طسم (آيت : 1) |
ط-س-م |
تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ المُبينِ (آيت : 2) |
هي آيتون آهن پڌري ڪتاب جون |
نَتلوا عَلَيكَ مِن نَبَإِ موسىٰ وَفِرعَونَ بِالحَقِّ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 3) |
اسان ظاهر ڪريون ٿا توتي پورو پورو احوال موسيٰ ۽ فرعون جو سچو پچو انهن ماڻهن لاءِ فائديمند آهي جيڪي ايمان وارا آهن |
إِنَّ فِرعَونَ عَلا فِى الأَرضِ وَجَعَلَ أَهلَها شِيَعًا يَستَضعِفُ طائِفَةً مِنهُم يُذَبِّحُ أَبناءَهُم وَيَستَحيۦ نِساءَهُم إِنَّهُ كانَ مِنَ المُفسِدينَ (آيت : 4) |
حقيقت ۾ فرعون وڏائي ڪئي زمين (مصر) ۾ ۽ ٽولن ۾ ورهائي ڇڏيائين اتان جي باشندن کي، هڪ ٽولي کي هو ذليل ڪندو هو، ان جي ڇوڪرن کي قتل ڪندو هو ۽ زنده رکندو هو ڇوڪرين کي، بيشڪ اهو فسادين مان هو |
وَنُريدُ أَن نَمُنَّ عَلَى الَّذينَ استُضعِفوا فِى الأَرضِ وَنَجعَلَهُم أَئِمَّةً وَنَجعَلَهُمُ الوٰرِثينَ (آيت : 5) |
۽ چاهيو ٿي اسان ته مهرباني ڪريون انهن تي جيڪي ماڻهو ذليل ڪري رکيا ويا هئا زمين ۾ ۽ انهن کي بڻايون اڳواڻ ۽ اهي ئي بڻجي وڃن انهن جا وارث |
وَنُمَكِّنَ لَهُم فِى الأَرضِ وَنُرِىَ فِرعَونَ وَهٰمٰنَ وَجُنودَهُما مِنهُم ما كانوا يَحذَرونَ (آيت : 6) |
۽ انهن کي ئي اقتدار سان نوازيون زمين ۾ ۽ کين اهو ئي ڪجهه ڏيکاريون فرعون ۽ هامان ۽ سندن لشڪرن بابت، جنهن جو کين وڏو ڊپ هو |
وَأَوحَينا إِلىٰ أُمِّ موسىٰ أَن أَرضِعيهِ فَإِذا خِفتِ عَلَيهِ فَأَلقيهِ فِى اليَمِّ وَلا تَخافى وَلا تَحزَنى إِنّا رادّوهُ إِلَيكِ وَجاعِلوهُ مِنَ المُرسَلينَ (آيت : 7) |
۽ اسان اشارو ڪيو موسيٰ جي ماءُ کي ته ان کي کير پيار، پوءِ جڏهن توکي ان جي جان جو خطرو ٿئي ته ان کي دريا جي حوالي ڪر، ۽ نه ڪر ڪو خوف يا غم، اسان هن کي تو وٽ ئي موٽائي آڻينداسين، ۽ ان کي شامل ڪنداسين پيغمبرن ۾ |
فَالتَقَطَهُ ءالُ فِرعَونَ لِيَكونَ لَهُم عَدُوًّا وَحَزَنًا إِنَّ فِرعَونَ وَهٰمٰنَ وَجُنودَهُما كانوا خٰطِـٔينَ (آيت : 8) |
پوءِ ڪڍي ورتو ان کي (دريا مان) فرعون جي گهر وارن، جيئن اهو انهن جو ئي دشمن ٿئي ۽ سبب بڻجي سندن ڏک ۽ رنج جو، بيشڪ فرعون ۽ هامان ۽ سندن لشڪر (پنهنجي تدبيرن ۾) خطا ڪندڙ (ناڪام) هئا |
وَقالَتِ امرَأَتُ فِرعَونَ قُرَّتُ عَينٍ لى وَلَكَ لا تَقتُلوهُ عَسىٰ أَن يَنفَعَنا أَو نَتَّخِذَهُ وَلَدًا وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 9) |
۽ چيو زال فرعون کي ته هي (ٻار) اکين جو ٺار آهي تنهنجي ۽ منهنجي لاءِ، ان کي قتل نه ڪريو، ٿي سگهي ٿو ته اهو اسان جي لاءِ فائديمند ٿئي ۽ هن کي پنهنجو پٽيلو ڪريون ۽ هي ان ڳالهه کان بي خبر هئا |
وَأَصبَحَ فُؤادُ أُمِّ موسىٰ فٰرِغًا إِن كادَت لَتُبدى بِهِ لَولا أَن رَبَطنا عَلىٰ قَلبِها لِتَكونَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 10) |
۽ هوڏانهن دل موسيٰ جي ماءُ جي بي قرار هئي، اها ان جي پڌرو ڪري ويهي ها (ڳالهه) جيڪڏهن اسان کيس آٿت نه ڏيون ها سندس دل کي، جيئن اها ٿئي اسان جي وعدي تي ايمان آڻڻ وارن مان |
وَقالَت لِأُختِهِ قُصّيهِ فَبَصُرَت بِهِ عَن جُنُبٍ وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 11) |
۽ چيوسين ان جي ڀيڻ کي ته ان جي پويان وڃ، پوءِ اها پري کان ان کي ڏسندي رهي، اهڙيءَ طرح جو (دشمنن کي) ان جو پتو ئي نه پيو |
وَحَرَّمنا عَلَيهِ المَراضِعَ مِن قَبلُ فَقالَت هَل أَدُلُّكُم عَلىٰ أَهلِ بَيتٍ يَكفُلونَهُ لَكُم وَهُم لَهُ نٰصِحونَ (آيت : 12) |
۽ حرام ڪري ڇڏيو اسان (کير پياريندڙ) داين جو کير ان تي اڳ ۾ ئي، هن ڇوڪريءَ کين (ڏسي) چيو، آئون توهان کي اهڙو گهراڻو ٻڌايان جنهن جا ڀاتي ان جي پالنا جو ذمو کڻن ۽ اهي هن کي پاڻ وٽ رکن خيرخواهي سان؟ |
فَرَدَدنٰهُ إِلىٰ أُمِّهِ كَى تَقَرَّ عَينُها وَلا تَحزَنَ وَلِتَعلَمَ أَنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 13) |
۽ اهڙيءَ طرح اسان ان جي ماءُ وٽ موسيٰ کي موٽايو جيئن سندس اکيون ٺرن ۽ اها غمگين به نه ٿئي ۽ اها اهو به ڄاڻي ته بيشڪ وعدو الله جو سچو آهي، پر گهڻا ئي ماڻهو (اهڙا آهن) جيڪي ان ڳالهه کي نٿا ڄاڻن |
وَلَمّا بَلَغَ أَشُدَّهُ وَاستَوىٰ ءاتَينٰهُ حُكمًا وَعِلمًا وَكَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 14) |
