طسم (آيت : 1) |
طا-س-م . |
تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ المُبينِ (آيت : 2) |
هي آيتون ڪتاب روشن جون آهن . |
نَتلوا عَلَيكَ مِن نَبَإِ موسىٰ وَفِرعَونَ بِالحَقِّ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 3) |
پڙهون ٿا اوهان تي خبر سچي موسى ۽ فرعون جي ايمان واري قوم لاءِ . |
إِنَّ فِرعَونَ عَلا فِى الأَرضِ وَجَعَلَ أَهلَها شِيَعًا يَستَضعِفُ طائِفَةً مِنهُم يُذَبِّحُ أَبناءَهُم وَيَستَحيۦ نِساءَهُم إِنَّهُ كانَ مِنَ المُفسِدينَ (آيت : 4) |
بلاشڪ فرعون غلبو حاصل ڪيو زمين ۾ ۽ بنايائين رهاڪن ان جي کي ٽولا ٽولا هيڻو پيو ڪري هڪ جماعت کي ان مان ڪهي پيو سندن پٽن کي ۽ جيئريون ڇڏي پيو سندن عورتون بي شڪ اهو هو فساد ڪندڙن مان . |
وَنُريدُ أَن نَمُنَّ عَلَى الَّذينَ استُضعِفوا فِى الأَرضِ وَنَجعَلَهُم أَئِمَّةً وَنَجعَلَهُمُ الوٰرِثينَ (آيت : 5) |
۽ ارادو ڪيون پيا ته احسان ڪيون انهن تي جيڪي ضعيف بنايا ويا زمين ۾ ۽ بنايون انهن کي اڳواڻ ۽ بنايون انهن کي وارث . |
وَنُمَكِّنَ لَهُم فِى الأَرضِ وَنُرِىَ فِرعَونَ وَهٰمٰنَ وَجُنودَهُما مِنهُم ما كانوا يَحذَرونَ (آيت : 6) |
۽ طاقت ڏيون اسين انهن کي زمين ۾ ۽ ڏيکاريون فرعون ۽ هامان ۽ انهن جي لشڪرن کي انهن مان اها (سزا) جنهن کان ڊڄندا هئا . |
وَأَوحَينا إِلىٰ أُمِّ موسىٰ أَن أَرضِعيهِ فَإِذا خِفتِ عَلَيهِ فَأَلقيهِ فِى اليَمِّ وَلا تَخافى وَلا تَحزَنى إِنّا رادّوهُ إِلَيكِ وَجاعِلوهُ مِنَ المُرسَلينَ (آيت : 7) |
۽ الهام ڪيو اسان موسى جي ماءُ کي هي ته کير پيار ان کي پوءِ جڏهن ڊپ ڪرين ان تي پوءِ لوڙهي ڇڏ ان کي درياءَ ۾ ۽ نه خوف ڪر ۽ نه غم ڪر بيشڪ اسين موٽائيندڙ آهيون ان کي توڏانهن ۽ ڪندڙ آهيون ان کي پيغمبرن مان . |
فَالتَقَطَهُ ءالُ فِرعَونَ لِيَكونَ لَهُم عَدُوًّا وَحَزَنًا إِنَّ فِرعَونَ وَهٰمٰنَ وَجُنودَهُما كانوا خٰطِـٔينَ (آيت : 8) |
پوءِ لڌو ان کي فرعون جي گهراڻي وارن تانته هجي انهن لاءِ دشمن ۽ ڏک (جو سبب) بيشڪ فرعون ۽ هامان ۽ سندس لشڪر هئا خطا ڪندڙ . |
وَقالَتِ امرَأَتُ فِرعَونَ قُرَّتُ عَينٍ لى وَلَكَ لا تَقتُلوهُ عَسىٰ أَن يَنفَعَنا أَو نَتَّخِذَهُ وَلَدًا وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 9) |
چيو زال فرعون جي ٺار اکين جو آهي مون لاءِ ۽ تو لاءِ، نه قتل ڪيو ان کي ويجهو آهي جو نفعو ڏئي اسان کي يا بنايون ان کي پٽ ۽ اهي نٿا سمجهن . |
وَأَصبَحَ فُؤادُ أُمِّ موسىٰ فٰرِغًا إِن كادَت لَتُبدى بِهِ لَولا أَن رَبَطنا عَلىٰ قَلبِها لِتَكونَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 10) |
۽ صبح ڪئي موسى جي ماءُ جي دل بي قرار ٿي ويجهي هئي جو البته ظاهر ڪري ان کي جيڪڏهن نه هجي ها هيءَ (ڳالهه) جو ڳنڍ ڏني اسان دل ان جي تي تانته هجي مؤمنن مان . |
وَقالَت لِأُختِهِ قُصّيهِ فَبَصُرَت بِهِ عَن جُنُبٍ وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 11) |
۽ چيائين ڀيڻ ان جي کي ته پير کڻ ان جو پوءِ ڏٺائين ٿي ان کي پري کان ۽ اهي نه پيا سمجهن . |
وَحَرَّمنا عَلَيهِ المَراضِعَ مِن قَبلُ فَقالَت هَل أَدُلُّكُم عَلىٰ أَهلِ بَيتٍ يَكفُلونَهُ لَكُم وَهُم لَهُ نٰصِحونَ (آيت : 12) |
۽ حرام ڪيو اسان ان تي داين (جي کير) کي اڳ ۾ پوءِ چيائين ڇا ڏس ڏيان اوهان کي اهڙي گهراڻي جو جيڪي سنڀالين ان کي اوهان جي لاءِ ۽ اهي ان جي لاءِ خير خواهه آهن . |
فَرَدَدنٰهُ إِلىٰ أُمِّهِ كَى تَقَرَّ عَينُها وَلا تَحزَنَ وَلِتَعلَمَ أَنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 13) |
پوءِ موٽايوسون ان کي سندس ماءُ ڏانهن تانته ٺري اک ان جي ۽ نه غمگين ٿئي ۽ تانته ڄاڻي ته بيشڪ الله جو وعدو سچو آهي ۽ پر گهڻا انهن مان نٿا ڄاڻن . |
وَلَمّا بَلَغَ أَشُدَّهُ وَاستَوىٰ ءاتَينٰهُ حُكمًا وَعِلمًا وَكَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 14) |
