طس تِلكَ ءايٰتُ القُرءانِ وَكِتابٍ مُبينٍ (آيت : 1) |
ط_ س _ هي قرآن ۽ چٽي ڪتاب جون آيتون آهن. |
هُدًى وَبُشرىٰ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 2) |
مؤمنن لاءِ واٽ ڏيکاريندڙ ۽ مبارڪ ڏيندڙ آهن. |
الَّذينَ يُقيمونَ الصَّلوٰةَ وَيُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَهُم بِالءاخِرَةِ هُم يوقِنونَ (آيت : 3) |
جيڪي نماز پڙهن ٿا، زڪوات ڏين ٿا ۽ اهي آخرت جي پڪ رکن ٿا. |
إِنَّ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ زَيَّنّا لَهُم أَعمٰلَهُم فَهُم يَعمَهونَ (آيت : 4) |
بيشڪ جيڪي آخرت کي نٿا مڃين، تن لاءِ اسان کين سندن ڪم سهڻا ڪري ڏيکاريا، پوءِ اهي حيران رهندا آهن. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ لَهُم سوءُ العَذابِ وَهُم فِى الءاخِرَةِ هُمُ الأَخسَرونَ (آيت : 5) |
اهي اُهي آهن، جن لاءِ عذاب جي سختي آهي ۽ اهي ئي آخرت ۾ ٽوٽو پائيندا. |
وَإِنَّكَ لَتُلَقَّى القُرءانَ مِن لَدُن حَكيمٍ عَليمٍ (آيت : 6) |
۽ بيشڪ توکي ڏاهپ واري ڄاڻندڙ وٽان قرآن ملي ٿو. |
إِذ قالَ موسىٰ لِأَهلِهِ إِنّى ءانَستُ نارًا سَـٔاتيكُم مِنها بِخَبَرٍ أَو ءاتيكُم بِشِهابٍ قَبَسٍ لَعَلَّكُم تَصطَلونَ (آيت : 7) |
(يادڪر) جڏهن موسيٰ سندس گهر وارن کي چيو ته، ”بيشڪ مون باهه ڏٺي آهي_ آءُ اجهو ٿو، اتان ڪا خبر آڻيان، يا اوهان وٽ ڪو ٻاريل ٽانڊو آڻيان،ته من اوهين پاڻ ئي تؤ ڏيو.“ |
فَلَمّا جاءَها نودِىَ أَن بورِكَ مَن فِى النّارِ وَمَن حَولَها وَسُبحٰنَ اللَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 8) |
پوءِ جنهن وقت ان وٽ آيو، ته آواز آيس ته ”جيڪو باهه ۾ ۽ جيڪو سندس چوگرد آهي، سو ڀلارو ڪيل آهي ۽ جهانن جي ڌڻيءَ کي پاڪائي آهي. |
يٰموسىٰ إِنَّهُ أَنَا اللَّهُ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 9) |
اي موسيٰ! بيشڪ آءُ غالب ڏاهپ وارو آهيان. |
وَأَلقِ عَصاكَ فَلَمّا رَءاها تَهتَزُّ كَأَنَّها جانٌّ وَلّىٰ مُدبِرًا وَلَم يُعَقِّب يٰموسىٰ لا تَخَف إِنّى لا يَخافُ لَدَىَّ المُرسَلونَ (آيت : 10) |
۽ پنهنجي لٺ اڇلائي وجهه! ”پوءِ جنهن وقت هن کي ائين چرندو ڏٺائين، جو ڄڻ ته ارڙ آهي، ته پٺ ڏيئي ڀڳو ۽ پوئتي به نه موٽيو (چيوسون ته) ”اي موسيٰ! ڊپ نه ڪر، جو مون وٽ رسول نه ڊڄندا آهن. |
إِلّا مَن ظَلَمَ ثُمَّ بَدَّلَ حُسنًا بَعدَ سوءٍ فَإِنّى غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 11) |
پرجنهن ظلم ڪيو، پوءِ وري برائيءَ کان پوءِ مٽائي چڱائي ڪيائين، ته بيشڪ آءُ بخشيندڙ مهربان آهيان. |
وَأَدخِل يَدَكَ فى جَيبِكَ تَخرُج بَيضاءَ مِن غَيرِ سوءٍ فى تِسعِ ءايٰتٍ إِلىٰ فِرعَونَ وَقَومِهِ إِنَّهُم كانوا قَومًا فٰسِقينَ (آيت : 12) |
۽ سندءِ هٿ گريبان ۾ وجهه، ته بي عيب چمڪندڙ ٿي نڪري، اهي ٻئي انهن نَون معجزن مان آهن، جي فرعون ۽ سندس قوم ڏي آهن- بيشڪ هو بدڪار قوم آهن.“ |
فَلَمّا جاءَتهُم ءايٰتُنا مُبصِرَةً قالوا هٰذا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 13) |
پوءِ جنهن مهل انهن وٽ اسان جون چٽيون آيتون پهتيون، چيائون ”هي ته صفا جادو آهي.“ |
وَجَحَدوا بِها وَاستَيقَنَتها أَنفُسُهُم ظُلمًا وَعُلُوًّا فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُفسِدينَ (آيت : 14) |
