جهڙا معجزا حضرت موسيٰ کي ڏنا ويا هئا تهڙا هنن کي ڇو نه ڏنا ويا آهن. جيڪي اڳي حضرت موسيٰ کي ڏنو ويو هو، تنهن کي هنن (قريشن) ڪوڙو ٺهرائي رد نه ڪيو آهي ڇا؟ هو ته (کليو کلايو) چوندا آهن ته اهي ٻئي (تورات ۽ قرآن) جادوءَ جا ڪرشما آهن جي ٻئي هڪ ٻئي کي ٽيڪو ٿا ڏين (۽ هڪٻئي جي تائيد ٿا ڪن) ۽ هو ائين به چوندا آهن ته اسان کي اهڙين سڀني ڳالهين کان انڪار آهي. |
قُل فَأتوا بِكِتٰبٍ مِن عِندِ اللَّهِ هُوَ أَهدىٰ مِنهُما أَتَّبِعهُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 49) |
(اي پيغمبر تون کين) چئو ته، ڀلا توهان ئي الله تعاليٰ وٽان ڪو اهڙو ڪتاب آڻيو جيڪو انهن ٻنهي (تورات ۽ قرآن) کان بهتر هدايت ڏيندڙ هجي ته مان ان جي پيروي ڪيان. (آڻيو اهڙو ڪتاب) جيڪڏهن توهان (پنهنجي دعويٰ ۾) سچا آهيو. |
فَإِن لَم يَستَجيبوا لَكَ فَاعلَم أَنَّما يَتَّبِعونَ أَهواءَهُم وَمَن أَضَلُّ مِمَّنِ اتَّبَعَ هَوىٰهُ بِغَيرِ هُدًى مِنَ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 50) |
پوءِ به جيڪڏهن هو تنهنجي ڳالهه نه مڃين ته يقين ڄاڻو ته هو رڳو پنهنجي (نفساني) خواهشن جي پيروي ڪري رهيا آهن، ۽ ڪير وڌيڪ گمراهه ٿي سگهي ٿو انهيءَ شخص کان جو الله وٽان مليل هدايت کي ڇڏي پنهنجي نفساني خواهش جي پيروي ٿو ڪري؟ بيشڪ الله تعاليٰ ظالم ماڻهن کي سڌيءَ واٽ تي نٿو لڳائي. |
وَلَقَد وَصَّلنا لَهُمُ القَولَ لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 51) |
۽ هيءَ حقيقت آهي ته هاڻي اسان هنن (قريشن) کي پنهنجو ڪلام (۽ حڪم احڪام) پهچايا آهن، انهيءَ لاءِ ته من نصيحت وٺن. (۽ چڱا عمل ڪن). |
الَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ مِن قَبلِهِ هُم بِهِ يُؤمِنونَ (آيت : 52) |
جن ماڻهن (بني اسرائيلن وغيره) ڏي اسان اڳي ئي ڪتاب موڪليو هو (۽ جي ان ڪتاب تي سچيءَ دل سان عمل ڪندا هئا) سي هن قرآن تي به ايمان آڻي رهيا آهن (ڇو ته اهي قرآن جي حقانيت آسانيءَ سان سمجهي سگهن ٿا). |
وَإِذا يُتلىٰ عَلَيهِم قالوا ءامَنّا بِهِ إِنَّهُ الحَقُّ مِن رَبِّنا إِنّا كُنّا مِن قَبلِهِ مُسلِمينَ (آيت : 53) |
۽ جڏهن انهن کي قرآن پڙهي ٻڌايو وڃي ٿو تڏهن هو (هڪدم) چئي ٿا ڏين ته اسان ان تي ايمان آندو آهي. بيشڪ اهو اسان جي پروردگار وٽان آيل آهي ۽ حق آهي. اسان ته هن کان اڳ ئي مسلمان هئاسين (۽ خدا جا فرمانبردار ٻانها هئاسين.) |
أُولٰئِكَ يُؤتَونَ أَجرَهُم مَرَّتَينِ بِما صَبَروا وَيَدرَءونَ بِالحَسَنَةِ السَّيِّئَةَ وَمِمّا رَزَقنٰهُم يُنفِقونَ (آيت : 54) |
