طسم (آيت : 1) |
طٰسٓمٓ |
تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ المُبينِ (آيت : 2) |
هي چٽي ڪتاب جون آيتون آهن. |
نَتلوا عَلَيكَ مِن نَبَإِ موسىٰ وَفِرعَونَ بِالحَقِّ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 3) |
اسين توکي مؤمن ٽوليءَ لاءِ سچيءَ طرح ڪجهه موسيٰ ۽ فرعون جون خبرون ٻڌايون ٿا. |
إِنَّ فِرعَونَ عَلا فِى الأَرضِ وَجَعَلَ أَهلَها شِيَعًا يَستَضعِفُ طائِفَةً مِنهُم يُذَبِّحُ أَبناءَهُم وَيَستَحيۦ نِساءَهُم إِنَّهُ كانَ مِنَ المُفسِدينَ (آيت : 4) |
بيشڪ فرعون ملڪ ۾ آڪڙ ڪئي هئي ۽ سندس رهاڪن کي ٽوليون ٽوليون بنايو هئائين، جو منجهان هڪ ٽوليءَ کي هيڻو ڪيو هئائين، جو سندن پٽن کي ڪُهندو هو، ۽ ڌيئرن کي جيئرو ڇڏيندو هو، بيشڪ اهو فسادي هو. |
وَنُريدُ أَن نَمُنَّ عَلَى الَّذينَ استُضعِفوا فِى الأَرضِ وَنَجعَلَهُم أَئِمَّةً وَنَجعَلَهُمُ الوٰرِثينَ (آيت : 5) |
۽ اسان ارادو ڪيو، ته انهن تي احسان ڪريون جن کي ملڪ ۾ هيڻو بنايو ويو هو_ جو انهن کي سردار بنايون ۽ کين (فرعونين) جو وارث بنايون. |
وَنُمَكِّنَ لَهُم فِى الأَرضِ وَنُرِىَ فِرعَونَ وَهٰمٰنَ وَجُنودَهُما مِنهُم ما كانوا يَحذَرونَ (آيت : 6) |
۽ کين ملڪ ۾ حڪومت ڏيون ۽ فرعون ۽ هامان ۽ سندن لشڪرن کي اهو (انقلاب) ڏيکاريون، جنهن کان ڊڄندا هئا. |
وَأَوحَينا إِلىٰ أُمِّ موسىٰ أَن أَرضِعيهِ فَإِذا خِفتِ عَلَيهِ فَأَلقيهِ فِى اليَمِّ وَلا تَخافى وَلا تَحزَنى إِنّا رادّوهُ إِلَيكِ وَجاعِلوهُ مِنَ المُرسَلينَ (آيت : 7) |
اسان موسيٰ جي ماءُ کي حڪم ڪيو ته، ”کيس ٿڃ پيار- پوءِ جڏهن تون هن بابت ڊڄين، تڏهن کيس درياءَ ۾ اڇلج ۽ نڪي ڊڄج، نڪي غمگين ٿج، بيشڪ اسين ان کي تو ڏانهن ئي موٽائينداسون ۽ کيس رسول بنائينداسون.“ |
فَالتَقَطَهُ ءالُ فِرعَونَ لِيَكونَ لَهُم عَدُوًّا وَحَزَنًا إِنَّ فِرعَونَ وَهٰمٰنَ وَجُنودَهُما كانوا خٰطِـٔينَ (آيت : 8) |
پوءِ فرعون وارن کيس جهٽيو، ته هو انهن لاءِ (نيٺ) دشمن ۽ ڏک بنجي_ بيشڪ فرعون ۽ هامان ۽ سندس لشڪر خطاڪار هئا. |
وَقالَتِ امرَأَتُ فِرعَونَ قُرَّتُ عَينٍ لى وَلَكَ لا تَقتُلوهُ عَسىٰ أَن يَنفَعَنا أَو نَتَّخِذَهُ وَلَدًا وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 9) |
۽ فرعون جي زال چيو، ته ”هي مون ۽ تولاءِ اکين جو ٺار آهي، هن کي نه ماريو، شايد هي اسان کي فائدو ڏئي، يا اسين کيس پُٽ بنايون،_ ۽ هنن کي سندس پروڙ ڪا نه هئي. |
وَأَصبَحَ فُؤادُ أُمِّ موسىٰ فٰرِغًا إِن كادَت لَتُبدى بِهِ لَولا أَن رَبَطنا عَلىٰ قَلبِها لِتَكونَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 10) |
۽ موسيٰ جي ماءُ جي دل اچي بيقرار ٿي_ هوءَ انهي ڳالهه کي پڌرو ڪرڻ تي هئي، جي اسين سندس دل تي بندش نه ڪريو ن ها، ان لاءِ ته وسهندڙ ٿئي. |
وَقالَت لِأُختِهِ قُصّيهِ فَبَصُرَت بِهِ عَن جُنُبٍ وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 11) |
هن موسيٰ جي ڀيڻ کي چيو ته، ”سندس پير کڻ،“ پوءِ هوءَ پري کان کيس ڏسندي رهي ۽ هنن کي پروڙ ڪا نه هئي. |
وَحَرَّمنا عَلَيهِ المَراضِعَ مِن قَبلُ فَقالَت هَل أَدُلُّكُم عَلىٰ أَهلِ بَيتٍ يَكفُلونَهُ لَكُم وَهُم لَهُ نٰصِحونَ (آيت : 12) |
هُن (جي وٽن اچڻ) کان اڳ مٿس داين جو کير حرام ڪري ڇڏيوسون_ پوءِ هن اچي چَيُن ”آءُ اوهان کي اهڙا گهر وارا ڏسيان، جي سندس سنڀال ڪن ۽ اهي سندس گهڻگهرا هجن؟“ |
فَرَدَدنٰهُ إِلىٰ أُمِّهِ كَى تَقَرَّ عَينُها وَلا تَحزَنَ وَلِتَعلَمَ أَنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 13) |
ان طرح کيس سندس ماءُ ڏي موٽايوسون، ته سندس اکيون ٺرن ۽ غمگين نه ٿئي ۽ خبر پويس، ته بيشڪ الله جو وعدو سچو آهي، پر گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن. |
وَلَمّا بَلَغَ أَشُدَّهُ وَاستَوىٰ ءاتَينٰهُ حُكمًا وَعِلمًا وَكَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 14) |
