طس تِلكَ ءايٰتُ القُرءانِ وَكِتابٍ مُبينٍ (آيت : 1) |
ﰑ (طا ــ سين) هي آيتون آهن قرآن ۽ کولي پڌرو ڪرڻ واري ڪتاب جون |
هُدًى وَبُشرىٰ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 2) |
هدايت ۽ خوشخبري آهي انهن ايمان آڻڻ وارن لاءِ |
الَّذينَ يُقيمونَ الصَّلوٰةَ وَيُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَهُم بِالءاخِرَةِ هُم يوقِنونَ (آيت : 3) |
جيڪي نماز قائم ڪن ٿا ۽ زڪواة ڏين ٿا ۽ وري هو اهڙا ماڻهو آهن، جن جو آخرت تي پورو يقين آهي |
إِنَّ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ زَيَّنّا لَهُم أَعمٰلَهُم فَهُم يَعمَهونَ (آيت : 4) |
بيشڪ جيڪي ماڻهو آخرت کي نٿا مڃين، انهن لاءِ اسان سندن عمل ڏسڻ ۾ سهڻا بڻايا آهن، تنهنڪري ڀٽڪندا وتن ٿا |
أُولٰئِكَ الَّذينَ لَهُم سوءُ العَذابِ وَهُم فِى الءاخِرَةِ هُمُ الأَخسَرونَ (آيت : 5) |
اهي ئي ماڻهو آهن، جن لاءِ بري سزا آهي ۽ آخرت ۾ اهي سڀني کان وڌيڪ نقصان ۾ پيل هوندا |
وَإِنَّكَ لَتُلَقَّى القُرءانَ مِن لَدُن حَكيمٍ عَليمٍ (آيت : 6) |
۽ (اي نبي) ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته تون هيءُ قرآن هڪڙي حڪيم ۽ عليم هستيءَ وٽان حاصل ڪري رهيو آهين |
إِذ قالَ موسىٰ لِأَهلِهِ إِنّى ءانَستُ نارًا سَـٔاتيكُم مِنها بِخَبَرٍ أَو ءاتيكُم بِشِهابٍ قَبَسٍ لَعَلَّكُم تَصطَلونَ (آيت : 7) |
(انهن کي ان وقت جو قصو ٻڌاءِ ) جڏهن موسيٰ پنهنجي گهر وارن کي چيو ته "مون کي ڪا باهه ٿي نظر اچي، مان اجهو ٿو اتان ڪو ڏس پتو لهي اچان يا ڪو ٽانڊو ٿو کڻي اچان، ته جيئن توهان ڪجهه پاڻ سيڪي وٺو". |
فَلَمّا جاءَها نودِىَ أَن بورِكَ مَن فِى النّارِ وَمَن حَولَها وَسُبحٰنَ اللَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 8) |
اتي جو پهتو ته آواز آيس ته "وڏيءَ برڪت وارو آهي اهو، جيڪو ان باهه اندر آهي ۽ جيڪو ان جي چؤطرف آهي. پاڪ آهي الله، ساري جهان جو پالڻهار |
يٰموسىٰ إِنَّهُ أَنَا اللَّهُ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 9) |
اي موسيٰ ! اهو مان الله آهيان، زبردست ۽ داناءُ |
وَأَلقِ عَصاكَ فَلَمّا رَءاها تَهتَزُّ كَأَنَّها جانٌّ وَلّىٰ مُدبِرًا وَلَم يُعَقِّب يٰموسىٰ لا تَخَف إِنّى لا يَخافُ لَدَىَّ المُرسَلونَ (آيت : 10) |
۽ پنهنجي لٺ کي اڇل". پوءِ جيئن ئي موسيٰ ڏٺو ته اها ته نانگ وانگر پئي چـُـري، ته وٺي پٺي ڏئي ڀڳو ۽ پوئتي نه ڏٺائين. "اي موسيٰ ڊڄ نه، مون وٽ رسول ڊڄندا ناهن |
إِلّا مَن ظَلَمَ ثُمَّ بَدَّلَ حُسنًا بَعدَ سوءٍ فَإِنّى غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 11) |
سواءِ ان جي جو ڪنهن ڪو قصور ڪيو هجي، پوءِ جي برائيءَ کان پوءِ هن (پنهنجي فعل کي) نيڪيءَ سان بدلايو ته مان معاف ڪرڻ وارو ٻاجهارو آهيان |
وَأَدخِل يَدَكَ فى جَيبِكَ تَخرُج بَيضاءَ مِن غَيرِ سوءٍ فى تِسعِ ءايٰتٍ إِلىٰ فِرعَونَ وَقَومِهِ إِنَّهُم كانوا قَومًا فٰسِقينَ (آيت : 12) |
۽ پنهنجو هٿ پنهنجي گريبان ۾ ته وجهه، چمڪندڙ ٿي نڪري ايندو بنا ڪنهن تڪليف جي. اهي (ٻه نشانيون) نون نشانين مان آهن، فرعون ۽ سندس قوم ڏانهن (نيڻ لاءِ ) اهي ڏاڍا بدڪردار ماڻهو آهن". |
فَلَمّا جاءَتهُم ءايٰتُنا مُبصِرَةً قالوا هٰذا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 13) |
پر جڏهن اسان جون اکيون کوليندڙ نشانيون انهن ماڻهن جي سامهون آيون ته انهن چيو ته اهو ته کليو کلايو جادو آهي |
وَجَحَدوا بِها وَاستَيقَنَتها أَنفُسُهُم ظُلمًا وَعُلُوًّا فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُفسِدينَ (آيت : 14) |