انهن ماڻهن کي ٻيڻو اجر ملندو، ڇو ته هو حق تي محڪم رهيا (پنهنجي قوم جي دشمني سر تي کڻي به قرآن تي ايمان آندائون ۽ سختيون صبر سان سٺائون) ۽ هو برائي کي نيڪيءَ سان دور ڪري ٿا ڇڏين ۽ جيڪو رزق اسان کين ڏنو آهي تنهن مان (ڪجهه خدا جي راه ۾) خرچ ٿا ڪن. |
وَإِذا سَمِعُوا اللَّغوَ أَعرَضوا عَنهُ وَقالوا لَنا أَعمٰلُنا وَلَكُم أَعمٰلُكُم سَلٰمٌ عَلَيكُم لا نَبتَغِى الجٰهِلينَ (آيت : 55) |
۽ اهي (مؤمن) جڏهن (ڪنهن ماڻهوءَ جي واتان) بيهوديون ڳالهيون ٻڌن ٿا تڏهن ان کان (مان شان ۽ فضيلت جي نموني ۾ ۽ نه آڪڙ يا نفرت سان) پاسو ڪري هليا وڃن ٿا ۽ چون ٿا ته اسان پنهنجن عملن جو نتيجو ڏسنداسين ۽ اوهان پنهنجن عملن جو نتيجو ڏسندؤ (هرهڪ انسان پنهنجي عملن لاءِ ذميوار آهي. چڱا عمل ڪندو ته پاڻ فائدو ماڻيندو ۽ برا عمل ڪندو ته پاڻ کي نقصان رسائيندو) توهان تي سلامتي هجي. اسان جاهلن جي صحبت کان پري رهڻ پسند ٿا ڪيون. |
إِنَّكَ لا تَهدى مَن أَحبَبتَ وَلٰكِنَّ اللَّهَ يَهدى مَن يَشاءُ وَهُوَ أَعلَمُ بِالمُهتَدينَ (آيت : 56) |
(اي پيغمبر!) ائين ٿي نٿو سگهي جو جنهن ماڻهوءَ سان تون حب رکندڙ هجين تنهن کي تون هدايت تي آڻين پر الله ئي آهي جو جنهن کي وڻيس تنهن کي سڌيءَ واٽ تي لڳائي. ۽ اهو الله ئي ڄاڻي ٿو ته ڪهڙا ماڻهو سڌيءَ راهه تي اچڻ وارا آهن. |
وَقالوا إِن نَتَّبِعِ الهُدىٰ مَعَكَ نُتَخَطَّف مِن أَرضِنا أَوَلَم نُمَكِّن لَهُم حَرَمًا ءامِنًا يُجبىٰ إِلَيهِ ثَمَرٰتُ كُلِّ شَيءٍ رِزقًا مِن لَدُنّا وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 57) |
۽ (اي پيغمبر ڪي ضعيف دل وارا بي وقوف ماڻهو توکي) چون ٿا ته، جيڪڏهن اسان توسان شامل ٿي (تنهنجي ڏيکاريل) هدايت جي پيروي ڪنداسين ته اسان کي پنهنجي زمين (يعني گهر ۽ شهر) مان ئي پڪڙي کنيو ويندو. (الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته) ڇا اسان کين (مڪي جي) حرم ۾ امن امان جي جڳهه نه ڏني آهي؟ جتي هر قسم جا ميوا (اناج ڀاڄيون وغيره هر طرف کان) کڄي ڇڪجي اچن ٿا. اهو اسان جي طرف کان رزق آهي پر انهن مان گهڻا اها ڳالهه نٿا ڄاڻن ۽ سمجهن. |
وَكَم أَهلَكنا مِن قَريَةٍ بَطِرَت مَعيشَتَها فَتِلكَ مَسٰكِنُهُم لَم تُسكَن مِن بَعدِهِم إِلّا قَليلًا وَكُنّا نَحنُ الوٰرِثينَ (آيت : 58) |
۽ ڪيترا نه شهر اسان نابود ڪري ڇڏيا جن جا ماڻهو پنهنجي عيش عشرت جي سامان ۽ مال متاع تي ناز ۽ فخر ڪندا هئا (۽ بدعمل ڪندا هئا) سو (ڏسو) اهي اٿو هنن جا گهر جي هنن کان پوءِ سواءِ ڪن ٿورن گهرن جي ويران پيا آهن ۽ اسان ئي انهن جا وارث ٿياسين. |
وَما كانَ رَبُّكَ مُهلِكَ القُرىٰ حَتّىٰ يَبعَثَ فى أُمِّها رَسولًا يَتلوا عَلَيهِم ءايٰتِنا وَما كُنّا مُهلِكِى القُرىٰ إِلّا وَأَهلُها ظٰلِمونَ (آيت : 59) |
