طس تِلكَ ءايٰتُ القُرءانِ وَكِتابٍ مُبينٍ (آيت : 1) |
ط_ س هي آيتون قرآن جون ۽ ڪتاب روشن جون آهن . |
هُدًى وَبُشرىٰ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 2) |
هدايت ۽ خوشخبري مؤمنن جي لاءِ . |
الَّذينَ يُقيمونَ الصَّلوٰةَ وَيُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَهُم بِالءاخِرَةِ هُم يوقِنونَ (آيت : 3) |
جيڪي قائم ڪن ٿا نماز ۽ ڏين ٿا زڪواة ۽ اهي آخرت تي يقين رکن ٿا . |
إِنَّ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ زَيَّنّا لَهُم أَعمٰلَهُم فَهُم يَعمَهونَ (آيت : 4) |
بيشڪ اهي شخص جيڪي نه ٿا ايمان آڻين آخرت تي سينگاريا اسان انهن جي لاءِ اعمال انهن جا پوءِ حيران رهن ٿا . |
أُولٰئِكَ الَّذينَ لَهُم سوءُ العَذابِ وَهُم فِى الءاخِرَةِ هُمُ الأَخسَرونَ (آيت : 5) |
اهي ئي اهي آهن جو انهن جي لاءِ برو عذاب آهي ۽ اهي آخرت ۾ اهي ئي وڏي نقصان وارا آهن . |
وَإِنَّكَ لَتُلَقَّى القُرءانَ مِن لَدُن حَكيمٍ عَليمٍ (آيت : 6) |
۽ بيشڪ تون البته سيکاريو وڃين ٿو قرآن حڪمت واري، گهڻي ڄاڻندڙ وٽان . |
إِذ قالَ موسىٰ لِأَهلِهِ إِنّى ءانَستُ نارًا سَـٔاتيكُم مِنها بِخَبَرٍ أَو ءاتيكُم بِشِهابٍ قَبَسٍ لَعَلَّكُم تَصطَلونَ (آيت : 7) |
جڏهن چيو موسى پنهنجي اهل کي بلاشڪ مون ڏٺي آهي باهه جلد آڻيندس مان ان کان اوهان وٽ ڪا خبر يا آڻيندس اوهان وٽ ٻرندڙ ٽانڊو تانته اوهان پاڻ سيڪيو . |
فَلَمّا جاءَها نودِىَ أَن بورِكَ مَن فِى النّارِ وَمَن حَولَها وَسُبحٰنَ اللَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 8) |
پوءِ جڏهن آيو ان وٽ ته سڏيو ويو ته برڪت وڌو ويو اهو جيڪو باهه ۾ آهي ۽ جيڪو چوڌاري ان جي آهي ۽ پاڪائي الله رب العالمين جي آهي. |
يٰموسىٰ إِنَّهُ أَنَا اللَّهُ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 9) |
اي موسى! بيشڪ شان هي آهي ته مان الله، غالب، حڪمت وارو آهيان . |
وَأَلقِ عَصاكَ فَلَمّا رَءاها تَهتَزُّ كَأَنَّها جانٌّ وَلّىٰ مُدبِرًا وَلَم يُعَقِّب يٰموسىٰ لا تَخَف إِنّى لا يَخافُ لَدَىَّ المُرسَلونَ (آيت : 10) |
۽ اڇلاءِ لٺ پنهنجي پوءِ جڏهن ڏٺائين ان کي ته چُري پئي ڄڻ ته اها نانگ آهي ته ڀڳو پٺي ڏيندڙ ۽ نه پوئتي موٽيو اي موسى! نه ڊپ ڪر بيشڪ مان نه ٿا ڊڄن مون وٽ پيغمبر . |
إِلّا مَن ظَلَمَ ثُمَّ بَدَّلَ حُسنًا بَعدَ سوءٍ فَإِنّى غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 11) |
مگر جنهن ظلم ڪيو تنهن کان پوءِ مٽائي ڪيائين نيڪي برائيءَ کان پوءِ، پوءِ بيشڪ مان بخشڻهار، مهربان آهيان . |
وَأَدخِل يَدَكَ فى جَيبِكَ تَخرُج بَيضاءَ مِن غَيرِ سوءٍ فى تِسعِ ءايٰتٍ إِلىٰ فِرعَونَ وَقَومِهِ إِنَّهُم كانوا قَومًا فٰسِقينَ (آيت : 12) |
۽ داخل ڪر هٿ پنهنجو گريبان ۾ ته نڪرندو چمڪندڙ ٿي، سوا ءِ عيب جي نون .عجزن ۽ فرعون ۽ ان جي قوم ڏانهن بيشڪ اهي هئا قوم فاسق . |
فَلَمّا جاءَتهُم ءايٰتُنا مُبصِرَةً قالوا هٰذا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 13) |
پوءِ جڏهن آيون انهن وٽ اسان جون آيتون چٽيون ته چيائون هي جادو چٽو آهي . |
وَجَحَدوا بِها وَاستَيقَنَتها أَنفُسُهُم ظُلمًا وَعُلُوًّا فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُفسِدينَ (آيت : 14) |
