طس تِلكَ ءايٰتُ القُرءانِ وَكِتابٍ مُبينٍ (آيت : 1) |
طس اهي قرآن ۽ کولي بيان ڪندڙ ڪتاب جون آيتون آهن. |
هُدًى وَبُشرىٰ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 2) |
(اهي) انهن ايمان وارن لاءِ هدايت ۽ (جنت جي) خوشخبري آهي، |
الَّذينَ يُقيمونَ الصَّلوٰةَ وَيُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَهُم بِالءاخِرَةِ هُم يوقِنونَ (آيت : 3) |
جي نماز پابنديءَ سان قائم ڪن ٿا ۽ زڪوات ڏين ٿا ۽ اهي آخرت (قيامت) تي به يقين رکن ٿا. |
إِنَّ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ زَيَّنّا لَهُم أَعمٰلَهُم فَهُم يَعمَهونَ (آيت : 4) |
بيشڪ جيڪي آخرت کي نه ٿا مڃين تن جي ڪرتوتن کي (ڄڻ ته) اسان (سندن نظرن ۾) چڱا ڪري ڏيکاريا آهن پوءِ هي عقل جا انڌا آهن. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ لَهُم سوءُ العَذابِ وَهُم فِى الءاخِرَةِ هُمُ الأَخسَرونَ (آيت : 5) |
اهي اهي آهن جن لاءِ (قيامت ۾) بڇڙو عذاب آهي ۽ اهي ئي آخرت ۾ سخت نقصان ۾ آهن. |
وَإِنَّكَ لَتُلَقَّى القُرءانَ مِن لَدُن حَكيمٍ عَليمٍ (آيت : 6) |
۽ (اي رسول) تو کي ته قرآن هڪ وڏي واقف ڪار حڪيم جي بارگاھ مان عطا ڪيو وڃي ٿو. |
إِذ قالَ موسىٰ لِأَهلِهِ إِنّى ءانَستُ نارًا سَـٔاتيكُم مِنها بِخَبَرٍ أَو ءاتيكُم بِشِهابٍ قَبَسٍ لَعَلَّكُم تَصطَلونَ (آيت : 7) |
(اهو واقعو ياد ڏيارين) جڏهن موسى پنهنجي گهر وارن کي چيو ته (مون کٻي پاسي کان) باھ ڏٺي آهي. (جيڪڏهن ٿورو ترسو ته) آءُ اوهان وٽ (اتان جي راھ جي) ڪا خبر آڻيان يا اوهان وٽ باھ جي اماٽي آڻيان ٿو من اوهين پاڻ سيڪيو. |
فَلَمّا جاءَها نودِىَ أَن بورِكَ مَن فِى النّارِ وَمَن حَولَها وَسُبحٰنَ اللَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 8) |
مطلب ته جڏهن موسى ان باھ وٽ آيو ته آواز آيس ته مبارڪ آهي اهو جو باھ ۾ (تجلي ڏيکاري) ٿو ۽ اهو ئي ان جي آس پاس آهي. ۽ اهو جهانن جو پاليندڙ خدا آهي (جو هر عيب کان) پاڪ پاڪيزه آهي. |
يٰموسىٰ إِنَّهُ أَنَا اللَّهُ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 9) |
اي موسى! آءُ ئي الله غالب حڪمت وارو آهيان. |
وَأَلقِ عَصاكَ فَلَمّا رَءاها تَهتَزُّ كَأَنَّها جانٌّ وَلّىٰ مُدبِرًا وَلَم يُعَقِّب يٰموسىٰ لا تَخَف إِنّى لا يَخافُ لَدَىَّ المُرسَلونَ (آيت : 10) |
۽ (هاءُ) پنهنجي لٺ ته (زمين تي) اڇلائي. پوءِ جڏهن ان کي اهڙي طرح سرندو ڏٺائين جو ڄڻ ته اهو (وڏو) نانگ آهي ته پٺ ڏيئي مڙيو ۽ نه ترسيو (ته اسان چيس) اي موسى نه ڊڄ! اسان وٽ ته پيغمبر نه ڊڄندا آهن (دلجاءِ هوندي اٿن). |
إِلّا مَن ظَلَمَ ثُمَّ بَدَّلَ حُسنًا بَعدَ سوءٍ فَإِنّى غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 11) |
پر جنهن ظلم ڪيو وري برائي کان پوءِ بدلي ۾ چڱائي ڪيائين ته آءُ معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهيان. |
وَأَدخِل يَدَكَ فى جَيبِكَ تَخرُج بَيضاءَ مِن غَيرِ سوءٍ فى تِسعِ ءايٰتٍ إِلىٰ فِرعَونَ وَقَومِهِ إِنَّهُم كانوا قَومًا فٰسِقينَ (آيت : 12) |
۽ پنهنجي هٿ کي پنهنجي گريبان ۾ وجهو ته ڪنهن به عيب کانسواءِ سفيد چمڪندو ٿي نڪري (اهي ٻه معجزا) جي نون معجزن مان آهن (جي تو کي ملندا تون) فرعون ۽ سندس قوم ڏي (وڃ) ڇو ته اهي بدڪار ماڻهو آهي. |
فَلَمّا جاءَتهُم ءايٰتُنا مُبصِرَةً قالوا هٰذا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 13) |
پوءِ جڏهن وٽين اکين کولڻ وارا معجزا آيا ته چوڻ لڳا، هي ته پڌرو جادو آهي. |
وَجَحَدوا بِها وَاستَيقَنَتها أَنفُسُهُم ظُلمًا وَعُلُوًّا فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُفسِدينَ (آيت : 14) |
