طس تِلكَ ءايٰتُ القُرءانِ وَكِتابٍ مُبينٍ (آيت : 1) |
طا سين (هي حروف مقطعات آهن جن جو اصلي مطلب الله ۽ ان جو رسول الله ﷺ ڄاڻن ٿا) هي آيتون قرآن ۽ روشن ڪتاب جون آهن. |
هُدًى وَبُشرىٰ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 2) |
هدايت ۽ خوشخبري آهن ايمان وارن لاءِ. |
الَّذينَ يُقيمونَ الصَّلوٰةَ وَيُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَهُم بِالءاخِرَةِ هُم يوقِنونَ (آيت : 3) |
جيڪي نماز قائم رکن ٿا ۽ زڪواة ڏين ٿا ۽ اُهي ئي آهن جيڪي آخرت تي (به پورو) يقين رکن ٿا. |
إِنَّ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ زَيَّنّا لَهُم أَعمٰلَهُم فَهُم يَعمَهونَ (آيت : 4) |
بيشڪ اُهي ماڻهو جيڪي آخرت تي ايمان نه ٿا رکن انهن کي اسان سندن ڪرتُوت خوشنما ڪري ڏيکاريا آهن پوءِ اُهي (گمراهي ۾) ڀٽڪندڙ آهن. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ لَهُم سوءُ العَذابِ وَهُم فِى الءاخِرَةِ هُمُ الأَخسَرونَ (آيت : 5) |
اِهي اُهي ماڻهو آهن جن لاءِ بڇڙو عذاب آهي ۽ اُهي ئي آخرت ۾ گهڻي نقصان وارا آهن. |
وَإِنَّكَ لَتُلَقَّى القُرءانَ مِن لَدُن حَكيمٍ عَليمٍ (آيت : 6) |
۽ بيشڪ تو کي قرآن ڏنو وڃي پيو حڪمت واري علم واري (الله) وٽان. |
إِذ قالَ موسىٰ لِأَهلِهِ إِنّى ءانَستُ نارًا سَـٔاتيكُم مِنها بِخَبَرٍ أَو ءاتيكُم بِشِهابٍ قَبَسٍ لَعَلَّكُم تَصطَلونَ (آيت : 7) |
(ياد ڪر) جڏهن موسى پنهنجي گهرواريءَ کي چيو ته: ”مون باهه ڏٺي آهي. جلد اتان اوهان ڏي ڪا خبر آڻيان ٿو يا اوهان وٽ ٻرندڙ ٽانڊو آڻيان ٿو ته جيئن اوهان پاڻُ سيڪيو“. |
فَلَمّا جاءَها نودِىَ أَن بورِكَ مَن فِى النّارِ وَمَن حَولَها وَسُبحٰنَ اللَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 8) |
پوءِ جڏهن ان وٽ آيو ته آواز ڏنو ويو: ”بابرڪت آهي اهو جيڪو ان باهه (جي تجلي) ۾ آهي ۽ جيڪو ان جي آس پاس آهي. ۽ الله پاڪ آهي جيڪو جهانن جو پالڻهار آهي. |
يٰموسىٰ إِنَّهُ أَنَا اللَّهُ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 9) |
اي موسى (رازِ حقيقت) هي آهي ته آءٌ ئي الله آهيان غالب حڪمت وارو. |
وَأَلقِ عَصاكَ فَلَمّا رَءاها تَهتَزُّ كَأَنَّها جانٌّ وَلّىٰ مُدبِرًا وَلَم يُعَقِّب يٰموسىٰ لا تَخَف إِنّى لا يَخافُ لَدَىَّ المُرسَلونَ (آيت : 10) |
۽ پنهنجي لٺ ڦِٽي ڪر“. پوءِ جڏهن ان کي تيز چُرندو ڏٺائين ڄڻڪ اُهو نانگ آهي ته پٺي ڏئي ڊوڙيو ۽ پوئتي به نه نهاريائين. (حڪم آيو) ”اي موسى! نه ڊڄ. بيشڪ رسول منهنجي حضور ۾ نه ڊڄندا آهن. |
إِلّا مَن ظَلَمَ ثُمَّ بَدَّلَ حُسنًا بَعدَ سوءٍ فَإِنّى غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 11) |
سواءِ ان جي جنهن ظلم ڪيو پوءِ برائي کان پوءِ بدلي ۾ چڱائي ڪيائين ته پوءِ بيشڪ آءٌ وڏو بخشڻهار ٻاجهارو آهيان. |
وَأَدخِل يَدَكَ فى جَيبِكَ تَخرُج بَيضاءَ مِن غَيرِ سوءٍ فى تِسعِ ءايٰتٍ إِلىٰ فِرعَونَ وَقَومِهِ إِنَّهُم كانوا قَومًا فٰسِقينَ (آيت : 12) |
۽ پنهنجي هٿ کي پنهنجي گريبان ۾ داخل ڪر ته بغير ڪنهن بيماري جي سفيد (چمڪدار) ٿي نڪرندو. (اُهي ٻئي انهن) نَون معجزن مان آهن (انهن کي کڻي) فرعون ۽ ان جي قوم ڏانهن وڃ. بيشڪ اُهي نا فرمان قوم آهن“. |
فَلَمّا جاءَتهُم ءايٰتُنا مُبصِرَةً قالوا هٰذا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 13) |
پوءِ جڏهن انهن وٽ اسان جون آيتون پهتيون جيڪي اکيون کولڻ واريون هيون ته چيائون: ”هي چِٽو جادو آهي“. |
وَجَحَدوا بِها وَاستَيقَنَتها أَنفُسُهُم ظُلمًا وَعُلُوًّا فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُفسِدينَ (آيت : 14) |
