طس تِلكَ ءايٰتُ القُرءانِ وَكِتابٍ مُبينٍ (آيت : 1) |
طا ــ سين. هي آيتون قرآن مجيد جون ۽ ان ڪتاب جون آهن (جيڪو) چٽيءَ طرح ڳالهين کي بيان ڪري ٿو. |
هُدًى وَبُشرىٰ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 2) |
ايمان وارن لاءِ هدايت جو ذريعو ۽ خوشخبري آهي. |
الَّذينَ يُقيمونَ الصَّلوٰةَ وَيُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَهُم بِالءاخِرَةِ هُم يوقِنونَ (آيت : 3) |
جيڪي نماز قائم ڪن ٿا، زڪوات ادا ڪن ٿا ۽ آخرت تي پختو يقين رکن ٿا. |
إِنَّ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ زَيَّنّا لَهُم أَعمٰلَهُم فَهُم يَعمَهونَ (آيت : 4) |
بيشڪ جيڪي ماڻهو آخرت تي ايمان نٿا رکن تن لاءِ ته انهن جي عملن کي سھڻو بنائي ڇڏيو آهي، تنهن ڪري اهي ڀٽڪندا وتن ٿا. |
أُولٰئِكَ الَّذينَ لَهُم سوءُ العَذابِ وَهُم فِى الءاخِرَةِ هُمُ الأَخسَرونَ (آيت : 5) |
انهن لاءِ تمام برو عذاب آهي ۽ وري آخرت ۾ اُهي وڏي نقصان وارا آهن. |
وَإِنَّكَ لَتُلَقَّى القُرءانَ مِن لَدُن حَكيمٍ عَليمٍ (آيت : 6) |
(اي نبيﷺ!) بيشڪ هي قرآن توکي وڏي حڪمت واري ۽ وڏي علم واري جي طرفان عطا ڪيو ويو آهي. |
إِذ قالَ موسىٰ لِأَهلِهِ إِنّى ءانَستُ نارًا سَـٔاتيكُم مِنها بِخَبَرٍ أَو ءاتيكُم بِشِهابٍ قَبَسٍ لَعَلَّكُم تَصطَلونَ (آيت : 7) |
جڏهن موسى ($) پنھنجي گهر وارن کي چيو ته توهان هتي ترسو مون باهه ڏٺي آهي، ٿي سگهي ٿو ته اُتان (صحيح رستي جي) خبر پئجي وڃي يا وري توهان جي لاءِ ڪو ٽانڊو کڻي اچان ته جيئن توهان هٿ (وغيره) سيڪيو. |
فَلَمّا جاءَها نودِىَ أَن بورِكَ مَن فِى النّارِ وَمَن حَولَها وَسُبحٰنَ اللَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 8) |
پوءِ هو جڏهن اتي پھتو ته آواز آيو ته ان تي برڪت هجي جيڪو هن باهه ۾ آهي ۽ جيڪو باهه جي چوڌاري آهي. الله تعالى پاڪ آهي جيڪو سڀني جھانن جو پاليندڙ آهي. |
يٰموسىٰ إِنَّهُ أَنَا اللَّهُ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 9) |
اي موسى! (ڊڄ نه) مان خود الله آهيان. زبردست حڪمت وارو آهيان. |
وَأَلقِ عَصاكَ فَلَمّا رَءاها تَهتَزُّ كَأَنَّها جانٌّ وَلّىٰ مُدبِرًا وَلَم يُعَقِّب يٰموسىٰ لا تَخَف إِنّى لا يَخافُ لَدَىَّ المُرسَلونَ (آيت : 10) |
تون پنھنجي لٺ اڇلاءِ پوءِ هُن لٺ کي ور وڪڙ کائيندي نانگ وانگر ڏٺو ته پويان پير ڪري وٺي ڀڳو ۽ پوئتي مڙي نهاريائين به نه. (اسان چيو ته) اي موسى! تون نه ڊڄ، بيشڪ مون وٽ رسول سڳورا ڊڄندا ئي نه آهن. |
إِلّا مَن ظَلَمَ ثُمَّ بَدَّلَ حُسنًا بَعدَ سوءٍ فَإِنّى غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 11) |
سواءِ انهن جي جن اڳ ڪو ظلم جو ڪم ڪيو هجي. پوءِ اُن برائي جي بدلي ۾ نيڪي آندي هجي ته بيشڪ مان وڏو بخشڻهار ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهيان. |
وَأَدخِل يَدَكَ فى جَيبِكَ تَخرُج بَيضاءَ مِن غَيرِ سوءٍ فى تِسعِ ءايٰتٍ إِلىٰ فِرعَونَ وَقَومِهِ إِنَّهُم كانوا قَومًا فٰسِقينَ (آيت : 12) |
۽ پنھنجي هٿ کي بغل ۾ وجهه هاڻي اِهو بغير ڪنھن تڪليف جي روشن ٿي نڪرندو. هي ٻه نشانيون آهن جيڪي نَوَن نشانين ۾ شامل آهن. هاڻي تون فرعون ۽ سندس قوم ڏانھن وڃ. بيشڪ اُهي وڏا گنهگار ماڻهو آهن. |
فَلَمّا جاءَتهُم ءايٰتُنا مُبصِرَةً قالوا هٰذا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 13) |
پوءِ جڏهن انهن وٽ اسان جون اکيون کوليندڙ نشانيون سامهون آيون ته چوڻ لڳا ته هي ته صفا جادو آهي. |
وَجَحَدوا بِها وَاستَيقَنَتها أَنفُسُهُم ظُلمًا وَعُلُوًّا فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُفسِدينَ (آيت : 14) |
