طسم (آيت : 1) |
ﰒ (طا ـ سين ـ ميم) |
تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ المُبينِ (آيت : 2) |
هي کولي بيان ڪندڙ ڪتاب (قرآن) جون آيتون آهن |
لَعَلَّكَ بٰخِعٌ نَفسَكَ أَلّا يَكونوا مُؤمِنينَ (آيت : 3) |
اي نبي! متان انهيءَ غم ۾ تون پنهنجي جان وڃائي ويهين ته اهي ايمان نٿا آڻن |
إِن نَشَأ نُنَزِّل عَلَيهِم مِنَ السَّماءِ ءايَةً فَظَلَّت أَعنٰقُهُم لَها خٰضِعينَ (آيت : 4) |
اسان چاهيون ته آسمان مان اهڙي نشاني نازل ڪري سگهون ٿا، جو سندن ڪنڌَ ان جي آڏو جهڪي پون |
وَما يَأتيهِم مِن ذِكرٍ مِنَ الرَّحمٰنِ مُحدَثٍ إِلّا كانوا عَنهُ مُعرِضينَ (آيت : 5) |
وٽن رحمان وٽان جيڪا به ڪا نئين نصيحت اچي ٿي ته هي ان کان منهن موڙي ٿا ڇڏين |
فَقَد كَذَّبوا فَسَيَأتيهِم أَنبٰؤُا۟ ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 6) |
هاڻي جو هنن ڪوڙ ڀانئيو آهي ته سگهوئي کين انهيءَ شيءِ جي حقيقت جنهن تي پيا ٿا ٺٺوليون ڪن (گهڻن نمونن ۾) معلوم ٿي ويندي |
أَوَلَم يَرَوا إِلَى الأَرضِ كَم أَنبَتنا فيها مِن كُلِّ زَوجٍ كَريمٍ (آيت : 7) |
۽ ڇا انهن زمين تي ڪا نظر ئي نه وڌي آهي؟ ته اسان ان ۾ ڪيتري نه جهجهي مقدار ۾ هر قسم جون ڀليون شيون اپايون آهن؟ |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 8) |
بيشڪ ان ۾ هڪڙي نشاني آهي، پر انهن مان گهڻا مڃڻ وارا نه آهن |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 9) |
۽ درحقيقت تنهنجو رب زبردست به آهي ۽ رحيم به |
وَإِذ نادىٰ رَبُّكَ موسىٰ أَنِ ائتِ القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 10) |
(انهن کي ان وقت جو قصو ٻڌاءِ ) جڏهن تنهنجي رب موسيٰ کي سڏي چيو هو ته "ظالم قوم وٽ وڃ |
قَومَ فِرعَونَ أَلا يَتَّقونَ (آيت : 11) |
فرعون جي قوم وٽ، ڇا اهي ڊڄن نٿا؟" |
قالَ رَبِّ إِنّى أَخافُ أَن يُكَذِّبونِ (آيت : 12) |
هن عرض ڪيو: "اي منهنجا رب! مونکي ڊپ آهي ته اهي مونکي ڪوڙو ڀانئيندا |
وَيَضيقُ صَدرى وَلا يَنطَلِقُ لِسانى فَأَرسِل إِلىٰ هٰرونَ (آيت : 13) |
منهنجو ته سينو ٿو گهٽجي ۽ وري زبان به نٿي هلي، سو تون هارون ڏانهن رسالت موڪل |
وَلَهُم عَلَىَّ ذَنبٌ فَأَخافُ أَن يَقتُلونِ (آيت : 14) |
۽ مون تي ته انهن جو هڪڙو ڏوهه به آهي، تنهنڪري مان ڊڄان ٿو ته هو مونکي ماري ڇڏيندا" |
قالَ كَلّا فَاذهَبا بِـٔايٰتِنا إِنّا مَعَكُم مُستَمِعونَ (آيت : 15) |
فرمايائين: "ڪڏهن به نه، توهان ٻئي وڃو اسان جون نشانيون کڻي، اسان توهان سان گڏ سڀ ڪجهه پيا ٻڌنداسون |
فَأتِيا فِرعَونَ فَقولا إِنّا رَسولُ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 16) |
وڃو فرعون ڏانهن، وڃي چئوس ته اسانکي ساري جهان جي رب موڪليو آهي |
أَن أَرسِل مَعَنا بَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 17) |
ته تون بني اسرائيل کي اسان سان هلڻ ڏي" |
قالَ أَلَم نُرَبِّكَ فينا وَليدًا وَلَبِثتَ فينا مِن عُمُرِكَ سِنينَ (آيت : 18) |
فرعون چيو: "ڇا اسان توکي پاڻ وٽ ننڍڙو ڪري نه پاليو هو؟ ۽ تو ته پنهنجي حياتيءَ جا ڪيترائي سال اسان وٽ گذاريا |
وَفَعَلتَ فَعلَتَكَ الَّتى فَعَلتَ وَأَنتَ مِنَ الكٰفِرينَ (آيت : 19) |
۽ پوءِ اهو ڪم ڪيئه جيڪو ڪري ويٺو هئين، تون ته ڏاڍو ڪو احسان فراموش آهين". |
قالَ فَعَلتُها إِذًا وَأَنا۠ مِنَ الضّالّينَ (آيت : 20) |
موسيٰ جواب ڏنو ته "مان تنهن وقت اهو ڪم ڀل ۾ ڪري ويٺو هوس |
فَفَرَرتُ مِنكُم لَمّا خِفتُكُم فَوَهَبَ لى رَبّى حُكمًا وَجَعَلَنى مِنَ المُرسَلينَ (آيت : 21) |
پوءِ مان توهان جي ڀؤ کان ڀڄي ويس، ان کان پوءِ منهنجي رب مونکي فيصلي ڪرڻ جي قابليت عطا ڪئي ۽ مون کي رسولن ۾ شامل ڪيائين |
وَتِلكَ نِعمَةٌ تَمُنُّها عَلَىَّ أَن عَبَّدتَ بَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 22) |
باقي تنهنجو اهو احسان جنهن جو تو مونکي مهڻو ڏنو آهي ته ان جي حقيقت هي آهي ته تو بني اسرائيل کي غلام بنائي ڇڏيو هو". |
قالَ فِرعَونُ وَما رَبُّ العٰلَمينَ (آيت : 23) |
فرعون چيو: "۽ اهو رب العالمين (ساري جهان جو رب) ڇا ٿيندو آهي؟" |
قالَ رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما إِن كُنتُم موقِنينَ (آيت : 24) |
موسيٰ جواب ڏنو: "آسمانن ۽ زمين جو رب ۽ انهن سمورين شين جو رب، جيڪي آسمانن ۽ زمين جي وچ ۾ آهن، جيڪڏهن توهان يقين ڪرڻ وارا آهيو |
قالَ لِمَن حَولَهُ أَلا تَستَمِعونَ (آيت : 25) |