۽ (اي پيغمبر) تنهنجو پروردگار اهڙو ناهي جو بستيون ۽ شهر برباد ڪري ڇڏي، جستائين پهريائين انهن جي مرڪزي شهر ۾ هڪڙو رسول نه موڪلي. جو اسان جا حڪم کين پڙهي ٻڌائي (۽ پوءِ به هو انهن حڪمن جي پيروي نه ڪن) ۽ اسان ڪڏهن به شهر کي برباد نٿا ڪيون، سواءَ هن حالت جي جو انهن جا ماڻهو ظلم ڪندڙ (۽ خدا جي نافرماني ڪندڙ) هجن. |
وَما أوتيتُم مِن شَيءٍ فَمَتٰعُ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَزينَتُها وَما عِندَ اللَّهِ خَيرٌ وَأَبقىٰ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 60) |
۽ (ياد رکو ته) جيڪي به شيون (مال رزق) اوهان کي ڏنيون ويون آهن، سي فقط هن دنيا جي زندگيءَ جو سامان آهي ۽ ان جو زيب زينت آهي. (هيءَ زندگي گهڙيءَ جو جهٽڪو آهي.) ۽ (ياد رکو ته) جيڪي الله وٽ آهي (يعني روحاني خوشيون ۽ مرڻ بعد جنت جون نعمتون) گهڻو بهتر ۽ گهڻو جٽاءِ ڪندڙ (يعني دائمي) آهي. ڇا توهان ايترو به نٿا سمجهو؟ |
أَفَمَن وَعَدنٰهُ وَعدًا حَسَنًا فَهُوَ لٰقيهِ كَمَن مَتَّعنٰهُ مَتٰعَ الحَيوٰةِ الدُّنيا ثُمَّ هُوَ يَومَ القِيٰمَةِ مِنَ المُحضَرينَ (آيت : 61) |
ڇا اهو شخص جنهن سان اسان (ڪاميابي ۽ سعادت جو) نيڪ واعدو ڪيو آهي ۽ جو انهيءَ (واعدي واري ڪاميابي ۽ سعادت) حاصل به ڪندو سو انهيءَ شخص جهڙو آهي جنهن کي اسان دنيائي زندگيءَ جو مال متاع ڏنو (تنهن هوندي به بي شڪر ٿي نافرماني ۽ بدعمل ڪيائين) پوءِ هو قيامت جي ڏينهن انهن ماڻهن جي قطار ۾ هوندو جيڪي (سزا ملڻ لاءِ) حاضر ڪيا ويندا؟ |
وَيَومَ يُناديهِم فَيَقولُ أَينَ شُرَكاءِىَ الَّذينَ كُنتُم تَزعُمونَ (آيت : 62) |
۽ انهيءَ ڏينهن خدا انهن (نافرمان ماڻهن) کي سڏي پڇندو ته ڪٿي آهن اوهان جا اهي معبود (بت، نفساني خواهشون يا چالاڪ يا زبردست ماڻهو) جن کي توهان منهنجا شريڪ سمجهندا هئو؟ |
قالَ الَّذينَ حَقَّ عَلَيهِمُ القَولُ رَبَّنا هٰؤُلاءِ الَّذينَ أَغوَينا أَغوَينٰهُم كَما غَوَينا تَبَرَّأنا إِلَيكَ ما كانوا إِيّانا يَعبُدونَ (آيت : 63) |
اهي ماڻهو جيڪي خدا جي عذاب جا حقدار ثابت ٿيندا (يعني جن تي خدا جي عذاب وارو قول سچو ثابت ٿيندو) سي (انهيءَ ڏينهن) چوندا ته اي اسان جا پروردگار! هي آهن اهي جن کي گمراهه ڪيوسين، جيئن اسان پاڻ به گهمراهه هئاسين، تيئن هنن کي به گمراهه ڪيوسين. اسان تنهنجي حضور ۾ هنن کان بيزار ۽ دستبردار ٿيون ٿا. (سچ هي آهي ته) هو اسان جي ٻانهپ نه ڪندا هئا، (پر پنهنجي جهل ۽ نفساني خواهشن جي پٺيان لڳي اسان جي انهيءَ قول تي هلندا هئا جو کين وڻندو هو). |