۽ انهن ڏاڍ ۽ تڪبر سان انهن نشانين کي ٺڪرائي ڇڏيو. حالانڪه هو دل سان نشانين کي بلڪل صحيح سمجهن پيا. پوءِ ڏسو ته فساد ڦھلائيندڙن جو ڪھڙو انجام ٿيو؟ |
وَلَقَد ءاتَينا داوۥدَ وَسُلَيمٰنَ عِلمًا وَقالَا الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى فَضَّلَنا عَلىٰ كَثيرٍ مِن عِبادِهِ المُؤمِنينَ (آيت : 15) |
۽ اسان دائود ($) ۽ سليمان ($) کي علم عطا ڪيوسين. انهن (شڪر ادا ڪندي) چيو ته سڀ تعريفون الله تعالى جي لاءِ آهن جنھن اسان کي گهڻن ئي مؤمن ٻانهن تي فضيلت عطا ڪئي آهي. |
وَوَرِثَ سُلَيمٰنُ داوۥدَ وَقالَ يٰأَيُّهَا النّاسُ عُلِّمنا مَنطِقَ الطَّيرِ وَأوتينا مِن كُلِّ شَيءٍ إِنَّ هٰذا لَهُوَ الفَضلُ المُبينُ (آيت : 16) |
پوءِ سليمان ( $ )، دائود ($) جو جانشين ٿيو ۽ چيائين ته: اي انسانو! اسان کي پکين جي ٻولي سيکاري وئي آهي ۽ ان کان علاوهه به اسان کي هر شيءِ عطا ڪئي وئي آهي. بيشڪ اهو الله تعالى جو خاص فضل آهي. |
وَحُشِرَ لِسُلَيمٰنَ جُنودُهُ مِنَ الجِنِّ وَالإِنسِ وَالطَّيرِ فَهُم يوزَعونَ (آيت : 17) |
(هڪ ڏينهن) سليمان ($) لاءِ جنن، انسانن ۽ پکين جي لشڪر کي گڏ ڪري (کين سفر لاءِ ) ترتيب سان تيار ڪيو ويو. |
حَتّىٰ إِذا أَتَوا عَلىٰ وادِ النَّملِ قالَت نَملَةٌ يٰأَيُّهَا النَّملُ ادخُلوا مَسٰكِنَكُم لا يَحطِمَنَّكُم سُلَيمٰنُ وَجُنودُهُ وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 18) |
( پوءِ سفر ڪندي) جڏهن هو ڪِوِلِيُن جي علائقي ۾ پھتا ته هڪڙي ڪِوِل چيو ته: اي ڪِوِلِيو! پنھنجي ٻرڙن ۾ وڃي لڪو، ايئن نه ٿئي جو سليمان ($) ۽ ان جو لشڪر توهان کي بي خبري ۾ چيڀائي ڇڏي. |
فَتَبَسَّمَ ضاحِكًا مِن قَولِها وَقالَ رَبِّ أَوزِعنى أَن أَشكُرَ نِعمَتَكَ الَّتى أَنعَمتَ عَلَىَّ وَعَلىٰ وٰلِدَىَّ وَأَن أَعمَلَ صٰلِحًا تَرضىٰهُ وَأَدخِلنى بِرَحمَتِكَ فى عِبادِكَ الصّٰلِحينَ (آيت : 19) |
ان جي ان ڳالهه تي سليمان ($) مسڪرائي کلي ڏنو ۽ چيائين ته اي منھنجا پالڻھار! مون کي توفيق عطا فرماءِ ته جيئن آئون تنھنجي انهن نعمتن جو شڪر ادا ڪريان جيڪي تو منھنجي مٿان ۽ منھنجي ماءُ پيءُ جي مٿان ڪيون آهن ۽ (مون کي توفيق ڏي ته) مان اهڙا نيڪ عمل ڪريان جيڪي توکي پسند هجن ۽ مون کي پنھنجي رحمت سان نيڪ ٻانهن ۾ شامل فرماءِ. |
وَتَفَقَّدَ الطَّيرَ فَقالَ ما لِىَ لا أَرَى الهُدهُدَ أَم كانَ مِنَ الغائِبينَ (آيت : 20) |
هڪ ڀيري سليمان ($) پکين جي حاضري وٺندي چيو ته: ڇو ڀلا! مون کي هُدهُد (پکي) نظر نٿو اچي؟ ڇا هو غيرحاضر آهي؟ |
لَأُعَذِّبَنَّهُ عَذابًا شَديدًا أَو لَأَا۟ذبَحَنَّهُ أَو لَيَأتِيَنّى بِسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 21) |
مان کيس سخت سزا ڏيندس يا وري کيس ذبح ئي ڪري ڇڏيندس يا هو مون کي غيرحاضري جو مناسب سبب ٻڌائي. |
فَمَكَثَ غَيرَ بَعيدٍ فَقالَ أَحَطتُ بِما لَم تُحِط بِهِ وَجِئتُكَ مِن سَبَإٍ بِنَبَإٍ يَقينٍ (آيت : 22) |
ٿوري دير مَس گذري ته هُدهُد به اچي حاضر ٿيو ۽ چيائين ته: (سائين!) مان هڪ اهڙو منظر ڏسي آيو آهيان جنھن جي توهان کي به خبر نه آهي. مان توهان لاءِ سبا قوم جي پڪي خبر آندي آهي. |
إِنّى وَجَدتُ امرَأَةً تَملِكُهُم وَأوتِيَت مِن كُلِّ شَيءٍ وَلَها عَرشٌ عَظيمٌ (آيت : 23) |
بيشڪ مُون (اُتي) هڪ عورت کي ڏٺو جيڪا انهن جي مٿان حڪومت ڪري رهي آهي ۽ اُن کي هر قسم جي نعمت مليل آهي ۽ ان جو هڪ وڏو تخت به آهي. |
وَجَدتُها وَقَومَها يَسجُدونَ لِلشَّمسِ مِن دونِ اللَّهِ وَزَيَّنَ لَهُمُ الشَّيطٰنُ أَعمٰلَهُم فَصَدَّهُم عَنِ السَّبيلِ فَهُم لا يَهتَدونَ (آيت : 24) |
مون اُن عورت ۽ سندس قوم کي ڏٺو ته هو الله تعالى کي ڇڏي سج جي پوڄا ڪري رهيون هيون ۽ وري شيطان انهن جي هن ڪم کي سھڻو ڪري ڏيکاري کين صحيح رستي کان روڪي ڇڏيو آهي، تنھنڪري هو سڌو رستو نٿا وٺي سگهن. |