۽ جڏهن (موسيٰ) پوري جواني کي پهتو ۽ سندس پالنا پوري ٿي ته اسان کيس عطا ڪيو حڪم ۽ علم، اسان اهڙو ئي بدلو ڏيندا آهيون نيڪ ماڻهن کي |
وَدَخَلَ المَدينَةَ عَلىٰ حينِ غَفلَةٍ مِن أَهلِها فَوَجَدَ فيها رَجُلَينِ يَقتَتِلانِ هٰذا مِن شيعَتِهِ وَهٰذا مِن عَدُوِّهِ فَاستَغٰثَهُ الَّذى مِن شيعَتِهِ عَلَى الَّذى مِن عَدُوِّهِ فَوَكَزَهُ موسىٰ فَقَضىٰ عَلَيهِ قالَ هٰذا مِن عَمَلِ الشَّيطٰنِ إِنَّهُ عَدُوٌّ مُضِلٌّ مُبينٌ (آيت : 15) |
۽ داخل ٿيو (هڪ ڏينهن) شهر ۾ اهڙي وقت جڏهن غفلت ۾ هئا ان جا شهري، هن ڏٺو ته ٻه ماڻهو انهن مان وڙهي رهيا آهن هڪ هن جي قوم (بني اسرائيل) مان هو ۽ ٻيو هو دشمن قوم مان، پوءِ پڪاريو هن کي سندس قوم واري کي خلاف دشمن قوم واري جي، پوءِ ٺونشو هنيو موسيٰ هن کي ته ان جو ڪم ئي پورو ٿي ويو، (اها حرڪت ٿيندي ئي) موسيٰ چيو، هي ته شيطان جو ڪم آهي، بيشڪ اهو دشمن ۽ پڌرو گمراهه ڪندڙ آهي |
قالَ رَبِّ إِنّى ظَلَمتُ نَفسى فَاغفِر لى فَغَفَرَ لَهُ إِنَّهُ هُوَ الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 16) |
پوءِ هو چوڻ لڳو، اي منهنجا پالڻهار! بيشڪ مون پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪيو، پوءِ مون کي بخش ڪر، پوءِ الله کيس بخش ڪيو، اهو (تمام وڏو) بخش ڪندڙ ۽ رحيم آهي |
قالَ رَبِّ بِما أَنعَمتَ عَلَىَّ فَلَن أَكونَ ظَهيرًا لِلمُجرِمينَ (آيت : 17) |
(موسيٰ وعدو ڪيو ته) منهنجا رب! هي احسان جو تو مون تي ڪيو آهي، ان کان پوءِ هاڻي آئون ڪڏهن مددگار نه ٿيندس ڏوهارين جو |
فَأَصبَحَ فِى المَدينَةِ خائِفًا يَتَرَقَّبُ فَإِذَا الَّذِى استَنصَرَهُ بِالأَمسِ يَستَصرِخُهُ قالَ لَهُ موسىٰ إِنَّكَ لَغَوِىٌّ مُبينٌ (آيت : 18) |
پوءِ ٻئي ڏينهن هو شهر ۾ ڊڄندو ۽ هر طرف کان خطرو جاچيندو ويو ته ڇا ڏسي اهو شخص جنهن ڪلهه کيس پڪاريو هو اڄ وري هن کي پيو پڪاري. موسيٰ ان کي چيو بيشڪ تون وڏو تڙيل ماڻهو ٿو لڳين |
فَلَمّا أَن أَرادَ أَن يَبطِشَ بِالَّذى هُوَ عَدُوٌّ لَهُما قالَ يٰموسىٰ أَتُريدُ أَن تَقتُلَنى كَما قَتَلتَ نَفسًا بِالأَمسِ إِن تُريدُ إِلّا أَن تَكونَ جَبّارًا فِى الأَرضِ وَما تُريدُ أَن تَكونَ مِنَ المُصلِحينَ (آيت : 19) |
پوءِ جڏهن هن ارادو ڪيو ان تي هٿ ڊگهيرڻ جو (حملو ڪرڻ) جيڪو دشمن قوم مان ٻنهي جو، ان (دانهن ڪندي) چيو ته اي موسيٰ! ڇا تون مون کي قتل ڪرڻ گُهرين ٿو جيئن تو قتل ڪيو هڪ ماڻهو کي ڪالهه؟ تون رڳو گُهرين ٿو هتي ڏاڍو مڙس ٿيڻ زمين ۾، ۽ ائين نٿو چاهين ته ٿيلن صلح ڪرائڻ وارن مان |
وَجاءَ رَجُلٌ مِن أَقصَا المَدينَةِ يَسعىٰ قالَ يٰموسىٰ إِنَّ المَلَأَ يَأتَمِرونَ بِكَ لِيَقتُلوكَ فَاخرُج إِنّى لَكَ مِنَ النّٰصِحينَ (آيت : 20) |
۽ هڪ ماڻهو ڊوڙندو آيو پرينءَ ڀر مان شهر جي ۽ چيائين، اي موسيٰ! سردارن ۾ تنهنجي لاءِ صلاحون پيون ٿين قتل ڪرڻ جون، تون هتان نڪري وڃ، آئون تنهنجي خيرخواهن مان آهيان |
فَخَرَجَ مِنها خائِفًا يَتَرَقَّبُ قالَ رَبِّ نَجِّنى مِنَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 21) |
پوءِ اها خبر ٻڌي موسيٰ ڊڄندو لڪندو نڪتو ۽ هن دعا ڪئي ته منهنجا رب! مون کي بچاءِ هن قوم مان جيڪا ظالم آهي |
وَلَمّا تَوَجَّهَ تِلقاءَ مَديَنَ قالَ عَسىٰ رَبّى أَن يَهدِيَنى سَواءَ السَّبيلِ (آيت : 22) |
پوءِ جڏهن منهن ڪيو (مصر مان نڪري) مدين (شهر) ڏانهن هن چيو، مون کي اميد آهي ته منهنجو رب مون کي ڏيکاريندو سڌي راهه |
وَلَمّا وَرَدَ ماءَ مَديَنَ وَجَدَ عَلَيهِ أُمَّةً مِنَ النّاسِ يَسقونَ وَوَجَدَ مِن دونِهِمُ امرَأَتَينِ تَذودانِ قالَ ما خَطبُكُما قالَتا لا نَسقى حَتّىٰ يُصدِرَ الرِّعاءُ وَأَبونا شَيخٌ كَبيرٌ (آيت : 23) |
۽ جڏهن اهو پهتو مدين جي کوهه تي، هن ڏٺو ته ڪيترا ئي ماڻهو آهن جيڪي مال کي پاڻي پياري رهيا آهن ۽ هن ڏٺو ته هنن کان ٻه عورتون پنهنجي مال کي روڪي بيٺيون آهن، موسيٰ کانئن پڇيو، توهان کي ڪهڙي پريشاني آهي؟ هنن چيو، اسان پنهنجي مال کي پاڻي نٿيون پياري سگهون جيترا هي ڌنار پنهنجو مال ڪڍي نه وڃن ۽ اسان جو پيءُ تمام پوڙهو ماڻهو آهي |
فَسَقىٰ لَهُما ثُمَّ تَوَلّىٰ إِلَى الظِّلِّ فَقالَ رَبِّ إِنّى لِما أَنزَلتَ إِلَىَّ مِن خَيرٍ فَقيرٌ (آيت : 24) |
