طسم (آيت : 1) |
طا ــ سين ــ ميم |
تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ المُبينِ (آيت : 2) |
هي پڌري ڪتاب جون آيتون آهن. |
نَتلوا عَلَيكَ مِن نَبَإِ موسىٰ وَفِرعَونَ بِالحَقِّ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 3) |
(هاڻي) اسان توکي ايمان آڻيندڙن لاءِ موسى ($) ۽ فرعون جو بلڪل صحيح واقعو ٻڌايون ٿا. |
إِنَّ فِرعَونَ عَلا فِى الأَرضِ وَجَعَلَ أَهلَها شِيَعًا يَستَضعِفُ طائِفَةً مِنهُم يُذَبِّحُ أَبناءَهُم وَيَستَحيۦ نِساءَهُم إِنَّهُ كانَ مِنَ المُفسِدينَ (آيت : 4) |
بيشڪ فرعون زمين ۾ (اسان جي خلاف) بغاوت ڪرڻ شروع ڪئي. هن پنھنجي رعيت ۾ الڳ الڳ ٽولا بنائي ڇڏيا هئا. وري هڪ ٽولي کي ته انتھائي ڪمزور ڪري (قيدي به بڻائي) ڇڏيو هو، انهن جي پٽن کي ذبح ڪرائي ڇڏيندو هو ۽ نياڻين کي جيئرو ڇڏي ڏيندو هو. بيشڪ هو فساد ڦھلائيندڙن مان هو. |
وَنُريدُ أَن نَمُنَّ عَلَى الَّذينَ استُضعِفوا فِى الأَرضِ وَنَجعَلَهُم أَئِمَّةً وَنَجعَلَهُمُ الوٰرِثينَ (آيت : 5) |
اسان ارادو ڪيو ته انهن ماڻهن تي مھرباني ڪريون جن کي سرزمين (مصر) ۾ ڪمزور ڪري دٻايو ويو آهي ۽ انهن کي اڳواڻ بڻايون ۽ کين (فرعونين جو ئي) جاءِ نشين بنائي ڇڏيون. |
وَنُمَكِّنَ لَهُم فِى الأَرضِ وَنُرِىَ فِرعَونَ وَهٰمٰنَ وَجُنودَهُما مِنهُم ما كانوا يَحذَرونَ (آيت : 6) |
۽ اسان کين زمين ۾ حڪمراني عطا ڪيون ۽ فرعون، هامان ۽ سندن لشڪرن کي اها ئي شيءِ ڏيکاريون جنھن جو کين ڀؤ هو. |
وَأَوحَينا إِلىٰ أُمِّ موسىٰ أَن أَرضِعيهِ فَإِذا خِفتِ عَلَيهِ فَأَلقيهِ فِى اليَمِّ وَلا تَخافى وَلا تَحزَنى إِنّا رادّوهُ إِلَيكِ وَجاعِلوهُ مِنَ المُرسَلينَ (آيت : 7) |
۽ اسان موسى ($) جي ماءُ کي الهام ڪيو ته تون هُن ٻار کي کير پيار. پوءِ جڏهن توکي ڀؤ ٿئي ته هن ٻار کي درياءَ ۾ وجهي ڇڏجانءِ. (وجهڻ کان پوءِ) تون ڪوبه ڀؤ ۽ رنج نه ڪجانءِ. بيشڪ هن ٻار کي توڏانهن ئي موٽائينداسون ۽ کيس (اڳتي هلي) رسولن مان هڪ رسول بڻائينداسون. |
فَالتَقَطَهُ ءالُ فِرعَونَ لِيَكونَ لَهُم عَدُوًّا وَحَزَنًا إِنَّ فِرعَونَ وَهٰمٰنَ وَجُنودَهُما كانوا خٰطِـٔينَ (آيت : 8) |
(درياءَ ۾ وجهڻ کان پوءِ آخرڪار) ان ٻار کي فرعون جي گهر وارن ڪڍي ورتو ته جيئن اِهو ٻار اڳتي هلي ڪري اُنهن جو دشمن ثابت ٿئي ۽ انهن لاءِ ڏک جو سبب ٿئي. بيشڪ فرعون، هامان ۽ انهن جا لشڪر وڏا ڏوهاري هئا. |
وَقالَتِ امرَأَتُ فِرعَونَ قُرَّتُ عَينٍ لى وَلَكَ لا تَقتُلوهُ عَسىٰ أَن يَنفَعَنا أَو نَتَّخِذَهُ وَلَدًا وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 9) |
فرعون جي گهر واري چيو ته هي ٻار منھنجي ۽ تنھنجي لاءِ اکين جو ٺار آهي. هن کي قتل نه ڪريو. ٿي سگهي ٿو ته اهو ٻار اڳتي هلي ڪري اسان جي لاءِ فائديمند ثابت ٿئي يا اسان پُٽ ڪري پالنا ڪيونس. پر کين (اصل انجام جي ته) خبر ئي نه هئي. |
وَأَصبَحَ فُؤادُ أُمِّ موسىٰ فٰرِغًا إِن كادَت لَتُبدى بِهِ لَولا أَن رَبَطنا عَلىٰ قَلبِها لِتَكونَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 10) |
ٻئي طرف موسى ($) جي ماءُ وڏي بيقراري ۾ هئي، جيڪڏهن اسان سندس همت نه وڌايون ها ته هوءَ پنھنجي بيقراري جو سبب ظاهر ڪر ي ويھي ها (اسان ان جي همت وڌائي ته) جيئن هوءَ يقين ڪرڻ وارن مان ٿئي. |
وَقالَت لِأُختِهِ قُصّيهِ فَبَصُرَت بِهِ عَن جُنُبٍ وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 11) |
۽ ماءُ (پنهنجي ڌيءَ) موسى $ جي ڀيڻ کي چيو ته تون هن جي پويان وڃ ۽ اهڙي طريقي سان ان کي اوٽائتي ڏسندي رهه جو ماڻهن کي خبر ئي نه پوي. |
وَحَرَّمنا عَلَيهِ المَراضِعَ مِن قَبلُ فَقالَت هَل أَدُلُّكُم عَلىٰ أَهلِ بَيتٍ يَكفُلونَهُ لَكُم وَهُم لَهُ نٰصِحونَ (آيت : 12) |
(ڇوڪريءَ جي اچڻ کان اڳ) اسان اُن ٻار جي اندر سڀني عورتن جي ٿَڃ ڌائڻ (يعني کير پيئڻ) کان نفرت وجهي ڇڏي هئي. (پوءِ ڇوڪري آئي) ۽ چيائين ته ڇا مان توهان کي اهڙا گهر وارا نه ٻڌايان جيڪي هن ٻار جي سھڻي طريقي ۽ وڏي خيرخواهي سان پالنا ۽ سنڀال ڪندا؟ |
فَرَدَدنٰهُ إِلىٰ أُمِّهِ كَى تَقَرَّ عَينُها وَلا تَحزَنَ وَلِتَعلَمَ أَنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 13) |
پوءِ اهڙي طريقي سان اسان ان ٻار کي پنھنجي ماءُ جي طرف موٽايوسين ته جيئن سندس اکيون ٺرن ۽ ڳڻتي نه ڪري ۽ کيس اها خبر پوي ته بيشڪ الله تعالى جو وعدو برحق آهي پر گهڻا ماڻهو ان ڳالهه کي سمجهن ئي نٿا. |
وَلَمّا بَلَغَ أَشُدَّهُ وَاستَوىٰ ءاتَينٰهُ حُكمًا وَعِلمًا وَكَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 14) |