أَلّا يَسجُدوا لِلَّهِ الَّذى يُخرِجُ الخَبءَ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَيَعلَمُ ما تُخفونَ وَما تُعلِنونَ (آيت : 25) |
(اُهي ماڻهو) ان الله تعاليٰ کي سجدو ڇو نٿا ڪن جيڪو آسمانن ۽ زمين جي لڪيل شين کي ٻاهر ڪڍي ٿو؟ ۽ جيڪو ڪجهه توهان لڪايو ٿا يا ظاهر ڪريو ٿا، هو سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو. |
اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ رَبُّ العَرشِ العَظيمِ (آيت : 26) |
الله تعالى جي هستي اُها آهي جنھن کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ناهي. هو وڏي عرش جو مالڪ آهي. |
قالَ سَنَنظُرُ أَصَدَقتَ أَم كُنتَ مِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 27) |
سليمان ($) چيو ته هن ڳالهه کي ڏسي ٿا وٺون ته تون سچ ٿو چوين يا تون ڪوڙن مان آهين. |
اذهَب بِكِتٰبى هٰذا فَأَلقِه إِلَيهِم ثُمَّ تَوَلَّ عَنهُم فَانظُر ماذا يَرجِعونَ (آيت : 28) |
(چڱو) تون منھنجو هيءُ خط کڻي وڃ ۽ انهن جي اڳيان اڇلاءِ، پوءِ تون انهن کان ٿورو پرڀرو ٿي انتظار ڪجانءِ، پوءِ ڏس ته هو توکي ڪهڙي موٽ ٿا ڏين؟ |
قالَت يٰأَيُّهَا المَلَؤُا۟ إِنّى أُلقِىَ إِلَىَّ كِتٰبٌ كَريمٌ (آيت : 29) |
ان (راڻيءَ ) چيو ته: اي سردارو! بيشڪ مون ڏي هڪ عزت ڀريو خط ڪيرايو ويو آهي. |
إِنَّهُ مِن سُلَيمٰنَ وَإِنَّهُ بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَٰنِ الرَّحِيمِ (آيت : 30) |
اهو خط سليمان ($) جي طرفان آهي، بيشڪ اهو خط ”بسـم الله الرحمٰن الرحيم“ سان شروع ڪيو ويو آهي. |
أَلّا تَعلوا عَلَىَّ وَأتونى مُسلِمينَ (آيت : 31) |
(هن خط ۾ اسان ڏانھن پيغام آهي ته) توهان منھنجي مقابلي ۾ بغاوت نه ڪجو ۽ فرمانبردارن جي حيثيت ۾ منهنجي سامهون پيش ٿيو. |
قالَت يٰأَيُّهَا المَلَؤُا۟ أَفتونى فى أَمرى ما كُنتُ قاطِعَةً أَمرًا حَتّىٰ تَشهَدونِ (آيت : 32) |
(راڻيءَ وڌيڪ) چيو ته: اي سردارو! هن معاملي ۾ مون کي صلاح ڏيو ــ مان توهان جي صلاح کان بغير ڪوبه قدم نه کڻندي آهيان. |
قالوا نَحنُ أُولوا قُوَّةٍ وَأُولوا بَأسٍ شَديدٍ وَالأَمرُ إِلَيكِ فَانظُرى ماذا تَأمُرينَ (آيت : 33) |
سردارن چيو ته: (تون فڪر نه ڪر ڇوته) اسان وڏا طاقتور ۽ زبردست ويڙهاڪ ماڻهو آهيون. وڌيڪ توهان ئي سوچي ٻڌايو ته توهان کي اسان جي باري ۾ ڪھڙو حڪم ڏيڻو آهي؟ |
قالَت إِنَّ المُلوكَ إِذا دَخَلوا قَريَةً أَفسَدوها وَجَعَلوا أَعِزَّةَ أَهلِها أَذِلَّةً وَكَذٰلِكَ يَفعَلونَ (آيت : 34) |
(راڻيءَ) چيو ته (ڳالهه اها آهي ته) جڏهن به بادشاهه ڪنھن شھر ۾ (جنگ جي نيت سان) داخل ٿيندا آهن ته هو ان شھر کي مليا ميٽ ڪري ڇڏيندا آهن ۽ اتان جي عزت وارن ماڻهن کي ذليل ڪري ڇڏيندا آهن. انهن بادشاهن جو اِهوئي ڪم هوندو آهي. |
وَإِنّى مُرسِلَةٌ إِلَيهِم بِهَدِيَّةٍ فَناظِرَةٌ بِمَ يَرجِعُ المُرسَلونَ (آيت : 35) |
(مون اهو فيصلو ڪيو آهي ته) آ انهن ڏانھن (خط جي موٽ ۾) تحفا موڪليان ٿي پوءِ ڏسون ته قاصد ڪھڙو جواب کڻي اچن ٿا؟ |
فَلَمّا جاءَ سُلَيمٰنَ قالَ أَتُمِدّونَنِ بِمالٍ فَما ءاتىٰنِۦَ اللَّهُ خَيرٌ مِمّا ءاتىٰكُم بَل أَنتُم بِهَدِيَّتِكُم تَفرَحونَ (آيت : 36) |
پوءِ جڏهن قاصد سليمان ($) وٽ پھتو ته هُن کيس چيو ته ڇا توهان مون کي دنيا جو مال ڏيڻ چاهيو ٿا؟ مون کي الله تعالى توهان جي مال کان تمام بھتر مال ڏنو آهي، هي تحفا ڏيڻ تيتوهان خوش ٿي رهيا آهيو؟ |
ارجِع إِلَيهِم فَلَنَأتِيَنَّهُم بِجُنودٍ لا قِبَلَ لَهُم بِها وَلَنُخرِجَنَّهُم مِنها أَذِلَّةً وَهُم صٰغِرونَ (آيت : 37) |