۽ سرڪشيءَ ۾ وڏائيءَ کان انهن معجزن جو انڪار ڪيائون هوڏانهن سندن دلين انهن جو يقين ڪيو هو. پوءِ (اي رسول) ڏس ته (نيٺ) فسادين جي پڇاڙي ڪئين ٿي. |
وَلَقَد ءاتَينا داوۥدَ وَسُلَيمٰنَ عِلمًا وَقالَا الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى فَضَّلَنا عَلىٰ كَثيرٍ مِن عِبادِهِ المُؤمِنينَ (آيت : 15) |
۽ بيشڪ اسان دائود ۽ سليمان کي علم عطا ڪيو ۽ ٻنهين (خوش ٿي) چيو، خدا جو شڪر آهي جنهن اسان کي پنهنجن گهڻن ايمان وارن ٻانهن تي فضيلت عطا ڪئي. |
وَوَرِثَ سُلَيمٰنُ داوۥدَ وَقالَ يٰأَيُّهَا النّاسُ عُلِّمنا مَنطِقَ الطَّيرِ وَأوتينا مِن كُلِّ شَيءٍ إِنَّ هٰذا لَهُوَ الفَضلُ المُبينُ (آيت : 16) |
۽ (علم ۽ حڪمت مال متاع منقوله ۽ غير منقوله ۾) سليمان، دائود جو وارث ٿيو ۽ چيائين اي انسانو! اسان کي پکين جي ٻولي سيکاري ويئي آهي ۽ اسان کي (دنيا جي) سڀ ڪا شيءَ ڏني ويئي آهي. بيشڪ اهو پڪ (خدا جو) پڌرو فضل ۽ ڪرم آهي. |
وَحُشِرَ لِسُلَيمٰنَ جُنودُهُ مِنَ الجِنِّ وَالإِنسِ وَالطَّيرِ فَهُم يوزَعونَ (آيت : 17) |
پڻ سليمان جي اڳيان سندس لشڪر جنن ۽ انسانن ۽ پکين مان گڏ ڪيا ويا ته اهي سڀئي (جدا جدا جنسون) ترتيب ڏيئي بيهاريا ويندا هئا. |
حَتّىٰ إِذا أَتَوا عَلىٰ وادِ النَّملِ قالَت نَملَةٌ يٰأَيُّهَا النَّملُ ادخُلوا مَسٰكِنَكُم لا يَحطِمَنَّكُم سُلَيمٰنُ وَجُنودُهُ وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 18) |
(مطلب ته لشڪر ائين هلندو) ايستائين جو جڏهن (هڪ ڏينهن) ماڪوڙين جي ميدان تي پهتا تڏهن هڪ ماڪوڙيءَ چيو ته اي ڪوليون! اوهين پنهنجي گهرن ۾ گهڙي وڃو! متان سليمان ۽ سندس لشڪر اوهان کي نه لتاڙين ۽ انهن کي خبر نه پوي. |
فَتَبَسَّمَ ضاحِكًا مِن قَولِها وَقالَ رَبِّ أَوزِعنى أَن أَشكُرَ نِعمَتَكَ الَّتى أَنعَمتَ عَلَىَّ وَعَلىٰ وٰلِدَىَّ وَأَن أَعمَلَ صٰلِحًا تَرضىٰهُ وَأَدخِلنى بِرَحمَتِكَ فى عِبادِكَ الصّٰلِحينَ (آيت : 19) |
ته (سليمان) ان جي ڳالھ کان مشڪي کلي ويٺو ۽ چيائين اي منهنجا پالڻهار مون کي توفيق ڏي ته تنهنجي ان نعمت جو شڪر ادا ڪريان جا مون تي ۽ منهنجي ماءُ پيءُ تي ڪئي اٿئي ۽ چڱو ڪم ڪريان جنهن کي تون پسند ڪرين ۽ مون کي پنهنجيءَ خاص رحمت سان پنهنجن نيڪ بندن ۾ داخل ڪر. |
وَتَفَقَّدَ الطَّيرَ فَقالَ ما لِىَ لا أَرَى الهُدهُدَ أَم كانَ مِنَ الغائِبينَ (آيت : 20) |
۽ سليمان پکين (جي لشڪر) جي حاضري ورتي ته چوڻ لڳو ته ڇا ڳالھ آهي! جو آءُ هدهد کي (پنهنجي جاءِ تي) نه ٿو ڏسان يا هو غائب ٿي ويو آهي! |
لَأُعَذِّبَنَّهُ عَذابًا شَديدًا أَو لَأَا۟ذبَحَنَّهُ أَو لَيَأتِيَنّى بِسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 21) |
(جيڪڏهن ائين آهي ته) آءُ کيس سخت سزا ڏيندس يا (نه ته) ان کي ڪهندس يا ته مون وٽ (پنهنجي غير حاضري جو) پڌرو دليل (عذر) پيش ڪري. |
فَمَكَثَ غَيرَ بَعيدٍ فَقالَ أَحَطتُ بِما لَم تُحِط بِهِ وَجِئتُكَ مِن سَبَإٍ بِنَبَإٍ يَقينٍ (آيت : 22) |
پوءِ گهڻي دير نه ڪيائين ۽ (هدهد) اچي عرض ڪيائين ته مون کي هڪ ڳالھ معلوم ٿي آهي جنهن جي اڃا حضور کي به خبر نه آهي. ۽ آءُ اوهان وٽ شهر سبا کان هڪ پڪ خبر کڻي آيو آهيان. |
إِنّى وَجَدتُ امرَأَةً تَملِكُهُم وَأوتِيَت مِن كُلِّ شَيءٍ وَلَها عَرشٌ عَظيمٌ (آيت : 23) |
مون هڪ عورت کي ڏٺو جو اتي جي ماڻهن تي حڪومت ٿي ڪري. ۽ ان کي سڀ ڪا شيءَ (نعمت) عطا ڪيل آهي ۽ سندس هڪ تمام وڏو تخت آهي. |
وَجَدتُها وَقَومَها يَسجُدونَ لِلشَّمسِ مِن دونِ اللَّهِ وَزَيَّنَ لَهُمُ الشَّيطٰنُ أَعمٰلَهُم فَصَدَّهُم عَنِ السَّبيلِ فَهُم لا يَهتَدونَ (آيت : 24) |
