طس تِلكَ ءايٰتُ القُرءانِ وَكِتابٍ مُبينٍ (آيت : 1) |
ط-س- هي آهن آيتون قرآن ۽ (ان) ڪتاب جون جيڪو پڌرو آهي |
هُدًى وَبُشرىٰ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 2) |
هدايت ۽ خوشخبري ڏيڻ ۾ ايمان وارن جي لاءِ |
الَّذينَ يُقيمونَ الصَّلوٰةَ وَيُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَهُم بِالءاخِرَةِ هُم يوقِنونَ (آيت : 3) |
جيڪي قائم ڪن ٿا نماز ۽ ادا ڪن ٿا زڪواة، ۽ اهي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي آخرت تي پورو يقين رکن ٿا |
إِنَّ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ زَيَّنّا لَهُم أَعمٰلَهُم فَهُم يَعمَهونَ (آيت : 4) |
حقيقت اها آهي ته جيڪي ماڻهو نٿا مڃين آخرت کي، تن جي لاءِ اسان سهڻو بڻايو آهي سندن ڪرتوتن کي، تنهن ڪري اهي ڀٽڪندا ٿا وتن |
أُولٰئِكَ الَّذينَ لَهُم سوءُ العَذابِ وَهُم فِى الءاخِرَةِ هُمُ الأَخسَرونَ (آيت : 5) |
هي ئي اهي ماڻهو آهن جن جي لاءِ بنهه بري سزا آهي، ۽ اهي ئي آخرت ۾ سڀني کان وڌيڪ خساري ۾ رهڻ وارا آهن |
وَإِنَّكَ لَتُلَقَّى القُرءانَ مِن لَدُن حَكيمٍ عَليمٍ (آيت : 6) |
۽ (اي نبي!) بيشڪ تون حاصل ڪري رهيو آهين هي قرآن هڪ اهڙي هستيءَ طرفان جيڪا حڪمت واري ڄاڻندڙ آهي |
إِذ قالَ موسىٰ لِأَهلِهِ إِنّى ءانَستُ نارًا سَـٔاتيكُم مِنها بِخَبَرٍ أَو ءاتيكُم بِشِهابٍ قَبَسٍ لَعَلَّكُم تَصطَلونَ (آيت : 7) |
جڏهن (کين اهو قصو ٻڌاءِ) موسيٰ پنهنجي گهر وارن کي چيو ته، مون کي هڪ باهه ڏسڻ ۾ پئي اچي، آئون اجهو ٿو اتان ڪا خبر آڻيان يا ڪو ٽانڊو کڻي اچان ٿو، جيئن توهان گرم ٿي سگهو |
فَلَمّا جاءَها نودِىَ أَن بورِكَ مَن فِى النّارِ وَمَن حَولَها وَسُبحٰنَ اللَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 8) |
پوءِ اتي هو جڏهن پهتو ته آواز آيو، برڪت وارو آهي اهو جيڪو هن باهه ۾ آهي ۽ جيڪو هن ماحول ۾ آهي، ۽ پاڪ آهي الله جيڪو سڀني جهانن جو پالڻهار آهي |
يٰموسىٰ إِنَّهُ أَنَا اللَّهُ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 9) |
اي موسي! اهو آئون الله آهيان زبردست ۽ حڪمت وارو |
وَأَلقِ عَصاكَ فَلَمّا رَءاها تَهتَزُّ كَأَنَّها جانٌّ وَلّىٰ مُدبِرًا وَلَم يُعَقِّب يٰموسىٰ لا تَخَف إِنّى لا يَخافُ لَدَىَّ المُرسَلونَ (آيت : 10) |
۽ اڇل تون پنهنجي لٺ کي، جڏهن هن (موسيٰ) ڏٺو ته اها لٺ نانگ وانگر وٽجي رهي آهي ته پٺي ڏئي ڀڳو، ۽ پوئتي مڙي به نه ڏٺائين. اي موسيٰ ڊڄ نه، بيشڪ منهنجي حضور ۾ ڊڄندا نه آهن رسول |
إِلّا مَن ظَلَمَ ثُمَّ بَدَّلَ حُسنًا بَعدَ سوءٍ فَإِنّى غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 11) |
سواءِ ان جي ته ڪنهن قصور ڪيو هجي پوءِ جي هن ڀلائي سان پنهنجو عمل بدليو ته آئون معاف ڪندڙ مهربان آهيان |
وَأَدخِل يَدَكَ فى جَيبِكَ تَخرُج بَيضاءَ مِن غَيرِ سوءٍ فى تِسعِ ءايٰتٍ إِلىٰ فِرعَونَ وَقَومِهِ إِنَّهُم كانوا قَومًا فٰسِقينَ (آيت : 12) |
۽ وجهه پنهنجو هٿ پنهنجي بغل ۾، چمڪندو نڪرندو بنا ڪنهن تڪليف جي، اهي ٻه نشانيون آهن نون نشانين مان، اهي فرعون ۽ سندس قوم ڏي کڻي وڃ، اهي (ماڻهو) وڏا بدڪار آهن |
فَلَمّا جاءَتهُم ءايٰتُنا مُبصِرَةً قالوا هٰذا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 13) |
پوءِ جڏهن اسان جون چٽيون نشانيون انهن جي آڏو آيون ته انهن چيو، هي ته سڌو سنئون جادو آهي |
وَجَحَدوا بِها وَاستَيقَنَتها أَنفُسُهُم ظُلمًا وَعُلُوًّا فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُفسِدينَ (آيت : 14) |