پوءِ جڏهن موسى ($) ڦوهه جواني کي پھتو ۽ ذميداري محسوس ڪرڻ لڳو ته اسان کيس حڪمت ۽ علم عطا ڪيوسين. اهڙي طرح ئي اسان نيڪوڪارن کي بدلو ڏيندا آهيون. |
وَدَخَلَ المَدينَةَ عَلىٰ حينِ غَفلَةٍ مِن أَهلِها فَوَجَدَ فيها رَجُلَينِ يَقتَتِلانِ هٰذا مِن شيعَتِهِ وَهٰذا مِن عَدُوِّهِ فَاستَغٰثَهُ الَّذى مِن شيعَتِهِ عَلَى الَّذى مِن عَدُوِّهِ فَوَكَزَهُ موسىٰ فَقَضىٰ عَلَيهِ قالَ هٰذا مِن عَمَلِ الشَّيطٰنِ إِنَّهُ عَدُوٌّ مُضِلٌّ مُبينٌ (آيت : 15) |
هڪڙي ڏينھن موسى ($) شھر ۾ اهڙي وقت اچي داخل ٿيو جو اُتان جا شھري غفلت جي ننڊ ۾ ستا پيا هئا. هن ڏٺو ته ٻه ماڻهو پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهن (ويجهو اچي) ڏٺائين ته انهن مان هڪڙو منھنجي قوم (يعني بني اسرائيل) جو ماڻهو آهي ۽ ٻيو دشمن قوم (يعني فرعون جي قوم) جو آهي. سندس قوم واري ماڻهوءَ کيس ٻئي ماڻهوءَ جي خلاف مدد لاءِ سڏيو. پوءِ موسى ($)ٺونشو هڻي ان جو ڪم پورو ڪري ڇڏيو ۽ (فورًا دل ۾) چيائين ته هي ته (مون کان) هڪ شيطاني ڪم ٿي ويو. بيشڪ شيطان ته وڏو دشمن ۽ پڪو گمراهه ڪندڙ آهي. |
قالَ رَبِّ إِنّى ظَلَمتُ نَفسى فَاغفِر لى فَغَفَرَ لَهُ إِنَّهُ هُوَ الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 16) |
موسى ($) چيو ته: اي منھنجا پالڻھار! مون پنھنجو پاڻ تي ظلم ڪري وڌو آهي. بس! تون مون کي معاف فرماءِ. الله تعالى کيس معاف فرمايو. بيشڪ هو وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
قالَ رَبِّ بِما أَنعَمتَ عَلَىَّ فَلَن أَكونَ ظَهيرًا لِلمُجرِمينَ (آيت : 17) |
(وڌيڪ) چيائين ته: اي منھنجا پالڻھار! تو جيڪا مون تي مھرباني ڪئي آهي، سو هاڻي مان ڪڏهن به ڏوهاري قسم جي ماڻهن جو مدد گار نه ٿيندس. |
فَأَصبَحَ فِى المَدينَةِ خائِفًا يَتَرَقَّبُ فَإِذَا الَّذِى استَنصَرَهُ بِالأَمسِ يَستَصرِخُهُ قالَ لَهُ موسىٰ إِنَّكَ لَغَوِىٌّ مُبينٌ (آيت : 18) |
ٻئي ڏينهن صبح جو (ڪالهوڪو) حال احوال وٺڻ لاءِ شھر ۾ ڊڄندي ڊڄندي داخل ٿيو ته وري اوچتو ساڳئي ماڻهوءَ کيس ٻيهر مدد لاءِ سڏيو، جنھن کيس ڪالهه سڏيو هو. موسى ($)چيو ته (يار!) تون ته ڪو وڏو ڦڏائي ماڻهو ٿو لڳين. |
فَلَمّا أَن أَرادَ أَن يَبطِشَ بِالَّذى هُوَ عَدُوٌّ لَهُما قالَ يٰموسىٰ أَتُريدُ أَن تَقتُلَنى كَما قَتَلتَ نَفسًا بِالأَمسِ إِن تُريدُ إِلّا أَن تَكونَ جَبّارًا فِى الأَرضِ وَما تُريدُ أَن تَكونَ مِنَ المُصلِحينَ (آيت : 19) |
پوءِ موسى ($) اُن ماڻهوءَ تي حملي ڪرڻ جو ارادو ڪيو جيڪو انهن ٻنهي جو دشمن هو. (هيڏانهن) وري سندس قوم جي ماڻهوءَ اهو سمجهو ته اڄ موسى ($) مون تي حملو ڪري ٿو ته هن رڙ ڪندي چيو ته اي موسى! جيئن تو ڪالهه هڪ ماڻهوءَ کي ماري وڌو هو، اڄ وري مون کي ٿو مارڻ چاهين ۽ هن علائقي ۾ تون صلح ڪرائڻ جي بجاءِ ڏاڍو مڙس ٿيڻ ٿو چاهين؟ (ايئن ڪالهوڪي قتل جي خبر ماڻهن کي پئجي وئي.) |
وَجاءَ رَجُلٌ مِن أَقصَا المَدينَةِ يَسعىٰ قالَ يٰموسىٰ إِنَّ المَلَأَ يَأتَمِرونَ بِكَ لِيَقتُلوكَ فَاخرُج إِنّى لَكَ مِنَ النّٰصِحينَ (آيت : 20) |
پوءِ شھر جي آخري ڪنڊ مان هڪ ماڻهو ڊوڙندو آيو ۽ چيائين ته: اي موسى! سردار تنھنجي قتل لاءِ مشورو ڪري رهيا آهن، سو تون هتان نڪري هليو وڃ. بيشڪ مان تنھنجو خيرخواهه آهيان. |
فَخَرَجَ مِنها خائِفًا يَتَرَقَّبُ قالَ رَبِّ نَجِّنى مِنَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 21) |
پوءِ هو ڊڄندي ۽ پاڻ بچائيندي شھر کان نڪري هليو ويو ۽ دعا گهريائين ته اي منھنجا پالڻھار! مون کي ظالمن کان بچاءِ. |
وَلَمّا تَوَجَّهَ تِلقاءَ مَديَنَ قالَ عَسىٰ رَبّى أَن يَهدِيَنى سَواءَ السَّبيلِ (آيت : 22) |
۽ (موسى $ ) جڏهن مصر مان نڪري مدين ڏي وڃڻ لاءِ رُخ ڪيو ته: چيائين ته اميد آهي ته منھنجو پالڻھار مون کي صحيح رستي جي ڄاڻ ڏيندو. |
وَلَمّا وَرَدَ ماءَ مَديَنَ وَجَدَ عَلَيهِ أُمَّةً مِنَ النّاسِ يَسقونَ وَوَجَدَ مِن دونِهِمُ امرَأَتَينِ تَذودانِ قالَ ما خَطبُكُما قالَتا لا نَسقى حَتّىٰ يُصدِرَ الرِّعاءُ وَأَبونا شَيخٌ كَبيرٌ (آيت : 23) |
۽ جڏهن هو مدين جي هڪ کوهه وٽ پھتو ته ڏٺائين ته ماڻهن جو هڪ وڏو هجوم (پنهنجي جانورن کي) پاڻي پياري رهيو آهي ۽ ٻن عورتن کي ڏٺائين ته اُهي پنھنجي جانورن کي ٿورو پرڀرو روڪي بيٺيون آهن. (ان تي موسى $ ) کين چيو ته: توهان سان ڇا مسئلو آهي؟ ٻنهي چيو ته اسين ايستائين پاڻي نٿيون پياري سگهون جيستائين هي سڀ ڌنار پنھنجو پنھنجو ڌڻ واپس نه وٺي وڃن. (اسان ڪمزور آهيون) اسان جو پيءُ به ويچارو تمام پوڙهو آهي. |