۽ انهن ظلم ۽ وڏائي سان انهن جو انڪار ڪيو حالانڪه سندن دليون انهن (نشانين جي حقانيت) جو يقين ڪري چڪيون هيون. پوءِ ڏس ته فسادين جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟ |
وَلَقَد ءاتَينا داوۥدَ وَسُلَيمٰنَ عِلمًا وَقالَا الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى فَضَّلَنا عَلىٰ كَثيرٍ مِن عِبادِهِ المُؤمِنينَ (آيت : 15) |
۽ بيشڪ اسان دائود ۽ سليمان کي علم ڏنو، ۽ انهن ٻنهين چيو ته: ”سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جنهن اسان کي پنهنجي گهڻن مؤمن ٻانهن مٿان فضيلت ڏني“. |
وَوَرِثَ سُلَيمٰنُ داوۥدَ وَقالَ يٰأَيُّهَا النّاسُ عُلِّمنا مَنطِقَ الطَّيرِ وَأوتينا مِن كُلِّ شَيءٍ إِنَّ هٰذا لَهُوَ الفَضلُ المُبينُ (آيت : 16) |
۽ دائود جو وارث سليمان ٿيو ۽ چيائين: ”اي انسانو! اسان کي پکين جي ٻولي سيکاري وئي آهي ۽ اسان کي هر شيءِ مان ڏنو ويو آهي. بيشڪ هيءُ (الله جو) پڌرو فضل آهي“. |
وَحُشِرَ لِسُلَيمٰنَ جُنودُهُ مِنَ الجِنِّ وَالإِنسِ وَالطَّيرِ فَهُم يوزَعونَ (آيت : 17) |
۽ سليمان لاءِ جِنن ۽ انسانن ۽ پَکِيُن جا لشڪر گڏ ڪيا ويا هئا پوءِ اهي پوري ضبط ۾ رکيا ويندا هئا. |
حَتّىٰ إِذا أَتَوا عَلىٰ وادِ النَّملِ قالَت نَملَةٌ يٰأَيُّهَا النَّملُ ادخُلوا مَسٰكِنَكُم لا يَحطِمَنَّكُم سُلَيمٰنُ وَجُنودُهُ وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 18) |
(هڪ ڏينهن اهو انهن سان سفر ڪري رهيو هيو) ايستائين جو جڏهن اُهي ماڪوڙين جي وادي وٽ پهتا ته هڪ ماڪوڙي چيو: ”اي ماڪوڙيو! پنهنجي گهرن (يعني ٻِرن) ۾ داخل ٿي وڃو، سليمان ۽ سندس لشڪرَ توهان کي لتاڙي نه وجهن ۽ انهن کي خبر به نه پوي“. |
فَتَبَسَّمَ ضاحِكًا مِن قَولِها وَقالَ رَبِّ أَوزِعنى أَن أَشكُرَ نِعمَتَكَ الَّتى أَنعَمتَ عَلَىَّ وَعَلىٰ وٰلِدَىَّ وَأَن أَعمَلَ صٰلِحًا تَرضىٰهُ وَأَدخِلنى بِرَحمَتِكَ فى عِبادِكَ الصّٰلِحينَ (آيت : 19) |
پوءِ (سليمان) ان (ڪِول)جي ڳالهه تي مسڪرائيندي کِلي پيو ۽ چيائين: ”اي منهنجا پالڻهار! مون کي توفيق ڏي ته تنهنجي ان نعمت جو شڪر ادا ڪيان جا تو مون تي ۽ منهنجي ماءُ پيءُ تي انعام فرمائي آهي ۽ آءٌ اهڙا صالح عمل ڪندو رهان جو تون راضي ٿين ۽ مون کي پنهنجي رحمت سان پنهنجي صالح ٻانهن ۾ شامل فرماءِ“. |
وَتَفَقَّدَ الطَّيرَ فَقالَ ما لِىَ لا أَرَى الهُدهُدَ أَم كانَ مِنَ الغائِبينَ (آيت : 20) |
۽ (هڪ ڀيري) پکين بابت جانچ ڪيائين پوءِ چيائين: ”ڇا ڳالهه آهي جو آءٌ هُد هُد کي نه ٿو ڏسان يا هُو (واقعي) غائب ٿي ويو آهي؟ |
لَأُعَذِّبَنَّهُ عَذابًا شَديدًا أَو لَأَا۟ذبَحَنَّهُ أَو لَيَأتِيَنّى بِسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 21) |
آءٌ ان کي ضرور (غير حاضري جي) سخت سزا ڏيندس يا ان کي ضرور ذبح ڪندس يا مون وٽ (بي قصوري جو) پڌرو دليل پيش ڪري“. |
فَمَكَثَ غَيرَ بَعيدٍ فَقالَ أَحَطتُ بِما لَم تُحِط بِهِ وَجِئتُكَ مِن سَبَإٍ بِنَبَإٍ يَقينٍ (آيت : 22) |
پوءِ گهڻي دير نه گذري هئي جو ان اچي چيو: ”مون اهڙي خبر آندي آهي جنهن جي توکي خبر نه آهي ۽ آءٌ تو وٽ (مُلڪِ) سبا کان هڪ پڪي خبر کڻي آيو آهيان. |
إِنّى وَجَدتُ امرَأَةً تَملِكُهُم وَأوتِيَت مِن كُلِّ شَيءٍ وَلَها عَرشٌ عَظيمٌ (آيت : 23) |
بيشڪ مون هڪ عورت کي ڏٺو جا انهن تي حڪومت ڪري ٿي ۽ ان کي هر شيءِ ڏني وئي آهي ۽ ان جو زبردست تخت آهي. |
وَجَدتُها وَقَومَها يَسجُدونَ لِلشَّمسِ مِن دونِ اللَّهِ وَزَيَّنَ لَهُمُ الشَّيطٰنُ أَعمٰلَهُم فَصَدَّهُم عَنِ السَّبيلِ فَهُم لا يَهتَدونَ (آيت : 24) |