فرعون چوڌاري ويٺلن کي چيو: "ڇا نه ٿا ٻڌو؟" |
قالَ رَبُّكُم وَرَبُّ ءابائِكُمُ الأَوَّلينَ (آيت : 26) |
موسيٰ چين: "توهان جو به رب ۽ توهان جي گذري ويل ابن ڏاڏن جو به رب". |
قالَ إِنَّ رَسولَكُمُ الَّذى أُرسِلَ إِلَيكُم لَمَجنونٌ (آيت : 27) |
فرعون (حاضرين کي) چيو: "توهان جو اهو رسول جيڪو توهان ڏانهن موڪليو ويو آهي چريو ٿو لڳي". |
قالَ رَبُّ المَشرِقِ وَالمَغرِبِ وَما بَينَهُما إِن كُنتُم تَعقِلونَ (آيت : 28) |
موسيٰ چيو: "اڀرندي توڙي الهندي ۽ جيڪي سندن وچ ۾ آهي سڀني جو رب! جيڪڏهن ڪجهه عقل اٿوَ". |
قالَ لَئِنِ اتَّخَذتَ إِلٰهًا غَيرى لَأَجعَلَنَّكَ مِنَ المَسجونينَ (آيت : 29) |
فرعون چيس: "جيڪڏهن تو مون کانسواءِ ڪنهن ٻئي کي معبود بنايو ته توکي به انهن ماڻهن ۾ شامل ڪندس، جيڪي جيلن ۾ پيا (ڳري رهيا) آهن". |
قالَ أَوَلَو جِئتُكَ بِشَيءٍ مُبينٍ (آيت : 30) |
موسيٰ چيس: "جيتوڻيڪ تنهنجي آڏو ڪا پڌري شيءِ به آڻيان؟" |
قالَ فَأتِ بِهِ إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 31) |
فرعون چيس: "چڱو ڀلا آڻ جيڪڏهن تون سچو آهين". |
فَأَلقىٰ عَصاهُ فَإِذا هِىَ ثُعبانٌ مُبينٌ (آيت : 32) |
(سندس واتان اها ڳالهه نڪرندي هڪدم) موسيٰ پنهنجي لٺ اڇلائي ته هڪدم اهو هڪڙو پڌرو واسينگ نانگ هو |
وَنَزَعَ يَدَهُ فَإِذا هِىَ بَيضاءُ لِلنّٰظِرينَ (آيت : 33) |
وري هن پنهنجو هٿ (بغل مان) ٻاهر ڪڍيو ته اهو سڀني ڏسڻ وارن آڏو چمڪي رهيو هو |
قالَ لِلمَلَإِ حَولَهُ إِنَّ هٰذا لَسٰحِرٌ عَليمٌ (آيت : 34) |
فرعون پنهنجن چوڌاري ويٺل سردارن کي چيو: "اهو شخص بيشڪ وڏو ماهر جادوگر آهي |
يُريدُ أَن يُخرِجَكُم مِن أَرضِكُم بِسِحرِهِ فَماذا تَأمُرونَ (آيت : 35) |
چاهي ٿو ته پنهنجي جادوءَ جي زور تي توهان کي توهان جي ملڪ مان ڪڍي ڇڏي. هاڻي ٻڌايو ڇا ٿا فيصلو ڪريو؟" |
قالوا أَرجِه وَأَخاهُ وَابعَث فِى المَدائِنِ حٰشِرينَ (آيت : 36) |
انهن چيو، هن کي ۽ سندس ڀاءُ کي ترساءِ ۽ شهرن ۾ پڙهي وارا موڪل |
يَأتوكَ بِكُلِّ سَحّارٍ عَليمٍ (آيت : 37) |
ته هرهڪ ڏاهي سيبتي جادوگر کي آڻي حاضر ڪن". |
فَجُمِعَ السَّحَرَةُ لِميقٰتِ يَومٍ مَعلومٍ (آيت : 38) |
سو مقرر ڪيل ڏينهن جي پوري وقت تي سڀئي جادوگر گڏ ڪيا ويا |
وَقيلَ لِلنّاسِ هَل أَنتُم مُجتَمِعونَ (آيت : 39) |
۽ ماڻهن کي چيو ويو ته "ڇا اوهين گڏ ٿيندوِّّ؟ |
لَعَلَّنا نَتَّبِعُ السَّحَرَةَ إِن كانوا هُمُ الغٰلِبينَ (آيت : 40) |
ته مــَـنَ اسان به جادوگرن جي (دين جي) ڪڍ لڳي پئون، جيڪڏهن هو سوڀارا ٿيا". |
فَلَمّا جاءَ السَّحَرَةُ قالوا لِفِرعَونَ أَئِنَّ لَنا لَأَجرًا إِن كُنّا نَحنُ الغٰلِبينَ (آيت : 41) |
جڏهن جادوگر ميدان ۾ اچي ويا ته انهن فرعون کي چيو: "ڇا اسان کي انعام ملندو، جيڪڏهن سوڀ اسان جي ٿي؟" |
قالَ نَعَم وَإِنَّكُم إِذًا لَمِنَ المُقَرَّبينَ (آيت : 42) |
هن چين: "هائو ۽ پوءِ ته توهان، منهنجن ويجهن ماڻهن ۾ شامل ٿي ويندؤ". |
قالَ لَهُم موسىٰ أَلقوا ما أَنتُم مُلقونَ (آيت : 43) |
موسيٰ چين: "اڇلايو جيڪي اڇلائڻو اٿوَ". |
فَأَلقَوا حِبالَهُم وَعِصِيَّهُم وَقالوا بِعِزَّةِ فِرعَونَ إِنّا لَنَحنُ الغٰلِبونَ (آيت : 44) |
انهن هڪدم پنهنجون نوڙيون ۽ لٺيون اڇلايون ۽ چوڻ لڳا: "فرعون جي عزت جو قسم! اسان ئي سوڀارا ٿينداسون". |
فَأَلقىٰ موسىٰ عَصاهُ فَإِذا هِىَ تَلقَفُ ما يَأفِكونَ (آيت : 45) |
پوءِ وري موسيٰ جو پنهنجي لٺ اڇلائي ته امالڪ اها انهن جي ٺڳيءَ جي ٺاهن کي ڳڙڪائيندي وئي |
فَأُلقِىَ السَّحَرَةُ سٰجِدينَ (آيت : 46) |
ان تي سمورا جادوگر پنهنجو پاڻ سجدي ۾ ڪري پيا |
قالوا ءامَنّا بِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 47) |
۽ چيائون ته "مڃيوسين رب العالمين کي |
رَبِّ موسىٰ وَهٰرونَ (آيت : 48) |
موسيٰ ۽ هارون جي رب کي". |
قالَ ءامَنتُم لَهُ قَبلَ أَن ءاذَنَ لَكُم إِنَّهُ لَكَبيرُكُمُ الَّذى عَلَّمَكُمُ السِّحرَ فَلَسَوفَ تَعلَمونَ لَأُقَطِّعَنَّ أَيدِيَكُم وَأَرجُلَكُم مِن خِلٰفٍ وَلَأُصَلِّبَنَّكُم أَجمَعينَ (آيت : 49) |
فرعون چين: "توهان موسيٰ جي ڳالهه مڃي ويا، ان کان اڳي ئي جو مان ڪا اجازت ڏيانوَ، پڪ ئي پڪ هيءُ توهان جو وڏو آهي، جنهن توهان کي جادو سيکاريو آهي. چڱو اجهو پئيوَ ٿي خبر! مان توهان سڀني جا هٿ ۽ پير ابتـڙ پاسن کان وڍرائيندس ۽ توهان سڀني کي ڦاهيءَ چاڙهيندس". |