مان خود ان ملڪه کي ۽ ان جي قوم کي ڏٺو آهي ته اهي ماڻهو خدا کي ڇڏي سج کي سجدو پيا ڪن. ۽ شيطان انهن کي سندن عمل (انهن جي نظرن ۾) چڱا ڪري ڏيکاريا آهن پڻ انهن کي سڌي رستي کان روڪيو اٿس تنهن ڪري کين (ايتري ڳالھ به) نه ٿي سمجهي، |
أَلّا يَسجُدوا لِلَّهِ الَّذى يُخرِجُ الخَبءَ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَيَعلَمُ ما تُخفونَ وَما تُعلِنونَ (آيت : 25) |
جو اهي خدا کي سجدو ڪن جيڪو آسمانن ۽ زمين ۾ لڪل شين کي ٻاهر ڪڍي (ظاهر ڪري) ٿو ۽ جيڪي اوهين لڪايو ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪريو ٿا تنهن کي ڄاڻي ٿو. |
اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ رَبُّ العَرشِ العَظيمِ (آيت : 26) |
خدا اهو آهي جنهن کان سواءِ ڪو عبادت جي لائق نه آهي جو تمام وڏي عرش جو مالڪ آهي. |
قالَ سَنَنظُرُ أَصَدَقتَ أَم كُنتَ مِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 27) |
سليمان چيو ته اچو ڏسون ٿا ته تو سچ چيو يا تون ڪوڙن مان آهين. |
اذهَب بِكِتٰبى هٰذا فَأَلقِه إِلَيهِم ثُمَّ تَوَلَّ عَنهُم فَانظُر ماذا يَرجِعونَ (آيت : 28) |
(چڱو) منهنجو هي خط کڻي وڃ ۽ هن کي انهن جي اڳيان اڇلائي! پوءِ انهن کان هٽي وڃج! ۽ پوءِ ڏسندو رهج ته اهي نيٺ ڪهڙو جواب ڏين ٿا. |
قالَت يٰأَيُّهَا المَلَؤُا۟ إِنّى أُلقِىَ إِلَىَّ كِتٰبٌ كَريمٌ (آيت : 29) |
(مطلب ته هد هد ملڪه وٽ خط پهچايو) ته ان چيو: اي (منهنجي دربار جا) سردارو! منهنجي اڳيان هڪ شاندار خط اڇلايو ويو آهي، |
إِنَّهُ مِن سُلَيمٰنَ وَإِنَّهُ بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَٰنِ الرَّحِيمِ (آيت : 30) |
اهو سليمان جي طرفان آهي. هي (سندس سرنامو آهي ته) الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان (شروع ڪيل) آهي. |
أَلّا تَعلوا عَلَىَّ وَأتونى مُسلِمينَ (آيت : 31) |
(هن مضمون سان) ته: سرڪشي نه ڪريو ۽ مون وٽ فرمانبردار ٿي اچو. |
قالَت يٰأَيُّهَا المَلَؤُا۟ أَفتونى فى أَمرى ما كُنتُ قاطِعَةً أَمرًا حَتّىٰ تَشهَدونِ (آيت : 32) |
(۽ بلقيس) چيو اي سردار! منهنجي (هن) ڪم ۾ مون کي صلاح ڏيو. (ڇو ته منهنجو ته اهو قاعدو آهي ته) جيستائين اوهين مون وٽ حاضر (نه) هوندا آهيو آءُ ڪنهين ڳالھ ۾ قطعي فيصلو نه ڪندي آهيان. |
قالوا نَحنُ أُولوا قُوَّةٍ وَأُولوا بَأسٍ شَديدٍ وَالأَمرُ إِلَيكِ فَانظُرى ماذا تَأمُرينَ (آيت : 33) |
انهن عرض ڪيو ته اسين طاقت وارا ۽ وڏا جنگي پهلوان آهيون ۽ (وڌيڪ) تنهنجي اختيار ۾ آهي ته جيڪو اوهين حڪم ڏيو پڻ چڱيءَ طرح (نتيجي تي) غور ڪريو. |
قالَت إِنَّ المُلوكَ إِذا دَخَلوا قَريَةً أَفسَدوها وَجَعَلوا أَعِزَّةَ أَهلِها أَذِلَّةً وَكَذٰلِكَ يَفعَلونَ (آيت : 34) |
بلقيس چيو ته بادشاهن جو دستور آهي ته جڏهن ڪنهن ڳوٺ ۾ (فتح جي زور تي) داخل ٿيندا آهن ته ان کي خراب ڪري ڇڏيندا آهن ۽ ان جي عزت دار ماڻهن کي ذليل ۽ خوار ڪندا آهن. ۽ (اهي ماڻهو به) ائين ئي ڪندا. |
وَإِنّى مُرسِلَةٌ إِلَيهِم بِهَدِيَّةٍ فَناظِرَةٌ بِمَ يَرجِعُ المُرسَلونَ (آيت : 35) |
۽ آءُ ان ڏي (قاصدن جي معرفت) ڪا سوکڙي موڪليان ٿي پوءِ ڏسنديس ته اهي ايلچي ڪهڙو جواب آڻين ٿا. |
فَلَمّا جاءَ سُلَيمٰنَ قالَ أَتُمِدّونَنِ بِمالٍ فَما ءاتىٰنِۦَ اللَّهُ خَيرٌ مِمّا ءاتىٰكُم بَل أَنتُم بِهَدِيَّتِكُم تَفرَحونَ (آيت : 36) |
پوءِ جڏهن (قاصد) سليمان وٽ آيو تڏهن سليمان چيو ته ڇا اوهين مون کي مال جي مدد ڏيو ٿا؟ پوءِ جيڪي خدا (دنيا جو مال) مون کي عطا فرمايو آهي سو (مال ۽ دولت) جيڪو اوهان کي ڏنو اٿس، تنهن کان گهڻو چڱو آهي (آءُ ته نه) پر اوهين پنهنجي سوکڙيءَ تي (ڀلي) خوش ٿيو. |
ارجِع إِلَيهِم فَلَنَأتِيَنَّهُم بِجُنودٍ لا قِبَلَ لَهُم بِها وَلَنُخرِجَنَّهُم مِنها أَذِلَّةً وَهُم صٰغِرونَ (آيت : 37) |