وَقيلَ ادعوا شُرَكاءَكُم فَدَعَوهُم فَلَم يَستَجيبوا لَهُم وَرَأَوُا العَذابَ لَو أَنَّهُم كانوا يَهتَدونَ (آيت : 64) |
۽ (مشرڪن کي) چيو ويندو ته (هاڻي) سڏيو پنهنجي انهن معبودن کي جن کي خدا سان شريڪ ڪندا هئو (۽ کين عرض ڪيو ته اوهان جي سفارش ڪن ۽ اوهان کي عذاب کان بچائين) تنهن تي اهي پنهنجي معبودن کي سڏيندا پر اهي کين جواب ئي ڪونه ڏيندا ۽ هو عذاب کي پنهنجي اکين اڳيان ڏسندا. ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها جيڪڏهن هو هدايت وارو سڌو رستو وٺن ها. |
وَيَومَ يُناديهِم فَيَقولُ ماذا أَجَبتُمُ المُرسَلينَ (آيت : 65) |
۽ انهيءَ ڏينهن خدا (منڪرن کي) سڏي چوندو ته توهان (منهنجي موڪليل) رسولن کي ڪهڙو جواب ڏنو؟ (۽ ڪيتري قدر سندن نصيحتن تي عمل ڪيو؟) |
فَعَمِيَت عَلَيهِمُ الأَنباءُ يَومَئِذٍ فَهُم لا يَتَساءَلونَ (آيت : 66) |
پر انهيءَ ڏينهن هنن کي ڪابه ڳالهه سمجهه ۾ ئي نه ايندي (تنهن ڪري ڪو جواب ئي ڪونه ڏئي سگهندا) نڪي هو هڪٻئي کان ڪجهه پڇي سگهندا. |
فَأَمّا مَن تابَ وَءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَعَسىٰ أَن يَكونَ مِنَ المُفلِحينَ (آيت : 67) |
پر جنهن شخص (دنيوي زندگيءَ ۾ ئي بي ايماني ۽ بدعملي ڇڏي خدا ڏي) موٽ ڪئي ۽ (حق تي) ايمان آندائين ۽ صالح عمل به ڪيائين سو اميد رکي ٿوسگهي ته انهن ۾ هوندو جيڪي ڪاميابي ۽ سعادت حاصل ڪندا. |
وَرَبُّكَ يَخلُقُ ما يَشاءُ وَيَختارُ ما كانَ لَهُمُ الخِيَرَةُ سُبحٰنَ اللَّهِ وَتَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 68) |
۽ (اي پيغمبر!) تنهنجو پروردگار جيڪي چاهي ٿو سو پيدا ڪري ٿو ۽ جنهن کي چاهي ٿو تنهن کي (ڪنهن ڪم لاءِ) چونڊي کڻي ٿو. اها ڳالهه ماڻهن جي اختيار ۾ ناهي ته هو پاڻ (خدائي ڪمن ۾ دست اندازيءَ ڪري) پاڻ چونڊ ڪن. پاڪ آهي الله تعاليٰ (ٻين جي دست اندازيءَ کان يا ٻين جي مشوري ۽ مدد جي احتياج کان) ۽ هو اهڙن ڳالهين کان گهڻو بلند ۽ بالا آهي، جيڪي (بيوقوف ماڻهو) ساڻس لڳائين ٿا ۽ ساڻس شريڪ ڪن ٿا. |
وَرَبُّكَ يَعلَمُ ما تُكِنُّ صُدورُهُم وَما يُعلِنونَ (آيت : 69) |
۽ تنهنجو پروردگار (سڀ ڪجهه) ڄاڻي ٿو. جيڪي هنن (بدڪار ماڻهن) جي دلين ۾ لڪل آهي ۽ جيڪي هو ظاهر ڪن ٿا سو سڀ هو ڄاڻي ٿو (تنهن ڪري هنن کي سندن بد خيالن ۽ عملن جي سزا ضرور ڏيندو.) |
وَهُوَ اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ لَهُ الحَمدُ فِى الأولىٰ وَالءاخِرَةِ وَلَهُ الحُكمُ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 70) |