۽ جڏهن پهتو پنهنجي جوانيءَ کي ۽ پختو ٿيو ته ڏني سون ان کي حڪمت ۽ علم، ۽ اهڙي طرح بدلو ڏيندا آهيون ڀلارن کي . |
وَدَخَلَ المَدينَةَ عَلىٰ حينِ غَفلَةٍ مِن أَهلِها فَوَجَدَ فيها رَجُلَينِ يَقتَتِلانِ هٰذا مِن شيعَتِهِ وَهٰذا مِن عَدُوِّهِ فَاستَغٰثَهُ الَّذى مِن شيعَتِهِ عَلَى الَّذى مِن عَدُوِّهِ فَوَكَزَهُ موسىٰ فَقَضىٰ عَلَيهِ قالَ هٰذا مِن عَمَلِ الشَّيطٰنِ إِنَّهُ عَدُوٌّ مُضِلٌّ مُبينٌ (آيت : 15) |
۽ داخل ٿيو شهر ۾ ان جي رهاڪن جي غافل هجڻ وقت پوءِ لڌائين ان ۾ ٻن مڙسن کي (جيڪي) وڙهن پيا هي ٽولي ان جي مان هو ۽ هي ان جي دشمن (جي قوم) مان هو پوءِ مدد گهري ان کان انهيءَ جيڪوسندس ٽولي مان هو انهيءَ تي جيڪو سندس دشمن (جي قوم) مان هو.وءِ مُڪ هنئي ان کي موسى پوءِ پورو ڪيائين ان کي چيائين ته هي شيطان جي ڪم مان آهي بيشڪ اهو دشمن گمراهه ڪندڙ چٽو آهي . |
قالَ رَبِّ إِنّى ظَلَمتُ نَفسى فَاغفِر لى فَغَفَرَ لَهُ إِنَّهُ هُوَ الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 16) |
چيائين ته اي منهنجا پالڻهار! بيشڪ مون ظلم ڪيو پنهنجو پاڻ تي پوءِ بخش ڪر مونکي پوءِ بخش ڪيائين بيشڪ اهو ئي بخشڻهار، مهربان آهي . |
قالَ رَبِّ بِما أَنعَمتَ عَلَىَّ فَلَن أَكونَ ظَهيرًا لِلمُجرِمينَ (آيت : 17) |
چيائين ته اي منهنجا پالڻهار! ان سببان جو نعمت ڪئي تو مونتي پوءِ هر گز نه ٿيندس مان ڏوهارين جي مددگارن مان . |
فَأَصبَحَ فِى المَدينَةِ خائِفًا يَتَرَقَّبُ فَإِذَا الَّذِى استَنصَرَهُ بِالأَمسِ يَستَصرِخُهُ قالَ لَهُ موسىٰ إِنَّكَ لَغَوِىٌّ مُبينٌ (آيت : 18) |
پوءِ صبح ڪيائين شهر ۾ ڊڄندڙ انتظار پيو ڪري پوءِ اوچتو اهو شخص جنهن مدد ورتي هئي ان کان، ڪالهه مدد پيو گهري ان کان (ٻيو ڀيرو) چيو ان کي موسى بيشڪ تون البته گمراهه کليل آهين . |
فَلَمّا أَن أَرادَ أَن يَبطِشَ بِالَّذى هُوَ عَدُوٌّ لَهُما قالَ يٰموسىٰ أَتُريدُ أَن تَقتُلَنى كَما قَتَلتَ نَفسًا بِالأَمسِ إِن تُريدُ إِلّا أَن تَكونَ جَبّارًا فِى الأَرضِ وَما تُريدُ أَن تَكونَ مِنَ المُصلِحينَ (آيت : 19) |
پوءِ جڏهن ارادو ڪيائين هي ته وٺي ان کي جيڪو انهن ٻنهي جو دشمن آهي ته چيائين اي موسى! ڇا ارادو ٿو ڪرين ته قتل ڪرين مون کي جيئن قتل ڪيئي هڪ شخص کي ڪالهه نه ٿو ارادو ڪرين مگر هي ته هجين زبردستي ڪندڙ زمين ۾ ۽ نٿو ارادو ڪرين ته هجين سڌاريندڙن مان . |
وَجاءَ رَجُلٌ مِن أَقصَا المَدينَةِ يَسعىٰ قالَ يٰموسىٰ إِنَّ المَلَأَ يَأتَمِرونَ بِكَ لِيَقتُلوكَ فَاخرُج إِنّى لَكَ مِنَ النّٰصِحينَ (آيت : 20) |
۽ آيو هڪ مڙس پرئين پاسي شهر جي کان ڊوڙي پيو چيائين ته اي موسى! بيشڪ سردار رٿ ڪن پيا تانته قتل ڪن توکي پوءِ نڪري وڃ بيشڪ مان تو لاءِ خير خواهن مان آهيان . |
فَخَرَجَ مِنها خائِفًا يَتَرَقَّبُ قالَ رَبِّ نَجِّنى مِنَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 21) |
پوءِ نڪتو ان مان ڊڄندڙ انتظار ڪندي چيائين ته اي منهنجا پالڻهار! ڇڏاءِ مون کي قوم ظالم کان . |
وَلَمّا تَوَجَّهَ تِلقاءَ مَديَنَ قالَ عَسىٰ رَبّى أَن يَهدِيَنى سَواءَ السَّبيلِ (آيت : 22) |
۽ جڏهن منهن ڪيائين مدين ڏانهن ته چيائين ويجهو آهي منهنجو رب جو هدايت ڪري مون کي سڌي واٽ ڏانهن . |
وَلَمّا وَرَدَ ماءَ مَديَنَ وَجَدَ عَلَيهِ أُمَّةً مِنَ النّاسِ يَسقونَ وَوَجَدَ مِن دونِهِمُ امرَأَتَينِ تَذودانِ قالَ ما خَطبُكُما قالَتا لا نَسقى حَتّىٰ يُصدِرَ الرِّعاءُ وَأَبونا شَيخٌ كَبيرٌ (آيت : 23) |
۽ جڏهن پهتو مدين جي پاڻيءَ تي ته لڌائين ان تي ٽولي ماڻهن جي پاڻي پيارين پيا ۽ لڌائين انهن کان سواءِ ٻه عورتون ڌڻ کي روڪين پيون چيائين ته ڪهڙو آهي ڪم اوهان جو؟ چيائون ته نه پاڻي پيارينديون آهيون اسين تان جو موٽن ڌنار ۽ پيءُ اسان جو ٻڍڙو وڏي عمر وارو آهي . |
فَسَقىٰ لَهُما ثُمَّ تَوَلّىٰ إِلَى الظِّلِّ فَقالَ رَبِّ إِنّى لِما أَنزَلتَ إِلَىَّ مِن خَيرٍ فَقيرٌ (آيت : 24) |