انهن ته ظلم ۽ غرور وچان انهن نشانين جو انڪار ڪيو، حالانڪه سندن دليون مڃي چڪيون هيون، پوءِ ڏسي ڇڏ ته خرابيون پکيڙيندڙن جي پڇاڙي ڪهڙي ٿي |
وَلَقَد ءاتَينا داوۥدَ وَسُلَيمٰنَ عِلمًا وَقالَا الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى فَضَّلَنا عَلىٰ كَثيرٍ مِن عِبادِهِ المُؤمِنينَ (آيت : 15) |
(هوڏانهن) اسان دائود ۽ سليمان کي علم عطا ڪيو ۽ انهن چيو: "شڪر آهي انهيءَ الله جو، جنهن اسان کي پنهنجن گهڻن ئي مؤمن بندن تي مرتبي ۾ سرسي عطا ڪئي". |
وَوَرِثَ سُلَيمٰنُ داوۥدَ وَقالَ يٰأَيُّهَا النّاسُ عُلِّمنا مَنطِقَ الطَّيرِ وَأوتينا مِن كُلِّ شَيءٍ إِنَّ هٰذا لَهُوَ الفَضلُ المُبينُ (آيت : 16) |
۽ دائود جو وارث سليمان ٿيو ۽ ان چيو: "اي انسانؤ! اسانکي پکين جون ٻوليون سيکاريون ويون آهن ۽ اسان کي هر قسم جون شيون ڏنيون ويون آهن، بيشڪ اهو (الله جو) پڌرو فضل آهي". |
وَحُشِرَ لِسُلَيمٰنَ جُنودُهُ مِنَ الجِنِّ وَالإِنسِ وَالطَّيرِ فَهُم يوزَعونَ (آيت : 17) |
سليمان لاءِ جنن، انسانن ۽ پکين جا لشڪر گڏ ڪيا ويا هئا ۽ اهي پوري ضابطي اندر رکيا ويندا هئا |
حَتّىٰ إِذا أَتَوا عَلىٰ وادِ النَّملِ قالَت نَملَةٌ يٰأَيُّهَا النَّملُ ادخُلوا مَسٰكِنَكُم لا يَحطِمَنَّكُم سُلَيمٰنُ وَجُنودُهُ وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 18) |
(هڪ دفعي کين ساڻ ڪري وٺي هليو) تانجو جڏهن اهي ڪـِـوِلين جي ميدان ۾ پهتا ته هڪڙيءَ ڪول چيو: "او ڪوليون، پنهنجن ٻـِـرن ۾ گهڙي وڃو ته متان سليمان ۽ سندس لشڪر توهان کي لتاڙي نه ڇڏي ۽ کين خبر ئي نه پوي". |
فَتَبَسَّمَ ضاحِكًا مِن قَولِها وَقالَ رَبِّ أَوزِعنى أَن أَشكُرَ نِعمَتَكَ الَّتى أَنعَمتَ عَلَىَّ وَعَلىٰ وٰلِدَىَّ وَأَن أَعمَلَ صٰلِحًا تَرضىٰهُ وَأَدخِلنى بِرَحمَتِكَ فى عِبادِكَ الصّٰلِحينَ (آيت : 19) |
سليمان ان جي ڳالهه تي مشڪندي کلي ڏنو ۽ چيائين: "اي منهنجا رب! مونکي توفيق ڏي ته مان تنهنجي انهيءَ احسان جو شڪرانو ادا ڪندو رهان، جيڪو تو مون تي ۽ منهنجي پيءُ ماءُ تي ڪيو آهي ۽ اهڙو نيڪ عمل ڪريان، جيڪو توکي وڻي ۽ پنهنجي رحمت سان مونکي پنهنجن صالح ٻانهن ۾ شامل ڪر". |
وَتَفَقَّدَ الطَّيرَ فَقالَ ما لِىَ لا أَرَى الهُدهُدَ أَم كانَ مِنَ الغائِبينَ (آيت : 20) |
(وري ڪنهن ٻئي موقعي تي جو) سليمان پکين جي چڪاس ڪئي ۽ چيائين: "ڇو ڀلا، مان فلاڻي هد هد کي نٿو ڏسان، ڇا هو ڪٿي وڃي لڪو آهي؟ |
لَأُعَذِّبَنَّهُ عَذابًا شَديدًا أَو لَأَا۟ذبَحَنَّهُ أَو لَيَأتِيَنّى بِسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 21) |
مان کيس ڏاڍي سخت سزا ڏيندس يا ڪــُـهي ڇڏيندس، نه ته ان کي منهنجي آڏو ڪو واجبي سبب پيش ڪرڻو پوندو". |
فَمَكَثَ غَيرَ بَعيدٍ فَقالَ أَحَطتُ بِما لَم تُحِط بِهِ وَجِئتُكَ مِن سَبَإٍ بِنَبَإٍ يَقينٍ (آيت : 22) |
ڪا دير ئي نه گذري جو ان اچي چيو ته "مونکي هڪ ڳالهه معلوم ٿي آهي، جيڪا توهان جي ڄاڻ ۾ ناهي، مان سبا جي باري ۾ پڪي خبر آندي آهي |
إِنّى وَجَدتُ امرَأَةً تَملِكُهُم وَأوتِيَت مِن كُلِّ شَيءٍ وَلَها عَرشٌ عَظيمٌ (آيت : 23) |
مان اتي هڪڙي عورت ڏٺي، جيڪا ان قوم تي بادشاهي ڪري رهي آهي، ان کي هر قسم جو مال متاع ڏنو ويو آهي ۽ ان جو تخت ڏاڍو عظيم الشان آهي |
وَجَدتُها وَقَومَها يَسجُدونَ لِلشَّمسِ مِن دونِ اللَّهِ وَزَيَّنَ لَهُمُ الشَّيطٰنُ أَعمٰلَهُم فَصَدَّهُم عَنِ السَّبيلِ فَهُم لا يَهتَدونَ (آيت : 24) |
مان ڏٺو ته اها ۽ سندس قوم الله جي بدران سج کي سجدو ڪري رهيا آهن". شيطان سندن ڪم انهن لاءِ ڏسڻ ۾ سهڻا بڻائي ڇڏيا ۽ کين (صحيح) راه کان روڪي ڇڏيو اٿائين، جنهن جي ڪري اهي سنئين واٽ ئي نٿا لهن |