تون ان (راڻيءَ) ڏي واپس وڃ (ٺيڪ آ) اسان انهن جي خلاف اهڙي فوجي ڪارروائي ڪنداسين جو انهن کي (اسان جي) فوج سان مقابلو ڪرڻ جي طاقت ئي نه ٿيندي ۽ اسان کين اهڙو ذليل ڪري ڪڍنداسون جو هو خوار ٿي (ماتحت ٿي) ويندا. |
قالَ يٰأَيُّهَا المَلَؤُا۟ أَيُّكُم يَأتينى بِعَرشِها قَبلَ أَن يَأتونى مُسلِمينَ (آيت : 38) |
سليمان ($) چيو ته: اي سردارو! توهان مان اهڙو ڪير آهي جيڪو ان راڻيءَ جو تخت سندس فرمانبردار ٿي پيش ٿيڻ کان اڳ ئي حاضر ڪري؟ |
قالَ عِفريتٌ مِنَ الجِنِّ أَنا۠ ءاتيكَ بِهِ قَبلَ أَن تَقومَ مِن مَقامِكَ وَإِنّى عَلَيهِ لَقَوِىٌّ أَمينٌ (آيت : 39) |
جنن مان هڪ طاقت ور جن چيو ته مان ايتري دير ۾ اهو تخت حاضر ڪندس جيتري دير ۾ توهان پنھنجي ويهڻ جي جاءِ تبديل ڪندا. بيشڪ مان ايماندار طاقت ور آهيان. |
قالَ الَّذى عِندَهُ عِلمٌ مِنَ الكِتٰبِ أَنا۠ ءاتيكَ بِهِ قَبلَ أَن يَرتَدَّ إِلَيكَ طَرفُكَ فَلَمّا رَءاهُ مُستَقِرًّا عِندَهُ قالَ هٰذا مِن فَضلِ رَبّى لِيَبلُوَنى ءَأَشكُرُ أَم أَكفُرُ وَمَن شَكَرَ فَإِنَّما يَشكُرُ لِنَفسِهِ وَمَن كَفَرَ فَإِنَّ رَبّى غَنِىٌّ كَريمٌ (آيت : 40) |
(انهيءَ محفل ۾ هڪ اهڙو شخص ويٺو هو) جنھن وٽ خاص ڪتاب جو علم هو. ان چيو ته مان ان تخت کي اک ڇنڀ ۾ توهان وٽ حاضر ڪندس (ايتري دير ۾ تخت اچي ويو) پوءِ جڏهن سليمان ($) پنھنجي سامهون تخت کي رکيل ڏٺو ته چيائين ته هي سڀ منھنجي پالڻھار جي مھرباني آهي ته جيئن هو مون کي آزمائي ڏسي ته مان شڪر ڪريان ٿو يا ناشڪري ڪريان ٿو. جيڪو ماڻهو شڪر ڪندو ته اهو پنھنجي لاءِ ئي ڪندو ۽ جيڪو ناشڪري ڪندو ته بيشڪ منھنجو پالڻھار بي پرواهه ۽ ڪرم ڪندڙ آهي. |
قالَ نَكِّروا لَها عَرشَها نَنظُر أَتَهتَدى أَم تَكونُ مِنَ الَّذينَ لا يَهتَدونَ (آيت : 41) |
سليمان ($) چيو ته هن تخت ۾ ٿوري گهڻي مَٽ سَٽ ڪري پوءِ هُن (راڻيءَ) جي سامهون آڻجو ته ڏسون ته هوءَ ان کي سڃاڻي به ٿي يا صفا بي خبرن مان ٿئي ٿي. |
فَلَمّا جاءَت قيلَ أَهٰكَذا عَرشُكِ قالَت كَأَنَّهُ هُوَ وَأوتينَا العِلمَ مِن قَبلِها وَكُنّا مُسلِمينَ (آيت : 42) |
پوءِ جڏهن راڻي آئي ته کيس چيو ويو ته ڇا تنھنجو تخت اهڙو ئي آهي؟ چيائين ته هي ڄڻ ته اهوئي آهي. اسان کي ته هن کان اڳ ئي معلوم ٿي ويو هو، تنھنڪري اسان اڳ ئي فرمانبرداري اختيار ڪري ورتي هئي. |
وَصَدَّها ما كانَت تَعبُدُ مِن دونِ اللَّهِ إِنَّها كانَت مِن قَومٍ كٰفِرينَ (آيت : 43) |
۽ سليمان ($) کيس الله تعالى کان سواءِ ٻين معبودن جي عبادت ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، ڇوته هن جو تعلق ڪافر قوم سان هو. |
قيلَ لَهَا ادخُلِى الصَّرحَ فَلَمّا رَأَتهُ حَسِبَتهُ لُجَّةً وَكَشَفَت عَن ساقَيها قالَ إِنَّهُ صَرحٌ مُمَرَّدٌ مِن قَواريرَ قالَت رَبِّ إِنّى ظَلَمتُ نَفسى وَأَسلَمتُ مَعَ سُلَيمٰنَ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 44) |
کيس چيو ويو ته محل ۾ داخل ٿيءُ. پوءِ جيئن ئي هُن محل جي فرش کي ڏٺو ته سمجهيائين ته هي ته ڪو پاڻي جو وڏو حوض آهي. سو پنھنجا پائنچا مٿي ڪري ڇڏيا. تنهن تي سليمان ($) چيس ته بيشڪ هي شيشي جو صفا لسو فرش آهي. ان تي چيائين ته اي منھنجا پالڻھار! (واقعي) مون پنھنجو پاڻ تي ظلم ڪري ڇڏيو (هاڻي) مان سليمان ($) سان گڏجي رب العالمين کي (دل سان) مڃي ورتو. |
وَلَقَد أَرسَلنا إِلىٰ ثَمودَ أَخاهُم صٰلِحًا أَنِ اعبُدُوا اللَّهَ فَإِذا هُم فَريقانِ يَختَصِمونَ (آيت : 45) |
۽ اسان ثمود قوم ڏانھن سندس ڀاءُ صالح ($) کي موڪليو ته جيئن اُهي الله تعالى جي عبادت ڪن ته انهن ۾ فوراً ٻه گروهه پيدا ٿي پيا جيڪي پاڻ ۾ جهڳڙو ڪرڻ لڳا. |
قالَ يٰقَومِ لِمَ تَستَعجِلونَ بِالسَّيِّئَةِ قَبلَ الحَسَنَةِ لَولا تَستَغفِرونَ اللَّهَ لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 46) |