۽ جنهن وقت هو جوان پختو ٿيو، تڏهن اسان کيس دانائي ۽ علم ڏنو ۽ اهڙيءَ طرح اسين ڀلارن کي چڱو بدلو ڏيندا آهيون. |
وَدَخَلَ المَدينَةَ عَلىٰ حينِ غَفلَةٍ مِن أَهلِها فَوَجَدَ فيها رَجُلَينِ يَقتَتِلانِ هٰذا مِن شيعَتِهِ وَهٰذا مِن عَدُوِّهِ فَاستَغٰثَهُ الَّذى مِن شيعَتِهِ عَلَى الَّذى مِن عَدُوِّهِ فَوَكَزَهُ موسىٰ فَقَضىٰ عَلَيهِ قالَ هٰذا مِن عَمَلِ الشَّيطٰنِ إِنَّهُ عَدُوٌّ مُضِلٌّ مُبينٌ (آيت : 15) |
۽ هو شهر ۾ سندس رهاڪن جي بي خبريءَ وقت گهڙيو، ته اتي ٻه شخص وڙهندا ڏٺائين، هي هڪڙو هو سندس قوم مان ۽ ٻيو سندس دشمنن جي قوم مان_ پوءِ سندس قوم واري کيس سندس دشمنن جي قوم واري بابت فرياد ڪيو، انهي تي موسيٰ اچي هن کي مُڪ هنئي ۽ پورو ڪري ڇڏيائينس، (پوءِ) چيائين ”هيءُ ته شيطان جو ڪم آهي، بيشڪ اهو صفا گمراهه ڪندڙ دشمن آهي.“ |
قالَ رَبِّ إِنّى ظَلَمتُ نَفسى فَاغفِر لى فَغَفَرَ لَهُ إِنَّهُ هُوَ الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 16) |
چيائين ”اي منهنجا ڌڻي! بيشڪ مون پاڻ تي ظلم ڪيو، هاڻي مون کي بخش ڪر“- پوءِ هن کيس بخش ڪيو- بيشڪ، اهو ئي بخشيندڙ، مهربان آهي. |
قالَ رَبِّ بِما أَنعَمتَ عَلَىَّ فَلَن أَكونَ ظَهيرًا لِلمُجرِمينَ (آيت : 17) |
چيائين ”اي منهنجا ڌڻي! تو جيڪو مون تي فضل ڪيو آهي، تنهن ڪري آءُ به ڏوهارين جو مددگار ڪڏهن نه ٿيندس.“ |
فَأَصبَحَ فِى المَدينَةِ خائِفًا يَتَرَقَّبُ فَإِذَا الَّذِى استَنصَرَهُ بِالأَمسِ يَستَصرِخُهُ قالَ لَهُ موسىٰ إِنَّكَ لَغَوِىٌّ مُبينٌ (آيت : 18) |
پوءِ صبح تائين شهر ۾ ڊڄندڙ منتظر ٿي رهيو، ته اوچتو جنهن شخص ڪالهه کانئس مدد گهري هئي، تنهن وري به مدد گهريس_ ته موسيٰ چيس ”تحقيق تون صفا بي راهه آهين.“ |
فَلَمّا أَن أَرادَ أَن يَبطِشَ بِالَّذى هُوَ عَدُوٌّ لَهُما قالَ يٰموسىٰ أَتُريدُ أَن تَقتُلَنى كَما قَتَلتَ نَفسًا بِالأَمسِ إِن تُريدُ إِلّا أَن تَكونَ جَبّارًا فِى الأَرضِ وَما تُريدُ أَن تَكونَ مِنَ المُصلِحينَ (آيت : 19) |
پوءِ جڏهن ارادو ڪيائين ته ٻنهي جي دشمنن ڏي هٿ ڊگهاري، ته الٽو هن موسيٰ کي چيو ته ”ڇا، مون کي به ائين مارڻ جو ارادو اٿئي_ جيئن هڪ شخص کي ڪالهه ماريئي؟ توکي ته زمين ۾ ظلم ڪرڻ جو ارادو آهي ۽ اهو ته ارادو ئي نه اٿيئي، ته ڪو سڌاريندڙ ٿين!“ |
وَجاءَ رَجُلٌ مِن أَقصَا المَدينَةِ يَسعىٰ قالَ يٰموسىٰ إِنَّ المَلَأَ يَأتَمِرونَ بِكَ لِيَقتُلوكَ فَاخرُج إِنّى لَكَ مِنَ النّٰصِحينَ (آيت : 20) |
پوءِ هڪ شخص شهر جي پرئين طرف کان ڊوڙندو آيو ۽ چيائين ”اي موسيٰ! تولاءِ سردارن جي پڪي رٿ آهي، ته توکي مارين، ان ڪري تون هتان هليو وڃ، آءُ پڪ تنهنجو خير خواهه آهيان.“ |
فَخَرَجَ مِنها خائِفًا يَتَرَقَّبُ قالَ رَبِّ نَجِّنى مِنَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 21) |
پوءِ هو منجهانئس ڊڄندي بچندي نڪتو، چيائين ”اي منهنجا ڌڻي! تون مون کي ظالم قوم کان بچائج!“ |
وَلَمّا تَوَجَّهَ تِلقاءَ مَديَنَ قالَ عَسىٰ رَبّى أَن يَهدِيَنى سَواءَ السَّبيلِ (آيت : 22) |
۽ جڏهن مدين شهر طرف مهاڙ ڪيائين ته چيائين ”اميد اٿم ته منهنجو ڌڻي مون کي سنئين واٽ لڳائيندو.“ |
وَلَمّا وَرَدَ ماءَ مَديَنَ وَجَدَ عَلَيهِ أُمَّةً مِنَ النّاسِ يَسقونَ وَوَجَدَ مِن دونِهِمُ امرَأَتَينِ تَذودانِ قالَ ما خَطبُكُما قالَتا لا نَسقى حَتّىٰ يُصدِرَ الرِّعاءُ وَأَبونا شَيخٌ كَبيرٌ (آيت : 23) |
۽ جڏهن مدين جي کوهه تي پهتو، ته اتي ماڻهن جي هڪ ٽولي پاڻي پياريندي ڏٺائين ۽ انهن کان ٻن عورتن کي پنهنجي ڌڻ کي روڪيندي به ڏٺائين، پڇيائين ”اوهين ائين ڇو ٿيون ڪريو؟“ چيائون ”جيسين ٻيا ڌڻ موٽي نه وڃن، تيسين اسين پاڻي نٿيون پياري سگهون_ جو اسان جو پيءُ ٻڍڙو آهي.“ |
فَسَقىٰ لَهُما ثُمَّ تَوَلّىٰ إِلَى الظِّلِّ فَقالَ رَبِّ إِنّى لِما أَنزَلتَ إِلَىَّ مِن خَيرٍ فَقيرٌ (آيت : 24) |
انهي تي هن سندن ڌڻ کي پياريو_ پوءِ وڃي پاڇو جهليائين ۽ چيائين ”اي منهنجا ڌڻي! مون کي ڏاڍي ضرورت آهي، جو تون مون ڏي ڪا چڱائي موڪلين.“ |