مون ان کي ۽ سندس قوم کي الله جي بجاءِ سج کي سجدو ڪندي ڏٺو آهي ۽ کين شيطان سندن عمل سهڻا ڪري ڏيکاريا آهن پوءِ انهن کي (حق جي) رستي کان روڪي ڇڏيائين پوءِ اُهي هدايت نه ٿا لهن“. |
أَلّا يَسجُدوا لِلَّهِ الَّذى يُخرِجُ الخَبءَ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَيَعلَمُ ما تُخفونَ وَما تُعلِنونَ (آيت : 25) |
اهي الله کي سجدو ڇو نه ٿا ڪن جيڪو آسمانن ۽ زمين ۾ لڪل شين کي ٻاهر ڪڍي ٿو ۽ ڄاڻي ٿو (سڀ ڪجھه) جيڪي توهان لڪايو ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪيو ٿا. |
اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ رَبُّ العَرشِ العَظيمِ (آيت : 26) |
الله اُهو آهي جنهن کان سواءِ ڪو معبود ناهي جو تمام وڏي عرش جو مالڪ آهي. |
قالَ سَنَنظُرُ أَصَدَقتَ أَم كُنتَ مِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 27) |
(سليمان ) چيو: ”هينئر ئي ڏسون ٿا ته تو سچ چيو يا تون ڪوڙن مان آهين. |
اذهَب بِكِتٰبى هٰذا فَأَلقِه إِلَيهِم ثُمَّ تَوَلَّ عَنهُم فَانظُر ماذا يَرجِعونَ (آيت : 28) |
منهنجو هي خط کڻي وڃ پوءِ ان کي انهن جي اڳيان اڇلاءِ پوءِ انهن کان هٽي وڃ پوءِ ڏس ته ڪهڙو ٿا جواب ڏين“؟ |
قالَت يٰأَيُّهَا المَلَؤُا۟ إِنّى أُلقِىَ إِلَىَّ كِتٰبٌ كَريمٌ (آيت : 29) |
(ملڪهءِ سبا) چيو ته: ”اي سردارو! بيشڪ مون وٽ هڪ سڳورو خط پهچايو ويو آهي. |
إِنَّهُ مِن سُلَيمٰنَ وَإِنَّهُ بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَٰنِ الرَّحِيمِ (آيت : 30) |
بيشڪ اُهو (خط) سليمان طرفان آهي ۽ بيشڪ اُهو الله جي نالي سان شروع (ڪيل) آهي جيڪو وڏو مهربان ٻاجهارو آهي. |
أَلّا تَعلوا عَلَىَّ وَأتونى مُسلِمينَ (آيت : 31) |
(خط هن طرح آهي ته) اوهان منهنجي مقابلي ۾ سرڪشي نه ڪيو ۽ فرمانبردار بنجي مون وٽ پيش ٿيو“. |
قالَت يٰأَيُّهَا المَلَؤُا۟ أَفتونى فى أَمرى ما كُنتُ قاطِعَةً أَمرًا حَتّىٰ تَشهَدونِ (آيت : 32) |
(ملڪه) چيو: ”اي سردارو! منهنجي هن ڪم ۾ مون کي مشورو ڏيو، آءٌ تيستائين ڪنهن ڪم جو قطعي فيصلو ڪونه ڪندي آهيان جيستائين توهان مون وٽ حاضر (نه) ٿيو“. |
قالوا نَحنُ أُولوا قُوَّةٍ وَأُولوا بَأسٍ شَديدٍ وَالأَمرُ إِلَيكِ فَانظُرى ماذا تَأمُرينَ (آيت : 33) |
چيائون: ”اسان طاقتور ۽ وڏا جنگي جوڌا آهيون ۽ حڪم تنهنجي اختيار ۾ آهي پوءِ (غور و فڪر ڪري) ڏس ته ڪهڙو حڪم ٿي ڪرين“؟ |
قالَت إِنَّ المُلوكَ إِذا دَخَلوا قَريَةً أَفسَدوها وَجَعَلوا أَعِزَّةَ أَهلِها أَذِلَّةً وَكَذٰلِكَ يَفعَلونَ (آيت : 34) |
(ملڪه) چيو ته: ”بيشڪ بادشاهه جڏهن ڪنهن ڳوٺ ۾ داخل ٿين ٿا ان کي تباهه ڪن ٿا ۽ اتان جي با عزت ماڻهن کي ذليل ڪن ٿا، ۽ اهڙي طرح (هي به) ڪندا. |
وَإِنّى مُرسِلَةٌ إِلَيهِم بِهَدِيَّةٍ فَناظِرَةٌ بِمَ يَرجِعُ المُرسَلونَ (آيت : 35) |
۽ بيشڪ آءٌ انهن ڏانهن هڪ تحفو موڪلڻ واري آهيان پوءِ ڏسان ٿي ته قاصد ڪهڙو جواب وٺي موٽن ٿا“. |
فَلَمّا جاءَ سُلَيمٰنَ قالَ أَتُمِدّونَنِ بِمالٍ فَما ءاتىٰنِۦَ اللَّهُ خَيرٌ مِمّا ءاتىٰكُم بَل أَنتُم بِهَدِيَّتِكُم تَفرَحونَ (آيت : 36) |
پوءِ جڏهن اُهو (قاصد) سليمان وٽ آيو ته (سليمان ان کي) چيو: ”ڇا اوهان مال دولت سان منهنجي مدد ڪرڻ چاهيو ٿا؟ سو جيڪي الله مون کي ڏنو آهي سو ان کان ڀلو آهي جيڪو توهان کي ڏنو آهي، بلڪه توهان پنهنجي تحفي سان خوش ٿيو ٿا. |
ارجِع إِلَيهِم فَلَنَأتِيَنَّهُم بِجُنودٍ لا قِبَلَ لَهُم بِها وَلَنُخرِجَنَّهُم مِنها أَذِلَّةً وَهُم صٰغِرونَ (آيت : 37) |
تون انهن ڏي (تحفي سميت) موٽي وڃ اسان ضرور انهن تي اهڙا لشڪر آڻينداسين جن سان مقابلي جي انهن کي طاقت نه هوندي ۽ اسان انهن کي اتان بي عزت ڪري ڪڍنداسين ۽ اُهي خوار هوندا“. |