قالوا لا ضَيرَ إِنّا إِلىٰ رَبِّنا مُنقَلِبونَ (آيت : 50) |
انهن وراڻي ڏني: "پرواهه ناهي، اسان ته پنهنجي رب وٽ وڃي پهچنداسون |
إِنّا نَطمَعُ أَن يَغفِرَ لَنا رَبُّنا خَطٰيٰنا أَن كُنّا أَوَّلَ المُؤمِنينَ (آيت : 51) |
۽ اسان کي اميد آهي ته اسان جو رب اسان جا گناهه معاف ڪري ڇڏيندو، ڇو جو سڀني کان اول اسان ايمان آندو آهي". |
وَأَوحَينا إِلىٰ موسىٰ أَن أَسرِ بِعِبادى إِنَّكُم مُتَّبَعونَ (آيت : 52) |
اسان موسيٰ کي وحي ڪيو ته "راتو واه منهنجن ٻانهن کي وٺي نڪري وڃ، توهان جي ڪڍ ضرور پوندا". |
فَأَرسَلَ فِرعَونُ فِى المَدائِنِ حٰشِرينَ (آيت : 53) |
پوءِ فرعون (لشڪر گڏ ڪرڻ لاءِ ) شهرن ڏي ماڻهو گڏ ڪندڙ موڪليا |
إِنَّ هٰؤُلاءِ لَشِرذِمَةٌ قَليلونَ (آيت : 54) |
(۽ چوائي موڪليائين) ته "اهي ڪي ٿورڙا ماڻهو آهن |
وَإِنَّهُم لَنا لَغائِظونَ (آيت : 55) |
۽ انهن اسان کي ڏاڍو ڪاوڙايو آهي |
وَإِنّا لَجَميعٌ حٰذِرونَ (آيت : 56) |
۽ اسان ته هڪ اهڙي جماعت آهيون، جن کي هر وقت سجاڳ رهڻو آهي". |
فَأَخرَجنٰهُم مِن جَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 57) |
اهڙيءَ ريت اسان کين سندن باغن مان ٻاهر ڪڍي آياسون |
وَكُنوزٍ وَمَقامٍ كَريمٍ (آيت : 58) |
۽ چشمن ۽ خزانن ۽ سندن عاليشان جاين مان |
كَذٰلِكَ وَأَورَثنٰها بَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 59) |
اهو ته ٿيو انهن سان ۽ بني اسرائيل کي وري اسان انهن سڀني شين جو وارث بڻايو |
فَأَتبَعوهُم مُشرِقينَ (آيت : 60) |
صبح ٿيندي ئي اهي ماڻهو سندن پٺيان پيا |
فَلَمّا تَرٰءَا الجَمعانِ قالَ أَصحٰبُ موسىٰ إِنّا لَمُدرَكونَ (آيت : 61) |
جڏهن ٻنهي ٽولن هڪ ٻئي کي ڏٺو ته موسيٰ جي ساٿين وٺي دانهن ڪئي ته "اسان ته سوگها ٿي وياسون". |
قالَ كَلّا إِنَّ مَعِىَ رَبّى سَيَهدينِ (آيت : 62) |
موسيٰ چين: "هرگز نه، مون سان منهنجو رب آهي، هو ضرور مون کي ڪا واٽ ڏسيندو". |
فَأَوحَينا إِلىٰ موسىٰ أَنِ اضرِب بِعَصاكَ البَحرَ فَانفَلَقَ فَكانَ كُلُّ فِرقٍ كَالطَّودِ العَظيمِ (آيت : 63) |
اسان موسيٰ کي وحيءَ وسيلي حڪم ڏنو ته "هڻ پنهنجي لٺ سمنڊ تي". پوءِ هڪدم سمنڊ ڦاٽي پيو، ۽ هرهڪ ڀاڱو هڪ وڏي جبل وانگر ٿي پيو |
وَأَزلَفنا ثَمَّ الءاخَرينَ (آيت : 64) |
۽ اسان ٻئي ٽولي کي به آڻي ان جاءِ جي ويجهو ڪيوسون |
وَأَنجَينا موسىٰ وَمَن مَعَهُ أَجمَعينَ (آيت : 65) |
۽ موسيٰ ۽ انهن سڀني کي جيڪي ساڻس گڏ هئا، اسان بچائي ورتو |
ثُمَّ أَغرَقنَا الءاخَرينَ (آيت : 66) |
۽ ٻين کي غرق ڪري ڇڏيوسون |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 67) |
انهيءَ ۾ هڪڙي نشاني آهي پر انهن ماڻهن مان اڪثر مڃڻ وارا ناهن |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 68) |
۽ حقيقت اها آهي ته تنهنجو رب زبردست به آهي ۽ رحم ڪندڙ به |
وَاتلُ عَلَيهِم نَبَأَ إِبرٰهيمَ (آيت : 69) |
۽ انهن کي ابراهيم جو قصو ٻڌاءِ |
إِذ قالَ لِأَبيهِ وَقَومِهِ ما تَعبُدونَ (آيت : 70) |
جڏهن هن پنهنجي پيءُ ۽ قوم کان پڇيو هو ته "اهي ڇا آهن، جن کي توهان پوڄيو ٿا؟" |
قالوا نَعبُدُ أَصنامًا فَنَظَلُّ لَها عٰكِفينَ (آيت : 71) |
انهن وراڻي ڏني: "ڪجهه بت آهن جن جي ٿا پوڄا ڪيون ۽ انهن جي سيوا ۾ لڳل رهندا آهيون". |
قالَ هَل يَسمَعونَكُم إِذ تَدعونَ (آيت : 72) |
هن پڇين: "ڀلا توهان جي ٻڌن ٿا جڏهن توهان کين پڪاريو ٿا؟ |
أَو يَنفَعونَكُم أَو يَضُرّونَ (آيت : 73) |
يا توهان کي ڪو نفعو يا نقصان پهچائن ٿا؟" |
قالوا بَل وَجَدنا ءاباءَنا كَذٰلِكَ يَفعَلونَ (آيت : 74) |
هنن جواب ڏنو: "نه، اصل ۾ اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کي ائين ڪندي ڏٺو آهي". |
قالَ أَفَرَءَيتُم ما كُنتُم تَعبُدونَ (آيت : 75) |
تنهن تي ابراهيم چين: "ڪڏهن توهان (اکيون کولي) انهن شين کي ڏٺو به آهي، جن جي بندگي توهان ڪندا آيا آهيو |
أَنتُم وَءاباؤُكُمُ الأَقدَمونَ (آيت : 76) |
۽ توهان جا اڳ ٿي گذريل ابا ڏاڏا |
فَإِنَّهُم عَدُوٌّ لى إِلّا رَبَّ العٰلَمينَ (آيت : 77) |
منهنجا ته اهي سڀئي دشمن آهن، سواءِ هڪڙي رب العالمين جي |
الَّذى خَلَقَنى فَهُوَ يَهدينِ (آيت : 78) |
جنهن مونکي پيدا ڪيو آهي ۽ پوءِ اهوئي مونکي رستو ڏيکاري ٿو |
وَالَّذى هُوَ يُطعِمُنى وَيَسقينِ (آيت : 79) |
۽ اهوئي مونکي کارائي پيئاري ٿو |
وَإِذا مَرِضتُ فَهُوَ يَشفينِ (آيت : 80) |
۽ وري جڏهن بيمار ٿي پوان ٿو ته اهوئي ٿو مونکي شفا ڏئي |