۽ انهن انڪار ڪيو انهن نشانين جو وڏائيءَ سان، جڏهن ته سندن دلين انهن کي مڃي ورتو هو، پوءِ ڏسو ته پڇاڙي ڪهڙي ٿي انهن فسادين جي |
وَلَقَد ءاتَينا داوۥدَ وَسُلَيمٰنَ عِلمًا وَقالَا الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى فَضَّلَنا عَلىٰ كَثيرٍ مِن عِبادِهِ المُؤمِنينَ (آيت : 15) |
۽ (ٻئي طرف) اسان عطا ڪيو دائود ۽ سليمان کي علم، ۽ انهن چيو ته شڪر آهي ان الله جو، جنهن اسان کي فضيلت ڏني ڪيترن ئي پنهنجن مؤمن ٻانهن تي |
وَوَرِثَ سُلَيمٰنُ داوۥدَ وَقالَ يٰأَيُّهَا النّاسُ عُلِّمنا مَنطِقَ الطَّيرِ وَأوتينا مِن كُلِّ شَيءٍ إِنَّ هٰذا لَهُوَ الفَضلُ المُبينُ (آيت : 16) |
۽ وارث ٿيو سليمان دائود جو، ۽ هن چيو، اي انسانؤ! اسان کي سيکاريون ويون آهن پکين جون ٻوليون ۽ عطا ڪيون ويون آهن ڪيتريون ئي شيون، بيشڪ هي (الله جو) فضل آهي پڌرو (سڌو سنئون) |
وَحُشِرَ لِسُلَيمٰنَ جُنودُهُ مِنَ الجِنِّ وَالإِنسِ وَالطَّيرِ فَهُم يوزَعونَ (آيت : 17) |
۽ گڏ ڪيا ويا هئا سليمان جي لاءِ لشڪر جنن ۽ انسانن ۽ پکين جا، ۽ اهي پوري ضبط ۾ رکيا ويا |
حَتّىٰ إِذا أَتَوا عَلىٰ وادِ النَّملِ قالَت نَملَةٌ يٰأَيُّهَا النَّملُ ادخُلوا مَسٰكِنَكُم لا يَحطِمَنَّكُم سُلَيمٰنُ وَجُنودُهُ وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 18) |
(هڪ ڀيري هو انهن سان گڏ پئي ويو) جڏهن اهي وادي ڪيولين جي ۾ پهتا، ته هڪ ڪيولي چيو، اي ڪيوليؤ! گِهڙي وڃو پنهنجي ٻرن ۾، ڪٿي ائين نه ٿئي جو سليمان ۽ سندس لشڪر توهان کي لتاڙي ۽ کين پتو به نه پوي |
فَتَبَسَّمَ ضاحِكًا مِن قَولِها وَقالَ رَبِّ أَوزِعنى أَن أَشكُرَ نِعمَتَكَ الَّتى أَنعَمتَ عَلَىَّ وَعَلىٰ وٰلِدَىَّ وَأَن أَعمَلَ صٰلِحًا تَرضىٰهُ وَأَدخِلنى بِرَحمَتِكَ فى عِبادِكَ الصّٰلِحينَ (آيت : 19) |
پوءِ کلي ڏنو (سليمان) انهن جي ڳالهه تي ۽ چيو، اي منهنجا رب! مون کي قابو ۾ رک، جو آئون شڪر ادا ڪندو رهان تنهنجي هن نعمت جو، جيڪو تو مون تي ۽ منهنجي والدين تي ڪيو آهي ۽ اهڙو نيڪ عمل ڪيان جيڪو توکي وڻي ۽ مون کي داخل ڪر پنهنجي رحمت سان پنهنجي صالح ٻانهن ۾ |
وَتَفَقَّدَ الطَّيرَ فَقالَ ما لِىَ لا أَرَى الهُدهُدَ أَم كانَ مِنَ الغائِبينَ (آيت : 20) |
(هڪ ٻئي موقعي تي) ۽ جائزو ورتو پکين جو پوءِ (سليمان) چيو، ڇا ڳالهه آهي جو آئون هدهد کي نه پيو ڏسان، ڇا اهو ڪٿي غائب ٿي ويو آهي؟ |
لَأُعَذِّبَنَّهُ عَذابًا شَديدًا أَو لَأَا۟ذبَحَنَّهُ أَو لَيَأتِيَنّى بِسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 21) |
آئون ان کي سخت سزا ڏيندس يا وري ڪهي ڇڏيندس نه ته ان کي منهنجي آڏو معقول سبب ڏيڻو پوندو |
فَمَكَثَ غَيرَ بَعيدٍ فَقالَ أَحَطتُ بِما لَم تُحِط بِهِ وَجِئتُكَ مِن سَبَإٍ بِنَبَإٍ يَقينٍ (آيت : 22) |
پوءِ ڪا گهڙي ڪانه گذري جو هن اچي چيو، مون اها معلومات حاصل ڪئي آهي جيڪا تنهنجي علم ۾ ڪانهي، آئون سبا جي باري ۾ يقيني خبر کڻي آيو آهيان |
إِنّى وَجَدتُ امرَأَةً تَملِكُهُم وَأوتِيَت مِن كُلِّ شَيءٍ وَلَها عَرشٌ عَظيمٌ (آيت : 23) |
مون بيشڪ ڏٺي آهي هڪ عورت جيڪا ان قوم تي حڪومت ڪري رهي آهي ان کي هر قسم جو سامان بخشيو ويو آهي ۽ ان جو تخت عظيم الشان آهي |
وَجَدتُها وَقَومَها يَسجُدونَ لِلشَّمسِ مِن دونِ اللَّهِ وَزَيَّنَ لَهُمُ الشَّيطٰنُ أَعمٰلَهُم فَصَدَّهُم عَنِ السَّبيلِ فَهُم لا يَهتَدونَ (آيت : 24) |
مون ڏٺو ته پاڻ ۽ سندس قوم سجدو ڪري ٿي سج جي اڳيان الله کان سواءِ، ۽ سينگاريا آهن انهن جي لاءِ شيطان سندن عمل ۽ کين روڪي ڇڏيو آهي حق جي راهه کان تنهن ڪري اهي سڌي واٽ نٿا لهن |