قالَ يٰأَيُّهَا المَلَؤُا۟ أَيُّكُم يَأتينى بِعَرشِها قَبلَ أَن يَأتونى مُسلِمينَ (آيت : 38) |
(سليمان) چيو: ”اي سردارو! اوهان مان ڪير آهي جو ان جو تخت مون وٽ آڻي ان کان اڳ جو اُهي فرمانبردار بنجي مون وٽ اچن“. |
قالَ عِفريتٌ مِنَ الجِنِّ أَنا۠ ءاتيكَ بِهِ قَبلَ أَن تَقومَ مِن مَقامِكَ وَإِنّى عَلَيهِ لَقَوِىٌّ أَمينٌ (آيت : 39) |
جِنن مان هڪ زبردست جِنَ چيو ته: ”آءٌ ان (تخت) کي آڻيندس ان کان اڳ جو تون پنهنجي جاءِ کان اٿين (يعني مجلس برخاست ڪرين)، ۽ بيشڪ آءٌ ان (جي آڻڻ) تي طاقتور (۽) امانتدار آهيان“. |
قالَ الَّذى عِندَهُ عِلمٌ مِنَ الكِتٰبِ أَنا۠ ءاتيكَ بِهِ قَبلَ أَن يَرتَدَّ إِلَيكَ طَرفُكَ فَلَمّا رَءاهُ مُستَقِرًّا عِندَهُ قالَ هٰذا مِن فَضلِ رَبّى لِيَبلُوَنى ءَأَشكُرُ أَم أَكفُرُ وَمَن شَكَرَ فَإِنَّما يَشكُرُ لِنَفسِهِ وَمَن كَفَرَ فَإِنَّ رَبّى غَنِىٌّ كَريمٌ (آيت : 40) |
ان ماڻهو چيو جنهن وٽ (آسماني) ڪتاب جو ڪجهه علم هيو: ”آءٌ ان کي تو وٽ آڻيندس ان کان اڳ جو تنهنجي اک تو ڏي موٽي“. (يعني اک ڇنڀڻ کان اڳ) پوءِ جڏهن (سليمان ) ان (تخت) کي پنهنجي اڳيان رکيل ڏٺو ته چيائين: ”هي منهنجي پالڻهار جو فضل آهي. تان ته مون کي آزمائي ته آءٌ شڪر ڪيان ٿو يا بي شڪري ڪيان ٿو. ۽ جنهن (الله جو) شڪر ڪيو سو صرف پنهنجي (ڀلي لاءِ) شڪر ڪري ٿو، ۽ جنهن ناشڪري ڪئي ته پوءِ بيشڪ منهنجو پروردگار بي نياز ڪرم ڪندڙ آهي“. |
قالَ نَكِّروا لَها عَرشَها نَنظُر أَتَهتَدى أَم تَكونُ مِنَ الَّذينَ لا يَهتَدونَ (آيت : 41) |
(سليمان ) چيو: ”ان (ملڪه جي پرکڻ) لاءِ سندس تخت جي شڪل بدلائي ڇڏيو اسان ڏسون ته (سُڃاڻ جي) راهه لهي ٿي يا انهن مان هجي ٿي جيڪي سمجهه سڃاڻ نه ٿا رکن“. |
فَلَمّا جاءَت قيلَ أَهٰكَذا عَرشُكِ قالَت كَأَنَّهُ هُوَ وَأوتينَا العِلمَ مِن قَبلِها وَكُنّا مُسلِمينَ (آيت : 42) |
پوءِ جڏهن آئي ته (کيس) چيو ويو: ”ڇا تنهنجو تخت اهڙو آهي؟“ چيائين: ”ڄڻڪ هي اُهو ئي آهي، ۽ اسان کي ان کان اڳ ئي ان (سليمان جو حق تي هجڻ) جو علم ٿي چڪو هيو ۽ اسان (ان وقت کان ئي) مسلمان آهيون“. |
وَصَدَّها ما كانَت تَعبُدُ مِن دونِ اللَّهِ إِنَّها كانَت مِن قَومٍ كٰفِرينَ (آيت : 43) |
۽ ان (راڻي) کي (حق جي قبولڻ کان) ان (معبودِ باطل) روڪيو هيو جنهن جي الله کان سواءِ عبادت ڪندي هئي. بيشڪ اُها ڪافرن جي قوم مان هئي. |
قيلَ لَهَا ادخُلِى الصَّرحَ فَلَمّا رَأَتهُ حَسِبَتهُ لُجَّةً وَكَشَفَت عَن ساقَيها قالَ إِنَّهُ صَرحٌ مُمَرَّدٌ مِن قَواريرَ قالَت رَبِّ إِنّى ظَلَمتُ نَفسى وَأَسلَمتُ مَعَ سُلَيمٰنَ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 44) |
کيس چيو ويو ته محل جي صحن ۾ داخل ٿيءُ پوءِ جڏهن ان (شيشي جي فرش) کي ڏٺو ته ان کي اونهو پاڻي سمجهيائين ۽ (وَرَ کڻي) پنهنجيون پِنيون کوليائين. (سليمان) چيو: ”بيشڪ اُهو محل جو شيشن سان جڙيل صحن آهي“. (ملڪه) چيو: ”اي منهنجا پالڻهار مون پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪيو ۽ (هاڻي) مون سليمان سان گڏ ان الله جي فرمانبرداري ڪئي جيڪو جهانن جو پالڻهار آهي“. |
وَلَقَد أَرسَلنا إِلىٰ ثَمودَ أَخاهُم صٰلِحًا أَنِ اعبُدُوا اللَّهَ فَإِذا هُم فَريقانِ يَختَصِمونَ (آيت : 45) |
۽ بيشڪ اسان ثمود ڏانهن انهن جي ڀاءُ (هم قبيله) صالح کي موڪليو ته توهان الله جي عبادت ڪيو پوءِ ان ئي وقت اُهي ٻه ٽوليون ٿي پاڻ ۾ جهڳڙو ڪرڻ لڳا. |
قالَ يٰقَومِ لِمَ تَستَعجِلونَ بِالسَّيِّئَةِ قَبلَ الحَسَنَةِ لَولا تَستَغفِرونَ اللَّهَ لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 46) |