پوءِ پاڻي پياريائين انهن ٻنهي (جي ڌڻ) کي تنهن کان پوءِ ڦري آيو پاڇي ڏانهن پوءِ عرض ڪيائين ته اي منهنجا پالڻهار! بيشڪ مان ان لاءِ جيڪا لاٿي تو مون ڏانهن ڀلائي محتاج آهيان . |
فَجاءَتهُ إِحدىٰهُما تَمشى عَلَى استِحياءٍ قالَت إِنَّ أَبى يَدعوكَ لِيَجزِيَكَ أَجرَ ما سَقَيتَ لَنا فَلَمّا جاءَهُ وَقَصَّ عَلَيهِ القَصَصَ قالَ لا تَخَف نَجَوتَ مِنَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 25) |
پوءِ آئي ان وٽ هڪڙي انهن مان هلي پئي حياءَ سان چيائين ته بلاشڪ منهنجو پيءُ سڏي پيو توکي تانته ڏئي توکي اجورو ان جو جيڪو پاڻي پياريو تو اسان (جي ڌڻ) کي پوءِ جڏهن آيو ان وٽ ۽ بيان ڪيائين ان سان سڀ ڳالهيون ته فرمايائين نه ڊپ ڪر ڇٽين تون قوم ظالم کان . |
قالَت إِحدىٰهُما يٰأَبَتِ استَـٔجِرهُ إِنَّ خَيرَ مَنِ استَـٔجَرتَ القَوِىُّ الأَمينُ (آيت : 26) |
چيو هڪڙيءَ انهن مان اي منهنجا پيءُ! اجوري تي رک ان کي بيشڪ ڀلو اهو جو اجوري تي رکين تون ان کي قوت وارو امانتدار آهي . |
قالَ إِنّى أُريدُ أَن أُنكِحَكَ إِحدَى ابنَتَىَّ هٰتَينِ عَلىٰ أَن تَأجُرَنى ثَمٰنِىَ حِجَجٍ فَإِن أَتمَمتَ عَشرًا فَمِن عِندِكَ وَما أُريدُ أَن أَشُقَّ عَلَيكَ سَتَجِدُنى إِن شاءَ اللَّهُ مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 27) |
فرمايائين ته بيشڪ مون ارادو ڪيو آهي ته نڪاح ۾ ڪري ڏيان توکي هڪڙي نياڻي پنهنجين هنن ٻن مان هن شرط تي ته اجوري تي رهين مون وٽ اٺ سال پوءِ جيڪڏهن پورا ڪيئي ڏهه سال پوءِ پاڻ وٽان ۽ نه ٿو ارادو ڪيان مان ته سختي ڪيان توتي جلد لهندي مون کي جيڪڏهن الله گهريو صالحن مان . |
قالَ ذٰلِكَ بَينى وَبَينَكَ أَيَّمَا الأَجَلَينِ قَضَيتُ فَلا عُدوٰنَ عَلَىَّ وَاللَّهُ عَلىٰ ما نَقولُ وَكيلٌ (آيت : 28) |
فرمايائين ته اهو منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ (انجام) آهي جهڙو به ٻنهي مُدن مان پورو ڪيم پوءِ ناهي ڪا زيادتي مون تي ۽ الله ان تي جيڪو چئون ٿا ڪارساز آهي . |
فَلَمّا قَضىٰ موسَى الأَجَلَ وَسارَ بِأَهلِهِ ءانَسَ مِن جانِبِ الطّورِ نارًا قالَ لِأَهلِهِ امكُثوا إِنّى ءانَستُ نارًا لَعَلّى ءاتيكُم مِنها بِخَبَرٍ أَو جَذوَةٍ مِنَ النّارِ لَعَلَّكُم تَصطَلونَ (آيت : 29) |
پوءِ جڏهن پورو ڪيو موسى (مقرر ڪيل) مدو ۽ وٺي هليو اهل پنهنجي کي ته ڏٺائين طور جي پاسي ڏانهن باھ ته فرمايائين پنهنجي اهل کي ته ترسو مون ڏٺي آهي باھ شايد مان آڻيان اوهان وٽ اتاهين ڪا خبر يا ٽانڊو باھ مان تانته اوهان پاڻ سيڪيو . |
فَلَمّا أَتىٰها نودِىَ مِن شٰطِئِ الوادِ الأَيمَنِ فِى البُقعَةِ المُبٰرَكَةِ مِنَ الشَّجَرَةِ أَن يٰموسىٰ إِنّى أَنَا اللَّهُ رَبُّ العٰلَمينَ (آيت : 30) |
پوءِ جڏهن ان وٽ آيو ته سڏيو ويو واديءَ جي سڄي پاسي کان برڪت واري جاءِ ڏانهن وڻ مان ته اي موسى بيشڪ مان سچو معبود آهيان رب جهانن جو . |
وَأَن أَلقِ عَصاكَ فَلَمّا رَءاها تَهتَزُّ كَأَنَّها جانٌّ وَلّىٰ مُدبِرًا وَلَم يُعَقِّب يٰموسىٰ أَقبِل وَلا تَخَف إِنَّكَ مِنَ الءامِنينَ (آيت : 31) |
اڇلاءِ تون لٺ پوءِ جڏهن ڏٺائين ان کي ته چري ٿي ڄڻ ته اها نانگ آهي ته منهن موڙيائين پٺي ڏيندڙ ۽ نه پوئتي موٽيو اي موسى! سامهون اچ نه ڊپ ڪر بيشڪ تون امن وارن مان آهين . |
اسلُك يَدَكَ فى جَيبِكَ تَخرُج بَيضاءَ مِن غَيرِ سوءٍ وَاضمُم إِلَيكَ جَناحَكَ مِنَ الرَّهبِ فَذٰنِكَ بُرهٰنانِ مِن رَبِّكَ إِلىٰ فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِ إِنَّهُم كانوا قَومًا فٰسِقينَ (آيت : 32) |
داخل ڪر هٿ پنهنجو گريبان پنهنجي ۾ ته نڪرندو چمڪندڙ بي عيب ٿي ۽ ڳنڊ پاڻ ڏانهن ٻانهن پنهنجي ڊپ کان پوءِ اهي ٻئي حجتون آهن تنهنجي رب جي طرفان ۽ ان جي لشڪر جي ڏانهن بيشڪ اهي هئا قوم فاسق . |
قالَ رَبِّ إِنّى قَتَلتُ مِنهُم نَفسًا فَأَخافُ أَن يَقتُلونِ (آيت : 33) |
عرض ڪيائين ته اي منهنجا پالڻهار! بلاشڪ مون قتل ڪيو انهن مان هڪ شخص کي پوءِ دڄان ٿو ته متان مون کي قتل ڪن . |
