طسم (آيت : 1) |
طٰسۗمّۗ |
تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ المُبينِ (آيت : 2) |
اِهي قرآن مبين جون آيتون آهن |
نَتلوا عَلَيكَ مِن نَبَإِ موسىٰ وَفِرعَونَ بِالحَقِّ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 3) |
اسين (هاڻي) توهان تي موسيٰ ۽ فرعون جي ڳالهه حق سان ان قوم لاءِ پڙهون ٿا جيڪي ايمان رکن ٿا |
إِنَّ فِرعَونَ عَلا فِى الأَرضِ وَجَعَلَ أَهلَها شِيَعًا يَستَضعِفُ طائِفَةً مِنهُم يُذَبِّحُ أَبناءَهُم وَيَستَحيۦ نِساءَهُم إِنَّهُ كانَ مِنَ المُفسِدينَ (آيت : 4) |
بيشڪ فرعون زمين (مصر) ۾ تڪبر ڪيو، ۽ پنهنجي اهل کي شيعو (هڪ گروه) بنايو جنهن انهن مان هڪ جماعت (بني اسرائيل) کي ڪمزور بنايو ٿي، انهن جي پٽن کي ذبح ڪيو ٿي ۽ انهن جي نياڻين کي زنده ڇڏيو ٿي، بيشڪ اهو (فرعون) فسادين مان هو |
وَنُريدُ أَن نَمُنَّ عَلَى الَّذينَ استُضعِفوا فِى الأَرضِ وَنَجعَلَهُم أَئِمَّةً وَنَجعَلَهُمُ الوٰرِثينَ (آيت : 5) |
اسان فرمايو ته اسان انهن ماڻهن تي احسان ڪريون جيڪي زمين ۾ضعيف هئا ۽ اسان انهن کي امام بنايون ۽ اسان انهن کي وارث بنايون |
وَنُمَكِّنَ لَهُم فِى الأَرضِ وَنُرِىَ فِرعَونَ وَهٰمٰنَ وَجُنودَهُما مِنهُم ما كانوا يَحذَرونَ (آيت : 6) |
۽ اسين انهن کي زمين ۾ مضبوط بنايون ۽ اسان فرعون ۽ هامان ۽ سندن لشڪر کي انهن مان اهو ڏيکاريو جنهن کان اهي خوف ڪندا هئا |
وَأَوحَينا إِلىٰ أُمِّ موسىٰ أَن أَرضِعيهِ فَإِذا خِفتِ عَلَيهِ فَأَلقيهِ فِى اليَمِّ وَلا تَخافى وَلا تَحزَنى إِنّا رادّوهُ إِلَيكِ وَجاعِلوهُ مِنَ المُرسَلينَ (آيت : 7) |
۽ اسان موسيٰ جي والده ڏانهن الهام ڪيو ته تون ان (موسيٰ) کي کير پيار، پوءِ جنهن وقت توکي ان جو خوف ٿئي، پوءِ تون ان کي نيل درياءَ ۾ اُڇلاءِ ۽ تون (ڪو) خوف ۽ ڏک نه ڪر، اسين ان (موسيٰ) کي تو ڏانهن واپس ڪنداسين، ۽ اسين ان کي رسولن مان ڪنداسين |
فَالتَقَطَهُ ءالُ فِرعَونَ لِيَكونَ لَهُم عَدُوًّا وَحَزَنًا إِنَّ فِرعَونَ وَهٰمٰنَ وَجُنودَهُما كانوا خٰطِـٔينَ (آيت : 8) |
پوءِ ان (موسيٰ) کي فرعون جي گھر وارن لڌو، نتيجو اهو نڪتو ته اهو سندن دشمن ۽ ڏک جو سبب بنيو. بيشڪ فرعون ۽ هامان ۽ سندن لشڪر گنهگار هئا |
وَقالَتِ امرَأَتُ فِرعَونَ قُرَّتُ عَينٍ لى وَلَكَ لا تَقتُلوهُ عَسىٰ أَن يَنفَعَنا أَو نَتَّخِذَهُ وَلَدًا وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 9) |
۽ فرعون جي گھر واري (بيبي آسيه) چيو هيءُ (موسيٰ) منهنجي ۽ تنهنجي اکين جو ٺار ٿيندو، ان کي قتل نه ڪريو، شايد (اهو) اسان کي نفعو ڏي يا اسين ان کي پٽ بنايون، ۽ اهي نه ٿي سمجھيا |
وَأَصبَحَ فُؤادُ أُمِّ موسىٰ فٰرِغًا إِن كادَت لَتُبدى بِهِ لَولا أَن رَبَطنا عَلىٰ قَلبِها لِتَكونَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 10) |
۽ صبح جي وقت موسيٰ جي ماءُ جي دل ۾ بي قراري پيدا ٿي، بيشڪ ويجھو هو جو اُها اِهو راز ظاهر ڪري ها جيڪڏهن اسين سندس دل مضبوط نه ڪريون ها، ان لاءِ ته اها يقين ڪندڙن مان ٿي پئي |
وَقالَت لِأُختِهِ قُصّيهِ فَبَصُرَت بِهِ عَن جُنُبٍ وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 11) |
۽ (حضرت) موسيٰ جي والده، (حضرت) موسيٰ جي ڀيڻ کي چيو ته موسيٰ جي خبرچار معلوم ڪر، پوءِ ان موسيٰ کي پري کان ڏٺو ۽ اهي بي خبر هئا |
وَحَرَّمنا عَلَيهِ المَراضِعَ مِن قَبلُ فَقالَت هَل أَدُلُّكُم عَلىٰ أَهلِ بَيتٍ يَكفُلونَهُ لَكُم وَهُم لَهُ نٰصِحونَ (آيت : 12) |
۽ اسان پهرين کان موسيٰ تي دَائِيُنِ جو کير پيئڻ ممنوع ڪري ڇڏيو، پوءِ (سندس ڀيڻ) چيو ڇا آئون توهان کي اهڙي گھر وارن جو ڏس نه ڏيان جيڪي انهي ٻار کي سنڀالن ۽ اهي انهيءَ لاءِ خيرخواه هجن |
فَرَدَدنٰهُ إِلىٰ أُمِّهِ كَى تَقَرَّ عَينُها وَلا تَحزَنَ وَلِتَعلَمَ أَنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 13) |
پوءِ اسان موسيٰ کي ان جي ماءُ ڏانهن موٽايو ان لاءِ ته سندس نيڻ ٺَرَن ۽ پاڻ ڏک نه ڪري ۽ کيس معلوم ٿئي ته بيشڪ الله تعالى جو وعدو سچو آهي، پر اڪثر ماڻهو انهن مان نٿا ڄاڻن |
وَلَمّا بَلَغَ أَشُدَّهُ وَاستَوىٰ ءاتَينٰهُ حُكمًا وَعِلمًا وَكَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 14) |