صالح ($) چيو ته: اي منھنجي قوم! توهان ڀلائي ملڻ کان پھريائين برائي گهرڻ ۾ تڪڙ ڇوٿا ڪريو؟ ۽ الله تعالى کان معافي ڇو نٿا گهرو ته جيئن توهان تي رحم ڪيو وڃي؟ |
قالُوا اطَّيَّرنا بِكَ وَبِمَن مَعَكَ قالَ طٰئِرُكُم عِندَ اللَّهِ بَل أَنتُم قَومٌ تُفتَنونَ (آيت : 47) |
انهن چيو ته: اسان توکي ۽ تنھنجي پوئلڳن کي نڀاڳو سمجهون ٿا. صالح ($) چيو ته الله تعالى جي ويجهو ته توهان ئي نڀاڳا آهيو. هي ته توهان جي آزمائش ڪئي وڃي ٿي. |
وَكانَ فِى المَدينَةِ تِسعَةُ رَهطٍ يُفسِدونَ فِى الأَرضِ وَلا يُصلِحونَ (آيت : 48) |
اُن شھر ۾ نون ڄڻن تي مشتمل هڪ ٽولو هو جيڪو زمين ۾ اصلاح ڪرڻ بجاءِ فساد ڦھلائيندو وتندو هو. |
قالوا تَقاسَموا بِاللَّهِ لَنُبَيِّتَنَّهُ وَأَهلَهُ ثُمَّ لَنَقولَنَّ لِوَلِيِّهِ ما شَهِدنا مَهلِكَ أَهلِهِ وَإِنّا لَصٰدِقونَ (آيت : 49) |
انهن سڀني الله تعالى جو قسم کڻي چيو ته اسان صالح ($) ۽ سندس گهر وارن تي رات جي وقت حملو ڪنداسين پوءِ ان جي وارثن کي چونداسين ته اسان انهن جي مارجڻ وقت موجود ئي نه هئاسين. بيشڪ اسين پنھنجي ڳالهه ۾ بلڪل سچا آهيون. |
وَمَكَروا مَكرًا وَمَكَرنا مَكرًا وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 50) |
هنن پنھنجي ليکي منصوبا ٺاهيا هئا ۽ اسان به پنھنجي حساب سان منصوبه بندي ڪئي هئي جو کين بلڪل خبر ئي نه پئي. |
فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ مَكرِهِم أَنّا دَمَّرنٰهُم وَقَومَهُم أَجمَعينَ (آيت : 51) |
پوءِ ڏسو ته انهن جي منصوبن جو انجام ڇا ٿيو؟ بيشڪ اسان انهن کي ۽ سندن پوري قوم کي تباهه ڪري ڇڏيو. |
فَتِلكَ بُيوتُهُم خاوِيَةً بِما ظَلَموا إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 52) |
سو انهن جي ظلم جي ڪري (اڄ) سندن گهر اُجڙيل آهن. بيشڪ هن واقعي ۾ علم رکڻ وارن لاءِ وڏي نشاني آهي. |
وَأَنجَينَا الَّذينَ ءامَنوا وَكانوا يَتَّقونَ (آيت : 53) |
پوءِ اسان صرف انهن ماڻهن کي بچايو جن ايمان آندو ۽ پرهيزگاري اختيار ڪئي هئي. |
وَلوطًا إِذ قالَ لِقَومِهِ أَتَأتونَ الفٰحِشَةَ وَأَنتُم تُبصِرونَ (آيت : 54) |
۽ لوط ($) کي موڪليو. هُن جڏهن پنھنجي قوم کي چيو ته توهان ته ڏسي وائسي بيحيائي وارو ڪم ڪريو ٿا؟ |
أَئِنَّكُم لَتَأتونَ الرِّجالَ شَهوَةً مِن دونِ النِّساءِ بَل أَنتُم قَومٌ تَجهَلونَ (آيت : 55) |
توهان عورتن کي ڇڏي مردن سان قُرب ونڊيو ٿا توهان ته بلڪل جاهلن وارو ڪم ڪريو ٿا. |
فَما كانَ جَوابَ قَومِهِ إِلّا أَن قالوا أَخرِجوا ءالَ لوطٍ مِن قَريَتِكُم إِنَّهُم أُناسٌ يَتَطَهَّرونَ (آيت : 56) |
سندس قوم جو اهو (اڍنگو) جواب هو ته لوط ($) جي گهر وارن کي هتان نيڪالي ڏئي ڇڏيو. هي پاڻ کي وڏا پاڪباز ٿا سمجهن. |
فَأَنجَينٰهُ وَأَهلَهُ إِلَّا امرَأَتَهُ قَدَّرنٰها مِنَ الغٰبِرينَ (آيت : 57) |
پوءِ سواءِ ان جي گهر واريءَ جي اسان کيس ۽ باقي ٻين سڀني گهر وارن کي بچائي ورتو. اسان سندس گهر واري جو پوئتي رهڻ (اڳواٽ ئي) طئي ڪري ڇڏيو هو. |
وَأَمطَرنا عَلَيهِم مَطَرًا فَساءَ مَطَرُ المُنذَرينَ (آيت : 58) |
۽ انهن جي مٿان اسان زبردست قسم جو مينھن وسايو. جن کي اڳ ۾ ڊيڄاريو ويو هو تن جي مٿان اهو مينھن تمام بُرو ثابت ٿيو. |
قُلِ الحَمدُ لِلَّهِ وَسَلٰمٌ عَلىٰ عِبادِهِ الَّذينَ اصطَفىٰ ءاللَّهُ خَيرٌ أَمّا يُشرِكونَ (آيت : 59) |
(اي نبيﷺ!) چؤ ته سڀ تعريفون الله تعالى جي لاءِ ئي آهن، انهن ماڻهن تي سلام آهي جن کي هُن پسند فرمايو. (انهن کان پڇا ڪري وٺو ته) الله تعالى جي ذات بھتر آهي يا اُهي جن کي هي ماڻهو اُن سان گڏ شريڪ ڪن ٿا؟ |