۽ بي انصافيءَ ۽ آڪڙ کان انهن جو انڪار ڪيائون، جيتوڻيڪ سندن دلين کي انهنجو يقين هو- پوءِ ڏس ته فسادين جي پڇاڙي ڪهڙي طرح ٿي! |
وَلَقَد ءاتَينا داوۥدَ وَسُلَيمٰنَ عِلمًا وَقالَا الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى فَضَّلَنا عَلىٰ كَثيرٍ مِن عِبادِهِ المُؤمِنينَ (آيت : 15) |
بيشڪ اسان دائود ۽ سليمان کي علم ڏنو ۽ هنن چيو ”هر قسم جي واکاڻ انهي الله کي جڳائي، جنهن اسان کي سندس گهڻن ٻانهن کان ڀلو ڪيو.“ |
وَوَرِثَ سُلَيمٰنُ داوۥدَ وَقالَ يٰأَيُّهَا النّاسُ عُلِّمنا مَنطِقَ الطَّيرِ وَأوتينا مِن كُلِّ شَيءٍ إِنَّ هٰذا لَهُوَ الفَضلُ المُبينُ (آيت : 16) |
سليمان دائود جو وارث ٿيو ۽ چيائين، ”اي انسانو! اسان کي پکين جي ٻولي سيکاري ويئي آهي ۽ اسان کي هر ڪا نعمت ڏني وئي آهي_ بيشڪ اها پڌري ڀلائي آهي.“ |
وَحُشِرَ لِسُلَيمٰنَ جُنودُهُ مِنَ الجِنِّ وَالإِنسِ وَالطَّيرِ فَهُم يوزَعونَ (آيت : 17) |
۽ سليمان لاءِ سندس لشڪر جنن، ماڻهن ۽ پکين مان گڏ ڪيا ويا هئا، جي سڀ قطارن ۾ بيهاريا ويا. |
حَتّىٰ إِذا أَتَوا عَلىٰ وادِ النَّملِ قالَت نَملَةٌ يٰأَيُّهَا النَّملُ ادخُلوا مَسٰكِنَكُم لا يَحطِمَنَّكُم سُلَيمٰنُ وَجُنودُهُ وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 18) |
تان جو جڏهن ماڪوڙين واري ميدان ۾ پهتا، ته هڪ ماڪوڙيءَ چيو، ”اي ماڪوڙيو! پنهنجن ٻرن ۾ گهڙي وڃو، سليمان ۽ سندس لشڪر بي خبريءَ ۾ اوهان کي نه لتاڙين.“ |
فَتَبَسَّمَ ضاحِكًا مِن قَولِها وَقالَ رَبِّ أَوزِعنى أَن أَشكُرَ نِعمَتَكَ الَّتى أَنعَمتَ عَلَىَّ وَعَلىٰ وٰلِدَىَّ وَأَن أَعمَلَ صٰلِحًا تَرضىٰهُ وَأَدخِلنى بِرَحمَتِكَ فى عِبادِكَ الصّٰلِحينَ (آيت : 19) |
پوءِ هو سندس ڳالهاءُ کان مرڪي کليو ۽ چيائين ”اي منهنجا ڌڻي! مون کي توفيق ڏي، ته تنهنجي نعمتن جو شڪر ڪريان، جي مون ۽ منهنجي مائٽن تي ڪيون اٿيئي ۽ اهڙا چڱا ڪم ڪريان جن کان تون راضي ٿئين ۽ مون کي سندءِ ٻاجهه سان پنهنجي نيڪ ٻانهن ۾ داخل ڪر!“ |
وَتَفَقَّدَ الطَّيرَ فَقالَ ما لِىَ لا أَرَى الهُدهُدَ أَم كانَ مِنَ الغائِبينَ (آيت : 20) |
۽ پکين جي چڪاس ڪيائين، ته چيائين ”ڇا جي ڪري آءُ هُد هُد کي ڪونه ٿو ڏسان؟ يا هو غير حاضر آهي؟ |
لَأُعَذِّبَنَّهُ عَذابًا شَديدًا أَو لَأَا۟ذبَحَنَّهُ أَو لَيَأتِيَنّى بِسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 21) |
آءٌ کيس سخت سزا ڏيندس يا ضرور ڪُهندو سانس، يا مون وٽ ڪو چٽو سبب آڻي.“ |
فَمَكَثَ غَيرَ بَعيدٍ فَقالَ أَحَطتُ بِما لَم تُحِط بِهِ وَجِئتُكَ مِن سَبَإٍ بِنَبَإٍ يَقينٍ (آيت : 22) |
پوءِ گهڻي دير نه ترسيو، جو اچي چيائين، ”مون اهڙي خبر آندي آهي، جنهن جي توکي خبر ڪانه هئي، ۽ مون ”سبا شهر“ کان هيءَ پڪي خبر تو وٽ آندي آهي. |
إِنّى وَجَدتُ امرَأَةً تَملِكُهُم وَأوتِيَت مِن كُلِّ شَيءٍ وَلَها عَرشٌ عَظيمٌ (آيت : 23) |
مون هڪ زال کي انهن تي بادشاهي ڪندي ڏٺو، جنهن کي سڀ ڪا نعمت ڏنل آهي، ۽ ان کي وڏو تخت آهي. |
وَجَدتُها وَقَومَها يَسجُدونَ لِلشَّمسِ مِن دونِ اللَّهِ وَزَيَّنَ لَهُمُ الشَّيطٰنُ أَعمٰلَهُم فَصَدَّهُم عَنِ السَّبيلِ فَهُم لا يَهتَدونَ (آيت : 24) |