فَجاءَتهُ إِحدىٰهُما تَمشى عَلَى استِحياءٍ قالَت إِنَّ أَبى يَدعوكَ لِيَجزِيَكَ أَجرَ ما سَقَيتَ لَنا فَلَمّا جاءَهُ وَقَصَّ عَلَيهِ القَصَصَ قالَ لا تَخَف نَجَوتَ مِنَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 25) |
پوءِ منجهانئن هڪڙي شرمائي هلندي وٽس آئي، چيائين ”بابو ٿو توکي سڏي، ته توکي اسان جي ڌڻ کي پاڻي پيارڻ جي مزدوري ڏئي.“ پوءِ جنهن مهل هن وٽ آيو ۽ سڄو قصو ٻڌايائين، تڏهن هن چيس ”ڊپ نه ڪر، هاڻي ظالم قوم کان ڇوٽڪارو ڀانءِ.“ |
قالَت إِحدىٰهُما يٰأَبَتِ استَـٔجِرهُ إِنَّ خَيرَ مَنِ استَـٔجَرتَ القَوِىُّ الأَمينُ (آيت : 26) |
ڇوڪرين مان هڪڙيءَ چيو ته، ”بابا! هن کي پگهاردار ڪري رک، ڇو ته جيڪو پگهاردار سگهارو ۽ اعتبار جوڳو هجي، اهو تنهنجي نوڪريءَ لاءِ سٺو آهي.“ |
قالَ إِنّى أُريدُ أَن أُنكِحَكَ إِحدَى ابنَتَىَّ هٰتَينِ عَلىٰ أَن تَأجُرَنى ثَمٰنِىَ حِجَجٍ فَإِن أَتمَمتَ عَشرًا فَمِن عِندِكَ وَما أُريدُ أَن أَشُقَّ عَلَيكَ سَتَجِدُنى إِن شاءَ اللَّهُ مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 27) |
چيائين ”منهنجو ارادو آهي ته آءُ توکي هنن ٻن مان هڪڙي پرڻايان، هن شرط تي ته تون اَٺ ورهيه مون وٽ نوڪري ڪرين، پوءِ جي ڏهه پورا ڪرين، ته اها تنهنجي (مهرباني)_ منهنجو ارادو توتي ڪا اوکائي ڪرڻ جو نه آهي، جيڪڏهن الله گهريو، ته تون مون کي نيڪ ڏسندين.“ |
قالَ ذٰلِكَ بَينى وَبَينَكَ أَيَّمَا الأَجَلَينِ قَضَيتُ فَلا عُدوٰنَ عَلَىَّ وَاللَّهُ عَلىٰ ما نَقولُ وَكيلٌ (آيت : 28) |
چيائين ”اهو ٿيو مون ۽ تنهنجي وچ ۾ وعدو، ٻنهي مان جيڪا مدت مون پوري ڪئي، ته مون کي ڪو به زور نه رهندو ۽ جيڪي اسين ٿا چئون، ان تي الله شاهد آهي.“ |
فَلَمّا قَضىٰ موسَى الأَجَلَ وَسارَ بِأَهلِهِ ءانَسَ مِن جانِبِ الطّورِ نارًا قالَ لِأَهلِهِ امكُثوا إِنّى ءانَستُ نارًا لَعَلّى ءاتيكُم مِنها بِخَبَرٍ أَو جَذوَةٍ مِنَ النّارِ لَعَلَّكُم تَصطَلونَ (آيت : 29) |
پوءِ جنهن مهل موسيٰ وقت پورو ڪيو ۽ پنهنجي گهر وارن کي رات جو وٺي هليو، ته طور جبل طرف باهه ڏٺائين_ سندن گهر وارن کي چيائين ته، ”ترسو، جو مون باهه ڏٺي آهي، اميد ته اتان ڪا خبر يا باهه مان ڪو ٽانڊو اوهان وٽ آڻيندس، ته من اوهين پاڻ سيڪيو.“ |
فَلَمّا أَتىٰها نودِىَ مِن شٰطِئِ الوادِ الأَيمَنِ فِى البُقعَةِ المُبٰرَكَةِ مِنَ الشَّجَرَةِ أَن يٰموسىٰ إِنّى أَنَا اللَّهُ رَبُّ العٰلَمينَ (آيت : 30) |
پوءِ جڏهن ان وٽ آيو، ته ميدان جي سڄي طرف کان ڀلاريءَ جاءِ تي وڻ مان کيس آواز آيو ته، ”اي موسيٰ! بيشڪ آءُ جهانن جو ڌڻي الله آهيان. |
وَأَن أَلقِ عَصاكَ فَلَمّا رَءاها تَهتَزُّ كَأَنَّها جانٌّ وَلّىٰ مُدبِرًا وَلَم يُعَقِّب يٰموسىٰ أَقبِل وَلا تَخَف إِنَّكَ مِنَ الءامِنينَ (آيت : 31) |
۽ تون پنهنجي لٺ اڇل! ”پوءِ جنهن مهل ان کي ڏٺائين ته ڄڻ نانگ وانگر ٿي چري ته پٺيرو ٿي منهن ڦيرايائين۽ پوئتي نه موٽيو_ (چيوسون) ”اي موسيٰ اوري اچ ۽ ڊپ نه ڪر، بيشڪ تون امن مليل آهين. |
اسلُك يَدَكَ فى جَيبِكَ تَخرُج بَيضاءَ مِن غَيرِ سوءٍ وَاضمُم إِلَيكَ جَناحَكَ مِنَ الرَّهبِ فَذٰنِكَ بُرهٰنانِ مِن رَبِّكَ إِلىٰ فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِ إِنَّهُم كانوا قَومًا فٰسِقينَ (آيت : 32) |
پنهنجو هٿ گريبان ۾ وجهه، ته بي عيب چمڪندڙ ٿي نڪري، ۽ ڊپ (وڃائڻ) لاءِ سندس ٻانهن کي پاڻ ڏانهن گڏ پوءِ اهي ٻئي حجتون تنهنجي ڌڻيءَ وٽان فرعون ۽ سندس سردارن ڏانهن آهن- بيشڪ اهي بدڪار قوم آهن.“ |
قالَ رَبِّ إِنّى قَتَلتُ مِنهُم نَفسًا فَأَخافُ أَن يَقتُلونِ (آيت : 33) |
چيائين ”اي منهنجا ڌڻي! مون هنن مان هڪ شخص کي ماريو آهي، سو ڊڄان ٿو ته، مون کي ماري وجهن! |
وَأَخى هٰرونُ هُوَ أَفصَحُ مِنّى لِسانًا فَأَرسِلهُ مَعِىَ رِدءًا يُصَدِّقُنى إِنّى أَخافُ أَن يُكَذِّبونِ (آيت : 34) |