أَلّا يَسجُدوا لِلَّهِ الَّذى يُخرِجُ الخَبءَ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَيَعلَمُ ما تُخفونَ وَما تُعلِنونَ (آيت : 25) |
جو انهيءَ الله کي سجدو ڪن، جيڪو آسمانن ۽ زمين جون لڪل شيون ٻاهر ڪڍي ٿو ۽ اهو سڀ ڪجهه ٿو ڄاڻي، جيڪو توهان لڪايو توڙي ظاهر ڪريو ٿا |
اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ رَبُّ العَرشِ العَظيمِ (آيت : 26) |
الله جنهن کان سواءِ ٻيو ڪوبه عبادت جي لائق ناهي، جيڪو مالڪ آهي عرش عظيم جو |
قالَ سَنَنظُرُ أَصَدَقتَ أَم كُنتَ مِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 27) |
سليمان چيو: "اجهو ڏسي ٿا وٺون ته سچ چيو اٿئي يا تون ڪوڙ هڻڻ وارن مان آهين |
اذهَب بِكِتٰبى هٰذا فَأَلقِه إِلَيهِم ثُمَّ تَوَلَّ عَنهُم فَانظُر ماذا يَرجِعونَ (آيت : 28) |
منهنجو هيءُ خط کڻي وڃ ۽ وڃي انهن ڏانهن اڇلاءِ ، پوءِ کانئن پاسيرو ٿي ڏس ته اهي ڪهڙي ٿا موٽ ڏين". |
قالَت يٰأَيُّهَا المَلَؤُا۟ إِنّى أُلقِىَ إِلَىَّ كِتٰبٌ كَريمٌ (آيت : 29) |
سبا جي راڻيءَ چيو: "اي درٻار وارؤ! مون ڏانهن هڪڙو ڏاڍو مانائتو خط اڇلايو ويو آهي |
إِنَّهُ مِن سُلَيمٰنَ وَإِنَّهُ بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَٰنِ الرَّحِيمِ (آيت : 30) |
اهو سليمان وٽان آهي ۽ الله رحمان ۽ رحيم جي نالي سان شروع ڪيو ويو آهي |
أَلّا تَعلوا عَلَىَّ وَأتونى مُسلِمينَ (آيت : 31) |
چوي ٿو ته "منهنجي مقابلي ۾ سرڪشي نه ڪريو ۽ مسلم بنجي مون وٽ اچي حاضر ٿيو". |
قالَت يٰأَيُّهَا المَلَؤُا۟ أَفتونى فى أَمرى ما كُنتُ قاطِعَةً أَمرًا حَتّىٰ تَشهَدونِ (آيت : 32) |
(خط ٻڌائي) راڻيءَ چيو: "اي قوم جا سردارؤ! منهنجي ان معاملي ۾ مونکي صلاح ڏيو. مان ڪنهن به معاملي جو فيصلو توهان کان سواءِ ته ڪندي ئي ناهيان" |
قالوا نَحنُ أُولوا قُوَّةٍ وَأُولوا بَأسٍ شَديدٍ وَالأَمرُ إِلَيكِ فَانظُرى ماذا تَأمُرينَ (آيت : 33) |
انهن جواب ڏنو: "اسان طاقت وارا ۽ لڙڻ وارا ماڻهو آهيون، اڳتي فيصلو تنهنجي هٿ ۾ آهي، پوءِ تون پاڻ ڏس ته توکي ڪهڙو حڪم ڏيڻو آهي". |
قالَت إِنَّ المُلوكَ إِذا دَخَلوا قَريَةً أَفسَدوها وَجَعَلوا أَعِزَّةَ أَهلِها أَذِلَّةً وَكَذٰلِكَ يَفعَلونَ (آيت : 34) |
راڻيءَ چيو ته "بادشاهه جڏهن به ڪنهن ملڪ تي چڙهي ايندا آهن ته ان کي اجاڙي ڇڏيندا آهن، ان جي عزت وارن کي ذليل ڪري ڇڏيندا آهن، ۽ هو ائين ئي ڪندا آهن |
وَإِنّى مُرسِلَةٌ إِلَيهِم بِهَدِيَّةٍ فَناظِرَةٌ بِمَ يَرجِعُ المُرسَلونَ (آيت : 35) |
مان انهن ڏانهن هڪڙو تحفو ٿي موڪليان، پوءِ ڏسان ٿي ته منهنجا ايلچي ڪهڙو ٿا جواب کڻي موٽن". |
فَلَمّا جاءَ سُلَيمٰنَ قالَ أَتُمِدّونَنِ بِمالٍ فَما ءاتىٰنِۦَ اللَّهُ خَيرٌ مِمّا ءاتىٰكُم بَل أَنتُم بِهَدِيَّتِكُم تَفرَحونَ (آيت : 36) |
جڏهن اهو (راڻيءَ جو سفير) سليمان وٽ پهتو ته ان چيس: "ڇا توهان مال دولت سان ٿا منهنجي مدد ڪرڻ گهرو؟ جيڪي ڪجهه منهنجي الله مونکي ڏنو آهي، سو انهيءَ کان تمام گهڻو آهي، جيڪو توهان کي ڏنو اٿائين. اهي توهان ماڻهو ئي آهيو، جيڪي پنهنجي انهيءَ سوکڙيءَ تي خوش ٿيندا آهيو |
ارجِع إِلَيهِم فَلَنَأتِيَنَّهُم بِجُنودٍ لا قِبَلَ لَهُم بِها وَلَنُخرِجَنَّهُم مِنها أَذِلَّةً وَهُم صٰغِرونَ (آيت : 37) |
(اي سفير) موٽي وڃ انهن ڏي (جن موڪليو اٿيئي) اسان مٿن اهي لشڪر چاڙهي اينداسون جن جو مقابلو هو ڪري نه سگهندا ۽ اسان کين اهڙو ذليل ڪري اتان ڪڍنداسون، جو هو ڏاڍا خوار خراب ٿي ويندا". |
قالَ يٰأَيُّهَا المَلَؤُا۟ أَيُّكُم يَأتينى بِعَرشِها قَبلَ أَن يَأتونى مُسلِمينَ (آيت : 38) |