۽ انڪار ڪيائون انهن جو ۽ يقين ڪيو انهن کي دلين انهن جي ظلم ۽ وڏائيءَ جي ڪري پوءِ ڏس ته ڪيئن هئي پڇاڙي فساد ڪندڙن جي. ع |
وَلَقَد ءاتَينا داوۥدَ وَسُلَيمٰنَ عِلمًا وَقالَا الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى فَضَّلَنا عَلىٰ كَثيرٍ مِن عِبادِهِ المُؤمِنينَ (آيت : 15) |
۽ البته تحقيق ڏنوسون داؤد ۽ سليمان کي علم ۽ چيائون ته سڀ ساراهه ثابت آهي الله جي لاءِ جنهن ڀلو بنايو اسان کي گهڻن کان ٻانهن پنهنجن مؤمنن مان . |
وَوَرِثَ سُلَيمٰنُ داوۥدَ وَقالَ يٰأَيُّهَا النّاسُ عُلِّمنا مَنطِقَ الطَّيرِ وَأوتينا مِن كُلِّ شَيءٍ إِنَّ هٰذا لَهُوَ الفَضلُ المُبينُ (آيت : 16) |
۽ وارث ٿيو سليمان داؤد جو ۽ چيائين ته اي انسانو! سيکاريا وياسون اسين ڳالهائڻ پکين جو ۽ ڏنا وياسون هر شيءِ مان بيشڪ هي البته اهائي ڀلائي پڌري آهي . |
وَحُشِرَ لِسُلَيمٰنَ جُنودُهُ مِنَ الجِنِّ وَالإِنسِ وَالطَّيرِ فَهُم يوزَعونَ (آيت : 17) |
۽ گڏ ڪيا ويا سليمان جي لاءِ ان جا لشڪر جنن مان ۽ ماڻهن مان ۽ پکين مان پوءِ اهي بيهاريا ٿي ويا . |
حَتّىٰ إِذا أَتَوا عَلىٰ وادِ النَّملِ قالَت نَملَةٌ يٰأَيُّهَا النَّملُ ادخُلوا مَسٰكِنَكُم لا يَحطِمَنَّكُم سُلَيمٰنُ وَجُنودُهُ وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 18) |
تانجو جڏهن آيا ڪِوِلِين جي واديءَ تي ته چيو هڪ ڪِوِلِ اي ڪِوِليون! داخل ٿيو ٻرڙن پنهنجن ۾ هرگز نه لتاڙي وجهن اوهان کي سليمان ۽ ان جو لشڪر ۽ اهي نه ٿا خبر رکن . |
فَتَبَسَّمَ ضاحِكًا مِن قَولِها وَقالَ رَبِّ أَوزِعنى أَن أَشكُرَ نِعمَتَكَ الَّتى أَنعَمتَ عَلَىَّ وَعَلىٰ وٰلِدَىَّ وَأَن أَعمَلَ صٰلِحًا تَرضىٰهُ وَأَدخِلنى بِرَحمَتِكَ فى عِبادِكَ الصّٰلِحينَ (آيت : 19) |
پوءِ مرڪيو کلندڙ ان جي قول کان ۽ چيائين اي منهنجا پالڻهار! توفيق ڏي مون کي هيءَ ته شڪر ڪيان تنهنجي نعمت جو جيڪا نعمت ڪئي آهي تو مون تي ۽ منهنجي پيءُ ماءُ تي ۽ هي جو ڪيان مان صالح عمل جو راضي ٿين تون ان کان ۽ داخل ڪر مون کي پنهنجيءَ رحمت سان پنهنجن ٻانهن صالحن ۾. |
وَتَفَقَّدَ الطَّيرَ فَقالَ ما لِىَ لا أَرَى الهُدهُدَ أَم كانَ مِنَ الغائِبينَ (آيت : 20) |
۽ جائزو ورتائين پکين جو پوءِ چيائين ڇا ٿيو آهي مون کي؟ جو نه ٿو ڏسان مان هدهد کي يا آهي غائبن مان؟ . |
لَأُعَذِّبَنَّهُ عَذابًا شَديدًا أَو لَأَا۟ذبَحَنَّهُ أَو لَيَأتِيَنّى بِسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 21) |
البته ضرور عذاب ڪندس مان ان کي عذاب ڏاڍو يا البته ضرور ڪهندس ان کي يا البته ضرور ايندو مون وٽ دليل چٽي سان . |
فَمَكَثَ غَيرَ بَعيدٍ فَقالَ أَحَطتُ بِما لَم تُحِط بِهِ وَجِئتُكَ مِن سَبَإٍ بِنَبَإٍ يَقينٍ (آيت : 22) |
پوءِ ترسيو نه گهڻو وقت پوءِ عرض ڪيائين ته احاطو ڪيم ان جو جونه احاطو ڪيو تو ان جو ۽ آيس مان تو وٽ سبا مان يقين واري خبر سان . |
إِنّى وَجَدتُ امرَأَةً تَملِكُهُم وَأوتِيَت مِن كُلِّ شَيءٍ وَلَها عَرشٌ عَظيمٌ (آيت : 23) |
تحقيق مون لڌو هڪ عورت کي جو بادشاهي ڪري پئي انهن تي ۽ ڏني وئي هر شيءِ مان ۽ ان جي لاءِ وڏو تخت آهي . |
وَجَدتُها وَقَومَها يَسجُدونَ لِلشَّمسِ مِن دونِ اللَّهِ وَزَيَّنَ لَهُمُ الشَّيطٰنُ أَعمٰلَهُم فَصَدَّهُم عَنِ السَّبيلِ فَهُم لا يَهتَدونَ (آيت : 24) |