وَالَّذى يُميتُنى ثُمَّ يُحيينِ (آيت : 81) |
جيڪو مونکي ماريندو ۽ وري جيئاريندو |
وَالَّذى أَطمَعُ أَن يَغفِرَ لى خَطيـَٔتى يَومَ الدّينِ (آيت : 82) |
۽ جنهن ۾ مونکي اميد آهي ته حساب ڪتاب جي ڏينهن منهنجون خطائون معاف ڪندو". |
رَبِّ هَب لى حُكمًا وَأَلحِقنى بِالصّٰلِحينَ (آيت : 83) |
(ان کانپوءِ ابراهيم دعا گهري ته) "اي منهنجا رب! مونکي فيصلي ڪرڻ جي قابليت عطا ڪر ۽ مونکي صالحن سان ملاءِ |
وَاجعَل لى لِسانَ صِدقٍ فِى الءاخِرينَ (آيت : 84) |
۽ بعد ۾ اچڻ وارن ۾ مونکي چڱو نالو ناموس عطا ڪجانءِ |
وَاجعَلنى مِن وَرَثَةِ جَنَّةِ النَّعيمِ (آيت : 85) |
۽ مونکي جنت جي وارثن ۾ شامل ڪجانءِ |
وَاغفِر لِأَبى إِنَّهُ كانَ مِنَ الضّالّينَ (آيت : 86) |
۽ منهنجي پيءُ کي به معاف ڪجانءِ ، بيشڪ اهو ته گمراهن منجهان آهي |
وَلا تُخزِنى يَومَ يُبعَثونَ (آيت : 87) |
۽ مونکي انهيءَ ڏينهن خوار نه ڪجانءِ ، جڏهن سڀ ماڻهو وري جيئرا ڪري اٿاريا ويندا |
يَومَ لا يَنفَعُ مالٌ وَلا بَنونَ (آيت : 88) |
جنهن ڏينهن نڪي مال ڪو نفعو ڏيندو ۽ نه وري اولاد |
إِلّا مَن أَتَى اللَّهَ بِقَلبٍ سَليمٍ (آيت : 89) |
باقي ان جي ڳالهه ٻي آهي، جيڪو صحيح سالم دل آڻي الله وٽ حاضر ٿئي". |
وَأُزلِفَتِ الجَنَّةُ لِلمُتَّقينَ (آيت : 90) |
(انهيءَ ڏينهن) جنت پرهيزگارن جي ويجهو ڪئي ويندي |
وَبُرِّزَتِ الجَحيمُ لِلغاوينَ (آيت : 91) |
۽ دوزخ ڀٽڪيل ماڻهن جي سامهون کولي نروار ڪيو ويندو |
وَقيلَ لَهُم أَينَ ما كُنتُم تَعبُدونَ (آيت : 92) |
۽ کانئن پڇيو ويندو ته "هاڻي ڪٿي آهن اهي، جن جي توهان الله کي ڇڏي پوڄا ڪندا هيؤ؟ |
مِن دونِ اللَّهِ هَل يَنصُرونَكُم أَو يَنتَصِرونَ (آيت : 93) |
ڇا اهي توهان جي ڪا مدد ڪن پيا يا ڀلا پنهنجو ئي ڪو بچاءُ ڪري سگهن ٿا؟" |
فَكُبكِبوا فيها هُم وَالغاوۥنَ (آيت : 94) |
پوءِ اهي معبود ۽ اهي ڀٽڪيل ماڻهومنجهس هڪ ٻئي جي مٿان اونڌا اڇلايا ويندا |
وَجُنودُ إِبليسَ أَجمَعونَ (آيت : 95) |
۽ ابليس جا لشڪر سڀئي |
قالوا وَهُم فيها يَختَصِمونَ (آيت : 96) |
اتي اهي سڀ پاڻ ۾ جهيڙو مچائيندا |
تَاللَّهِ إِن كُنّا لَفى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 97) |
۽ اهي ڀٽڪيل ماڻهو (پنهنجن معبودن کي) چوندا ته "الله جو قسم! اسان ته پڌري گمراهيءَ ۾ پيل هئاسون |
إِذ نُسَوّيكُم بِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 98) |
جنهن وقت توهان کي پئي رب العالمين جو مــَـٽ بڻايوسون |
وَما أَضَلَّنا إِلَّا المُجرِمونَ (آيت : 99) |
۽ اسانکي انهن ماڻهن ئي گمراهه ڪيو هو، جيڪي ڏوهاري هئا |
فَما لَنا مِن شٰفِعينَ (آيت : 100) |
هاڻي نه اسان جو ڪو سفارش ڪندڙ آهي |
وَلا صَديقٍ حَميمٍ (آيت : 101) |
۽ نه وري ڪو سچو دوست |
فَلَو أَنَّ لَنا كَرَّةً فَنَكونَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 102) |
اسانکي هڪ ڀيرو وري موٽي وڃڻ جو موقعو ملي ته مؤمن بنجي وڃون". |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 103) |
بيشڪ ان ۾ هڪ وڏي نشاني آهي پر انهن مان گهڻا ماڻهو ايمان آڻڻ وارا ناهن |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 104) |
۽ سچي ڳالهه اها آهي ته تنهنجو رب زبردست به آهي ۽ رحيم به |
كَذَّبَت قَومُ نوحٍ المُرسَلينَ (آيت : 105) |
نوح جي قوم رسولن کي ڪوڙو سڏيو |
إِذ قالَ لَهُم أَخوهُم نوحٌ أَلا تَتَّقونَ (آيت : 106) |
ياد ڪريو جڏهن سندن ڀاءُ نوح کين چيو هو ته "ڇا ڊڄو نٿا؟ |
إِنّى لَكُم رَسولٌ أَمينٌ (آيت : 107) |
مان توهان لاءِ هڪ امانت وارو رسول آهيان |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 108) |
تنهنڪري توهان الله کان ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪريو |
وَما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِن أَجرِىَ إِلّا عَلىٰ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 109) |
مان توهان کان انهيءَ ڪم لاءِ اجورو نٿو گهران، منهنجو اجر ته جهانن جي پالڻهار تي آهي |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 110) |
تنهنڪري الله کان ڊڄو ۽ منهنجي اطاعت ڪريو". |
قالوا أَنُؤمِنُ لَكَ وَاتَّبَعَكَ الأَرذَلونَ (آيت : 111) |
انهن جواب ڏنو: "ڇا اسان توکي مڃيون، حالانڪه تنهنجي پيروي ته هيٺين طبقي جي ماڻهن ئي ڪئي آهي؟" |
قالَ وَما عِلمى بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 112) |