۽ جڏهن (حضرت موسيٰ) پنهنجي جواني کي پهتو ۽ سندس سمجھه مڪمل ٿي، اسان ان کي نبوت ۽ علم عطا ڪيو ۽ اهڙي طرح اسين نيڪوڪارن کي جزا ڏيون ٿا |
وَدَخَلَ المَدينَةَ عَلىٰ حينِ غَفلَةٍ مِن أَهلِها فَوَجَدَ فيها رَجُلَينِ يَقتَتِلانِ هٰذا مِن شيعَتِهِ وَهٰذا مِن عَدُوِّهِ فَاستَغٰثَهُ الَّذى مِن شيعَتِهِ عَلَى الَّذى مِن عَدُوِّهِ فَوَكَزَهُ موسىٰ فَقَضىٰ عَلَيهِ قالَ هٰذا مِن عَمَلِ الشَّيطٰنِ إِنَّهُ عَدُوٌّ مُضِلٌّ مُبينٌ (آيت : 15) |
۽ (حضرت موسيٰ) ان وقت شهر ۾ داخل ٿيو جڏهن اتي جا رهاڪو ٻِنپهرن جي ننڊ ۾ هئا. پوءِ پاڻ ان شهر ۾ ٻن ماڻهن کي وڙهندي ڏٺو، (انهن مان هڪ) سندس گروه جو هو ۽ ٻيو سندس دشمنن مان هو، پوءِ سندس گروه واري موسيٰ کان پنهنجي دشمن لاءِ مدد گھري، پوءِ موسيٰ ان کي ٺونشو هنيو پوءِ سندس ڪم پورو ڪيائين، موسيٰ چيو هي شيطاني ڪم آهي، بيشڪ اهو دشمن ۽ صاف گمراه ڪندڙ آهي |
قالَ رَبِّ إِنّى ظَلَمتُ نَفسى فَاغفِر لى فَغَفَرَ لَهُ إِنَّهُ هُوَ الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 16) |
موسيٰ عرض ڪيو اي منهنجا رب بيشڪ مون پنهنجي نفس تي زيادتي ڪئي آهي پوءِ تون مون کي بخش ڪر پوءِ الله تعالى کيس بخش فرمايو، بيشڪ اهو ئي بخشيندڙ ٻاجھارو آهي |
قالَ رَبِّ بِما أَنعَمتَ عَلَىَّ فَلَن أَكونَ ظَهيرًا لِلمُجرِمينَ (آيت : 17) |
(حضرت) موسيٰ عرض ڪيو اي منهنجا رب تو مون تي نعمت ڪئي آهي پوءِ آئون هرگز مجرمن جو مددگار نه ٿيندس |
فَأَصبَحَ فِى المَدينَةِ خائِفًا يَتَرَقَّبُ فَإِذَا الَّذِى استَنصَرَهُ بِالأَمسِ يَستَصرِخُهُ قالَ لَهُ موسىٰ إِنَّكَ لَغَوِىٌّ مُبينٌ (آيت : 18) |
پوءِ موسيٰ شهر ۾ صبح تائين ڊپ سان انتظار ڪيو، پوءِ موسيٰ اوچتو ان ماڻهو کي ڏٺو ته دانهون ڪري رهيو هو جنهن کانئس ڪالهه مدد ورتي هئي، موسيٰ ان کي چيو بيشڪ تون يقيناً صاف گمراه آهين |
فَلَمّا أَن أَرادَ أَن يَبطِشَ بِالَّذى هُوَ عَدُوٌّ لَهُما قالَ يٰموسىٰ أَتُريدُ أَن تَقتُلَنى كَما قَتَلتَ نَفسًا بِالأَمسِ إِن تُريدُ إِلّا أَن تَكونَ جَبّارًا فِى الأَرضِ وَما تُريدُ أَن تَكونَ مِنَ المُصلِحينَ (آيت : 19) |
پوءِ جڏهن موسيٰ ان ماڻهو کي پڪڙڻ جو ارادو ڪيو جيڪو انهن ٻنهيءَ جو دشمن هو (سندس گروه واري) چيو اي موسيٰ ڇا تون مون کي قتل ڪرڻ جو ارادو ڪرين ٿو جيئنڪ ڪالهه تو هڪ ماڻهو کي قتل ڪيو هو، تون ته زمين ۾ ڏاڍائي ڪندڙ آهين، ۽ تون اصلاح جو ارادو نٿو رکين |
وَجاءَ رَجُلٌ مِن أَقصَا المَدينَةِ يَسعىٰ قالَ يٰموسىٰ إِنَّ المَلَأَ يَأتَمِرونَ بِكَ لِيَقتُلوكَ فَاخرُج إِنّى لَكَ مِنَ النّٰصِحينَ (آيت : 20) |
۽ شهر جي پاسي کان هڪ ماڻهو ڊوڙندو آيو، اهو چوڻ لڳو اي موسيٰ بيشڪ مقتول جا وارث توهان کي قتل ڪرڻ جو مشورو ڪري رهيا آهن، توهان (فوراً) نڪري وڃو بيشڪ آئون توهان کي نصيحت ڪندڙ آهيان |
فَخَرَجَ مِنها خائِفًا يَتَرَقَّبُ قالَ رَبِّ نَجِّنى مِنَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 21) |
پوءِ خوف جي حالت ۾ (حضرت) موسيٰ اُتان انتظار سان نڪتو، عرض ڪيائين اي منهنجا رب تون مون کي ظالم قوم مان نجات عطا ڪر |
وَلَمّا تَوَجَّهَ تِلقاءَ مَديَنَ قالَ عَسىٰ رَبّى أَن يَهدِيَنى سَواءَ السَّبيلِ (آيت : 22) |
۽ (حضرت) موسيٰ جڏهن مدين (ڳوٺ) ڏانهن روانو ٿيو، پوءِ چيائين مون کي منهنجو رب جلد سڌو رستو ڏيکاريندو |
وَلَمّا وَرَدَ ماءَ مَديَنَ وَجَدَ عَلَيهِ أُمَّةً مِنَ النّاسِ يَسقونَ وَوَجَدَ مِن دونِهِمُ امرَأَتَينِ تَذودانِ قالَ ما خَطبُكُما قالَتا لا نَسقى حَتّىٰ يُصدِرَ الرِّعاءُ وَأَبونا شَيخٌ كَبيرٌ (آيت : 23) |
۽ پاڻ جڏهن مدين جي پاڻي (کوهه) وٽ پهتو ته اتي گھڻا ماڻهو پاڻي ڀري رهيا هئا. ۽ انهن کان علاوه (حضرت) موسيٰ کي ٻه عورتون مليون، جن پنهنجون ٻڪريون پري ڪري بيهاريون، موسيٰ چيو توهان پاڻي ڇو نه ٿيون پياريو، عورتن چيو اسين پاڻي نه پيارينديونسين جيستائين ڌراڙ نٿا پيارين، ۽ اسان جو والد پيرسن آهي |
فَسَقىٰ لَهُما ثُمَّ تَوَلّىٰ إِلَى الظِّلِّ فَقالَ رَبِّ إِنّى لِما أَنزَلتَ إِلَىَّ مِن خَيرٍ فَقيرٌ (آيت : 24) |
پوءِ (حضرت) موسيٰ انهن کي پاڻي پياريو، ان کان پوءِ پاڻ ڇَانوَ ۾ وڃي ويٺو، پوءِ دعا گھريائين ته اي منهنجا رب بيشڪ آئون تنهنجي موڪليل نعمتن جي اڳيان فقير آهيان |