۽ منهنجو ڀاءُ هارون مون کان وڌيڪ چٽو ڳالهائيندڙ آهي، تنهن ڪري ان کي مون ساڻ مدد ڏيندڙ ڪري موڪل، جو منهنجي سچائي بيان ڪري، ڇو ته آءُ ڊڄان ٿو ته هو مون کي ڪوڙو چوندا.“ |
قالَ سَنَشُدُّ عَضُدَكَ بِأَخيكَ وَنَجعَلُ لَكُما سُلطٰنًا فَلا يَصِلونَ إِلَيكُما بِـٔايٰتِنا أَنتُما وَمَنِ اتَّبَعَكُمَا الغٰلِبونَ (آيت : 35) |
چيائين ”جلدي ئي تنهنجون ٻانهون تنهنجي ڀاءُ سان مضبوط ڪنداسون ۽ اوهان کي پنهنجي معجزن سان غلبو ڏينداسون، جو اوهان تي پُڙي نه سگهندا_ اوهين ۽ اوهان جا پوئلڳ ئي غالب رهندا.“ |
فَلَمّا جاءَهُم موسىٰ بِـٔايٰتِنا بَيِّنٰتٍ قالوا ما هٰذا إِلّا سِحرٌ مُفتَرًى وَما سَمِعنا بِهٰذا فى ءابائِنَا الأَوَّلينَ (آيت : 36) |
پوءِ جڏهن موسيٰ وٽن اسان جي چٽين نشانين سان آيو، ته چيائون ”هي ته رڳو هٿرادو جادو آهي ۽ اسان ههڙي ڳالهه پنهنجن اڳين وڏن کان ڪانه ٻُڌي!“ |
وَقالَ موسىٰ رَبّى أَعلَمُ بِمَن جاءَ بِالهُدىٰ مِن عِندِهِ وَمَن تَكونُ لَهُ عٰقِبَةُ الدّارِ إِنَّهُ لا يُفلِحُ الظّٰلِمونَ (آيت : 37) |
۽ موسيٰ چيو ”منهنجو ڌڻي انهي کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو، جنهن وٽانئس هدايت آندي آهي ۽ جنهن لاءِ موچاريءَ پڇاڙيءَ جو گهر آهي_ پڪ آهي ته ظالمن کي ڇوٽڪارو حاصل نه ٿيندو.“ |
وَقالَ فِرعَونُ يٰأَيُّهَا المَلَأُ ما عَلِمتُ لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرى فَأَوقِد لى يٰهٰمٰنُ عَلَى الطّينِ فَاجعَل لى صَرحًا لَعَلّى أَطَّلِعُ إِلىٰ إِلٰهِ موسىٰ وَإِنّى لَأَظُنُّهُ مِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 38) |
۽ فرعون چيو ”اي سردارو! مون کي ته اوهان لاءِ پاڻ کان سواءِ ٻيو سائين ڪو نه ٿو سُجهي_ پوءِ اي هامان! مون لاءِ کورو پچاءِ، پوءِ مون لاءِ هڪڙي ماڙي ٺاهه، ته آءُ اميد ته موسيٰ جي سائينءَ ڏي چڙهندس ۽ آءُ پڪ هن کي ڪوڙو ٿو سمجهان.“ |
وَاستَكبَرَ هُوَ وَجُنودُهُ فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ وَظَنّوا أَنَّهُم إِلَينا لا يُرجَعونَ (آيت : 39) |
۽ هن ۽ سندس لشڪر ملڪ ۾ ناحق هٺ ڪيو ۽ ڀانيائون ته هو اسان ڏانهن پڪ سان نه موٽائبا- |
فَأَخَذنٰهُ وَجُنودَهُ فَنَبَذنٰهُم فِى اليَمِّ فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الظّٰلِمينَ (آيت : 40) |
پوءِ اسان کين ۽ سندن لشڪر کي پڪڙيو ۽ سمنڊ ۾ اڇليو، پوءِ ڏس ته ظالمن جي پڇاڙي ڪهڙي ٿي. |
وَجَعَلنٰهُم أَئِمَّةً يَدعونَ إِلَى النّارِ وَيَومَ القِيٰمَةِ لا يُنصَرونَ (آيت : 41) |
اسان هنن کي باهه ڏانهن سڏيندڙ اڳواڻ بنايا ۽ قيامت ڏينهن کين ڪا مدد نه ملندي. |
وَأَتبَعنٰهُم فى هٰذِهِ الدُّنيا لَعنَةً وَيَومَ القِيٰمَةِ هُم مِنَ المَقبوحينَ (آيت : 42) |
۽ اسان هن دنيا ۾ سندن پوئتان لعنت لاتي ۽ قيامت ڏينهن به اهي بڇڙن مان هوندا. |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ مِن بَعدِ ما أَهلَكنَا القُرونَ الأولىٰ بَصائِرَ لِلنّاسِ وَهُدًى وَرَحمَةً لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 43) |
اسان پهرين جڳن کي ناس ڪرڻ کان پوءِ موسيٰ کي ڪتاب ڏنو، جو ماڻهن لاءِ چٽو دليل ۽ واٽ ڏيکاريندڙ ۽ رحمت هو، ته مَن اهي نصيحت وٺن. |
وَما كُنتَ بِجانِبِ الغَربِىِّ إِذ قَضَينا إِلىٰ موسَى الأَمرَ وَما كُنتَ مِنَ الشّٰهِدينَ (آيت : 44) |
۽ تون ان وقت اولهندي طرف ڪو نه هئين، جڏهن موسيٰ ڏانهن حڪم موڪليوسون ۽ نڪي تون حاضر هئين. |
وَلٰكِنّا أَنشَأنا قُرونًا فَتَطاوَلَ عَلَيهِمُ العُمُرُ وَما كُنتَ ثاوِيًا فى أَهلِ مَديَنَ تَتلوا عَلَيهِم ءايٰتِنا وَلٰكِنّا كُنّا مُرسِلينَ (آيت : 45) |
مگر ڪيترائي جُڳ پيدا ڪياسون، پوءِ مٿن ڊگهي مدت گذري ۽ نڪي تون مدين وارن منجهه رهندڙ هئين، جو کين اسان جون آيتون پڙهي ٻڌائين، مگر اسين رسولن کي موڪليندا رهياسون. |
وَما كُنتَ بِجانِبِ الطّورِ إِذ نادَينا وَلٰكِن رَحمَةً مِن رَبِّكَ لِتُنذِرَ قَومًا ما أَتىٰهُم مِن نَذيرٍ مِن قَبلِكَ لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 46) |