نوح جواب ڏنن: "مونکي ڪهڙي خبر ته سندن عمل ڪهڙا آهن |
إِن حِسابُهُم إِلّا عَلىٰ رَبّى لَو تَشعُرونَ (آيت : 113) |
انهن جو حساب ته منهنجي رب وٽ ئي آهي، جيڪر ته توهان ڪا سمجهه ڌاريو |
وَما أَنا۠ بِطارِدِ المُؤمِنينَ (آيت : 114) |
منهنجو ته اهو ڪم ناهي ته جيڪي ايمان آڻن، تن کي تـڙي ڪڍان |
إِن أَنا۠ إِلّا نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 115) |
مان ته فقط پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان". |
قالوا لَئِن لَم تَنتَهِ يٰنوحُ لَتَكونَنَّ مِنَ المَرجومينَ (آيت : 116) |
انهن چيو: "اي نوح! جيڪڏهن تون نه مڙين ته تون ڦٽڪار پيل ماڻهن ۾ شامل ٿي ويندين". |
قالَ رَبِّ إِنَّ قَومى كَذَّبونِ (آيت : 117) |
نوح دعا گهري: "اي منهنجا رب! منهنجي قوم مونکي ڪوڙو سڏيو آهي |
فَافتَح بَينى وَبَينَهُم فَتحًا وَنَجِّنى وَمَن مَعِىَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 118) |
هاڻي تون منهنجي ۽ انهن جي وچ ۾ چڱو فيصلو ڪري ڇڏ ۽ منهنجي ۽ جيڪي مؤمن مون سان آهن انهن جي جند ڇڏاءِ ". |
فَأَنجَينٰهُ وَمَن مَعَهُ فِى الفُلكِ المَشحونِ (آيت : 119) |
نيٺ اسان ان کي ۽ سندس ساٿين کي هڪ ڀريل ٻيڙيءَ ۾ بچائي ورتو |
ثُمَّ أَغرَقنا بَعدُ الباقينَ (آيت : 120) |
۽ کانئس پوءِ باقي بچيلن کي غرق ڪري ڇڏيوسون |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 121) |
بيشڪ ان ۾ هڪڙي نشاني آهي پر انهن مان گهڻا ماڻهو مڃڻ وارا ناهن |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 122) |
۽ حقيقت اها آهي ته تنهنجو رب زبردست به آهي ۽ ٻاجهارو به |
كَذَّبَت عادٌ المُرسَلينَ (آيت : 123) |
عاد جي قوم رسولن کي ڪوڙو سڏيو |
إِذ قالَ لَهُم أَخوهُم هودٌ أَلا تَتَّقونَ (آيت : 124) |
ياد ڪر جڏهن سندن ڀاءُ هود کين چيو هو "ڇا توهان ڊڄو نٿا؟ |
إِنّى لَكُم رَسولٌ أَمينٌ (آيت : 125) |
مان توهان لاءِ ويساهه جوڳو رسول آهيان |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 126) |
تنهنڪري توهان الله کان ڊڄو ۽ منهنجي چوڻ تي هلو |
وَما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِن أَجرِىَ إِلّا عَلىٰ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 127) |
مان ان ڪم لاءِ توهان کان ڪو اجورو نٿو گهران، منهنجو اجر ته رب العالمين تي آهي |
أَتَبنونَ بِكُلِّ ريعٍ ءايَةً تَعبَثونَ (آيت : 128) |
ڀلا اهو ڇا آهي جو هر مٿانهين هنڌ تي اجايو ڪو يادگار ٿا اڏيو |
وَتَتَّخِذونَ مَصانِعَ لَعَلَّكُم تَخلُدونَ (آيت : 129) |
۽ وڏا وڏا محل ٿا ٺاهيو، ڄڻ ته توهان کي سدائين رهڻو آهي |
وَإِذا بَطَشتُم بَطَشتُم جَبّارينَ (آيت : 130) |
۽ جڏهن ڪنهن تي هٿ ٿا وجهو ته ڏاڍا بڻجي ٿا وجهو |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 131) |
پوءِ توهان الله کان ڊڄو ۽ منهنجي اطاعت ڪريو |
وَاتَّقُوا الَّذى أَمَدَّكُم بِما تَعلَمونَ (آيت : 132) |
ڊڄو ان کان جنهن توهان کي اهو ڪجهه ڏنو آهي، جيڪي توهان پاڻ ڄاڻو ٿا |
أَمَدَّكُم بِأَنعٰمٍ وَبَنينَ (آيت : 133) |
توهان کي چوپايو مال ڏنائين ۽ اولاد ڏنائين |
وَجَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 134) |
باغ ڏنائين ۽ چشما ڏنائين |
إِنّى أَخافُ عَلَيكُم عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 135) |
مونکي ته توهان جي باري ۾ هڪڙي وڏي ڏينهن جي عذاب جو ڊپ آهي". |
قالوا سَواءٌ عَلَينا أَوَعَظتَ أَم لَم تَكُن مِنَ الوٰعِظينَ (آيت : 136) |
انهن جواب ڏنو: "تون نصيحت ڪر يا نه ڪر، اسان لاءِ مڙيئي برابر آهي |
إِن هٰذا إِلّا خُلُقُ الأَوَّلينَ (آيت : 137) |
اهي ڳالهيون ته اصل کان وٺي ائين ئي پئي هلنديون آيون آهن |
وَما نَحنُ بِمُعَذَّبينَ (آيت : 138) |
۽ اسان ته ڪڏهن به عذاب ۾ پوڻ وارا ناهيون". |
فَكَذَّبوهُ فَأَهلَكنٰهُم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 139) |
نيٺ انهن کيس ڪوڙو سڏيو ته اسان کين برباد ڪري ڇڏيو. بيشڪ انهيءَ ۾ هڪڙي نشاني آهي پر انهن مان گهڻا ماڻهو مڃڻ وارا ناهن |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 140) |
۽ حقيقت اها آهي ته تنهنجو رب زبردست به آهي ۽ ٻاجهارو به |
كَذَّبَت ثَمودُ المُرسَلينَ (آيت : 141) |
ثمود رسولن کي ڪوڙو سڏيو |
إِذ قالَ لَهُم أَخوهُم صٰلِحٌ أَلا تَتَّقونَ (آيت : 142) |