فَسَقىٰ لَهُما ثُمَّ تَوَلّىٰ إِلَى الظِّلِّ فَقالَ رَبِّ إِنّى لِما أَنزَلتَ إِلَىَّ مِن خَيرٍ فَقيرٌ (آيت : 24) |
(موسى $ ) اُنهن جي جانورن کي کوهه تي وٺي وڃي پاڻي پياري آيو ۽ پوءِ وڃي هڪ وڻ جي ڇانو جي هيٺ ويھي چيائين ته اي منھنجا پالڻھار! (هن وقت ۽ هن حال ۾) تنھنجي طرفان جيڪا به مون تي ڀلائي ٿيندي مان ان جو انتھائي ضرورتمند آهيان. |
فَجاءَتهُ إِحدىٰهُما تَمشى عَلَى استِحياءٍ قالَت إِنَّ أَبى يَدعوكَ لِيَجزِيَكَ أَجرَ ما سَقَيتَ لَنا فَلَمّا جاءَهُ وَقَصَّ عَلَيهِ القَصَصَ قالَ لا تَخَف نَجَوتَ مِنَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 25) |
پوءِ اُنهن مان هڪ عورت اُن وٽ وڏي حيا واري انداز ۾ آئي ۽ چيو ته: منھنجو پيءُ توهان کي سڏي ٿو ته جيئن هو توهان کي اسان جي جانورن کي پاڻي پيارڻ واري ڀلائي جو اجر ڏي. پوءِ جڏهن موسى ($) هُن وٽ آيو ۽ ( پنهنجو) سمورو واقعو تفصيل سان ٻڌايو ته اُن شخص چيس ته تون نه ڊڄ، تون ظالم قوم کان بچي نڪري آيو آهين. |
قالَت إِحدىٰهُما يٰأَبَتِ استَـٔجِرهُ إِنَّ خَيرَ مَنِ استَـٔجَرتَ القَوِىُّ الأَمينُ (آيت : 26) |
انهن ٻن ڇوڪرين مان هڪ چيو ته بابا! هِن کي ملازم ڪري رک. ڇوته بھترين ملازم اهو هوندو آهي جيڪو طاقت ور به هجي ۽ ايماندار به هجي. |
قالَ إِنّى أُريدُ أَن أُنكِحَكَ إِحدَى ابنَتَىَّ هٰتَينِ عَلىٰ أَن تَأجُرَنى ثَمٰنِىَ حِجَجٍ فَإِن أَتمَمتَ عَشرًا فَمِن عِندِكَ وَما أُريدُ أَن أَشُقَّ عَلَيكَ سَتَجِدُنى إِن شاءَ اللَّهُ مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 27) |
اُن شخص (موسى ($ کي) چيو ته مان چاهيان ٿو ته اُنهن ٻنهي ڇوڪرين مان هڪ جو توسان نڪاح ڪريان، پر شرط اهو آهي ته تون مون وٽ اَٺ سال ملازمت ڪر. پر جيڪڏهن ڏهه سال پورا ڪندين ته اهو تنھنجي مرضيءَ تي ٻڌل آهي. بھرحال مان توهان تي وڌيڪ بار وجهڻ نٿو چاهيان. جيڪڏهن الله تعالى گهريو ته تون مون کي نيڪ ماڻهن مان ڏسندين. |
قالَ ذٰلِكَ بَينى وَبَينَكَ أَيَّمَا الأَجَلَينِ قَضَيتُ فَلا عُدوٰنَ عَلَىَّ وَاللَّهُ عَلىٰ ما نَقولُ وَكيلٌ (آيت : 28) |
موسى ($) چيو ته اها منھنجي ۽ توهان جي وچ ۾ پڪي ڳالهه ٿي وئي. (بھرحال) انهن ٻنهي مدتن مان جيڪا به مُدت مان پوري ڪريان ان کان پوءِ مون تي وڌيڪ بار نه وڌو وڃي ۽ اسان جي طئي ٿيل ڳالهين تي الله تعالى گواهه آهي. |
فَلَمّا قَضىٰ موسَى الأَجَلَ وَسارَ بِأَهلِهِ ءانَسَ مِن جانِبِ الطّورِ نارًا قالَ لِأَهلِهِ امكُثوا إِنّى ءانَستُ نارًا لَعَلّى ءاتيكُم مِنها بِخَبَرٍ أَو جَذوَةٍ مِنَ النّارِ لَعَلَّكُم تَصطَلونَ (آيت : 29) |
پوءِ جڏهن موسى ($) مدت پوري ڪئي ته پنھنجي گهر وارن کي وٺي هليو ته (رستي ۾) کيس طور جبل ڏانھن باهه نظر آئي. پنھنجي گهر وارن کي چيائين ته توهان هتي ترسو مون باهه ڏٺي آهي، ٿي سگهي ٿو ته اتان (صحيح رستي جي) خبر پئجي وڃي يا توهان جي لاءِ ڪو ٽانڊو کڻي اچان ته جيئن توهان هٿ (وغيره) سيڪيو. |
فَلَمّا أَتىٰها نودِىَ مِن شٰطِئِ الوادِ الأَيمَنِ فِى البُقعَةِ المُبٰرَكَةِ مِنَ الشَّجَرَةِ أَن يٰموسىٰ إِنّى أَنَا اللَّهُ رَبُّ العٰلَمينَ (آيت : 30) |
پوءِ هو جڏهن باهه وٽ پھتو ته اتي ميدان جي ساڄي ڪناري برڪت واري جاءِ تي لڳل هڪ وڻ مان اسان کيس سڏيوته اي موسى! بيشڪ مان ئي خود الله آهيان سمورن جھانن جو پالڻھار! |
وَأَن أَلقِ عَصاكَ فَلَمّا رَءاها تَهتَزُّ كَأَنَّها جانٌّ وَلّىٰ مُدبِرًا وَلَم يُعَقِّب يٰموسىٰ أَقبِل وَلا تَخَف إِنَّكَ مِنَ الءامِنينَ (آيت : 31) |
تون پنھنجي لٺ (زمين تي) اڇلاءِ ته هُن فوراً لٺ کي ڏٺو ته هو ور وڪڙ کائيندي نانگ هو. پوءِ هو پويان پير ڪري وٺي ڀڳو ۽ پوئتي نهاريائين به نه. (اسان کيس چيو ته) اي موسى! واپس اچ ۽ ڊڄ نه. بيشڪ تون محفوظ آهين. |
اسلُك يَدَكَ فى جَيبِكَ تَخرُج بَيضاءَ مِن غَيرِ سوءٍ وَاضمُم إِلَيكَ جَناحَكَ مِنَ الرَّهبِ فَذٰنِكَ بُرهٰنانِ مِن رَبِّكَ إِلىٰ فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِ إِنَّهُم كانوا قَومًا فٰسِقينَ (آيت : 32) |
۽ پنھنجي هٿ کي بغل ۾ وجهه، هاڻي هو بغير ڪنھن تڪليف جي روشن ٿي نڪرندو ۽ خوف کان بچڻ لاءِ تون پنھنجي ٻنهي ٻَانهُن کي پاڻ ۾ زور سان ملاءِ. تنھنجي پالڻھار جي طرفان فرعون ۽ سندس سردارن لاءِ هي ٻه نشانيون اٿئي. بيشڪ اُهي وڏا نافرمان ماڻهو آهن. |
قالَ رَبِّ إِنّى قَتَلتُ مِنهُم نَفسًا فَأَخافُ أَن يَقتُلونِ (آيت : 33) |