اهو ٻڌي موسيٰ سندن مال کي پاڻي پياريو پوءِ وڃي ويٺو هڪ ڇانوَ واري هنڌ ۽ چيائين، منهنجا پالڻهار! جيڪا به نازل ڪرين مون تي ڀلائي، آئون (بهرحال) ان جو محتاج آهيان |
فَجاءَتهُ إِحدىٰهُما تَمشى عَلَى استِحياءٍ قالَت إِنَّ أَبى يَدعوكَ لِيَجزِيَكَ أَجرَ ما سَقَيتَ لَنا فَلَمّا جاءَهُ وَقَصَّ عَلَيهِ القَصَصَ قالَ لا تَخَف نَجَوتَ مِنَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 25) |
(۽ ويرم ئي نه گذري) انهن ٻن عورتن مان هڪڙي شرم ۽ حيا سان هلندي هن وٽ آئي ۽ چوڻ لڳي، منهنجو پيءُ توهان کي سڏي ٿو، جيئن توهان کي بدلو ڏئي ان جو جيڪو توهان پاڻي پياريو آهي اسان جي مال کي. جڏهن موسيٰ ان وٽ پهتو ۽ پنهنجو سارو قصو ان کي ٻڌايو ته ان چيو، تون ڪوبه ڊپ نه ڪر، هاڻي تون بچي ويو آهين ظالمن کان |
قالَت إِحدىٰهُما يٰأَبَتِ استَـٔجِرهُ إِنَّ خَيرَ مَنِ استَـٔجَرتَ القَوِىُّ الأَمينُ (آيت : 26) |
ٻنهي عورتن مان هڪ پنهنجي پيءُ کي چيو، اي بابا سائين! هن شخص کي نوڪري ۾ رکو، سُٺو ماڻهو اهو جنهن کي توهان نوڪري ۾ رکو اهو سگهو ۽ امانتدار هجي |
قالَ إِنّى أُريدُ أَن أُنكِحَكَ إِحدَى ابنَتَىَّ هٰتَينِ عَلىٰ أَن تَأجُرَنى ثَمٰنِىَ حِجَجٍ فَإِن أَتمَمتَ عَشرًا فَمِن عِندِكَ وَما أُريدُ أَن أَشُقَّ عَلَيكَ سَتَجِدُنى إِن شاءَ اللَّهُ مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 27) |
سندس پيءُ (موسيٰ کي) چيو، منهنجو ارادو آهي ته نڪاح ڪرايان تنهنجو هنن مان ڪنهن هڪ ڌيءَ سان، پر شرط هي آهي ته تون مون وٽ نوڪري ڪندين اٺن سالن تائين، جيڪڏهن ڏهه سال پورا ڪرين مون وٽ ته اها تنهنجي مرضي آهي، آئون توتي سختي ڪرڻ نٿو گهران. تون مون کي ڏسندين اِن شاءَ الله نيڪ ماڻهن مان |
قالَ ذٰلِكَ بَينى وَبَينَكَ أَيَّمَا الأَجَلَينِ قَضَيتُ فَلا عُدوٰنَ عَلَىَّ وَاللَّهُ عَلىٰ ما نَقولُ وَكيلٌ (آيت : 28) |
موسيٰ چيو، اها ڳالهه منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ طئي ٿي، انهن مان جيڪا به مدت پوري ٿي پوءِ مون تي زيادتي نه ٿيندي، ۽ جيڪو قول ٿيو آهي ان تي الله اسان جو شاهد آهي |
فَلَمّا قَضىٰ موسَى الأَجَلَ وَسارَ بِأَهلِهِ ءانَسَ مِن جانِبِ الطّورِ نارًا قالَ لِأَهلِهِ امكُثوا إِنّى ءانَستُ نارًا لَعَلّى ءاتيكُم مِنها بِخَبَرٍ أَو جَذوَةٍ مِنَ النّارِ لَعَلَّكُم تَصطَلونَ (آيت : 29) |
پوءِ جڏهن پوري ڪئي مدت موسيٰ ۽ وٺي هليو پنهنجي گهر وارن کي ته ڏٺائين طور (جبل) جي پاسي باهه، هن پنهنجي گهر وارن کي چيو، ترسو، بيشڪ مون ڏٺي آهي باهه، شايد آئون آڻيان ڪا خبر يا وري ڪو ٽانڊو کڻي اچان ان باهه مان، جنهن سان توهين پاڻ کي سيڪي سگهو |
فَلَمّا أَتىٰها نودِىَ مِن شٰطِئِ الوادِ الأَيمَنِ فِى البُقعَةِ المُبٰرَكَةِ مِنَ الشَّجَرَةِ أَن يٰموسىٰ إِنّى أَنَا اللَّهُ رَبُّ العٰلَمينَ (آيت : 30) |
پوءِ جڏهن (هو) اتي پهتو ته سڏيو ويو ميدان جي ساڄي ڪناري کان برڪت واري جاءِ مان (آواز آيو) وڻ مان اي موسيٰ! بيشڪ آئون ئي الله جهانن جو پالڻهار آهيان |
وَأَن أَلقِ عَصاكَ فَلَمّا رَءاها تَهتَزُّ كَأَنَّها جانٌّ وَلّىٰ مُدبِرًا وَلَم يُعَقِّب يٰموسىٰ أَقبِل وَلا تَخَف إِنَّكَ مِنَ الءامِنينَ (آيت : 31) |
۽ اڇل پنهنجي لٺ کي، پوءِ جڏهن ڏٺائين ان کي چُرندي ور پئي کائي نانگ وانگر، ته ڦِريو پٺ ڏئي (منهن موڙي) ۽ پوئتي نه ڏٺائين، (فرمايو ويو) اي موسيٰ! موٽي اچ ڊپ نه ڪر، بيشڪ تون بلڪل محفوظ آهين |
اسلُك يَدَكَ فى جَيبِكَ تَخرُج بَيضاءَ مِن غَيرِ سوءٍ وَاضمُم إِلَيكَ جَناحَكَ مِنَ الرَّهبِ فَذٰنِكَ بُرهٰنانِ مِن رَبِّكَ إِلىٰ فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِ إِنَّهُم كانوا قَومًا فٰسِقينَ (آيت : 32) |
پنهنجو هٿ ڪڇ ۾ وجهه ڪڍ ته چمڪندڙ ٿي نڪرندو بنا ڪنهن تڪليف جي ۽ پنهنجون ٻانهون پاڻ ۾ ڀڪوڙي ڇڏ خوف کان، پوءِ اهي کڻي وڃ ٻئي نشانيون پنهنجي رب جي طرفان فرعون ۽ سندس سردارن ڏي، بيشڪ اهي وڏا بي چيا ماڻهو آهن |
قالَ رَبِّ إِنّى قَتَلتُ مِنهُم نَفسًا فَأَخافُ أَن يَقتُلونِ (آيت : 33) |
موسيٰ عرض ڪيو، رب سائين! بيشڪ آئون قتل ڪري چڪو آهيان سندن ماڻهو، ڊڄان ٿو ته اهي مون کي ماري ڇڏيندا |
وَأَخى هٰرونُ هُوَ أَفصَحُ مِنّى لِسانًا فَأَرسِلهُ مَعِىَ رِدءًا يُصَدِّقُنى إِنّى أَخافُ أَن يُكَذِّبونِ (آيت : 34) |