وَأَخى هٰرونُ هُوَ أَفصَحُ مِنّى لِسانًا فَأَرسِلهُ مَعِىَ رِدءًا يُصَدِّقُنى إِنّى أَخافُ أَن يُكَذِّبونِ (آيت : 34) |
۽ منهنجو ڀاءُ هارون اهو وڌيڪ چٽو آهي مون کان زبان جي لحاظ سان پوءِ پيغمبر بنائي موڪل ان کي مون سان گڏ مدد ڪندڙ تصديق ڪري منهنجي بيشڪ مان ڊڄان ٿو ته ڪوڙو چون مون کي . |
قالَ سَنَشُدُّ عَضُدَكَ بِأَخيكَ وَنَجعَلُ لَكُما سُلطٰنًا فَلا يَصِلونَ إِلَيكُما بِـٔايٰتِنا أَنتُما وَمَنِ اتَّبَعَكُمَا الغٰلِبونَ (آيت : 35) |
فرمايائين ته جلد مضبوط ڪنداسين ٻانهن تنهنجي، تنهنجي ڀاءُ سان ۽ ڪنداسون اوهان جي لاءِ غلبو پوءِ نه پهچي سگهندا اوهان ڏانهن اوهان ٻئي ۽ جيڪي تابع ٿيا اوهان جا غالب آهيو . |
فَلَمّا جاءَهُم موسىٰ بِـٔايٰتِنا بَيِّنٰتٍ قالوا ما هٰذا إِلّا سِحرٌ مُفتَرًى وَما سَمِعنا بِهٰذا فى ءابائِنَا الأَوَّلينَ (آيت : 36) |
پوءِ جڏهن آيو انهن وٽ موسى اسان جي روشن نشانين سان ته چيائون ناهي هي مگر جادو ٺاهيل ۽ نه ٻڌو اسان هي پنهنجن ابن ڏاڏن پهرين ۾ . |
وَقالَ موسىٰ رَبّى أَعلَمُ بِمَن جاءَ بِالهُدىٰ مِن عِندِهِ وَمَن تَكونُ لَهُ عٰقِبَةُ الدّارِ إِنَّهُ لا يُفلِحُ الظّٰلِمونَ (آيت : 37) |
۽ چيو موسى رب منهنجو وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي ان کي جنهن آندي هدايت ان وٽان ۽ ان کي جو هوندو ان لاءِ چڱي پڇاڙيءَ جو گهر بيشڪ نه ڪامياب ٿيندا ظالم . |
وَقالَ فِرعَونُ يٰأَيُّهَا المَلَأُ ما عَلِمتُ لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرى فَأَوقِد لى يٰهٰمٰنُ عَلَى الطّينِ فَاجعَل لى صَرحًا لَعَلّى أَطَّلِعُ إِلىٰ إِلٰهِ موسىٰ وَإِنّى لَأَظُنُّهُ مِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 38) |
۽ چيو فرعون اي سردارؤ! نه ڄاتو مون اوهان لاءِ ڪو معبود پاڻ کان سواءِ پوءِ ٻار مون لاءِ اي هامان! مٽيءَ جي مٿان پوءِ ٺاهه مون لاءِ ماڙي تانته چڙهي وڃان مان موسى جي معبود ڏانهن ۽ بيشڪ مان البته ڀايان ٿو ان کي ڪوڙن مان . |
وَاستَكبَرَ هُوَ وَجُنودُهُ فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ وَظَنّوا أَنَّهُم إِلَينا لا يُرجَعونَ (آيت : 39) |
۽ تڪبر ڪيو ان ۽ ان جي لشڪر زمين ۾ هرو ڀرو ۽ گمان ڪيائون ته بيشڪ اهي اسان ڏانهن نه موٽايا ويندا . |
فَأَخَذنٰهُ وَجُنودَهُ فَنَبَذنٰهُم فِى اليَمِّ فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الظّٰلِمينَ (آيت : 40) |
پوءِ پڪڙيوسون ان کي ۽ ان جي لشڪر کي پوءِ اڇلايوسون ان کي سمنڊ ۾ پوءِ ڏس ته ڪهڙي طرح هئي پڇاڙي ظالمن جي . |
وَجَعَلنٰهُم أَئِمَّةً يَدعونَ إِلَى النّارِ وَيَومَ القِيٰمَةِ لا يُنصَرونَ (آيت : 41) |
۽ بنايوسين انهن کي اڳواڻ سڏين پيا باھ ڏانهن ۽ قيامت جي ڏينهن نه مدد ڪيا ويندا . |
وَأَتبَعنٰهُم فى هٰذِهِ الدُّنيا لَعنَةً وَيَومَ القِيٰمَةِ هُم مِنَ المَقبوحينَ (آيت : 42) |
۽ پويان لڳائي سون انهن جي هن دنيا ۾ لعنت ۽ قيامت جي ڏينهن اهي بڇڙن مان هوندا . |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ مِن بَعدِ ما أَهلَكنَا القُرونَ الأولىٰ بَصائِرَ لِلنّاسِ وَهُدًى وَرَحمَةً لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 43) |
۽ البته تحقيق ڏنوسون موسى کي ڪتاب ان کان پوءِ جو هلاڪ ڪيون سون قومون پهريون چٽا دليل ماڻهن جي لاءِ ۽ هدايت ۽ رحمت تانته اهي نصيت وٺن . |
وَما كُنتَ بِجانِبِ الغَربِىِّ إِذ قَضَينا إِلىٰ موسَى الأَمرَ وَما كُنتَ مِنَ الشّٰهِدينَ (آيت : 44) |
۽ نه هئين تون الهندي پاسي کان جڏهن موڪليوسون موسى ڏانهن امر ۽ نه هئين تون شاهدن مان . |
وَلٰكِنّا أَنشَأنا قُرونًا فَتَطاوَلَ عَلَيهِمُ العُمُرُ وَما كُنتَ ثاوِيًا فى أَهلِ مَديَنَ تَتلوا عَلَيهِم ءايٰتِنا وَلٰكِنّا كُنّا مُرسِلينَ (آيت : 45) |
۽ پر اسان پيدا ڪيون قومون پوءِ ڊگهو ٿيو انهن تي عرصو نه هئين تون ٽڪندڙ مدين ۾ پڙهين پيو انهن تي اسان جون آيتون ۽ پر اسين هئاسين موڪليندڙ . |