۽ اهوئي (هڪ) الله آهي هن کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي. اول توڙي آخر سڀ ساراهه فقط الله جي لاءِ آهي ۽ حڪم يا حڪومت رڳو سندس آهي. ۽ اوهان سڀني کي ڏانهس ئي موٽڻو آهي. |
قُل أَرَءَيتُم إِن جَعَلَ اللَّهُ عَلَيكُمُ الَّيلَ سَرمَدًا إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ مَن إِلٰهٌ غَيرُ اللَّهِ يَأتيكُم بِضِياءٍ أَفَلا تَسمَعونَ (آيت : 71) |
(اي پيغمبر! انهن ماڻهن کي) چئو ته، ڀلا ڏسو ته سهي ته جيڪڏهن الله تعاليٰ هميشه جي لاءِ قيامت جي ڏينهن تائين اوهان تي رات ئي رات ڪري ڇڏي (۽ ڏينهن اصل نه ڪري) ته الله کان سواءِ ٻيو ڪير آهي جو اوهان لاءِ (ڏينهن جهڙي) روشني آڻي؟ ڇا توهان ٻڌو نٿا؟ (نڪي ڪجهه سمجهو ٿا؟) |
قُل أَرَءَيتُم إِن جَعَلَ اللَّهُ عَلَيكُمُ النَّهارَ سَرمَدًا إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ مَن إِلٰهٌ غَيرُ اللَّهِ يَأتيكُم بِلَيلٍ تَسكُنونَ فيهِ أَفَلا تُبصِرونَ (آيت : 72) |
(کين هيئن به) چئو ته ڀلا ڏسو ته سهي ته، جيڪڏهن الله تعاليٰ هميشه جي لاءِ قيامت جي ڏينهن تائين ڏينهن کي قائم رکي ته الله تعاليٰ کان سواءِ ٻيو ڪهڙو معبود آهي جو توهان جي لاءِ رات کي آڻي جنهن ۾ توهان آرام وٺو؟ پوءِ ڇا توهان ڏسو ئي نٿا؟ (نڪي غور ٿا ڪيو). |
وَمِن رَحمَتِهِ جَعَلَ لَكُمُ الَّيلَ وَالنَّهارَ لِتَسكُنوا فيهِ وَلِتَبتَغوا مِن فَضلِهِ وَلَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 73) |
۽ اها سندس رحمت آهي جو هن اوهان جي لاءِ رات ۽ ڏينهن جو سلسلو رکيو آهي، انهيءَ لاءِ ته توهان (رات جي وقت) آرام وٺو ۽ (ڏينهن جي وقت ڪم ڪاريون ڪيو ۽) الله جي فضل (يعني دولت) جي تلاش ڪيو ۽ انهيءَ لاءِ ته توهان (سندس) شڪرگذاري ڪيو (يعني سندس نعمتن کي چڱيءَ طرح سندس حڪمن موجب ڪم آڻي پنهنجو ڀلو ڪيو). |
وَيَومَ يُناديهِم فَيَقولُ أَينَ شُرَكاءِىَ الَّذينَ كُنتُم تَزعُمونَ (آيت : 74) |
۽ (وري به ياد رکو ته) انهيءَ (قيامت جي) ڏينهن الله تعاليٰ هنن کي سڏي کانئن پڇندو ته ڪٿي آهن اهي (اوهان جا) معبود جن کي منهنجا شريڪ (۽ مددگار) سمجهي ويٺا هيؤ؟ (هن وقت ڪوبه ڪونهي جو اوهان جي سفارش ڪري ۽ اوهان کي عذاب کان بچائي). |
وَنَزَعنا مِن كُلِّ أُمَّةٍ شَهيدًا فَقُلنا هاتوا بُرهٰنَكُم فَعَلِموا أَنَّ الحَقَّ لِلَّهِ وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 75) |
۽ اسان هرهڪ امت مان هڪڙو شاهد (سندن پيغمبر) ڪڍي ٻاهر ڪنداسين ۽ پوءِ (منڪرن کي) چونداسين ته پنهنجو دليل پيش ڪيو (ته ڇو توهان منهنجي رسولن کي نه مڃيو) پر پوءِ ان وقت هنن کي پوري پوري خبر پئجي ويندي ته بيشڪ حق فقط الله جي لاءِ آهي (يعني جيڪي حڪم الله وٽان آيا فقط اهي ئي سچا، چڱا ۽ مفيد هئا) ۽ ٻيون جيڪي هٿرادو ڳالهيون هنن (منڪرن) کڻي بنايون هيون سي (انهيءَ ڏينهن) هنن کان گم ٿي وينديون. |