ياد ڪر جڏهن سندن ڀاءُ صالح کين چيو: "ڇا ڊڄو نٿا؟ |
إِنّى لَكُم رَسولٌ أَمينٌ (آيت : 143) |
مان توهان لاءِ هڪ ڀروسي جوڳو رسول آهيان |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 144) |
پوءِ توهان الله کان ڊڄو ۽ منهنجي چوڻ تي هلو |
وَما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِن أَجرِىَ إِلّا عَلىٰ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 145) |
مان انهيءَ ڪم تي توهان کان ڪوبه اجورو نه ٿو گهران، منهنجو اجر ته رب العالمين تي آهي |
أَتُترَكونَ فى ما هٰهُنا ءامِنينَ (آيت : 146) |
ڇا توهان انهن سڀني شين منجهه جيڪي هتي آهن، بس ائين ئي سلامتيءَ سان رهڻ ڏنا ويندؤ؟ |
فى جَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 147) |
انهن باغن ۽ چشمن ۾؟ |
وَزُروعٍ وَنَخلٍ طَلعُها هَضيمٌ (آيت : 148) |
۽ انهن ٻنين ۽ کجين ۾ جن جا ڇــُـڳا رس سان ڀريل آهن؟ |
وَتَنحِتونَ مِنَ الجِبالِ بُيوتًا فٰرِهينَ (آيت : 149) |
توهان جبل ٽڪي آڪڙجي انهن ۾ جايون ٺاهيو ٿا |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 150) |
الله کان ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪريو |
وَلا تُطيعوا أَمرَ المُسرِفينَ (آيت : 151) |
انهن ڇڙواڳ ماڻهن جي ڳالهين تي بنهه نه هلو |
الَّذينَ يُفسِدونَ فِى الأَرضِ وَلا يُصلِحونَ (آيت : 152) |
جيڪي زمين ۾ خرابيون پيدا ڪن ٿا ۽ سڌارو نٿا آڻين". |
قالوا إِنَّما أَنتَ مِنَ المُسَحَّرينَ (آيت : 153) |
انهن چيس: "تون ته رڳو ڪو جادو ڪيل ماڻهو آهين |
ما أَنتَ إِلّا بَشَرٌ مِثلُنا فَأتِ بِـٔايَةٍ إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 154) |
اسان جهڙي ئي هڪ بشر کانسواءِ ٻيو ڇا آهين؟ آڻ ڪا نشاني، جيڪڏهن تون سچو آهين". |
قالَ هٰذِهِ ناقَةٌ لَها شِربٌ وَلَكُم شِربُ يَومٍ مَعلومٍ (آيت : 155) |
صالح چين: "هيءَ اٿوَ ڏاچي، هڪڙو ڏينهن ان جي پاڻي پيئڻ لاءِ آهي ۽ هڪڙو توهان سڀني جي پاڻي وٺڻ لاءِ |
وَلا تَمَسّوها بِسوءٍ فَيَأخُذَكُم عَذابُ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 156) |
ان سان ڪابه هٿ چراند نه ڪجو، نه ته هڪ وڏي ڏينهن وارو عذاب اچي توهان کي قابو ڪندو". |
فَعَقَروها فَأَصبَحوا نٰدِمينَ (آيت : 157) |
مگر انهن سندس کــُـچون (مرئي جي پٺ) ڪپي ڇڏيون ۽ پوءِ ڏاڍو پڇتائڻ لڳا |
فَأَخَذَهُمُ العَذابُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 158) |
پوءِ عذاب اچي کين پڪڙيو. بيشڪ ان ۾ هڪ نشاني آهي پر انهن مان گهڻا مڃڻ وارا نه آهن |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 159) |
۽ حقيقت اها آهي ته تنهنجو رب زبردست به آهي ۽ رحيم به |
كَذَّبَت قَومُ لوطٍ المُرسَلينَ (آيت : 160) |
لوط جي قوم رسولن کي ڪوڙو سڏيو |
إِذ قالَ لَهُم أَخوهُم لوطٌ أَلا تَتَّقونَ (آيت : 161) |
ياد ڪريو، جڏهن سندن ڀاءُ لوط کين چيو هو: "ڇا توهان ڊڄو نٿا؟ |
إِنّى لَكُم رَسولٌ أَمينٌ (آيت : 162) |
مان به توهان لاءِ هڪ امانت وارو رسول آهيان |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 163) |
پوءِ توهان الله کان ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪريو |
وَما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِن أَجرِىَ إِلّا عَلىٰ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 164) |
مان ان لاءِ توهان کان ڪوبه اجورو نٿو گهران، منهنجو اجر ته جهانن جي پالڻهار تي آهي |
أَتَأتونَ الذُّكرانَ مِنَ العٰلَمينَ (آيت : 165) |
ڇا توهان دنيا جي مخلوق مان مردن وٽ ٿا وڃو |
وَتَذَرونَ ما خَلَقَ لَكُم رَبُّكُم مِن أَزوٰجِكُم بَل أَنتُم قَومٌ عادونَ (آيت : 166) |
۽ توهان جي زالن ۾ توهان جي رب توهان لاءِ جو ڪجهه پيدا ڪيو آهي، ان کي ڇڏي ٿا ڏيو؟ اصل ڳالهه اها آهي ته توهان ماڻهو ليڪا ئي لنگهي ويا آهيو". |
قالوا لَئِن لَم تَنتَهِ يٰلوطُ لَتَكونَنَّ مِنَ المُخرَجينَ (آيت : 167) |
انهن چيو: "اي لوط! جي تون انهن ڳالهين کان پاسو نه ڪيو ته توکي به اسان جي آبادين مان تــڙي ڪڍيل ماڻهن ۾ شامل ٿيڻو پوندو". |
قالَ إِنّى لِعَمَلِكُم مِنَ القالينَ (آيت : 168) |
هن چين: "مان ته توهان جي ڪڌن ڪرتوتن تي سخت بــُـڇان ڪرڻ وارن مان آهيان |
رَبِّ نَجِّنى وَأَهلى مِمّا يَعمَلونَ (آيت : 169) |
اي منهنجا رب! تون مون کي ۽ منهنجي گهر وارن کي انهن جي ڪڌن ڪمن کان ڇوٽڪارو ڏي". |
فَنَجَّينٰهُ وَأَهلَهُ أَجمَعينَ (آيت : 170) |