سليمان چيو: "اي درٻار وارؤ! توهان مان ان جو تخت مون وٽ ڪير ٿو آڻي، ان کان اڳ جو هو تابع بڻجي اچي مون وٽ حاضر ٿين؟" |
قالَ عِفريتٌ مِنَ الجِنِّ أَنا۠ ءاتيكَ بِهِ قَبلَ أَن تَقومَ مِن مَقامِكَ وَإِنّى عَلَيهِ لَقَوِىٌّ أَمينٌ (آيت : 39) |
جنن مان هڪڙي ديوَ عرض ڪيو: "مان ٿو ان کي آڻي توهان وٽ حاضر ڪريان، ان کان اڳي جو توهان پنهنجي جاءِ تان اٿو، مونکي ان جي طاقت آهي ۽ مان امانت وارو به آهيان". |
قالَ الَّذى عِندَهُ عِلمٌ مِنَ الكِتٰبِ أَنا۠ ءاتيكَ بِهِ قَبلَ أَن يَرتَدَّ إِلَيكَ طَرفُكَ فَلَمّا رَءاهُ مُستَقِرًّا عِندَهُ قالَ هٰذا مِن فَضلِ رَبّى لِيَبلُوَنى ءَأَشكُرُ أَم أَكفُرُ وَمَن شَكَرَ فَإِنَّما يَشكُرُ لِنَفسِهِ وَمَن كَفَرَ فَإِنَّ رَبّى غَنِىٌّ كَريمٌ (آيت : 40) |
جنهن وٽ ڪتاب جو هڪڙو علم هو، انهيءَ چيو: "مان ته تنهنجي اک ڇنڀ کان به اڳي ان کي آڻي تو وٽ حاضر ٿو ڪريان". پوءِ جيئن ئي سليمان اهو تخت پاڻ وٽ رکيل ڏٺو ته دانهن نڪري ويس، چيائين: "اهو ته منهنجي رب جو فضل آهي، تانته هو مونکي آزمائي ته مان شڪر ٿو ڪريان يا ناشڪرو ٿو ٿيان ۽ جيڪو به شڪر ٿو ڪري ته پاڻ لاءِ ئي ٿو ڪري ۽ جي ڪو ناشڪري ڪري ته منهنجو رب ڪنهن جو محتاج ناهي ۽ پنهنجو پاڻ ئي ڀلارو آهي". |
قالَ نَكِّروا لَها عَرشَها نَنظُر أَتَهتَدى أَم تَكونُ مِنَ الَّذينَ لا يَهتَدونَ (آيت : 41) |
سليمان چيو: "سندس تخت جي شڪل مــَـٽائي ڇڏيو، ڏسون ته صحيح ڳالهه تائين پهچي ٿي يا انهن منجهان آهي جيڪي صحيح دڳ نه لهندا آهن" |
فَلَمّا جاءَت قيلَ أَهٰكَذا عَرشُكِ قالَت كَأَنَّهُ هُوَ وَأوتينَا العِلمَ مِن قَبلِها وَكُنّا مُسلِمينَ (آيت : 42) |
پوءِ جڏهن راڻي اتي آئي ته کيس چيو ويو: "ڇا تنهنجو تخت ههڙو آهي؟" چوڻ لڳي: "اهو ته ڄڻ اهوئي آهي. اسين ته اڳيئي ڄاڻي ويا هئاسين ۽ اسان فرمانبرداري قبول ڪري ڇڏي هئي (يا اسان مسلم ٿي چڪا هئاسون)" |
وَصَدَّها ما كانَت تَعبُدُ مِن دونِ اللَّهِ إِنَّها كانَت مِن قَومٍ كٰفِرينَ (آيت : 43) |
ان کي (ايمان آڻڻ کان) جنهن شيءِ جهليو هو، اها انهن معبودن جي عبادت هئي، جن کي هوءَ الله کي ڇڏي پوڄيندي هئي، ڇوته اها هڪ ڪافر قوم مان هئي |
قيلَ لَهَا ادخُلِى الصَّرحَ فَلَمّا رَأَتهُ حَسِبَتهُ لُجَّةً وَكَشَفَت عَن ساقَيها قالَ إِنَّهُ صَرحٌ مُمَرَّدٌ مِن قَواريرَ قالَت رَبِّ إِنّى ظَلَمتُ نَفسى وَأَسلَمتُ مَعَ سُلَيمٰنَ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 44) |
کيس چيو ويو ته محل ۾ اندر هل. ڏٺائين جو ته سمجهيائين ته پاڻيءَ جو حوض آهي ۽ پانچا مٿي ڪيائين (جو پنيون ظاهر ٿي پيس) سليمان چيس: "اهو شيشي جو ترڪڻو فرش آهي". تنهن تي هوءَ چوڻ لڳي: "اي منهنجا رب! مان ته پاڻ تي ڏاڍو ظلم ڪندي آئي آهيان ۽ هاڻي مان سليمان سان گڏ الله رب العالمين جي اطاعت قبول ڪري ڇڏي". |
وَلَقَد أَرسَلنا إِلىٰ ثَمودَ أَخاهُم صٰلِحًا أَنِ اعبُدُوا اللَّهَ فَإِذا هُم فَريقانِ يَختَصِمونَ (آيت : 45) |
۽ ثمود ڏانهن اسان سندن ڀاءُ صالح کي (اهو پيغام ڏئي) موڪليو ته الله جي ٻانهپ ڪريو، ته هو هڪدم پاڻ ۾ تڪرار ڪندڙ ٻه ڌريون بنجي ويون |
قالَ يٰقَومِ لِمَ تَستَعجِلونَ بِالسَّيِّئَةِ قَبلَ الحَسَنَةِ لَولا تَستَغفِرونَ اللَّهَ لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 46) |
صالح چين: "اي منهنجي قوم وارؤ! ڀلائيءَ کان اڳ ئي برائيءَ لاءِ ڇوٿا تڪڙ ڪريو؟ ڇونه ٿا الله کان ڏوهن جي معافي گهرو ته مــَـنَ ڪو توهان تي رحم ڪيو وڃي؟" |
قالُوا اطَّيَّرنا بِكَ وَبِمَن مَعَكَ قالَ طٰئِرُكُم عِندَ اللَّهِ بَل أَنتُم قَومٌ تُفتَنونَ (آيت : 47) |