فَجاءَتهُ إِحدىٰهُما تَمشى عَلَى استِحياءٍ قالَت إِنَّ أَبى يَدعوكَ لِيَجزِيَكَ أَجرَ ما سَقَيتَ لَنا فَلَمّا جاءَهُ وَقَصَّ عَلَيهِ القَصَصَ قالَ لا تَخَف نَجَوتَ مِنَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 25) |
پوءِ انهن ٻن عورتن مان هڪ ڪمال درجي جي حيا سان هلي آئي، ان چيو بيشڪ منهنجو پيءُ توهان کي ان لاءِ سڏي ٿو ته توهان کي اسان جي پاڻي پيارڻ جو اجورو ڏي. پوءِ جڏهن (حضرت) موسيٰ اتي پهتو ۽ سمورو قصو ان کي ٻُڌايو، عورتن جي والد چيو تون خوف نه ڪر، اسين توکي ظالمن جي قوم مان نجات ڏيون ٿا |
قالَت إِحدىٰهُما يٰأَبَتِ استَـٔجِرهُ إِنَّ خَيرَ مَنِ استَـٔجَرتَ القَوِىُّ الأَمينُ (آيت : 26) |
ٻنهي عورتن مان هڪ چيو ته اي منهنجا والد تون ان کي پگھار تي رک، بيشڪ اهو، جنهنکي تون پگھار تي رکندين سو نهايت طاقتور ۽ امين آهي |
قالَ إِنّى أُريدُ أَن أُنكِحَكَ إِحدَى ابنَتَىَّ هٰتَينِ عَلىٰ أَن تَأجُرَنى ثَمٰنِىَ حِجَجٍ فَإِن أَتمَمتَ عَشرًا فَمِن عِندِكَ وَما أُريدُ أَن أَشُقَّ عَلَيكَ سَتَجِدُنى إِن شاءَ اللَّهُ مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 27) |
(ٻن عورتن جي والد) چيو ته بيشڪ منهنجو هي ارادو آهي ته آئون تنهنجو نڪاح پنهنجي ٻنهي نياڻين مان هڪ سان ان شرط تي ڪريان ته تون مون وٽ اَٺَ (8) سال ٻڪريون چاريندين، پوءِ جيڪڏهن تو ڏَهَه (10) سال پورا ڪيا پوءِ اهي تنهنجي طرفان ٿيندا، ۽ منهنجو اهو ارادو ناهي ته آئون توکي تڪليف ۾ وجھان، عنقريب تون مون کي انشاءَالله صالحن مان لهندين |
قالَ ذٰلِكَ بَينى وَبَينَكَ أَيَّمَا الأَجَلَينِ قَضَيتُ فَلا عُدوٰنَ عَلَىَّ وَاللَّهُ عَلىٰ ما نَقولُ وَكيلٌ (آيت : 28) |
موسيٰ چيو اهو (وعدو) منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ آهي، جهڙن ٻن وقتن مان مون هڪ پورو ڪيو، پوءِ مون تي ڪا مَيار ناهي، ۽ الله تعالى اسان جي وعدي تي شاهد آهي |
فَلَمّا قَضىٰ موسَى الأَجَلَ وَسارَ بِأَهلِهِ ءانَسَ مِن جانِبِ الطّورِ نارًا قالَ لِأَهلِهِ امكُثوا إِنّى ءانَستُ نارًا لَعَلّى ءاتيكُم مِنها بِخَبَرٍ أَو جَذوَةٍ مِنَ النّارِ لَعَلَّكُم تَصطَلونَ (آيت : 29) |
پوءِ جڏهن (حضرت) موسيٰ مقرر مدو پورو ڪيو ۽ پنهنجي گھر وارن کي (مصر ڏانهن) سفر ڪرايو ته طور سينا جبل طرف باه کي ڏٺائين، موسيٰ پنهنجي گھر وارن کي چيو ته توهان اتي ويهو، بيشڪ مون باه ڏٺي آهي شايد آئون توهان لاءِ اتان (رستي جي) ڪا خبر آڻيان يا باه مان ٽانڊو آڻيان ته من توهان سردي کان بچي سگھو |
فَلَمّا أَتىٰها نودِىَ مِن شٰطِئِ الوادِ الأَيمَنِ فِى البُقعَةِ المُبٰرَكَةِ مِنَ الشَّجَرَةِ أَن يٰموسىٰ إِنّى أَنَا اللَّهُ رَبُّ العٰلَمينَ (آيت : 30) |
پوءِ جڏهن پاڻ باه وٽ پهتو ته کيس واديءَ جي سڄي پاسي، مبارڪ سر زمين ۾، مقدس وڻ مان پڪاريو ويو اي موسيٰ بيشڪ آئون ئي الله رب العالمين آهيان |
وَأَن أَلقِ عَصاكَ فَلَمّا رَءاها تَهتَزُّ كَأَنَّها جانٌّ وَلّىٰ مُدبِرًا وَلَم يُعَقِّب يٰموسىٰ أَقبِل وَلا تَخَف إِنَّكَ مِنَ الءامِنينَ (آيت : 31) |
۽ تون پنهنجي لٺ کي اڇلاءِ، پوءِ جڏهن موسيٰ ڏٺو ته اها چُري ٿي گوياڪ اِها هڪ وڏو نانگ هئي، موسيٰ پُٺي ڏئي روانو ٿيو ۽ پويان وري نه ڏٺائين، الله تعالى فرمايو اي موسيٰ تون سامهون ٿي ۽ خوف نه ڪر، بيشڪ تون امن وارو آهين |
اسلُك يَدَكَ فى جَيبِكَ تَخرُج بَيضاءَ مِن غَيرِ سوءٍ وَاضمُم إِلَيكَ جَناحَكَ مِنَ الرَّهبِ فَذٰنِكَ بُرهٰنانِ مِن رَبِّكَ إِلىٰ فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِ إِنَّهُم كانوا قَومًا فٰسِقينَ (آيت : 32) |
تون پنهنجي ساڄي هٿ کي پنهنجي جيب (گريبان) ۾ داخل ڪر، اهو بنا ڪنهن بيماري جي سفيد ۽ روشن ٿي نڪرندو، ۽ خوف ختم ڪرڻ لاءِ تون پنهنجو هٿ سيني تي رک، پوءِ اهي ٻه معجزا تنهنجي رب جي طرفان فرعون ۽ سندس لشڪر لاءِ آهن، بيشڪ اها گنهگار قوم هئي |
قالَ رَبِّ إِنّى قَتَلتُ مِنهُم نَفسًا فَأَخافُ أَن يَقتُلونِ (آيت : 33) |
(حضرت) موسيٰ عرض ڪيو اي منهنجا رب بيشڪ مون انهن مان هڪ ماڻهو کي قتل ڪيو آهي، پوءِ مون کي ڊپ آهي ته متان اهي مون کي قتل ڪن |
وَأَخى هٰرونُ هُوَ أَفصَحُ مِنّى لِسانًا فَأَرسِلهُ مَعِىَ رِدءًا يُصَدِّقُنى إِنّى أَخافُ أَن يُكَذِّبونِ (آيت : 34) |