موسى ($) چيو ته: اي منھنجا پالڻھار! مون انهن جي هڪ ماڻهوءَ کي قتل ڪيو هو. سو مون کي ڀؤ آهي ته هُو مون کي (بدلي ۾) ڪٿي قتل نه ڪري وجهن. |
وَأَخى هٰرونُ هُوَ أَفصَحُ مِنّى لِسانًا فَأَرسِلهُ مَعِىَ رِدءًا يُصَدِّقُنى إِنّى أَخافُ أَن يُكَذِّبونِ (آيت : 34) |
منھنجو ڀاءُ هارون مون کان وڌيڪ فصاحت سان ڳالهائڻ وارو آهي سو ان کي مون سان مددگار طور موڪل ته جيئن هو منھنجي تصديق ڪري. مان ڊڄان ٿو ته (مون اڪيلي کي ته) هو ڪوڙو ڪري ڇڏيندا. |
قالَ سَنَشُدُّ عَضُدَكَ بِأَخيكَ وَنَجعَلُ لَكُما سُلطٰنًا فَلا يَصِلونَ إِلَيكُما بِـٔايٰتِنا أَنتُما وَمَنِ اتَّبَعَكُمَا الغٰلِبونَ (آيت : 35) |
(الله رب العزت) فرمايو ته (ٺيڪ آ) اسان توکي تنھنجي ڀاءُ جي ذريعي مضبوط ڪنداسين ۽ توهان ٻنهي کي اهڙو غلبو ڏينداسين جو هو ماڻهو توهان تائين پھچي ئي نه سگهندا. اسان جي نشانين هوندي توهان ٻئي ۽ توهان جا پيروڪار ئي غالب رهندا. |
فَلَمّا جاءَهُم موسىٰ بِـٔايٰتِنا بَيِّنٰتٍ قالوا ما هٰذا إِلّا سِحرٌ مُفتَرًى وَما سَمِعنا بِهٰذا فى ءابائِنَا الأَوَّلينَ (آيت : 36) |
پوءِ جڏهن موسى ($) اُنهن وٽ اسان جون واضح نشانيون کڻي آيو ته انهن چيو ته اهو توهان جو هٿ جو ٺاهيل جادو آهي. اسان ته اهي ڳالهيون ابن ڏاڏن جي دؤر ۾ ٻڌيون ئي ڪونه هيون. |
وَقالَ موسىٰ رَبّى أَعلَمُ بِمَن جاءَ بِالهُدىٰ مِن عِندِهِ وَمَن تَكونُ لَهُ عٰقِبَةُ الدّارِ إِنَّهُ لا يُفلِحُ الظّٰلِمونَ (آيت : 37) |
۽ موسى ($) چيو ته منھنجو پالڻھار ئي ان ماڻهوءَ جي حال کان خوب واقف آهي جيڪو ان جي طرفان ئي هدايت کڻي آيو آهي ۽ اُن کي ئي وڌيڪ خبر آهي ته پڇاڙي ڪنھن جي چڱي ٿيندي؟ بيشڪ ظالم ماڻهو ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. |
وَقالَ فِرعَونُ يٰأَيُّهَا المَلَأُ ما عَلِمتُ لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرى فَأَوقِد لى يٰهٰمٰنُ عَلَى الطّينِ فَاجعَل لى صَرحًا لَعَلّى أَطَّلِعُ إِلىٰ إِلٰهِ موسىٰ وَإِنّى لَأَظُنُّهُ مِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 38) |
فرعون چيو ته اي سردارو! مان ته پاڻ کان سواءِ توهان جو ٻيو ڪو معبود نٿو سمجهان. اي هامان! تون باهه ۾ سِرُون پچائي تيار ڪر ۽ منھنجي لاءِ هڪ وڏي ماڙي ٺاهه ته جيئن مان ان تي چڙهي موسى جي معبود کي ڏسي وٺان. مان ته کيس ڪوڙو ٿو سمجهان. |
وَاستَكبَرَ هُوَ وَجُنودُهُ فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ وَظَنّوا أَنَّهُم إِلَينا لا يُرجَعونَ (آيت : 39) |
هُن خود ۽ سندس لشڪر زمين ۾ ناحق وڏائي ڪئي ۽ اهو سمجهو ته کين اسان جي طرف ڪڏهن موٽڻو ئي ناهي. |
فَأَخَذنٰهُ وَجُنودَهُ فَنَبَذنٰهُم فِى اليَمِّ فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الظّٰلِمينَ (آيت : 40) |
پوءِ اسان ان کي ۽ سندس لشڪر کي پڪڙيو ۽ سمنڊ ۾ اڇلايو. ڏسو ته ظالمن جو ڪهڙو انجام ٿيو؟ |
وَجَعَلنٰهُم أَئِمَّةً يَدعونَ إِلَى النّارِ وَيَومَ القِيٰمَةِ لا يُنصَرونَ (آيت : 41) |
اسان انهن کي (دوزخين جو) اڳواڻ بڻايوسين جو اُهي ماڻهن کي (جھنم جي) باهه ڏي سڏيندا هئا ۽ قيامت جي ڏينھن انهن جي ڪابه مدد نه ڪئي ويندي. |
وَأَتبَعنٰهُم فى هٰذِهِ الدُّنيا لَعنَةً وَيَومَ القِيٰمَةِ هُم مِنَ المَقبوحينَ (آيت : 42) |
۽ اسان هنن جي مٿان دنيا جي زندگي ۾ لعنت مسلط ڪري ڇڏي ۽ قيامت جي ڏينھن اهي بدترين ماڻهن مان هوندا. |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ مِن بَعدِ ما أَهلَكنَا القُرونَ الأولىٰ بَصائِرَ لِلنّاسِ وَهُدًى وَرَحمَةً لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 43) |
گذريل قومن کي تباهه ڪرڻ کان پوءِ اسان موسى ($) کي ڪتاب ڏنوسين. اهو ڪتاب ماڻهن کي سمجهائيندڙ، هدايت ۽ رحمت بخشيندڙ هو ته جيئن ماڻهو نصيحت وٺن. |
وَما كُنتَ بِجانِبِ الغَربِىِّ إِذ قَضَينا إِلىٰ موسَى الأَمرَ وَما كُنتَ مِنَ الشّٰهِدينَ (آيت : 44) |
(اي نبيﷺ!) جڏهن اسان موسى ($) کي پنھنجو حڪم عطا ڪيو ته تون ان وقت طُور (جبل) جي اولهندي پاسي موجود ڪونه هئين ۽ نه ئي تون ڪو شاهدن مان هئين. |
وَلٰكِنّا أَنشَأنا قُرونًا فَتَطاوَلَ عَلَيهِمُ العُمُرُ وَما كُنتَ ثاوِيًا فى أَهلِ مَديَنَ تَتلوا عَلَيهِم ءايٰتِنا وَلٰكِنّا كُنّا مُرسِلينَ (آيت : 45) |
ان کان پوءِ اسان ڪيترائي نسل پيدا ڪيا ۽ انهن کي به گهڻو زمانو گذري ويو ۽ نه ئي تون مدين وارن ۾ رهندڙ هئين جو تون کين اسان جون آيتون پڙهي ٻڌائين ها. پر اسان انهن ڏانھن برابر رسول موڪليندا رهيا آهيون. |