أَلّا يَسجُدوا لِلَّهِ الَّذى يُخرِجُ الخَبءَ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَيَعلَمُ ما تُخفونَ وَما تُعلِنونَ (آيت : 25) |
جو سجدو ڪن ان الله کي جيڪو پڌريون ڪندو آهي ڳجهيون شيون آسمانن ۽ زمين جون ۽ ڄاڻندو آهي اهو سڀڪجهه جنهن کي توهان ماڻهو لڪايو ۽ ظاهر ڪريو ٿا |
اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ رَبُّ العَرشِ العَظيمِ (آيت : 26) |
الله کان سواءِ ڪوبه عبادت جو حقدار ناهي جيڪو وڏي عرش جو مالڪ آهي |
قالَ سَنَنظُرُ أَصَدَقتَ أَم كُنتَ مِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 27) |
(سليمان) چيو، هاڻي ئي اسين ڏسي ٿا وٺون ته تو سچ چيو آهي يا تون آهين ڪوڙ ڳالهائڻ وارن مان؟ |
اذهَب بِكِتٰبى هٰذا فَأَلقِه إِلَيهِم ثُمَّ تَوَلَّ عَنهُم فَانظُر ماذا يَرجِعونَ (آيت : 28) |
کڻي وڃ منهنجو هي خط ۽ اهو اڇل انهن ماڻهن ڏانهن ۽ پوءِ پوئتي هٽي انهن کي ڏس ته اهي ڪهڙو خيال ٿا ظاهر ڪن؟ |
قالَت يٰأَيُّهَا المَلَؤُا۟ إِنّى أُلقِىَ إِلَىَّ كِتٰبٌ كَريمٌ (آيت : 29) |
(ملڪه) چيو، اي درٻار وارؤ! مون ڏانهن اڇليو ويو آهي هڪ وڏو اهم خط |
إِنَّهُ مِن سُلَيمٰنَ وَإِنَّهُ بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَٰنِ الرَّحِيمِ (آيت : 30) |
اهو سليمان جي طرفان آهي ۽ اهو شروع ڪيو ويو آهي الله رحمٰن رحيم جي نالي سان |
أَلّا تَعلوا عَلَىَّ وَأتونى مُسلِمينَ (آيت : 31) |
(مضمون هي آهي ته) سرڪشي نه ڪريو ۽ حاضر ٿي وڃو مون وٽ مسلمان ٿي |
قالَت يٰأَيُّهَا المَلَؤُا۟ أَفتونى فى أَمرى ما كُنتُ قاطِعَةً أَمرًا حَتّىٰ تَشهَدونِ (آيت : 32) |
(خط ٻڌائي) ملڪه چيو، اي قوم جا سردارؤ! منهنجي انهيءَ معاملي ۾ مون کي صلاح ڏيو، آئون ته ڪنهن به معاملي ۾ توهان کان سواءِ فيصلو نه ڪندي آهيان |
قالوا نَحنُ أُولوا قُوَّةٍ وَأُولوا بَأسٍ شَديدٍ وَالأَمرُ إِلَيكِ فَانظُرى ماذا تَأمُرينَ (آيت : 33) |
هنن جواب ڏنو، اسان طاقتور هئڻ سان گڏ، هي به ته اسين وڙهڻ وارا آهيون ۽ وڌيڪ هي ته فيصلو توهان جي هٿ ۾ آهي، پاڻ ڏسو ته توهان کي ڪهڙو حڪم ڏيڻو آهي |
قالَت إِنَّ المُلوكَ إِذا دَخَلوا قَريَةً أَفسَدوها وَجَعَلوا أَعِزَّةَ أَهلِها أَذِلَّةً وَكَذٰلِكَ يَفعَلونَ (آيت : 34) |
ملڪه چيو، بيشڪ جڏهن به بادشاهه ڪنهن ملڪ تي ڪاهيندا آهن ته ان کي خراب ۽ ان جي معززن کي (۽ رهاڪن کي) بنهه ذليل ڪندا آهن ۽ اهو ئي ته ڪجهه اهي ڪندا آهن |
وَإِنّى مُرسِلَةٌ إِلَيهِم بِهَدِيَّةٍ فَناظِرَةٌ بِمَ يَرجِعُ المُرسَلونَ (آيت : 35) |
۽ آئون (يقينًا) هڪ سوکڙي انهن ماڻهن ڏانهن موڪليان ٿي، پوءِ ڏسان ٿي ته قاصد ڪهڙو جواب ٿا آڻين |
فَلَمّا جاءَ سُلَيمٰنَ قالَ أَتُمِدّونَنِ بِمالٍ فَما ءاتىٰنِۦَ اللَّهُ خَيرٌ مِمّا ءاتىٰكُم بَل أَنتُم بِهَدِيَّتِكُم تَفرَحونَ (آيت : 36) |
جڏهن اهو (ملڪه جو سفير) سليمان وٽ پهتو، ته ان چيو، ڇا توهان ماڻهو مال سان منهنجي مدد ڪرڻ ٿا چاهيو؟ الله جيڪي مون کي ڏنو آهي، اهو ان کان گهڻو وڌيڪ آهي، جيڪو توهان کي ڏنائين، توهان جي سوکڙي توهان کي مبارڪ هجي |
ارجِع إِلَيهِم فَلَنَأتِيَنَّهُم بِجُنودٍ لا قِبَلَ لَهُم بِها وَلَنُخرِجَنَّهُم مِنها أَذِلَّةً وَهُم صٰغِرونَ (آيت : 37) |
(اي سفير!) موٽي وڃ پنهنجن موڪلڻ وارن ڏي، اسان آڻينداسين، چاڙهي مٿن اهڙا لشڪر جن جو مقابلو اهي ڪري نه سگهندا ۽ اسان کين اتان ڪڍنداسين اهڙي ته ذلت سان جو اهي خوار ٿي رهندا |
قالَ يٰأَيُّهَا المَلَؤُا۟ أَيُّكُم يَأتينى بِعَرشِها قَبلَ أَن يَأتونى مُسلِمينَ (آيت : 38) |