۽ منهنجو ڀاءُ هارون آهي اهو مون کان وڌيڪ صاف ڳالهائيندڙ آهي پوءِ تون ان کي منهنجو مددگار ڪري موڪل ته اهو منهنجي تصديق ڪري، بيشڪ مون کي خوف آهي اهي مون کي ڪوڙو سمجھندا |
قالَ سَنَشُدُّ عَضُدَكَ بِأَخيكَ وَنَجعَلُ لَكُما سُلطٰنًا فَلا يَصِلونَ إِلَيكُما بِـٔايٰتِنا أَنتُما وَمَنِ اتَّبَعَكُمَا الغٰلِبونَ (آيت : 35) |
الله تعالى فرمايو آئون جلد تنهنجي ڀاءُ سان توکي مضبوط بنائيندس ۽ توهان ٻنهي کي حجت عطا ڪندس پوءِ اهي اسان جي نشانين سببان توهان تائين پهچي نه سگھندا، توهان ۽ توهان جا پيروي ڪندڙ غالب ٿيندا |
فَلَمّا جاءَهُم موسىٰ بِـٔايٰتِنا بَيِّنٰتٍ قالوا ما هٰذا إِلّا سِحرٌ مُفتَرًى وَما سَمِعنا بِهٰذا فى ءابائِنَا الأَوَّلينَ (آيت : 36) |
پوءِ جڏهن انهن وٽ (حضرت) موسيٰ اسان جي واضح نشانين سا تشريف فرما ٿيو (فرعونين) چيو ناهي هي مگر هٿرادو جادوگر ۽ اسان پنهنجي اڳين وڏن ۾ اهڙو ماڻهو نه ٻُڌو |
وَقالَ موسىٰ رَبّى أَعلَمُ بِمَن جاءَ بِالهُدىٰ مِن عِندِهِ وَمَن تَكونُ لَهُ عٰقِبَةُ الدّارِ إِنَّهُ لا يُفلِحُ الظّٰلِمونَ (آيت : 37) |
۽ موسيٰ چيو منهنجو رب وڌيڪ ڄاڻي ٿو جيڪو ٻانهو ان وٽان هدايت آڻي ٿو ۽ اهو وڌيڪ ڄاڻي ٿو ته چڱي آخرت ڪنهنجي ٿيندي، بيشڪ ظالم ڪامياب نٿا ٿين |
وَقالَ فِرعَونُ يٰأَيُّهَا المَلَأُ ما عَلِمتُ لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرى فَأَوقِد لى يٰهٰمٰنُ عَلَى الطّينِ فَاجعَل لى صَرحًا لَعَلّى أَطَّلِعُ إِلىٰ إِلٰهِ موسىٰ وَإِنّى لَأَظُنُّهُ مِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 38) |
۽ فرعون چيو اي منهنجا درباريو مون کي معلوم آهي ته مون کانسواءِ توهان جو ڪو معبود ناهي، پوءِ اي هامان تون مون لاءِ گاري مان پڪيون سرون پچاءِ پوءِ تون ان مان منهنجي لاءِ هڪ بلند مُنارو تعمير ڪر جيئن آئون موسيٰ جي معبود کي ڏسي سگھان ۽ بيشڪ مون کي يقين آهي ته اهو ڪوڙن مان آهي |
وَاستَكبَرَ هُوَ وَجُنودُهُ فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ وَظَنّوا أَنَّهُم إِلَينا لا يُرجَعونَ (آيت : 39) |
۽ فرعون ۽ سندس لشڪر ناحق زمين ۾ تڪبر ڪئي ۽ کين گمان هو ته بيشڪ اهي اسان ڏانهن نه موٽايا ويندا |
فَأَخَذنٰهُ وَجُنودَهُ فَنَبَذنٰهُم فِى اليَمِّ فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الظّٰلِمينَ (آيت : 40) |
پوءِ اسان فرعون ۽ سندس لشڪر کي پڪڙيو پوءِ اسان انهن کي درياءَ ۾ اڇلايو، پوءِ ڏسو ته ظالمن جي پڇاڙي ڪهڙي ٿئي ٿي |
وَجَعَلنٰهُم أَئِمَّةً يَدعونَ إِلَى النّارِ وَيَومَ القِيٰمَةِ لا يُنصَرونَ (آيت : 41) |
۽ اسان انهن کي جهنمين جو اڳواڻ بنايو جيڪي انهن کي باه ڏانهن سڏن ٿا، ۽ قيامت جي ڏينهن انهن جي مدد نه ڪئي ويندي |
وَأَتبَعنٰهُم فى هٰذِهِ الدُّنيا لَعنَةً وَيَومَ القِيٰمَةِ هُم مِنَ المَقبوحينَ (آيت : 42) |
۽ اسان انهن جي پويان هن دنيا جي حياتي ۾ لعنت موڪلي آهي، ۽ قيامت جي ڏينهن اهي تَڙيلن مان هوندا |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ مِن بَعدِ ما أَهلَكنَا القُرونَ الأولىٰ بَصائِرَ لِلنّاسِ وَهُدًى وَرَحمَةً لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 43) |
۽ بيشڪ اسان موسيٰ کي تورات عطا ڪيو ان کان پوءِ جو اسان پهريان ماڻهو هلاڪ ڪيا (اهو تورات) ماڻهن لاءِ حجت ۽ هدايت ۽ رحمت هو (ان لاءِ ته) مَن اهي نصيحت حاصل ڪن |
وَما كُنتَ بِجانِبِ الغَربِىِّ إِذ قَضَينا إِلىٰ موسَى الأَمرَ وَما كُنتَ مِنَ الشّٰهِدينَ (آيت : 44) |
اي رسولِ عربي توهان طور سينا تي مغرب جي پاسي نه هئا، جنهن وقت اسان موسيٰ سان گفتگو فرمائي ۽ توهان (ان وقت) حاضر نه هئا |
وَلٰكِنّا أَنشَأنا قُرونًا فَتَطاوَلَ عَلَيهِمُ العُمُرُ وَما كُنتَ ثاوِيًا فى أَهلِ مَديَنَ تَتلوا عَلَيهِم ءايٰتِنا وَلٰكِنّا كُنّا مُرسِلينَ (آيت : 45) |
در حقيقت (ان کان پوءِ) اسان گھڻيون اُمتون پيدا ڪيون، پوءِ انهن تي گھڻو زمانو گذري ويو، ۽ توهان شعيب جي قوم ۾ رهندڙ نه هئا (جو اسان انهن تي پنهنجون آيتون پڙهيون ٿي، پر اسان توهان کي پيغمبر ڪري موڪليو (۽ توهان کي انهن جو علم عطا ڪيوسين) |