(صالح) چيو: ”اي منهنجي قوم! توهان ڀلائي کان اڳ برائي گهرڻ ۾ تڪڙ ڇو ٿا ڪيو؟ الله کان بخشش ڇو نه ٿا گهرو تان ته توهان تي رحم ڪيو وڃي“. |
قالُوا اطَّيَّرنا بِكَ وَبِمَن مَعَكَ قالَ طٰئِرُكُم عِندَ اللَّهِ بَل أَنتُم قَومٌ تُفتَنونَ (آيت : 47) |
چيائون: ”اسان کي تو کان ۽ جيڪي تو سان گڏ آهن تن کان نحوست پهتي آهي“. (صالح) چيو ته: ”توهان جي نحوست الله وٽ (لکيل) آهي بلڪه توهان ماڻهو آزمائش ۾ مبتلا ڪيا ويا آهيو“. |
وَكانَ فِى المَدينَةِ تِسعَةُ رَهطٍ يُفسِدونَ فِى الأَرضِ وَلا يُصلِحونَ (آيت : 48) |
۽ (ثمود جي) شهر ۾ نَوَ ڄڻا (قومي) اڳواڻ هئا جيڪي زمين ۾ فساد ڦهلائيندا هئا ۽ سڌارو نه ڪندا هئا. |
قالوا تَقاسَموا بِاللَّهِ لَنُبَيِّتَنَّهُ وَأَهلَهُ ثُمَّ لَنَقولَنَّ لِوَلِيِّهِ ما شَهِدنا مَهلِكَ أَهلِهِ وَإِنّا لَصٰدِقونَ (آيت : 49) |
چيائون: ”پاڻ ۾ الله جو قسم کڻي وعدو ڪيو ته اسان ضرور رات جو ان (صالح) کي ۽ ان جي گهروارن کي قتل ڪنداسين پوءِ سندس وارث کي چونداسين ته اسان انهن جي هلاڪت جي موقعي تي حاضر ئي نه هياسين ۽ بيشڪ اسان سچار آهيون“. |
وَمَكَروا مَكرًا وَمَكَرنا مَكرًا وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 50) |
۽انهن ڳجهي سازش ڪئي ۽ اسان به ڳجهي تدبير ڪئي ۽ انهن کي خبر به نه پئي. |
فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ مَكرِهِم أَنّا دَمَّرنٰهُم وَقَومَهُم أَجمَعينَ (آيت : 51) |
پوءِ ڏس ته انهن جي سازش جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟ بيشڪ اسان انهن (اڳواڻن) ۽ سندس ساري قوم کي برباد ڪيوسين. |
فَتِلكَ بُيوتُهُم خاوِيَةً بِما ظَلَموا إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 52) |
سو هي انهن جا اُجڙيل گهر آهن ان ڪري جو انهن ظلم ڪيو. بيشڪ ان (واقعي) ۾ ڄاڻڻ واري قوم لاءِ وڏي نشاني آهي. |
وَأَنجَينَا الَّذينَ ءامَنوا وَكانوا يَتَّقونَ (آيت : 53) |
۽ اسان انهن ماڻهن کي نجات ڏني جن ايمان آندو ۽ پرهيزگار هئا. |
وَلوطًا إِذ قالَ لِقَومِهِ أَتَأتونَ الفٰحِشَةَ وَأَنتُم تُبصِرونَ (آيت : 54) |
۽ لوط کي اسان موڪليو) جڏهن ان پنهنجي قوم کي چيو: ”ڇا اوهان بي حيائي جو ڪم ڪيو ٿا حالانڪه توهان ڏسو وائسو به ٿا. |
أَئِنَّكُم لَتَأتونَ الرِّجالَ شَهوَةً مِن دونِ النِّساءِ بَل أَنتُم قَومٌ تَجهَلونَ (آيت : 55) |
ڇا توهان نفساني خواهش پوري ڪرڻ لاءِ عورتن کي ڇڏي مردن ڏانهن اچو ٿا؟ بلڪ اوهان ته جاهل قوم آهيو“. |
فَما كانَ جَوابَ قَومِهِ إِلّا أَن قالوا أَخرِجوا ءالَ لوطٍ مِن قَريَتِكُم إِنَّهُم أُناسٌ يَتَطَهَّرونَ (آيت : 56) |
پوءِ سندس قوم جو جواب رُڳو هي هيو جو چيائون: ”لوط جي گهراڻي کي پنهنجي ڳوٺ مان ٻاهر ڪڍو، بيشڪ اُهي ماڻهو پاڪباز بنجن ٿا“. |
فَأَنجَينٰهُ وَأَهلَهُ إِلَّا امرَأَتَهُ قَدَّرنٰها مِنَ الغٰبِرينَ (آيت : 57) |
پوءِ اسان کيس ۽ سندس گهروارن کي بچايوسين سواءِ سندس گهرواريءَ جي، اسان ان کي (عذاب لاءِ) پوئتي رهجي وڃڻ وارن ۾ مقرر ڪيو هيو. |
وَأَمطَرنا عَلَيهِم مَطَرًا فَساءَ مَطَرُ المُنذَرينَ (آيت : 58) |
۽ اسان انهن تي (پٿرن جو) خوب مينهن وسايو پوءِ ان ڊيڄاريل ماڻهن مٿان (پٿرن جو) مينهن ڏاڍو برو هيو. |
قُلِ الحَمدُ لِلَّهِ وَسَلٰمٌ عَلىٰ عِبادِهِ الَّذينَ اصطَفىٰ ءاللَّهُ خَيرٌ أَمّا يُشرِكونَ (آيت : 59) |
ڇو ته سڀ تعريفون الله لاءِ آهن ۽ سلام سندس انهن ٻانهن تي جن کي چونڊيائين. ڇا الله بهتر آهي يا اُهي (ڪوڙا معبود) جن کي الله جو شريڪ بنائن ٿا؟ |