۽ منهنجو ڀاءُ هارون وڌيڪ چِٽو آهي مون کان زبان ۾، تنهن ڪري ان کي موڪل منهنجو مددگار ڪري جيئن اهو منهنجي تائيد ڪري، مون کي شڪ آهي ته اهي مون کي ڪوڙو ڀائيندا |
قالَ سَنَشُدُّ عَضُدَكَ بِأَخيكَ وَنَجعَلُ لَكُما سُلطٰنًا فَلا يَصِلونَ إِلَيكُما بِـٔايٰتِنا أَنتُما وَمَنِ اتَّبَعَكُمَا الغٰلِبونَ (آيت : 35) |
فرمايو، اسان مضبوط ڪنداسين تنهنجا هٿ تنهنجي ڀاءُ سان ۽ ڏينداسين اهڙو غلبو توهان ٻنهي کي، جو اهي توهان جو وار به وِنگو نه ڪري سگهندا. اسان جي نشانين جي زور تي توهان کي ئي پوئلڳن سميت غلبو رهندو |
فَلَمّا جاءَهُم موسىٰ بِـٔايٰتِنا بَيِّنٰتٍ قالوا ما هٰذا إِلّا سِحرٌ مُفتَرًى وَما سَمِعنا بِهٰذا فى ءابائِنَا الأَوَّلينَ (آيت : 36) |
پوءِ جڏهن انهن وٽ پهتو موسيٰ اسان جون نشانيون چٽيون کڻي ته انهن چيو، اهو ڇاهي، سواءِ بناوٽي جادو جي ڪجهه به نه آهي ۽ اهي ڳالهيون ٻڌيون ئي ناهن اسان پنهنجي ابن ڏاڏن جي زماني کان |
وَقالَ موسىٰ رَبّى أَعلَمُ بِمَن جاءَ بِالهُدىٰ مِن عِندِهِ وَمَن تَكونُ لَهُ عٰقِبَةُ الدّارِ إِنَّهُ لا يُفلِحُ الظّٰلِمونَ (آيت : 37) |
۽ جواب ۾ چيو موسيٰ، منهنجو پالڻهار ته ان شخص جي حال کي جنهن هدايت آندي آهي ان جي طرفان ۽ اهو ئي چڱيءَ ريت ڄاڻي ٿو ته آخري نتيجو ڪنهن جو چڱو ٿيندو، بيشڪ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا ظالم |
وَقالَ فِرعَونُ يٰأَيُّهَا المَلَأُ ما عَلِمتُ لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرى فَأَوقِد لى يٰهٰمٰنُ عَلَى الطّينِ فَاجعَل لى صَرحًا لَعَلّى أَطَّلِعُ إِلىٰ إِلٰهِ موسىٰ وَإِنّى لَأَظُنُّهُ مِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 38) |
۽ فرعون چيو، اي درٻار وارؤ (معزز ساٿيو)! آئون ته نٿو ڄاڻان پاڻ کان سواءِ توهان جو خدا ڪنهن کي به (ڪڏهن به)، تون اوچو محل بناءِ اي هامان! سرون پچرائي منهنجي لاءِ، شايد ان تي چڙهي آئون ڏسي سگهان موسيٰ جي خدا کي، ۽ سچ پچ ته منهنجي خيال ۾ اهو بلڪل ڪوڙو آهي |
وَاستَكبَرَ هُوَ وَجُنودُهُ فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ وَظَنّوا أَنَّهُم إِلَينا لا يُرجَعونَ (آيت : 39) |
۽ وڏائي ڏيکاري هن ۽ سندس لشڪر زمين ۾ بنا ڪنهن حق جي ۽ ائين ڀانيو ته کين اسان ڏي موٽڻو ئي ناهي |
فَأَخَذنٰهُ وَجُنودَهُ فَنَبَذنٰهُم فِى اليَمِّ فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الظّٰلِمينَ (آيت : 40) |
نيٺ اسان کيس ۽ سندس لشڪر کي پڪڙيو ۽ اڇلي ڇڏيوسين سمنڊ ۾، پوءِ ڏسو ته ڪهڙي ٿي انهن ظالمن جي پڄاڻي |
وَجَعَلنٰهُم أَئِمَّةً يَدعونَ إِلَى النّارِ وَيَومَ القِيٰمَةِ لا يُنصَرونَ (آيت : 41) |
۽ اسان کيس بڻايو اڳواڻ (هڪ) سڏيندڙ (جهنم ڏي) ۽ قيامت جي ڏينهن ته کيس ڪٿان به مدد نه ملندي |
وَأَتبَعنٰهُم فى هٰذِهِ الدُّنيا لَعنَةً وَيَومَ القِيٰمَةِ هُم مِنَ المَقبوحينَ (آيت : 42) |
۽ اسان لڳائي ڇڏي انهن جي پٺيان دنيا ۾ لعنت ۽ ڏينهن قيامت جي ته اهي هوندا ورتل وڏي برائيءَ ۾ |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ مِن بَعدِ ما أَهلَكنَا القُرونَ الأولىٰ بَصائِرَ لِلنّاسِ وَهُدًى وَرَحمَةً لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 43) |
۽ اسان عطا ڪيو موسيٰ کي ڪتاب ناس ڪرڻ کان پوءِ اڳين نسلن کي جو اهو ماڻهن جي لاءِ چٽو دليل ۽ هدايت ۽ رحمت هو، جيئن ان مان سبق حاصل ڪن |
وَما كُنتَ بِجانِبِ الغَربِىِّ إِذ قَضَينا إِلىٰ موسَى الأَمرَ وَما كُنتَ مِنَ الشّٰهِدينَ (آيت : 44) |
۽ (اي نبي!) تون ان وقت موجود ڪونه هئين الهندي ڪنڊ ۾ جڏهن اسان عطا ڪيو موسيٰ کي هي شريعت جو فرمان ۽ نه وري تون ڪو شامل هئين شاهدن ۾ |
وَلٰكِنّا أَنشَأنا قُرونًا فَتَطاوَلَ عَلَيهِمُ العُمُرُ وَما كُنتَ ثاوِيًا فى أَهلِ مَديَنَ تَتلوا عَلَيهِم ءايٰتِنا وَلٰكِنّا كُنّا مُرسِلينَ (آيت : 45) |
پر ان کان پوءِ (تنهنجي زماني تائين) اسان ڪيترا ئي نسل پيدا ڪري چڪا آهيون ۽ انهن تي ڪيترو ئي زمانو گذريو آهي ۽ نه وري تون موجود هئين مدين وارن ۾، جو انهن کي ٻڌائين ها اسان جون آيتون (ان وقت جون خبرون) موڪلڻ وارا اسين آهيون |