وَما كُنتَ بِجانِبِ الطّورِ إِذ نادَينا وَلٰكِن رَحمَةً مِن رَبِّكَ لِتُنذِرَ قَومًا ما أَتىٰهُم مِن نَذيرٍ مِن قَبلِكَ لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 46) |
۽ توهان طور سينا جي ڪناري تي نه هئا جنهن وقت اسان (موسيٰ کي) پڪاريو پر توهان جي رب جي اها رحمت هئي (جو ان توهان کي علم عطا ڪيو) ان لاءِ ته توهان ان قوم کي ڊيڄاريو جن وٽ توهان کان اڳ ڪو پيغمبر نه آيو ته من اهي نصيحت حاصل ڪن |
وَلَولا أَن تُصيبَهُم مُصيبَةٌ بِما قَدَّمَت أَيديهِم فَيَقولوا رَبَّنا لَولا أَرسَلتَ إِلَينا رَسولًا فَنَتَّبِعَ ءايٰتِكَ وَنَكونَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 47) |
۽ جيڪڏهن مڪي وارن تي سندن بداعمالي سببان ڪو عذاب پهچي ها پوءِ (ضرور) چون ها ته اي اسان جا رب تو اسان ڏانهن ڇو نه ڪو پيغمبر موڪليو پوءِ اسين تنهنجي آيتن جي تابعداري ڪريون ها ۽ اسين مؤمنن مان هجون ها |
فَلَمّا جاءَهُمُ الحَقُّ مِن عِندِنا قالوا لَولا أوتِىَ مِثلَ ما أوتِىَ موسىٰ أَوَلَم يَكفُروا بِما أوتِىَ موسىٰ مِن قَبلُ قالوا سِحرانِ تَظٰهَرا وَقالوا إِنّا بِكُلٍّ كٰفِرونَ (آيت : 48) |
پوءِ جڏهن انهن وٽ اسان جي طرفان رسولِ عربي تشريف فرما ٿيو ته انهن چيو ڇو نه ان کي اهو ڏنو ويو جيڪو (حضرت) موسيٰ کي ڏنو ويو، ڇا انهن ان کان اڳ موسيٰ جي ڏنل (تورات) جو انڪار نه ڪيو هو؟ انهن چيو اهي ٻَئي جادو (قرآن ڪريم ۽ تورات) پاڻ ۾ متفق ٿيا آهن، ۽ انهن چيو بيشڪ اسين ٻنهي جا انڪاري آهيون |
قُل فَأتوا بِكِتٰبٍ مِن عِندِ اللَّهِ هُوَ أَهدىٰ مِنهُما أَتَّبِعهُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 49) |
رسولِ عربي توهان انهن کي چئو ته توهان الله تعالى وٽان ڪو اهڙو ڪتاب آڻيو جيڪو قرآن ڪريم ۽ تورات کان وڌيڪ هدايت ڏيندڙ هجي ته آئون انجي تابعداري ڪريان جيڪڏهن توهان سچا آهيو |
فَإِن لَم يَستَجيبوا لَكَ فَاعلَم أَنَّما يَتَّبِعونَ أَهواءَهُم وَمَن أَضَلُّ مِمَّنِ اتَّبَعَ هَوىٰهُ بِغَيرِ هُدًى مِنَ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 50) |
پوءِ اهي جيڪڏهن توهان جو چوڻ پورو ڪري نه سگھن ته پوءِ توهان سمجھو ته اهي پنهنجي سڌن جي تابعداري ڪن ٿا. ۽ ان شخص کان وڌيڪ ٻيو ڪير گمراه آهي جيڪو الله تعالى جي هدايت کانسواءِ پنهنجي سڌ جي تابعداري ڪري ٿو، بيشڪ الله تعالى ظالمن جي قوم کي هدايت نٿو ڏي |
وَلَقَد وَصَّلنا لَهُمُ القَولَ لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 51) |
۽ بيشڪ اسان قرآن ڪريم کي مسلسل نازل ڪيو ته من اهي نصيحت حاصل ڪن |
الَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ مِن قَبلِهِ هُم بِهِ يُؤمِنونَ (آيت : 52) |
اهي ماڻهو جن کي اسان قرآن ڪريم کان اڳ ۾ ڪتاب عطا ڪيو، اهي ان تي ايمان رکن ٿا |
وَإِذا يُتلىٰ عَلَيهِم قالوا ءامَنّا بِهِ إِنَّهُ الحَقُّ مِن رَبِّنا إِنّا كُنّا مِن قَبلِهِ مُسلِمينَ (آيت : 53) |
۽ جڏهن انهن جي سامهون قرآن ڪريم پڙهيو وڃي ٿو اهي چون ٿا اسان ان تي ايمان آندو بيشڪ اهو اسان جي رب جي طرفان حق آهي، بيشڪ اسين ان کان پهرئين تسليم ڪندڙ هئاسين |
أُولٰئِكَ يُؤتَونَ أَجرَهُم مَرَّتَينِ بِما صَبَروا وَيَدرَءونَ بِالحَسَنَةِ السَّيِّئَةَ وَمِمّا رَزَقنٰهُم يُنفِقونَ (آيت : 54) |
انهن کي سندن ٻيڻو ثواب عطا ڪيو ويندو، انهيءَ ڪري جو انهن صبر ڪيو ۽ انهن برائي کي ڀلائي سان دفع ڪيو ۽ جيڪي ڪجھه اسان انهن کي ڏنو ان مان خرچ ڪن ٿا |
وَإِذا سَمِعُوا اللَّغوَ أَعرَضوا عَنهُ وَقالوا لَنا أَعمٰلُنا وَلَكُم أَعمٰلُكُم سَلٰمٌ عَلَيكُم لا نَبتَغِى الجٰهِلينَ (آيت : 55) |
۽ اهي جڏهن بيهوده ڳالهيون ٻُڌن ٿا ته ان کان مُنهن ڦيرائن ٿا ۽ اهي چون ٿا اسان لاءِ اسان جا عمل آهن ۽ توهان لاءِ توهان جا عمل آهن، اسان جي طرفان توهان کي امن آهي، اسين جاهلن سان دوستي نٿا چاهيون |
إِنَّكَ لا تَهدى مَن أَحبَبتَ وَلٰكِنَّ اللَّهَ يَهدى مَن يَشاءُ وَهُوَ أَعلَمُ بِالمُهتَدينَ (آيت : 56) |
بيشڪ توهان (پنهنجي طرفان) پنهنجي پسند ڪيل کي هدايت نٿا ڏيو، پر الله تعالى جنهنکي چاهي هدايت ڏي ٿو، ۽ اهو هدايت وارن کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي |
وَقالوا إِن نَتَّبِعِ الهُدىٰ مَعَكَ نُتَخَطَّف مِن أَرضِنا أَوَلَم نُمَكِّن لَهُم حَرَمًا ءامِنًا يُجبىٰ إِلَيهِ ثَمَرٰتُ كُلِّ شَيءٍ رِزقًا مِن لَدُنّا وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 57) |
۽ (مڪه وارن) چيو جيڪڏهن اسين توهان سان گڏ هدايت تي هلياسين، (اسان کي انديشو آهي) ته عرب وارا اسان کي مڪه مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيندا، ڇا انهن کي اسان امن واري حرم ۾ جڳهه نه ڏني جتي هر قسم جا ميوا ڇِڪِجِي اچن ٿا جيڪي اسان جي طرفان کائڻ لاءِ کين ملن ٿا، پر انهن مان اڪثر نٿا ڄاڻن |
وَكَم أَهلَكنا مِن قَريَةٍ بَطِرَت مَعيشَتَها فَتِلكَ مَسٰكِنُهُم لَم تُسكَن مِن بَعدِهِم إِلّا قَليلًا وَكُنّا نَحنُ الوٰرِثينَ (آيت : 58) |
۽ اسان ڪيترائي ڳوٺ هلاڪ ڪيا جيڪي پنهنجي عيش جي زماني ۾ تڪبر ڪندا هئا، پوءِ اهي سندن گھر هئا جو انهن کان پوءِ انهن ۾ ڪو نه ٽڪيو مگر تمام ٿورا (ماڻهو)، ۽ اسين ئي وارث آهيون |
وَما كانَ رَبُّكَ مُهلِكَ القُرىٰ حَتّىٰ يَبعَثَ فى أُمِّها رَسولًا يَتلوا عَلَيهِم ءايٰتِنا وَما كُنّا مُهلِكِى القُرىٰ إِلّا وَأَهلُها ظٰلِمونَ (آيت : 59) |
۽ توهان جو رب ڳوٺاڻن کي هلاڪ ڪندڙ ناهي ايستائين جو ان (مڪه مڪرمه) ۾ رسولِ عربي کي موڪليو جيڪو انهن تي اسان جون آيتون پڙهي ٿو، ۽ اسين ڳوٺاڻن کي هلاڪ ڪندڙ ناهيون، مگر جڏهن ان ۾ رهندڙ ظالم هجن |
وَما أوتيتُم مِن شَيءٍ فَمَتٰعُ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَزينَتُها وَما عِندَ اللَّهِ خَيرٌ وَأَبقىٰ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 60) |
۽ توهان کي جيڪا شيءِ عطا ڪئي وڃي ٿي پوءِ (اها) دنيا جي حياتي جو سامان ۽ زينت آهي، ۽ جيڪو الله تعالى وٽ آهي اهو بهتر ۽ زياده بقا وارو آهي، ڇا پوءِ توهان نٿا سمجھو |
أَفَمَن وَعَدنٰهُ وَعدًا حَسَنًا فَهُوَ لٰقيهِ كَمَن مَتَّعنٰهُ مَتٰعَ الحَيوٰةِ الدُّنيا ثُمَّ هُوَ يَومَ القِيٰمَةِ مِنَ المُحضَرينَ (آيت : 61) |
ڇا پوءِ اهو (مؤمن) جنهن سان اسان بهشت جو وعدو ڪيو پوءِ اهو کيس ضرور ملندو، ان (مؤمن) جو مثال ان ڪافر جهڙو آهي جنهنکي دنيا جي سامان مان نفعو ڏنوسين ان کان پوءِ اهو قيامت جي ڏينهن (حساب لاءِ) حاضر ڪيلن مان هوندو |
وَيَومَ يُناديهِم فَيَقولُ أَينَ شُرَكاءِىَ الَّذينَ كُنتُم تَزعُمونَ (آيت : 62) |
قيامت جي ڏينهن الله تعالى انهن کي پڪاريندو پوءِ فرمائيندو منهنجا اهي شريڪ ڪٿي آهن جنهن لاءِ توهان جو گمان هو (ته اهي منهنجا شريڪ آهن) |
قالَ الَّذينَ حَقَّ عَلَيهِمُ القَولُ رَبَّنا هٰؤُلاءِ الَّذينَ أَغوَينا أَغوَينٰهُم كَما غَوَينا تَبَرَّأنا إِلَيكَ ما كانوا إِيّانا يَعبُدونَ (آيت : 63) |
اهي ماڻهو چوندا جن تي عذابِ الاهي ثابت ٿي چڪو هوندو، اي اسان جا رب هيءُ اُهي آهن جن کي اسان گمراه ڪيو، اسان برابر انهن کي گمراه ڪيو پر اهي پنهنجي مرضي سان گمراه ٿيا، اسين انهن کان بيزار ٿي تو ڏانهن موٽون ٿا، اهي اسان جي عبادت نه ڪندا هئا |
وَقيلَ ادعوا شُرَكاءَكُم فَدَعَوهُم فَلَم يَستَجيبوا لَهُم وَرَأَوُا العَذابَ لَو أَنَّهُم كانوا يَهتَدونَ (آيت : 64) |
انهن کي چيو ويندو ته توهان پنهنجي شريڪن کي سڏيو پوءِ اهي انهن کي سڏيندا، پوءِ اهي کين جواب نه ڏيندا ۽ اهي (سخت) عذاب ڏسندا، ڪاش! اهي هدايت وارا ٿين ها |
وَيَومَ يُناديهِم فَيَقولُ ماذا أَجَبتُمُ المُرسَلينَ (آيت : 65) |
الله تعالى قيامت جي ڏينهن انهن کي سڏيندو، پوءِ پاڻ فرمائيندو ته توهان رسولن کي ڪهڙو جواب ڏنو |
فَعَمِيَت عَلَيهِمُ الأَنباءُ يَومَئِذٍ فَهُم لا يَتَساءَلونَ (آيت : 66) |
پوءِ قيامت جي ڏينهن اهي ڪو دليل پيش ڪري نه سگھندا ۽ نه ئي اهي پاڻ ۾ هڪ ٻئي کان پڇي سگھندا |
فَأَمّا مَن تابَ وَءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَعَسىٰ أَن يَكونَ مِنَ المُفلِحينَ (آيت : 67) |
پر پوءِ جيڪو ماڻهو توبه تائب ٿيو ۽ ايمان آندائين ۽ نيڪ عمل ڪيائين، پوءِ اهو جلدي نجات وارن مان هوندو |
وَرَبُّكَ يَخلُقُ ما يَشاءُ وَيَختارُ ما كانَ لَهُمُ الخِيَرَةُ سُبحٰنَ اللَّهِ وَتَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 68) |
۽ توهان جو رب جنهنکي چاهي پيدا ڪري ۽ جنهنکي چاهي پسند ڪري، انهن کي ڪو اختيار ناهي، الله تعالى انهن جي شرڪ کان بلند ۽ پاڪ آهي |