سليمان چيو، اي درٻار وارؤ! توهان مان ڪير مون وٽ آڻيندو ان جو تخت ان کان اڳي جو اهي ماڻهو تابعدار ٿي مون وٽ حاضر ٿين؟ |
قالَ عِفريتٌ مِنَ الجِنِّ أَنا۠ ءاتيكَ بِهِ قَبلَ أَن تَقومَ مِن مَقامِكَ وَإِنّى عَلَيهِ لَقَوِىٌّ أَمينٌ (آيت : 39) |
عرض ڪيو هڪ سگهاري جنّ جنن منجهان، آئون اهو حاضر ڪندس ان کان اڳي جو توهان اُٿو پنهنجي جاءِ تان، ۽ آئون (يقينًا) اها طاقت رکان ٿو ۽ امانتدار آهيان |
قالَ الَّذى عِندَهُ عِلمٌ مِنَ الكِتٰبِ أَنا۠ ءاتيكَ بِهِ قَبلَ أَن يَرتَدَّ إِلَيكَ طَرفُكَ فَلَمّا رَءاهُ مُستَقِرًّا عِندَهُ قالَ هٰذا مِن فَضلِ رَبّى لِيَبلُوَنى ءَأَشكُرُ أَم أَكفُرُ وَمَن شَكَرَ فَإِنَّما يَشكُرُ لِنَفسِهِ وَمَن كَفَرَ فَإِنَّ رَبّى غَنِىٌّ كَريمٌ (آيت : 40) |
جنهن شخص وٽ هو هڪ علم ڪتاب جو، تنهن چيو، آئون آڻيندس ان کي انهيءَ کان اڳي جو توهان اک ڇنڀيو، پوءِ جيئن ئي سليمان اهو تخت پاڻ وٽ رکيل ڏٺو، هڪدم چيائين، هي فضل آهي (مون تي) منهنجي رب جو، جيئن اهو مون کي آزمائي ته آئون شڪر ڪريان ٿو يا (نعمت جو) ناشڪري، ۽ جيڪو شڪر ڪري ٿو اهو شڪر ان جي پنهنجي فائدي جي لاءِ آهي، ۽ جيڪو ناشڪري ڪندو ته منهنجو رب بي نياز ۽ پنهنجي ذات ۾ پاڻ بزرگ آهي |
قالَ نَكِّروا لَها عَرشَها نَنظُر أَتَهتَدى أَم تَكونُ مِنَ الَّذينَ لا يَهتَدونَ (آيت : 41) |
سليمان چيو، اڻ ڄاڻ طريقي سان ان جو تخت ان جي سامهون رکي ڇڏيو، ڏسون اها صحيح ڳالهه تي پهچي ٿي يا انهن ماڻهن مان آهي جيڪي سنئين راهه نٿا لهن |
فَلَمّا جاءَت قيلَ أَهٰكَذا عَرشُكِ قالَت كَأَنَّهُ هُوَ وَأوتينَا العِلمَ مِن قَبلِها وَكُنّا مُسلِمينَ (آيت : 42) |
پوءِ جڏهن (ملڪه) حاضر ٿي ته کيس چيو ويو ته، ”ڇا تنهنجو تخت اهڙو ئي آهي؟“ اها چوڻ لڳي، هيءُ ته ڄڻ اهو ئي آهي ۽ اسان ته اڳي ئي ڄاڻي وياسين ۽ اڳي ئي آڻ مڃي ويا هئاسين (مسلمان ٿي ويا هئاسين) |
وَصَدَّها ما كانَت تَعبُدُ مِن دونِ اللَّهِ إِنَّها كانَت مِن قَومٍ كٰفِرينَ (آيت : 43) |
۽ (کيس) ايمان کان روڪيو جنهن شيءِ سا انهن خدائن جي پوڄا هئي جن کي اها الله کان سواءِ پوڄيندي هئي، بيشڪ اها هئي هڪ ڪافر قوم مان |
قيلَ لَهَا ادخُلِى الصَّرحَ فَلَمّا رَأَتهُ حَسِبَتهُ لُجَّةً وَكَشَفَت عَن ساقَيها قالَ إِنَّهُ صَرحٌ مُمَرَّدٌ مِن قَواريرَ قالَت رَبِّ إِنّى ظَلَمتُ نَفسى وَأَسلَمتُ مَعَ سُلَيمٰنَ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 44) |
ان کي چيو ويو ته محل ۾ داخل ٿي، هن جو ڏٺو ته سمجهيائين اهو پاڻيءَ جو حوض آهي ۽ هن پنهنجا پائنچا مٿي کنيا، سليمان چيو، اهو شيشي جو لسو فرش آهي، ان تي هن وڏي واڪي چيو، اي منهنجا پالڻهار! اڄ تائين آئون وڏو ظلم ڪندي رهيس پنهنجي نفس تي ۽ هاڻي آئون ٻانهپ قبول ڪري چڪي آهيان سليمان سان گڏ الله رب العالمين جي |
وَلَقَد أَرسَلنا إِلىٰ ثَمودَ أَخاهُم صٰلِحًا أَنِ اعبُدُوا اللَّهَ فَإِذا هُم فَريقانِ يَختَصِمونَ (آيت : 45) |
۽ موڪليوسين ثمود ڏي سندن ڀاءُ صالح کي (هن نياپي سان ته) عبادت ڪريو الله جي، ته اهي هڪدم ٻه جهڳڙالو ٽولا ٿي پيا |
قالَ يٰقَومِ لِمَ تَستَعجِلونَ بِالسَّيِّئَةِ قَبلَ الحَسَنَةِ لَولا تَستَغفِرونَ اللَّهَ لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 46) |
صالح چيو، اي منهنجي قوم! توهان ايڏي جلدي ڇو ٿا ڪريو برائيءَ جي ڀلائي ڪرڻ کان اڳي؟ (آخر) ڇو نٿا بخشش گهرو الله کان؟ من توهان تي رحم ڪيو وڃي |
قالُوا اطَّيَّرنا بِكَ وَبِمَن مَعَكَ قالَ طٰئِرُكُم عِندَ اللَّهِ بَل أَنتُم قَومٌ تُفتَنونَ (آيت : 47) |
