طسم (آيت : 1) |
طسم |
تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ المُبينِ (آيت : 2) |
اهي کولي ٻڌائيندڙ ڪتاب (قرآن) جون آيتون آهن. |
لَعَلَّكَ بٰخِعٌ نَفسَكَ أَلّا يَكونوا مُؤمِنينَ (آيت : 3) |
(اي رسول) متان تون پاڻ کي هن ڪري هلاڪت ۾ وجهين جو اهي (ڪافر) ايمان نٿا آڻين. |
إِن نَشَأ نُنَزِّل عَلَيهِم مِنَ السَّماءِ ءايَةً فَظَلَّت أَعنٰقُهُم لَها خٰضِعينَ (آيت : 4) |
جيڪڏهن اسين گهرون ها ته مٿن آسمان مان ڪو اهڙو معجزو نازل ڪريون جو سندن ڪنڌ ان جي اڳيان جهڪي پون. |
وَما يَأتيهِم مِن ذِكرٍ مِنَ الرَّحمٰنِ مُحدَثٍ إِلّا كانوا عَنهُ مُعرِضينَ (آيت : 5) |
۽ (ماڻهن جي عادت آهي ته) جڏهن به انهن وٽ رحمان جي طرفان ڪا نئين نصيحت آئي ته اهي تنهن کان منهن موڙيو ڇڏين. |
فَقَد كَذَّبوا فَسَيَأتيهِم أَنبٰؤُا۟ ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 6) |
پوءِ انهن ڪوڙو ضرور ڪيو آهي تنهنڪري وٽن ان (عذاب جي حقيقت پهچندي جنهن تي ٺٺوليون پيا ڪن. |
أَوَلَم يَرَوا إِلَى الأَرضِ كَم أَنبَتنا فيها مِن كُلِّ زَوجٍ كَريمٍ (آيت : 7) |
ڇا انهن زمين ڏي به (غور سان) نه ڏٺو ته اسان ان ۾ سڀ ڪنهن سٺي جنس مان ڇا ڇا (نه) پيدا ڪيو؟ |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 8) |
بيشڪ ان ۾ (خدا جي قدرت جي) وڏي نشاني آهي پر انهن ۾ گهڻا ايمان آڻڻ وارا ئي نه آهن. |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 9) |
۽ (اي رسول) بيشڪ تنهنجو پالڻهار غالب نهايت رحم وارو آهي. |
وَإِذ نادىٰ رَبُّكَ موسىٰ أَنِ ائتِ القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 10) |
(اي رسول) اهو وقت ياد ڪر! جڏهن اوهان جي پروردگار موسى کي سڏيو ته ظالم قوم ڏي وڃ، |
قَومَ فِرعَونَ أَلا يَتَّقونَ (آيت : 11) |
فرعون جي قوم کي (هدايت ڪريو) ڇا اهي ماڻهو (منهنجي غضب کان) نٿا ڊڄن؟ |
قالَ رَبِّ إِنّى أَخافُ أَن يُكَذِّبونِ (آيت : 12) |
(موسى) عرض ڪيو، منهنجا رب آءُ! ڊڄان ٿو ته متان مون کي ڪوڙو ڪن. |
وَيَضيقُ صَدرى وَلا يَنطَلِقُ لِسانى فَأَرسِل إِلىٰ هٰرونَ (آيت : 13) |
۽ (انهن جي ڪوڙو چوڻ ڪري) منهنجو دم گهٽجي ۽ منهنجي زبان (چڱيءَ طرح) نه هلي ته پوءِ هارون ڏي به (پيغام موڪل. (ته منهنجو مددگار ٿئي). |
وَلَهُم عَلَىَّ ذَنبٌ فَأَخافُ أَن يَقتُلونِ (آيت : 14) |
۽ انهن جو مون تي هڪ ڏوھ (دعوو) آهي سو آءُ ڊڄان ٿو ته متان مون کي قتل ڪن. |
قالَ كَلّا فَاذهَبا بِـٔايٰتِنا إِنّا مَعَكُم مُستَمِعونَ (آيت : 15) |
خدا ارشاد ڪيو ڪڏهن به ائين نه ٿيندو. چڱو!اوهين ٻئي اسان جي نشانين سان وڃو اسين اوهان سان آهيون ۽ (سموري گفتگو) چڱيءَ طرح ٻڌون ٿا. |
فَأتِيا فِرعَونَ فَقولا إِنّا رَسولُ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 16) |
مطلب ته اوهين ٻئي فرعون وٽ وڃو ۽ (وڃي) چئو ته اسين رب العالمين جا رسول آهيون. |
أَن أَرسِل مَعَنا بَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 17) |
(۽ هي پيغام آندو آهي) ته تون بني اسرائيلن کي اسان سان موڪلي ڇڏ! |
قالَ أَلَم نُرَبِّكَ فينا وَليدًا وَلَبِثتَ فينا مِن عُمُرِكَ سِنينَ (آيت : 18) |
(موسى ويو ۽ چيائين ۽ فرعون) چيو: (موسى!) ڇا اسان تو کي هتي رهائي ننڊپڻ ۾ پالنا نه ڪي. ۽ تون پنهنجي عمر جا ڪيئي سال اسان ۾ رهي سهي چڪو آهين، |