تون انهن ڏي موٽي وڃ، اسين پڪ مٿن اهڙا لشڪر آڻينداسون جن سان مقابلي ڪرڻ جي انهن کي ڪا طاقت نه آهي ۽ انهن کي اتان بي عزت ڪري ڪڍنداسون ۽ کين ذليل ڪري ڪڍنداسون ۽ اهي خوار هوندا. |
قالَ يٰأَيُّهَا المَلَؤُا۟ أَيُّكُم يَأتينى بِعَرشِها قَبلَ أَن يَأتونى مُسلِمينَ (آيت : 38) |
(جڏهن اهو ويو ته) سليمان پنهنجي دربارين کي فرمايو: اي منهنجي دربار جا سردارو! توهان مان ڪير آهي جو انهن جي مون وٽ فرمانبردار تي اچڻ کان اڳ مون وٽ راني (بلقيس) جو تخت آڻي؟ |
قالَ عِفريتٌ مِنَ الجِنِّ أَنا۠ ءاتيكَ بِهِ قَبلَ أَن تَقومَ مِن مَقامِكَ وَإِنّى عَلَيهِ لَقَوِىٌّ أَمينٌ (آيت : 39) |
جنن مان هڪ چيو ته حضور! (دربار ختم ڪري) پنهنجي جاءِ تان اٿندا تنهن کان اڳ آءُ اوهان وٽ آڻيندس. ۽ بيشڪ مون کي ان جي طاقت آهي (۽ آءُ) امانت دار (به) آهيان. |
قالَ الَّذى عِندَهُ عِلمٌ مِنَ الكِتٰبِ أَنا۠ ءاتيكَ بِهِ قَبلَ أَن يَرتَدَّ إِلَيكَ طَرفُكَ فَلَمّا رَءاهُ مُستَقِرًّا عِندَهُ قالَ هٰذا مِن فَضلِ رَبّى لِيَبلُوَنى ءَأَشكُرُ أَم أَكفُرُ وَمَن شَكَرَ فَإِنَّما يَشكُرُ لِنَفسِهِ وَمَن كَفَرَ فَإِنَّ رَبّى غَنِىٌّ كَريمٌ (آيت : 40) |
(تنهن تي سليمان جي ڪڇڻ کان اڳ يڪدم) ان شخص (آصف بن برخيا) جنهن وٽ (خدا جي) ڪتاب جو ڪجھ علم هو، چيو ته آءُ تنهنجي اک چنڀڻ کان به اڳ ۾ تخت کي آڻي حاضر ڪندس. (ايتري ۾ هو اچي ويو) ته جڏهن سليمان ان کي پاڻ وٽ رکيل ڏٺو تڏهن چيائين ته هي فقط منهنجي پروردگار جو فضل ۽ ڪرم آهي، هن لاءِ ته مون کي آزمائي ته آءُ شڪر ڪريان ٿو يا بي شڪري ڪريان ٿو ۽ جيڪو شڪر ڪندو سو رڳو پاڻ لاءِ شڪر ڪندو ۽ جيڪو بي شڪري ڪندو ته (ياد رکي!) منهنجو پروردگار بي پرواھ ڪرم ڪندڙ آهي. |
قالَ نَكِّروا لَها عَرشَها نَنظُر أَتَهتَدى أَم تَكونُ مِنَ الَّذينَ لا يَهتَدونَ (آيت : 41) |
(تنهن کان پوءِ) سليمان چيو ته ان (جي پرکڻ) لاءِ سندس تخت جي شڪل بدلي ڇڏيو ته ڏسون ته ان کي سڃاڻي سگهي ٿي يا انهن مان آهي جيڪي سمجھ نه ٿا رکن. |
فَلَمّا جاءَت قيلَ أَهٰكَذا عَرشُكِ قالَت كَأَنَّهُ هُوَ وَأوتينَا العِلمَ مِن قَبلِها وَكُنّا مُسلِمينَ (آيت : 42) |
(ائين ئي ڪيو ويو) پوءِ جڏهن آئي تڏهن ان کي چيو ويو ته ڇا تنهنجو تخت اهڙو آهي؟ چيائين ته ڄڻ ته اهو اهو ئي آهي ۽ اسان کي ان (واقعي) کان اڳي ئي اوهان جي (نبوت) معلوم ٿي چڪي ۽ اسين (تنهن وقت کان ئي) اوهان جا فرمانبردار آهيون. |
وَصَدَّها ما كانَت تَعبُدُ مِن دونِ اللَّهِ إِنَّها كانَت مِن قَومٍ كٰفِرينَ (آيت : 43) |
۽ خدا کان سواءِ جنهن جي عبادت ڪندي هئي تن کان ان کي سليمان روڪيو ڇو ته اها ڪافر قوم مان هئي. (۽ سج کي پوڄيندي هئي). |
قيلَ لَهَا ادخُلِى الصَّرحَ فَلَمّا رَأَتهُ حَسِبَتهُ لُجَّةً وَكَشَفَت عَن ساقَيها قالَ إِنَّهُ صَرحٌ مُمَرَّدٌ مِن قَواريرَ قالَت رَبِّ إِنّى ظَلَمتُ نَفسى وَأَسلَمتُ مَعَ سُلَيمٰنَ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 44) |
بلقيس کي چيو ويو ته محلات ۾ داخل ٿيءُ! پوءِ جڏهن هن (محل ۾ شيشي جوفرش) ڏٺائين تڏهن ان کي اونهو پاڻي خيال ڪيائين ۽ پنهنجيون ٻئي پنيون کوليائين. سليمان چيو اهو ته صرف شيشي جو بنايل محلات آهي. (تنهن وقت هوشيار ٿي ۽) عرض ڪيائين: اي منهنجا پالڻهار! مون سج جي پوڄا ڪري پڪ پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪيو ۽ هاڻي آءُ سليمان سان گڏ ساري جهان جي پالڻهار تي ايمان آڻيان ٿي. |
وَلَقَد أَرسَلنا إِلىٰ ثَمودَ أَخاهُم صٰلِحًا أَنِ اعبُدُوا اللَّهَ فَإِذا هُم فَريقانِ يَختَصِمونَ (آيت : 45) |
۽ اسان ئي ثمود جي قوم ڏي سندن ڀاءُ صالح کي موڪليو ته الله جي عبادت ڪريو ته اهي صالح جي اچن سان ئي (مومن ۽ ڪافر) ٻه فرقا ٿي پاڻ ۾ جهڳڙو ڪرڻ لڳا. |