مون هن کي ۽ سندس قوم کي ڏٺو، جو الله کان سواءِ سج کي سجدو ڪن ٿا ۽ شيطان هنن لاءِ سندن ڪم سينگاريا آهن ۽ انهن کي واٽ کان روڪي ڇڏيو اٿس، جو هو سنيئن واٽ نٿا لهن.“ |
أَلّا يَسجُدوا لِلَّهِ الَّذى يُخرِجُ الخَبءَ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَيَعلَمُ ما تُخفونَ وَما تُعلِنونَ (آيت : 25) |
هو ڇو نٿا الله کي سجدو ڪن؟ جو آسمانن ۽ زمين جون ڳجهيون چيزون ظاهر ڪندو آهي ۽ جيڪي لڪايو ٿا ۽ پڌرو ڪريو ٿا، سو سڀ ڄاڻي ٿو. |
اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ رَبُّ العَرشِ العَظيمِ (آيت : 26) |
الله اهو آهي، جنهن کان سواءِ ٻيو ڪو به بندگيءَ جو لائق ڪونهي، اهو وڏي تخت جو مالڪ آهي. (سجدو) |
قالَ سَنَنظُرُ أَصَدَقتَ أَم كُنتَ مِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 27) |
چيائين ”اجهو ٿا ڏسون، ته سچ چيو اٿيئي يا ڪوڙو آهين. |
اذهَب بِكِتٰبى هٰذا فَأَلقِه إِلَيهِم ثُمَّ تَوَلَّ عَنهُم فَانظُر ماذا يَرجِعونَ (آيت : 28) |
هي منهنجو خط کڻي وڃ، جو هنن ڏي اڇلاءِ،پوءِ کانئن منهن ڦيراءِ_ پوءِ ڏس ته ڪهڙي ٿا ورندي ڏين.“ |
قالَت يٰأَيُّهَا المَلَؤُا۟ إِنّى أُلقِىَ إِلَىَّ كِتٰبٌ كَريمٌ (آيت : 29) |
راڻيءَ چيو ”اي سردارو! مون ڏانهن هڪ سڳورو خط اڇليو ويو آهي. |
إِنَّهُ مِن سُلَيمٰنَ وَإِنَّهُ بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَٰنِ الرَّحِيمِ (آيت : 30) |
اهو سليمان کان آهي ۽ اهو هيءَ آهي ته ”شروع الله جي نالي سان، جو نهايت مهربان ٻاجهارو آهي. |
أَلّا تَعلوا عَلَىَّ وَأتونى مُسلِمينَ (آيت : 31) |
هيءُ ته- منهنجي سامهون وڏائي نه ڪريو ۽ مون وٽ تابعدار ٿي اچو.“ |
قالَت يٰأَيُّهَا المَلَؤُا۟ أَفتونى فى أَمرى ما كُنتُ قاطِعَةً أَمرًا حَتّىٰ تَشهَدونِ (آيت : 32) |
وري چيائين ”اي سردارو! هن ڪم ۾ مون کي صلاح ڏيو، آءُ ڪو به ڪم تيستائين نه نبيريندي آهيان، جيسين اوهين حاضر نه ٿيندا آهيو.“ |
قالوا نَحنُ أُولوا قُوَّةٍ وَأُولوا بَأسٍ شَديدٍ وَالأَمرُ إِلَيكِ فَانظُرى ماذا تَأمُرينَ (آيت : 33) |
چيائون ”اسين زور وارا ۽ ڏاڍا جنگي جوان آهيون- هاڻي فيصلو تنهنجي اختيار ۾ آهي، ڏس، ته ڪهڙو ٿي حڪم ڪرين.“ |
قالَت إِنَّ المُلوكَ إِذا دَخَلوا قَريَةً أَفسَدوها وَجَعَلوا أَعِزَّةَ أَهلِها أَذِلَّةً وَكَذٰلِكَ يَفعَلونَ (آيت : 34) |
چيائين ”جڏهن بادشاهه ڪنهن ملڪ ۾ گهڙندا آهن، تڏهن ضرور ان کي ڦٽائيندا آهن ۽ سندس عزت وارن رهاڪن کي بي عزت ڪندا آهن ۽ سڀ ائين ئي ڪندا آهن. |
وَإِنّى مُرسِلَةٌ إِلَيهِم بِهَدِيَّةٍ فَناظِرَةٌ بِمَ يَرجِعُ المُرسَلونَ (آيت : 35) |
هاڻي آءُ انهن ڏانهن ڪا سوکڙي ٿي موڪليان پوءِ ڏسان ته قاصد ڇا خبر کڻي ٿا موٽن. |
فَلَمّا جاءَ سُلَيمٰنَ قالَ أَتُمِدّونَنِ بِمالٍ فَما ءاتىٰنِۦَ اللَّهُ خَيرٌ مِمّا ءاتىٰكُم بَل أَنتُم بِهَدِيَّتِكُم تَفرَحونَ (آيت : 36) |
پوءِ جنهن وقت سليمان وٽ (قاصد) آيو ته چيائين ”ڇا، اوهين مون کي مالي ٿا مدد ڏيو؟ تڏهن (يادرکو) جيڪي اوهين ٿا مون کي ڏيو، ان کان اهو گهڻو ڀلو آهي جيڪو الله مون کي ڏنو آهي، بلڪ اوهين ئي سندو سوکڙين سان پيا خوش ٿيو. |
ارجِع إِلَيهِم فَلَنَأتِيَنَّهُم بِجُنودٍ لا قِبَلَ لَهُم بِها وَلَنُخرِجَنَّهُم مِنها أَذِلَّةً وَهُم صٰغِرونَ (آيت : 37) |