وَما كُنتَ بِجانِبِ الطّورِ إِذ نادَينا وَلٰكِن رَحمَةً مِن رَبِّكَ لِتُنذِرَ قَومًا ما أَتىٰهُم مِن نَذيرٍ مِن قَبلِكَ لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 46) |
۽ نه هئين تون طور جي پاسي ۾ جڏهن سڏيو اسان ۽ پر رحمت تنهنجي رب جي طرفان تانته ڊيڄارين ان قوم کي جو نه آيو انهن وٽ ڪو ڊيڄاريندڙ توکان اڳي تانته اهي نصيحت قبول ڪن . |
وَلَولا أَن تُصيبَهُم مُصيبَةٌ بِما قَدَّمَت أَيديهِم فَيَقولوا رَبَّنا لَولا أَرسَلتَ إِلَينا رَسولًا فَنَتَّبِعَ ءايٰتِكَ وَنَكونَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 47) |
۽ جيڪڏهن نه هجي ها هي جو پهچي ها انهن کي مصيبت ان سببان جو اڳي ڪري موڪليو هٿن انهن جي پوءِ چون ته اي اسان جا پالڻهار! ڇو نه موڪليو تو اسان ڏانهن ڪو پيغمبر پوءِ تابعداري ڪيون ها تنهنجين آيتن جي ۽ هجون ها مؤمنن مان . |
فَلَمّا جاءَهُمُ الحَقُّ مِن عِندِنا قالوا لَولا أوتِىَ مِثلَ ما أوتِىَ موسىٰ أَوَلَم يَكفُروا بِما أوتِىَ موسىٰ مِن قَبلُ قالوا سِحرانِ تَظٰهَرا وَقالوا إِنّا بِكُلٍّ كٰفِرونَ (آيت : 48) |
پوءِ جڏهن آيو انهن وٽ حق اسان وٽان ته چيائون ڇو نه ڏنو ويو مثال ان جي جيڪو ڏنو ويو موسى ڇا نه ڪفر ڪيائون ان جو جيڪو ڏنو ويو موسى اڳ ۾ چيائون ته ٻه جادو آهن جيڪي هڪ ٻئي جي مدد ڪن ٿا ۽ چيائون ته اسين سڀني جا انڪار ڪندڙ آهيون . |
قُل فَأتوا بِكِتٰبٍ مِن عِندِ اللَّهِ هُوَ أَهدىٰ مِنهُما أَتَّبِعهُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 49) |
فرماءِ ته پوءِ آڻيو ڪتاب الله وٽان جيڪو وڌيڪ هدايت وارو آهي انهن ٻنهي کان ته ان جي اتباع ڪيان جيڪڏهن آهيو سچا . |
فَإِن لَم يَستَجيبوا لَكَ فَاعلَم أَنَّما يَتَّبِعونَ أَهواءَهُم وَمَن أَضَلُّ مِمَّنِ اتَّبَعَ هَوىٰهُ بِغَيرِ هُدًى مِنَ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 50) |
پو جيڪڏهن نه قبول ڪن توکي پوءِ يقين ڄاڻ ته بلاشڪ تابعداري ڪن ٿا پنهنجين سڌن جي ۽ ڪير وڌيڪ گمراهه آهي ان کان جيڪو تابع ٿيو پنهنجي خواهشن جو سواءِ هدايت (حاصل ڪرڻ) جي الله کان، بيشڪ الله نه ٿو هدايت ڪري قوم ظالم کي . |
وَلَقَد وَصَّلنا لَهُمُ القَولَ لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 51) |
۽ البته تحقيق لاڳيتو موڪليو اسان انهن لاءِ قول تانته اهي نصيحت حاصل ڪن . |
الَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ مِن قَبلِهِ هُم بِهِ يُؤمِنونَ (آيت : 52) |
اهي جو ڏنوسون انهن کي ڪتاب ان کان اڳي ان تي ايمان آڻين ٿا . |
وَإِذا يُتلىٰ عَلَيهِم قالوا ءامَنّا بِهِ إِنَّهُ الحَقُّ مِن رَبِّنا إِنّا كُنّا مِن قَبلِهِ مُسلِمينَ (آيت : 53) |
۽ جڏهن تلاوت ڪيو ٿو وڃي انهن تي ته چيائون ايمان آندو اسان ان تي بلاشڪ اهو حق آهي اسان جي رب وٽان بلاشڪ اسين هئاسين ان کان اڳي مسلمان . |
أُولٰئِكَ يُؤتَونَ أَجرَهُم مَرَّتَينِ بِما صَبَروا وَيَدرَءونَ بِالحَسَنَةِ السَّيِّئَةَ وَمِمّا رَزَقنٰهُم يُنفِقونَ (آيت : 54) |
اهي ڏنا ويندا اجورو پنهنجو ٻه ڀيرا ان جي ڪري جو صبر ڪيائون ۽ دفع ڪن ٿا چڱائي سان برائي ۽ ان مان جيڪو رزق ڏنوسون انهن کي خرچ ڪن ٿا . |
وَإِذا سَمِعُوا اللَّغوَ أَعرَضوا عَنهُ وَقالوا لَنا أَعمٰلُنا وَلَكُم أَعمٰلُكُم سَلٰمٌ عَلَيكُم لا نَبتَغِى الجٰهِلينَ (آيت : 55) |
۽ جڏهن ٻڌن ٿا بيهودي ڳالھ ته منهن موڙين ٿا ان کان ۽ چيائون ته اسان لاءِ عمل اسان جا آهن ۽ اوهان لاءِ عمل اوهان جا آهن سلام آهي اوهان تي نه ٿا گهرون اسين جاهلن کي . |
إِنَّكَ لا تَهدى مَن أَحبَبتَ وَلٰكِنَّ اللَّهَ يَهدى مَن يَشاءُ وَهُوَ أَعلَمُ بِالمُهتَدينَ (آيت : 56) |
بلاشڪ تون نه ٿو هدايت ڪرين جنهن کي گهرين ۽ پر الله هدايت ٿو ڪري جنهن کي گهري ۽ اهو ئي وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي هدايت وارن کي . |