وَما كُنتَ بِجانِبِ الطّورِ إِذ نادَينا وَلٰكِن رَحمَةً مِن رَبِّكَ لِتُنذِرَ قَومًا ما أَتىٰهُم مِن نَذيرٍ مِن قَبلِكَ لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 46) |
۽ تون طُور جبل وٽ به ڪو نه هئين، جڏهن اسان (موسى $ ) کي سڏيو هو. پر هي سڀ الله تعالى جي رحمت ئي آهي (جو تو وٽ اهي واقعا پُھتا آهن) ته جيئن تون اهڙي قوم کي ڊيڄارين جن وٽ توکان اڳ ڪير به ڊيڄاريندڙ نه آيو آهي. شايد هو نصيحت حاصل ڪن. |
وَلَولا أَن تُصيبَهُم مُصيبَةٌ بِما قَدَّمَت أَيديهِم فَيَقولوا رَبَّنا لَولا أَرسَلتَ إِلَينا رَسولًا فَنَتَّبِعَ ءايٰتِكَ وَنَكونَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 47) |
۽ جيڪڏهن (اسان توکي انهن ماڻهن ڏانھن نه موڪليون ها ته) سندن ڪرتوتن جي ڪري (قيامت جي ڏينهن) مٿن جيڪا مصيبت اچي ها، اُن وقت هو چون ها ته اي اسان جا پالڻھار! تون اسان ڏي ڪو رسول سڳورو ڇونه موڪليو هو ته جيئن اسان تنھنجي آيتن جي پيروي ڪريون ها ۽ اسان ايمان وارن مان ٿي وڃون ها؟ |
فَلَمّا جاءَهُمُ الحَقُّ مِن عِندِنا قالوا لَولا أوتِىَ مِثلَ ما أوتِىَ موسىٰ أَوَلَم يَكفُروا بِما أوتِىَ موسىٰ مِن قَبلُ قالوا سِحرانِ تَظٰهَرا وَقالوا إِنّا بِكُلٍّ كٰفِرونَ (آيت : 48) |
پوءِ جڏهن انهن وٽ اسان جي طرفان حق ڳالهه اچي وئي ته چوڻ لڳا ته هن (نبي) کي اهو ڪجهه ڇو نه ڏنو ويو جيڪو موسى ($) کي ڏنو ويو هو؟ جيڪو موسى ($) کي اڳ تورات ڏنو ويو هو، ڇا انهن ماڻهن ان جو انڪار نه ڪيو آهي؟ انهن ته اهو به چيو آهي ته هي ٻئي ڪتاب (يعني قرآن ۽ تورات) هڪ جھڙا جادو آهن (۽) اهي (ٻئي ڪتاب) هڪ ٻئي جا ڀرجهلو آهن. ۽ اسان انهن سڀني جو انڪار ڪريون ٿا. |
قُل فَأتوا بِكِتٰبٍ مِن عِندِ اللَّهِ هُوَ أَهدىٰ مِنهُما أَتَّبِعهُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 49) |
(اي نبيﷺ!) چؤ ته جيڪڏهن توهان سچا آهيو ته پوءِ الله تعالى جي طرفان ڪو اهڙو ڪتاب آڻيو جيڪو انهن ٻنهي کان وڌيڪ صحيح هجي ته پوءِ مان ان کي (سچو) مڃيندس. |
فَإِن لَم يَستَجيبوا لَكَ فَاعلَم أَنَّما يَتَّبِعونَ أَهواءَهُم وَمَن أَضَلُّ مِمَّنِ اتَّبَعَ هَوىٰهُ بِغَيرِ هُدًى مِنَ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 50) |
جيڪڏهن هو توکي ان جو جواب نه ڏين ته بس! سمجهي وڃ ته بيشڪ هو پنھنجي خواهشن جي پيروي ڪن ٿا ۽ ان کان وڌيڪ ڪير گمراهه ٿي سگهي ٿو جيڪو الله تعالى جي هدايت کان سواءِ پنھنجي خواهشن جي پيروي ڪري؟ بيشڪ الله تعالى ظالم قوم کي ڪڏهن به هدايت نه ڏيندو آهي. |
وَلَقَد وَصَّلنا لَهُمُ القَولَ لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 51) |
۽ اسان انهن ماڻهن کي هي ڪلام لڳاتار پھچايوسين ته جيئن هو نصيحت حاصل ڪن. |
الَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ مِن قَبلِهِ هُم بِهِ يُؤمِنونَ (آيت : 52) |
جن ماڻهن کي اسان هن (قرآن) کان اڳ ڪتاب (يعني انجيل) ڏنو هو، اُهي ته هن (قرآن) تي ايمان آڻين ٿا. |
وَإِذا يُتلىٰ عَلَيهِم قالوا ءامَنّا بِهِ إِنَّهُ الحَقُّ مِن رَبِّنا إِنّا كُنّا مِن قَبلِهِ مُسلِمينَ (آيت : 53) |
۽ جڏهن کين (سندن سامهون) قرآن جون آيتون تلاوت ڪري ٻڌايون وڃن ٿيون ته هو چون ٿا ته اسان ان تي ايمان آندو آهي. بيشڪ اسان جي پالڻھار جي طرفان اهوئي حق آهي. اسان ته شروع کان (ئي) مسلمان آهيون. |
أُولٰئِكَ يُؤتَونَ أَجرَهُم مَرَّتَينِ بِما صَبَروا وَيَدرَءونَ بِالحَسَنَةِ السَّيِّئَةَ وَمِمّا رَزَقنٰهُم يُنفِقونَ (آيت : 54) |
هي اُهي ماڻهو آهن جن کي ثابت قدم رهڻ جي ڪري ٻيڻو اجر ڏنو ويندو. هي ماڻهو برائي کي ڀلائي سان ٽارين ٿا ۽ اسان کين جيڪو به رزق ڏنو آهي هُو ان مان (الله تعالى جي راهه ۾) خرچ ڪن ٿا. |
وَإِذا سَمِعُوا اللَّغوَ أَعرَضوا عَنهُ وَقالوا لَنا أَعمٰلُنا وَلَكُم أَعمٰلُكُم سَلٰمٌ عَلَيكُم لا نَبتَغِى الجٰهِلينَ (آيت : 55) |
۽ جڏهن اُهي ڪا بيھودي ڳالهه ٻڌندا آهن ته فوراً پنهنجو منھن ڦيري ڇڏيندا آهن ۽ چوندا آهن ته اسان جو عمل اسان سان آهي ۽ توهان جو عمل توهان سان آهي. (بھرحال) توهان تي سلامتي هجي، اسان جو جاهل ماڻهن سان ڪو به واسطو ڪونهي. |
إِنَّكَ لا تَهدى مَن أَحبَبتَ وَلٰكِنَّ اللَّهَ يَهدى مَن يَشاءُ وَهُوَ أَعلَمُ بِالمُهتَدينَ (آيت : 56) |
(اي نبيﷺ!)تون ڪنھن کي به هدايت نٿو ڏيئي سگهين سواءِ ان جي جنھن کي الله تعالى هدايت ڏيڻ گهري ۽ اهو ئي هدايت حاصل ڪندڙن کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو. |