قالَ يٰقَومِ لِمَ تَستَعجِلونَ بِالسَّيِّئَةِ قَبلَ الحَسَنَةِ لَولا تَستَغفِرونَ اللَّهَ لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 46) |
صالح چيو ته اي منهنجي قوم ڀلائي کان برائي گهرڻ ۾ تڪڙ ڇو ٿا ڪريو؟ خدا کان معافي ڇو نه ٿا گهرو ته من اوهان تي رحم ڪيو وڃي. |
قالُوا اطَّيَّرنا بِكَ وَبِمَن مَعَكَ قالَ طٰئِرُكُم عِندَ اللَّهِ بَل أَنتُم قَومٌ تُفتَنونَ (آيت : 47) |
انهن چيو ته اسان تو کي ۽ جيڪي تو سان گڏ آهن تن کي نڀاڳو ڏٺو آهي. صالح چين ته اوهان جي بدقسمتي الله وٽ آهي، (اهو سڀ ڪجھ ڪونهي) پر اوهان ماڻهن کي پرکيو وڃي ٿو. |
وَكانَ فِى المَدينَةِ تِسعَةُ رَهطٍ يُفسِدونَ فِى الأَرضِ وَلا يُصلِحونَ (آيت : 48) |
۽ (ان) شهر ۾ نو ڄڻا هئا جي زمين ۾ فساد ڪندا هئا ۽ سڌاري (جو فڪر) نه ڪندا هئا. |
قالوا تَقاسَموا بِاللَّهِ لَنُبَيِّتَنَّهُ وَأَهلَهُ ثُمَّ لَنَقولَنَّ لِوَلِيِّهِ ما شَهِدنا مَهلِكَ أَهلِهِ وَإِنّا لَصٰدِقونَ (آيت : 49) |
انهن ماڻهن (پاڻ ۾) چيو ته پاڻ ۾ خدا جو قسم کڻو ته اسين صالح ۽ سندس گهروارن کي رات جو ماري ڇڏينداسون (۽) پوءِ ان جي وارث کي چونداسون ته اسين سندس گهر جي تباھ ٿيڻ وقت حاضر نه هئاسون ۽ بيشڪ اسين سچا آهيون. |
وَمَكَروا مَكرًا وَمَكَرنا مَكرًا وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 50) |
۽ انهن هڪڙي قسم جي ڳجهي تدبير ڪئي ۽ اسان ٻئي قسم جي ڳجهي تدبير ڪئي ۽ انهن کي (اسان جي تدبير جي) خبر به نه پئي. |
فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ مَكرِهِم أَنّا دَمَّرنٰهُم وَقَومَهُم أَجمَعينَ (آيت : 51) |
ته (اي رسول) ڏس ته انهن جي ڳجهي تدبير جي پڇاڙي ڪئين ٿي جو انهن کي ۽ سندن ساريءَ قوم کي برباد ڪيوسون. |
فَتِلكَ بُيوتُهُم خاوِيَةً بِما ظَلَموا إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 52) |
پوءِ انهن جي ظلم جي ڪري انهن جا گهر ڊٺل آهن. ان ۾ شڪ نه آهي ته هن واقعي ۾ ڄاڻو ماڻهن لاءِ وڏو سبق آهي. |
وَأَنجَينَا الَّذينَ ءامَنوا وَكانوا يَتَّقونَ (آيت : 53) |
۽ جن ايمان آندو ۽ پرهيزگاري اختيار ڪئي تن کي بچايوسون. |
وَلوطًا إِذ قالَ لِقَومِهِ أَتَأتونَ الفٰحِشَةَ وَأَنتُم تُبصِرونَ (آيت : 54) |
۽ (اي رسول) لوط کي (ياد ڪر!) جڏهن ان پنهنجيءَ قوم کي چيو ته ڇا اوهين ڏسي وائسي بيحيائي جو ڪم ڪريو ٿا. |
أَئِنَّكُم لَتَأتونَ الرِّجالَ شَهوَةً مِن دونِ النِّساءِ بَل أَنتُم قَومٌ تَجهَلونَ (آيت : 55) |
ڇا اوهين زالن کي ڇڏي مردن ڏي شهوت (جي خيال) سان وڃو ٿا (اهو چڱو نٿا ڪريو) پر اوهين وڏي جاهل قوم آهيو. |
فَما كانَ جَوابَ قَومِهِ إِلّا أَن قالوا أَخرِجوا ءالَ لوطٍ مِن قَريَتِكُم إِنَّهُم أُناسٌ يَتَطَهَّرونَ (آيت : 56) |
پوءِ سندس قوم جو جواب رڳو هي هو جو چوڻ لڳا ته لوط جي گهروارن کي پنهنجي ڳوٺ مان ڪڍو. ڇو ته اهي ماڻهو پاڪ صاف رهڻ گهرن ٿا. |
فَأَنجَينٰهُ وَأَهلَهُ إِلَّا امرَأَتَهُ قَدَّرنٰها مِنَ الغٰبِرينَ (آيت : 57) |
پوءِ اسان ان کي ۽ ان جي گهروارن کي بچايوسون پر سندس زال جو اسان ان جي تقدير ۾ پوئتي رهيلن مان لکي ڇڏيو هو. |
وَأَمطَرنا عَلَيهِم مَطَرًا فَساءَ مَطَرُ المُنذَرينَ (آيت : 58) |
۽ (پوءِ ته) اسان انهن ماڻهن تي (پٿرن جو) مينهن وسايو ته جن کي اسان ڊيڄاريو هو تن تي ڪهڙو نه بڇڙو مينهن وٺو. |
قُلِ الحَمدُ لِلَّهِ وَسَلٰمٌ عَلىٰ عِبادِهِ الَّذينَ اصطَفىٰ ءاللَّهُ خَيرٌ أَمّا يُشرِكونَ (آيت : 59) |
(اي رسول) تون چئو ته (انهن جي هلاڪ هجڻ تي) خدا جو شڪر ۽ سلام سندس انهن تي بندن تي آهي جن کي پسند ڪيو اٿس. ڀلا خدا چڱو آهي يا جن کي خدا جو شريڪ بنائين ٿا! |
أَمَّن خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَأَنزَلَ لَكُم مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَنبَتنا بِهِ حَدائِقَ ذاتَ بَهجَةٍ ما كانَ لَكُم أَن تُنبِتوا شَجَرَها أَءِلٰهٌ مَعَ اللَّهِ بَل هُم قَومٌ يَعدِلونَ (آيت : 60) |
ڀلا اهو ڪير آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو ۽ آسمان مان اوهان لاءِ پاڻي وسايو؟ (اسان ئي ته وسايو) پوءِ اسان رونق وارا باغ ڄماياسون. اوهان جو ڪم نه هو جو انهن جا وڻ ڄمايو. ڇا خدا سان گڏ ٻيو به ڪو معبود آهي؟ (ڪڏهين نه) پر اهي ماڻهو (پنهنجي دليئون گهڙي بتن کي) ان جي برابر بنائين ٿا. |
أَمَّن جَعَلَ الأَرضَ قَرارًا وَجَعَلَ خِلٰلَها أَنهٰرًا وَجَعَلَ لَها رَوٰسِىَ وَجَعَلَ بَينَ البَحرَينِ حاجِزًا أَءِلٰهٌ مَعَ اللَّهِ بَل أَكثَرُهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 61) |
ڀلا زمين کي رهڻ جي جاءِ ڪنهن ڪيو؟ ۽ (ڪنهن) ان جي وچ ۾ نهرون پيدا ڪيون ۽ مٿس جبل پيدا ڪيا ۽ ٻن دريائن (مٺي کاري) جي وچ ۾ هڪ پردو ڪيائين. ڇا خدا سان گڏ ٻيو ڪو معبود آهي؟ (هرگز نه) پر انهن مان گهڻا نه ٿا ڄاڻن. |
أَمَّن يُجيبُ المُضطَرَّ إِذا دَعاهُ وَيَكشِفُ السّوءَ وَيَجعَلُكُم خُلَفاءَ الأَرضِ أَءِلٰهٌ مَعَ اللَّهِ قَليلًا ما تَذَكَّرونَ (آيت : 62) |
ڀلا پريشان حال جي دعا قبول ڪير ڪري ٿو جڏهن هو ان کي سڏي ٿو ۽ (ڪير) سختي لاهي ٿو ۽ (ڪنهن) اوهان کي زمين ۾ (پنهنجو) نائب بنايو آهي؟ ڇا خدا سان گڏ ٻيو به ڪو معبود آهي؟ (هرگز نه!) تنهن هوندي به اوهين ماڻهو تمام گهٽ نصيحت ۽ سبق حاصل ڪريو ٿا. |
أَمَّن يَهديكُم فى ظُلُمٰتِ البَرِّ وَالبَحرِ وَمَن يُرسِلُ الرِّيٰحَ بُشرًا بَينَ يَدَى رَحمَتِهِ أَءِلٰهٌ مَعَ اللَّهِ تَعٰلَى اللَّهُ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 63) |
ڀلا خشڪيءَ ۽ دريا جي اونداهين ۾ اوهان کي ڪير رستو ڏيکاري ٿو ۽ پنهنجي رحمت (مينهن) کان اڳ خوش خبري ڏيندڙ هوائون ڪير موڪلي ٿو؟ ڇا خدا سان گڏ ٻيو به ڪو معبود آهي؟ (هرگز نه) خدا انهن کان بلند آهي جن کي (سندس) شريڪ ڪن ٿا. |
أَمَّن يَبدَؤُا۟ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ وَمَن يَرزُقُكُم مِنَ السَّماءِ وَالأَرضِ أَءِلٰهٌ مَعَ اللَّهِ قُل هاتوا بُرهٰنَكُم إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 64) |
ڀلا ڪير نئين سر (سڀ کي) پيدا ڪري ٿو پوءِ وري ٻيو ڀيرو (مرڻ کان پوءِ) پيدا ڪندو ۽ ڪير اوهان کي آسمان ۽ زمين مان روزي ڏئي ٿو؟ ڇا خدا سان گڏ ٻيو به ڪو معبود آهي؟ (هرگز نه) (اي رسول) تون (انهن مشرڪن کي چئو ته جيڪڏهن اوهين سچا آهيو ته پنهنجي ثابتي آڻيو. |
قُل لا يَعلَمُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ الغَيبَ إِلَّا اللَّهُ وَما يَشعُرونَ أَيّانَ يُبعَثونَ (آيت : 65) |
اي رسول! کين چئو ته خدا کان سواءِ آسمانن ۽ زمين ۾ ٻيا جيڪي به آهن سي ڳجھ نه ٿا ڄاڻن ۽ پڻ نه ٿا ڄاڻن ته ڪڏهن انهن کي (قبرن مان جيئرو ڪري) اٿاريو ويندو. |
بَلِ ادّٰرَكَ عِلمُهُم فِى الءاخِرَةِ بَل هُم فى شَكٍّ مِنها بَل هُم مِنها عَمونَ (آيت : 66) |
پر (اصل ڳالھ هي آهي ته) آخرت جي باري ۾ سندن عقل جو خاتمو ٿيل آهي، مگر انهن کي ان ۾ شڪ آهي پر (سچ هي آهي ته) اهي ان کان انڌا آهن. |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا أَءِذا كُنّا تُرٰبًا وَءاباؤُنا أَئِنّا لَمُخرَجونَ (آيت : 67) |
۽ ڪافر چون ٿا ته جڏهن اسين ۽ اسان جا ابا ڏاڏا (ڳري سڙي) مٽي ٿينداسون ته ڇا اسان کي (قبرن مان) ڪڍيو ويندو؟ |
لَقَد وُعِدنا هٰذا نَحنُ وَءاباؤُنا مِن قَبلُ إِن هٰذا إِلّا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 68) |