وَما كُنتَ بِجانِبِ الطّورِ إِذ نادَينا وَلٰكِن رَحمَةً مِن رَبِّكَ لِتُنذِرَ قَومًا ما أَتىٰهُم مِن نَذيرٍ مِن قَبلِكَ لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 46) |
۽ موجود ڪونه هئين تون طور جي هيٺان، جڏهن اسان سڏيو هو (موسيٰ کي) پر اها رحمت آهي تنهنجي رب جي جيئن خبردار ڪرين انهن ماڻهن کي جن وٽ ڪوبه خبردار ڪرڻ وارو ڪونه آيو آهي توکان اڳي، جيئن اهي هوش ۾ اچن |
وَلَولا أَن تُصيبَهُم مُصيبَةٌ بِما قَدَّمَت أَيديهِم فَيَقولوا رَبَّنا لَولا أَرسَلتَ إِلَينا رَسولًا فَنَتَّبِعَ ءايٰتِكَ وَنَكونَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 47) |
۽ (اهو اسان ان لاءِ ڪيو ته) ڪٿي ائين نه ٿئي جو اچي ڪڙڪي مٿن ڪا مصيبت سندن ڪيل ڪرتوتن جي ڪري، ته اهي چون اي پالڻهار! تو ڇو نه موڪليو اسان ڏانهن ڪو رسول، جو پيروي ڪريون ها اسان تنهنجي آيتن جي ۽ ايمان وارن مان هجون ها |
فَلَمّا جاءَهُمُ الحَقُّ مِن عِندِنا قالوا لَولا أوتِىَ مِثلَ ما أوتِىَ موسىٰ أَوَلَم يَكفُروا بِما أوتِىَ موسىٰ مِن قَبلُ قالوا سِحرانِ تَظٰهَرا وَقالوا إِنّا بِكُلٍّ كٰفِرونَ (آيت : 48) |
پر جڏهن اچي ويو انهن وٽ حق اسان وٽان ته اهي چوڻ لڳا، ڇو نه ڏنو ويو انهن کي اهو ڪجهه جيڪو ڏنو ويو هو موسيٰ کي؟ ڇا اهي ماڻهو انڪار نه ڪري چڪا آهن جيڪو ڏنو ويو هو موسيٰ کي ان کان اڳي؟ انهن چيو، ٻئي جادوگر آهن جو هڪ ٻئي جي مدد ڪن ٿا ۽ چيائون، اسان ته ڪنهن کي به نٿا مڃون |
قُل فَأتوا بِكِتٰبٍ مِن عِندِ اللَّهِ هُوَ أَهدىٰ مِنهُما أَتَّبِعهُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 49) |
(اي نبي!) انهن کي چؤ، چڱو ڀلا ڪو ڪتاب آڻيو طرفان الله جي، جيڪو وڌيڪ هدايت ڏيندڙ هجي ته آئون ان جي پيروي ڪندس، جيڪر توهان سچا آهيو |
فَإِن لَم يَستَجيبوا لَكَ فَاعلَم أَنَّما يَتَّبِعونَ أَهواءَهُم وَمَن أَضَلُّ مِمَّنِ اتَّبَعَ هَوىٰهُ بِغَيرِ هُدًى مِنَ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 50) |
جيڪڏهن اهي تنهنجو مطالبو پورو نٿا ڪن ته سمجهي ڇڏ ته اصل ۾ اهي پنهنجين خواهشن جي پيروي ڪن ٿا، ۽ ڪير ان کان وڌيڪ ڀٽڪيل هوندو جيڪو پنهنجي خواهشن جي پيروي ڪري سواءِ هدايت الله جي؟ بيشڪ الله اهڙن ئي ماڻهن کي هدايت نٿو ڪري جيڪي ظالم آهن |
وَلَقَد وَصَّلنا لَهُمُ القَولَ لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 51) |
۽ نصيحت جي ڳالهه ته اسان انهن کي پهچائي چڪا آهيون جيئن اهي غفلت مان سجاڳ ٿين |
الَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ مِن قَبلِهِ هُم بِهِ يُؤمِنونَ (آيت : 52) |
جن ماڻهن کي ڏنو هو اسان ڪتاب ان کان اڳي، اهي هن (قرآن) تي ايمان آڻين ٿا |
وَإِذا يُتلىٰ عَلَيهِم قالوا ءامَنّا بِهِ إِنَّهُ الحَقُّ مِن رَبِّنا إِنّا كُنّا مِن قَبلِهِ مُسلِمينَ (آيت : 53) |
۽ جڏهن هي انهن تي پڙهيو وڃي ٿو ته چون ٿا، اسان هن تي ايمان آندو هي واقعي حق آهي اسان جي رب جي طرفان، اسان ته اڳي ئي مسلمان آهيون |
أُولٰئِكَ يُؤتَونَ أَجرَهُم مَرَّتَينِ بِما صَبَروا وَيَدرَءونَ بِالحَسَنَةِ السَّيِّئَةَ وَمِمّا رَزَقنٰهُم يُنفِقونَ (آيت : 54) |
هي اهي ماڻهو آهن جن کي ڏنو ويندو انهن جو اجر ٻه ڀيرا ان صبر جي ڪري جيڪو انهن ڏيکاريو ۽ اهي ٽارين ٿا ڀلائي سان برائي کي ۽ جيڪو رزق اسان انهن کي ڏنو آهي، ان مان خرچ ڪن ٿا |
وَإِذا سَمِعُوا اللَّغوَ أَعرَضوا عَنهُ وَقالوا لَنا أَعمٰلُنا وَلَكُم أَعمٰلُكُم سَلٰمٌ عَلَيكُم لا نَبتَغِى الجٰهِلينَ (آيت : 55) |
۽ جڏهن انهن ٻڌي (ڪا) بيهودي ڳالهه ته پاسيرا ٿي ويا هي چئي ته، اسان جا عمل اسان جي لاءِ ۽ توهان جا عمل توهان جي لاءِ، سلام هجي توهان تي اسين نٿا اختيار ڪري سگهون جاهلن وارو طريقو |
إِنَّكَ لا تَهدى مَن أَحبَبتَ وَلٰكِنَّ اللَّهَ يَهدى مَن يَشاءُ وَهُوَ أَعلَمُ بِالمُهتَدينَ (آيت : 56) |
(اي نبي!) بيشڪ تون هدايت نٿو ڏئي سگهين جنهن کي گهرين پر جنهن کي الله گهرندو آهي ان کي هدايت ڏئي ٿو ۽ اهو ئي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو جيڪي هدايت قبولڻ وارا آهن |
وَقالوا إِن نَتَّبِعِ الهُدىٰ مَعَكَ نُتَخَطَّف مِن أَرضِنا أَوَلَم نُمَكِّن لَهُم حَرَمًا ءامِنًا يُجبىٰ إِلَيهِ ثَمَرٰتُ كُلِّ شَيءٍ رِزقًا مِن لَدُنّا وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 57) |