لڌو مون ان کي ۽ ان جي قوم کي سجدو ڪن پيا سج کي الله کان سواءِ ۽ سينگاريا انهن لاءِ شيطان اعمال انهن جا پوءِ روڪيائين انهن کي (سڌيءَ) واٽ کان پوءِ اهي نه ٿا هدايت وارا ٿين . |
أَلّا يَسجُدوا لِلَّهِ الَّذى يُخرِجُ الخَبءَ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَيَعلَمُ ما تُخفونَ وَما تُعلِنونَ (آيت : 25) |
نه ٿا سجدو ڪن الله جي لاءِ جيڪو ڪڍي ٿو لڪل شي آسمانن مان ۽ زمين مان ۽ ڄاڻي ٿو اهو جيڪو لڪايو ٿا ۽ جيڪو ظاهر ڪيو ٿا . |
اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ رَبُّ العَرشِ العَظيمِ (آيت : 26) |
سچو معبود ناهي ڪو معبود سچو مگر اهو رب عرش وڏي جو . |
قالَ سَنَنظُرُ أَصَدَقتَ أَم كُنتَ مِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 27) |
فرمايائين ته جلد ڏسنداسون ته سچ چيو آهي تو يا آهين تون ڪوڙن مان . |
اذهَب بِكِتٰبى هٰذا فَأَلقِه إِلَيهِم ثُمَّ تَوَلَّ عَنهُم فَانظُر ماذا يَرجِعونَ (آيت : 28) |
کڻي وڃ خط منهنجو هي پوءِ اڇلاءِ ان کي انهن ڏانهن ان کان پوءِ منهن موڙ انهن کان پوءِ ڏس ته ڪهڙي ٿا موٽ ڏين. |
قالَت يٰأَيُّهَا المَلَؤُا۟ إِنّى أُلقِىَ إِلَىَّ كِتٰبٌ كَريمٌ (آيت : 29) |
چيائين ته: اي سردارو! بيشڪ مان پهچايو ويو مون ڏانهن خط عزت وارو . |
إِنَّهُ مِن سُلَيمٰنَ وَإِنَّهُ بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَٰنِ الرَّحِيمِ (آيت : 30) |
بيشڪ اهو سليمان جي طرفان آهي ۽ بيشڪ اهو (هي آهي ته) الله جي نالي سان شروع ڪيان ٿو جيڪو رحمان رحيم آهي . |
أَلّا تَعلوا عَلَىَّ وَأتونى مُسلِمينَ (آيت : 31) |
نه مٿاهان ٿيو مون کان ۽ اچو مون وٽ مسلمان ٿي . |
قالَت يٰأَيُّهَا المَلَؤُا۟ أَفتونى فى أَمرى ما كُنتُ قاطِعَةً أَمرًا حَتّىٰ تَشهَدونِ (آيت : 32) |
چيائين ته اي سردارو! مشورو ڏيو مون کي منهنجي امر ۾ ناهيان مان نبيريندڙ ڪو ڪم تانجو حاضر ٿيو اوهان مون وٽ . |
قالوا نَحنُ أُولوا قُوَّةٍ وَأُولوا بَأسٍ شَديدٍ وَالأَمرُ إِلَيكِ فَانظُرى ماذا تَأمُرينَ (آيت : 33) |
عرض ڪيائون ته اسين صاحب طاقت جا آهيون ۽ صاحب جنگ سخت جا ۽ امر تو وٽ آهي پوءِ غور ڪر ته ڪهڙو امر ڪرين ٿي . |
قالَت إِنَّ المُلوكَ إِذا دَخَلوا قَريَةً أَفسَدوها وَجَعَلوا أَعِزَّةَ أَهلِها أَذِلَّةً وَكَذٰلِكَ يَفعَلونَ (آيت : 34) |
چيائين ته بيشڪ بادشاهه جڏهن داخل ٿين ٿا ڪنهن ڳوٺ ۾ ته ويران ڪن ٿا ان کي ۽ ڪن ٿا عزت وارن رهاڪن ان جي کي ذليل ۽ اهڙي طرح ڪن ٿا . |
وَإِنّى مُرسِلَةٌ إِلَيهِم بِهَدِيَّةٍ فَناظِرَةٌ بِمَ يَرجِعُ المُرسَلونَ (آيت : 35) |
۽ بلاشڪ مان موڪليندڙ آهيان انهن ڏانهن هڪ تحفو پوءِ ڏسندڙ آهيان ته ڇا سان موٽن ٿا موڪليل . |
فَلَمّا جاءَ سُلَيمٰنَ قالَ أَتُمِدّونَنِ بِمالٍ فَما ءاتىٰنِۦَ اللَّهُ خَيرٌ مِمّا ءاتىٰكُم بَل أَنتُم بِهَدِيَّتِكُم تَفرَحونَ (آيت : 36) |
پوءِ جڏهن آيو سليمان وٽ ته فرمايائين ڇا مدد ڪيو ٿا منهنجي مال سان پوءِ جيڪو ڏنو مون کي الله ڀلو آهي ان کان جو ڏنائين اوهان کي بلڪه اوهان هديہ پنهنجي تي خوش ٿيو ٿا . |
ارجِع إِلَيهِم فَلَنَأتِيَنَّهُم بِجُنودٍ لا قِبَلَ لَهُم بِها وَلَنُخرِجَنَّهُم مِنها أَذِلَّةً وَهُم صٰغِرونَ (آيت : 37) |