وَقالوا إِن نَتَّبِعِ الهُدىٰ مَعَكَ نُتَخَطَّف مِن أَرضِنا أَوَلَم نُمَكِّن لَهُم حَرَمًا ءامِنًا يُجبىٰ إِلَيهِ ثَمَرٰتُ كُلِّ شَيءٍ رِزقًا مِن لَدُنّا وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 57) |
(ڪافرن مان ڪمزور دل وارا) چون ٿا ته جيڪڏهن اسان توهان سان گڏ هدايت وارو رستو ورتو ته اسان پنھنجي ئي سرزمين مان کنڀجي وينداسين. پر ڇا اسان حرم پاڪ کي پُرامن بنائي انهن جي لاءِ رهڻ جي جاءِ نه بنايو آهي؟ جو ان حرم پاڪ ڏي (دنيا جي هر طرف کان) اسان جي طرفان رزق طور مختلف قسمن جا ميوا پھچن ٿا؟ پر گهڻا ماڻهو ان ڳالهه کي سمجهن ئي نٿا. |
وَكَم أَهلَكنا مِن قَريَةٍ بَطِرَت مَعيشَتَها فَتِلكَ مَسٰكِنُهُم لَم تُسكَن مِن بَعدِهِم إِلّا قَليلًا وَكُنّا نَحنُ الوٰرِثينَ (آيت : 58) |
اسان ڪيترن ئي شھرن کي صرف ان ڪري تباهه ڪيوسين جو اُهي پنھنجي خوشحال زندگي تي فخر ڪرڻ لڳا هئا پر اڄ انهن جا محل خالي پيل آهن. ان کان پوءِ انهن جي محلات ۾ ماڻهو ٿورو ئي وقت رهيا. نيٺ انهن محلات جا وارث اسان ئي ٿياسون. |
وَما كانَ رَبُّكَ مُهلِكَ القُرىٰ حَتّىٰ يَبعَثَ فى أُمِّها رَسولًا يَتلوا عَلَيهِم ءايٰتِنا وَما كُنّا مُهلِكِى القُرىٰ إِلّا وَأَهلُها ظٰلِمونَ (آيت : 59) |
الله تعالى ڪڏهن به ڪنھن شهر کي ان وقت تائين تباهه نه ڪندو آهي جيستائين اُن جي وڏي شھر ۾ ڪو رسول نه موڪلي. جيڪو انهن کي اسان جون آيتون تلاوت ڪري ٻڌائي ۽ اسان انهن شھرن کي به تباهه نه ڪندا آهيون جيستائين هو ظلم جي ڪمن ۾ حد کان وڌيڪ لنگهي نه وڃن. |
وَما أوتيتُم مِن شَيءٍ فَمَتٰعُ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَزينَتُها وَما عِندَ اللَّهِ خَيرٌ وَأَبقىٰ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 60) |
توهان ماڻهن کي جيڪو ڪجهه ڏنو ويو آهي اهو ته رڳو دنيا جي زندگي جو سامان ۽ ان جي سونهن آهي ۽ جيڪو ڪجهه الله تعالى وٽ آهي اهوئي بھتر آهي ۽ هميشه رهڻ وارو آهي. پوءِ توهان عقل کان ڪم ڇو نٿا وٺو؟ |
أَفَمَن وَعَدنٰهُ وَعدًا حَسَنًا فَهُوَ لٰقيهِ كَمَن مَتَّعنٰهُ مَتٰعَ الحَيوٰةِ الدُّنيا ثُمَّ هُوَ يَومَ القِيٰمَةِ مِنَ المُحضَرينَ (آيت : 61) |
جنھن ماڻهوءَ سان اسان (جنت جو) سھڻو وعدو ڪيو هجي پوءِ اهو ان کي حاصل به ڪري ته ڇا اهو ان ماڻهو جھڙو ٿي سگهي ٿو جنھن کي اسان رڳو دنيا جي حياتي جي سامان سان خوشحال ڪيو هجي؟ ۽ قيامت جي ڏينھن هو عذاب لاءِ پيش ٿئي. |
وَيَومَ يُناديهِم فَيَقولُ أَينَ شُرَكاءِىَ الَّذينَ كُنتُم تَزعُمونَ (آيت : 62) |
ان ڏينھن الله تعالى کين سڏيندو ۽ چوندو ته ڪٿي آهن اُهي جن کي توهان منھنجو شريڪ سمجهندا هئا؟ |
قالَ الَّذينَ حَقَّ عَلَيهِمُ القَولُ رَبَّنا هٰؤُلاءِ الَّذينَ أَغوَينا أَغوَينٰهُم كَما غَوَينا تَبَرَّأنا إِلَيكَ ما كانوا إِيّانا يَعبُدونَ (آيت : 63) |
ان ڏينھن جيڪي ماڻهو سزا يافته هوندا، سي اعتراف ڪندا ته اي اسان جا پالڻھار! واقعي اِهي ئي ماڻهو آهن جن کي اسان گمراهه ڪيو هو جيئن اسان پاڻ گمراهه هئاسين. انهن کي به اهڙي طريقي سان گمراهه ڪري ڇڏيو(هينئر) تنھنجي سامهون اسان انهن کان بيزاري جو اظهار ڪريون ٿا، هو اسان جي هرگز عبادت نه ڪندا هئا. |
وَقيلَ ادعوا شُرَكاءَكُم فَدَعَوهُم فَلَم يَستَجيبوا لَهُم وَرَأَوُا العَذابَ لَو أَنَّهُم كانوا يَهتَدونَ (آيت : 64) |
۽ کين چيو ويندو ته پنھنجي شريڪن کي سڏيو. پوءِ هو اُنهن کي سڏيندا پر هو انهن کي ڪوبه جواب نه ڏيندا ۽ عذاب کي ڏسي چوندا ته ڪاش! هو هدايت وارو رستو وٺن ها. |
وَيَومَ يُناديهِم فَيَقولُ ماذا أَجَبتُمُ المُرسَلينَ (آيت : 65) |
جنھن ڏينھن الله تعالى کين سڏيندو ۽ چوندو ته توهان رسول سڳورن کي ڪھڙو جواب ڏنو هو؟ |
فَعَمِيَت عَلَيهِمُ الأَنباءُ يَومَئِذٍ فَهُم لا يَتَساءَلونَ (آيت : 66) |
ان ڏينھن اُنهن کان سڀ ڳالهيون وسري وينديون ۽ هو هڪ ٻئي کان پُڇي به نه سگهندا. |
فَأَمّا مَن تابَ وَءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَعَسىٰ أَن يَكونَ مِنَ المُفلِحينَ (آيت : 67) |
پوءِ جنھن توبہ ڪئي، ايمان آندو ۽ نيڪ ڪم ڪيا، ٿي سگهي ٿو ته هُو ڪامياب ماڻهن ۾ شامل ٿي وڃي. |
وَرَبُّكَ يَخلُقُ ما يَشاءُ وَيَختارُ ما كانَ لَهُمُ الخِيَرَةُ سُبحٰنَ اللَّهِ وَتَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 68) |
(اي نبيﷺ!) تنھنجو پالڻھار جيڪا شيءِ چاهيندو آهي اُها پيدا ڪندو آهي ۽ (پنهنجي ڪم لاءِ جنھن کي چاهيندو آهي تنھن جي) چونڊ ڪندو آهي. انهن جي چونڊ ڪرڻ هنن ماڻهن جو ڪم نه آهي. الله تعاليٰ جي ذات انهن کان انتهائي پاڪ ۽ گهڻو بلند آهي جن کي هي ماڻهو شريڪ ڪن ٿا. |