انهن چيو: "اسان ته توکي ۽ تنهنجي ساٿين کي نڀاڳ جي نشاني ڀانئيو آهي". صالح جواب ڏنن: "توهان جو سڀاڳ يا نڀاڳ ته الله وٽ آهي، پر اصل ڳالهه اها آهي ته توهان جي آزمائش ٿي رهي آهي". |
وَكانَ فِى المَدينَةِ تِسعَةُ رَهطٍ يُفسِدونَ فِى الأَرضِ وَلا يُصلِحونَ (آيت : 48) |
انهيءَ شهر ۾ لچن جي ٽولن وارا نــَـوَ ڄڻا هئا، جيڪي ملڪ ۾ فساد مچائيندا هئا ۽ ڪوبه سڌاري وارو ڪم نه ڪندا هئا |
قالوا تَقاسَموا بِاللَّهِ لَنُبَيِّتَنَّهُ وَأَهلَهُ ثُمَّ لَنَقولَنَّ لِوَلِيِّهِ ما شَهِدنا مَهلِكَ أَهلِهِ وَإِنّا لَصٰدِقونَ (آيت : 49) |
انهن پاڻ ۾ چيو: "الله جو قسم کڻي پاڻ ۾ اقرار ڪريو ته صالح ۽ سندس گهر وارن کي رات جو ماري ڇڏينداسون ۽ پوءِ سندس وارث کي چونداسون ته اسان سندس گهر وارن جي مارجڻ واري موقعي تي هئاسون ئي ڪونه ۽ اسان بلڪل سچ ٿا ڳالهايون". |
وَمَكَروا مَكرًا وَمَكَرنا مَكرًا وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 50) |
انهن هڪڙي ســِـٽ سٽي ۽ وري هڪڙي سٽ اسان به سٽي، جنهن جو انهن کي ڪو پتو ئي نه هو |
فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ مَكرِهِم أَنّا دَمَّرنٰهُم وَقَومَهُم أَجمَعينَ (آيت : 51) |
پوءِ ڏس ته سندن انهيءَ سٽ جو حشر ڇا ٿيو. اسان انهن کي توڙي سموري قوم کي نابود ڪري ڇڏيو |
فَتِلكَ بُيوتُهُم خاوِيَةً بِما ظَلَموا إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 52) |
پوءِ اهي اٿــَـوَ سندن گهر ويران ٿيا پيا آهن، ان ڪري جو هو ظلم ڪندا هئا. بيشڪ ان ۾ هڪ عبرت جو نشان آهي انهن ماڻهن لاءِ، جيڪي ڄاڻ وارا آهن |
وَأَنجَينَا الَّذينَ ءامَنوا وَكانوا يَتَّقونَ (آيت : 53) |
۽ بچائي ورتوسون انهن ماڻهن کي جن ايمان آندو هو ۽ نافرمانيءَ کان پاڻ بچائيندا هئا |
وَلوطًا إِذ قالَ لِقَومِهِ أَتَأتونَ الفٰحِشَةَ وَأَنتُم تُبصِرونَ (آيت : 54) |
۽ لوط کي به اسان موڪليو هو. ياد ڪر جڏهن هن پنهنجي قوم کي چيو: "ڇا توهان ڏسي وائسي بدڪاري ٿا ڪريو؟ |
أَئِنَّكُم لَتَأتونَ الرِّجالَ شَهوَةً مِن دونِ النِّساءِ بَل أَنتُم قَومٌ تَجهَلونَ (آيت : 55) |
ڇا توهان عورتن کي ڇڏي مردن وٽ شهوت پوري ڪرڻ لاءِ ٿا وڃو؟ حقيقت اها آهي ته توهان ماڻهو سخت جهالت وارو ڪم ٿا ڪريو". |
فَما كانَ جَوابَ قَومِهِ إِلّا أَن قالوا أَخرِجوا ءالَ لوطٍ مِن قَريَتِكُم إِنَّهُم أُناسٌ يَتَطَهَّرونَ (آيت : 56) |
پر سندس قوم جو جواب ان کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هو ته "ڪڍو لوط جي ڪٽنب کي پنهنجي ڳوٺ مان، وڏا پاڪ ٿا بنجن". |
فَأَنجَينٰهُ وَأَهلَهُ إِلَّا امرَأَتَهُ قَدَّرنٰها مِنَ الغٰبِرينَ (آيت : 57) |
نيٺ اسان کيس ۽ سندس گهروارن کي بچائي ورتو، سواءِ سندس زال جي، جنهن جو پوئتي رهجي وڃڻ اسان طيءِ ڪري ڇڏيو هو |
وَأَمطَرنا عَلَيهِم مَطَرًا فَساءَ مَطَرُ المُنذَرينَ (آيت : 58) |
۽ وسائي سون مٿن هڪڙي برسات، ڏاڍي بڇڙي هئي اها برسات انهن ماڻهن لاءِ، جن کي چتاءُ ملي چڪو هو |
قُلِ الحَمدُ لِلَّهِ وَسَلٰمٌ عَلىٰ عِبادِهِ الَّذينَ اصطَفىٰ ءاللَّهُ خَيرٌ أَمّا يُشرِكونَ (آيت : 59) |
(اي نبي!) چؤ، ساراهه آهي الله جي لاءِ ۽ سلام آهي سندس انهن بندن تي، جن کي چونڊيو اٿائين (پڇين ته) الله ڀلو آهي يا اهي معبود، جن کي اهي ساڻس شريڪ بنائن ٿا؟ |
أَمَّن خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَأَنزَلَ لَكُم مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَنبَتنا بِهِ حَدائِقَ ذاتَ بَهجَةٍ ما كانَ لَكُم أَن تُنبِتوا شَجَرَها أَءِلٰهٌ مَعَ اللَّهِ بَل هُم قَومٌ يَعدِلونَ (آيت : 60) |