تون هنن ڏي موٽي وڃ، اسين پڪ مٿن اهڙا لشڪر آڻينداسون، جنهن کي هو سامهون ٿي نه سگهندا_ ۽ ضرور هنن کي اتان بي عزت ڪري ڪڍنداسون، جو هو خوار هوندا.“ |
قالَ يٰأَيُّهَا المَلَؤُا۟ أَيُّكُم يَأتينى بِعَرشِها قَبلَ أَن يَأتونى مُسلِمينَ (آيت : 38) |
سليمان چيو ” اي سردارو! اوهان مان ڪير مون وٽ هن جي مسلمان ٿي اچڻ کان اڳ سندس تخت آڻيندو؟“ |
قالَ عِفريتٌ مِنَ الجِنِّ أَنا۠ ءاتيكَ بِهِ قَبلَ أَن تَقومَ مِن مَقامِكَ وَإِنّى عَلَيهِ لَقَوِىٌّ أَمينٌ (آيت : 39) |
هڪڙي وڏي جن چيو ته ”آءُ توکي تنهنجي جاءِ تان اٿڻ کان اڳ اهو آڻي ڏيندس ۽ آءُ انهي لاءِ طاقت وارو ۽ معتبر آهيان.“ |
قالَ الَّذى عِندَهُ عِلمٌ مِنَ الكِتٰبِ أَنا۠ ءاتيكَ بِهِ قَبلَ أَن يَرتَدَّ إِلَيكَ طَرفُكَ فَلَمّا رَءاهُ مُستَقِرًّا عِندَهُ قالَ هٰذا مِن فَضلِ رَبّى لِيَبلُوَنى ءَأَشكُرُ أَم أَكفُرُ وَمَن شَكَرَ فَإِنَّما يَشكُرُ لِنَفسِهِ وَمَن كَفَرَ فَإِنَّ رَبّى غَنِىٌّ كَريمٌ (آيت : 40) |
تڏهن جنهن وٽ ڪتاب جو علم هو، ان چيو ”آءُ تو وٽ اهو اک ڇنڀ کان اڳ آڻيندس،“ پوءِ جڏهن ان کي پاڻ وٽ رکيل ڏٺائين، تڏهن چيائين ”هي منهنجي ڌڻيءَ جو فضل آهي ته مون کي پرکي، ته آءُ شڪر ٿو ڪريان يا بي شڪري_ ۽ جيڪو شڪر ڪندو، سو فقط پنهنجي واسطي ڪندو ۽ جنهن بي شڪري ڪئي، ته بيشڪ منهنجو ڌڻي بي پرواهه ڪرم ڪندڙ آهي. |
قالَ نَكِّروا لَها عَرشَها نَنظُر أَتَهتَدى أَم تَكونُ مِنَ الَّذينَ لا يَهتَدونَ (آيت : 41) |
سليمان چيو ”سندس تخت کي بدلايو، ته ڏسون ته سڃاڻي ٿي يا اڻ سڃاڻ ٿي ٿئي!“ |
فَلَمّا جاءَت قيلَ أَهٰكَذا عَرشُكِ قالَت كَأَنَّهُ هُوَ وَأوتينَا العِلمَ مِن قَبلِها وَكُنّا مُسلِمينَ (آيت : 42) |
پوءِ جڏهن هوءَ آئي ته کيس چيو ويو ته، ”ڇا، تنهنجو تخت هن جهڙو آهي؟“ چيائين ”بس، ڄڻ ته اهو آهي ۽ اسان کي ته هن کان اڳيئي ڄاڻپ مليل آهي ۽ اسين مسلمان آهيون.“ |
وَصَدَّها ما كانَت تَعبُدُ مِن دونِ اللَّهِ إِنَّها كانَت مِن قَومٍ كٰفِرينَ (آيت : 43) |
پوءِ هوءَ الله کان سواءِ جن جي بندگي ڪندي هئي، ان کان سليمان روڪيس_ بيشڪ هوءَ ڪافر قوم مان هئي. |
قيلَ لَهَا ادخُلِى الصَّرحَ فَلَمّا رَأَتهُ حَسِبَتهُ لُجَّةً وَكَشَفَت عَن ساقَيها قالَ إِنَّهُ صَرحٌ مُمَرَّدٌ مِن قَواريرَ قالَت رَبِّ إِنّى ظَلَمتُ نَفسى وَأَسلَمتُ مَعَ سُلَيمٰنَ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 44) |
کيس چيو ويو ”محلات ۾ گهڙ،“ پوءِ جڏهن هن ان کي ڏٺو، ته تلاءُ سمجهيائينس، ۽ پنهنجي پنين تان ڪپڙو مٿي ڪيائين_ سليمان چيس ”هيءَ شيشي مان ٺهيل محلات آهي، ”چيائين ”اي ڌڻي! مون بيشڪ پاڻ تي ظلم ڪيو ۽ هاڻي سليمان ساڻ جهانن جي ڌڻيءَ کي مڃيم.“ |
وَلَقَد أَرسَلنا إِلىٰ ثَمودَ أَخاهُم صٰلِحًا أَنِ اعبُدُوا اللَّهَ فَإِذا هُم فَريقانِ يَختَصِمونَ (آيت : 45) |
۽ بيشڪ ثمود قوم ڏانهن اسان سندس ڀاءُ صالح کي موڪليو ”ته الله جي بندگي ڪريو،“ تڏهن اهي ٻه ٽوليون ٿي جهڳڙو ڪرڻ لڳا. |
قالَ يٰقَومِ لِمَ تَستَعجِلونَ بِالسَّيِّئَةِ قَبلَ الحَسَنَةِ لَولا تَستَغفِرونَ اللَّهَ لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 46) |
چيائين ”اي قوم! چڱائيءَ کان اڳ عذاب لاءِ تڪڙ ڇو ٿا ڪريو؟ ڇو نٿا الله کان بخشش گهرو، ته من اوهان تي رحم ٿئي؟“ |