پوءِ اسان کيس ۽ سندس ساري ڪٽنب کي بچائي ورتو |
إِلّا عَجوزًا فِى الغٰبِرينَ (آيت : 171) |
سواءِ هڪ پوڙهيءَ جي جيڪا پوئتي رهجي وڃڻ وارن مان هئي |
ثُمَّ دَمَّرنَا الءاخَرينَ (آيت : 172) |
پوءِ رهيل سڀني ماڻهن کي تباهه ڪري ڇڏيوسون |
وَأَمطَرنا عَلَيهِم مَطَرًا فَساءَ مَطَرُ المُنذَرينَ (آيت : 173) |
۽ مٿن هڪڙي برسات وسائي سون، ڏاڍي بڇڙي هئي اها برسات، جيڪا انهن ڊيڄاريل ماڻهن مٿان نازل ٿي |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 174) |
بلاشڪ ان ۾ هڪ نشاني آهي مگر انهن مان گهڻا مڃڻ وارا ناهن |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 175) |
۽ حقيقت ۾ تنهنجو رب زبردست به آهي ۽ رحم ڪرڻ وارو به |
كَذَّبَ أَصحٰبُ لـَٔيكَةِ المُرسَلينَ (آيت : 176) |
"ايڪــھ" وارن رسولن کي ڪوڙو سڏيو |
إِذ قالَ لَهُم شُعَيبٌ أَلا تَتَّقونَ (آيت : 177) |
ياد ڪر، جڏهن شعيب کين چيو هو ته "ڇا توهان ڊڄو نٿا؟ |
إِنّى لَكُم رَسولٌ أَمينٌ (آيت : 178) |
مان توهان لاءِ هڪ اعتبار جوڳو رسول آهيان |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 179) |
تنهنڪري توهان الله کان ڊڄو ۽ منهنجي اطاعت ڪريو |
وَما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِن أَجرِىَ إِلّا عَلىٰ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 180) |
مان ان لاءِ توهان کان ڪوبه اجورو نٿو گهران، منهنجو اجر ته رب العالمين تي آهي |
أَوفُوا الكَيلَ وَلا تَكونوا مِنَ المُخسِرينَ (آيت : 181) |
ماپ پوريءَ طرح ڀري ڏيو ۽ ڪنهن کي گهٽ نه ڏيو |
وَزِنوا بِالقِسطاسِ المُستَقيمِ (آيت : 182) |
سنئينءَ تارازي سان توريو |
وَلا تَبخَسُوا النّاسَ أَشياءَهُم وَلا تَعثَوا فِى الأَرضِ مُفسِدينَ (آيت : 183) |
۽ ماڻهن کي سندن شيون گهٽ نه ڏيو، زمين ۾ فساد نه وجهندا وتو |
وَاتَّقُوا الَّذى خَلَقَكُم وَالجِبِلَّةَ الأَوَّلينَ (آيت : 184) |
۽ انهيءَ هستيءَ کان ڊڄو، جنهن توهان کي ۽ اڳين نسلن کي پيدا ڪيو آهي". |
قالوا إِنَّما أَنتَ مِنَ المُسَحَّرينَ (آيت : 185) |
انهن چيو: "تون ته رڳو ڪو جادو ڪيل شخص آهين |
وَما أَنتَ إِلّا بَشَرٌ مِثلُنا وَإِن نَظُنُّكَ لَمِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 186) |
۽ آهين به ته رڳو اسان جهڙو ئي بشر ۽ اسان ته توکي ڪوڙو ٿا سمجهون |
فَأَسقِط عَلَينا كِسَفًا مِنَ السَّماءِ إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 187) |
ڀلا جيڪڏهن تون سچو آهين ته اسان تي آسمان جو ڪو ٽڪرو ڪيرائي ڏيکار". |
قالَ رَبّى أَعلَمُ بِما تَعمَلونَ (آيت : 188) |
شعيب چين: "منهنجو رب ڄاڻي ٿو، جيڪي توهان ڪيو ٿا" |
فَكَذَّبوهُ فَأَخَذَهُم عَذابُ يَومِ الظُّلَّةِ إِنَّهُ كانَ عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 189) |
انهن کيس ڪوڙو سڏيو، نيٺ ڇــَـٽيءَ (ڇانوَ ڪندڙ ڪڪر) واري ڏينهن جي عذاب اچي کين سوگهو جهليو ۽ اهو ڏاڍي خوفناڪ ڏينهن وارو عذاب هو |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 190) |
بيشڪ انهيءَ ۾ هڪڙي نشاني آهي مگر انهن مان گهڻا ماڻهو مڃڻ وارا ناهن |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 191) |
۽ حقيقت هيءَ آهي ته تنهنجو رب زبردست به آهي ۽ ٻاجهه ڪندڙ به |
وَإِنَّهُ لَتَنزيلُ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 192) |
۽ هي (قرآن) رب العالمين طرفان نازل ڪيل آهي |
نَزَلَ بِهِ الرّوحُ الأَمينُ (آيت : 193) |
جنهن کي ساڻ کڻي امانت وارو روح (جبرئيل) اچي لٿو آهي |
عَلىٰ قَلبِكَ لِتَكونَ مِنَ المُنذِرينَ (آيت : 194) |
تنهنجي دل تي تانته تون انهن ماڻهن ۾ شامل ٿئين جيڪي (الله پاران خلق کي) خبردار ڪرڻ وارا آهن |
بِلِسانٍ عَرَبِىٍّ مُبينٍ (آيت : 195) |
صاف چٽيءَ عربي زبان ۾ |
وَإِنَّهُ لَفى زُبُرِ الأَوَّلينَ (آيت : 196) |
۽ اهو ته آڳاٽن ماڻهن وارن ڪتابن ۾ به موجود آهي |
أَوَلَم يَكُن لَهُم ءايَةً أَن يَعلَمَهُ عُلَمٰؤُا۟ بَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 197) |
ڇا انهن (مڪي وارن) لاءِ اها ڪا نشاني ناهي جو ان کي بني اسرائيل جا عالم ڄاڻن ٿا؟ |
وَلَو نَزَّلنٰهُ عَلىٰ بَعضِ الأَعجَمينَ (آيت : 198) |
(پر انهن جي هوڏ جي ته اها حالت آهي) جيڪڏهن اسان ان کي ڪنهن عجميءَ تي به کڻي لاهيون ها |
فَقَرَأَهُ عَلَيهِم ما كانوا بِهِ مُؤمِنينَ (آيت : 199) |