أَمَّن خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَأَنزَلَ لَكُم مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَنبَتنا بِهِ حَدائِقَ ذاتَ بَهجَةٍ ما كانَ لَكُم أَن تُنبِتوا شَجَرَها أَءِلٰهٌ مَعَ اللَّهِ بَل هُم قَومٌ يَعدِلونَ (آيت : 60) |
اهو ڪير آهي جنھن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو ۽ توهان جي لاءِ آسمان مان پاڻي نازل ڪيو؟ پوءِ ان جي ذريعي اسان خوبصورت باغ اُپايا؟ توهان جي اندر وڻن کي اپائڻ جي طاقت ئي نه هئي. ڇا ان جي باوجود به الله تعالى سان گڏ ٻيو ڪو معبود آهي؟ بلڪه هي ماڻهو ته صفا حق کان ڀٽڪيل آهن. |
أَمَّن جَعَلَ الأَرضَ قَرارًا وَجَعَلَ خِلٰلَها أَنهٰرًا وَجَعَلَ لَها رَوٰسِىَ وَجَعَلَ بَينَ البَحرَينِ حاجِزًا أَءِلٰهٌ مَعَ اللَّهِ بَل أَكثَرُهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 61) |
ڪنھن زمين کي رهڻ جي لائق بنايو، ان جي وچ ۾ نهرون بنايون، ان ۾جبل کوڙيا ۽ ٻن سمنڊن جي وچ ۾ محسوس نه ٿيندڙ لڪيل پردا وجهي ڇڏيا؟ ڇا پوءِ به الله تعالى سان گڏ ٻيو ڪو معبود آهي؟ پر گهڻا ماڻهو ان ڳالهه کي ڄاڻن ئي نٿا. |
أَمَّن يُجيبُ المُضطَرَّ إِذا دَعاهُ وَيَكشِفُ السّوءَ وَيَجعَلُكُم خُلَفاءَ الأَرضِ أَءِلٰهٌ مَعَ اللَّهِ قَليلًا ما تَذَكَّرونَ (آيت : 62) |
ڪير آهي جيڪو بيقرار ماڻهوءَ جي دعا قبول ڪري ٿو؟ جڏهن هُو ان کي ئي سڏي ٿو ۽ ان جي تڪليف کي دور ڪري ٿو ۽ (ڪير آهي جيڪو) توهان کي زمين جي حڪمراني نصيب ڪري ٿو؟ ڇا پوءِ به الله تعالى سان گڏ ٻيو ڪو معبود آهي؟ توهان ماڻهو گهٽ ئي نصيحت وٺو ٿا. |
أَمَّن يَهديكُم فى ظُلُمٰتِ البَرِّ وَالبَحرِ وَمَن يُرسِلُ الرِّيٰحَ بُشرًا بَينَ يَدَى رَحمَتِهِ أَءِلٰهٌ مَعَ اللَّهِ تَعٰلَى اللَّهُ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 63) |
ڪير آهي جيڪو توهان کي خشڪي ۽ پاڻي جي انڌيرن ۾ صحيح رستو ڏيکاري ٿو؟ ڪير آهي جيڪو مينھن کان اڳ هوائن کي خوشخبري طور موڪلي ٿو؟ ڇا پوءِ به الله تعالى سان گڏ ٻيو ڪو معبود آهي؟ الله تعالى جي ذات تمام مٿانهين آهي، اُنهن کان جن کي توهان شريڪ ڪريو ٿا. |
أَمَّن يَبدَؤُا۟ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ وَمَن يَرزُقُكُم مِنَ السَّماءِ وَالأَرضِ أَءِلٰهٌ مَعَ اللَّهِ قُل هاتوا بُرهٰنَكُم إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 64) |
اهو ڪير آهي جيڪو مخلوق کي پھريون ڀيرو پيدا ڪري ٿو پوءِ ان کي وري ٻيھر پيدا ڪندو رهي ٿو؟ توهان کي آسمان ۽ زمين مان ڪير ٿو رزق پھچائي؟ ڇا پوءِ به الله تعالى سان گڏ ٻيو ڪو معبود آهي؟ چؤ ته جيڪڏهن توهان سچا آهيو ته (پنهنجي حق ۾) دليل پيش ڪريو. |
قُل لا يَعلَمُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ الغَيبَ إِلَّا اللَّهُ وَما يَشعُرونَ أَيّانَ يُبعَثونَ (آيت : 65) |
چؤ ته الله تعالى کان سواءِ آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي به رهندڙ آهن تن کي غيب (يعني ڳجهه ) جي خبر ئي نه آهي. کين اها به خبر نه آهي ته هو ڪڏهن ٻيھر جيئرو ڪري اٿاريا ويندا؟ |
بَلِ ادّٰرَكَ عِلمُهُم فِى الءاخِرَةِ بَل هُم فى شَكٍّ مِنها بَل هُم مِنها عَمونَ (آيت : 66) |
اصل حقيقت هي آهي ته آخرت جو علم انهن جي سمجهه کان چڙهيل آهي. بلڪه هو اُن جي اچڻ ۾ شڪ ۾ مبتلا آهن ۽ ان کان بلڪل انڌا ٿي چڪا آهن. |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا أَءِذا كُنّا تُرٰبًا وَءاباؤُنا أَئِنّا لَمُخرَجونَ (آيت : 67) |
ڪافر چون ٿا ته ڇا جڏهن اسان ۽ اسان جا ابا ڏاڏا مري مٽي ٿي وينداسين ته ڇا واقعي اسان کي (قبرن مان) ڪڍيو ويندو؟ |
لَقَد وُعِدنا هٰذا نَحنُ وَءاباؤُنا مِن قَبلُ إِن هٰذا إِلّا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 68) |