موٽ انهن ڏانهن پوءِ البته ضرور آڻينداسون انهن وٽ اهڙا لشڪر جو ناهي طاقت مقابلي جي انهن کي انهن سان ۽ البته ضرور ڪڍنداسون اسين انهن کي ان مان ذليل ڪري ۽ اهي خوار ٿيندڙ هوندا . |
قالَ يٰأَيُّهَا المَلَؤُا۟ أَيُّكُم يَأتينى بِعَرشِها قَبلَ أَن يَأتونى مُسلِمينَ (آيت : 38) |
فرمايائين ته: اي سردارو! ڪهڙو اوهان مان آڻيندو مون وٽ ان جو تخت ان کان اڳي جو اچن مون وٽ مسلمان ٿي . |
قالَ عِفريتٌ مِنَ الجِنِّ أَنا۠ ءاتيكَ بِهِ قَبلَ أَن تَقومَ مِن مَقامِكَ وَإِنّى عَلَيهِ لَقَوِىٌّ أَمينٌ (آيت : 39) |
عرض ڪيو عفريت جنن مان ته مان آڻيندس تو وٽ اهو ان کان اڳي جو اٿين تون پنهنجيءَ جاءِ کان ۽ بيشڪ مان ان تي البته قوت وارو، امين آهيان . |
قالَ الَّذى عِندَهُ عِلمٌ مِنَ الكِتٰبِ أَنا۠ ءاتيكَ بِهِ قَبلَ أَن يَرتَدَّ إِلَيكَ طَرفُكَ فَلَمّا رَءاهُ مُستَقِرًّا عِندَهُ قالَ هٰذا مِن فَضلِ رَبّى لِيَبلُوَنى ءَأَشكُرُ أَم أَكفُرُ وَمَن شَكَرَ فَإِنَّما يَشكُرُ لِنَفسِهِ وَمَن كَفَرَ فَإِنَّ رَبّى غَنِىٌّ كَريمٌ (آيت : 40) |
چيو ان جو ان وٽ علم آهي ڪتاب جو ته مان آڻيندس تو وٽ اهو اڳي ان کان جو ڇنڀجي تو ڏانهن اک تنهنجي پوءِ جڏهن ڏٺائين ان کي قرار وٺندڙ ان وٽ ته چيائين هي فضل رب منهنجي جو آهي تانته آزمائي مون کي ته ڇا شڪر ڪيان ٿو مان يا بي شڪري ڪيان ٿو؟ ۽ جنهن شڪر ڪيو پوءِ شڪر ڪري ٿو پنهنجي سر (جي فائدي) لاءِ ۽ جنهن بي شڪري ڪئي پوءِ بيشڪ منهنجو رب غني، ڪريم آهي. |
قالَ نَكِّروا لَها عَرشَها نَنظُر أَتَهتَدى أَم تَكونُ مِنَ الَّذينَ لا يَهتَدونَ (آيت : 41) |
فرمايائين ته شڪل مٽايو ان جي لاءِ ان جي تخت جي ڏسون ته سڃاڻي ٿي يا ٿئي ٿي انهن مان جيڪي نه سڃاڻن . |
فَلَمّا جاءَت قيلَ أَهٰكَذا عَرشُكِ قالَت كَأَنَّهُ هُوَ وَأوتينَا العِلمَ مِن قَبلِها وَكُنّا مُسلِمينَ (آيت : 42) |
پوءِ جڏهن آئي ته چيو ويو ڇا هن طرح آهي تخت تنهنجو عرض ڪيائين ڄڻ ته اهوئي آهي ۽ ڏنا وياسون ڄاڻ ان کان اڳي ۽ هئاسون مڃيندڙ . |
وَصَدَّها ما كانَت تَعبُدُ مِن دونِ اللَّهِ إِنَّها كانَت مِن قَومٍ كٰفِرينَ (آيت : 43) |
۽ روڪيائين ان (بلقيس) کي انهن کان انهن جن جي عبادت ڪندي هئي الله کان سواءِ بلاشڪ اها هئي ڪافر قوم مان . |
قيلَ لَهَا ادخُلِى الصَّرحَ فَلَمّا رَأَتهُ حَسِبَتهُ لُجَّةً وَكَشَفَت عَن ساقَيها قالَ إِنَّهُ صَرحٌ مُمَرَّدٌ مِن قَواريرَ قالَت رَبِّ إِنّى ظَلَمتُ نَفسى وَأَسلَمتُ مَعَ سُلَيمٰنَ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 44) |
چيو ويو ان کي ته داخل ٿيءُ محل ۾ پوءِ جڏهن ڏٺائين ان کي ته سمجهيائين ان کي اونهو پاڻي ۽ ڪپڙو مٿي ڪيائين پنين پنهنجين تان چيائين ته بيشڪ اها محلات جڙيل آهي شيشن مان چيائين ته اي منهنجا پالڻهار! بيشڪ مون ظلم ڪيو پنهنجي سر تي ۽ اسلام قبول ڪيم سليمان سان گڏ الله جهانن جي پالڻهار جي لاءِ . |
وَلَقَد أَرسَلنا إِلىٰ ثَمودَ أَخاهُم صٰلِحًا أَنِ اعبُدُوا اللَّهَ فَإِذا هُم فَريقانِ يَختَصِمونَ (آيت : 45) |
۽ البته تحقيق موڪليو اسان ثمود ڏانهن سندن (نسب ۾) ڀاءُ صالح کي ته عبادت ڪيو الله جي پوءِ ان مهل اهي ٻه ٽولا ٿي جهڳڙو ڪن پيا . |
قالَ يٰقَومِ لِمَ تَستَعجِلونَ بِالسَّيِّئَةِ قَبلَ الحَسَنَةِ لَولا تَستَغفِرونَ اللَّهَ لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 46) |