اهو ڀلا ڪير آهي، جنهن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو ۽ توهان لاءِ آسمان مان پاڻي وسايائين، پوءِ ان جي وسيلي ڏاڍا رونق وارا باغ اپايائين، جن جي وڻن کي اپائڻ توهان جي وس ۾ نه هو؟ ڇا الله سان ڪو ٻيو معبود به (انهن ڪمن ۾ شريڪ) آهي؟ اصلي نه، بلڪه اهي ماڻهو سنئين واٽ تان ٿـڙي پيا هلن |
أَمَّن جَعَلَ الأَرضَ قَرارًا وَجَعَلَ خِلٰلَها أَنهٰرًا وَجَعَلَ لَها رَوٰسِىَ وَجَعَلَ بَينَ البَحرَينِ حاجِزًا أَءِلٰهٌ مَعَ اللَّهِ بَل أَكثَرُهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 61) |
ڪير آهي اهو، جنهن زمين کي ٽـِڪڻ جي جاءِ بنايو ۽ منجهس درياءَ وهايائين ۽ ان ۾ (جبلن جون) ميخون کوڙيائين ۽ پاڻيءَ جي ٻن وهڪرن جي وچ ۾ اَڙَ ڪري ڇڏيائين؟ ڇا الله سان ڪو ٻيو معبود به (انهن ڪمن ۾ شريڪ) آهي؟ بلڪل نه، بلڪه انهن مان گهڻا ماڻهو نادان آهن |
أَمَّن يُجيبُ المُضطَرَّ إِذا دَعاهُ وَيَكشِفُ السّوءَ وَيَجعَلُكُم خُلَفاءَ الأَرضِ أَءِلٰهٌ مَعَ اللَّهِ قَليلًا ما تَذَكَّرونَ (آيت : 62) |
ڪير آهي جيڪو لاچار پريشان جي دعا ٻڌي ٿو، جڏهن هو ان کي سڏي ٿو ۽ ڪير ٿو ان جي تڪليف دور ڪري ۽ ڪير ٿو توهان کي زمين جو خليفو (حاڪم) بڻائي؟ ڇا الله سان گڏ ڪو ٻيو معبود به (اهي ڪم ڪرڻ وارو) آهي؟ توهان ماڻهو ٿورو ٿا ڌيان ڪيو |
أَمَّن يَهديكُم فى ظُلُمٰتِ البَرِّ وَالبَحرِ وَمَن يُرسِلُ الرِّيٰحَ بُشرًا بَينَ يَدَى رَحمَتِهِ أَءِلٰهٌ مَعَ اللَّهِ تَعٰلَى اللَّهُ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 63) |
۽ اهو ڪير آهي جيڪو بــَـرَ توڙي بحر جي اونداهين ۾ توهان کي رستو ڏسيندو آهي ۽ ڪير ٿو پنهنجي رحمت سان اڳواٽ هوائن کي خوشخبريءَ طور موڪلي، ڇا الله سان گڏ ڪو ٻيو معبود به آهي (جو ائين ڪري سگهي)؟ تمام مٿي ۽ مٿانهون آهي الله، ان شرڪ کان، جيڪو اهي ماڻهو ڪن ٿا |
أَمَّن يَبدَؤُا۟ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ وَمَن يَرزُقُكُم مِنَ السَّماءِ وَالأَرضِ أَءِلٰهٌ مَعَ اللَّهِ قُل هاتوا بُرهٰنَكُم إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 64) |
۽ اهو ڪير آهي جيڪو پهرين ڀيري خلقت جوڙي ٿو ۽ پوءِ وري (ٻيهر) به ائين ڪري ٿو؟ ڪير ٿو توهان کي آسمان کان ۽ زمين مان رزق ڏئي؟ ڇا الله سان گڏ ڪو ٻيو معبود به (انهن ڪمن ۾ هٿ ونڊائڻ وارو) آهي؟ چوين ته آڻيو پنهنجو ڪو دليل جيڪڏهن توهان سچا آهيو |
قُل لا يَعلَمُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ الغَيبَ إِلَّا اللَّهُ وَما يَشعُرونَ أَيّانَ يُبعَثونَ (آيت : 65) |
ٻڌائين ته الله کانسواءِ آسمانن توڙي زمين ۾ ٻئي ڪنهن کي به غيب جو علم ڪونهي ۽ اهي (توهان جا معبود ته اهو به) نٿا ڄاڻن ته ڪڏهن اهي اٿاريا ويندا |
بَلِ ادّٰرَكَ عِلمُهُم فِى الءاخِرَةِ بَل هُم فى شَكٍّ مِنها بَل هُم مِنها عَمونَ (آيت : 66) |
بلڪه آخرت بابت کين ڄاڻ نه آهي، بلڪه اهي ان جي باري ۾ شڪ ۾ پيل آهن. بلڪه، هو ان کان انڌا آهن |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا أَءِذا كُنّا تُرٰبًا وَءاباؤُنا أَئِنّا لَمُخرَجونَ (آيت : 67) |
اهي منڪر چون ٿا ته "ڇا جڏهن اسان ۽ اسان جا ابا ڏاڏا مٽي ٿي چڪا هونداسون ته اسان کي قبرن مان (جيئرو ڪري) ڪڍيو ويندو؟ |
لَقَد وُعِدنا هٰذا نَحنُ وَءاباؤُنا مِن قَبلُ إِن هٰذا إِلّا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 68) |
اهڙيون خبرون اسانکي به گهڻيون ڏنيون ويون آهن ته اڳي اسان جي ابن ڏاڏن کي به پيون ملنديون هيون، پر اهي ته رڳو آکاڻيون ئي آکاڻيون آهن، جيڪي گذريل وقتن کان ٻڌندا پيا اچون" |
قُل سيروا فِى الأَرضِ فَانظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُجرِمينَ (آيت : 69) |