وَرَبُّكَ يَعلَمُ ما تُكِنُّ صُدورُهُم وَما يُعلِنونَ (آيت : 69) |
۽ توهان جو رب اهو سڀ ڪجھه ڄاڻي ٿو جيڪو اهي پنهنجي سينن ۾ لڪائن ٿا ۽ جيڪو ظاهر ڪن ٿا |
وَهُوَ اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ لَهُ الحَمدُ فِى الأولىٰ وَالءاخِرَةِ وَلَهُ الحُكمُ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 70) |
۽ اهو ئي الله آهي، ناهي ڪو معبود مگر اهو، دنيا ۽ آخرت ۾ ان جي تعريف آهي، ۽ ان جو حڪم آهي ۽ توهان ان ڏانهن موٽايا ويندا |
قُل أَرَءَيتُم إِن جَعَلَ اللَّهُ عَلَيكُمُ الَّيلَ سَرمَدًا إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ مَن إِلٰهٌ غَيرُ اللَّهِ يَأتيكُم بِضِياءٍ أَفَلا تَسمَعونَ (آيت : 71) |
رسولِ عربي توهان انهن کي فرمايو توهان مون کي اها خبر ڏيو جيڪڏهن توهان لاءِ الله تعالى قيامت جي ڏينهن تائين هميشه هميشه رات پيدا ڪري، ڇا الله تعالى کانسواءِ ڪو معبود آهي جيڪو توهان لاءِ روشني آڻي، ڇا پوءِ توهان نٿا ٻُڌو |
قُل أَرَءَيتُم إِن جَعَلَ اللَّهُ عَلَيكُمُ النَّهارَ سَرمَدًا إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ مَن إِلٰهٌ غَيرُ اللَّهِ يَأتيكُم بِلَيلٍ تَسكُنونَ فيهِ أَفَلا تُبصِرونَ (آيت : 72) |
رسولِ عربي توهان انهن کي فرمايو ته توهان مون کي اها خبر ڏيو ته جيڪڏهن توهان لاءِ الله تعالى قيامت جي ڏينهن تائين هميشه هميشه ڏينهن پيدا ڪري، ڇا الله تعالى کانسواءِ ڪو معبود آهي جيڪو توهان لاءِ رات آڻي جنهن ۾ توهان آرام ڪريو، ڇا پوءِ توهان نٿا ڏسو |
وَمِن رَحمَتِهِ جَعَلَ لَكُمُ الَّيلَ وَالنَّهارَ لِتَسكُنوا فيهِ وَلِتَبتَغوا مِن فَضلِهِ وَلَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 73) |
۽ اها الله تعالى جي رحمت آهي، جو توهان لاءِ رات ۽ ڏينهن پيدا ڪيائين، ان لاءِ ته ان ۾ توهان آرام ڪريو ۽ الله تعالى جي فضل سان ڏينهن جو توهان روزگار طلب ڪريو ته من توهان شڪرگذار ٿيو |
وَيَومَ يُناديهِم فَيَقولُ أَينَ شُرَكاءِىَ الَّذينَ كُنتُم تَزعُمونَ (آيت : 74) |
۽ ان ڏينهن اهو انهن کي سڏيندو پوءِ فرمائيندو منهنجا اُهي شريڪ ڪٿي آهن، جن لاءِ توهان جو گمان هو (ته اهي منهنجا شريڪ آهن؟) |
وَنَزَعنا مِن كُلِّ أُمَّةٍ شَهيدًا فَقُلنا هاتوا بُرهٰنَكُم فَعَلِموا أَنَّ الحَقَّ لِلَّهِ وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 75) |
۽ هر گروه مان اسين هڪ گواه ڪڍنداسين، پوءِ اسين چونداسين ته توهان پنهنجا دليل آڻيو پوءِ اهي مڃيندا ته بيشڪ الله تعالى جو فرمان سچو آهي ۽ انهن کان اهو سڀ ضايع ٿي ويندو جيڪو پاڻ هٿرادو ٺاهيندا هئا |
إِنَّ قٰرونَ كانَ مِن قَومِ موسىٰ فَبَغىٰ عَلَيهِم وَءاتَينٰهُ مِنَ الكُنوزِ ما إِنَّ مَفاتِحَهُ لَتَنوأُ بِالعُصبَةِ أُولِى القُوَّةِ إِذ قالَ لَهُ قَومُهُ لا تَفرَح إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ الفَرِحينَ (آيت : 76) |
بيشڪ قارون، (حضرت) موسيٰ جي قوم مان هو، پوءِ ان پنهنجي قوم تي وڏائي جو اظهار ڪيو ۽ اسان ان کي ايترا ته خزانا ڏنا جو ان جو چاٻيون هڪ طاقتور جماعت کڻي هلندي هئي. جڏهن قارون کي سندس قوم چيو ته تون (پنهنجي دنيا تي) خوش نه ٿيءُ، بيشڪ الله تعالى (اهڙن) خوشي ڪندڙن کي پسند نٿو ڪري |
وَابتَغِ فيما ءاتىٰكَ اللَّهُ الدّارَ الءاخِرَةَ وَلا تَنسَ نَصيبَكَ مِنَ الدُّنيا وَأَحسِن كَما أَحسَنَ اللَّهُ إِلَيكَ وَلا تَبغِ الفَسادَ فِى الأَرضِ إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ المُفسِدينَ (آيت : 77) |
۽ توکي جيڪا ملڪيت الله تعالى ڏني آهي ان جي عيوض آخرت جو گھر طلب ڪر ۽ تون دنيا ۾ نيڪ عمل ڪرڻ نه ڇڏ ۽ تون (الله جي مخلوق سان) احسان ڪر جيئن الله تعالى تو سان احسان ڪيو آهي ۽ تون زمين ۾ فساد طلب نه ڪر، بيشڪ الله تعالى فسادين سان محبت نٿو رکي |
قالَ إِنَّما أوتيتُهُ عَلىٰ عِلمٍ عِندى أَوَلَم يَعلَم أَنَّ اللَّهَ قَد أَهلَكَ مِن قَبلِهِ مِنَ القُرونِ مَن هُوَ أَشَدُّ مِنهُ قُوَّةً وَأَكثَرُ جَمعًا وَلا يُسـَٔلُ عَن ذُنوبِهِمُ المُجرِمونَ (آيت : 78) |
قارون چيو خزانو مون کي منهنجي پنهنجي علم سان مليو آهي، ڇا کيس هي معلوم نه هو ته بيشڪ الله تعالى ئي ان کان اڳ ۾ ڪيتريون قومون هلاڪ ڪيون، جيڪي قوت ۽ جماعت ۾ ان کان وڌيڪ هيون ۽ گنهگارن کان سندن گناهن بابت نه پڇيو ويندو (ڇو ته الله تعالى کي سڀ معلوم آهي) |