وَفَعَلتَ فَعلَتَكَ الَّتى فَعَلتَ وَأَنتَ مِنَ الكٰفِرينَ (آيت : 19) |
۽ تون پنهنجو اهو ڪم (قبطي جو خون) ڪري وئين سو ڪري وئين ۽ تون (وڏو) ناشڪرو آهين، |
قالَ فَعَلتُها إِذًا وَأَنا۠ مِنَ الضّالّينَ (آيت : 20) |
موسى چيو (هاءُ) مون اهو ڪم تڏهين ڪيو جڏهن آءُ غفلت ۾ هوس. |
فَفَرَرتُ مِنكُم لَمّا خِفتُكُم فَوَهَبَ لى رَبّى حُكمًا وَجَعَلَنى مِنَ المُرسَلينَ (آيت : 21) |
پوءِ جڏهن اوهان کان ڊنس ته اوهان کان ڀڳس. پوءِ (ڪجھ عرصي کان پوءِ) منهنجي پالڻهار مون کي نبوت عطا ڪئي ۽ مون کي به هڪ پيغمبر ڪيائين، |
وَتِلكَ نِعمَةٌ تَمُنُّها عَلَىَّ أَن عَبَّدتَ بَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 22) |
۽ اهو به ڪو احسان آهي جنهن جو مون تي ٿورو رکين هوڏانهن تو بني اسرائيلن کي ٻانهو ڪري رکيو آهي. |
قالَ فِرعَونُ وَما رَبُّ العٰلَمينَ (آيت : 23) |
فرعون چيو (چڱو اهو ته ٻڌائي) رب العالمين ڪهڙي شيءِ آهي؟ |
قالَ رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما إِن كُنتُم موقِنينَ (آيت : 24) |
موسى چيو ته (اهو ئي) آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي تنهن جو پاليندڙ آهي. جيڪڏهن اوهين يقين ڪريو (ته ڪافي آهي). |
قالَ لِمَن حَولَهُ أَلا تَستَمِعونَ (آيت : 25) |
فرعون پنهنجي آس پاس وارن کي چيو ته ڇا (اوهين) نه ٿا ٻڌو؟ |
قالَ رَبُّكُم وَرَبُّ ءابائِكُمُ الأَوَّلينَ (آيت : 26) |
موسى چيو ته (اهو ئي) اوهان جو پاليندڙ ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن جو پاليندڙ آهي. |
قالَ إِنَّ رَسولَكُمُ الَّذى أُرسِلَ إِلَيكُم لَمَجنونٌ (آيت : 27) |
فرعون چيو ته (ٻڌو ٿا!) هي رسول جيڪو توهان ڏي موڪليو ويو آهي سو پڪ چريو آهي. |
قالَ رَبُّ المَشرِقِ وَالمَغرِبِ وَما بَينَهُما إِن كُنتُم تَعقِلونَ (آيت : 28) |
موسى چيو، (اهو خدا جو) اڀرندي ۽ الهندي ۽ جو ڪجھ انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي (سڀ جو) مالڪ آهي جيڪڏهن اوهين سمجهو ٿا (ته اها ڳالھ ڪافي آهي). |
قالَ لَئِنِ اتَّخَذتَ إِلٰهًا غَيرى لَأَجعَلَنَّكَ مِنَ المَسجونينَ (آيت : 29) |
فرعون چيو جيڪڏهن تو مون کان سواءِ ٻئي کي (پنهنجو خدا بنايو ته آءُ تو کي ضرور پنهنجو قيدي ڪندس. |
قالَ أَوَلَو جِئتُكَ بِشَيءٍ مُبينٍ (آيت : 30) |
موسى چيو، توڙي جو آءُ تو کي پڌرو معجزو به ڏيکاريان (تڏهن به) |
قالَ فَأتِ بِهِ إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 31) |
فرعون چيو (چڱو) ته تون جيڪڏهن (پنهنجي ڳالھ ۾) سچو آهين ته ڀلا آڻ. |
فَأَلقىٰ عَصاهُ فَإِذا هِىَ ثُعبانٌ مُبينٌ (آيت : 32) |
پوءِ (ٻڌندي ئي) موسى پنهنجي لٺ اڇلائي ته اها يڪدم پڌرو ازدها (نانگ) ٿي بيٺي. |
وَنَزَعَ يَدَهُ فَإِذا هِىَ بَيضاءُ لِلنّٰظِرينَ (آيت : 33) |
۽ (کيسي مان) پنهنجو هٿ ٻاهر ڪڍيائين ته اهو اوچتو ئي ڏسندڙن جي اڳيان تمام اڇو چمڪدار هو. |
قالَ لِلمَلَإِ حَولَهُ إِنَّ هٰذا لَسٰحِرٌ عَليمٌ (آيت : 34) |
تڏهن (فرعون پنهنجي دربارين کي جي سندس آس پاس (ويٺا) هئا چوڻ لڳو ته هي پڪ وڏو جادوگر آهي، |
يُريدُ أَن يُخرِجَكُم مِن أَرضِكُم بِسِحرِهِ فَماذا تَأمُرونَ (آيت : 35) |
هن جي مرضي آهي ته پنهنجي جادوءَ جي زور سان اوهان کي اوهان جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر ڪري. ته پوءِ اوهين ڪهڙو حڪم لڳايو ٿا؟ |
قالوا أَرجِه وَأَخاهُ وَابعَث فِى المَدائِنِ حٰشِرينَ (آيت : 36) |
دربارين چيو ته ان کي ۽ ان جي ڀاءُ کي ترسائي ۽ سڀني شهر وارن ۾ جادوگرن کي ڪٺو ڪرڻ لاءِ ڪوٺيندڙن کي موڪل، |
يَأتوكَ بِكُلِّ سَحّارٍ عَليمٍ (آيت : 37) |
ته سڀ ڪنهن داناءَ جادوگر کي اوهان جي اڳيان آڻي حاضر ڪن. |
فَجُمِعَ السَّحَرَةُ لِميقٰتِ يَومٍ مَعلومٍ (آيت : 38) |
پوءِ جادوگرن کي هڪ مقرر ڏينهن جي انجام تي گڏ ڪيو ويو. |
وَقيلَ لِلنّاسِ هَل أَنتُم مُجتَمِعونَ (آيت : 39) |
۽ ماڻهن کي چيو ويو ته ڇا اوهين گڏ ٿيندو؟ |
لَعَلَّنا نَتَّبِعُ السَّحَرَةَ إِن كانوا هُمُ الغٰلِبينَ (آيت : 40) |
هن لاءِ ته جيڪڏهن جادوگر غالب ٿيا ته اسين سندس پيروي ڪريون. |
فَلَمّا جاءَ السَّحَرَةُ قالوا لِفِرعَونَ أَئِنَّ لَنا لَأَجرًا إِن كُنّا نَحنُ الغٰلِبينَ (آيت : 41) |
نيٺ جڏهن سڀ جادوگر آيا ته جادوگرن فرعون کي چيو ته جيڪڏهن اسين غالب ٿياسون ته ڇا پڪ اسان کي (سرڪار مان) انعام ملندو؟ |
قالَ نَعَم وَإِنَّكُم إِذًا لَمِنَ المُقَرَّبينَ (آيت : 42) |
فرعون چيو، هاءُ (ضرور ڏنو ويندو) ۽ (انعام ڪهڙي ڳالھ آهي) اوهين پوءِ (منهنجي بارگاھ جي) مقربن مان ٿيندو. |
قالَ لَهُم موسىٰ أَلقوا ما أَنتُم مُلقونَ (آيت : 43) |
انهن کي موسى چيو (منتر جنتر) جيڪي اوهان کي اڇلڻو آهي اڇليو. |
فَأَلقَوا حِبالَهُم وَعِصِيَّهُم وَقالوا بِعِزَّةِ فِرعَونَ إِنّا لَنَحنُ الغٰلِبونَ (آيت : 44) |
۽ انهن پنهنجا رسا ۽ لٺيون اڇلايون ۽ چيائون ته فرعون جي عزت جو قسم آهي ته بيشڪ اسين ئي غالب رهنداسون. |
فَأَلقىٰ موسىٰ عَصاهُ فَإِذا هِىَ تَلقَفُ ما يَأفِكونَ (آيت : 45) |
پوءِ موسى پنهنجي لٺ اڇلائي ته اها اتي جو اتي جيڪو ڪوڙو سانگ ٺاهيو هئائون تنهن کي ڳهڻ لڳي ويئي. |
فَأُلقِىَ السَّحَرَةُ سٰجِدينَ (آيت : 46) |
(اهو ڏسندي ئي) پوءِ جادوگر سجدي ۾ ڪري پيا. |
قالوا ءامَنّا بِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 47) |
۽ چوڻ لڳا اسان سموري جهان جي پروردگار تي ايمان آندو. |
رَبِّ موسىٰ وَهٰرونَ (آيت : 48) |
جو موسى ۽ هارون جو پالڻهار آهي. |
قالَ ءامَنتُم لَهُ قَبلَ أَن ءاذَنَ لَكُم إِنَّهُ لَكَبيرُكُمُ الَّذى عَلَّمَكُمُ السِّحرَ فَلَسَوفَ تَعلَمونَ لَأُقَطِّعَنَّ أَيدِيَكُم وَأَرجُلَكُم مِن خِلٰفٍ وَلَأُصَلِّبَنَّكُم أَجمَعينَ (آيت : 49) |
فرعون چيو (اڙي!) هن کان اڳ جو آءُ اوهان کي موڪل ڏيان اوهان ان تي ايمان آندو. بيشڪ اهو اوهان جو وڏو آهي جنهن اوهان کي جادو سيکاريو آهي ته (خير) هاڻي ئي اوهان کي (ان جو نتيجو) معلوم ٿي ويندو جو پڪ آءُ اوهان جي هڪ طرف جا هٿ ۽ ٻئي طرف جا پير وڍيندس ۽ ضرور آءُ اوهان سڀني کي سوريءَ تي لٽڪائيندس. |
قالوا لا ضَيرَ إِنّا إِلىٰ رَبِّنا مُنقَلِبونَ (آيت : 50) |
انهن چيو ته ڪو حرج نه آهي اسان کي ته اڳي پوءِ پنهنجي پروردگار ڏي موٽڻو آهي. |
إِنّا نَطمَعُ أَن يَغفِرَ لَنا رَبُّنا خَطٰيٰنا أَن كُنّا أَوَّلَ المُؤمِنينَ (آيت : 51) |
اسان جيئن ته سڀني کان اڳ ايمان آندو آهي تنهن ڪري اميد آهي ته اسان جو پالڻهار اسان جون خطائون معاف ڪندو. |
وَأَوحَينا إِلىٰ موسىٰ أَن أَسرِ بِعِبادى إِنَّكُم مُتَّبَعونَ (آيت : 52) |
۽ اسان موسى ڏي وحي موڪليو ته منهنجي ٻانهن کي راتو رات وٺي نڪر (هو) ضرور اوهان جي پٺيان پوندا. |
فَأَرسَلَ فِرعَونُ فِى المَدائِنِ حٰشِرينَ (آيت : 53) |
تڏهن فرعون (لشڪر جي جمع ڪرڻ جي خيال سان) سڀني شهرن ۾ (ڪيترائي) ڪوٺيندڙ روانا ڪيا. |
إِنَّ هٰؤُلاءِ لَشِرذِمَةٌ قَليلونَ (آيت : 54) |
(۽ چيائين) ته هي ماڻهو (موسى سان بني اسرائيل) ٿورا (مختصر) جماعت آهن. |
وَإِنَّهُم لَنا لَغائِظونَ (آيت : 55) |
پڻ انهن اسان کي سخت ڪاوڙايو آهي. |
وَإِنّا لَجَميعٌ حٰذِرونَ (آيت : 56) |
۽ اسين سڀئي هٿيار بند جماعت آهيون. |
فَأَخرَجنٰهُم مِن جَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 57) |
مطلب ته اسان (انهن فرعون وارن) کي (مصر جي) باغن ۾ چشمن مان ٻاهر ڪڍيوسون. |
وَكُنوزٍ وَمَقامٍ كَريمٍ (آيت : 58) |
۽ خزانن ۽ عزت جي جاين مان به ڪڍي ٻاهر ڪيوسون، |
كَذٰلِكَ وَأَورَثنٰها بَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 59) |
اهڙي طرح (ڪيوسون) ۽ انهن شين جو بني اسرائيل کي وارث ڪيوسون. |
فَأَتبَعوهُم مُشرِقينَ (آيت : 60) |
پوءِ سج اڀرڻ وقت انهن جي پٺيان پيا. |
فَلَمّا تَرٰءَا الجَمعانِ قالَ أَصحٰبُ موسىٰ إِنّا لَمُدرَكونَ (آيت : 61) |
ته جڏهن ٻئي جماعتون (ايتريون ويجهو ٿيون جو) هڪ ٻئي کي ڏسڻ لڳا ته موسى جي سنگتين چيو هاڻي ته اسين پڪڙجي پياسون. |
قالَ كَلّا إِنَّ مَعِىَ رَبّى سَيَهدينِ (آيت : 62) |
موسى چين ته ائين ڪڏهن به نه ٿيندو ڇو ته منهنجو پروردگار مون سان آهي، اهو يڪدم مون کي ضرور دڳ لائيندو. |
فَأَوحَينا إِلىٰ موسىٰ أَنِ اضرِب بِعَصاكَ البَحرَ فَانفَلَقَ فَكانَ كُلُّ فِرقٍ كَالطَّودِ العَظيمِ (آيت : 63) |
پوءِ اسان موسى ڏي وحي ڪيو ته پنهنجي لٺ دريا تي هڻ. (بس لٺ هڻڻ سان) اهو چيرجي پيو، پوءِ سڀ ڪو ڀاڱو وڏي جبل جهڙو ٿي پيو. |
وَأَزلَفنا ثَمَّ الءاخَرينَ (آيت : 64) |
۽ ٻين (فرعون ۽ سندس ساٿين) کي اتي ڪيوسون. |
وَأَنجَينا موسىٰ وَمَن مَعَهُ أَجمَعينَ (آيت : 65) |
۽ موسى کي ۽ جيڪي ساڻس هئا تن سڀني کي بچايوسون. |
ثُمَّ أَغرَقنَا الءاخَرينَ (آيت : 66) |
(ان کان) پوءِ ٻين کي ٻوڙيوسون. |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 67) |
بيشڪ ان قصي ۾ وڏي نشاني آهي هوڏانهن تن مان گهڻا ايمان آڻڻ وارا ئي نه هئا. |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 68) |
۽ بيشڪ تنهنجو پروردگار (سڀ تي) غالب ۽ وڏو رحم وارو آهي. |
وَاتلُ عَلَيهِم نَبَأَ إِبرٰهيمَ (آيت : 69) |
۽ انهن کي ابراهيم جي خبر پڙهي ٻڌائي. |
إِذ قالَ لِأَبيهِ وَقَومِهِ ما تَعبُدونَ (آيت : 70) |
جڏهن ان پنهنجي (پالڻ واري) پيءُ ۽ پنهنجي قوم کي چيو ته اوهين ماڻهو ڪنهن جي عبادت ڪريو ٿا؟ |
قالوا نَعبُدُ أَصنامًا فَنَظَلُّ لَها عٰكِفينَ (آيت : 71) |
هنن چيو، اسين بتن جي پوڄا ڪريون ٿا ۽ سدائين سندن مجاور آهيون. |
قالَ هَل يَسمَعونَكُم إِذ تَدعونَ (آيت : 72) |
ابراهيم چيو ڀلا جڏهن اوهين انهن کي سڏيو ته اهي اوهان جي ٻڌن به ٿا. |
أَو يَنفَعونَكُم أَو يَضُرّونَ (آيت : 73) |
يا اوهان کي ڪو فائدو يا نقصان پهچائي سگهن ٿا؟ |
قالوا بَل وَجَدنا ءاباءَنا كَذٰلِكَ يَفعَلونَ (آيت : 74) |
چوڻ لڳا (اها ڳالھ ته نه آهي) پر اسان پنهنجي ابن ڏاڏن کي ائين ئي ڪندي ڏٺو آهي. |
قالَ أَفَرَءَيتُم ما كُنتُم تَعبُدونَ (آيت : 75) |
ابراهيم ڇين ته ڇا اوهان انهن کي ڏٺو آهي جن جي عبادت پيا ڪريو، |
أَنتُم وَءاباؤُكُمُ الأَقدَمونَ (آيت : 76) |
اوهين ۽ اوهان جا اڳيان ابا ڏاڏا؟ |
فَإِنَّهُم عَدُوٌّ لى إِلّا رَبَّ العٰلَمينَ (آيت : 77) |
پوءِ بيشڪ اهي منهنجا دشمن آهن ساري جهان جي پاليندڙ کان سواءِ، (اهو ئي منهنجو دوست آهي) |
الَّذى خَلَقَنى فَهُوَ يَهدينِ (آيت : 78) |
جنهن مون کي پيدا ڪيو ۽ اهو ئي منهنجي هدايت ڪري ٿو. |
وَالَّذى هُوَ يُطعِمُنى وَيَسقينِ (آيت : 79) |
۽ جيڪو مون کي کارائي ٿو ۽ مون کي (پاڻي) پياري ٿو. |
وَإِذا مَرِضتُ فَهُوَ يَشفينِ (آيت : 80) |
۽ جڏهن بيمار ٿيان ٿو ته اهو مون کي تندرستي ڏئي ٿو. |
وَالَّذى يُميتُنى ثُمَّ يُحيينِ (آيت : 81) |
۽ جيڪو مون کي ماريندو ۽ (مرڻ کان پوءِ) وري جياريندو. |
وَالَّذى أَطمَعُ أَن يَغفِرَ لى خَطيـَٔتى يَومَ الدّينِ (آيت : 82) |
۽ جنهن ۾ اميد اٿم ته قيامت جي ڏينهن منهنجا گناھ معاف ڪندو. |
رَبِّ هَب لى حُكمًا وَأَلحِقنى بِالصّٰلِحينَ (آيت : 83) |
منهنجا رب! مون کي علم ۽ فهم عطا فرمائي ۽ مون کي نيڪن سان شامل ڪر. |
وَاجعَل لى لِسانَ صِدقٍ فِى الءاخِرينَ (آيت : 84) |
۽ آئينده اچڻ واري نسلن ۾ منهنجو ذڪر خير قائم رک. |
وَاجعَلنى مِن وَرَثَةِ جَنَّةِ النَّعيمِ (آيت : 85) |
پڻ مون کي به نعمت واري باغ (بهشت) جي وارثن مان بڻائي. |
وَاغفِر لِأَبى إِنَّهُ كانَ مِنَ الضّالّينَ (آيت : 86) |
۽ منهنجي چاچي (آذر) کي بخش جو، هو گمراهن مان آهي، |
وَلا تُخزِنى يَومَ يُبعَثونَ (آيت : 87) |
۽ جنهن ڏينهن ماڻهو قبرن مان اٿاريا ويندا مون کي خوار نه ڪج. |
يَومَ لا يَنفَعُ مالٌ وَلا بَنونَ (آيت : 88) |
جنهن ڏينهن نه مال ئي ڪجھ ڪم ايندو ۽ نه ٻار ٻچا. |
إِلّا مَن أَتَى اللَّهَ بِقَلبٍ سَليمٍ (آيت : 89) |
پر جو شخص خدا جي بارگاھ ۾ گناهن کان پاڪ دل سان حاضر ٿيندو. (سو ئي فائدي ۾ رهندو) |
وَأُزلِفَتِ الجَنَّةُ لِلمُتَّقينَ (آيت : 90) |
پڻ بهشت پرهيزگارن جي ويجهو ڪيو ويندو. |
وَبُرِّزَتِ الجَحيمُ لِلغاوينَ (آيت : 91) |
۽ دوزخ گمراهن جي ويجهو ڪيو ويندو. |
وَقيلَ لَهُم أَينَ ما كُنتُم تَعبُدونَ (آيت : 92) |
پڻ انهن (دوزخين) کان پڇيو ويندو ته خدا کي ڇڏي جن جي اوهان پوڄا ڪندا هئا (اڄ) اهي ڪٿي آهن؟ |
مِن دونِ اللَّهِ هَل يَنصُرونَكُم أَو يَنتَصِرونَ (آيت : 93) |
ڇا اهي اوهان جي ڪجھ مدد ڪري سگهن ٿا يا اهي پاڻ ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪري سگهن ٿا؟ |
فَكُبكِبوا فيها هُم وَالغاوۥنَ (آيت : 94) |
پوءِ اهي (سندن معبود) ۽ گمراھ ماڻهو، اونڌي منهن دوزخ ۾ اڇلايا ويندا، |
وَجُنودُ إِبليسَ أَجمَعونَ (آيت : 95) |
۽ شيطان جو لشڪر (مطلب ته سڀئي) |
قالوا وَهُم فيها يَختَصِمونَ (آيت : 96) |
اهي ان ۾ هڪ ٻئي سانجهڳڙو ڪندي چوندا ته، |
تَاللَّهِ إِن كُنّا لَفى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 97) |
خدا جو قسم ته بيشڪ اسين پڌري گمراهيءَ ۾ هئاسون، |
إِذ نُسَوّيكُم بِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 98) |
جڏهن اسان اوهان (بتن) کي پروردگار عالم سان برابر ٿي ڪيو، |
وَما أَضَلَّنا إِلَّا المُجرِمونَ (آيت : 99) |
۽ اسان کي ڏوهارين کان سواءِ ٻئي ڪنهن گمراھ نه ڪيو. |
فَما لَنا مِن شٰفِعينَ (آيت : 100) |
پوءِ نه اسان جا ڪي سفارش ڪندڙ آهن. |
وَلا صَديقٍ حَميمٍ (آيت : 101) |
۽ نه ڪو محبت ڪرڻ وارو دوست ئي آهي. |
فَلَو أَنَّ لَنا كَرَّةً فَنَكونَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 102) |
هائي (افسوس) جو ڪنهن طرح اسان کي ٻيو ڀيرو موٽي وڃڻ جو موقعو ملي ته اسين (ضرور) ايمان وارن مان ٿيون. |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 103) |
(ابراهيم جي) هن قصي ۾ به سچ ته هڪ وڏو سبق آهي. ۽ انهن مان گهڻا ايمان آڻڻ وارا هئا به ڪين. |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 104) |
۽ بيشڪ تنهنجو پالڻهار ئي (سڀ تي) غالب ۽ نهايت رحم وارو آهي. |
كَذَّبَت قَومُ نوحٍ المُرسَلينَ (آيت : 105) |
(اهڙي طرح) نوح جي قوم پيغمبرن کي ڪوڙو ڪيو، |
إِذ قالَ لَهُم أَخوهُم نوحٌ أَلا تَتَّقونَ (آيت : 106) |
جو جڏهن انهن کي سندس ڀاءُ نوح چيو ته اوهين ماڻهو ڇو (خدا کان) نٿا ڊڃو؟ |
إِنّى لَكُم رَسولٌ أَمينٌ (آيت : 107) |
آءُ سچ ته اوهان جو امانت دار پيغمبر آهيان. |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 108) |
اوهين خدا کان ڊڄو ۽ منهنجو چوڻ مڃيو. |
وَما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِن أَجرِىَ إِلّا عَلىٰ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 109) |
۽ آءُ اوهان کان هن (تبليغ رسالت) جو ڪو اجورو نٿو گهران منهنجو اجورو رڳو جهان جي پالڻهار تي آهي. |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 110) |
پوءِ خدا کان ڊڄو ۽ منهنجو چوڻ مڃو. |
قالوا أَنُؤمِنُ لَكَ وَاتَّبَعَكَ الأَرذَلونَ (آيت : 111) |
انهن چيس ته جڏهن ڪمينن (مزدور ۽ ٻين) اهڙن (لالچ تي) تنهنجي پيروي ڪئي آهي ته اسين تو کي ڪئين مڃيون. |
قالَ وَما عِلمى بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 112) |
نوح چين ته جيڪي ڪم اهي پيا ڪن تن جي مون کي ڪهڙي خبر (۽ ڪهڙو مطلب؟) |
إِن حِسابُهُم إِلّا عَلىٰ رَبّى لَو تَشعُرونَ (آيت : 113) |
انهن کان حساب وٺڻ ته منهنجي پروردگار جو ئي ڪم آهي (افسوس!) جيڪڏهن اوهين سمجهو. |
وَما أَنا۠ بِطارِدِ المُؤمِنينَ (آيت : 114) |
۽ آءُ ته ايمان وارن کي تڙڻ وارو نه آهيان. |
إِن أَنا۠ إِلّا نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 115) |
آءُ ته رڳو (خدا جي غضب کان) پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان. |
قالوا لَئِن لَم تَنتَهِ يٰنوحُ لَتَكونَنَّ مِنَ المَرجومينَ (آيت : 116) |
انهن چيس ته اي نوح! جيڪڏهن تون (ان ڪم کان) باز نه ايندين ته ضرور سنگسار ڪيو ويندين. |
قالَ رَبِّ إِنَّ قَومى كَذَّبونِ (آيت : 117) |
(نيٺ) نوح عرض ڪيو اي منهنجا پالڻهار منهنجي قوم پڪ مون کي ڪوڙو ڪيو. |
فَافتَح بَينى وَبَينَهُم فَتحًا وَنَجِّنى وَمَن مَعِىَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 118) |
ته هاڻي تون منهنجي ۽ انهن ماڻهن جي وچ ۾ قطعي فيصلو ڪر. ۽ مون کي ۽ جيڪي ايمان وارا مون سان آهن تن کي بچائي. |
فَأَنجَينٰهُ وَمَن مَعَهُ فِى الفُلكِ المَشحونِ (آيت : 119) |
نيٺ ان کي ۽ جيڪي ان سان گڏ ڀريل ٻيڙيءَ ۾ هئا تن کي بچايوسون. |
ثُمَّ أَغرَقنا بَعدُ الباقينَ (آيت : 120) |
وري ان کان پوءِ باقي رهيلن کي ٻوڙيوسون. |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 121) |
هن (ڳالھ) ۾ به پڪ هڪ وڏو سبق آهي. ۽ انهن مان گهڻا ايمان آڻڻ وارا ئي ڪين هئا. |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 122) |
۽ بيشڪ تنهنجو پروردگار ئي (سڀ تي) غالب (۽) نهايت رحم وارو آهي. |
كَذَّبَت عادٌ المُرسَلينَ (آيت : 123) |
(اهڙيءَ طرح)عاد جي قوم پيغمبرن کي ڪوڙو ڪيو. |
إِذ قالَ لَهُم أَخوهُم هودٌ أَلا تَتَّقونَ (آيت : 124) |
جڏهن سندن ڀاءُ هود انهن کي چيو ته ڇا اوهين (خدا جي غضب کان) نه ٿا ڊڄو، |
إِنّى لَكُم رَسولٌ أَمينٌ (آيت : 125) |
آءُ ته اوهان جي لاءِ امانت دار پيغمبر آهيان، |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 126) |
ته اوهين خدا کان ڊڄو ۽ منهنجو چوڻ مڃو. |
وَما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِن أَجرِىَ إِلّا عَلىٰ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 127) |
۽ آءُ ته اوهان کان ان (تبليغ رسالت) لاءِ ڪو اجورو نه ٿو گهران. منهنجو اجورو رڳو جهان جي پالڻهار تي آهي. |
أَتَبنونَ بِكُلِّ ريعٍ ءايَةً تَعبَثونَ (آيت : 128) |
ڇا اوهين بي فائدو سڀ ڪنهن مٿاهين زمين تي ڪو نه ڪو بيڪار يادگار بنايو ٿا. |
وَتَتَّخِذونَ مَصانِعَ لَعَلَّكُم تَخلُدونَ (آيت : 129) |
۽ مضبوط محل بنايو ٿا ڄڻ ته (هتي) اوهين هميشه رهندو، |
وَإِذا بَطَشتُم بَطَشتُم جَبّارينَ (آيت : 130) |
۽ جڏهن (ڪنهن تي) هٿ ڊگهو ڪريو ٿا ته ڏاڍائي سان هٿ ڊگهو ڪريو ٿا، |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 131) |
اوهين خدا کان ڊڄو ۽ منهنجو چوڻ مڃيو. |
وَاتَّقُوا الَّذى أَمَدَّكُم بِما تَعلَمونَ (آيت : 132) |
۽ ان خدا کان ڊڄو جنهن اوهان کي انهن شين جي مدد ڏني آهي جن کي اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا. |
أَمَدَّكُم بِأَنعٰمٍ وَبَنينَ (آيت : 133) |
(چڱو ٻڌو) اوهان کي چوپائي مال ۽ پٽن سان مدد ڪئي اٿس. |
وَجَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 134) |
۽ باغ ۽ چشمن سان به. |
إِنّى أَخافُ عَلَيكُم عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 135) |
سچ ته آءُ اوهان تي تمام هڪ وڏي (سخت) ڏينهن جي عذاب اچڻ کان ڊڄان ٿو. |
قالوا سَواءٌ عَلَينا أَوَعَظتَ أَم لَم تَكُن مِنَ الوٰعِظينَ (آيت : 136) |
انهن چيو ته تون نصيحت ڪرين يا نصيحت نه ڪرين اسان لاءِ (ٻئي ڳالهيون) برابر آهن. |
إِن هٰذا إِلّا خُلُقُ الأَوَّلينَ (آيت : 137) |
اهو (ديڄارڻ) ته رڳو اڳين جي ئي عادت آهي. |
وَما نَحنُ بِمُعَذَّبينَ (آيت : 138) |
۽ اسان تي عذاب (وغيره هاڻي) ڪين ڪيو ويندو. |
فَكَذَّبوهُ فَأَهلَكنٰهُم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 139) |
مطلب ته هود کي ڪوڙو ڪيائون تنهن ڪري انهن کي هلاڪ ڪيوسون. بيشڪ هن قصي ۾ هڪ (وڏو) سبق آهي. ۽ انهن مان گهڻا مڃڻ وارا نه هئا. |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 140) |
۽ ان ۾ شڪ نه آهي ته تنهنجو پروردگار پڪ (سڀ تي) غالب ۽ نهايت رحم وارو آهي. |
كَذَّبَت ثَمودُ المُرسَلينَ (آيت : 141) |
(اهڙيءَ طرح) ثمود جي قوم پيغمبرن کي ڪوڙو ڪيو. |
إِذ قالَ لَهُم أَخوهُم صٰلِحٌ أَلا تَتَّقونَ (آيت : 142) |
جڏهن سندن ڀاءُ صالح چيو ته ڇا اوهين (خدا کان) نه ٿا ڊڄو؟ |
إِنّى لَكُم رَسولٌ أَمينٌ (آيت : 143) |
آءُ ته پڪ اوهان جي لاءِ امانت دار پيغمبر آهيان. |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 144) |
ته خدا کان ڊڄو ۽ منهنجو چوڻ مڃو. |
وَما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِن أَجرِىَ إِلّا عَلىٰ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 145) |
۽ آءُ ته اوهان کان هن (تبليغ رسالت) تي ڪجھ اجورو به نه ٿو گهران. منهنجو اجورو رڳو جهان جي پاليندڙ تي آهي. |
أَتُترَكونَ فى ما هٰهُنا ءامِنينَ (آيت : 146) |
ڇا جيڪي شيون هتي (دنيا ۾) موجود آهن، تن کي اطمينان سان ڇڏي ڏيون. |
فى جَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 147) |
(پڻ) باغ ۽ چشما. |
وَزُروعٍ وَنَخلٍ طَلعُها هَضيمٌ (آيت : 148) |
۽ پوکون ۽ کجين ۾ جن جا خوشا نفيس ۽ نازڪ ٿين ٿا. |
وَتَنحِتونَ مِنَ الجِبالِ بُيوتًا فٰرِهينَ (آيت : 149) |
۽ (تنهن ڪري ئي) تمام مهارت ۽ تڪليف مان جبلن کي ٽڪي ٽڪي گهر بنايو ٿا. |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 150) |
ته خدا کان ڊڄو ۽ منهنجو چوڻ مڃيو. |
وَلا تُطيعوا أَمرَ المُسرِفينَ (آيت : 151) |
۽ حد کان لنگهندڙن جو چيو نه مڃو. |
الَّذينَ يُفسِدونَ فِى الأَرضِ وَلا يُصلِحونَ (آيت : 152) |
جيڪي روءِ زمين تي فساد ڪن ٿا ۽ (خرابين جو) سڌارو نه ٿا ڪن. |
قالوا إِنَّما أَنتَ مِنَ المُسَحَّرينَ (آيت : 153) |
انهن چيو ته تون ته انهن مان ئي آهين جن تي جادو ڪيل آهي. |
ما أَنتَ إِلّا بَشَرٌ مِثلُنا فَأتِ بِـٔايَةٍ إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 154) |
تون رڳو اسان جهڙو ماڻهو آهين، پوءِ جيڪڏهن تون سچو آهين ته ڪو معجزو اسان جي لاءِ آڻي ڏيکار. |
قالَ هٰذِهِ ناقَةٌ لَها شِربٌ وَلَكُم شِربُ يَومٍ مَعلومٍ (آيت : 155) |
صالح چيو ته هيءَ هڪ ڏاچي آهي ان لاءِ پاڻي پيئڻ جو هڪ وارو آهي ۽ اوهان لاءِ هڪ مقرر ڏينهن جو وارو آهي. |
وَلا تَمَسّوها بِسوءٍ فَيَأخُذَكُم عَذابُ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 156) |
۽ ان کي ڪا به تڪليف نه ڏجو نه ته اوهان کي هڪ وڏي (سخت) ڏينهن جو عذاب پڪڙيندو. |
فَعَقَروها فَأَصبَحوا نٰدِمينَ (آيت : 157) |
تنهن هوندي به انهن ماڻهن ان (ڏاچي) جا پير وڍيا (۽ کيس ماري ڇڏيائون) وري پاڻ ئي پشيمان ٿيا. |
فَأَخَذَهُمُ العَذابُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 158) |
پوءِ انهن کي عذاب پڪڙيو. بيشڪ ان (ڳالھ) ۾ هڪ وڏو سبق آهي، ۽ پڻ انهن مان گهڻا ماڻهو مڃڻ وارا نه هئا. |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 159) |
۽ بيشڪ تنهنجو پروردگار (سڀ تي) غالب (۽) نهايت رحم وارو آهي. |
كَذَّبَت قَومُ لوطٍ المُرسَلينَ (آيت : 160) |
(ائين ئي) لوط جي قوم پيغمبرن کي ڪوڙو ڪيو. |
إِذ قالَ لَهُم أَخوهُم لوطٌ أَلا تَتَّقونَ (آيت : 161) |
جڏهن انهن جي ڀاءُ لوط کين چيو ته اوهين الله کان ڇو نه ٿا ڊڄو. |
إِنّى لَكُم رَسولٌ أَمينٌ (آيت : 162) |
آءُ ته اوهان جو امانت دار پيغمبر آهيان. |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 163) |
ته اوهين الله کان ڊڄو ۽ منهنجو چوڻ مڃو. |
وَما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِن أَجرِىَ إِلّا عَلىٰ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 164) |
۽ آءُ اوهان کان هن (رسالت جي تبليغ) جو اجورو (ته) نه ٿو گهران. منهنجو اجورو رڳو ساري خدائي جي پالڻهار (خدا) تي آهي. |
أَتَأتونَ الذُّكرانَ مِنَ العٰلَمينَ (آيت : 165) |
ڇا توهين (شهوت پرستي لاءِ) ساري جهان جي ماڻهن مان مردن ڏي ئي وڃو ٿا. |
وَتَذَرونَ ما خَلَقَ لَكُم رَبُّكُم مِن أَزوