طس تِلكَ ءايٰتُ القُرءانِ وَكِتابٍ مُبينٍ (آيت : 1) |
سمجھي ٿو طٰسٓ کي،مالڪ نالي مٺو، هي حڪم قرآن ڪريم جا، چٽو، |
هُدًى وَبُشرىٰ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 2) |
ڏس پڻ ڏينهن ڏٺو، ۽ واڌايون وسهندڙين. |
الَّذينَ يُقيمونَ الصَّلوٰةَ وَيُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَهُم بِالءاخِرَةِ هُم يوقِنونَ (آيت : 3) |
جي پُورو پڙهن نماز کي، پڻ ڏِينِ ڏُکين کي ڏان، ۽ سَندِي ٻئي جھان، خاصِي رکن ٿا خاطرِي. |
إِنَّ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ زَيَّنّا لَهُم أَعمٰلَهُم فَهُم يَعمَهونَ (آيت : 4) |
اُهي، جي نه آخرت تي، آڻِين اِعتبار، سَندنِ ڪارڻ سُهڻا، ڪياسون سَندنِ ڪم ڪار، پوءِ اُهي اُجھن اُن ۾، آهِن اُهي ئـِي آوار، |
أُولٰئِكَ الَّذينَ لَهُم سوءُ العَذابِ وَهُم فِى الءاخِرَةِ هُمُ الأَخسَرونَ (آيت : 5) |
بِلڪل آهي بُڇڙو، اُنهن لئي آزار، کُٽا ٽُٽا خوار، اُهي آخِرت ۾. |
وَإِنَّكَ لَتُلَقَّى القُرءانَ مِن لَدُن حَكيمٍ عَليمٍ (آيت : 6) |
۽ سَچ پَچ تلقِين توکي، ڪَجي ٿو قُرآن، سائـِينءَ وَٽان سُبحان، جو حِڪمتي، هوشيار گھڻو. |
إِذ قالَ موسىٰ لِأَهلِهِ إِنّى ءانَستُ نارًا سَـٔاتيكُم مِنها بِخَبَرٍ أَو ءاتيكُم بِشِهابٍ قَبَسٍ لَعَلَّكُم تَصطَلونَ (آيت : 7) |
اُتو سَندسِ عيال کي، جڏهن مُوسىٰ مَت سُڄاڻ، ته بيشڪ ڏِٺم باھِ ڪا، پوءِ آڻيان اَوهان ڪاڻ، پَتو پُورو وات جو، يا سِنجا لڳه سانجاڻ، ته پاري ڪنان پاڻ، سيڪي بُت سِئَ لاهيو. |
فَلَمّا جاءَها نودِىَ أَن بورِكَ مَن فِى النّارِ وَمَن حَولَها وَسُبحٰنَ اللَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 8) |
جڏهن آيو اُن پار، ته وِيَسِ پُڪاريو پَڌرو، ته وِڌيون وِيون اُن ۾، بَرڪتون بِسيار، جيڪِي آهي آڳ ۾، پڻ اُنهئ جي چوڌار، پڻ غيران پاڪ غَفار، پالڻهار پِرٿڻِين. |
يٰموسىٰ إِنَّهُ أَنَا اللَّهُ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 9) |
اي مُوسٰى! هِي مَذڪُور، ته آءٌ اَلله آهيان، طاقتمند تمام گھڻو، دانا هَر دَستُور، |
وَأَلقِ عَصاكَ فَلَمّا رَءاها تَهتَزُّ كَأَنَّها جانٌّ وَلّىٰ مُدبِرًا وَلَم يُعَقِّب يٰموسىٰ لا تَخَف إِنّى لا يَخافُ لَدَىَّ المُرسَلونَ (آيت : 10) |
۽ لائـِق! لوڙھ پَنهنجِي، اُڇل زُود ضَرُور، پوءِ جڏهن ڏِٺائـِينسِ، ته سُرپئـِي وِسيَر جِيئن وَهلُور، ته ڀَڳو، ڀَواريو پوئـِتي، ۽ اُڀليو نه اَهڳور، مُوسٰى! ڊِڄ نه مُور، مُرسل نه ڊِڄن، مُون وَٽان. |
إِلّا مَن ظَلَمَ ثُمَّ بَدَّلَ حُسنًا بَعدَ سوءٍ فَإِنّى غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 11) |
پر جنهن پَنهنجي جِئ کي، آزاريو اَڄاڻ، پوءِ بَدلائـِينسِ بَعد بَدِئَ جي،صَفاسُهڻِي ساڻ، پوءِ آهيان آءٌ پاڻ، مَرهِيندڙ۽ مِهرڀريو. |
وَأَدخِل يَدَكَ فى جَيبِكَ تَخرُج بَيضاءَ مِن غَيرِ سوءٍ فى تِسعِ ءايٰتٍ إِلىٰ فِرعَونَ وَقَومِهِ إِنَّهُم كانوا قَومًا فٰسِقينَ (آيت : 12) |
۽ پَنهنجِي ڳِچئَ ۾ پاڻ وِجھ، تُنهنجو هَٿ هيڪار، ته نِڪرندو، نَوَنِ نِشانِيَن ۾، اَڇو عيب ڌار، فسادِئَ فِرعون ڏي، پڻ سَندسِ قوم ڪُفار، آهي اِها اِظهار، قوم بنه بٖي قاعدٖي. |
فَلَمّا جاءَتهُم ءايٰتُنا مُبصِرَةً قالوا هٰذا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 13) |
پوءِ آيُنِ جڏهن اَسان جون، نِيشانِيون نِروار، چي، آهي هِي اِظهار،،ڪارو ڪُو ڪٽ پَڌرو. |
وَجَحَدوا بِها وَاستَيقَنَتها أَنفُسُهُم ظُلمًا وَعُلُوًّا فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُفسِدينَ (آيت : 14) |
ڪيائون اِهڙي حال ۾، اُنهئ کان اِنڪار، جڏهن جانِيَنِ اُنهن جي، تَسَلِّي ڪئـِي تڪرار، اَرڏائـِي اَنڌير ڪري، ۽ وَڏائـِي وِيچار، پوءِ پَس پَڇاڙِي پار، ڏاڍن سَندا ڏيھ ۾. |
وَلَقَد ءاتَينا داوۥدَ وَسُلَيمٰنَ عِلمًا وَقالَا الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى فَضَّلَنا عَلىٰ كَثيرٍ مِن عِبادِهِ المُؤمِنينَ (آيت : 15) |
۽ اَسان عطا عِلم ڪيو، دائُود، سُليمان، ۽ چيائون گھڻي چاھ مان، صاحب جا شُڪران، ته سَندسِ سَچن ٻانهن مان، آندو جَن اِيمان، گھڻنِ مَٿي مانَ، ڏِنون اَسان کي، ڏيھ ڌَڻِي. |
وَوَرِثَ سُلَيمٰنُ داوۥدَ وَقالَ يٰأَيُّهَا النّاسُ عُلِّمنا مَنطِقَ الطَّيرِ وَأوتينا مِن كُلِّ شَيءٍ إِنَّ هٰذا لَهُوَ الفَضلُ المُبينُ (آيت : 16) |
۽ دائود جي تخت جو، ٿِيو وارِث سُليمان، چي، صَحِي سيکاريو وِيو، اَسان اي اِنسان، پکئَ، پکئَ جون ٻوليون، بُلبُل، باز بَيان، ۽ هَر شانائـِتئَ، شئ مَنجھان، ٿيو اَسان تي اِحسان، آهي اِهو عيان، ڀال برابر پَڌرو. |
وَحُشِرَ لِسُلَيمٰنَ جُنودُهُ مِنَ الجِنِّ وَالإِنسِ وَالطَّيرِ فَهُم يوزَعونَ (آيت : 17) |
۽ سَچي سُليمان لئي، وِيا ميڙيا مَنجھ ميدان، جيڪي سَندسِ سپاھ ۾، پکي، جِن، اِنسان، پوءِ تَنبُو ۽ طُولان، سي ساريو سَنڀاهِين پِيا. |
حَتّىٰ إِذا أَتَوا عَلىٰ وادِ النَّملِ قالَت نَملَةٌ يٰأَيُّهَا النَّملُ ادخُلوا مَسٰكِنَكُم لا يَحطِمَنَّكُم سُلَيمٰنُ وَجُنودُهُ وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 18) |
ماڪوڙين جي مُلڪ ۾، جڏهن پُهتا پاڻ، ڪِيڙِئ چيو ڪِيڙيون! گِھڙو حُجرن ۾ هاڻ، سُليمان ۽ سپاھ اُن جو، نَه چِپِينان سُنبن ساڻ، جِنهن صُورت ۾، سُڄاڻ نه هُئنِ، اَهنجي حال کان. |
فَتَبَسَّمَ ضاحِكًا مِن قَولِها وَقالَ رَبِّ أَوزِعنى أَن أَشكُرَ نِعمَتَكَ الَّتى أَنعَمتَ عَلَىَّ وَعَلىٰ وٰلِدَىَّ وَأَن أَعمَلَ صٰلِحًا تَرضىٰهُ وَأَدخِلنى بِرَحمَتِكَ فى عِبادِكَ الصّٰلِحينَ (آيت : 19) |
پوءِ وَهسيو وَڏي ٽَهڪ سان، سُڻِي سَندسِ ڳالھ، چي، سانيمِ! سُهائيمِ تون، ته ڳايان تُنهنجا ڀال، مُون ۽ مُنهنجي پِئَ مَٿي، جي ڪَئـِي ڪَرم ڪمال، ۽ تو وَڻي، سو ڪم ڪريان، چوکو چَڱِئ چال، ۽ تُنهنجي يڪ بَندن نال، ڪقر ڀيڙو پَنهنجٖي ڀال سان. |
وَتَفَقَّدَ الطَّيرَ فَقالَ ما لِىَ لا أَرَى الهُدهُدَ أَم كانَ مِنَ الغائِبينَ (آيت : 20) |
۽ پُڇا ڪَئـِين پَکئَ جي چي، ڇو نَه هِت چَنڊور؟ مان ڏِسان ٿو مُور، ياهُو نه حاضِرن ۾. |
لَأُعَذِّبَنَّهُ عَذابًا شَديدًا أَو لَأَا۟ذبَحَنَّهُ أَو لَيَأتِيَنّى بِسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 21) |
سَزا سَخت اُن کي، سارِي ڏِنيدسِ سُور، ياذَبح ڪَندس ِضرور، ياپَڌرو عَذر پيش ڪري. |
فَمَكَثَ غَيرَ بَعيدٍ فَقالَ أَحَطتُ بِما لَم تُحِط بِهِ وَجِئتُكَ مِن سَبَإٍ بِنَبَإٍ يَقينٍ (آيت : 22) |
پوءِتَرسيو نه گھڻِي دير ڪا، ته اَچي چَيو چنَڊور، ته پُورِي رِيت پَروڙيَمِ، جِنهن جي پَيئـِي نَه تو پَرُوڙ، ۽ آندم سَباجو تولئي، مِڙوئـِي مَذڪُور، |
إِنّى وَجَدتُ امرَأَةً تَملِكُهُم وَأوتِيَت مِن كُلِّ شَيءٍ وَلَها عَرشٌ عَظيمٌ (آيت : 23) |
حاڪِم ڏِٺم هيڪڙِي، اُت عورت اَهل شُعُور، ۽ سڀ شئ مان، سڀ ڪُجھ تِنهن کي بَخشيو وِيو ڀَرپُور، ۽ زِينت ساڻ ضَرُور، تَخت وَڏو ڪو تِنهنجو. |
وَجَدتُها وَقَومَها يَسجُدونَ لِلشَّمسِ مِن دونِ اللَّهِ وَزَيَّنَ لَهُمُ الشَّيطٰنُ أَعمٰلَهُم فَصَدَّهُم عَنِ السَّبيلِ فَهُم لا يَهتَدونَ (آيت : 24) |
۽ پاتمِ اُن پاڻ کي، ۽ سَندسِ قوم ڪُفّار، سَجدا ڏِينِ سِج کي، ڏيه ڌَڻيان ڌار، ۽ سِينگارِيا سَندنِ لئي، شيطان سَندنِ ڪم ڪار، پوءِ روڪيائينِ راه کان، سُونهنِ نه سَنئون پار، |
أَلّا يَسجُدوا لِلَّهِ الَّذى يُخرِجُ الخَبءَ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَيَعلَمُ ما تُخفونَ وَما تُعلِنونَ (آيت : 25) |
ته قَلب ساڻ قرار، سَجدو ڪن سُبحان کي. جو ڪَڍي اُڀ، زمين مان، بادل، باغ بهار، ۽ ڳالهائـِين ڳُجھو، پَڌرو، سوڄاڻي ڄاڻڻهار، |
اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ رَبُّ العَرشِ العَظيمِ (آيت : 26) |
ڌَڻِي جنهن ڌاران نه ڪا، دَرگاھ ۽ دربار، پَرور پالڻهار، تمام وَڏي تخت جو. |
قالَ سَنَنظُرُ أَصَدَقتَ أَم كُنتَ مِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 27) |
چي، جاچينداسون جَلدِي، ته سَچِي ڪَئـِي تو ڳالھ، يا ڪُورن مان ڪُلال!، آهِين تون اَحوال ۾. |
اذهَب بِكِتٰبى هٰذا فَأَلقِه إِلَيهِم ثُمَّ تَوَلَّ عَنهُم فَانظُر ماذا يَرجِعونَ (آيت : 28) |
اُڏر کَڻِي خَط تون، پوءِ اُڇل اُنهن پار، پوءِ وَرِي وَر اُنهن کان، پوءِ نِرتًا ڪَر نِهار، ته ڪِهڙِي خبر چار، موڪلِينِ موٽ ۾؟ |
قالَت يٰأَيُّهَا المَلَؤُا۟ إِنّى أُلقِىَ إِلَىَّ كِتٰبٌ كَريمٌ (آيت : 29) |
پوءِ چَيائـين چَڱن مُڙسن کي، ته ساٿِي صلاحڪار! ته خط مُوچارو مُهرسان، وِيو اُڇليو مُنهنجي پار، |
إِنَّهُ مِن سُلَيمٰنَ وَإِنَّهُ بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَٰنِ الرَّحِيمِ (آيت : 30) |
ڪاغذ بَرقرار، صَحِي سُليمان کان. ۽ مَنجھسِ هِي مَذڪُور، ته اَوَّل نال اَلله جو، سَخي، سَٻاجھو گھڻو، |
أَلّا تَعلوا عَلَىَّ وَأتونى مُسلِمينَ (آيت : 31) |
ته مُون کان چَڙهو نه مُور، ۽ مون وٽ اي مغرور!، سَڀ سلامِي ٿِي اَچو. |
قالَت يٰأَيُّهَا المَلَؤُا۟ أَفتونى فى أَمرى ما كُنتُ قاطِعَةً أَمرًا حَتّىٰ تَشهَدونِ (آيت : 32) |
اي ساٿِي صلاحڪار!، ڪِهڙِي صلاح ڏِيومِ ٿا؟ هِن مُنهنجي مَسئلي ۾، آءٌ ته اوهان کان ڌار، نِبرِيندڙ نه آهيان، ڪِهڙوئـِي ڪم ڪار، تان دانا! مَنجھ دَربار، سوچي صَلاح ڏِيومِ ڪا. |
قالوا نَحنُ أُولوا قُوَّةٍ وَأُولوا بَأسٍ شَديدٍ وَالأَمرُ إِلَيكِ فَانظُرى ماذا تَأمُرينَ (آيت : 33) |
چي، اَسِين قَرار قُوّت ۾، پڻ جَنگ جا جُونجھار، ۽ هَٿ حوالي تُنهنجي، ڪامِڻ! سَڀ ڪم ڪار، پوءِ نِرتًا ڪر نِهار، ته ڪِهڙِي صُورت سُوچيِـين؟ |
قالَت إِنَّ المُلوكَ إِذا دَخَلوا قَريَةً أَفسَدوها وَجَعَلوا أَعِزَّةَ أَهلِها أَذِلَّةً وَكَذٰلِكَ يَفعَلونَ (آيت : 34) |
چي، هَميشه حاڪمِين، آهِن اِهڙا پار، ته گِھڙن جِنهن گام ۾،ويران ڪَنس تِنهن وار، ۽ اُن جي اَمِيرن کي، ڪن خراب ۽ خوار، ۽ ڪندا اِهائـِي ڪار، هو پڻ هِن مُلڪ ۾. |
وَإِنّى مُرسِلَةٌ إِلَيهِم بِهَدِيَّةٍ فَناظِرَةٌ بِمَ يَرجِعُ المُرسَلونَ (آيت : 35) |
۽ آءٌ اُنهن ڏي آهيان، موڪلِيندڙ ڪو مال، جاچِيان پو ڳالھ، ته موٽنِ ڪِهڙِئَ موٽ سان |
فَلَمّا جاءَ سُلَيمٰنَ قالَ أَتُمِدّونَنِ بِمالٍ فَما ءاتىٰنِۦَ اللَّهُ خَيرٌ مِمّا ءاتىٰكُم بَل أَنتُم بِهَدِيَّتِكُم تَفرَحونَ (آيت : 36) |
قاصِد سُليمان وٽ وارِد ٿيو جِنهن وار، چيائـِين، ته مون کي مال جِي، ڇا اَوهِين ڏِيو آڌار، جيڪِي ڏاج ڏيه مان، ڏِنان مون ڏاتار، آن کي ڏِنئين ڏاتِيون، تِنهن کان بِهتر بي شمار، پَنهنجي تُحفن تي تيار، اَوهِين اَجايو خُوش ٿيو. |
ارجِع إِلَيهِم فَلَنَأتِيَنَّهُم بِجُنودٍ لا قِبَلَ لَهُم بِها وَلَنُخرِجَنَّهُم مِنها أَذِلَّةً وَهُم صٰغِرونَ (آيت : 37) |
پانهون، تن ڏي پُور، پوءِ آءٌ مَٿنِ، ڪاهِيندسِ ڪَٽڪن سان، جَن سان نه طاقت تَن ۾، مقابلي جِي مُور، ۽ ڪَڍندوسٖينِ اُن مَنجھان، ڪري ذَليل ضورور، ۽ مَڃِيندڙمَجبُور، اُهي هُوندا، اُنهِئَ حال ۾. |
قالَ يٰأَيُّهَا المَلَؤُا۟ أَيُّكُم يَأتينى بِعَرشِها قَبلَ أَن يَأتونى مُسلِمينَ (آيت : 38) |
چي، مُنهنجا مَشِيرو!، آهي اوهان مان ڪير؟ جو آڻي تخت اُنهءِئَ جو، اَ ڳي اِنهيان وير، ته ڦٽا ڪير ڦير، اَچن سَلامِي مُون سَندا. |
قالَ عِفريتٌ مِنَ الجِنِّ أَنا۠ ءاتيكَ بِهِ قَبلَ أَن تَقومَ مِن مَقامِكَ وَإِنّى عَلَيهِ لَقَوِىٌّ أَمينٌ (آيت : 39) |
ڪِنهن زَبر جُنگ جِنن مان، پاٻوهيو اِن پَر، ته آڻِيندسِ اُن کي، تِنهن کان اَ ڳ اَنور! ته اُٿيِـين پَنهنجي آسَڻ تان، پارِس پغمبر!، ۽ زورا وَر زَبر، انهِئ تي اَمين آهيان. |
قالَ الَّذى عِندَهُ عِلمٌ مِنَ الكِتٰبِ أَنا۠ ءاتيكَ بِهِ قَبلَ أَن يَرتَدَّ إِلَيكَ طَرفُكَ فَلَمّا رَءاهُ مُستَقِرًّا عِندَهُ قالَ هٰذا مِن فَضلِ رَبّى لِيَبلُوَنى ءَأَشكُرُ أَم أَكفُرُ وَمَن شَكَرَ فَإِنَّما يَشكُرُ لِنَفسِهِ وَمَن كَفَرَ فَإِنَّ رَبّى غَنِىٌّ كَريمٌ (آيت : 40) |
جنهن کي عِلم ڪتاب مان، ٻوليو تِنهن ٻِيهار، آءٌ آڻِيندسِ تو وَٽ، تَخت اُهو تڪرار، اڳي اِنهيان وار، ته ڇِنڀِين اَک ڇُڳير! تون. پوءِ جڏهن ڏِٺائـِين اُن کي، حاضِر وَٽسِ هيڪار، ته هِي ڀَلي ڌڻيَمِ جي ڀال مان، ٻوليائـِين ٻيهار، اِهو سَڀئٺِي اِنڪري، ته پَرکيمِ پالڻهار، ته هن جا لف لکه هزار، ڳايان، ڪ ڳايان ڪين ٿو؟ ۽ جو ٿورو مَڃي، ته پاڻ لئي، ۽ جو نَه مڃي ٿورو، ته سانيَمِ سڳورو، ڀَلو ۽ بي نِياز گھڻو. |
قالَ نَكِّروا لَها عَرشَها نَنظُر أَتَهتَدى أَم تَكونُ مِنَ الَّذينَ لا يَهتَدونَ (آيت : 41) |
چي، ڪريو تَخت تِنهنجو، اَسُونهون اِنهِئَ ڪاڻ، ته پَسون ته پڪ اُنهِئَ کي، سُڄاڻي سُڄاڻ، يا آهي اُنهن مان پاڻ، جي صَحِي سُڃاڻنِ ڪِين ڪِي |
فَلَمّا جاءَت قيلَ أَهٰكَذا عَرشُكِ قالَت كَأَنَّهُ هُوَ وَأوتينَا العِلمَ مِن قَبلِها وَكُنّا مُسلِمينَ (آيت : 42) |
جڏهن اُن وٽ آئـِي، ته وِيُسِ چيو تِنهن وار، هِي ڪِ تَخت تُنهنجو؟ چي، ساڳِيئ سو سَينگار، ۽ مِلِيسون اِنهيان اڳي، صَحِي سَماچار، ۽ اَسِين هُئاسُون اڳهِين ، تَهِدل تابِعدار، |
وَصَدَّها ما كانَت تَعبُدُ مِن دونِ اللَّهِ إِنَّها كانَت مِن قَومٍ كٰفِرينَ (آيت : 43) |
۽ روڪِيَسِ تِنهن راھ کان، جَن پُوڄئٺِين، ڌڻياڌار، هُئٺِي ساهيڪار، قوم مَنجھاران ڪافِرِين. |
قيلَ لَهَا ادخُلِى الصَّرحَ فَلَمّا رَأَتهُ حَسِبَتهُ لُجَّةً وَكَشَفَت عَن ساقَيها قالَ إِنَّهُ صَرحٌ مُمَرَّدٌ مِن قَواريرَ قالَت رَبِّ إِنّى ظَلَمتُ نَفسى وَأَسلَمتُ مَعَ سُلَيمٰنَ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 44) |
چي، داخِل ٿِي دَرٻار ۾، گِھڙ مَنجھ گادِئَ گَھر، پوءِ جڏهن ڏِٺائـِين اُن کي، ته ڀائٺِينس ڇولِي ڇَر، سَندسِ ٻِن بُڪِيَن تان، وارڻ لَڳِي وَر، هِي ڪَٽهڙو ڪائٖي صاف جو، اُتو پوءِ اَنور، چي، ظاهِر ظُلم مون، سانيَمِ پَنهنجي سِر، ۽ سَچي سُليمان گَڏ، مَڃِيَمِ مُعبر، خاص خدا خاطِر ، جو پالڻهار، پِرٿڻِين. |
وَلَقَد أَرسَلنا إِلىٰ ثَمودَ أَخاهُم صٰلِحًا أَنِ اعبُدُوا اللَّهَ فَإِذا هُم فَريقانِ يَختَصِمونَ (آيت : 45) |
۽ صالِح مُڪوسون ثََمُود ڏي، سَندن ڀاءُ صَراف، ته هرگز هِڪ اآلله جِي، ڪريو شيوا صاف، پوءِ اِجھو اِختلاف، ٻه ٻاريون ڪن پيون پاڻ ۾. |
قالَ يٰقَومِ لِمَ تَستَعجِلونَ بِالسَّيِّئَةِ قَبلَ الحَسَنَةِ لَولا تَستَغفِرونَ اللَّهَ لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 46) |
چي، قوم! تڪڙو ڪوھ، سُک کان، اڳي، ڏُک گُھرو؟ بَندا ڇو نه بَخشيائيو، ڏاتر ڪنان ڏوھ؟ مان توهان تي توھ، مِهر مولا جِي ٿئِٺٖي! |
قالُوا اطَّيَّرنا بِكَ وَبِمَن مَعَكَ قالَ طٰئِرُكُم عِندَ اللَّهِ بَل أَنتُم قَومٌ تُفتَنونَ (آيت : 47) |
چي، تون ۽ تُنهنجي ساٿين مان، ٿا سَمجھون ________ سوڻ اوهان جي ساٿِينءَ وَٽ، ٻوليائٺِين ٻيهار، بَلڪ اَوهِين بَدڪار، پَنهنجِي ۾ پَرکيا وڃو. |
وَكانَ فِى المَدينَةِ تِسعَةُ رَهطٍ يُفسِدونَ فِى الأَرضِ وَلا يُصلِحونَ (آيت : 48) |
۽ نَوَ شخص اُنهئَ شهر ۾، بِنہ هُئابَدخواه، ڀَون ۾ وِجھن بِگيڙ پِئا، ۽ ٺوڳِي نه گُھرن ٺاھ، |
قالوا تَقاسَموا بِاللَّهِ لَنُبَيِّتَنَّهُ وَأَهلَهُ ثُمَّ لَنَقولَنَّ لِوَلِيِّهِ ما شَهِدنا مَهلِكَ أَهلِهِ وَإِنّا لَصٰدِقونَ (آيت : 49) |
چي، اَچو ته گڏجِي پاڻ ۾، ٻَڌون ٻول اَلله، ته ڪُهون راتو واھ، اُن ۽ سَندسِ عيال کي. پوءِ سَندنِ عَزِيزنِ آکيؤن، ته ڪُٽنبسِ ڪُهڻ ۾ گڏ، هَڪيا نَه هُئاسون هَڏ، ۽ اَسِين صفا سَچا آهيون. |
وَمَكَروا مَكرًا وَمَكَرنا مَكرًا وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 50) |
۽ سِٽون سِٽيائون پان، اَسان به سِٽون سِٽيون، ۽ جڏهن اِهي اَڄاڻ، اون نه رکن اِن ڳالھ جِي. |
فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ مَكرِهِم أَنّا دَمَّرنٰهُم وَقَومَهُم أَجمَعينَ (آيت : 51) |
پوءِ سَندنِ سِٽائن جِي، پَس پَڇاڙِي ڪِنهن پَر، مارياسون مُنڪر، سي ۽ سَندنِ سارِي ساٿ ساڻ، |
فَتِلكَ بُيوتُهُم خاوِيَةً بِما ظَلَموا إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 52) |
پوءِ اِهي گَھر اُنهن جا، وَرِهن کان ويران، ڪارڻ جنهن ڪَلُور ڪيؤ؛ اُن ۾ عام نيشان، ڌارِين، جي ڌِيان، ڪارڻ تِنهن قوم جي. |
وَأَنجَينَا الَّذينَ ءامَنوا وَكانوا يَتَّقونَ (آيت : 53) |
۽ آجو ڪيو سون اُنهن کي، وِسهيا، جي وِير، ۽ ثابِت مَٿي سَچ سِير، هَليا هَر ڪِنهن حال ۾. |
وَلوطًا إِذ قالَ لِقَومِهِ أَتَأتونَ الفٰحِشَةَ وَأَنتُم تُبصِرونَ (آيت : 54) |
۽ لُوط سَندسِ قوم کي، جڏهن چيو اِهڙي چال، ڇا، اَچو اَڀرائـِي مَٿي؟ ۽ پاڻ پَسو جِنهن حال، |
أَئِنَّكُم لَتَأتونَ الرِّجالَ شَهوَةً مِن دونِ النِّساءِ بَل أَنتُم قَومٌ تَجهَلونَ (آيت : 55) |
ڇا، نارِيُنِ ري، نَرن تي؟ اَچو ڪِرھ ساڻ ڪُلال! بَلڪ اَوهِين بَطال!، قوم اَناڙِي آهيو . |
فَما كانَ جَوابَ قَومِهِ إِلّا أَن قالوا أَخرِجوا ءالَ لوطٍ مِن قَريَتِكُم إِنَّهُم أُناسٌ يَتَطَهَّرونَ (آيت : 56) |
پوءِ سَندسِ ڪافِر قوم جو، هِن ري، هونه جواب، ته لوڌو لُوط وارن کي، پَنهنجي شهر شِٽاب، هِي اِهڙا نيڪ نواب، ته پاڪ سَڏائـِن پاڻ کي. |
فَأَنجَينٰهُ وَأَهلَهُ إِلَّا امرَأَتَهُ قَدَّرنٰها مِنَ الغٰبِرينَ (آيت : 57) |
پوءِ آجو ڪَيو سُونِس، ۽ آل تِنهن، سوا سَندسِ زال، ٺَهرايو اُن کي اَسان، پويَنِ مان پيمال، |
وَأَمطَرنا عَلَيهِم مَطَرًا فَساءَ مَطَرُ المُنذَرينَ (آيت : 58) |
۽ وَسايوسون وَسڻ کي، اُنهن تي آل جال، بُڇڙو ٿيو بَحال، وَسڪارو ويسَلين ! |
قُلِ الحَمدُ لِلَّهِ وَسَلٰمٌ عَلىٰ عِبادِهِ الَّذينَ اصطَفىٰ ءاللَّهُ خَيرٌ أَمّا يُشرِكونَ (آيت : 59) |
چَئو، آهي شُڪر الله جو، پڻ سَدائـِين سَلام، سَندسِ تَن بندن تي، جن کي عزت ڏِنِي عَلام، ڇا بيشڪ ڀَلو پاڪ ڌَڻي، تَن مِڙنِي کان تَمام، يا گولاسي غُلام، ڀانئـِن ڀيڙو جَن کي ؟ |
أَمَّن خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَأَنزَلَ لَكُم مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَنبَتنا بِهِ حَدائِقَ ذاتَ بَهجَةٍ ما كانَ لَكُم أَن تُنبِتوا شَجَرَها أَءِلٰهٌ مَعَ اللَّهِ بَل هُم قَومٌ يَعدِلونَ (آيت : 60) |
يا آسمان، زمين کي، جوڙيو جنهن جبار، ۽ موڪ وَسائـِين مِينهڙا، اُڀ مان اَوهان هارِ، پوءِ اُپاڙئـِين اُن سان، سُهڻا گُل گُلزار، آن کي نه سَگھ، ته اُڀاريو، اُن جا وڻ وَڻڪار، ڇا، آهي ڪو الله سان ،ٻيو ڀيڙو ڀائـِيوار؟، بَلڪ پَهر اُنهِئَ جا پار، ته هَلنِ وِنگِي واٽ تي. |
أَمَّن جَعَلَ الأَرضَ قَرارًا وَجَعَلَ خِلٰلَها أَنهٰرًا وَجَعَلَ لَها رَوٰسِىَ وَجَعَلَ بَينَ البَحرَينِ حاجِزًا أَءِلٰهٌ مَعَ اللَّهِ بَل أَكثَرُهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 61) |
هِن ڌَرتِي ڌُٻڻِئَ کي، ڪِنهن ڪيو برقرار؟ ۽ اوهِئين وِچان اُن جي، درياءَ، درياءَ ڌار؟ اُچا ڏونگر اُن لئي، ڪِنهن جوڙيا جوڙڻهار؟ ۽ ٻِن دريائن وِچ ۾، ڪِنهن اوٽ رکِي اَسرار؟ ڇا، آهي گڏ الله سان، ٻِيلِي ٻِيو ٻِيهار؟ بَلڪ گھڻا بَدڪار، مَنجھائـِن نَه سَمجھن مُورهين. |
أَمَّن يُجيبُ المُضطَرَّ إِذا دَعاهُ وَيَكشِفُ السّوءَ وَيَجعَلُكُم خُلَفاءَ الأَرضِ أَءِلٰهٌ مَعَ اللَّهِ قَليلًا ما تَذَكَّرونَ (آيت : 62) |
يا اُونائي اَڙيات جِي، جڏهن ٻاڏائيسِ ٻِيهار؟ ۽ لاهي مٿانس لحظي ۾، تڪليفون تڪرار؟، ۽ مُقرّر ڪَنيان مُلڪ ۾، والِي وِرثيدار؟ ڇا، آهي گڏ اَلله سان ٻيلي ٻيو ٻيهار؟ پَر نصِحيت نِبار، وِڙلي وَٺندا آهيو. |
أَمَّن يَهديكُم فى ظُلُمٰتِ البَرِّ وَالبَحرِ وَمَن يُرسِلُ الرِّيٰحَ بُشرًا بَينَ يَدَى رَحمَتِهِ أَءِلٰهٌ مَعَ اللَّهِ تَعٰلَى اللَّهُ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 63) |
يا اُونداهِين ۾، بَر، بَحر جي، پَسائـِينان پار؟ يا موڪلي، سَندسِ مِهر اڳيان، وَاءَ واڌاين هارِ؟ ڇا، آهي گڏ اَلله سان، ٻيلي ٻيو ٻيهار؟ جَن کي ڀائـِن ڀائيوار، اَلله اُتم ٿيو ، اُن ڪنان. |
أَمَّن يَبدَؤُا۟ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ وَمَن يَرزُقُكُم مِنَ السَّماءِ وَالأَرضِ أَءِلٰهٌ مَعَ اللَّهِ قُل هاتوا بُرهٰنَكُم إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 64) |
ياجو پهرئـِين جوڙي جوڙ کي، موٽائيسِ، تنهن پُڃاڻ؟ ۽ آن کي اُڀ، زمين مان، سُرهِي ڏيئي سانجاڻ؟ ڇا، آهي ٻِيلي ٻِيو ڪو، سائـِين، سائـِينءَ ساڻ؟ چئو، اَوهان جو اُهڃاڻ، آهيو سَچا، ته آڻيو. |
قُل لا يَعلَمُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ الغَيبَ إِلَّا اللَّهُ وَما يَشعُرونَ أَيّانَ يُبعَثونَ (آيت : 65) |
چَئو، ڄاڻي نَه اَصل ڪير ٻيو، اُڀ ۽ ڀُون جا اَسرار، ڌاران ڌڻئَ هيڪڙي؛ ۽ هُننکي نه سَار سَنڀار، ته ويچارا ڪِنهن وار، آخِر ڏِينهن، اُٿاربا. |
بَلِ ادّٰرَكَ عِلمُهُم فِى الءاخِرَةِ بَل هُم فى شَكٍّ مِنها بَل هُم مِنها عَمونَ (آيت : 66) |
ڇا، پُهتو وڃِي پار، هُنن جو عِلم آخرت کي؟ اُٽلو آهِن اُن ڪنان، سَندو شڪ شِڪار، نابِينا نِبار، اُٽلو آهِن اُن ڪنان. |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا أَءِذا كُنّا تُرٰبًا وَءاباؤُنا أَئِنّا لَمُخرَجونَ (آيت : 67) |
۽ ڪَهيو جَن ڪُفر ڪيو، ته اَسِين، ڪِ اَسان جا پِيء، جَڏهن وِياسون مِٽِي ٿِي، پوءِ نِڪرڻا آهيون، نِڪونج مان؟ |
لَقَد وُعِدنا هٰذا نَحنُ وَءاباؤُنا مِن قَبلُ إِن هٰذا إِلّا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 68) |
اَسان، ۽ اَسان جي اَبن کي، هِي وِيو ٻوليو، اَ ڳه ٻيهار، نه آهِن اِي اِظهار، مگر آکاڻيو اڳين. |
قُل سيروا فِى الأَرضِ فَانظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُجرِمينَ (آيت : 69) |
چَئو، گُھمو ڦِرو گام، نِرتئون پوءِ نِهاريو، ته آهي ڪِيئن اَنجام، ڏوهارِيَن جو ڏيھ ۾. |
وَلا تَحزَن عَلَيهِم وَلا تَكُن فى ضَيقٍ مِمّا يَمكُرونَ (آيت : 70) |
نه وِنجھل مٿن وريام! نه تنهن کان تنگ گھارتون، چلن جي چالاڪيون، |
وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الوَعدُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 71) |
۽ بحث ڪن بدنام، ته ڪڏهن اِهو انجام، جي صفا سچن مان آهيو. |
قُل عَسىٰ أَن يَكونَ رَدِفَ لَكُم بَعضُ الَّذى تَستَعجِلونَ (آيت : 72) |
ٻول، ته مَتان ٻيلھ، ٿِيو ڪُجھ اوهان کي، اُن مان، جيڪو ويل سويل، تَڙيل! گُھرو ٿا تڪڙو. |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَذو فَضلٍ عَلَى النّاسِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَشكُرونَ (آيت : 73) |
۽ مالِڪ تُنهنجو ماڻهن تي، بيشڪ ڪندڙ ڀال، پر اُنهن مان ڳُڻِن ڳالھ، نه ڳائـِن ڳَچ جيترا. |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَيَعلَمُ ما تُكِنُّ صُدورُهُم وَما يُعلِنونَ (آيت : 74) |
۽ مالِڪ تُنهنجو مُورِهين، ڄاڻي ڄاڻڻهار، جيڪي اَندر رَکِن اَسرار، ياکِولينِ کَڻِي خَلق ۾. |
وَما مِن غائِبَةٍ فِى السَّماءِ وَالأَرضِ إِلّا فى كِتٰبٍ مُبينٍ (آيت : 75) |
۽ آسمان ۽ زمين ۾، مَخفِي نه آهي نه مُور، مگر اُهو مَذڪور، لِکيل پَڌرٖي ليکه ۾. |
إِنَّ هٰذَا القُرءانَ يَقُصُّ عَلىٰ بَنى إِسرٰءيلَ أَكثَرَ الَّذى هُم فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 76) |
هِي قادر جو قُرآن، اِسرائـِيل جي اولاد تي، اَڪثر ڪري بيان، جِنهن تان جَھڳڙو ڪن پاڻ ۾. |
وَإِنَّهُ لَهُدًى وَرَحمَةٌ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 77) |
۽ بيشڪ هي قُرآن، آهي سُونهپ ۽ سوجھرو، پڻ بَخشش بي گمان، مَڃِيندڙن لئي مُورهِين. |
إِنَّ رَبَّكَ يَقضى بَينَهُم بِحُكمِهِ وَهُوَ العَزيزُ العَليمُ (آيت : 78) |
تُنهنجو قادِر ڪِبريا، اُنهن وِچ پَنهنجي اَمرسان، نِبيرِويندونِيان، سو سَٻر ۽ سَٻوجھ گھڻو. |
فَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ إِنَّكَ عَلَى الحَقِّ المُبينِ (آيت : 79) |
پوءِ رک تون رَبَّ تي بار، تون صفا آهِين سچ مٿي، |
إِنَّكَ لا تُسمِعُ المَوتىٰ وَلا تُسمِعُ الصُّمَّ الدُّعاءَ إِذا وَلَّوا مُدبِرينَ (آيت : 80) |
تون سُڻائي نه سَگھندِين، مُوئن کي مَهندار! ۽ ٻوڙا، پُٺيراٿيا جڏهن، ته نه ٻُڌن ڪا ٻاڪار، |
وَما أَنتَ بِهٰدِى العُمىِ عَن ضَلٰلَتِهِم إِن تُسمِعُ إِلّا مَن يُؤمِنُ بِـٔايٰتِنا فَهُم مُسلِمونَ (آيت : 81) |
۽ نه اَنڌن کي، اوجھڙ مان، تون سَنئون سُهائـِين پار، تون نه سُڻائـِين تِنهن سوا، مَڃِين، جي موچار، اَسانجا حُڪم هيڪار، پوءِ اُهي مَڃِيندڙ آهن مُورهين. |
وَإِذا وَقَعَ القَولُ عَلَيهِم أَخرَجنا لَهُم دابَّةً مِنَ الأَرضِ تُكَلِّمُهُم أَنَّ النّاسَ كانوا بِـٔايٰتِنا لا يوقِنونَ (آيت : 82) |
۽ جڏهن لڳو مَٿنِ اِلزم، تن لئي ڪڍيوسون ڪو، کيڙائو کيہ مَنجھان، سو ڪندو ساڻِن ڪَلام، ته اسان جا اَحڪام، هِي ماڻهو مَڃِيندائـِي نه هُئا، 482 |
وَيَومَ نَحشُرُ مِن كُلِّ أُمَّةٍ فَوجًا مِمَّن يُكَذِّبُ بِـٔايٰتِنا فَهُم يوزَعونَ (آيت : 83) |
۽ اَسِين هر اُمت مان، وَڳر واريون جِنهن وار، اُنهن مان جَن اسان جا، ڪوڙ چيا ڪم ڪار، پوءِ تَرسائبو تن کي، ٻِئن لاءِ ٻِيهار، |
حَتّىٰ إِذا جاءو قالَ أَكَذَّبتُم بِـٔايٰتى وَلَم تُحيطوا بِها عِلمًا أَمّاذا كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 84) |
ته جڏهن آيا، ته اُنهن کي ڪَهيو ربَّ، قـهّار، ته اوهان ڪوڙيون ڪوٺيون، مُنهنجون نِيشانيون نِروار، ۽ پُورِي پَئـِي نه اَوهان کي، جِنهن جِي سُڌ سَنڀار، يا ڪِهڙا؟ اُهي ڪم ڪار، جي مُورکه ڪَندا هُئا مُورهين. |
وَوَقَعَ القَولُ عَلَيهِم بِما ظَلَموا فَهُم لا يَنطِقونَ (آيت : 85) |
۽ لَڳو عذاب اُنهن تي، ڪيا جَن ڪَلُور، پوءِ ڪُڇن پُڇن ڪِين ڪِي، حَرف مَنجھ حُضور، |
أَلَم يَرَوا أَنّا جَعَلنَا الَّيلَ لِيَسكُنوا فيهِ وَالنَّهارَ مُبصِرًا إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 86) |
ڪِ نه ڏِٺائون؟ ته رات کي، مُقرّر ڪَئـِي سون مُور، ته ڪَن آرام اُن ۾؛ ۽ ڏينهن نِسورو نُور، اُن ۾ عَجب مَذڪُور، سَچ سَمجھن، تِنهن ساٿ لئي. |
وَيَومَ يُنفَخُ فِى الصّورِ فَفَزِعَ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَمَن فِى الأَرضِ إِلّا مَن شاءَ اللَّهُ وَكُلٌّ أَتَوهُ دٰخِرينَ (آيت : 87) |
۽ جِنهن ڏِينهن ڏَنڊ ۾ ڦوڪبو، پوءِ هَڄِي ويا هيڪار، جيڪِي اُڀ، زمين ۾، مگر گُھريو، جو غفّار، ۽ خَراب ۽ خوار، آيا سَڀ اُن اَڳيان. |
وَتَرَى الجِبالَ تَحسَبُها جامِدَةً وَهِىَ تَمُرُّ مَرَّ السَّحابِ صُنعَ اللَّهِ الَّذى أَتقَنَ كُلَّ شَيءٍ إِنَّهُ خَبيرٌ بِما تَفعَلونَ (آيت : 88) |
۽ ڏِسِين ڏونگر، ڀانئـِينِ بِيٺل بَرقرار، ۽ اُهي هَلن، جِيئن هَلن، ڪَڪَر ڪارونِڀار، آهي سَڀ اَلله جو، جوڙجَڪ جِنسار، جِنهن ڪيو، هَر ڪِنهن ٽول کي، مُحڪم استوار، ڪريو جي ڪم ڪار، اُهوآگو، آگاھ اُن ڪنان. |
مَن جاءَ بِالحَسَنَةِ فَلَهُ خَيرٌ مِنها وَهُم مِن فَزَعٍ يَومَئِذٍ ءامِنونَ (آيت : 89) |
جِنهن چَڱِي ڪَئي، ته چوکِي اِنهيان، اُنهِيء هار، ۽ آهِن اُنهي وار، اَمن ۾ اَرمان کان. |
وَمَن جاءَ بِالسَّيِّئَةِ فَكُبَّت وُجوهُهُم فِى النّارِ هَل تُجزَونَ إِلّا ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 90) |
جنهن بَدِي ڪئـِي، ته اُونڌا، اُڇلبا مَنجھ آڳ، چَئبَنِ ته، نه لهندا لاڳ، مگر جِنهن مُوجب ڪم ٿا ڪريو. |
إِنَّما أُمِرتُ أَن أَعبُدَ رَبَّ هٰذِهِ البَلدَةِ الَّذى حَرَّمَها وَلَهُ كُلُّ شَيءٍ وَأُمِرتُ أَن أَكونَ مِنَ المُسلِمينَ (آيت : 91) |
مِليو مُون فرمان، ته نه ٻانهپ ڪريان، ڪِنهن ٻئي جي، مگر مالِڪ هِن شهر جو، جنهن کي مولي ڏِنو مان، ۽ سڀ شئ آهي اُن جِي، جيڪِي مَنجھ جَھان، ۽ مِليمِ حُڪم حَنّان، ته هُجان مَنجھان مَڃِيندڙين. |
وَأَن أَتلُوَا۟ القُرءانَ فَمَنِ اهتَدىٰ فَإِنَّما يَهتَدى لِنَفسِهِ وَمَن ضَلَّ فَقُل إِنَّما أَنا۠ مِنَ المُنذِرينَ (آيت : 92) |
۽ پَڙهان پاڪ قُرآن، پوءِ جو سَنئون هَليو، ته سَندسِ لئي، ۽ جو ڀُليو، ته ڪَربَيان، ته آئون خالِص خابُرن مان. |
وَقُلِ الحَمدُ لِلَّهِ سَيُريكُم ءايٰتِهِ فَتَعرِفونَها وَما رَبُّكَ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 93) |
۽ چَئو، سَڀڪائـِي ساراھ، صاحِب، لئي ستار، سِگھو سَندسِ آيتون، ڏِيکارِيندان ڏاتار، پوءِ صَحِي سُڃاڻندا تن کي، ۽ ڪريو جي ڪم ڪار، تُنهنجو پالڻهار، ويل نه تنهن کان ويسلو. |