قالُوا اطَّيَّرنا بِكَ وَبِمَن مَعَكَ قالَ طٰئِرُكُم عِندَ اللَّهِ بَل أَنتُم قَومٌ تُفتَنونَ (آيت : 47) |
چيائون، ”اسان تو ۽ تنهنجي سنگتين بابت نڀاڳ جو سوڻ ڳنڍيو آهي“. چيائين ”اوهان لاءِ ئي الله وٽ نڀاڳو سوڻ آهي، بلڪ اوهين پرکجڻ واري قوم آهيو.“ |
وَكانَ فِى المَدينَةِ تِسعَةُ رَهطٍ يُفسِدونَ فِى الأَرضِ وَلا يُصلِحونَ (آيت : 48) |
۽ شهر ۾ نَوَ ڄڻا هئا، جي ملڪ ۾ بگيڙو وجهندا هئا ۽ سڌارو نه ڪندا هئا. |
قالوا تَقاسَموا بِاللَّهِ لَنُبَيِّتَنَّهُ وَأَهلَهُ ثُمَّ لَنَقولَنَّ لِوَلِيِّهِ ما شَهِدنا مَهلِكَ أَهلِهِ وَإِنّا لَصٰدِقونَ (آيت : 49) |
هنن پاڻ ۾ خدا جو قسم کڻي چيو ته، ”صالح ۽ سندس گهر وارن کي رات جو لڪي ماريو، پوءِ وري سندن وارثن کي چونداسون، ته سندن گهر وارن جي مارجڻ مهل حاضر ڪونه هئاسون ۽ اسين بلڪل سچا آهيون.“ |
وَمَكَروا مَكرًا وَمَكَرنا مَكرًا وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 50) |
هنن به هڪڙي رٿ رٿي ۽ اسان به رٿ رٿي، جنهن کان هو بي خبر هئا. |
فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ مَكرِهِم أَنّا دَمَّرنٰهُم وَقَومَهُم أَجمَعينَ (آيت : 51) |
پوءِ ڏسو ته سندن رٿ جي پڇاڙي ڪهڙ ي ٿي جو اسان انهن کي ۽ سندن سموريءَ قوم کي ناس ڪري ڇڏيو- |
فَتِلكَ بُيوتُهُم خاوِيَةً بِما ظَلَموا إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 52) |
پوءِ سندن ظلم ڪرڻ سبب سندن گهر ڦٽل آهن، بيشڪ هن ۾ ڄاڻيندڙ قوم لاءِ وڏي نشاني آهي- |
وَأَنجَينَا الَّذينَ ءامَنوا وَكانوا يَتَّقونَ (آيت : 53) |
۽ جن ايمان آندو ۽ نيڪ ٿيا، تن کي بچايوسون. |
وَلوطًا إِذ قالَ لِقَومِهِ أَتَأتونَ الفٰحِشَةَ وَأَنتُم تُبصِرونَ (آيت : 54) |
۽ لوط کي، جڏهن سندن قوم کي چيائين ته ”ڇا، اوهين ڏسندي وائسندي بيحيائي جو ڪم ٿا ڪريو؟ |
أَئِنَّكُم لَتَأتونَ الرِّجالَ شَهوَةً مِن دونِ النِّساءِ بَل أَنتُم قَومٌ تَجهَلونَ (آيت : 55) |
ڇا، اوهين زالن کي ڇڏي مردن ڏانهن شهوت سان پيا وڃو؟ بلڪ اوهين جاهل قوم آهيو.“ |
فَما كانَ جَوابَ قَومِهِ إِلّا أَن قالوا أَخرِجوا ءالَ لوطٍ مِن قَريَتِكُم إِنَّهُم أُناسٌ يَتَطَهَّرونَ (آيت : 56) |
تڏهن سندس قوم جو جواب فقط هي هو ته ”لوط وارن کي پنهنجي ڳوٺ مان ڪڍي ڇڏيو، جو اهي ماڻهو پاڪ ٿا بنجن.“ |
فَأَنجَينٰهُ وَأَهلَهُ إِلَّا امرَأَتَهُ قَدَّرنٰها مِنَ الغٰبِرينَ (آيت : 57) |
پوءِ کيس ۽ سندس گهر وارن کي بچايوسون، سواءِ سندس زال جي، جنهن لاءِ اسان مقرر ڪيو هو ته پوئتي رهندي. |
وَأَمطَرنا عَلَيهِم مَطَرًا فَساءَ مَطَرُ المُنذَرينَ (آيت : 58) |
۽ مٿن مينهن وسايو سون، پوءِ اڳواٽ ڊيڄاريلن جو مينهن بڇڙو آهي! |
قُلِ الحَمدُ لِلَّهِ وَسَلٰمٌ عَلىٰ عِبادِهِ الَّذينَ اصطَفىٰ ءاللَّهُ خَيرٌ أَمّا يُشرِكونَ (آيت : 59) |
چئو ته، ”هر ڪا واکاڻ الله کي جڳائي ۽ سلامتي آهي سندس پسند ڪيل ٻانهن تي،“ ڇا الله ڀلو آهي يا اهي، جن کي هو (الله سان) ڀائيوار ٿا بڻائين؟ |
أَمَّن خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَأَنزَلَ لَكُم مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَنبَتنا بِهِ حَدائِقَ ذاتَ بَهجَةٍ ما كانَ لَكُم أَن تُنبِتوا شَجَرَها أَءِلٰهٌ مَعَ اللَّهِ بَل هُم قَومٌ يَعدِلونَ (آيت : 60) |