۽ اهو (فصيح عربي ڪلام) هو کين پڙهي ٻڌائي ها ته به نه مڃن ها |
كَذٰلِكَ سَلَكنٰهُ فى قُلوبِ المُجرِمينَ (آيت : 200) |
اهڙيءَ طرح اسان هن (ذڪر) کي ڏوهارين جي دلين ۾ داخل ڪيو آهي |
لا يُؤمِنونَ بِهِ حَتّىٰ يَرَوُا العَذابَ الأَليمَ (آيت : 201) |
سو هو ان تي ايمان نه آڻيندا جيستائين دردناڪ عذاب (اکين سان) نه ڏسن |
فَيَأتِيَهُم بَغتَةً وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 202) |
پوءِ جڏهن اهو اوچتوئي اچي انهن تي پوندو آهي، جو کين ڪا خبر ئي نه هوندي آهي |
فَيَقولوا هَل نَحنُ مُنظَرونَ (آيت : 203) |
ته پوءِ چوندا آهن ته "ڇا اسان کي هاڻي ڪا مهلت ملي سگهي ٿي؟" |
أَفَبِعَذابِنا يَستَعجِلونَ (آيت : 204) |
ته ڇا اهي ماڻهو اسان جي عذاب لاءِ ٿا تڪڙ ڪن؟ |
أَفَرَءَيتَ إِن مَتَّعنٰهُم سِنينَ (آيت : 205) |
تو ڪو ان ڳالهه تي غور ڪيو آهي ته جيڪڏهن اسان کين سالن جا سال عيش ڪرڻ جي مهلت به ڏيئي ڇڏيون |
ثُمَّ جاءَهُم ما كانوا يوعَدونَ (آيت : 206) |
پوءِ اهائي شيءِ پيش اچينِ، جنهن کان کين ڊيڄاريو پيو وڃي |
ما أَغنىٰ عَنهُم ما كانوا يُمَتَّعونَ (آيت : 207) |
ته اهو زندگي گذارڻ جو سامان جيڪو کين مليل آهي سو سندن ڪهڙي ڪم ايندو؟ |
وَما أَهلَكنا مِن قَريَةٍ إِلّا لَها مُنذِرونَ (آيت : 208) |
(ڏسو) اسان ڪڏهن به ڪنهن ڳوٺ کي سواءِ ان جي هلاڪ نه ڪيو، جو ان لاءِ ڊيڄارڻ وارا موجود هئا |
ذِكرىٰ وَما كُنّا ظٰلِمينَ (آيت : 209) |
نصيحت ڪرڻ لاءِ ۽ اسان ڪو ظالم نه هئاسون |
وَما تَنَزَّلَت بِهِ الشَّيٰطينُ (آيت : 210) |
هن (کولي بيان ڪندڙ ڪتاب) کي شيطان کڻي ڪونه لٿا آهن |
وَما يَنبَغى لَهُم وَما يَستَطيعونَ (آيت : 211) |
نڪي اهو ڪم کين سونهين ٿو ۽ نه وري هو ائين ڪري ئي سگهن ٿا |
إِنَّهُم عَنِ السَّمعِ لَمَعزولونَ (آيت : 212) |
هو ته ان جي ٻڌڻ کان به پري رکيا ويا آهن |
فَلا تَدعُ مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ فَتَكونَ مِنَ المُعَذَّبينَ (آيت : 213) |
تنهنڪري اي نبي! الله سان گڏ ڪنهن به ٻئي معبود کي نه سڏ، نه ته تون به سزا ڀوڳڻ وارن مان ٿي پوندين |
وَأَنذِر عَشيرَتَكَ الأَقرَبينَ (آيت : 214) |
پنهنجن ويجهي ۾ ويجهن عزيزن قريبن کي ڊيڄار |
وَاخفِض جَناحَكَ لِمَنِ اتَّبَعَكَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 215) |
۽ ايمان آڻڻ وارن مان جيڪي ماڻهو تنهنجي پيروي اختيار ڪن ته انهن سان نرميءَ سان پيش اچ |
فَإِن عَصَوكَ فَقُل إِنّى بَريءٌ مِمّا تَعمَلونَ (آيت : 216) |
پر جيڪڏهن تنهنجي بي فرماني ڪن ته چئي ڇڏينِ ته جيڪي توهان ڪريو ٿا، مان ان جو ذميوار ناهيان |
وَتَوَكَّل عَلَى العَزيزِ الرَّحيمِ (آيت : 217) |
۽ ان زبردست ۽ ٻاجهاري تي ڀروسو ڪر |
الَّذى يَرىٰكَ حينَ تَقومُ (آيت : 218) |
جيڪو توکي ان وقت پيو ڏسندو آهي، جڏهن تون اٿندو آهين |
وَتَقَلُّبَكَ فِى السّٰجِدينَ (آيت : 219) |
۽ سجدو ڪندڙن جي وچ ۾ تنهنجي چرپر کي به پيو ڏسندو آهي |
إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 220) |
هو ته سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي |
هَل أُنَبِّئُكُم عَلىٰ مَن تَنَزَّلُ الشَّيٰطينُ (آيت : 221) |
انسانؤ! ڇا مان توهان کي ٻڌايان ته شيطان ڪنهن تي لهندا آهن؟ |
تَنَزَّلُ عَلىٰ كُلِّ أَفّاكٍ أَثيمٍ (آيت : 222) |
اهي هر ڪوڙ ٺاهيندڙ بدڪار تي لهندا آهن |
يُلقونَ السَّمعَ وَأَكثَرُهُم كٰذِبونَ (آيت : 223) |
ٻڌل ســُـڌل ڳالهيون ڪنن ۾ وجهندا آهن ۽ انهن مان گهڻا ڪوڙا هوندا آهن |
وَالشُّعَراءُ يَتَّبِعُهُمُ الغاوۥنَ (آيت : 224) |
باقي شاعرن جي ڪڍ ته ڀٽڪيل ماڻهو ئي لڳندا آهن |
أَلَم تَرَ أَنَّهُم فى كُلِّ وادٍ يَهيمونَ (آيت : 225) |
ڏٺو نه اٿئي ڇا ته اهي سڀ ڪنهن ميدان ۾ پيا ڀٽڪندا وتندا آهن |
وَأَنَّهُم يَقولونَ ما لا يَفعَلونَ (آيت : 226) |
۽ اهي ڳالهيون چوندا آهن، جيڪي پاڻ نه ڪندا آهن |
إِلَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَذَكَرُوا اللَّهَ كَثيرًا وَانتَصَروا مِن بَعدِ ما ظُلِموا وَسَيَعلَمُ الَّذينَ ظَلَموا أَىَّ مُنقَلَبٍ يَنقَلِبونَ (آيت : 227) |
باقي انهن (شاعرن) جي ڳالهه ٻي آهي، جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيائون ۽ الله کي تمام گهڻو ياد ڪيائون ۽ جڏهن مٿن ظلم ٿيو ته فقط بدلو ورتائون ۽ ظلم ڪندڙن کي سگهوئي معلوم ٿي ويندو ته اهي ڪهڙيءَ پڇاڙيءَ ڏانهن موٽن ٿا |