وَرَبُّكَ يَعلَمُ ما تُكِنُّ صُدورُهُم وَما يُعلِنونَ (آيت : 69) |
۽ تنھنجو پالڻھار خوب ڄاڻي ٿو جيڪو ڪجهه هي ماڻهو پنھنجي دلين ۾ لڪائين ٿا ۽ ظاهر ڪن ٿا. |
وَهُوَ اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ لَهُ الحَمدُ فِى الأولىٰ وَالءاخِرَةِ وَلَهُ الحُكمُ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 70) |
اهو الله تعاليٰ ئي آهي جنھن کان سواءِ ڪير به معبود ناهي، دنيا ۽ آخرت ۾ (هر طرف) ان جي ئي تعريف آهي، ان جي ئي حڪمراني آهي ۽ اوهان سڀ ان ڏانھن ئي موٽايا ويندا. |
قُل أَرَءَيتُم إِن جَعَلَ اللَّهُ عَلَيكُمُ الَّيلَ سَرمَدًا إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ مَن إِلٰهٌ غَيرُ اللَّهِ يَأتيكُم بِضِياءٍ أَفَلا تَسمَعونَ (آيت : 71) |
تون چؤ ته: ڇا توهان نٿا ڏسو ته جيڪڏهن الله تعالى قيامت تائين توهان جي مٿان رات ڪري ڇڏي ته الله تعالى کان سواءِ ڪير آهي جيڪو توهان کي (سج جھڙي) روشني آڻي ڏي؟ ڇا پوءِ به توهان ڪن کولي نٿا ٻڌو؟ |
قُل أَرَءَيتُم إِن جَعَلَ اللَّهُ عَلَيكُمُ النَّهارَ سَرمَدًا إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ مَن إِلٰهٌ غَيرُ اللَّهِ يَأتيكُم بِلَيلٍ تَسكُنونَ فيهِ أَفَلا تُبصِرونَ (آيت : 72) |
تون چؤ ته ڇا توهان اهو نٿا ڏسو ته جيڪڏهن الله تعالى قيامت تائين توهان جي مٿان ڏينھن ڪري ڇڏي ته الله تعالى کان سواءِ ڪير آهي جيڪو توهان کي رات آڻي ڏي جنھن ۾ توهان سُک جي ننڊ ڪريو ٿا؟ ڇا پوءِ به توهان اکيون نٿا کوليو؟ |
وَمِن رَحمَتِهِ جَعَلَ لَكُمُ الَّيلَ وَالنَّهارَ لِتَسكُنوا فيهِ وَلِتَبتَغوا مِن فَضلِهِ وَلَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 73) |
۽ هن پنھنجي مھرباني سان توهان لاءِ رات ۽ ڏينھن پيدا ڪيا ته جيئن توهان (رات جو) سڪون حاصل ڪريو ۽ (ڏينهن جو) ان جي روزي تلاش ڪريو ته جيئن توهان شڪرگذار ٻانها ٿي رهو. |
وَيَومَ يُناديهِم فَيَقولُ أَينَ شُرَكاءِىَ الَّذينَ كُنتُم تَزعُمونَ (آيت : 74) |
جنھن ڏينھن الله تعالى کين سڏيندو ۽ چوندو ته ڪٿي آهن اُهي جن کي توهان منھنجو شريڪ ڪرڻ جي دعويٰ ڪندا هئا؟ |
وَنَزَعنا مِن كُلِّ أُمَّةٍ شَهيدًا فَقُلنا هاتوا بُرهٰنَكُم فَعَلِموا أَنَّ الحَقَّ لِلَّهِ وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 75) |
۽ اسان هر امت مان هڪ هڪ گواهه بيهارينداسين پوءِ (انهن کي) چونداسون ته پنھنجو دليل آڻيو، هاڻي انهن کي معلوم ٿي ويندو ته حق الله تعالى جي لاءِ ئي آهي ۽ اُهي پنهنجون سڀ ٺاهيل ۽ ڪوڙيون ڳالهيون وساري ويهندا. |
إِنَّ قٰرونَ كانَ مِن قَومِ موسىٰ فَبَغىٰ عَلَيهِم وَءاتَينٰهُ مِنَ الكُنوزِ ما إِنَّ مَفاتِحَهُ لَتَنوأُ بِالعُصبَةِ أُولِى القُوَّةِ إِذ قالَ لَهُ قَومُهُ لا تَفرَح إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ الفَرِحينَ (آيت : 76) |
بيشڪ قارون، موسى ($) جي قوم مان هو. پوءِ هن (پنهنجي قوم بني اسرائيل سان) بغاوت ڪئي. اسان کيس ايترا ته خزانا ڏنا هئا جو انهن جون ڪنجيون ماڻهن جو هڪ طاقتور گروهه کڻندي ٿڪجي پوندو هو. پوءِ جڏهن کيس پنھنجي قوم جي ماڻهن (يعني بني اسرائيلين) چيو ته گهڻي مال تي مَستي (۽ تڪبر) نه ڪر. بيشڪ الله تعالى تڪبر ڪندڙن کي پسند نه ڪندو آهي. |
وَابتَغِ فيما ءاتىٰكَ اللَّهُ الدّارَ الءاخِرَةَ وَلا تَنسَ نَصيبَكَ مِنَ الدُّنيا وَأَحسِن كَما أَحسَنَ اللَّهُ إِلَيكَ وَلا تَبغِ الفَسادَ فِى الأَرضِ إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ المُفسِدينَ (آيت : 77) |
۽ جيڪو ڪجهه الله تعالى توکي ڏنو آهي ان جي ذريعي آخرت جو گهر ٺاهڻ جو به سوچ ۽ دنيا مان نيڪ عمل ڪرڻ جو حصو نه وسار، ماڻهن سان احسان ڪر، جيئن الله تعالى توسان احسان ڪيو آهي ۽ زمين ۾ فساد ڦھلائڻ جي ڪوشش نه ڪر. بيشڪ الله تعالى فساد ڦھلائيندڙن کي پسند نه ڪندو آهي. |
قالَ إِنَّما أوتيتُهُ عَلىٰ عِلمٍ عِندى أَوَلَم يَعلَم أَنَّ اللَّهَ قَد أَهلَكَ مِن قَبلِهِ مِنَ القُرونِ مَن هُوَ أَشَدُّ مِنهُ قُوَّةً وَأَكثَرُ جَمعًا وَلا يُسـَٔلُ عَن ذُنوبِهِمُ المُجرِمونَ (آيت : 78) |
قارون چيو ته هي سڄو مال ته مون کي ذهانت جي ڪري مليو آهي، جيڪا خاص مون وٽ آهي. ڇا ان کي معلوم نه هو ته بيشڪ الله تعالى ان کان پھريائين ڪيترين ئي قومن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي جيڪي هن کان به وڌيڪ طاقت ور ۽ افرادي قوت رکندڙ هئا؟ ڏوهارين کان ته سندن ڏوهن جي باري ۾ پڇبو ئي ڪونه. |