انهن چيو، اسان ته نڀاڳائيءَ جو نشان توکي ۽ تنهنجي ساٿين کي ڏٺو آهي. صالح چيو، توهان جي سڀاڳ نڀاڳ جو واسطو الله سان آهي، اصل ۾ (هي) توهان جي آزمائش ٿي رهي آهي |
وَكانَ فِى المَدينَةِ تِسعَةُ رَهطٍ يُفسِدونَ فِى الأَرضِ وَلا يُصلِحونَ (آيت : 48) |
۽ اتي ان شهر ۾ نون ڄڻن جو ٽولو هو جيڪي فساد پکيڙيندا هئا ملڪ ۾ ۽ ڪوبه اصلاح جو ڪم نه ڪندا هئا |
قالوا تَقاسَموا بِاللَّهِ لَنُبَيِّتَنَّهُ وَأَهلَهُ ثُمَّ لَنَقولَنَّ لِوَلِيِّهِ ما شَهِدنا مَهلِكَ أَهلِهِ وَإِنّا لَصٰدِقونَ (آيت : 49) |
انهن پاڻ ۾ چيو، عهد ڪريو الله جو قسم کڻي ته اسان صالح ۽ سندس گهر وارن تي راتاهو هڻي وارثن کي چونداسين ته اسين ڪونه هئاسين ان جي خاندان جي هلاڪت وقت ۽ اسان بلڪل سچ پيا چئون |
وَمَكَروا مَكرًا وَمَكَرنا مَكرًا وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 50) |
۽ اها سِٽ ته انهن سِٽي پر اسان به هڪ رِٿ اها رِٿي، جنهن جي ته انهن کي خبر ئي ڪانه هئي |
فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ مَكرِهِم أَنّا دَمَّرنٰهُم وَقَومَهُم أَجمَعينَ (آيت : 51) |
پوءِ ڏسو ته ڪهڙو نتيجو نڪتو انهن جي سِٽ سِٽڻ جو، اسان تباهه ڪري ڇڏيو انهن کي ۽ انهن جي قوم سموريءَ کي |
فَتِلكَ بُيوتُهُم خاوِيَةً بِما ظَلَموا إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 52) |
هاڻي سندن اهي گهر ئي خالي پيا آهن ان ظلم جي نتيجي ۾ جيڪي اهي ڪندا هئا، انهن ۾ هڪ نشاني آهي عبرت جي انهن جي لاءِ جيڪي علم رکن ٿا |
وَأَنجَينَا الَّذينَ ءامَنوا وَكانوا يَتَّقونَ (آيت : 53) |
۽ بچايوسين انهن ماڻهن کي جن ايمان آندو هو ۽ نافرماني کان پرهيز ڪندا هئا |
وَلوطًا إِذ قالَ لِقَومِهِ أَتَأتونَ الفٰحِشَةَ وَأَنتُم تُبصِرونَ (آيت : 54) |
۽ لوط کي اسان موڪليو، ياد ڪريو جڏهن هن پنهنجي قوم کي چيو، ڇا بدڪاري ڪريو ٿا توهان ڏسي وائسي؟ |
أَئِنَّكُم لَتَأتونَ الرِّجالَ شَهوَةً مِن دونِ النِّساءِ بَل أَنتُم قَومٌ تَجهَلونَ (آيت : 55) |
ڇا توهان جي اها حالت آهي جو مردن وٽ وڃو ٿا شهوت راني لاءِ عورتن کي ڇڏي؟ حقيقت ۾ توهان بنهه جهالت جو ڪم ڪريو ٿا |
فَما كانَ جَوابَ قَومِهِ إِلّا أَن قالوا أَخرِجوا ءالَ لوطٍ مِن قَريَتِكُم إِنَّهُم أُناسٌ يَتَطَهَّرونَ (آيت : 56) |
پر ان جو جواب ٻيو ڪوبه ڪونه هو ان جي قوم وٽ، ته انهن چيو، تڙي ڪڍو لوط ۽ سندس گهر وارن کي پنهنجي ڳوٺ مان، اهي وڏا پاڪباز ٿا سمجهن پاڻ کي |
فَأَنجَينٰهُ وَأَهلَهُ إِلَّا امرَأَتَهُ قَدَّرنٰها مِنَ الغٰبِرينَ (آيت : 57) |
پوءِ اسان بچائي ورتو ان کي ۽ سندس گهر وارن کي سواءِ سندس زال جي، ان جو پوئتي رهڻ اسان طئي ڪري ڇڏيو هو |
وَأَمطَرنا عَلَيهِم مَطَرًا فَساءَ مَطَرُ المُنذَرينَ (آيت : 58) |
۽ هڪ مينهن وسايوسين انهن تي ڏاڍو برو مينهن، انهن ماڻهن جي حق ۾ جيڪي خبردار ڪيا ويا هئا |
قُلِ الحَمدُ لِلَّهِ وَسَلٰمٌ عَلىٰ عِبادِهِ الَّذينَ اصطَفىٰ ءاللَّهُ خَيرٌ أَمّا يُشرِكونَ (آيت : 59) |
(اي نبي!) چؤ سڀ ساراهه الله جي لاءِ آهي ۽ سلام سندس انهن ٻانهن تي جن کي هن چونڊيو، الله چڱو آهي يا اهي معبود، جن کي هي ماڻهو سندس شريڪ بڻائي رهيا آهن |
أَمَّن خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَأَنزَلَ لَكُم مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَنبَتنا بِهِ حَدائِقَ ذاتَ بَهجَةٍ ما كانَ لَكُم أَن تُنبِتوا شَجَرَها أَءِلٰهٌ مَعَ اللَّهِ بَل هُم قَومٌ يَعدِلونَ (آيت : 60) |