اهي وعدا ته اسان ۽ اسان جي ابن ڏاڏن سان شروع کان وٺي ڪيا ويا هئا (اسان کي ته) اُهي رڳو پراڻي دور جون ڪهاڻيون لڳن ٿيون. |
قُل سيروا فِى الأَرضِ فَانظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُجرِمينَ (آيت : 69) |
(انهن کي) چؤ ته توهان زمين ۾ گهمي ڦري ڏسو ته ڏوهاري ماڻهن جو ڪھڙو انجام ٿي چڪو آهي؟ |
وَلا تَحزَن عَلَيهِم وَلا تَكُن فى ضَيقٍ مِمّا يَمكُرونَ (آيت : 70) |
(اي نبيﷺ!) توهان اهڙن ماڻهن جو ڏک ئي نه ڪريو ۽ نه ئي انهن جي حرڪتن تي همت هاري ويهو. |
وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الوَعدُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 71) |
هو چون ٿا ته جيڪڏهن توهان سچا آهيو ته پوءِ اهو وعدو ڪڏهن پورو ٿيندو؟ |
قُل عَسىٰ أَن يَكونَ رَدِفَ لَكُم بَعضُ الَّذى تَستَعجِلونَ (آيت : 72) |
چؤ ته جنھن عذاب جي توهان ماڻهن تڪڙ لائي ڏني آهي، سو اهو توهان جي پويان اچڻ وارو ئي آهي. |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَذو فَضلٍ عَلَى النّاسِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَشكُرونَ (آيت : 73) |
۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ماڻهن تي وڏو مھربان آهي پر اُنهن مان گهڻا ماڻهو شڪر ادا نٿا ڪن. |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَيَعلَمُ ما تُكِنُّ صُدورُهُم وَما يُعلِنونَ (آيت : 74) |
انهن ماڻهن جا سينا جو ڪجهه لڪائين ٿا يا ظاهر ڪن ٿا تن کان تنھنجو پالڻھار خوب واقف آهي. |
وَما مِن غائِبَةٍ فِى السَّماءِ وَالأَرضِ إِلّا فى كِتٰبٍ مُبينٍ (آيت : 75) |
آسمان ۽ زمين ۾ اهڙي ڪابه شيءِ لڪيل نه آهي جنھن کي واضح ڪتاب ۾ درج نه ڪيو ويو هجي. |
إِنَّ هٰذَا القُرءانَ يَقُصُّ عَلىٰ بَنى إِسرٰءيلَ أَكثَرَ الَّذى هُم فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 76) |
بيشڪ هي قرآن بني اسرائيل کي ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون چٽي طرح ٻڌائي ٿو جنھن ۾ هو خود پاڻ ۾ اختلاف ڪري ويٺا آهن. |
وَإِنَّهُ لَهُدًى وَرَحمَةٌ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 77) |
بيشڪ هي قرآن ايمان آڻيندڙن لاءِ هدايت ۽ رحمت آهي. |
إِنَّ رَبَّكَ يَقضى بَينَهُم بِحُكمِهِ وَهُوَ العَزيزُ العَليمُ (آيت : 78) |
بيشڪ تنھنجو پالڻھار انهن سڀني جي وچ ۾ پنھنجي حڪم سان فيصلو ڪندو. بيشڪ اهوئي زبردست ۽ وڏي علم وارو آهي. |
فَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ إِنَّكَ عَلَى الحَقِّ المُبينِ (آيت : 79) |
بس! تون الله تعالى تي ڀروسو ڪندو رهه. بيشڪ تون ئي صفا حق تي آهين. |
إِنَّكَ لا تُسمِعُ المَوتىٰ وَلا تُسمِعُ الصُّمَّ الدُّعاءَ إِذا وَلَّوا مُدبِرينَ (آيت : 80) |
بيشڪ تون نه ته مئلن کي ۽ نه ئي ٻوڙن کي ٻڌائي سگهين ٿو جڏهن اهي پُٺي ڏئي ڦري وڃن. |
وَما أَنتَ بِهٰدِى العُمىِ عَن ضَلٰلَتِهِم إِن تُسمِعُ إِلّا مَن يُؤمِنُ بِـٔايٰتِنا فَهُم مُسلِمونَ (آيت : 81) |
۽ نه ئي تون انڌن کي گمراهي واري رستي کان هٽائي سڌي رستي تي آڻي سگهين ٿو. تون رڳو انهن ماڻهن کي ٻڌائي سگهين ٿو جيڪي اسان جي آيتن تي ايمان آڻي فرمانبرداري اختيار ڪندا آهن. |
وَإِذا وَقَعَ القَولُ عَلَيهِم أَخرَجنا لَهُم دابَّةً مِنَ الأَرضِ تُكَلِّمُهُم أَنَّ النّاسَ كانوا بِـٔايٰتِنا لا يوقِنونَ (آيت : 82) |
۽ جڏهن اسان جي وعدي جو وقت ايندو ته اسان انهن جي لاءِ زمين مان هڪ جانور ظاهر ڪنداسين جيڪو انهن سان ڳالهائيندو ۽ چوندو ته “ماڻهو اسان جي آيتن تي يقين نه ڪندا هئا.“ |
وَيَومَ نَحشُرُ مِن كُلِّ أُمَّةٍ فَوجًا مِمَّن يُكَذِّبُ بِـٔايٰتِنا فَهُم يوزَعونَ (آيت : 83) |
ان ڏينھن اسان هر امت مان هڪ وڏي گروهه کي پنھنجي آيتن جي انڪار سبب گڏ ڪنداسون پوءِ انهن جي درجي وار ترتيب ڪئي ويندي. |