إِنَّ قٰرونَ كانَ مِن قَومِ موسىٰ فَبَغىٰ عَلَيهِم وَءاتَينٰهُ مِنَ الكُنوزِ ما إِنَّ مَفاتِحَهُ لَتَنوأُ بِالعُصبَةِ أُولِى القُوَّةِ إِذ قالَ لَهُ قَومُهُ لا تَفرَح إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ الفَرِحينَ (آيت : 76) |
قارون درحقيقت حضرت موسيٰ جي قوم جو ماڻهو هو. پر هو پنهنجي قوم جي ماڻهن تي ظلم ڪرڻ لڳو (۽ هنن کي نفرت سان ڏسڻ لڳو، ايتري آڪڙ ۽ هٺ وڏائي هن ڪري ٿيس جو) اسان هن کي دنيائي دولت جا وڏا خزانا ڏنا هئا ايترا جو انهن جون رڳو ڪنجيون به مضبوط ماڻهن جي هڪ ٽولي مشڪل ڪڻي سگهي ها. (سندس هٺ وڏائي ڪرڻ تي) سندس قوم جي ماڻهن کيس چئي ڏنو ته آڪڙ نه ڪر، ڇو ته الله تعاليٰ يقيناً آڪڙ ڪندڙن کي پسند نٿو ڪري. |
وَابتَغِ فيما ءاتىٰكَ اللَّهُ الدّارَ الءاخِرَةَ وَلا تَنسَ نَصيبَكَ مِنَ الدُّنيا وَأَحسِن كَما أَحسَنَ اللَّهُ إِلَيكَ وَلا تَبغِ الفَسادَ فِى الأَرضِ إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ المُفسِدينَ (آيت : 77) |
۽ (قارون کي هيئن به چيائون ته) الله تعاليٰ جيڪو توکي هيترو رزق ۽ مال دولت ڏني آهي تنهن سان (تون سخاوت ڪري) آخرت جي گهر (يعني جنت) لاءِ تلاش (۽ طلب) ڪر، ۽ دنيا ۾ جيڪو تنهنجو حصو آهي سو به نه ويسار (يعني پنهنجي دولت مان پنهنجي ۽ پنهنجي اولاد ۽ مائٽن جي جسم، دل ۽ دماغ جي سڌاري ۽ واڌاري ۽ خوشحال رهڻ لاءِ به خرچ ڪر) ۽ جيئن الله تعاليٰ توتي احسان ڪيو آهي، تيئن تون به (ماڻهن تي) احسان ڪر ۽ نه (اٽلندو) ملڪ ۾ فساد ۽ بگاڙو مچاءِ، يقيناً الله تعاليٰ فساد ۽ بگاڙو مچائيندڙن کي ناپسند ٿو ڪري. |
قالَ إِنَّما أوتيتُهُ عَلىٰ عِلمٍ عِندى أَوَلَم يَعلَم أَنَّ اللَّهَ قَد أَهلَكَ مِن قَبلِهِ مِنَ القُرونِ مَن هُوَ أَشَدُّ مِنهُ قُوَّةً وَأَكثَرُ جَمعًا وَلا يُسـَٔلُ عَن ذُنوبِهِمُ المُجرِمونَ (آيت : 78) |
(قارون جواب ۾) چيو ته، (توهان اجائي بڪ بڪ ڪري رهيا آهيو) مون کي جو هيتري دولت ملي آهي سا يقيناً مون پنهنجي علم (عقل هنر ۽ محنت) سان هٿ ڪئي آهي (مون تي خدا ڪو احسان نه ڪيو آهي). هن (بي وقوف) کي اها به خبر نه هئي ڇا ته الله تعاليٰ هن کان اڳي گهڻين ئي اهڙين امتن کي (سندن تڪبر ۽ ظلم سببان) برباد ڪري چڪو آهي، جيڪي هن (قارون) کان قوت ۾ گهڻو وڌيڪ هئا ۽ مال دولت به گهڻو وڌيڪ گڏ ڪيو هئائون ۽ (اها به کيس خبر ناهي ڇا ته) گنهگارن کي سندن گناهن سببان (هڪدم ۽ بروقت) پڇا ڪانه ڪبي آهي (بلڪ کين مهلت ڏبي آهي ۽ نه مڙندا آهن ته پوءِ کين ڪنڌ ڀر ڪيرائبو آهي.) |