وَقالوا إِن نَتَّبِعِ الهُدىٰ مَعَكَ نُتَخَطَّف مِن أَرضِنا أَوَلَم نُمَكِّن لَهُم حَرَمًا ءامِنًا يُجبىٰ إِلَيهِ ثَمَرٰتُ كُلِّ شَيءٍ رِزقًا مِن لَدُنّا وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 57) |
۽ چيائون ته جيڪڏهن تابعداري ڪنداسون هدايت جي توسان گڏ ته جهڙپيا وينداسون زمين پنهنجيءَ مان ڇا نه طاقت سان رهايو اسان انهن کي حرم امن واري ۾ پهچايا وڃن ٿا ان ڏانهن ميوا هر شيءِ جا رزق ٿي اسان وٽان ۽ پر گهڻا انهن مان نه ٿا ڄاڻن . |
وَكَم أَهلَكنا مِن قَريَةٍ بَطِرَت مَعيشَتَها فَتِلكَ مَسٰكِنُهُم لَم تُسكَن مِن بَعدِهِم إِلّا قَليلًا وَكُنّا نَحنُ الوٰرِثينَ (آيت : 58) |
۽ ڪيترا هلاڪ ڪياسون ڳوٺ جيڪي حد کان لنگهيا گذران پنهنجي ۾ پوءِ اهي جايون انهن جون آهن جو نه رهائش ڪيون ويون انهن کان پوءِ مگر ٿورو وقت ۽ هئاسين اسين وارث . |
وَما كانَ رَبُّكَ مُهلِكَ القُرىٰ حَتّىٰ يَبعَثَ فى أُمِّها رَسولًا يَتلوا عَلَيهِم ءايٰتِنا وَما كُنّا مُهلِكِى القُرىٰ إِلّا وَأَهلُها ظٰلِمونَ (آيت : 59) |
۽ ناهي تنهنجو رب هلاڪ ڪندڙ ڳوٺن کي تان جو موڪلي مرڪزي شهر انهن ۾ پيغمبر جو پڙهي انهن تي آيتون اسان جون ۽ ناهيون اسين هلاڪ ڪندڙ ڳوٺن جا مگر ان حال ۾ جو انهن جا رهاڪو ظلم ڪندڙ آهن . |
وَما أوتيتُم مِن شَيءٍ فَمَتٰعُ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَزينَتُها وَما عِندَ اللَّهِ خَيرٌ وَأَبقىٰ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 60) |
۽ جيڪي ڏنا ويا آهيو اوهان هر شيءِ مان پوءِ دنيا جي حياتيءَ جو سامان ۽ ان جو سينگار آهي ۽ جيڪي الله وٽ آهي ڀلو ۽ بقادار آهي ڇا پوءِ نه ٿا عقل رکو . |
أَفَمَن وَعَدنٰهُ وَعدًا حَسَنًا فَهُوَ لٰقيهِ كَمَن مَتَّعنٰهُ مَتٰعَ الحَيوٰةِ الدُّنيا ثُمَّ هُوَ يَومَ القِيٰمَةِ مِنَ المُحضَرينَ (آيت : 61) |
ڇا پوءِ جنهن کي وعدو ڏنو اسان وعدو سهڻو پوءِ اهو ملندڙ ان جو آهي ان وانگر آهي جو نفعو ڏنوسون ان کي دنيا جي حياتيءَ جي سامان جو تنهن کان پوءِ اهو قيامت جي ڏينهن حاضر ڪيلن مان هجي . |
وَيَومَ يُناديهِم فَيَقولُ أَينَ شُرَكاءِىَ الَّذينَ كُنتُم تَزعُمونَ (آيت : 62) |
۽ جنهن ڏينهن سڏيندو انهن کي پوءِ فرمائيندو ته ڪٿي آهن شريڪ منهنجا جيڪي اوهان گمان ڪندا هيئو |
قالَ الَّذينَ حَقَّ عَلَيهِمُ القَولُ رَبَّنا هٰؤُلاءِ الَّذينَ أَغوَينا أَغوَينٰهُم كَما غَوَينا تَبَرَّأنا إِلَيكَ ما كانوا إِيّانا يَعبُدونَ (آيت : 63) |
چوندا اهي جو لازم ٿيو انهن تي فرمان اي اسان جا پالڻهار! هي اهي آهن جن کي گمراھ ڪيوسون انهن کي جيئن گمراھ ٿياسون بيزار ٿياسون تو وٽ اسان جي عبادت نه ڪندا هئا . |
وَقيلَ ادعوا شُرَكاءَكُم فَدَعَوهُم فَلَم يَستَجيبوا لَهُم وَرَأَوُا العَذابَ لَو أَنَّهُم كانوا يَهتَدونَ (آيت : 64) |
۽ چيو ويندو سڏيو شريڪن پنهنجن کي پوءِ سڏيندا انهن کي پوءِ نه جواب ڏيندا انهن کي ۽ ڏسندا عذاب جيڪڏهن تحقيق اهي هدايت وارا هجن ها . |
وَيَومَ يُناديهِم فَيَقولُ ماذا أَجَبتُمُ المُرسَلينَ (آيت : 65) |
۽ جنهن ڏينهن سڏيندو انهن کي پوءِ چوندو ته ڪهڙو جواب ڏنو اوهان مرسلن کي؟ . |
فَعَمِيَت عَلَيهِمُ الأَنباءُ يَومَئِذٍ فَهُم لا يَتَساءَلونَ (آيت : 66) |
پوءِ ڀلجي پيون انهن تي خبرون ان ڏينهن پوءِ پاڻ ۾ (به) نه پڇندا . |
فَأَمّا مَن تابَ وَءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَعَسىٰ أَن يَكونَ مِنَ المُفلِحينَ (آيت : 67) |
پوءِ پر جنهن توبہ ڪئي ۽ ايمان آندائين ۽ ڪيائين سهڻا عمل پوءِ اميد آهي ته هوندو ڪامياب ٿيندڙن مان . |
وَرَبُّكَ يَخلُقُ ما يَشاءُ وَيَختارُ ما كانَ لَهُمُ الخِيَرَةُ سُبحٰنَ اللَّهِ وَتَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 68) |
۽ تنهنجو رب پيدا ڪري ٿو جيڪي گهرندو آهي ۽ برگزيدو بنائيندو آهي ناهي انهن کي اختيار پاڪائي آهي الله جي ۽ مٿانهون ٿيو ان کان جنهن کي شريڪ ڪن ٿا . |