ڀلا اهو ڪير آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي خلقيو ۽ وسايو توهان جي لاءِ آسمان مان پاڻي، پوءِ ان جي وسيلي باغ ڄمايا رونق وارا، جن جو توهان جي وس ۾ نه هو ڄمائڻ وڻن جو؟ ڇا الله کان سواءِ ڪو ٻيو الله (انهن ڪمن ۾ ڀائيوار) آهي؟ نه، پر اهي ماڻهو سڌي راهه کان ٿڙيل آهن |
أَمَّن جَعَلَ الأَرضَ قَرارًا وَجَعَلَ خِلٰلَها أَنهٰرًا وَجَعَلَ لَها رَوٰسِىَ وَجَعَلَ بَينَ البَحرَينِ حاجِزًا أَءِلٰهٌ مَعَ اللَّهِ بَل أَكثَرُهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 61) |
اهو ڪير آهي جنهن زمين کي رهڻ جو هنڌ بنايو ۽ ان ۾ وهايا ان جي وچ ۾ درياءَ، ۽ ان ۾ هنيائين (جبلن جون) ميخون ٺوڪيون، ۽ پردا اوٽ ڪيا پاڻي جي ٻن ذخيرن جي وچ ۾؟ ڇا الله کان سواءِ ڪو ٻيو خدا به (شريڪ) آهي؟ نه، پر گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن |
أَمَّن يُجيبُ المُضطَرَّ إِذا دَعاهُ وَيَكشِفُ السّوءَ وَيَجعَلُكُم خُلَفاءَ الأَرضِ أَءِلٰهٌ مَعَ اللَّهِ قَليلًا ما تَذَكَّرونَ (آيت : 62) |
ڪير آهي جيڪو ٻڌي ٿو بي قرار جي دعا، جڏهن اهو کيس پڪاري؟ ڪير ان جي ڪري ٿو تڪليف دور ۽ ڪير آهي جيڪو توهان کي خليفو بنائي ٿو زمين ۾؟ ڇا الله کان سواءِ ڪو ٻيو خدا (اهو ڪم ڪري) ٿو؟ توهان ماڻهو تمام ٿورو ئي سوچيو ٿا |
أَمَّن يَهديكُم فى ظُلُمٰتِ البَرِّ وَالبَحرِ وَمَن يُرسِلُ الرِّيٰحَ بُشرًا بَينَ يَدَى رَحمَتِهِ أَءِلٰهٌ مَعَ اللَّهِ تَعٰلَى اللَّهُ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 63) |
اهو ڪير آهي جيڪو رهنمائي ڪري ٿو اونداهين ۾ خشڪي ۽ سمنڊ ۾؟ ۽ ڪير آهي جيڪو هوائن کي خوشخبري ڏيندڙ ڪري موڪلي ٿو اڳيان پنهنجي رحمت جي؟ ڇا الله سان گڏ ڪو ٻيو خدا (اهو ڪم ڪري) ٿو؟ تمام بلند آهي اهو الله انهن کان جيڪي ماڻهو شرڪ ڪن ٿا |
أَمَّن يَبدَؤُا۟ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ وَمَن يَرزُقُكُم مِنَ السَّماءِ وَالأَرضِ أَءِلٰهٌ مَعَ اللَّهِ قُل هاتوا بُرهٰنَكُم إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 64) |
ڪير آهي جيڪو ابتدا ڪري ٿو خلق جي پوءِ ان کي جاري رکي ٿو؟ ۽ ڪير توهان کي رزق ڏئي ٿو آسمان ۽ زمين مان؟ ڇا الله سان گڏ ڪو ٻيو خدا به (ڀائيوار) آهي؟ چوين (اي رسول) ته آڻيو پنهنجو دليل، جيڪڏهن (واقعي)توهان سچا آهيو |
قُل لا يَعلَمُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ الغَيبَ إِلَّا اللَّهُ وَما يَشعُرونَ أَيّانَ يُبعَثونَ (آيت : 65) |
انهن کي چؤ (اي نبي!) نٿو ڄاڻي ڪوبه آسمانن ۽ زمين ۾ علم غيب جو سواءِ الله جي، اهي (توهان جا خدا ته اهو به) نٿا ڄاڻن ته اهي ڪڏهن اٿاريا ويندا؟ |
بَلِ ادّٰرَكَ عِلمُهُم فِى الءاخِرَةِ بَل هُم فى شَكٍّ مِنها بَل هُم مِنها عَمونَ (آيت : 66) |
پر انهن کان ته گم ٿي ويو آهي علم آخرت جو ۽ اهي ان جي طرفان شڪ ۾ آهن، پر اهي ان کان انڌا به آهن |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا أَءِذا كُنّا تُرٰبًا وَءاباؤُنا أَئِنّا لَمُخرَجونَ (آيت : 67) |
۽ اهي ماڻهو چوندا آهن جن ڪفر ڪيو آهي ته، ڇا جڏهن اسان ۽ اسان جا ابا ڏاڏا مٽي ٿي چڪا هوندا ته واقعي اسان کي (قبرن مان) ڪڍيو ويندو؟ |
لَقَد وُعِدنا هٰذا نَحنُ وَءاباؤُنا مِن قَبلُ إِن هٰذا إِلّا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 68) |
اهي خبرون ڏنيون ويون اسان کي ۽ اسان جي ابن ڏاڏن کي اڳي به، پر اهي ته رڳو ڪهاڻيون اڳي کان ٻڌندا پيا اچون |
قُل سيروا فِى الأَرضِ فَانظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُجرِمينَ (آيت : 69) |
تون چؤ (اي نبي!) ٿورو گهمي ڏسو زمين ۾ پوءِ ڏسو ته ڏوهارين جي پڄاڻي ڪهڙي ٿي چڪي آهي؟ |