فرمايائين ته اي منهنجي قوم! ڇا لاءِ تڪڙو گهرو ٿا عذاب چڱائيءَ کان اڳي ڇو نه ٿا مغفرت گهرو الله کان تانته اوهان رحم ڪيا وڃو . |
قالُوا اطَّيَّرنا بِكَ وَبِمَن مَعَكَ قالَ طٰئِرُكُم عِندَ اللَّهِ بَل أَنتُم قَومٌ تُفتَنونَ (آيت : 47) |
چيائون ته بري فال ورتي اسان توسان ۽ انهن سان جيڪي توسان گڏ آهن فرمايائين ته بري فال اوهان جي الله وٽان آهي بلڪ اوهان قوم فتني ۾ وڌل آهيو . |
وَكانَ فِى المَدينَةِ تِسعَةُ رَهطٍ يُفسِدونَ فِى الأَرضِ وَلا يُصلِحونَ (آيت : 48) |
۽ هئا شهر ۾ نوَ .خص جيڪي فساد ڪندا هئا زمين ۾ ۽ نه سڌارو ڪندا هئا . |
قالوا تَقاسَموا بِاللَّهِ لَنُبَيِّتَنَّهُ وَأَهلَهُ ثُمَّ لَنَقولَنَّ لِوَلِيِّهِ ما شَهِدنا مَهلِكَ أَهلِهِ وَإِنّا لَصٰدِقونَ (آيت : 49) |
چيائون قسم کڻي الله جو ته البته ضرور رات جو مارينداسون ان کي ۽ ان جي اهل کي تنهن کان پوءِ البته ضرور چونداسون وارث ان جي کي ته نه حاضر هئاسون اسين جاءِ هلاڪت اهل ان جي کي ۽ بيشڪ اسين البته سچا آهيون . |
وَمَكَروا مَكرًا وَمَكَرنا مَكرًا وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 50) |
۽ فريب ڪيائون هڪ قسم فريب ڪرڻ ۽ رٿ رٿي اسان به رٿ ۽ اهي نه پيا سمجهن . |
فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ مَكرِهِم أَنّا دَمَّرنٰهُم وَقَومَهُم أَجمَعينَ (آيت : 51) |
پوءِ ڏس ته ڪيئن هئي پڇاڙي انهن جي فريب جي بيشڪ اسان هلاڪ ڪيوسون انهن کي ۽ سندس سموري قوم کي . |
فَتِلكَ بُيوتُهُم خاوِيَةً بِما ظَلَموا إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 52) |
پوءِ اهي گهر انهن جا اجڙيل آهن ان سببان جو ظلم ڪيائون بيشڪ ان ۾ البته نشاني آهي ان قوم وارن لاءِ جيڪي ڄاڻن ٿا. |
وَأَنجَينَا الَّذينَ ءامَنوا وَكانوا يَتَّقونَ (آيت : 53) |
۽ ڇڏايوسين انهن کي جن ايمان آندو ۽ ڊڄندا هئا. |
وَلوطًا إِذ قالَ لِقَومِهِ أَتَأتونَ الفٰحِشَةَ وَأَنتُم تُبصِرونَ (آيت : 54) |
۽ لوط (کي ياد ڪر) جڏهن فرمايائين پنهنجي قوم کي ته ڇا ڪيو ٿا برو ڪم ۽ اوهان ڏسو پيا . |
أَئِنَّكُم لَتَأتونَ الرِّجالَ شَهوَةً مِن دونِ النِّساءِ بَل أَنتُم قَومٌ تَجهَلونَ (آيت : 55) |
ڇا اوهان بلاشڪ اچو ٿا مردن ڏانهن شهوة سان عورتن کان سواءِ بلڪ اوهان قوم آهيو جيڪي جهل ڪيو ٿا . |
فَما كانَ جَوابَ قَومِهِ إِلّا أَن قالوا أَخرِجوا ءالَ لوطٍ مِن قَريَتِكُم إِنَّهُم أُناسٌ يَتَطَهَّرونَ (آيت : 56) |
پوءِ نه هو جواب ان جي قوم جو مگر هيءُ جو چيائون ته ڪڍو اوهان لوط جي آل کي پنهنجي ڳوٺ مان بيشڪ اهي ماڻهو آهن جيڪي پاڪ هجڻ گهرن ٿا . |
فَأَنجَينٰهُ وَأَهلَهُ إِلَّا امرَأَتَهُ قَدَّرنٰها مِنَ الغٰبِرينَ (آيت : 57) |
پوءِ ڇڏايوسين ان کي ۽ ان جي اهل کي مگر زال ان جي فيصلي ۾ رکيو اسان ان کي پوئتي رهندڙن مان . |
وَأَمطَرنا عَلَيهِم مَطَرًا فَساءَ مَطَرُ المُنذَرينَ (آيت : 58) |
۽ وسايوسون انهن تي مينهن پوءِ بڇڙو هو مينهن ڊيڄاريلن جو. ع |
قُلِ الحَمدُ لِلَّهِ وَسَلٰمٌ عَلىٰ عِبادِهِ الَّذينَ اصطَفىٰ ءاللَّهُ خَيرٌ أَمّا يُشرِكونَ (آيت : 59) |
فرماءِ ته سڀ ساراهه الله جي لاءِ (ثابت) آهي ۽ سلام ان جي انهن ٻانهن تي آهي جيڪي برگزيدا بنايائين ڇا الله ڀلو آهي يا جن کي شريڪ بنائين ٿا؟ . |