تون طور جبل جي پاسي به ڪو نه هئين، جڏهن موسيٰ کي سڏيوسون، مگر تنهنجي ڌڻيءَ جي ٻاجهه توتي ٿيل آهي، ته تون انهي قوم کي ڊيڄارين، جن وٽ توکان اڳ ڪو به ڊيڄاريندڙ نه آيو، ته من هو نصيحت وٺن. |
وَلَولا أَن تُصيبَهُم مُصيبَةٌ بِما قَدَّمَت أَيديهِم فَيَقولوا رَبَّنا لَولا أَرسَلتَ إِلَينا رَسولًا فَنَتَّبِعَ ءايٰتِكَ وَنَكونَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 47) |
۽ جيڪڏهن ائين نه هجي ها، جو سندن هٿن جي ڪرتوتن سبب جڏهن مٿن مصيبت پوي، تڏهن چون ”اي اسان جا ڌڻي! ڇو نه اسان ڏي ڪو رسول موڪليئي، ته تنهنجي حڪمن جا تابعدار بنجون ها ۽ مؤمن ٿيون ها.“ |
فَلَمّا جاءَهُمُ الحَقُّ مِن عِندِنا قالوا لَولا أوتِىَ مِثلَ ما أوتِىَ موسىٰ أَوَلَم يَكفُروا بِما أوتِىَ موسىٰ مِن قَبلُ قالوا سِحرانِ تَظٰهَرا وَقالوا إِنّا بِكُلٍّ كٰفِرونَ (آيت : 48) |
پوءِ جنهن مهل وٽن اسان وٽان حق آيو، تڏهن وري چوڻ لڳا ”هن رسول کي اهڙو معجزو ڇو نه ڏنو ويو، جهڙو موسيٰ کي مليل هو.“ پر ڇا، هنن انهي جو به انڪار نه ڪيو هو، جيڪي موسيٰ کي اڳ مليل هو؟ وري چون ٿا ”(توريت ۽ قرآن) ٻئي هڪجهڙا جادو آهن“ ۽ چون ٿا ”اسين ته سڀني جا منڪر آهيون.“ |
قُل فَأتوا بِكِتٰبٍ مِن عِندِ اللَّهِ هُوَ أَهدىٰ مِنهُما أَتَّبِعهُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 49) |
چئو ته، ”جيڪڏهن اوهين سچا آهيو ته اوهان الله وٽان اهڙو ڪو ڪتاب آڻيو، جو ٻنهي کان وڌيڪ سڌو رستو ڏيکاريندڙ هجي، ته آءُ ان جي تابعداري ڪريان.“ |
فَإِن لَم يَستَجيبوا لَكَ فَاعلَم أَنَّما يَتَّبِعونَ أَهواءَهُم وَمَن أَضَلُّ مِمَّنِ اتَّبَعَ هَوىٰهُ بِغَيرِ هُدًى مِنَ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 50) |
پوءِ جيڪڏهن تنهنجي ڳالهه قبول نه ڪن، ته پوءِ سمجهه، ته هورڳو سندن سڌن تي ٿا هلن_ ۽ ان کان وڌيڪ گمراهه ٻيو ڪهڙو آهي، جو سواءِ الله جي ڪنهن رستي ڏيکارڻ جي، پنهنجي سڌ جي پيروي ڪري؟ بيشڪ الله ظالم قوم کي سڌو رستو نه ڏيکاريندڙ آهي. |
وَلَقَد وَصَّلنا لَهُمُ القَولَ لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 51) |
۽ بيشڪ اسان سندن لاءِ قرآن کي لڳو لڳ موڪليو، ته من نصيحت وٺن. |
الَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ مِن قَبلِهِ هُم بِهِ يُؤمِنونَ (آيت : 52) |
جن کي اسان هن (قرآن) کان اڳ ڪتاب ڏنو آهي، سي مٿس ويساهه ٿا رکن. |
وَإِذا يُتلىٰ عَلَيهِم قالوا ءامَنّا بِهِ إِنَّهُ الحَقُّ مِن رَبِّنا إِنّا كُنّا مِن قَبلِهِ مُسلِمينَ (آيت : 53) |
۽ جڏهن کين (قرآن) پڙهي ٻُڌائجي ٿو، ته چوندا آهن ”اسان کيس مڃيو، بيشڪ هو اسان جي ڌڻيءَ وٽان سچ آهي، اسين ته ان کان اڳ ئي مسلمان هئاسون. |
أُولٰئِكَ يُؤتَونَ أَجرَهُم مَرَّتَينِ بِما صَبَروا وَيَدرَءونَ بِالحَسَنَةِ السَّيِّئَةَ وَمِمّا رَزَقنٰهُم يُنفِقونَ (آيت : 54) |
اهي شخص آهن، جن کي سندن اجر ٻه دفعا ڏبو، جو صبر ڪيائون، هو چڱائيءَ سان مدائي کي ٽارين ٿا ۽ کين جيڪي ڏنو اٿئون ان مان خرچ ڪن ٿا. |
وَإِذا سَمِعُوا اللَّغوَ أَعرَضوا عَنهُ وَقالوا لَنا أَعمٰلُنا وَلَكُم أَعمٰلُكُم سَلٰمٌ عَلَيكُم لا نَبتَغِى الجٰهِلينَ (آيت : 55) |
هو جڏهن ڪا بيهودي ڳالهه ٻڌندا آهن ته ان کان منهن موڙيندا آهن ۽ چوندا آهن ته ”اسان لاءِ اسان جا ڪم آهن ۽ اوهان لاءِ اوهان جا ڪم_ اوهان تي سلام هجي، اسين جاهلن کي نٿا چاهيون.“ |
إِنَّكَ لا تَهدى مَن أَحبَبتَ وَلٰكِنَّ اللَّهَ يَهدى مَن يَشاءُ وَهُوَ أَعلَمُ بِالمُهتَدينَ (آيت : 56) |
(اي رسول) بيشڪ تون جنهن کي پيار ڪرين، تنهن کي هدايت ڪري نٿو سگهين، پر الله ئي جنهن کي گهري ان کي هدايت ڪري ٿو ۽ اهو هدايت وارن کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي. |
وَقالوا إِن نَتَّبِعِ الهُدىٰ مَعَكَ نُتَخَطَّف مِن أَرضِنا أَوَلَم نُمَكِّن لَهُم حَرَمًا ءامِنًا يُجبىٰ إِلَيهِ ثَمَرٰتُ كُلِّ شَيءٍ رِزقًا مِن لَدُنّا وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 57) |