چوين ته ڀلا زمين ۾ ڪجهه گهمي ڦري ڏسو ته ڏوهارين جي پڇاڙي ڪهڙي ٿي آهي |
وَلا تَحزَن عَلَيهِم وَلا تَكُن فى ضَيقٍ مِمّا يَمكُرونَ (آيت : 70) |
اي نبي! انهن جي حالت تي ڏک نه ڪر، نڪي سندن بڇڙين تدبيرن کان دل لاهه |
وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الوَعدُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 71) |
چون ٿا ته "اهو دڙڪو ڪڏهن ٿو پورو ٿئي، جيڪڏهن توهان سچا آهيو؟" |
قُل عَسىٰ أَن يَكونَ رَدِفَ لَكُم بَعضُ الَّذى تَستَعجِلونَ (آيت : 72) |
چوين ته عجب ناهي ته جنهن عذاب لاءِ توهان ايڏي تڪڙ مچايو ٿا، ان جو ڪو حـصو توهان جي ويجهو ئي اچي پهتو هجي |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَذو فَضلٍ عَلَى النّاسِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَشكُرونَ (آيت : 73) |
حقيقت ۾ تنهنجو رب ته ماڻهن تي ڏاڍو فضل ڪرڻ وارو آهي، پر گهڻا ماڻهو شڪر نٿا ڪن |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَيَعلَمُ ما تُكِنُّ صُدورُهُم وَما يُعلِنونَ (آيت : 74) |
ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته تنهنجو رب چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو، جيڪي سندن سينن اندر سانڍيل آهي يا جيڪي اهي پڌرو ڪن ٿا |
وَما مِن غائِبَةٍ فِى السَّماءِ وَالأَرضِ إِلّا فى كِتٰبٍ مُبينٍ (آيت : 75) |
آسمان توڙي زمين جي ڪابه لڪل شيءِ اهڙي ناهي، جيڪا هڪ پڌري ڪتاب ۾ لکيل نه هجي |
إِنَّ هٰذَا القُرءانَ يَقُصُّ عَلىٰ بَنى إِسرٰءيلَ أَكثَرَ الَّذى هُم فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 76) |
بيشڪ هيءُ قرآن بني اسرائيل کي گهڻين ئي انهن ڳالهين جي حقيقت کولي ٿو ٻڌائي جن ۾ هو اختلاف ڪن ٿا |
وَإِنَّهُ لَهُدًى وَرَحمَةٌ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 77) |
۽ اهو هدايت ۽ رحمت آهي مؤمنن لاءِ |
إِنَّ رَبَّكَ يَقضى بَينَهُم بِحُكمِهِ وَهُوَ العَزيزُ العَليمُ (آيت : 78) |
۽ پڪ ئي پڪ (اهڙيءَ طرح) تنهنجو رب انهن ماڻهن جي وچ ۾ به پنهنجي حڪم سان نبيرو ڪري ڇڏيندو ۽ هو زبردست ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي |
فَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ إِنَّكَ عَلَى الحَقِّ المُبينِ (آيت : 79) |
تنهنڪري اي نبي! الله تي ڀروسو رک، بيشڪ تون پڌري حق تي آهين |
إِنَّكَ لا تُسمِعُ المَوتىٰ وَلا تُسمِعُ الصُّمَّ الدُّعاءَ إِذا وَلَّوا مُدبِرينَ (آيت : 80) |
تون مئن کي (ڪا ڳالهه) ٻڌائي نٿو سگهين ۽ نڪي انهن ٻوڙن کي پنهنجو سڏ پهچائي سگهين ٿو، جيڪي پــُـٺي ڏيو ڀڄندا ويندا هجن |
وَما أَنتَ بِهٰدِى العُمىِ عَن ضَلٰلَتِهِم إِن تُسمِعُ إِلّا مَن يُؤمِنُ بِـٔايٰتِنا فَهُم مُسلِمونَ (آيت : 81) |
۽ نه انڌن کي دڳ جو ڏس ڏئي ڀٽڪڻ کان بچائي سگهين ٿو. تون ته ڳالهه انهن ماڻهن کي ٻڌائي سگهين ٿو، جيڪي اسان جي آيتن تي ايمان آڻن ٿا ۽ پوءِ فرمانبردار بنجي وڃن ٿا |
وَإِذا وَقَعَ القَولُ عَلَيهِم أَخرَجنا لَهُم دابَّةً مِنَ الأَرضِ تُكَلِّمُهُم أَنَّ النّاسَ كانوا بِـٔايٰتِنا لا يوقِنونَ (آيت : 82) |
۽ جڏهن اسان جي ڳالهه پوري ٿيڻ جو وقت مٿن اچي پوندو ته اسان انهن لاءِ هڪڙو جانور زمين مان ڪڍنداسون، جيڪو ساڻن ڳالهائيندو، جو هونئن ته ماڻهو اسان جي آيتن تي يقين نه ڪندا هئا |
وَيَومَ نَحشُرُ مِن كُلِّ أُمَّةٍ فَوجًا مِمَّن يُكَذِّبُ بِـٔايٰتِنا فَهُم يوزَعونَ (آيت : 83) |