أَمَّن خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَأَنزَلَ لَكُم مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَنبَتنا بِهِ حَدائِقَ ذاتَ بَهجَةٍ ما كانَ لَكُم أَن تُنبِتوا شَجَرَها أَءِلٰهٌ مَعَ اللَّهِ بَل هُم قَومٌ يَعدِلونَ (آيت : 60) |
اهو ڪير آهي جنهن پيدا ڪيا آسمان ۽ زمين ۽ لاٿائين اوهان جي لاءِ آسمان مان پاڻي پوءِ ڄماياسون ان سان باغ رونق وارا ناهي طاقت اوهان کي هيءَ جو ڄمايو وڻ انهن جا ڇا ڪو معبود آهي الله سان گڏ بلڪ اهي قوم آهن جيڪي ڏنگا هلن ٿا . |
أَمَّن جَعَلَ الأَرضَ قَرارًا وَجَعَلَ خِلٰلَها أَنهٰرًا وَجَعَلَ لَها رَوٰسِىَ وَجَعَلَ بَينَ البَحرَينِ حاجِزًا أَءِلٰهٌ مَعَ اللَّهِ بَل أَكثَرُهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 61) |
ڪير آهي جنهن ڪيو زمين کي قرار وارو ۽ ڪيائين انهن جي وچ ۾ نهرون ۽ ڪيائين ان تي مضبوط قائم رهندڙ (جبل) ۽ ڪيائين ٻن سمنڊن جي وچ ۾ اوٽ ڇا ڪو معبود آهي الله سان گڏ؟ بلڪ گهڻا انهن مان نه ٿا ڄاڻن . |
أَمَّن يُجيبُ المُضطَرَّ إِذا دَعاهُ وَيَكشِفُ السّوءَ وَيَجعَلُكُم خُلَفاءَ الأَرضِ أَءِلٰهٌ مَعَ اللَّهِ قَليلًا ما تَذَكَّرونَ (آيت : 62) |
ڇا ڪير آهي جيڪو قبول ٿو ڪري پريشان ٿيندڙ جي (دعا) جڏهن ان کان دعا گهري ۽ لاهي ٿو تڪليف ۽ بنائي ٿو اوهان کي جاءِ نشين زمين ۾ ڇا ڪو معبود آهي الله سان گڏ؟ ٿوري ٿا نصيحت وٺو . |
أَمَّن يَهديكُم فى ظُلُمٰتِ البَرِّ وَالبَحرِ وَمَن يُرسِلُ الرِّيٰحَ بُشرًا بَينَ يَدَى رَحمَتِهِ أَءِلٰهٌ مَعَ اللَّهِ تَعٰلَى اللَّهُ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 63) |
ڪير آهي جيڪو واٽ ڏيکاري ٿو اوهان کي پٽ جي اونداهين ۾ ۽ سمنڊ ۾ ۽ ڪير موڪلي ٿو هوائن کي خوشخبري ڏيندڙ اڳيان رحمت پنهنجي ڇا ڪو معبود آهي الله سان گڏ؟ برتر آهي الله انهن کان جن کي شريڪ بنائين ٿا . |
أَمَّن يَبدَؤُا۟ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ وَمَن يَرزُقُكُم مِنَ السَّماءِ وَالأَرضِ أَءِلٰهٌ مَعَ اللَّهِ قُل هاتوا بُرهٰنَكُم إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 64) |
ڇا ڪير آهي جيڪو نئون ٺاهي ٿو مخلوق کي تنهن کان پوءِ موٽائيندو ان کي؟ ۽ ڪير رزق ڏئي ٿو اوهان کي آسمان مان ۽ زمين مان ڇا ڪو معبود آهي الله سان گڏ؟ فرماءِ ته آڻيو دليل پنهنجو جيڪڏهن آهيو سچا. |
قُل لا يَعلَمُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ الغَيبَ إِلَّا اللَّهُ وَما يَشعُرونَ أَيّانَ يُبعَثونَ (آيت : 65) |
فرماءِ ته نه ٿو ڄاڻي اهو جيڪو آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ آهي غيب الله کان سواءِ ۽ نه ٿا سمجهن ته ڪڏهن اٿاريا ويندا . |
بَلِ ادّٰرَكَ عِلمُهُم فِى الءاخِرَةِ بَل هُم فى شَكٍّ مِنها بَل هُم مِنها عَمونَ (آيت : 66) |
بلڪ عاجز ٿيو علم انهن جو آخرت (جي باري) ۾ بلڪ اهي شڪ ۾ آهن ان کان بلڪ اهي ان کان انڌا آهن. ع |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا أَءِذا كُنّا تُرٰبًا وَءاباؤُنا أَئِنّا لَمُخرَجونَ (آيت : 67) |
۽ چيو انهن جن ڪفر ڪيو ته ڇا جڏهن هونداسين مٽي اسان ۽ اسان جا ابا ڏاڏا ڇا بلاشڪ اسين البت ڪڍيل آهيون . |
لَقَد وُعِدنا هٰذا نَحنُ وَءاباؤُنا مِن قَبلُ إِن هٰذا إِلّا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 68) |