ان جو ته اڳي به اسان کي ۽ اسان جي ابن ڏاڏ کي وعدو ڏنو ويو آهي (ڪنهن جو اٿڻ ۽ ڇا جي قيامت) اهي ته رڳو اڳين جون آکاڻيون آهن. |
قُل سيروا فِى الأَرضِ فَانظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُجرِمينَ (آيت : 69) |
(اي رسول) ماڻهن کي چئو ته روءِ زمين تي ڪجھ گهمي ڦري ڏسو ۽ ڏسو ته گنهگارن جي پڇاڙي ڪئين ٿي؟ |
وَلا تَحزَن عَلَيهِم وَلا تَكُن فى ضَيقٍ مِمّا يَمكُرونَ (آيت : 70) |
۽ (اي رسول) تون انهن جي حال تي افسوس نه ڪر ۽ اهي جيڪي بڇڙيون تدبيرون (تنهنجي خلاف) ڪن ٿا تن کان تنگدل (به) نه ٿيءُ. |
وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الوَعدُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 71) |
۽ اهي (ڪافر مسلمانن کان) پڇن ٿا ته جيڪڏهن اوهين سچا آهيو ته (نيٺ) اهو (قيامت يا عذاب اچڻ جو) وعدو ڪڏهن پورو ٿيندو؟ |
قُل عَسىٰ أَن يَكونَ رَدِفَ لَكُم بَعضُ الَّذى تَستَعجِلونَ (آيت : 72) |
تون چوين ته جنهن (عذاب) جي اوهين ماڻهو تڪڙ ڪيو ٿا تنهن مان ڪجھ متان اوهان جي (ويجهو) هجي. |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَذو فَضلٍ عَلَى النّاسِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَشكُرونَ (آيت : 73) |
۽ بيشڪ تنهنجو پالڻهار، ماڻهن تي فضل ڪرڻ وارو آهي. پر انهن مان گهڻا احسان نه ٿا مڃين. |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَيَعلَمُ ما تُكِنُّ صُدورُهُم وَما يُعلِنونَ (آيت : 74) |
پڻ ان ۾ شڪ نه آهي ته جي ڳالهيون (آيتون) انهن جي دلين ۾ لڪل آهن ۽ جيڪي ظاهر ڪن ٿا تنهن کي پڪ ته تنهنجو پالڻهار ڄاڻي ٿو. |
وَما مِن غائِبَةٍ فِى السَّماءِ وَالأَرضِ إِلّا فى كِتٰبٍ مُبينٍ (آيت : 75) |
۽ آسمان ۽ زمين ۾ اهڙي ڪا به لڪل شيءِ نه آهي جا پڌري ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ (لکيل) نه هجي. |
إِنَّ هٰذَا القُرءانَ يَقُصُّ عَلىٰ بَنى إِسرٰءيلَ أَكثَرَ الَّذى هُم فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 76) |
بيشڪ هيءُ قرآن بني اسرائيلن کي سندن ڳالهين کي جن ۾ اهي اختلاف ڪن ٿا ظاهر ڪري ٿو. |
وَإِنَّهُ لَهُدًى وَرَحمَةٌ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 77) |
۽ ان ۾ شڪ نه آهي ته هي قرآن ايمان وارن لاءِ سموري هدايت ۽ رحمت آهي. |
إِنَّ رَبَّكَ يَقضى بَينَهُم بِحُكمِهِ وَهُوَ العَزيزُ العَليمُ (آيت : 78) |
(اي رسول) بيشڪ تنهنجو پروردگار پنهنجي حڪم سان سندن وچ ۾ (جهڳڙن جو) فيصلو ڪندو ۽ اهو (سڀ تي) غالب ۽ واقف ڪار آهي. |
فَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ إِنَّكَ عَلَى الحَقِّ المُبينِ (آيت : 79) |
ته (اي رسول) تون خدا تي ڀروسو ڪر بيشڪ تون پڌري حق تي آهين. |
إِنَّكَ لا تُسمِعُ المَوتىٰ وَلا تُسمِعُ الصُّمَّ الدُّعاءَ إِذا وَلَّوا مُدبِرينَ (آيت : 80) |
بيشڪ تون نڪي مئلن کي (پنهنجي ڳالھ) ٻڌائي سگهين ٿو ۽ نه ڪي ٻوڙن کي ٻڌائي سگهين ٿو (خاص ڪري) جڏهن اهي پٺ ڏيئي ڦرن ٿا. |
وَما أَنتَ بِهٰدِى العُمىِ عَن ضَلٰلَتِهِم إِن تُسمِعُ إِلّا مَن يُؤمِنُ بِـٔايٰتِنا فَهُم مُسلِمونَ (آيت : 81) |
۽ نڪي تون انڌن کي سندن گمراهيءَ کان (موٽڻ لاءِ) رستو ڏيکاري سگهين ٿو پر جيڪي اسان جي آيتن تي ايمان رکن ٿا پوءِ اهي مڃڻ وارا به آهن. |
وَإِذا وَقَعَ القَولُ عَلَيهِم أَخرَجنا لَهُم دابَّةً مِنَ الأَرضِ تُكَلِّمُهُم أَنَّ النّاسَ كانوا بِـٔايٰتِنا لا يوقِنونَ (آيت : 82) |
۽ جڏهن مٿن (قيامت جو) وعدو لازم ٿيندو تڏهن انهن لاءِ زمين مان هڪ هلڻ وارو ڪڍنداسون جو انهن سان ڳالھ ڪندو ته (فلاڻا فلاڻا) ماڻهو اسان جي آيتن تي يقين نه ڪندا هئا. |
وَيَومَ نَحشُرُ مِن كُلِّ أُمَّةٍ فَوجًا مِمَّن يُكَذِّبُ بِـٔايٰتِنا فَهُم يوزَعونَ (آيت : 83) |