فَخَرَجَ عَلىٰ قَومِهِ فى زينَتِهِ قالَ الَّذينَ يُريدونَ الحَيوٰةَ الدُّنيا يٰلَيتَ لَنا مِثلَ ما أوتِىَ قٰرونُ إِنَّهُ لَذو حَظٍّ عَظيمٍ (آيت : 79) |
سو (هڪڙي ڏينهن) اهو قارون وڏي دٻدٻي (۽ آڪڙ ۽ تجمل) سان پنهنجي قوم جي ماڻهن جي سامهون آيو. (سندس ظاهري تجمل ڏسي) انهن ماڻهن جيڪي هن دنيا جي زندگيءَ (جي ڏيک ويک) کي چاهيندا آهن، چيو ته، هاءِ هاءِ! جيڪر اسان کي اهڙي دولت ملي ها جهڙي قارون کي ملي آهي (ته ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها) يقيناً هو وڏي ڀاڳ وارو ۽ خوشنصيب آهي. |
وَقالَ الَّذينَ أوتُوا العِلمَ وَيلَكُم ثَوابُ اللَّهِ خَيرٌ لِمَن ءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا وَلا يُلَقّىٰها إِلَّا الصّٰبِرونَ (آيت : 80) |
پر جيڪي ماڻهو علم وارا هئا تن (انهن ماڻهن کي) چئي ڏنو ته افسوس اوهان جي حال تي (متان مصيبت پوي اوهان تي، اوهان هيترو به نٿا ڄاڻو ته) الله تعاليٰ وٽان جيڪي (نعمتون) انعام ۾ ملن ٿيون سي گهڻو بهتر آهن انهن ماڻهن لاءِ جيڪي (حقيقتن تي) ايمان ٿا رکن ۽ صالح عمل ٿا ڪن، پر اهي نعمتون فقط اهي ماڻهو حاصل ڪن ٿا جيڪي صبر ۽ ثابت قدميءَ سان (حق تي ۽ چڱاين ڪرڻ تي) قائم رهن ٿا. |
فَخَسَفنا بِهِ وَبِدارِهِ الأَرضَ فَما كانَ لَهُ مِن فِئَةٍ يَنصُرونَهُ مِن دونِ اللَّهِ وَما كانَ مِنَ المُنتَصِرينَ (آيت : 81) |
(قارون جو ايتري آڪڙ ڏيکاري) سو اسان هن کي ۽ سندس گهر کي زمين ۾ پوري ڇڏيو، ۽ ڪابه جماعت ڪانه هئي جا هن کي الله جي مقابلي ۾ مدد ڪري سگهي ها، نڪي هو پاڻ کي بچائي سگهيو. |
وَأَصبَحَ الَّذينَ تَمَنَّوا مَكانَهُ بِالأَمسِ يَقولونَ وَيكَأَنَّ اللَّهَ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَيَقدِرُ لَولا أَن مَنَّ اللَّهُ عَلَينا لَخَسَفَ بِنا وَيكَأَنَّهُ لا يُفلِحُ الكٰفِرونَ (آيت : 82) |
۽ جيڪي ماڻهو ڪالهه سندس پوزيشن ۽ ظاهري شاندار حالت جا خواهشمند ٿيا هئا سي هاڻي چوڻ لڳا ته يقيناً الله ئي آهي جو پنهنجي بندن مان جنهن کي چاهي تنهن جو رزق ڪشادو ڪري ۽ جنهن لاءِ وڻيس تنهن لاءِ تنگ ڪري. جيڪڏهن اسان تي الله جو احسان نه هجي ها ته اسان کي به زمين ۾ پوري ڇڏي ها. يقيناً معلوم ٿو ٿئي ته ڪافر ڪڏهن به ڪامياب ڪونه ٿيندا. |
تِلكَ الدّارُ الءاخِرَةُ نَجعَلُها لِلَّذينَ لا يُريدونَ عُلُوًّا فِى الأَرضِ وَلا فَسادًا وَالعٰقِبَةُ لِلمُتَّقينَ (آيت : 83) |
اهو آخرت جو گهر (يعني جنت) اسان انهن ماڻهن لاءِ تيار ڪري رکيو آهي جيڪي زمين تي هٺ وڏائي، ظلم ۽ فساد ۽ بگاڙو نٿا چاهين، ۽ (ياد رکو ته) چڱي پڇاڙي فقط انهن جي لاءِ آهي جيڪي گناهن کان پرهيز ڪندڙ آهن (۽ نيڪ عمل ڪندڙ آهن). |