البته تحقيق وعدو ڏنا وياسون هن کي اسين ۽ ابا ڏاڏا اسان جا اڳ ۾ ناهن هي مگر آکاڻيون پهرين جون . |
قُل سيروا فِى الأَرضِ فَانظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُجرِمينَ (آيت : 69) |
فرماءِ ته گهمو زمين ۾ پوءِ ڏسو ته ڪهڙي طرح هئي پڇاڙي مجرمن جي . |
وَلا تَحزَن عَلَيهِم وَلا تَكُن فى ضَيقٍ مِمّا يَمكُرونَ (آيت : 70) |
۽ نه غم ڪر انهن جو ۽ نه هج تنگيءَ ۾ ان کان جيڪي فريب ڪن ٿا . |
وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الوَعدُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 71) |
۽ چون ٿا ته ڪڏهن آهي هي وعدو جيڪڏهن آهيو سچا . |
قُل عَسىٰ أَن يَكونَ رَدِفَ لَكُم بَعضُ الَّذى تَستَعجِلونَ (آيت : 72) |
فرماءِ ته ويجهي آهي هيءَ ڳالهه جو هجي پٺيءَ تي پهتو اوهان کي بعض ان جو جيڪو تڪڙو گهرو ٿا . |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَذو فَضلٍ عَلَى النّاسِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَشكُرونَ (آيت : 73) |
۽ بيشڪ تنهنجو رب البته ڀلائيءَ جو صاحب آهي ماڻهن تي پر گهڻا انهن مان نه ٿا شڪر ڪن . |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَيَعلَمُ ما تُكِنُّ صُدورُهُم وَما يُعلِنونَ (آيت : 74) |
۽ بلاشڪ تنهنجو رب البته ڄاڻي ٿو اهو جيڪو لڪائين ٿا سينا انهن جا ۽ جيڪي ظاهر ڪن ٿا . |
وَما مِن غائِبَةٍ فِى السَّماءِ وَالأَرضِ إِلّا فى كِتٰبٍ مُبينٍ (آيت : 75) |
۽ ناهي ڪا لڪل شيءِ آسمان ۾ ۽ زمين ۾ مگر ڪتاب کليل ۾ آهي. |
إِنَّ هٰذَا القُرءانَ يَقُصُّ عَلىٰ بَنى إِسرٰءيلَ أَكثَرَ الَّذى هُم فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 76) |
بلاشڪ هي قرآن بيان ڪري ٿو بني اسرائيل تي گهڻيون اهي ڳالهيون جو اهي ان ۾ اختلاف ڪن ٿا . |
وَإِنَّهُ لَهُدًى وَرَحمَةٌ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 77) |
۽ بيشڪ اهو البته هدايت ۽ رحمت آهي مؤمنن جي لاءِ . |
إِنَّ رَبَّكَ يَقضى بَينَهُم بِحُكمِهِ وَهُوَ العَزيزُ العَليمُ (آيت : 78) |
بيشڪ تنهنجو رب فيصلو ڪندو انهن ۾ پنهنجي حڪم سان ۽ اهو غالب ڄاڻندڙ آهي . |
فَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ إِنَّكَ عَلَى الحَقِّ المُبينِ (آيت : 79) |
پوءِ الله تي توڪل ڪر بيشڪ تون روشن حق تي آهين . |
إِنَّكَ لا تُسمِعُ المَوتىٰ وَلا تُسمِعُ الصُّمَّ الدُّعاءَ إِذا وَلَّوا مُدبِرينَ (آيت : 80) |
بيشڪ تون نه ٿو ٻڌرائين مئلن کي ۽ نه ٿو ٻڌرائين ٻوڙن کي سڏ جڏهن ڦريا پٺي ڏيندڙ . |
وَما أَنتَ بِهٰدِى العُمىِ عَن ضَلٰلَتِهِم إِن تُسمِعُ إِلّا مَن يُؤمِنُ بِـٔايٰتِنا فَهُم مُسلِمونَ (آيت : 81) |
۽ ناهين تون رستو ڏيکاريندڙ انڌن جو گمراهيءَ انهن جي کان ۽ نه ٿو ٻڌرائين تون مگر انهن کي جيڪي ايمان آڻين ٿا اسان جي آيتن تي پوءِ اهي فرمانبردار آهن . |
وَإِذا وَقَعَ القَولُ عَلَيهِم أَخرَجنا لَهُم دابَّةً مِنَ الأَرضِ تُكَلِّمُهُم أَنَّ النّاسَ كانوا بِـٔايٰتِنا لا يوقِنونَ (آيت : 82) |
۽ جڏهن واقع ٿيو قول انهن تي ته ڪڍنداسون اسين انهن جي لاءِ هڪ چوپايو زمين مان جيڪو ڳالهائيندو انهن سان ته بيشڪ ماڻهو اسان جي آيتن تي يقين نه رکندا هئا. ع |