۽ اهي چوندا آهن، جي پيروي ڪريون ان هدايت جي تو سان گڏ، ته تڙيا وينداسين پنهنجي سرزمين تان، ڇا ائين درست ناهي جو اسان ٽڪڻ جو هنڌ امن وارو حرم انهن لاءِ بڻايو جنهن ڏانهن هر طرح جو ميوو پهچندو رهي ٿو رزق اسان جي طرفان، پر انهن مان گهڻا ماڻهو اهو ڄاڻن ئي نٿا |
وَكَم أَهلَكنا مِن قَريَةٍ بَطِرَت مَعيشَتَها فَتِلكَ مَسٰكِنُهُم لَم تُسكَن مِن بَعدِهِم إِلّا قَليلًا وَكُنّا نَحنُ الوٰرِثينَ (آيت : 58) |
۽ ڪيتريون ئي تباهه ڪري چڪاسين وسنديون جن جي ماڻهن تڪبر ڪيو پنهنجي معيشت ۽ گذران تي، پوءِ ڏسو ته انهن جا ٺڪاڻا ائين پيا آهن، انهن کان پوءِ اتي ڪير رهيو آهي پر ٿورو ئي وقت، ۽ آخرڪار اسان ئي سندن وارث ٿي رهياسين |
وَما كانَ رَبُّكَ مُهلِكَ القُرىٰ حَتّىٰ يَبعَثَ فى أُمِّها رَسولًا يَتلوا عَلَيهِم ءايٰتِنا وَما كُنّا مُهلِكِى القُرىٰ إِلّا وَأَهلُها ظٰلِمونَ (آيت : 59) |
۽ ايستائين تنهنجو رب تباهه ڪرڻ وارو ڪونه هو وسندين کي جيستائين نه موڪليو انهن جي مرڪز ۾ ڪنهن رسول کي، جيڪو کين ٻڌائي پيو اسان جون آيتون، ۽ نه وري اسان تباهه ڪندڙ هئاسين ڳوٺن کي جيستائين انهن جا باسي ظالم نٿي ٿيا |
وَما أوتيتُم مِن شَيءٍ فَمَتٰعُ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَزينَتُها وَما عِندَ اللَّهِ خَيرٌ وَأَبقىٰ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 60) |
۽ توهان ماڻهن کي ڏنو ويو آهي جيڪي ڪجهه، اهو فقط دنيا جي حياتيءَ جو سامان ۽ ان جي سونهن آهي، ۽ جيڪي ڪجهه الله وٽ آهي، اهو ان کان وڌيڪ سٺو ۽ باقي رهڻ وارو آهي، پوءِ ڇا توهان عقل کان ڪم نٿا وٺو؟ |
أَفَمَن وَعَدنٰهُ وَعدًا حَسَنًا فَهُوَ لٰقيهِ كَمَن مَتَّعنٰهُ مَتٰعَ الحَيوٰةِ الدُّنيا ثُمَّ هُوَ يَومَ القِيٰمَةِ مِنَ المُحضَرينَ (آيت : 61) |
ڀلا اهو شخص جنهن سان اسان وعدو ڪيو هجي سٺو پوءِ اهو ان کي حاصل ڪرڻ وارو به هجي سو ان وانگر ٿي سگهي ٿو جنهن کي اسان سامان ڏنو هجي رڳو دنيا جي حياتيءَ جو ۽ پوءِ اهو قيامت جي ڏينهن پيش ٿيڻ وارو هجي سزا جي لاءِ؟ |
وَيَومَ يُناديهِم فَيَقولُ أَينَ شُرَكاءِىَ الَّذينَ كُنتُم تَزعُمونَ (آيت : 62) |
۽ (نه وسارين اهي ماڻهو) ان ڏينهن کي جڏهن اهو کين پڪاريندو، ڪٿي آهن اهي منهنجا شريڪ، جن کي توهان (مون جهڙو) ڀائيندا هئا؟ |
قالَ الَّذينَ حَقَّ عَلَيهِمُ القَولُ رَبَّنا هٰؤُلاءِ الَّذينَ أَغوَينا أَغوَينٰهُم كَما غَوَينا تَبَرَّأنا إِلَيكَ ما كانوا إِيّانا يَعبُدونَ (آيت : 63) |
(جن تي اها ڳالهه لاڳو ٿيندي) اهي چوندا بيشڪ هي ئي اهي ماڻهو آهن اي اسان جا پالڻهار! جن کي اسان گمراهه ڪيو هو. انهن کي اسان ائين گمراهه ڪيو هو جيئن اسان پاڻ گمراهه ٿياسين، بيزاري ظاهر ڪريون ٿا تنهنجي آڏو، اهي نه ڪندا هئا اسان جي بندگي |
وَقيلَ ادعوا شُرَكاءَكُم فَدَعَوهُم فَلَم يَستَجيبوا لَهُم وَرَأَوُا العَذابَ لَو أَنَّهُم كانوا يَهتَدونَ (آيت : 64) |
۽ هاڻي انهن کي چيو ويندو ته، سڏيو پنهنجن انهن (ٺاهيل) شريڪن کي پوءِ اهي کين سڏيندا پر اهي کين ڪو جواب نه ڏيندا، ۽ جڏهن اهي ڏسندا عذاب (ته چوندا) جيڪر اهي (دنيا ۾) هدايت اختيار ڪرڻ وارا هجن ها |
وَيَومَ يُناديهِم فَيَقولُ ماذا أَجَبتُمُ المُرسَلينَ (آيت : 65) |
۽ (اهي ماڻهو نه وسارين) جڏهن اهو ڏينهن کين سڏي ۽ پڇندو، توهان ڪهڙو جواب ڏنو هو موڪليل رسولن کي؟ |
فَعَمِيَت عَلَيهِمُ الأَنباءُ يَومَئِذٍ فَهُم لا يَتَساءَلونَ (آيت : 66) |
ان وقت انهن کي ڪوبه جواب ڪونه سُجهندو پوءِ اهي هڪ ٻئي کان به پڇي نه سگهندا |
فَأَمّا مَن تابَ وَءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَعَسىٰ أَن يَكونَ مِنَ المُفلِحينَ (آيت : 67) |
البته جنهن اڄ توبهه ڪري ورتي ۽ ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا، اهو ئي اها اميد رکي سگهي ٿو ته اتي ڪاميابي حاصل ڪندڙن مان هوندو |
وَرَبُّكَ يَخلُقُ ما يَشاءُ وَيَختارُ ما كانَ لَهُمُ الخِيَرَةُ سُبحٰنَ اللَّهِ وَتَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 68) |
۽ تنهنجو رب اهو پئدا ڪندو جيڪي چاهيندو آهي ۽ چوندو آهي (پاڻ جنهن کي گهري) اها چونڊ انهن ماڻهن جي ڪرڻ جي ناهي. الله پاڪ آهي ۽ مٿانهون آهي ان شرڪ کان جيڪو اهي ڪن ٿا |