وَلا تَحزَن عَلَيهِم وَلا تَكُن فى ضَيقٍ مِمّا يَمكُرونَ (آيت : 70) |
(اي نبي!) تون ڏک نه ڪر انهن جي حال تي ۽ نه ٿي سندن چالن تي ڪجهه تنگ دل به |
وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الوَعدُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 71) |
۽ هي ائين به چوندا آهن ته، اها ڌمڪي ڀلا ڪڏهن پوري ٿيندي، جيڪڏهن توهان (واقعي) سچا آهيو؟ |
قُل عَسىٰ أَن يَكونَ رَدِفَ لَكُم بَعضُ الَّذى تَستَعجِلونَ (آيت : 72) |
تون چؤ (اي نبي!)، ڪهڙو عجب ته جنهن عذاب جي لاءِ توهان جلدي ڪري رهيا آهيو، ان جو ڪجهه حصو توهان جي ويجهو اچي پهتو هجي |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَذو فَضلٍ عَلَى النّاسِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَشكُرونَ (آيت : 73) |
۽ حقيقت هيءَ آهي ته تنهنجو رب وڏو فضل ڪرڻ وارو آهي ماڻهن تي پر ناهن ڪيترا ئي ماڻهو شڪر گذار |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَيَعلَمُ ما تُكِنُّ صُدورُهُم وَما يُعلِنونَ (آيت : 74) |
۽ بيشڪ تنهنجو رب سڀڪجهه ڄاڻي ٿو جيڪي انهن پنهنجن سينن ۾ لڪايو آهي ۽ جيڪي اهي ظاهر ڪن ٿا |
وَما مِن غائِبَةٍ فِى السَّماءِ وَالأَرضِ إِلّا فى كِتٰبٍ مُبينٍ (آيت : 75) |
۽ ڪابه ڳجهي شيءِ اهڙي نه آهي آسمان ۽ زمين جي جيڪا پڌري (ظاهر ظهور) ڪتاب ۾ نه هجي |
إِنَّ هٰذَا القُرءانَ يَقُصُّ عَلىٰ بَنى إِسرٰءيلَ أَكثَرَ الَّذى هُم فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 76) |
حقيقت هيءَ آهي ته قرآن ٻڌائي ٿو ڪيتريون ئي ڳالهيون بني اسرائيل کي جن ۾ اهي ماڻهو گهڻو ڪري اختلاف رکن ٿا |
وَإِنَّهُ لَهُدًى وَرَحمَةٌ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 77) |
۽ بيشڪ اهو (نه صرف) هدايت آهي پر رحمت آهي ايمان آڻڻ وارن لاءِ |
إِنَّ رَبَّكَ يَقضى بَينَهُم بِحُكمِهِ وَهُوَ العَزيزُ العَليمُ (آيت : 78) |
بيشڪ تنهنجو رب (اهڙيءَ طرح) انهن ماڻهن جي وچ ۾ به فيصلو ڪندو (ڇو ته) اهو زبردست آهي سڀ ڪجهه ڄاڻ رکڻ وارو |
فَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ إِنَّكَ عَلَى الحَقِّ المُبينِ (آيت : 79) |
(پوءِ اي نبي!) ڀروسو رک الله تي، بيشڪ تون ئي (ظاهر ظهور) پڌري حق تي آهين |
إِنَّكَ لا تُسمِعُ المَوتىٰ وَلا تُسمِعُ الصُّمَّ الدُّعاءَ إِذا وَلَّوا مُدبِرينَ (آيت : 80) |
بيشڪ تون نٿو ٻڌائي سگهين مُڙدن کي ۽ نه سڏ ئي پڄائي سگهندين ٿو ٻوڙن کي، جيڪي ڏٺي ئي ڀڄي پري ٿيندا هجن |
وَما أَنتَ بِهٰدِى العُمىِ عَن ضَلٰلَتِهِم إِن تُسمِعُ إِلّا مَن يُؤمِنُ بِـٔايٰتِنا فَهُم مُسلِمونَ (آيت : 81) |
۽ نه وري رستو ٻڌائي بچائي سگهين ٿو انڌن کي ڀٽڪڻ کان، تون ته پنهنجي ڳالهه انهن ماڻهن کي ٻڌائي سگهين ٿو جيڪي اسان جي آيتن تي ايمان آڻين ٿا ۽ فرمانبردار بنجن ٿا |
وَإِذا وَقَعَ القَولُ عَلَيهِم أَخرَجنا لَهُم دابَّةً مِنَ الأَرضِ تُكَلِّمُهُم أَنَّ النّاسَ كانوا بِـٔايٰتِنا لا يوقِنونَ (آيت : 82) |
۽ جڏهن اسان جي ڳالهه پوري ٿيڻ جو وقت انهن تي ايندو ته اسان هڪ جانور انهن لاءِ ڪڍنداسين زمين مان انهن سان ڳالهائڻ لاءِ، جيڪو انهن سان ڳالهائيندو ته ماڻهو اسان جي آيتن تي يقين نه ڪندا هئا |
وَيَومَ نَحشُرُ مِن كُلِّ أُمَّةٍ فَوجًا مِمَّن يُكَذِّبُ بِـٔايٰتِنا فَهُم يوزَعونَ (آيت : 83) |
۽ ٿورو ان ڏينهن جو تصور ڪريو جڏهن اسان هر امت مان هڪ فوج انهن ماڻهن کي گهيرڻ لاءِ آڻينداسين جيڪي اسان جي آيتن کي ڪوڙو چوندا هئا، پوءِ کين سندن قِسمن سان ترتيب ڏبو |