وَيَومَ نَحشُرُ مِن كُلِّ أُمَّةٍ فَوجًا مِمَّن يُكَذِّبُ بِـٔايٰتِنا فَهُم يوزَعونَ (آيت : 83) |
۽ جنهن ڏينهن اٿارينداسون هر امت مان فوج انهن مان جن ڪوڙو ڪيو آيتن اسان جن کي پوءِ اهي روڪيا ويندا . |
حَتّىٰ إِذا جاءو قالَ أَكَذَّبتُم بِـٔايٰتى وَلَم تُحيطوا بِها عِلمًا أَمّاذا كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 84) |
تانجو جڏهن ايندا ته فرمائيندو ڇا ڪوڙو ڪيو اوهان آيتن منهنجين کي ۽ نه گهيرو ڪيو اوهان ان جو علم سان يا ڇا آهي جيڪو ڪندا هيئو؟ . |
وَوَقَعَ القَولُ عَلَيهِم بِما ظَلَموا فَهُم لا يَنطِقونَ (آيت : 85) |
۽ واقع ٿيو قول انهن تي ان سببان جو ظلم ڪيائون پوءِ اهي نه ٿا ڳالهائي سگهن . |
أَلَم يَرَوا أَنّا جَعَلنَا الَّيلَ لِيَسكُنوا فيهِ وَالنَّهارَ مُبصِرًا إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 86) |
ڇا نه ڏٺائون ته بيشڪ اسان بنايوسون رات کي تانته آرام ڪن ان ۾ ۽ ڏينهن کي روشن بلاشڪ ان ۾ البته نشانيون آهن ان قوم جي لاءِ جيڪي ايمان آڻين ٿا. |
وَيَومَ يُنفَخُ فِى الصّورِ فَفَزِعَ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَمَن فِى الأَرضِ إِلّا مَن شاءَ اللَّهُ وَكُلٌّ أَتَوهُ دٰخِرينَ (آيت : 87) |
۽ جنهن ڏينهن ڦوڪ ڏني ويندي صور ۾ پوءِ گهٻرائيندا اهي جيڪي آسمانن ۾ آهن ۽ اهي جيڪي زمين ۾ آهن مگر جيڪو گهريو الله ۽ سڀ ايندا ان وٽ عاجزي ڪندڙ . |
وَتَرَى الجِبالَ تَحسَبُها جامِدَةً وَهِىَ تَمُرُّ مَرَّ السَّحابِ صُنعَ اللَّهِ الَّذى أَتقَنَ كُلَّ شَيءٍ إِنَّهُ خَبيرٌ بِما تَفعَلونَ (آيت : 88) |
۽ ڏسندين تون جبلن کي سمجهندين انهن کي هڪ جاءِ تي بيٺل حالانڪ اهي هلندا ڪڪرن جهڙو هلڻ ڪاريگري آهي الله جي جنهن مضبوط ڪئي هر شيءِ بلاشڪ اهو خبر رکندڙ آهي ان جي جيڪو ڪيو ٿا . |
مَن جاءَ بِالحَسَنَةِ فَلَهُ خَيرٌ مِنها وَهُم مِن فَزَعٍ يَومَئِذٍ ءامِنونَ (آيت : 89) |
جنهن آندي ڀلائي پوءِ ان لاءِ ڀلو آهي ان کان ۽ اهي ڊپ کان ان ڏينهن امن وارا هوندا . |
وَمَن جاءَ بِالسَّيِّئَةِ فَكُبَّت وُجوهُهُم فِى النّارِ هَل تُجزَونَ إِلّا ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 90) |
۽ جنهن آندي برائي پوءِ اونڌا ڪيا ويندا منهن انهن جا باهه ۾ ڇا سزا ڏنا ويندؤ مگر اها جيڪي ڪندا هيئو . |
إِنَّما أُمِرتُ أَن أَعبُدَ رَبَّ هٰذِهِ البَلدَةِ الَّذى حَرَّمَها وَلَهُ كُلُّ شَيءٍ وَأُمِرتُ أَن أَكونَ مِنَ المُسلِمينَ (آيت : 91) |
مان ته صرف هي امر ڪيو ويو آهيان ته عبادت ڪيان هن شهر جي رب جي جو عزت وارو بنايائين ان کي ۽ انهيءَ جي آهي هر شيءِ ۽ امر ڪيو ويس ته هجان مسلمانن مان . |
وَأَن أَتلُوَا۟ القُرءانَ فَمَنِ اهتَدىٰ فَإِنَّما يَهتَدى لِنَفسِهِ وَمَن ضَلَّ فَقُل إِنَّما أَنا۠ مِنَ المُنذِرينَ (آيت : 92) |
۽ هي ته تلاوت ڪيان قرآن پوءِ جيڪو هدايت وارو ٿيو پوءِ بيشڪ هدايت وارو ٿئي ٿو پنهنجي لاءِ ۽ جيڪو گمراهه ٿيو پوءِ فرماءِ ته بلاشڪ مان ڊيڄاريندڙن مان آهيان . |
وَقُلِ الحَمدُ لِلَّهِ سَيُريكُم ءايٰتِهِ فَتَعرِفونَها وَما رَبُّكَ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 93) |
۽ چؤ ته سڀ ساراهه الله جي لاءِ آهي جلد ڏيکاريندو اوهان کي نشانيون پنهنجون پوءِ سڃاڻندؤ انهن کي ۽ ناهي رب تنهنجو بي خبر ان کان جيڪي عمل ڪيو ٿا. ع |