حَتّىٰ إِذا جاءو قالَ أَكَذَّبتُم بِـٔايٰتى وَلَم تُحيطوا بِها عِلمًا أَمّاذا كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 84) |
جڏهن هو سڀ اچي حاضر ٿيندا ته الله تعالى فرمائيندو ته ڇا توهان منھنجي آيتن کي ڪوڙو ڪيو هو؟ حالانڪه انهن آيتن کي توهان چڱي طرح سمجهيو به نه هو. پوءِ اهو سڀ ڪجهه توهان ڇا ڪندا هئا؟ |
وَوَقَعَ القَولُ عَلَيهِم بِما ظَلَموا فَهُم لا يَنطِقونَ (آيت : 85) |
پوءِ مٿن سندن ظلم جي ڪري عذاب جو وعدو پورو بيھندو ۽ هو ٻِڙڪ به ڪڇي نه سگهندا. |
أَلَم يَرَوا أَنّا جَعَلنَا الَّيلَ لِيَسكُنوا فيهِ وَالنَّهارَ مُبصِرًا إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 86) |
ڇا انهن ماڻهن نه ڏٺو آهي ته بيشڪ اسان رات کي آرام حاصل ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ۽ ڏينھن کي وري روشن ڪري (روزي ڪمائڻ لاءِ) ٺاهيو آهي؟ بيشڪ ايمان آڻيندڙن لاءِ انهن ڳالهين ۾ وڏيون نشانيون آهن. |
وَيَومَ يُنفَخُ فِى الصّورِ فَفَزِعَ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَمَن فِى الأَرضِ إِلّا مَن شاءَ اللَّهُ وَكُلٌّ أَتَوهُ دٰخِرينَ (آيت : 87) |
۽ جنھن ڏينھن صور ۾ ڦوڪيو ويندو ته آسمانن ۽ زمين جي هرهڪ شيءِ خوفزده ٿي ويندي، سواءِ اُنهن جي جن کي الله تعالى باقي رکڻ چاهي ۽ انهن کانسواءِ باقي هرڪو ڪن ڪِيٽا ڪري اچي حاضر ٿيندو. |
وَتَرَى الجِبالَ تَحسَبُها جامِدَةً وَهِىَ تَمُرُّ مَرَّ السَّحابِ صُنعَ اللَّهِ الَّذى أَتقَنَ كُلَّ شَيءٍ إِنَّهُ خَبيرٌ بِما تَفعَلونَ (آيت : 88) |
تون جبلن کي ڏسين ٿو ته اُهي زمين ۾ مضبوط کتل آهن پر ان ڏينھن تون انهن کي ڪڪرن وانگر هلندي ڏسندين. اها آهي الله تعالى جي جوڙ، جنھن هر شيءِ کي انتھائي توازن (۽ برابري) ۾ قائم رکيو آهي. بيشڪ توهان جيڪو به عمل ڪريو ٿا الله تعالى کي ان جي سڀ خبر آهي. |
مَن جاءَ بِالحَسَنَةِ فَلَهُ خَيرٌ مِنها وَهُم مِن فَزَعٍ يَومَئِذٍ ءامِنونَ (آيت : 89) |
جيڪو ماڻهو نيڪي کڻي ايندو ته ان جي لاءِ ان کان به وڌيڪ بھتر بدلو هوندو. اُن ڏينھن اهي ئي ماڻهو گهٻراهٽ کان بچيل هوندا. |
وَمَن جاءَ بِالسَّيِّئَةِ فَكُبَّت وُجوهُهُم فِى النّارِ هَل تُجزَونَ إِلّا ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 90) |
۽ جيڪو ماڻهو برائي کڻي ايندو ته انهن کي اونڌو ڪري باهه ۾ اڇلايو ويندو (چيو ويندو ته) اوهين دنيا ۾ جيڪو ڪجهه ڪندا هئا ان جو بدلو ان کان سواءِ ٻيو ڪو آهي؟ |
إِنَّما أُمِرتُ أَن أَعبُدَ رَبَّ هٰذِهِ البَلدَةِ الَّذى حَرَّمَها وَلَهُ كُلُّ شَيءٍ وَأُمِرتُ أَن أَكونَ مِنَ المُسلِمينَ (آيت : 91) |
بيشڪ مون کي ته هي حڪم ڏنو ويو آهي ته مان رڳو هن شھر (مڪي پاڪ) جي پالڻھار جي عبادت ڪريان، جنھن هن کي وڏي عزت بخشي آهي ۽ هر شيءِ ان جي ئي آهي ۽ مون کي حڪم ڏنو ويو آهي ته مان فرمانبردار ٻانهن مان ٿي رهان. |
وَأَن أَتلُوَا۟ القُرءانَ فَمَنِ اهتَدىٰ فَإِنَّما يَهتَدى لِنَفسِهِ وَمَن ضَلَّ فَقُل إِنَّما أَنا۠ مِنَ المُنذِرينَ (آيت : 92) |
۽ مون کي قرآن مجيد جي تلاوت ڪرڻ جو به حڪم ٿيل آهي. پوءِ جيڪو شخص هدايت وارو رستو وٺندو ته بيشڪ اهو پنھنجي فائدي لاءِ ئي هدايت وارو رستو وٺندو ۽ جيڪو شخص گمراهه ٿيندو پوءِ تون انهن کي چؤ ته مان ته رڳو خبردار ڪندڙ آهيان. |
وَقُلِ الحَمدُ لِلَّهِ سَيُريكُم ءايٰتِهِ فَتَعرِفونَها وَما رَبُّكَ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 93) |
(اي نبيﷺ!) چؤ ته سڀ تعريفون الله تعالى جي لاءِ ئي آهن، هو توهان کي جلد پنهنجون نشانيون ڏيکاريندو، جن کي توهان آساني سان سڃاڻي ويندا. توهان جيڪو ڪجهه ڪريو ٿا تنھنجو پالڻھار ان کان غافل نه آهي. |