حَتّىٰ إِذا جاءو قالَ أَكَذَّبتُم بِـٔايٰتى وَلَم تُحيطوا بِها عِلمًا أَمّاذا كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 84) |
جڏهن سڀ اچي ويندا، ته سندن رب کانئن پڇندو، توهان ڪوڙو چيو هو منهنجي آيتن کي، ۽ نه رکي هئي توهان انهن جي علمي ڄاڻ؟ جيڪر ائين نه آهي ته پوءِ توهان ڇا ڪري رهيا هئا؟ |
وَوَقَعَ القَولُ عَلَيهِم بِما ظَلَموا فَهُم لا يَنطِقونَ (آيت : 85) |
۽ پورو ٿي ويندو عذاب جو وعدو انهن تي سندن ظلم جي ڪري، پوءِ ته اهي ڪجهه به ڳالهائي نه سگهندا |
أَلَم يَرَوا أَنّا جَعَلنَا الَّيلَ لِيَسكُنوا فيهِ وَالنَّهارَ مُبصِرًا إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 86) |
ڇا اهي ڏسن نٿا ته اسان بڻايو آهي رات کي سندن سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ ۽ ڏينهن کي ڪيو آهي روشن؟ بيشڪ انهيءَ ۾ ڪيتريون ئي نشانيون آهن انهن ماڻهن جي لاءِ جيڪي ايمان آڻين ٿا |
وَيَومَ يُنفَخُ فِى الصّورِ فَفَزِعَ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَمَن فِى الأَرضِ إِلّا مَن شاءَ اللَّهُ وَكُلٌّ أَتَوهُ دٰخِرينَ (آيت : 87) |
۽ ان ڏينهن جڏهن صور ڦوڪيو ويندو (ته ڇا ٿيندو) هي گهٻرائجي ويندا، اهي سڀ جيڪي آسمانن ۾ آهن ۽ جيڪي آهن زمين ۾، سواءِ انهن جي جن کي پاڻ بچائڻ گهرندو الله ان هراس کان، ۽ پوءِ سڀ (چپ چاپ) سندس حضور ۾ حاضر ٿيندا |
وَتَرَى الجِبالَ تَحسَبُها جامِدَةً وَهِىَ تَمُرُّ مَرَّ السَّحابِ صُنعَ اللَّهِ الَّذى أَتقَنَ كُلَّ شَيءٍ إِنَّهُ خَبيرٌ بِما تَفعَلونَ (آيت : 88) |
۽ اڄ تون (اي نبي!) جبلن کي ڏسين ۽ سمجهين ٿو ته خوب ڄميل آهن پر ان وقت اهي اڏامي رهيا هوندا ڪڪرن وانگر، اهو ته الله جي قدرت جو ڪرشمو هوندو جنهن بيهاريو آهي حڪمت سان هر شيءِ کي، اهو ئي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو ته توهان ڇا پيا ڪريو |
مَن جاءَ بِالحَسَنَةِ فَلَهُ خَيرٌ مِنها وَهُم مِن فَزَعٍ يَومَئِذٍ ءامِنونَ (آيت : 89) |
جيڪو به آڻيندو نيڪي ته ان کي ان کان وڌيڪ سٺو بدلو ملندو، ۽ اهڙا ئي ماڻهو محفوظ هوندا ان ڏينهن واري ڏڪڻيءَ کان |
وَمَن جاءَ بِالسَّيِّئَةِ فَكُبَّت وُجوهُهُم فِى النّارِ هَل تُجزَونَ إِلّا ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 90) |
۽ جيڪو کڻي ايندو برائي (پاڻ سان) ته اهڙا سڀ ماڻهو اونڌي منهن اڇليا ويندا باهه ۾، ڇا توهان ان بنا ڪو ٻيو بدلو جزا جو لهي سگهو ٿا جيڪي توهان ڪيو آهي |
إِنَّما أُمِرتُ أَن أَعبُدَ رَبَّ هٰذِهِ البَلدَةِ الَّذى حَرَّمَها وَلَهُ كُلُّ شَيءٍ وَأُمِرتُ أَن أَكونَ مِنَ المُسلِمينَ (آيت : 91) |
(اي نبي! کين چؤ) مون کي بيشڪ اهو حڪم آهي ته عبادت ڪريان هن شهر مڪي جي رب جي، جنهن ئي ان کي حرم بڻايو آهي ۽ جيڪو هر شيءِ جو مالڪ آهي، ۽ مون کي حڪم ڏنل آهي ته آئون (سچو پچو) مسلمان ٿي رهان |
وَأَن أَتلُوَا۟ القُرءانَ فَمَنِ اهتَدىٰ فَإِنَّما يَهتَدى لِنَفسِهِ وَمَن ضَلَّ فَقُل إِنَّما أَنا۠ مِنَ المُنذِرينَ (آيت : 92) |
۽ هي پڙهي ٻڌايان قرآن، پوءِ جيڪو هدايت اختيار ڪندو ۽ جيڪو گمراهه ٿي پيروي ڪري نفس جي، تنهن کي چؤ ته آئون بيشڪ فقط (اهو ئي آهيان) جيڪو خبردار ڪري |
وَقُلِ الحَمدُ لِلَّهِ سَيُريكُم ءايٰتِهِ فَتَعرِفونَها وَما رَبُّكَ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 93) |
۽ چؤ (اي نبي!) ته، سڀ ساراهه الله لاءِ ئي آهي، جلد توهان کي ڏيکاريندو پنهنجون نشانيون ۽ توهان کي سڃاڻي وٺندو ۽ ناهي توهان جو رب بي خبر انهن ڪمن کان جيڪي توهان ڪريو ٿا |