فَخَرَجَ عَلىٰ قَومِهِ فى زينَتِهِ قالَ الَّذينَ يُريدونَ الحَيوٰةَ الدُّنيا يٰلَيتَ لَنا مِثلَ ما أوتِىَ قٰرونُ إِنَّهُ لَذو حَظٍّ عَظيمٍ (آيت : 79) |
هڪ ڏينھن هو (قارون) پنھنجي قوم (بني اسرائيل) جي سامهون وڏي شان ۽ شوڪت سان آيو ته جيڪي ماڻهو دنيا جي زندگي چاهيندڙ هئا تن چيو ته ڪاش! اسان کي به اهڙو مال هجي ها جيڪو قارون کي ڏنو ويو آهي. بيشڪ قارون ته وڏي ڀاڳ وارو آهي. |
وَقالَ الَّذينَ أوتُوا العِلمَ وَيلَكُم ثَوابُ اللَّهِ خَيرٌ لِمَن ءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا وَلا يُلَقّىٰها إِلَّا الصّٰبِرونَ (آيت : 80) |
پر جن ماڻهن کي علم ۾ بصيرت ڏني وئي هئي تن چيو ته توهان جي ان سوچ تي وڏو افسوس آهي جنھن ماڻهو ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا تنھن لاءِ الله تعالى جو ثواب حاصل ڪرڻ ئي بھتر آهي ۽ اها ثواب حاصل ڪرڻ جي توفيق انهن کي نصيب ٿيندي آهي جيڪي صبر ڪندڙ هوندا آهن. |
فَخَسَفنا بِهِ وَبِدارِهِ الأَرضَ فَما كانَ لَهُ مِن فِئَةٍ يَنصُرونَهُ مِن دونِ اللَّهِ وَما كانَ مِنَ المُنتَصِرينَ (آيت : 81) |
پوءِ اسان اُن کي گهر سميت زمين ۾ ڳھائي ڇڏيو. ان جا ڪير به اهڙا حمايتي نه هئا جيڪي الله تعالى کان سواءِ ان جي مدد لاءِ اڳتي اچن ها ۽ نه ئي هو پنھنجي مدد پاڻ ڪري سگهيو. |
وَأَصبَحَ الَّذينَ تَمَنَّوا مَكانَهُ بِالأَمسِ يَقولونَ وَيكَأَنَّ اللَّهَ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَيَقدِرُ لَولا أَن مَنَّ اللَّهُ عَلَينا لَخَسَفَ بِنا وَيكَأَنَّهُ لا يُفلِحُ الكٰفِرونَ (آيت : 82) |
۽ جيڪي ماڻهو ڪالهه تائين سندس شان ۽ شوڪت جي تمنا ڪري رهيا هئا، سي (هاڻي) چوڻ لڳا ته بيشڪ الله تعالى پنھنجي ٻانهن مان جنھن لاءِ به چاهيندو آهي ان جي روزي ۾ ڪشادگي ۽ گهٽتائي ڪندو آهي. جيڪڏهن الله تعالى جي مھرباني اسان تي نه ٿئي ها ته هو اسان کي به زمين ۾ ڳھائي ڇڏي ها. بيشڪ ڪافر ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا آهن. |
تِلكَ الدّارُ الءاخِرَةُ نَجعَلُها لِلَّذينَ لا يُريدونَ عُلُوًّا فِى الأَرضِ وَلا فَسادًا وَالعٰقِبَةُ لِلمُتَّقينَ (آيت : 83) |
آخرت جو گهر اسان انهن ماڻهن لاءِ رکيو آهي جيڪي زمين ۾ نه ته وڏائي ڪرڻ گهرن ٿا ۽ نه ئي فساد ڦھلائڻ چاهين ٿا ۽ سٺو انجام پرهيزگارن جو هوندو آهي. |
مَن جاءَ بِالحَسَنَةِ فَلَهُ خَيرٌ مِنها وَمَن جاءَ بِالسَّيِّئَةِ فَلا يُجزَى الَّذينَ عَمِلُوا السَّيِّـٔاتِ إِلّا ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 84) |
جيڪو ماڻهو (قيامت جي ڏينهن) نيڪي آڻيندو ته ان لاءِ ان نيڪي کان وڌيڪ بھترين بدلو آهي ۽ جيڪو ماڻهو برائي آڻيندو ته برائي ڪرڻ وارن کي اوترو ئي برو بدلو ڏنو ويندو جيترا بُرا عمل انهن ڪيا هوندا. |
إِنَّ الَّذى فَرَضَ عَلَيكَ القُرءانَ لَرادُّكَ إِلىٰ مَعادٍ قُل رَبّى أَعلَمُ مَن جاءَ بِالهُدىٰ وَمَن هُوَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 85) |
(اي نبيﷺ!) بيشڪ جنھن هستي تنھنجي مٿان هي قرآن نازل فرمايو آهي اهو ضرور توکي بهترين جڳھه ڏي موٽائڻ وارو آهي. تون چؤ ته منھنجو پالڻھار ئي وڌيڪ ڄاڻي ٿو ته ڪير هدايت کڻي آيو آهي ۽ ڪير پڌري گمراهيءَ ۾ مبتلا آهي؟ |
وَما كُنتَ تَرجوا أَن يُلقىٰ إِلَيكَ الكِتٰبُ إِلّا رَحمَةً مِن رَبِّكَ فَلا تَكونَنَّ ظَهيرًا لِلكٰفِرينَ (آيت : 86) |
(اي نبيﷺ!) توکي ته اها اميد ئي نه هئي ته ڪو تنھنجي مٿان هي ڪتاب نازل ڪيو ويندو. پر اها سراسر تنھنجي پالڻھار جي رحمت آهي (جو هن تنھنجي مٿان ڪتاب نازل ڪيو) سو توهان ڪڏهن به ڪافرن جا مددگار نه ٿجِو. |
وَلا يَصُدُّنَّكَ عَن ءايٰتِ اللَّهِ بَعدَ إِذ أُنزِلَت إِلَيكَ وَادعُ إِلىٰ رَبِّكَ وَلا تَكونَنَّ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 87) |
(اي نبيﷺ!) هي ڪافر تنهنجي مٿان الله تعاليٰ جون آيتون نازل ٿيڻ کان پوءِ انهن (کي ماڻهن تائين پهچائڻ) کان توکي هرگز نه روڪين بلڪه تون پنھنجي پالڻھار ڏانھن سڏيندو رهه ۽ مشرڪن مان ڪڏهن به نه ٿجانءِ. |
وَلا تَدعُ مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ كُلُّ شَيءٍ هالِكٌ إِلّا وَجهَهُ لَهُ الحُكمُ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 88) |
الله تعالى سان گڏ ٻئي ڪنھن کي به معبود ڪري نه سڏيو. ان کان سواءِ ٻيو ڪير به معبود ناهي. الله تعالى جي ذات کان سواءِ هر شيءِ فنا ٿيڻ واري آهي. ان جي ئي حڪمراني آهي ۽ هر شيءِ ان ڏانھن ئي موٽائي ويندي. |