وَرَبُّكَ يَعلَمُ ما تُكِنُّ صُدورُهُم وَما يُعلِنونَ (آيت : 69) |
۽ تنهنجو رب اهو سڀڪجهه ڄاڻي ٿو جيڪي اهي پنهنجي دلين ۾ لڪائن ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪن ٿا |
وَهُوَ اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ لَهُ الحَمدُ فِى الأولىٰ وَالءاخِرَةِ وَلَهُ الحُكمُ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 70) |
۽ اهو ئي هڪ الله آهي جنهن کان سواءِ ڪوبه عبادت جو حقدار ناهي، ان جي لاءِ ئي هرڪا ساراهه آهي دنيا ۾ به ۽ آخرت ۾ به، ۽ انهيءَ جي ئي حڪومت آهي ۽ سڀ ان ڏي ئي موٽايا ويندؤ |
قُل أَرَءَيتُم إِن جَعَلَ اللَّهُ عَلَيكُمُ الَّيلَ سَرمَدًا إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ مَن إِلٰهٌ غَيرُ اللَّهِ يَأتيكُم بِضِياءٍ أَفَلا تَسمَعونَ (آيت : 71) |
(اي نبي!) کين چؤ ڪڏهن توهان غور ڪيو آهي جيڪڏهن الله توهان تي رات طاري ڪري ڇڏي ها ڏينهن قيامت تائين هميشه لاءِ ته اهو ڪير آهي معبود جيڪو توهان کي سوجهرو آڻي ڏي، ڇا توهان ٻڌو نٿا؟ |
قُل أَرَءَيتُم إِن جَعَلَ اللَّهُ عَلَيكُمُ النَّهارَ سَرمَدًا إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ مَن إِلٰهٌ غَيرُ اللَّهِ يَأتيكُم بِلَيلٍ تَسكُنونَ فيهِ أَفَلا تُبصِرونَ (آيت : 72) |
انهن کان پڇ، ڪڏهن توهان سوچيو به آهي ته جي الله توهان تي ڏينهن طاري ڪري ڇڏي ها هميشه جي لاءِ ڏينهن قيامت تائين ته اهو ڪير آهي معبود الله کان سواءِ جيڪو توهان کي رات آڻي ڏئي، جيئن توهان ان ۾ سڪون حاصل ڪري سگهو؟ ڇا توهان ڏسو نٿا؟ |
وَمِن رَحمَتِهِ جَعَلَ لَكُمُ الَّيلَ وَالنَّهارَ لِتَسكُنوا فيهِ وَلِتَبتَغوا مِن فَضلِهِ وَلَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 73) |
۽ هي انهيءَ (الله) جي ئي رحمت آهي جو هن توهان جي لاءِ رات ۽ ڏينهن بڻايا جيئن توهان (رات ۾) سڪون ۽ (ڏينهن جو) پنهنجي لاءِ رب جو فضل تلاش ڪريو، من توهان شڪرگذار ٿيو |
وَيَومَ يُناديهِم فَيَقولُ أَينَ شُرَكاءِىَ الَّذينَ كُنتُم تَزعُمونَ (آيت : 74) |
(اهي ماڻهو ياد رکن) اهو ڏينهن جڏهن کين پڪاريندو ۽ پڇندو، ڪٿي آهن منهنجا اهي شريڪ جن جو توهان گمان رکندا هئا |
وَنَزَعنا مِن كُلِّ أُمَّةٍ شَهيدًا فَقُلنا هاتوا بُرهٰنَكُم فَعَلِموا أَنَّ الحَقَّ لِلَّهِ وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 75) |
۽ اسان آڻينداسين هر ڪنهن امت مان هڪ شاهد پوءِ چونداسين، هاڻي آڻيو پنهنجا دليل پوءِ کين معلوم ٿي ويندو ته حق (فقط) الله وٽان آهي ۽ گم ٿي ويندا اهي سڀ ڪوڙ جيڪي انهن ٺاهيا هئا |
إِنَّ قٰرونَ كانَ مِن قَومِ موسىٰ فَبَغىٰ عَلَيهِم وَءاتَينٰهُ مِنَ الكُنوزِ ما إِنَّ مَفاتِحَهُ لَتَنوأُ بِالعُصبَةِ أُولِى القُوَّةِ إِذ قالَ لَهُ قَومُهُ لا تَفرَح إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ الفَرِحينَ (آيت : 76) |
بيشڪ (هي هڪ واقعو آهي ته) قارون هو قوم موسيٰ مان هڪ شخص، پوءِ باغي ٿي ويو پنهنجي قوم کان ۽ اسان کيس ڏنا هئا ايترا ته خزانا جو انهن جون ڪنجيون سگهارن ماڻهن جو هڪ ٽولو مشڪل سان کڻي سگهندو هو، هڪ ڀيري چيو کيس سندس قوم جي ماڻهن ته، آڪڙ نه ڪر، بيشڪ الله پسند نٿو ڪري آڪڙ ڪرڻ وارن کي |
وَابتَغِ فيما ءاتىٰكَ اللَّهُ الدّارَ الءاخِرَةَ وَلا تَنسَ نَصيبَكَ مِنَ الدُّنيا وَأَحسِن كَما أَحسَنَ اللَّهُ إِلَيكَ وَلا تَبغِ الفَسادَ فِى الأَرضِ إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ المُفسِدينَ (آيت : 77) |
۽ جيڪو مال توکي عطا ڪيو آهي الله ان مان آخرت جو گهر ٺاهڻ لاءِ سوچ، ۽ نه وري وسار پنهنجو حصو دنيا مان به، ۽ احسان ڪر جهڙيءَ طرح احسان ڪيو آهي الله توتي، ۽ نه پکيڙ فساد کي (ڪنهن به طرح) زمين ۾، بيشڪ الله ڪڏهن به پسند نٿو ڪري فساد کي |
قالَ إِنَّما أوتيتُهُ عَلىٰ عِلمٍ عِندى أَوَلَم يَعلَم أَنَّ اللَّهَ قَد أَهلَكَ مِن قَبلِهِ مِنَ القُرونِ مَن هُوَ أَشَدُّ مِنهُ قُوَّةً وَأَكثَرُ جَمعًا وَلا يُسـَٔلُ عَن ذُنوبِهِمُ المُجرِمونَ (آيت : 78) |
هن چيو، اهو سڀ مون کي ڏنو ويو آهي ان علم جي بنياد تي جيڪو مون وٽ آهي، ڇا کيس اهو علم نه هو ته بيشڪ الله برباد ڪري چڪو آهي ان کان اڳي به اهڙن ماڻهن کي جيڪي کانئس وڌيڪ طاقت وارا ۽ لشڪر رکندڙ هئا؟ ۽ نه پڇيو ويندو آهي (ڪڏهن به) گناهن جو ڏوهارين کان |