ڀلا ڪير آهي اهو،جنهن آسمانن ۽ زمين کي خلقيو ۽ اوهان لاءِ آسمان مان پاڻي لاٿو؟ پوءِ انهي سان رونق وارا باغ ڄماياسون_ اوهان کي ڪا طاقت نه هئي، جو انهن جا وڻ اڀاڙيو_ ڇا الله سان گڏ ڪو ٻيو سائين به آهي؟ بلڪ هي حق کان هٽيل قوم آهي. |
أَمَّن جَعَلَ الأَرضَ قَرارًا وَجَعَلَ خِلٰلَها أَنهٰرًا وَجَعَلَ لَها رَوٰسِىَ وَجَعَلَ بَينَ البَحرَينِ حاجِزًا أَءِلٰهٌ مَعَ اللَّهِ بَل أَكثَرُهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 61) |
ڀلا اهو ڪير آهي، جنهن زمين کي ٽڪاءُ وارو ڪيو، ان جي وچ ۾ نهرون پيدا ڪيون، ان ۾ جبل پيدا ڪيا ۽ ٻن سمنڊن وچ ۾ اوٽ بنائي؟ ڇا الله سان گڏ ڪو ٻيو به سائين آهي؟ بلڪ انهن مان گهڻا نٿا ڄاڻن! |
أَمَّن يُجيبُ المُضطَرَّ إِذا دَعاهُ وَيَكشِفُ السّوءَ وَيَجعَلُكُم خُلَفاءَ الأَرضِ أَءِلٰهٌ مَعَ اللَّهِ قَليلًا ما تَذَكَّرونَ (آيت : 62) |
ڀلا اهو ڪير آهي، جو جڏهن ڪو پريشان کيس پڪاري ٿو، ته هو سندس سڏ ورنائي ٿو، ڏک لاهي ٿو ۽ اوهان کي زمين ۾ حاڪم بنائي ٿو؟ ڇا الله سان گڏ ڪو ٻيو سائين به آهي؟ اوهين تمام ٿوري نصيحت وٺو ٿا. |
أَمَّن يَهديكُم فى ظُلُمٰتِ البَرِّ وَالبَحرِ وَمَن يُرسِلُ الرِّيٰحَ بُشرًا بَينَ يَدَى رَحمَتِهِ أَءِلٰهٌ مَعَ اللَّهِ تَعٰلَى اللَّهُ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 63) |
ڀلا اهو ڪير آهي جو اوهان کي زمين ۽ پاڻيءَ جي اونداهين ۾ رستو ڏيکاريندو آهي؟ ۽ ڪير ٿو سندس ٻاجهه کان اڳ مبارڪ ڏيندڙ هوائون موڪلي؟ ڇا الله سان گڏ ڪو ٻيو سائين به آهي؟ هو جيڪي ساڻس ڀائيوار ٿا مقرر ڪن، تن کان الله تمام مٿاهون آهي. |
أَمَّن يَبدَؤُا۟ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ وَمَن يَرزُقُكُم مِنَ السَّماءِ وَالأَرضِ أَءِلٰهٌ مَعَ اللَّهِ قُل هاتوا بُرهٰنَكُم إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 64) |
ڀلا ڪير ٿو ڪينَ منجهان خلق بنائي، پوءِ وري به ان کي ٻئي دفعي بنائيندو؟ ۽ ڪير ٿو اوهان کي آسمانن ۽زمين مان رزق رسائي؟ ڇا الله سان گڏ ڪو ٻيو سائين به آهي؟ چئو ته جيڪڏهن سچا آهيو ته، پنهنجا دليل پيش ڪريو. |
قُل لا يَعلَمُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ الغَيبَ إِلَّا اللَّهُ وَما يَشعُرونَ أَيّانَ يُبعَثونَ (آيت : 65) |
چئو ته الله کان سواءِ ڪو به آسمانن ۽ زمين ۾ رهندڙ شخص ڳجهه نٿو ڄاڻي ۽ نڪي اها پروڙ اٿن ته ڪڏهن وري جيئرا ٿيندا. |
بَلِ ادّٰرَكَ عِلمُهُم فِى الءاخِرَةِ بَل هُم فى شَكٍّ مِنها بَل هُم مِنها عَمونَ (آيت : 66) |
بلڪ آخرت بابت سندن ڄاڻپ عاجز ٿيل آهي، بلڪ اهي ان بابت شڪ ۾ آهن، بلڪ سندس سمجهڻ کان انڌا آهن. |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا أَءِذا كُنّا تُرٰبًا وَءاباؤُنا أَئِنّا لَمُخرَجونَ (آيت : 67) |
۽ ڪافر چون ٿا ته، ”ڇا، جڏهن اسين ۽ اسان جا وڏا مٽي ٿي وينداسون، تڏهن وري به جيئرا ڪيا وينداسون؟ |
لَقَد وُعِدنا هٰذا نَحنُ وَءاباؤُنا مِن قَبلُ إِن هٰذا إِلّا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 68) |
بيشڪ، اهو وعدو اسان ۽ اسان جي وڏن کي هن کان اڳ به مليل هو، پر اهي رڳو اڳين جون آکاڻيون آهن.“ |