أَمَّن خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَأَنزَلَ لَكُم مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَنبَتنا بِهِ حَدائِقَ ذاتَ بَهجَةٍ ما كانَ لَكُم أَن تُنبِتوا شَجَرَها أَءِلٰهٌ مَعَ اللَّهِ بَل هُم قَومٌ يَعدِلونَ (آيت : 60) |
ڀلا (ٻڌايو) ڪير آهي؟ جنهن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو؟ ۽ اوهان لاءِ آسمان کان پاڻي (يعني مينهن) لاٿائين؟ پوءِ اسان ان (پاڻي) سان رونقدار باغ ڄمايا، اوهان لاءِ ممڪن نه هيو جو ان (باغن) جا وڻ ڄمايو. ڇا الله سان گڏ ٻيو به ڪو معبود آهي؟ بلڪه اُهي اهڙي قوم آهن جي (حق جي راهه کان) پري هٽن ٿا. |
أَمَّن جَعَلَ الأَرضَ قَرارًا وَجَعَلَ خِلٰلَها أَنهٰرًا وَجَعَلَ لَها رَوٰسِىَ وَجَعَلَ بَينَ البَحرَينِ حاجِزًا أَءِلٰهٌ مَعَ اللَّهِ بَل أَكثَرُهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 61) |
ڀلا زمين کي قرار جي جاءِ ڪنهن بنايو؟ ۽ ان جي وچ ۾ نهرون بنايائين ۽ ان جي لاءِ ڳرا جبل بنايائين ۽ (ڪوڙي ۽ مِٺي) ٻن دريائن جي وچ ۾ پردو بنايائين. ڇا الله سان گڏ ڪو ٻيو معبود (انهن ڪمن ۾ شريڪ)آهي؟ بلڪه انهن مان گهڻا نه ٿا ڄاڻن. |
أَمَّن يُجيبُ المُضطَرَّ إِذا دَعاهُ وَيَكشِفُ السّوءَ وَيَجعَلُكُم خُلَفاءَ الأَرضِ أَءِلٰهٌ مَعَ اللَّهِ قَليلًا ما تَذَكَّرونَ (آيت : 62) |
ڀلا اُهو ڪير آهي؟ جيڪو بي قرار ماڻهو جي دعا قبول ڪري ٿو جڏهن اُهو کيس سڏي ٿو ۽ تڪليف دور ڪري ٿو ۽ اوهان کي زمين ۾ (اڳين جو) وارث ڪري ٿو. ڇا الله سان گڏ ٻيو به ڪو معبود آهي؟ توهان گهٽ نصيحت قبول ڪيو ٿا. |
أَمَّن يَهديكُم فى ظُلُمٰتِ البَرِّ وَالبَحرِ وَمَن يُرسِلُ الرِّيٰحَ بُشرًا بَينَ يَدَى رَحمَتِهِ أَءِلٰهٌ مَعَ اللَّهِ تَعٰلَى اللَّهُ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 63) |
ڀلا اُهو ڪير آهي؟ جيڪو اوهان کي خشڪي ۽ درياء جي اونداهين ۾ رستو ڏيکاري ٿو ۽ ڪير آهي جيڪو هوائن کي پنهنجي رحمت (جي مينهن) کان اڳ خوشخبري بنائي موڪلي ٿو؟ ڇا الله سان گڏ ٻيو به ڪو معبود آهي؟(جيڪو اهي ڪم ڪري) الله انهن کان مٿاهون آهي جن کي (سندس) شريڪ بنائن ٿا. |
أَمَّن يَبدَؤُا۟ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ وَمَن يَرزُقُكُم مِنَ السَّماءِ وَالأَرضِ أَءِلٰهٌ مَعَ اللَّهِ قُل هاتوا بُرهٰنَكُم إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 64) |
ڀلا اُهو ڪير آهي؟ جيڪو مخلوق کي پهريون ڀيرو پيدا ڪري ٿو پوءِ ان کي ٻيهر ورجائيندو. ۽ ڪير آهي؟ جيڪو اوهان کي آسمان ۽ زمين مان روزي ڏئي ٿو؟ ڇا الله سان گڏ ٻيو به ڪو معبود آهي؟ چؤ پنهنجو دليل آڻيو جي توهان سچا آهيو. |
قُل لا يَعلَمُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ الغَيبَ إِلَّا اللَّهُ وَما يَشعُرونَ أَيّانَ يُبعَثونَ (آيت : 65) |
چؤ آسمانن ۽ زمين ۾ الله کان سواءِ ڪو به (از خود) غيب جو علم نه ٿو رکي. ۽ (ماڻهو هي به) نه ٿا ڄاڻن ته ڪڏهن (زنده ڪري) اٿاريا ويندا. |
بَلِ ادّٰرَكَ عِلمُهُم فِى الءاخِرَةِ بَل هُم فى شَكٍّ مِنها بَل هُم مِنها عَمونَ (آيت : 66) |
بلڪه آخرت جي باري ۾ انهن جو علم ختم ٿي چڪو آهي. بلڪه اهي ان جي باري ۾ شڪ ۾ آهن. بلڪه اهي ان کان انڌا آهن. |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا أَءِذا كُنّا تُرٰبًا وَءاباؤُنا أَئِنّا لَمُخرَجونَ (آيت : 67) |
۽ ڪافرن چيو ته: ”ڇا جڏهن اسان ۽ اسان جا ابا ڏاڏا (مري) مٽي ٿي وينداسين ته ڇا اسان (قبرن مان) ڪڍيا وينداسين؟ |
لَقَد وُعِدنا هٰذا نَحنُ وَءاباؤُنا مِن قَبلُ إِن هٰذا إِلّا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 68) |