چون ٿا ته، ”جيڪڏهن اسين توسان هدايت جي تابعداري ڪنداسون ته پنهنجي ملڪ مان لوڌجي وينداسون“_ ڇا اسان کين حرم ۾ امن سان نه ٽڪايو آهي، جو هن ڏي اسان وٽان هر ڪنهن جنس جو ميوو رزق طور پهچائبو آهي؟ مگر منجهانئن گهڻا نه ڄاڻندا آهن. |
وَكَم أَهلَكنا مِن قَريَةٍ بَطِرَت مَعيشَتَها فَتِلكَ مَسٰكِنُهُم لَم تُسكَن مِن بَعدِهِم إِلّا قَليلًا وَكُنّا نَحنُ الوٰرِثينَ (آيت : 58) |
۽ ڪيترائي اهڙا ڳوٺ ناس ڪياسون جي سندن گذران ۾ حد کان لنگهيا هئا، پوءِ هي سندن گهر آهن ، جن ۾ هنن کان پوءِ ڪو ٿوروئي رهيو آهي_ ۽ نيٺ اسين ئي وارث هئاسون. |
وَما كانَ رَبُّكَ مُهلِكَ القُرىٰ حَتّىٰ يَبعَثَ فى أُمِّها رَسولًا يَتلوا عَلَيهِم ءايٰتِنا وَما كُنّا مُهلِكِى القُرىٰ إِلّا وَأَهلُها ظٰلِمونَ (آيت : 59) |
۽ تنهنجو ڌڻي تيستائين ڳوٺن کي ناس نه ڪندو آهي، جيستائين منجهانئن وڏي (شهر) ۾ ڪو رسول نه موڪلي، جو اسان جو آيتون کين پڙهي ٻڌائي ۽ اسين ڳوٺن کي فقط تڏهن ئي ناس ڪندا آهيون، جڏهن سندن رهاڪو ظالم هوندا آهن. |
وَما أوتيتُم مِن شَيءٍ فَمَتٰعُ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَزينَتُها وَما عِندَ اللَّهِ خَيرٌ وَأَبقىٰ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 60) |
۽ اوهان کي جيڪي به شيون ڏنل آهن، سي سڀ دنيا جي حياتيءَ جو سامان ۽ سندس سينگار آهن ۽ جيڪي الله وٽ آهي، سو ڀلو ۽ سدائين رهندڙ آهي_ پوءِ ڇو نٿا پروڙيو! |
أَفَمَن وَعَدنٰهُ وَعدًا حَسَنًا فَهُوَ لٰقيهِ كَمَن مَتَّعنٰهُ مَتٰعَ الحَيوٰةِ الدُّنيا ثُمَّ هُوَ يَومَ القِيٰمَةِ مِنَ المُحضَرينَ (آيت : 61) |
ڀلا جنهن شخص کي سٺو انجام ڏنو اٿئون، جو هن کي ملندو، اهو انهي جهڙو آهي ڇا، جنهن کي دنيا جي حياتيءَ جي سامان سان آسودو ڪيوسون، پوءِ وري اهو قيامت ڏينهن جوابدار بنجي اچي؟ |
وَيَومَ يُناديهِم فَيَقولُ أَينَ شُرَكاءِىَ الَّذينَ كُنتُم تَزعُمونَ (آيت : 62) |
۽ جنهن ڏينهن الله کين سڏي چوندو ”ڪٿي آهن اهي شخص، جن کي اوهين منهنجو ڀائيوار پيا ڀائيندا هئا؟“ |
قالَ الَّذينَ حَقَّ عَلَيهِمُ القَولُ رَبَّنا هٰؤُلاءِ الَّذينَ أَغوَينا أَغوَينٰهُم كَما غَوَينا تَبَرَّأنا إِلَيكَ ما كانوا إِيّانا يَعبُدونَ (آيت : 63) |
جن تي عذاب جو حڪم لازم ٿيل هوندو، سي چوندا ”اي اسان جا ڌڻي! هي اهي آهن جن کي گمراهه ڪيوسون، جيئن پاڻ گمراهه ٿياسون تيئن هنن کي به گمراهه ڪيوسون_ تو وٽ کانئن بيزار ٿا ٿيون، هو هر گز اسان جي بندگي نه ڪندا هئا.“ |
وَقيلَ ادعوا شُرَكاءَكُم فَدَعَوهُم فَلَم يَستَجيبوا لَهُم وَرَأَوُا العَذابَ لَو أَنَّهُم كانوا يَهتَدونَ (آيت : 64) |
۽ چئبن ته ”هاڻي پنهنجن سائين کي سڏيو“، پوءِ کين سڏيندا، ته هو کين ورندي ڪا نه ڏيندا ۽ عذاب کي ڏسندا ( ته چوندا) هاءِ! جيڪڏهن پاڻ سنيئن واٽ تي هلن ها!“ |
وَيَومَ يُناديهِم فَيَقولُ ماذا أَجَبتُمُ المُرسَلينَ (آيت : 65) |
۽ جنهن ڏينهن الله کين سڏيندو پوءِ چوندو ته ”اوهان رسولن کي ڪهڙو جواب ڏنو؟“ |
فَعَمِيَت عَلَيهِمُ الأَنباءُ يَومَئِذٍ فَهُم لا يَتَساءَلونَ (آيت : 66) |
ته ان ڏينهن کانئن سڀ ڳالهيون وسري وينديون ۽ پوءِ هو سوال جواب به نه ڪري سگهندا. |
فَأَمّا مَن تابَ وَءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَعَسىٰ أَن يَكونَ مِنَ المُفلِحينَ (آيت : 67) |
پوءِ جنهن توبه ڪئي ۽ ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، سو اميد ته ڇوٽڪارو پائيندڙ ٿيندو. |
وَرَبُّكَ يَخلُقُ ما يَشاءُ وَيَختارُ ما كانَ لَهُمُ الخِيَرَةُ سُبحٰنَ اللَّهِ وَتَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 68) |
۽ تنهنجو ڌڻي جنهن کي مرضي پويس، پيدا ٿو ڪري ۽ پسند ٿو ڪري_ هنن کي ڪو به اختيار ڪونهي، الله پاڪ آهي ۽ انهي کان تمام مٿانهون آهي جو هو ساڻس ڀائيوار ٿا بنائين. |
وَرَبُّكَ يَعلَمُ ما تُكِنُّ صُدورُهُم وَما يُعلِنونَ (آيت : 69) |