وَرَبُّكَ يَعلَمُ ما تُكِنُّ صُدورُهُم وَما يُعلِنونَ (آيت : 69) |
۽ تنهنجو رب ڄاڻي ٿو جيڪي لڪائين ٿا سينا انهن جا ۽ جيڪي ظاهر ڪن ٿا . |
وَهُوَ اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ لَهُ الحَمدُ فِى الأولىٰ وَالءاخِرَةِ وَلَهُ الحُكمُ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 70) |
۽ اهو ئي سچو معبود آهي ناهي ڪو عبادت جو لائق ان کان سواءِ ان جي لاءِ حمد آهي دنيا ۽ آخرت ۾ ۽ ان جو ئي حڪم آهي ۽ ان ڏانهن ئي موٽايا ويندؤ . |
قُل أَرَءَيتُم إِن جَعَلَ اللَّهُ عَلَيكُمُ الَّيلَ سَرمَدًا إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ مَن إِلٰهٌ غَيرُ اللَّهِ يَأتيكُم بِضِياءٍ أَفَلا تَسمَعونَ (آيت : 71) |
فرماءِ ته خبر ڏيو جيڪڏهن ڪري ڇڏي الله اوهان تي رات هميشہ قيامت جي ڏينهن تائين ته ڪير معبود آهي (هڪ سچي) الله کان سواءِ جيڪو آڻيندو اوهان وٽ روشني ڇا پوءِ نه ٿا ٻڌو؟ . |
قُل أَرَءَيتُم إِن جَعَلَ اللَّهُ عَلَيكُمُ النَّهارَ سَرمَدًا إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ مَن إِلٰهٌ غَيرُ اللَّهِ يَأتيكُم بِلَيلٍ تَسكُنونَ فيهِ أَفَلا تُبصِرونَ (آيت : 72) |
فرماءِ ته خبر ڏيو جيڪڏهن ڪري ڇڏي الله اوهان تي ڏينهن هميشہ قيامت جي ڏينهن تائين ته ڪير آهي معبود (هڪ سچي) الله کان سواءِ جيڪو آڻيندو اوهان وٽ رات جو سڪون وٺندؤ ان ۾ ڇا پوءِ نه ٿا ڏسو؟ . |
وَمِن رَحمَتِهِ جَعَلَ لَكُمُ الَّيلَ وَالنَّهارَ لِتَسكُنوا فيهِ وَلِتَبتَغوا مِن فَضلِهِ وَلَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 73) |
۽ پنهنجيءَ رحمت مان ڪيائين اوهان لاءِ رات ۽ ڏينهن تانته سڪون وٺو ان ۾ ۽ تانته طلب ڪيو ان جي فضل مان ۽ تانته اوهان شڪر ڪيو . |
وَيَومَ يُناديهِم فَيَقولُ أَينَ شُرَكاءِىَ الَّذينَ كُنتُم تَزعُمونَ (آيت : 74) |
۽ جنهن ڏينهن سڏيندو انهن کي پوءِ فرمائيندو ته ڪٿي آهن؟ منهنجا شريڪ جن جو گمان ڪندا هيئو . |
وَنَزَعنا مِن كُلِّ أُمَّةٍ شَهيدًا فَقُلنا هاتوا بُرهٰنَكُم فَعَلِموا أَنَّ الحَقَّ لِلَّهِ وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 75) |
۽ ڪڍنداسون هر امت مان شاهد پوءِ چونداسون آڻيو دليل پنهنجو پوءِ يقين ڄاڻندا ته بيشڪ حق الله جي لاءِ آهي ۽ گم ٿينديون انهن کان اهي ڳالهيون جيڪي هٿ سان ٺاهيندا هئا . |
إِنَّ قٰرونَ كانَ مِن قَومِ موسىٰ فَبَغىٰ عَلَيهِم وَءاتَينٰهُ مِنَ الكُنوزِ ما إِنَّ مَفاتِحَهُ لَتَنوأُ بِالعُصبَةِ أُولِى القُوَّةِ إِذ قالَ لَهُ قَومُهُ لا تَفرَح إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ الفَرِحينَ (آيت : 76) |
بيشڪ قارون هو موسى جي قوم مان پوءِ سرڪشي ڪيائين انهن تي ۽ ڏنو سون ان کي خزانن مان اوترو جو بلاشڪ ان (خزانن) جون ڪنجيون البته ٿڪائين ٿيون ٽوليءَ طاقت واريءَ کي جڏهن چيو ان کي ان جي قوم نه خوش ٿيءُ بيشڪ الله نه ٿو محبت رکي خوش ٿيندڙن کي . |
وَابتَغِ فيما ءاتىٰكَ اللَّهُ الدّارَ الءاخِرَةَ وَلا تَنسَ نَصيبَكَ مِنَ الدُّنيا وَأَحسِن كَما أَحسَنَ اللَّهُ إِلَيكَ وَلا تَبغِ الفَسادَ فِى الأَرضِ إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ المُفسِدينَ (آيت : 77) |
۽ طلب ڪر ان مان جيڪي ڏنو توکي الله دار آخرت کي ۽ نه وسار ڀاڱو پنهنجو دنيا مان ۽ احسان ڪر جيئن احسان ڪيو الله توتي ۽ نه طلب ڪر فساد زمين ۾ بيشڪ الله نه ٿو محبت رکي فساد ڪندڙن سان . |
قالَ إِنَّما أوتيتُهُ عَلىٰ عِلمٍ عِندى أَوَلَم يَعلَم أَنَّ اللَّهَ قَد أَهلَكَ مِن قَبلِهِ مِنَ القُرونِ مَن هُوَ أَشَدُّ مِنهُ قُوَّةً وَأَكثَرُ جَمعًا وَلا يُسـَٔلُ عَن ذُنوبِهِمُ المُجرِمونَ (آيت : 78) |
چيائين ته بلاشڪ ڏنو ويس مان اهو علم جي ڪري جيڪو مون وٽ آهي ڇا نه ڄاڻ رکيائين ته بيشڪ الله تحقيق هلاڪ ڪيائين ان کان اڳي ڪيتريون جماعتون جيڪي اهو سخت هيون ان کان قوت جي لحاظ سان ۽ گهڻا (دولت) گڏ ڪرڻ ۾ ۽ نه پڇيا ويندا گناهن پنهنجن کان گنهگار . |