۽ (اهو ڏينهن ياد ڪر!) جنهن ڏينهن سڀ ڪنهن امت مان هڪ اهڙو گروھ جنهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو هوندو گڏ ڪنداسون. پوءِ انهن جون جدا جدا ٽوليون ٺاهيون وينديون. |
حَتّىٰ إِذا جاءو قالَ أَكَذَّبتُم بِـٔايٰتى وَلَم تُحيطوا بِها عِلمًا أَمّاذا كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 84) |
تان جو (سڀ) ايندا ته (خدا) فرمائيندو ته ڇا اوهان منهنجين آيتن کي ڪوڙو ڪيو. هوڏانهن اوهان انهن کي پورو سمجهيو به نه هو يا ڀلا اوهان ڇا پئي ڪيو؟ |
وَوَقَعَ القَولُ عَلَيهِم بِما ظَلَموا فَهُم لا يَنطِقونَ (آيت : 85) |
۽ سندن ظلم جي ڪري مٿن (عذاب جو) وعدو لازم ٿيندو پوءِ اهي ڳالهائي نه سگهندا. |
أَلَم يَرَوا أَنّا جَعَلنَا الَّيلَ لِيَسكُنوا فيهِ وَالنَّهارَ مُبصِرًا إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 86) |
ڇا انهن هي به نه ڏٺو ته اسان رات کي هن لاءِ پيدا ڪيو آهي ته ان ۾ آرام ڪن ۽ ڏينهن کي اهڙو جو ان ۾ ڏسي سگهجي. بيشڪ ان ۾ ايمان وارن لاءِ (خدا جي قدرت جون ڪيتريون ئي) نشانيون آهن، |
وَيَومَ يُنفَخُ فِى الصّورِ فَفَزِعَ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَمَن فِى الأَرضِ إِلّا مَن شاءَ اللَّهُ وَكُلٌّ أَتَوهُ دٰخِرينَ (آيت : 87) |
۽ (ياد ڪر!) جنهن ڏينهن صور ڦوڪيو، ته پوءِ جيڪي آسمان ۾ آهن ۽ جيڪي زمين ۾ آهن سي (سڀ) گهٻرائيندا سواءِ ان شخص جي جنهن کي خدا گهري. ۽ سڀ ڪو سندس بارگاھ ۾ ذلت ۽ عاجزيءَ سان حاضر ٿيندو. |
وَتَرَى الجِبالَ تَحسَبُها جامِدَةً وَهِىَ تَمُرُّ مَرَّ السَّحابِ صُنعَ اللَّهِ الَّذى أَتقَنَ كُلَّ شَيءٍ إِنَّهُ خَبيرٌ بِما تَفعَلونَ (آيت : 88) |
۽ تون جبلن کي ڏسي انهن کي ڄميل خيال ڪرين ٿو هوڏانهن اهي (قيامت جي ڏينهن) ڪڪرن جي هلڻوانگر هلندا. (اها به) الله جي جوڙ آهي جنهن سڀ ڪنهن شيءِ کي درست بنايو آهي. بيشڪ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کان هو چڱيءَ طرح واقف آهي. |
مَن جاءَ بِالحَسَنَةِ فَلَهُ خَيرٌ مِنها وَهُم مِن فَزَعٍ يَومَئِذٍ ءامِنونَ (آيت : 89) |
جيڪو نيڪ ڪم ڪندو تنهن لاءِ ان کان زياده چڱو بدلو آهي. ۽ اهڙا (شخص) ان ڏينهن گهٻراهٽ کان امن ۾ هوندا. |
وَمَن جاءَ بِالسَّيِّئَةِ فَكُبَّت وُجوهُهُم فِى النّارِ هَل تُجزَونَ إِلّا ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 90) |
۽ جيڪي برائي آڻيندا تن کي منهن ڀر باھ ۾ ڪيرايو ويندو. جو ڪجھ اوهين پيا ڪريو تنهن جو ئي اوهان کي بدلو ڏنو ويندو. |
إِنَّما أُمِرتُ أَن أَعبُدَ رَبَّ هٰذِهِ البَلدَةِ الَّذى حَرَّمَها وَلَهُ كُلُّ شَيءٍ وَأُمِرتُ أَن أَكونَ مِنَ المُسلِمينَ (آيت : 91) |
(اي رسول! کين چئو ته) مون کي رڳو هيءُ حڪم ڪيو ويو آهي ته هن شهر (مڪي) جي مالڪ جي عبادت ڪريان جنهن ان کي عزت ۽ حرمت ڏني آهي، ۽ سڀ ڪا شيءِ سندس آهي ۽ مون کي هي به حڪم ڪيو ويو آهي، فرمان بردارن مان ٿيان. |
وَأَن أَتلُوَا۟ القُرءانَ فَمَنِ اهتَدىٰ فَإِنَّما يَهتَدى لِنَفسِهِ وَمَن ضَلَّ فَقُل إِنَّما أَنا۠ مِنَ المُنذِرينَ (آيت : 92) |
۽ هي ته قرآن پڙهي ٻڌايان.پوءِ جيڪو سڌي راھ تي آيو سو رڳو پنهنجي ڀلي لاءِ راھ تي اچي ٿو. جيڪو گمراھ ٿيو به ته تون چوين ته آءُ رڳو ڊيڄاريندڙن مان آهيان. |
وَقُلِ الحَمدُ لِلَّهِ سَيُريكُم ءايٰتِهِ فَتَعرِفونَها وَما رَبُّكَ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 93) |
۽ چئو ته سڀ تعريفون الله جي لاءِ آهن اهو جلد اوهان کي پنهنجيون آيتون ڏيکاريندو پوءِ اوهين انهن کي سڃاڻندو۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کان تنهنجو پالڻهار غافل نه آهي. |