۽ تنهنجو ڌڻي اهو ڄاڻي ٿو، جيڪي سندن دل ۾ لڪل هوندو آهي يا هو پڌرو ڪندا آهن. |
وَهُوَ اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ لَهُ الحَمدُ فِى الأولىٰ وَالءاخِرَةِ وَلَهُ الحُكمُ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 70) |
۽ اهو ئي الله آهي، جنهن کان سواءِ ٻيو ڪو به بندگيءَ جو لائق ناهي، هر ڪا واکاڻ آخرت خواهه دنيا جي ان کي ئي جڳائي ٿي، سندس ئي حڪومت آهي ۽ اوهين ان ڏي ئي موٽائبا. |
قُل أَرَءَيتُم إِن جَعَلَ اللَّهُ عَلَيكُمُ الَّيلَ سَرمَدًا إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ مَن إِلٰهٌ غَيرُ اللَّهِ يَأتيكُم بِضِياءٍ أَفَلا تَسمَعونَ (آيت : 71) |
چئو ته ڏسو ته سهي، جيڪڏهن الله اوهان تي ڏينهن قيامت تائين هميشه رات بيهاري، ته الله کان سواءِ ٻيو ڪهڙو سائين آهي، جو اوهان وٽ سوجهري کي آڻي؟ پوءِ ڪو نه ٿا ٻُڌو ڇا؟ |
قُل أَرَءَيتُم إِن جَعَلَ اللَّهُ عَلَيكُمُ النَّهارَ سَرمَدًا إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ مَن إِلٰهٌ غَيرُ اللَّهِ يَأتيكُم بِلَيلٍ تَسكُنونَ فيهِ أَفَلا تُبصِرونَ (آيت : 72) |
چئو ته ڏسو ته سهي ته جيڪڏهن الله اوهان تي ڏينهن قيامت تائين هميشه ڏينهن کي قائم رکي، ته الله کانسواءِ ٻيو ڪهڙو سائين آهي، جو اوهان وٽ رات آڻي، جنهن ۾ اوهين آرام وٺو ۽ سندس فضل يعني (روزي) ڳوليو ته من اوهين شڪر ڪريو. |
وَمِن رَحمَتِهِ جَعَلَ لَكُمُ الَّيلَ وَالنَّهارَ لِتَسكُنوا فيهِ وَلِتَبتَغوا مِن فَضلِهِ وَلَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 73) |
۽ هن پنهنجي رحمت سان اوهان لاءِ رات ۽ ڏينهن بنايا، ته اوهين منجهس آرام وٺو ۽ سندس فضل يعني (روزي) ڳوليو ته مَن اوهين شڪر ڪريو. |
وَيَومَ يُناديهِم فَيَقولُ أَينَ شُرَكاءِىَ الَّذينَ كُنتُم تَزعُمونَ (آيت : 74) |
۽ جنهن ڏينهن الله انهن کي سڏيندو، پوءِ چوندو ”ڪٿي آهن اهي، جن کي اوهين منهنجو ڀائيوار پيا سمجهندا هئا؟“ |
وَنَزَعنا مِن كُلِّ أُمَّةٍ شَهيدًا فَقُلنا هاتوا بُرهٰنَكُم فَعَلِموا أَنَّ الحَقَّ لِلَّهِ وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 75) |
۽ اسين هر ڪنهن ٽوليءَ مان شاهد جدا ڪنداسين، پوءِ چونداسين ته ”پنهنجو دليل پيش ڪريو“ پوءِ هو ڄاڻيندا، ته بيشڪ حق الله جي پاسي آهي ۽ هو جيڪو ٺاهه ٺاهيندا هئا، سو انهن کان ڀلجي ويندو. |
إِنَّ قٰرونَ كانَ مِن قَومِ موسىٰ فَبَغىٰ عَلَيهِم وَءاتَينٰهُ مِنَ الكُنوزِ ما إِنَّ مَفاتِحَهُ لَتَنوأُ بِالعُصبَةِ أُولِى القُوَّةِ إِذ قالَ لَهُ قَومُهُ لا تَفرَح إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ الفَرِحينَ (آيت : 76) |
بيشڪ ”قارون“ موسيٰ جي قوم مان هو، پوءِ ساڻن بغاوت ڪرڻ لڳو، اسان هن کي ايترا خزانا ڏنا هئا، جو سندس ڪنجين به هڪ طاقتور ٽوليءَ کي ٿڪايو ٿي، جڏهن سندس قوم کيس چيو ته ”(مال تي) آڪڙ نه ڪر، بيشڪ الله آڪڙ ڪندڙن کي پسند نٿوڪري. |
وَابتَغِ فيما ءاتىٰكَ اللَّهُ الدّارَ الءاخِرَةَ وَلا تَنسَ نَصيبَكَ مِنَ الدُّنيا وَأَحسِن كَما أَحسَنَ اللَّهُ إِلَيكَ وَلا تَبغِ الفَسادَ فِى الأَرضِ إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ المُفسِدينَ (آيت : 77) |
۽ جيڪي توکي الله ڏنو آهي، ان سان آخرت جي گهر جي طلب ڪر ۽ پنهنجي دنيا جي حصي کي نه وسار ۽ جيئن الله توسان چڱائي ڪئي، تيئن تون به چڱائي ڪر_ ۽ملڪ ۾ ڦيٽاڙي وجهڻ جي ڪوشش نه ڪر_ بيشڪ الله ڦيٽاڙي وجهندڙن کي پسند نٿو ڪري.“ |
قالَ إِنَّما أوتيتُهُ عَلىٰ عِلمٍ عِندى أَوَلَم يَعلَم أَنَّ اللَّهَ قَد أَهلَكَ مِن قَبلِهِ مِنَ القُرونِ مَن هُوَ أَشَدُّ مِنهُ قُوَّةً وَأَكثَرُ جَمعًا وَلا يُسـَٔلُ عَن ذُنوبِهِمُ المُجرِمونَ (آيت : 78) |
چيائين ”اهو مال ته مون کي جيڪو مون وٽ علم آهي، ان جي ئي وسيلي آهي، “ ڇا کيس خبر نه هئي، ته الله کانئس اڳ ڪيترائي اهڙا جڳ ناس ڪري ڇڏيا هئا، جي کانئس سخت سگهارا ۽ گهڻي ڌن وارا هئا؟ ۽ ڏوهارين کان سندن عذر ڪو نه پڇبو. |