فَخَرَجَ عَلىٰ قَومِهِ فى زينَتِهِ قالَ الَّذينَ يُريدونَ الحَيوٰةَ الدُّنيا يٰلَيتَ لَنا مِثلَ ما أوتِىَ قٰرونُ إِنَّهُ لَذو حَظٍّ عَظيمٍ (آيت : 79) |
پوءِ نڪتو پنهنجيءَ قوم جي سامهون پنهنجي سينگار سان چيو انهن جيڪي ارادو ڪن پيا دنيوي حياتيءَ جو ته اي ڪاش! اسان لاءِ به هجي ها مثال ان جي جيڪو ڏنو ويو قارون بيشڪ اهو البته وڏي قسمت جو صاحب آهي . |
وَقالَ الَّذينَ أوتُوا العِلمَ وَيلَكُم ثَوابُ اللَّهِ خَيرٌ لِمَن ءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا وَلا يُلَقّىٰها إِلَّا الصّٰبِرونَ (آيت : 80) |
۽ چيو انهن جيڪي ڏنا ويا علم ته هلاڪت آهي اوهان جي لاءِ الله جو ثواب ڀلو آهي ان لاءِ جنهن ايمان آندو ۽ ڪيائين سهڻا عمل ۽ نه دل ۾ وڌا ويندا اها ڳالھ مگر صبر ڪندڙ . |
فَخَسَفنا بِهِ وَبِدارِهِ الأَرضَ فَما كانَ لَهُ مِن فِئَةٍ يَنصُرونَهُ مِن دونِ اللَّهِ وَما كانَ مِنَ المُنتَصِرينَ (آيت : 81) |
پوءِ ڳهايوسين ان کي ۽ ان جي محل کي زمين ۾ پوءِ نه هئي ان لاءِ ڪا ٽولي جيڪي مدد ڪن ان جي الله کان سواءِ ۽ نه هو بدلو وٺندڙن مان . |
وَأَصبَحَ الَّذينَ تَمَنَّوا مَكانَهُ بِالأَمسِ يَقولونَ وَيكَأَنَّ اللَّهَ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَيَقدِرُ لَولا أَن مَنَّ اللَّهُ عَلَينا لَخَسَفَ بِنا وَيكَأَنَّهُ لا يُفلِحُ الكٰفِرونَ (آيت : 82) |
۽ صبح ڪئي انهن جن تمنا ڪئي ان جي مرتبي جي ڪالھ چوڻ لڳا اي عجب! گويا که الله ڪشادو ڪري ٿو رزق جنهن لاءِ گهري پنهنجن ٻانهن مان ۽ تنگ ٿو ڪري جيڪڏهن نه هجي ها هي جو ٿورو ڪيو الله اسان تي ته البته ڳهرائي ڇڏي ها اسان کي اي وڏو عجب آهي؟ ته نه ڪامياب ٿيندا ڪافر . |
تِلكَ الدّارُ الءاخِرَةُ نَجعَلُها لِلَّذينَ لا يُريدونَ عُلُوًّا فِى الأَرضِ وَلا فَسادًا وَالعٰقِبَةُ لِلمُتَّقينَ (آيت : 83) |
اهو آخرت جو گهر مخصوص ڪيون ٿا ان کي انهن جي لاءِ جيڪي نه ٿا ارادو ڪن بلند ٿيڻ جو زمين ۾ ۽ نه فساد جو ۽ چڱي پڇاڙي پرهيزگارن جي لاءِ آهي . |
مَن جاءَ بِالحَسَنَةِ فَلَهُ خَيرٌ مِنها وَمَن جاءَ بِالسَّيِّئَةِ فَلا يُجزَى الَّذينَ عَمِلُوا السَّيِّـٔاتِ إِلّا ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 84) |
جنهن آندي چڱائي پوءِ ان جي لاءِ ڀلو (بدلو) آهي ان کان ۽ جنهن آندي برائي پوءِ نه بدلو ڏنا ويندا اهي جن ڪيا برا ڪم مگر اهو جيڪي ڪندا هئا . |
إِنَّ الَّذى فَرَضَ عَلَيكَ القُرءانَ لَرادُّكَ إِلىٰ مَعادٍ قُل رَبّى أَعلَمُ مَن جاءَ بِالهُدىٰ وَمَن هُوَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 85) |
بيشڪ اهو الله جنهن فرض ڪيو توتي قرآن البته موٽائي آڻيندڙ آهي توکي موٽڻ واري جاءِ ڏانهن فرماءِ ته: منهنجو رب وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي جنهن آندي هدايت ۽ انهيءَ کي به جيڪو گمراهيءَ کليل ۾آهي . |
وَما كُنتَ تَرجوا أَن يُلقىٰ إِلَيكَ الكِتٰبُ إِلّا رَحمَةً مِن رَبِّكَ فَلا تَكونَنَّ ظَهيرًا لِلكٰفِرينَ (آيت : 86) |
۽ نه ٿي اميد رکي تو ته لاٿو ويندو تو ڏانهن ڪتاب مگر ٻاجھ ٿي تنهنجي رب جي طرفان پوءِ هرگز نه هج پٺڀرائي ڪندڙ ڪافرن جي لاءِ . |
وَلا يَصُدُّنَّكَ عَن ءايٰتِ اللَّهِ بَعدَ إِذ أُنزِلَت إِلَيكَ وَادعُ إِلىٰ رَبِّكَ وَلا تَكونَنَّ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 87) |
۽ هرگز نه روڪي توکي الله جي آيتن کان ان کان پوءِ جڏهن نازل ڪيون ويون تو ڏانهن ۽ سڏ پنهنجي رب ڏانهن ۽ هرگزنه هج مشرڪن مان . |
وَلا تَدعُ مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ كُلُّ شَيءٍ هالِكٌ إِلّا وَجهَهُ لَهُ الحُكمُ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 88) |
۽ نه عبادت ڪر الله سان گڏ ٻئي معبود جي ناهي ڪو عبادت جو لائق ان کان سواءِ هر شيءِ هلاڪ ٿيندڙ آهي ان جي ذات کان سواءِ ان جو ئي حڪم آهي ۽ ان ڏانهن ئي موٽايا ويندؤ . |