فَخَرَجَ عَلىٰ قَومِهِ فى زينَتِهِ قالَ الَّذينَ يُريدونَ الحَيوٰةَ الدُّنيا يٰلَيتَ لَنا مِثلَ ما أوتِىَ قٰرونُ إِنَّهُ لَذو حَظٍّ عَظيمٍ (آيت : 79) |
پوءِ قارون (شان شوڪت سان) پنهنجي قوم جي اڳيان سنڀري تيار ٿي آيو، جن ماڻهن دنيا جي حياتي طلب ڪئي ٿي، انهن چيو ڪاش اسان کي اوتري ملڪيت ملي ها جيڪا قارون کي ملي آهي، بيشڪ اهو وڏي نصيب وارو آهي |
وَقالَ الَّذينَ أوتُوا العِلمَ وَيلَكُم ثَوابُ اللَّهِ خَيرٌ لِمَن ءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا وَلا يُلَقّىٰها إِلَّا الصّٰبِرونَ (آيت : 80) |
۽ جيڪي ماڻهو صاحبِ علم هئا اُنهن اِنهن کي چيو توهان ويل ۾ پؤ، الله تعالى جو ثواب ان ماڻهو لاءِ بهتر آهي جنهن ايمان آندو ۽ عمل صالح ڪيا، ۽ اهو فقط صبر ڪندڙن کي ملي ٿو |
فَخَسَفنا بِهِ وَبِدارِهِ الأَرضَ فَما كانَ لَهُ مِن فِئَةٍ يَنصُرونَهُ مِن دونِ اللَّهِ وَما كانَ مِنَ المُنتَصِرينَ (آيت : 81) |
پوءِ اسان قارون ۽ سندس دولت کي زمين ۾ ڳِهرائي ڇڏيو، پوءِ ان لاءِ اهڙي ڪا به جماعت نه هئي جيڪا الله تعالى کانسواءِ سندس مدد ڪري سگھي، ۽ نه وري اهو پاڻ، پاڻ کي (عذابِ الاهي کان) بچائي سگھيو |
وَأَصبَحَ الَّذينَ تَمَنَّوا مَكانَهُ بِالأَمسِ يَقولونَ وَيكَأَنَّ اللَّهَ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَيَقدِرُ لَولا أَن مَنَّ اللَّهُ عَلَينا لَخَسَفَ بِنا وَيكَأَنَّهُ لا يُفلِحُ الكٰفِرونَ (آيت : 82) |
۽ ڪالهه جن ماڻهن قارون جي دولت جهڙي گھُر ڪئي هئي اهي چوڻ لڳا (اسان کي) عجب آهي، الله تعالى پنهنجي ٻانهن مان جنهن لاءِ چاهي رزق گھڻو ڪري ٿو ۽ گھٽ ڪري ٿو. جيڪڏهن اسان کي دولت ملي ها ته اسان کي به ڳِهرائي ها، ۽ عجب آهي بيشڪ ڪافرن کي نجات نٿي ملي |
تِلكَ الدّارُ الءاخِرَةُ نَجعَلُها لِلَّذينَ لا يُريدونَ عُلُوًّا فِى الأَرضِ وَلا فَسادًا وَالعٰقِبَةُ لِلمُتَّقينَ (آيت : 83) |
اهو بهشت (جنهنجي توهان خبر ٻُڌي آهي) اِهو اسان انهن ماڻهن لاءِ بنايو آهي جيڪي زمين ۾ تڪبر ۽ فساد جو ارادو نٿا ڪن، ۽ پرهيزگارن لاءِ سهڻي پڇاڙي (جنت) آهي |
مَن جاءَ بِالحَسَنَةِ فَلَهُ خَيرٌ مِنها وَمَن جاءَ بِالسَّيِّئَةِ فَلا يُجزَى الَّذينَ عَمِلُوا السَّيِّـٔاتِ إِلّا ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 84) |
جيڪو ماڻهو (قيامت جي ڏينهن) نيڪي آڻيندو ان لاءِ ان کان زياده ثواب هوندو، ۽ جيڪو ماڻهو برائي آڻيندو، پوءِ گنهگارن کي سندن ڪيل گناهن کان زياده سزا نه ڏني ويندي |
إِنَّ الَّذى فَرَضَ عَلَيكَ القُرءانَ لَرادُّكَ إِلىٰ مَعادٍ قُل رَبّى أَعلَمُ مَن جاءَ بِالهُدىٰ وَمَن هُوَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 85) |
بيشڪ جنهن توهان تي قرآن ڪريم نازل فرمايو آهي اهو ئي توهان کي توهان جي اصل وطن (مڪه مڪرمه) ۾ موٽائيندو. توهان فرمايو منهنجو رب ان ماڻهوءَ کي وڌيڪ ڄاڻي ٿو جيڪو هدايت سان اچي ٿو ۽ جيڪو ماڻهو صاف گمراهي ۾ آهي |
وَما كُنتَ تَرجوا أَن يُلقىٰ إِلَيكَ الكِتٰبُ إِلّا رَحمَةً مِن رَبِّكَ فَلا تَكونَنَّ ظَهيرًا لِلكٰفِرينَ (آيت : 86) |
۽ توهان کي اها اميد نه هئي ته توهان ڏانهن قرآن ڪريم وحي ڪيو ويندو پر اها توهان جي رب جي طرفان عظيم رحمت آهي پوءِ توهان (اي ٻڌندڙ) هرگز ڪافرن جا مددگار نه ٿيو |
وَلا يَصُدُّنَّكَ عَن ءايٰتِ اللَّهِ بَعدَ إِذ أُنزِلَت إِلَيكَ وَادعُ إِلىٰ رَبِّكَ وَلا تَكونَنَّ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 87) |
۽ اهي توهان کي هرگز الله جي آيتن کان نه روڪين، ان کان پوءِ جو اهي توهان ڏانهن وحي ڪيون وڃن ٿيون ۽ (انهن کي) پنهنجي رب ڏانهن پڪاريو ۽ توهان مشرڪن جا مددگار نه ٿيو |
وَلا تَدعُ مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ كُلُّ شَيءٍ هالِكٌ إِلّا وَجهَهُ لَهُ الحُكمُ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 88) |
۽ الله تعالى سان گڏ ٻِئي معبود جي عبادت نه ڪريو، ناهي ڪو معبود مگر اهو، ان جي ذاتِ اقدس کانسواءِ هر شيءِ فاني آهي (مخلوق ۾) ان جو حڪم هلي ٿو، ۽ توهان کي ان ڏانهن موٽايو ويندو |