قُل سيروا فِى الأَرضِ فَانظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُجرِمينَ (آيت : 69) |
چئو ته ”زمين ۾ گهمو ۽ پوءِ ڏسو ته ڏوهارين جي پڇاڙي ڪهڙي طرح ٿي؟“ |
وَلا تَحزَن عَلَيهِم وَلا تَكُن فى ضَيقٍ مِمّا يَمكُرونَ (آيت : 70) |
پر تون نڪي هنن تي غمگين ٿي ۽ نڪي سندن فريبن ڪرڻ کان دل سوڙهي ڪر. |
وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الوَعدُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 71) |
۽ هو ٿا چون ته ”جي اوهين سچا آهيو ته، اهو انجام ڪڏهن پورو ٿيندو؟“ |
قُل عَسىٰ أَن يَكونَ رَدِفَ لَكُم بَعضُ الَّذى تَستَعجِلونَ (آيت : 72) |
چئو ته ”ٿي سگهي ٿو، ته جنهن لاءِ تڪڙ ٿا ڪريو، ان مان ڪجهه اوهان جي پوئتان ئي هجي!“ |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَذو فَضلٍ عَلَى النّاسِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَشكُرونَ (آيت : 73) |
۽ بيشڪ تنهنجو ڌڻي ماڻهن تي فضل ڪندڙ آهي، پر منجهائن گهڻا شڪر نه ڪندا آهن. |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَيَعلَمُ ما تُكِنُّ صُدورُهُم وَما يُعلِنونَ (آيت : 74) |
۽ بيشڪ تنهنجو ڌڻي اهو ضرور ڄاڻي ٿو جيڪي سندن دلين ۾ آهي ۽ جيڪي ظاهر ٿا ڪن. |
وَما مِن غائِبَةٍ فِى السَّماءِ وَالأَرضِ إِلّا فى كِتٰبٍ مُبينٍ (آيت : 75) |
۽ آسمان ۽ زمين ۾ ڪا به اهڙي ڳجهي چيز ڪانهي، جا پڌري ڪتاب ۾ نه هجي. |
إِنَّ هٰذَا القُرءانَ يَقُصُّ عَلىٰ بَنى إِسرٰءيلَ أَكثَرَ الَّذى هُم فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 76) |
بيشڪ هي قرآن بني اسرائيلن کي اهڙيون گهڻيون ڳالهيون ٻڌائي ڏيندو آهي، جن بابت هو تڪرار ڪندا آهن. |
وَإِنَّهُ لَهُدًى وَرَحمَةٌ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 77) |
۽ بيشڪ هو مؤمنن لاءِ هدايت ۽ ٻاجهه آهي. |
إِنَّ رَبَّكَ يَقضى بَينَهُم بِحُكمِهِ وَهُوَ العَزيزُ العَليمُ (آيت : 78) |
بيشڪ تنهنجو ڌڻي پنهنجي حڪم سان سندن وچ ۾ فيصلو ڪندو ۽ اهو غالب ڄاڻندڙ آهي. |
فَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ إِنَّكَ عَلَى الحَقِّ المُبينِ (آيت : 79) |
پوءِ تون الله تي ڀروسو ڪر- بيشڪ تون صاف حق تي آهين. |
إِنَّكَ لا تُسمِعُ المَوتىٰ وَلا تُسمِعُ الصُّمَّ الدُّعاءَ إِذا وَلَّوا مُدبِرينَ (آيت : 80) |
بيشڪ تون نڪي مئن کي ٻڌائي سگهندين ۽ نڪي ٻوڙن کي سڏ ٻڌائي سگهندين، جڏهن هو پٺ ڏئي ڦرن. |
وَما أَنتَ بِهٰدِى العُمىِ عَن ضَلٰلَتِهِم إِن تُسمِعُ إِلّا مَن يُؤمِنُ بِـٔايٰتِنا فَهُم مُسلِمونَ (آيت : 81) |
۽ نڪي تون انڌن کي سندن گمراهيءَ مان نڪرڻ لاءِ رستي لڳائي سگهندين، تون ته رڳو ان کي ٻڌائيندين، جن اسان جي آيتن تي ويساهه آندو، پوءِ اهي حڪم مڃيندڙ آهن. |
وَإِذا وَقَعَ القَولُ عَلَيهِم أَخرَجنا لَهُم دابَّةً مِنَ الأَرضِ تُكَلِّمُهُم أَنَّ النّاسَ كانوا بِـٔايٰتِنا لا يوقِنونَ (آيت : 82) |
۽ جڏهن مٿن (عذاب جو) وعدو اچي پهچندو، تڏهن هنن لاءِ زمين مان هڪ ساهوارو ڪڍنداسون، جو ساڻن ڳالهائي، هن ڪري جو ماڻهو اسان جي آيتن تي يقين نه رکندا هئا. |
وَيَومَ نَحشُرُ مِن كُلِّ أُمَّةٍ فَوجًا مِمَّن يُكَذِّبُ بِـٔايٰتِنا فَهُم يوزَعونَ (آيت : 83) |