بيشڪ هي وعدو اسان سان به ڪيو ويو ۽ هن کان اڳ اسان جي ابن ڏاڏن سان به، اهي ته رُڳو اڳين جا افسانا آهن“. |
قُل سيروا فِى الأَرضِ فَانظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُجرِمينَ (آيت : 69) |
چؤ اوهان زمين ۾ سير ڪيو پوءِ نظر ڪيو ته ڏوهارين جي پڇاري ڪيئن ٿي؟ |
وَلا تَحزَن عَلَيهِم وَلا تَكُن فى ضَيقٍ مِمّا يَمكُرونَ (آيت : 70) |
۽ (اي نبي!) انهن (جي حال) تي غم نه ڪر ۽ نه ئي تنگدل ٿي ان کان جيڪي اهي سازشون ڪن ٿا. |
وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الوَعدُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 71) |
۽ چون ٿا ته: ”هي وعدو ڪڏهن پورو ٿيندو؟ جيڪڏهن اوهان سچا آهيو“؟ |
قُل عَسىٰ أَن يَكونَ رَدِفَ لَكُم بَعضُ الَّذى تَستَعجِلونَ (آيت : 72) |
چؤ: متان ان (عذاب) جو ڪجهه حصو توهان جي ويجهو اچي پهتو هجي جنهن جي جلد اچڻ جي تڪڙي طلب ڪيو ٿا. |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَذو فَضلٍ عَلَى النّاسِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَشكُرونَ (آيت : 73) |
۽ بيشڪ تنهنجو پالڻهار ماڻهن مٿان فضل (فرمائڻ) وارو آهي ۽ پر انهن مان گهڻا شڪر نه ٿا ادا ڪن. |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَيَعلَمُ ما تُكِنُّ صُدورُهُم وَما يُعلِنونَ (آيت : 74) |
۽ بيشڪ تنهنجو پروردگار ضرور ڄاڻي ٿو جيڪي سندن سينا لڪائن ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪن ٿا. |
وَما مِن غائِبَةٍ فِى السَّماءِ وَالأَرضِ إِلّا فى كِتٰبٍ مُبينٍ (آيت : 75) |
۽ آسمان ۽ زمين ۾ ڪابه اهڙي لڪل شيءِ نه آهي جيڪا پڌري ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ (لکيل) نه هجي. |
إِنَّ هٰذَا القُرءانَ يَقُصُّ عَلىٰ بَنى إِسرٰءيلَ أَكثَرَ الَّذى هُم فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 76) |
بيشڪ هي قرآن بني اسرائيل کي گهڻيون اُهي ڳالهيون ٻڌائي ٿو جن ۾ اُهي (پاڻ ۾) اختلاف ڪن ٿا. |
وَإِنَّهُ لَهُدًى وَرَحمَةٌ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 77) |
۽ بيشڪ اهو هدايت ۽ رحمت آهي مؤمنن لاءِ. |
إِنَّ رَبَّكَ يَقضى بَينَهُم بِحُكمِهِ وَهُوَ العَزيزُ العَليمُ (آيت : 78) |
بيشڪ تنهنجو پالڻهار انهن جي وچ ۾ پنهنجي حڪم سان فيصلو فرمائيندو، ۽ اُهو غالب ڄاڻندڙ آهي. |
فَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ إِنَّكَ عَلَى الحَقِّ المُبينِ (آيت : 79) |
پوءِ الله تي ڀروسو ڪر. بيشڪ تون پڌري حق تي آهين. |
إِنَّكَ لا تُسمِعُ المَوتىٰ وَلا تُسمِعُ الصُّمَّ الدُّعاءَ إِذا وَلَّوا مُدبِرينَ (آيت : 80) |
بيشڪ تون مُردن کي نه ٿو ٻڌائين ۽ نه ڪِي ٻوڙن کي سَڏُ ٻُڌائين ٿو جڏهن اُهي (توکي) پٺي ورائي وڃي رهيا هجن. |
وَما أَنتَ بِهٰدِى العُمىِ عَن ضَلٰلَتِهِم إِن تُسمِعُ إِلّا مَن يُؤمِنُ بِـٔايٰتِنا فَهُم مُسلِمونَ (آيت : 81) |
۽ نه تون انڌن کي سندن گمراهي کان هدايت ڏيندڙ آهين. تون رُڳو انهن کي ئي ٻڌائين ٿو جيڪي اسان جي آيتن تي ايمان آڻن ٿا پوءِ اُهي فرمانبردار آهن. |
وَإِذا وَقَعَ القَولُ عَلَيهِم أَخرَجنا لَهُم دابَّةً مِنَ الأَرضِ تُكَلِّمُهُم أَنَّ النّاسَ كانوا بِـٔايٰتِنا لا يوقِنونَ (آيت : 82) |
۽ جڏهن انهن تي (عذاب جي) ڳالهه واقع ٿيندي ته اسان انهن جي لاءِ زمين مان هڪ جانور (دَابَةُ الارض) ڪڍنداسين جيڪو انهن سان ڳالهائيندو. بيشڪ ماڻهو اسان جي نشانين تي يقين نه ڪندا هئا. |
وَيَومَ نَحشُرُ مِن كُلِّ أُمَّةٍ فَوجًا مِمَّن يُكَذِّبُ بِـٔايٰتِنا فَهُم يوزَعونَ (آيت : 83) |
۽ جنهن ڏينهن اسان هر امت مان انهن ماڻهن جو (هڪ هڪ) گروهه اٿارينداسين جيڪي اسان جي آيتن کي ڪوڙو چوندا هئا پوءِ انهن جون جدا جدا ٽوليون ڪيون وينديون. |
حَتّىٰ إِذا جاءو قالَ أَكَذَّبتُم بِـٔايٰتى وَلَم تُحيطوا بِها عِلمًا أَمّاذا كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 84) |
تانجو جڏهن اُهي سڀ (ميدانِ محشر ۾) ايندا ته (الله) فرمائيندو: ”ڇا اوهان منهنجي آيتن کي ڪوڙو چيو هيو؟ حالانڪ اوهان انهن کي پوري طرح ڄاتو به نه هيو (اگر ائين نه آهي خود ٻڌايو ته) اوهان ڇا پئي ڪيو“؟ |
وَوَقَعَ القَولُ عَلَيهِم بِما ظَلَموا فَهُم لا يَنطِقونَ (آيت : 85) |
۽ انهن تي (عذاب جي) ڳالهه واقع ٿيندي ان ڪري جو ظلم ڪندا هئا پوءِ اُهي ڳالهائي نه سگهندا. |
أَلَم يَرَوا أَنّا جَعَلنَا الَّيلَ لِيَسكُنوا فيهِ وَالنَّهارَ مُبصِرًا إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 86) |
ڇا انهن نه پئي ڏٺو ته اسان رات کي هن لاءِ پيدا ڪيو ته اهي ان ۾ آرام ڪن ۽ ڏينهن کي اسان روشن بنايو. بيشڪ ان ۾ انهن ماڻهن لاءِ نشانيون آهن جيڪي (اسان جي قدرت تي) ايمان رکن ٿا. |
وَيَومَ يُنفَخُ فِى الصّورِ فَفَزِعَ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَمَن فِى الأَرضِ إِلّا مَن شاءَ اللَّهُ وَكُلٌّ أَتَوهُ دٰخِرينَ (آيت : 87) |
۽ جنهن ڏينهن صور ۾ ڦوڪيو ويندو ته پوءِ جيڪي آسمانن ۾ آهن ۽ جيڪي زمين ۾ آهن گهٻرائجي ويندا. سواءِ ان جي جنهن کي الله گهري. ۽ سڀڪو وٽس عاجزي ڪندي ايندو. |
وَتَرَى الجِبالَ تَحسَبُها جامِدَةً وَهِىَ تَمُرُّ مَرَّ السَّحابِ صُنعَ اللَّهِ الَّذى أَتقَنَ كُلَّ شَيءٍ إِنَّهُ خَبيرٌ بِما تَفعَلونَ (آيت : 88) |
۽ (اڄ) تون جبلن کي ڏسين ٿو ته انهن کي (هڪ جاءِ تي) ڄميل سمجهين ٿو حالانڪه اُهي (ان وقت) ڪڪرن وانگر اُڏي رهيا هوندا. (اِها) الله جي ڪاريگري آهي جنهن هر شيءِ کي مضبوط بنايو آهي. بيشڪ اُهو خبروار آهي ان کان جيڪي اوهان عمل ڪيو ٿا. |
مَن جاءَ بِالحَسَنَةِ فَلَهُ خَيرٌ مِنها وَهُم مِن فَزَعٍ يَومَئِذٍ ءامِنونَ (آيت : 89) |
جيڪو نيڪي آڻيندو ان لاءِ ان کان ڀلو (بدلو) آهي، ۽ اُهي ماڻهو ان ڏينهن جي گهٻراهٽ کان امن وارا هوندا. |
وَمَن جاءَ بِالسَّيِّئَةِ فَكُبَّت وُجوهُهُم فِى النّارِ هَل تُجزَونَ إِلّا ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 90) |
۽ جيڪو ماڻهو برائي کڻي ايندو ته انهن کي منهن ڀر باهه ۾ ڪيرايو ويندو. اوهان کي ان جو ئي بدلو ڏنو ويندو جيڪي اوهان عمل ڪندا هئا. |
إِنَّما أُمِرتُ أَن أَعبُدَ رَبَّ هٰذِهِ البَلدَةِ الَّذى حَرَّمَها وَلَهُ كُلُّ شَيءٍ وَأُمِرتُ أَن أَكونَ مِنَ المُسلِمينَ (آيت : 91) |
(چؤ): ”مون کي ته صرف هي حڪم ڏنو ويو آهي جو آءٌ هن شهر (مڪي) جي مالڪ جي عبادت ڪيان جنهن ان کي حرم بنايو آهي ۽ سڀ شيءِ سندس ملڪيت آهي ۽ مون کي حڪم ڏنو ويو آهي ته آءٌ فرمانبردارن ۾ رهان. |
وَأَن أَتلُوَا۟ القُرءانَ فَمَنِ اهتَدىٰ فَإِنَّما يَهتَدى لِنَفسِهِ وَمَن ضَلَّ فَقُل إِنَّما أَنا۠ مِنَ المُنذِرينَ (آيت : 92) |
۽ هي به ته قرآن پڙهي ٻڌايان“. پوءِ جيڪو هدايت وارو ٿيو ته اُهو صرف پنهنجي فائدي لاءِ ئي هدايت وارو ٿيو ۽ جيڪو گمراهه ٿيو پوءِ چؤ ته: آءٌ ته صرف ڊيڄارڻ وارن مان آهيان“. |
وَقُلِ الحَمدُ لِلَّهِ سَيُريكُم ءايٰتِهِ فَتَعرِفونَها وَما رَبُّكَ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 93) |
۽ چؤ ته: ”سڀ تعريفون الله لاءِ آهن اُهو جلد اوهان کي پنهنجون نشانيون ڏيکاريندو جو اوهان انهن کي سڃاڻندؤ. ۽ تنهنجو پروردگار بي خبر نه آهي ان کان جيڪي اوهان عمل ڪيو ٿا. |