فَخَرَجَ عَلىٰ قَومِهِ فى زينَتِهِ قالَ الَّذينَ يُريدونَ الحَيوٰةَ الدُّنيا يٰلَيتَ لَنا مِثلَ ما أوتِىَ قٰرونُ إِنَّهُ لَذو حَظٍّ عَظيمٍ (آيت : 79) |
هڪ ڏينهن اهو نڪتو پنهنجي قوم جي آڏو ٺٺ ٺانگر سان، چوڻ لڳا اهي ماڻهو جيڪي دنيا جي حياتيءَ جا طالب هئا، ڪاش اسان کي به اهو ئي ملي ها جيڪو قارون کي ڏنو ويو آهي، بيشڪ هي وڏي ڀاڳ وارو آهي |
وَقالَ الَّذينَ أوتُوا العِلمَ وَيلَكُم ثَوابُ اللَّهِ خَيرٌ لِمَن ءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا وَلا يُلَقّىٰها إِلَّا الصّٰبِرونَ (آيت : 80) |
پر اهي ماڻهو چوڻ لڳا جيڪي (حقيقي) علم رکڻ وارا هئا، افسوس توهان جي حال تي، الله جو ثواب ڀلو آهي ايمان واري لاءِ ۽ جيڪو به نيڪ عمل ڪري، ۽ اها دولت نٿي ملي پر صبر ڪرڻ وارن کي |
فَخَسَفنا بِهِ وَبِدارِهِ الأَرضَ فَما كانَ لَهُ مِن فِئَةٍ يَنصُرونَهُ مِن دونِ اللَّهِ وَما كانَ مِنَ المُنتَصِرينَ (آيت : 81) |
نيٺ اسان کيس ۽ سندس گهر وارن کي ڳهايوسين زمين ۾ (غرق ڪيوسين) پوءِ ڪوبه ٽولو اهڙو ڪونه هو جيڪو سندس واهر ۽ مدد ڪري ها الله جي مقابلي ۾، ۽ نه وري اهو پاڻ به پنهنجي ڪا مدد ڪري سگهيو |
وَأَصبَحَ الَّذينَ تَمَنَّوا مَكانَهُ بِالأَمسِ يَقولونَ وَيكَأَنَّ اللَّهَ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَيَقدِرُ لَولا أَن مَنَّ اللَّهُ عَلَينا لَخَسَفَ بِنا وَيكَأَنَّهُ لا يُفلِحُ الكٰفِرونَ (آيت : 82) |
پوءِ اهي ئي ماڻهو جيڪي ڪالهه سَڌ ڪري رهيا هئا سندس رتبي جي، چوڻ لڳا، افسوس! وساري ويٺاسين ته الله جنهن جو ڪشادو ڪرڻ چاهيندو آهي رزق ته ڪشادو ڪري ٿو بندن مان ۽ جنهن کي چاهي توريل تڪيل ڏئي ٿو، جي اسان تي اهو احسان نه ڪري ها الله ته اسان کي به ڳهائي ڇڏي ها زمين ۾، ۽ افسوس جو اسان کي اهو ياد نه رهيو ته ڪافر ڪڏهن به فلاح نه ماڻيندا آهن |
تِلكَ الدّارُ الءاخِرَةُ نَجعَلُها لِلَّذينَ لا يُريدونَ عُلُوًّا فِى الأَرضِ وَلا فَسادًا وَالعٰقِبَةُ لِلمُتَّقينَ (آيت : 83) |
اهو گهر آخرت وارو ته اسان مخصوص ڪندا آهيون انهن ماڻهن لاءِ، جيڪي وڏائي نٿا ڪن زمين ۾ ۽ نه وري ڪو فساد ڪرڻ گهرن ٿا، ۽ سٺي آهي عاقبت پرهيزگارن جي لاءِ |
مَن جاءَ بِالحَسَنَةِ فَلَهُ خَيرٌ مِنها وَمَن جاءَ بِالسَّيِّئَةِ فَلا يُجزَى الَّذينَ عَمِلُوا السَّيِّـٔاتِ إِلّا ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 84) |
جيڪو به آڻيندو ڀلائي ته ان جي لاءِ ڀلائي بهتر آهي ۽ جيڪو به آڻيندو برائي ته انهن برائي ڪرڻ وارن کي اهڙو ئي بدلو ملندو برائي وارو، جهڙا انهن ڪيا هوندا عمل |
إِنَّ الَّذى فَرَضَ عَلَيكَ القُرءانَ لَرادُّكَ إِلىٰ مَعادٍ قُل رَبّى أَعلَمُ مَن جاءَ بِالهُدىٰ وَمَن هُوَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 85) |
(اي نبي!) بيشڪ جنهن هي فرض ڪيو آهي توتي قرآن، سو سٺي پڄاڻي تي توکي پهچائڻ وارو آهي، انهن کي چؤ ته، منهنجو رب چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو ته هدايت ڪنهن آندي آهي ۽ ڪير آهي پيل پڌري گمراهي ۾؟ |
وَما كُنتَ تَرجوا أَن يُلقىٰ إِلَيكَ الكِتٰبُ إِلّا رَحمَةً مِن رَبِّكَ فَلا تَكونَنَّ ظَهيرًا لِلكٰفِرينَ (آيت : 86) |
۽ تون ته هرگز انهيءَ جو اميدوار نه هئين ته توتي ڪو ڪتاب نازل ڪيو ويندو، هي ته توتي تنهنجي رب جي ڪرم سان (نازل ٿيو آهي) سو تون هرگز مددگار نه ٿي ڪافرن جو |
وَلا يَصُدُّنَّكَ عَن ءايٰتِ اللَّهِ بَعدَ إِذ أُنزِلَت إِلَيكَ وَادعُ إِلىٰ رَبِّكَ وَلا تَكونَنَّ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 87) |
۽ ائين به ڪڏهن نه ٿئي جو جڏهن به آيتون الله جون توتي نازل ٿين ته (ڪافر) توکي انهن (ماڻهن تائين) پهچائڻ کان روڪين، تون کين پنهنجي رب ڏي سڏ ۽ هرگز شامل نه ٿي مشرڪن ۾ |
وَلا تَدعُ مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ كُلُّ شَيءٍ هالِكٌ إِلّا وَجهَهُ لَهُ الحُكمُ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 88) |
۽ نه سڏ ڪنهن به (معبود کي) الله سان گڏ (ڪڏهن به)، ڪوبه عبادت جي لائق نه آهي ان کان سواءِ، هرهڪ شيءِ هلاڪ ٿيڻ واري آهي سندس ذات کان سواءِ، هر حڪم ان جو ئي آهي ۽ انهيءَ ڏي ئي سڀ موٽايا ويندؤ |