۽ ان ڏينهن سڀ ڪنهن امت مان هڪ ٽوليءَ کي کڙو ڪنداسون، جنهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ٿي سمجهيو، پوءِ اهي هڪ ٻئي لاءِ ترسايا ويندا. |
حَتّىٰ إِذا جاءو قالَ أَكَذَّبتُم بِـٔايٰتى وَلَم تُحيطوا بِها عِلمًا أَمّاذا كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 84) |
تان جو جڏهن اچي ويندا، تڏهن چئبو ته ”اوهان منهنجي آيتن کي ڇا جي ڪري ٿي ڪوڙ سمجهيو؟ اوهان جو علم انهن کي نٿي پهتو، (يعني سمجهه ۾ نٿي آيون) يا ڀلا ڪهڙو ڪم ٿي ڪيوَ؟“ |
وَوَقَعَ القَولُ عَلَيهِم بِما ظَلَموا فَهُم لا يَنطِقونَ (آيت : 85) |
۽ سندن ظلم سببان مٿن (عذاب جو) وعدو لازم ٿي چڪو، ان ڪري اهي ڳالهائي نه سگهندا. |
أَلَم يَرَوا أَنّا جَعَلنَا الَّيلَ لِيَسكُنوا فيهِ وَالنَّهارَ مُبصِرًا إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 86) |
ڇا، هنن نه ڏٺو آهي ته اسان رات کي منجهس سندن آرام ڪرڻ لاءِ پيدا ڪيو آهي ۽ ڏينهن کي روشن- بيشڪ انهي ۾ مڃيندڙ قوم لاءِ نشانيون آهن. |
وَيَومَ يُنفَخُ فِى الصّورِ فَفَزِعَ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَمَن فِى الأَرضِ إِلّا مَن شاءَ اللَّهُ وَكُلٌّ أَتَوهُ دٰخِرينَ (آيت : 87) |
۽ جنهن ڏينهن صور کي ڦوڪ ڏبي، ته جيڪي به شخص آسمانن ۽ زمين ۾ آهن، سي سڀ گهٻرائبا، سواءِ انهن جي، جن کي الله گهري ۽ هر ڪو وٽس نماڻو ٿي ايندو. |
وَتَرَى الجِبالَ تَحسَبُها جامِدَةً وَهِىَ تَمُرُّ مَرَّ السَّحابِ صُنعَ اللَّهِ الَّذى أَتقَنَ كُلَّ شَيءٍ إِنَّهُ خَبيرٌ بِما تَفعَلونَ (آيت : 88) |
۽ تون جبلن کي نهايت مضبوط ڄميل ٿو ڏسين، پر هو ڪڪرن وانگر هلندا_ اها الله جي ڪاريگري آهي، جنهن هر چيز کي مضبوط رکيو، بيشڪ انهي کي اوهان جي ڪمن جي سڀ خبر آهي. |
مَن جاءَ بِالحَسَنَةِ فَلَهُ خَيرٌ مِنها وَهُم مِن فَزَعٍ يَومَئِذٍ ءامِنونَ (آيت : 89) |
جيڪو شخص چڱايون آڻيندو، ته انهن ماڻهن کي چڱائي ملندي ۽ اهي ان ڏينهن گهٻرائجڻ کان بي ڊپا هوندا- |
وَمَن جاءَ بِالسَّيِّئَةِ فَكُبَّت وُجوهُهُم فِى النّارِ هَل تُجزَونَ إِلّا ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 90) |
۽ جيڪي برائي آڻيندا، ته سندن منهن اونڌا ڪري باهه ۾ وجهبا، (چئبن ته) ”اوهان کي فقط اهو ئي بدلو ٿو ملي، جيڪي ڪم ڪندا هئا.“ |
إِنَّما أُمِرتُ أَن أَعبُدَ رَبَّ هٰذِهِ البَلدَةِ الَّذى حَرَّمَها وَلَهُ كُلُّ شَيءٍ وَأُمِرتُ أَن أَكونَ مِنَ المُسلِمينَ (آيت : 91) |
(چئو ته) مون کي فقط هي حڪم مليل آهي، ته هن شهر جي ڌڻيءَ جي بندگي ڪريان، جنهن کيس عزت وارو ڪيو ۽ هر چيز سندس آهي_ ۽ مون کي حڪم ٿيل آهي، ته آءُ مسلمان هجان. |
وَأَن أَتلُوَا۟ القُرءانَ فَمَنِ اهتَدىٰ فَإِنَّما يَهتَدى لِنَفسِهِ وَمَن ضَلَّ فَقُل إِنَّما أَنا۠ مِنَ المُنذِرينَ (آيت : 92) |
۽ قرآن پڙهان پوءِ جيڪو سنئين واٽ تي هلندو، سو پنهنجي ئي واسطي سنئين واٽ وٺي ٿو ۽ جيڪو گمراهه ٿيو، ان کي چئو ته، آءُ ته فقط ڊيڄاريندڙ آهيان. |
وَقُلِ الحَمدُ لِلَّهِ سَيُريكُم ءايٰتِهِ فَتَعرِفونَها وَما رَبُّكَ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 93) |
۽ چئو ته هر ڪا واکاڻ الله کي ئي جڳائي ٿي_ هو جلدي اوهان کي پنهنجيون نشانيون ڏيکاريندو، جن کي سڃاڻيندؤ- ۽ اوهان جو ڌڻي اوهان جي ڪمن کان بي خبر نه آهي. |