۽ جنهن ڏينهن اسان هر امت مان هڪ وڏو ڊنب انهن ماڻهن جو ميڙي آڻي گڏ ڪنداسون، جيڪي اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڀانئيندا هئا. پوءِ انهن کي (سندن ڏوهاري حيثيت آهر) درجن ۾ ورهائي کڙو ڪيو ويندو |
حَتّىٰ إِذا جاءو قالَ أَكَذَّبتُم بِـٔايٰتى وَلَم تُحيطوا بِها عِلمًا أَمّاذا كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 84) |
تان جو جڏهن سڀئي اچي ويندا ته (سندن رب کانئن) پڇندو ته "ڇا توهان منهنجي آيتن کي ڪوڙو ڀانيو، جڏهن ته توهان انهن جو پورو علم ئي نه پرايو هو؟ جيڪڏهن ائين ناهي، ته پوءِ توهان ڇا پئي ڪندا رهيا"؟ |
وَوَقَعَ القَولُ عَلَيهِم بِما ظَلَموا فَهُم لا يَنطِقونَ (آيت : 85) |
۽ سندن ظلم جي ڪري عذاب وارو وعدو مٿن لاڳو ٿي ويندو، جو پوءِ ته هو ڪجهه ڪڇي به نه سگهندا |
أَلَم يَرَوا أَنّا جَعَلنَا الَّيلَ لِيَسكُنوا فيهِ وَالنَّهارَ مُبصِرًا إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 86) |
ڇا نه پئي ڏٺائون ته اسان رات کي سندن آرام لاءِ ٺاهيو ۽ ڏينهن کي روشن ڪيو. انهيءَ ۾ ڪيتريون ئي نشانيون هيون، انهن ماڻهن لاءِ جيڪي ايمان آڻيندا هئا |
وَيَومَ يُنفَخُ فِى الصّورِ فَفَزِعَ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَمَن فِى الأَرضِ إِلّا مَن شاءَ اللَّهُ وَكُلٌّ أَتَوهُ دٰخِرينَ (آيت : 87) |
۽ ڇا ٿيندن حشر انهيءَ ڏينهن، جڏهن صور ڦوڪي ويندي ۽ اهي سڀئي جيڪي آسمانن توڙي زمين ۾ آهن، خوف کان ڪنبڻ لڳندا. باقي ان حالت کان بچندا اهي، جن کي الله بچائڻ گهرندو ۽ سڀئي ڪنن تي هٿ رکي اچي سندس آڏو حاضر ٿيندا؟ |
وَتَرَى الجِبالَ تَحسَبُها جامِدَةً وَهِىَ تَمُرُّ مَرَّ السَّحابِ صُنعَ اللَّهِ الَّذى أَتقَنَ كُلَّ شَيءٍ إِنَّهُ خَبيرٌ بِما تَفعَلونَ (آيت : 88) |
اڄ تون جبل ڏسي ڀانئين ٿو ته اهي ڏاڍا مضبوط کتل آهن، پر ان ڏينهن اهي ڪڪرن وانگر اڏامي رهيا هوندا. اهو الله جي قدرت جو ڪرشمو هوندو، جنهن هر شيءِ کي حڪمت سان جوڙيو آهي. هو چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو ته توهان ڇا پيا ڪيو |
مَن جاءَ بِالحَسَنَةِ فَلَهُ خَيرٌ مِنها وَهُم مِن فَزَعٍ يَومَئِذٍ ءامِنونَ (آيت : 89) |
جيڪو شخص ڀلائي کنيو ايندو، ان کي اڃان به ڀلو اجورو ملندو ۽ اهڙا ماڻهو ان ڏينهن واري ڪنبڻ کان بچي ويندا |
وَمَن جاءَ بِالسَّيِّئَةِ فَكُبَّت وُجوهُهُم فِى النّارِ هَل تُجزَونَ إِلّا ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 90) |
۽ جيڪو شخص برائي کنيو ايندو، اهڙا ماڻهو منهن ڀر باهه ۾ اڇلايا ويندا. ڇا توهان پنهنجي ڪئي جي بدلي کان سواءِ ٻيو ڪجهه لهڻو؟ |
إِنَّما أُمِرتُ أَن أَعبُدَ رَبَّ هٰذِهِ البَلدَةِ الَّذى حَرَّمَها وَلَهُ كُلُّ شَيءٍ وَأُمِرتُ أَن أَكونَ مِنَ المُسلِمينَ (آيت : 91) |
(اي نبي چوين ته) "مونکي ته اهو حڪم ڏنو ويو آهي ته هن شهر (مڪي) جي رب جي عبادت ڪريان، جنهن ان کي حرم (ادب جي جاءِ) بنايو آهي ۽ جيڪو هر شيءِ جو مالڪ آهي. مونکي حڪم ڏنو ويو آهي ته مان مسلم ٿي رهان |
وَأَن أَتلُوَا۟ القُرءانَ فَمَنِ اهتَدىٰ فَإِنَّما يَهتَدى لِنَفسِهِ وَمَن ضَلَّ فَقُل إِنَّما أَنا۠ مِنَ المُنذِرينَ (آيت : 92) |
۽ هي قرآن پڙهي ٻڌايان". هاڻي جيڪو هدايت تي هلندو اهو پنهنجي ئي فائدي لاءِ هدايت تي هلندو ۽ جيڪو گمراهه ٿيندو ان کي چئي ڇڏ ته، "مان ته فقط خبردار ڪندڙ آهيان". |
وَقُلِ الحَمدُ لِلَّهِ سَيُريكُم ءايٰتِهِ فَتَعرِفونَها وَما رَبُّكَ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 93) |
چوين ته "ساراهه الله جي لاءِ ئي آهي، ستت ئي هو توهان کي پنهنجون نشانيون ڏيکاريندو ۽ توهان انهن کي سڃاڻي وٺندؤ ۽ تنهنجو رب بيخبر ناهي، انهن عملن کان جيڪي توهان ڪريو ٿا |