مَن جاءَ بِالحَسَنَةِ فَلَهُ خَيرٌ مِنها وَمَن جاءَ بِالسَّيِّئَةِ فَلا يُجزَى الَّذينَ عَمِلُوا السَّيِّـٔاتِ إِلّا ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 84) |
جيڪو نيڪيءَ سان ايندو (يعني جنهن نيڪيون ڪيون هونديون) تنهن کي ان کان بهتر انعام ملندو، پر جيڪڏهن ڪو برائي سان ايندو (يعني جنهن برائيون ڪيون هونديون) ته پوءِ جن برائيو ڪيون هونديون تن کي فقط اوتري قدر سزا ملندي جيتري قدر هن برا عمل ڪيا هوندا. |
إِنَّ الَّذى فَرَضَ عَلَيكَ القُرءانَ لَرادُّكَ إِلىٰ مَعادٍ قُل رَبّى أَعلَمُ مَن جاءَ بِالهُدىٰ وَمَن هُوَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 85) |
يقين رک ته جنهن (خدا) توتي قرآن (جا حڪم) فرض ڪيا آهن سوئي توکي موٽڻ واري جاءِ ڏي موٽائي آڻيندو. تون (کليو کلايو) چئو ته، منهنجو پروردگار خوب ڄاڻي ٿو ته ڪير (خدا وٽان) هدايت يعني سچو دين کڻي آيو آهي (جنهن تي پاڻ به عمل ڪري ٿو ۽ ٻين کي به سيکاري ٿو) ۽ خوب ڄاڻي ٿو ته ڪير ظاهرظهور چٽي گمراهيءَ ۾ آهي. |
وَما كُنتَ تَرجوا أَن يُلقىٰ إِلَيكَ الكِتٰبُ إِلّا رَحمَةً مِن رَبِّكَ فَلا تَكونَنَّ ظَهيرًا لِلكٰفِرينَ (آيت : 86) |
۽ (اي پيغمبر!) توکي ڪابه اميد يا آسرو ڪونه هو ته ڪو (توکي ڪامياب ڪرڻ لاءِ) توڏي (سچي راهه ڏيکارڻ وارو) ڪتاب موڪليو ويندو پر اها فقط تنهنجي پروردگار جي رحمت آهي (جو توڏي اهو ڪتاب موڪليو ويو آهي) تنهن ڪري تون ڪنهن به صورت ۾ ڪافرن لاءِ (سندن ڪفر جي ڪمن ۾) مددگار نه ٿجانءِ. |
وَلا يَصُدُّنَّكَ عَن ءايٰتِ اللَّهِ بَعدَ إِذ أُنزِلَت إِلَيكَ وَادعُ إِلىٰ رَبِّكَ وَلا تَكونَنَّ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 87) |
۽ هي ضروري آهي ته ڪابه ڳالهه توکي خدا جي آيتن (۽ حڪمن تي عمل ڪرڻ ۽ تبليغ ڪرڻ) کان نه روڪي انهيءَ کان پوءِ جو توتي آيتون ۽ حڪم نازل ٿين ۽ (صبر ۽ استقامت سان ماڻهن کي) پنهنجي پروردگار ڏانهن سڏيندو رهه، ۽ مشرڪن سان (سندن شرڪ جي ڪمن ۾) شامل نه ٿجانءِ. |
وَلا تَدعُ مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ كُلُّ شَيءٍ هالِكٌ إِلّا وَجهَهُ لَهُ الحُكمُ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 88) |
۽ الله سان گڏ ڪنهن به ٻئي معبود کي نه سڏجانءِ، (ڇو ته) هن (هڪ الله) کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود آهي ئي ڪونه! هر هڪ شيءِ (۽ هرهڪ جانور) فنا ٿيڻ وارو آهي سواءِ سندس ذات جي، بادشاهي فقط سندس آهي، ۽ (آخر) اوهان سڀني کي ڏانهس ئي موٽڻو آهي. |