فَخَرَجَ عَلىٰ قَومِهِ فى زينَتِهِ قالَ الَّذينَ يُريدونَ الحَيوٰةَ الدُّنيا يٰلَيتَ لَنا مِثلَ ما أوتِىَ قٰرونُ إِنَّهُ لَذو حَظٍّ عَظيمٍ (آيت : 79) |
هڪ دفعي هو وڏي سينگار سان سندس قوم ڏي نڪتو، ته دنيا جي حياتيءَ سان چاهه رکڻ وارا چوڻ لڳا ”هاءِ! جي اسان کي قارون جهڙي (سکيائي) ملي! بيشڪ هو وڏي مزي ۾ آهي.“ |
وَقالَ الَّذينَ أوتُوا العِلمَ وَيلَكُم ثَوابُ اللَّهِ خَيرٌ لِمَن ءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا وَلا يُلَقّىٰها إِلَّا الصّٰبِرونَ (آيت : 80) |
ته وري جيڪي علم وارا هئا سي چوڻ لڳا ”افسوس آهي اوهان تي! الله وٽ جيڪو ثواب آهي سو انهي شخص لاءِ وڌيڪ چڱو آهي، جنهن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، پر اهو فقط صبر وارن کي نصيب ٿيندو.“ |
فَخَسَفنا بِهِ وَبِدارِهِ الأَرضَ فَما كانَ لَهُ مِن فِئَةٍ يَنصُرونَهُ مِن دونِ اللَّهِ وَما كانَ مِنَ المُنتَصِرينَ (آيت : 81) |
پوءِ هن ۽ سندس گهر کي زمين ۾ ڳيهايو سون ۽ هن لاءِ اهڙي ڪا به ٽولي ڪا نه هئي، جا الله کان سواءِ مدد ڏئي ۽ نڪي هو پاڻ وير وٺي ٿي سگهيو. |
وَأَصبَحَ الَّذينَ تَمَنَّوا مَكانَهُ بِالأَمسِ يَقولونَ وَيكَأَنَّ اللَّهَ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَيَقدِرُ لَولا أَن مَنَّ اللَّهُ عَلَينا لَخَسَفَ بِنا وَيكَأَنَّهُ لا يُفلِحُ الكٰفِرونَ (آيت : 82) |
۽ جن ڪالهه سندس مرتبي جي سڌ پئي ڪئي، سي صبح جو وري عجب مان چوڻ لڳا ته ”بيشڪ الله ئي سندس ٻانهن مان جنهنجو وڻيس، ان جو رزق ڪشادو ۽ سوڙهو ٿو ڪري_ جي اسان تي الله جو احسان نه هجي، ته اسان کي به ڳيهائي ڇڏي ها.“ عجب آهي ته ڪافر ڪڏهن به دل گهري راحت نٿا حاصل ڪن! |
تِلكَ الدّارُ الءاخِرَةُ نَجعَلُها لِلَّذينَ لا يُريدونَ عُلُوًّا فِى الأَرضِ وَلا فَسادًا وَالعٰقِبَةُ لِلمُتَّقينَ (آيت : 83) |
اهو آخرت جو گهر اسان انهن ئي لاءِ مقرر ڪيو آهي، جيڪي نڪي ملڪ ۾ وڏائي ڪرڻ چاهيندا آهن، نڪي ڦيٽاڙو وجهڻ ۽ (سُرهي) پڇاڙي نيٺ نيڪن جي ئي ٿيندي. |
مَن جاءَ بِالحَسَنَةِ فَلَهُ خَيرٌ مِنها وَمَن جاءَ بِالسَّيِّئَةِ فَلا يُجزَى الَّذينَ عَمِلُوا السَّيِّـٔاتِ إِلّا ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 84) |
جيڪو چڱا ڪم آڻيندو، ان لاءِ انهن مان چڱو ٿيندو ۽ جيڪو برائي آڻيندو، ته بُرن ڪمن ڪندڙن کي اهائي سزا ملندي، جيڪي ڪندا هئا- |
إِنَّ الَّذى فَرَضَ عَلَيكَ القُرءانَ لَرادُّكَ إِلىٰ مَعادٍ قُل رَبّى أَعلَمُ مَن جاءَ بِالهُدىٰ وَمَن هُوَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 85) |
بيشڪ جنهن توتي قرآن موڪليو، سو ضرور توکي موٽڻ جي هنڌ موٽائيندو، چئو ته ”منهنجو ڌڻي ان کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو، ته ڪير سنئون رستو ٿو ڏيکاري ۽ ڪير صاف گمراهيءَ ۾ آهي.“ |
وَما كُنتَ تَرجوا أَن يُلقىٰ إِلَيكَ الكِتٰبُ إِلّا رَحمَةً مِن رَبِّكَ فَلا تَكونَنَّ ظَهيرًا لِلكٰفِرينَ (آيت : 86) |
۽ توکي ڪا اميد ڪا نه هئي، ته تو ڏانهن به ڪتاب لاهبو، پر اها تنهنجي ڌڻيءَ وٽان رحمت آهي_ پوءِ تون هر گز ڪافرن جو مددگار نه ٿج. |
وَلا يَصُدُّنَّكَ عَن ءايٰتِ اللَّهِ بَعدَ إِذ أُنزِلَت إِلَيكَ وَادعُ إِلىٰ رَبِّكَ وَلا تَكونَنَّ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 87) |
۽ جڏهن تو ڏي الله جون آيتون لٿيون، ته ان کان پوءِ تون انهن (جي چوڻ تي) آيتن کان نه روڪجي وڃج_ ۽ پنهنجي ڌڻيءَ ڏي سڏ ۽ هر گز انهن مان نه ٿج، جي الله سان ٻيا ڀائيوار ٿابنائين. |
وَلا تَدعُ مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ كُلُّ شَيءٍ هالِكٌ إِلّا وَجهَهُ لَهُ الحُكمُ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 88) |
۽ الله سان گڏ ٻئي ڪنهن کي به سائين سمجهي نه سڏج، ان کانسواءِ ٻيو ڪو به سائين ناهي، هن جي وجود کان سواءِ ٻي هر ڪا چيز ناس ٿيندڙ آهي_ سڀ حڪم ان جي هٿ ۾ آهي ۽ اوهين انهي ڏي ئي موٽائبا. |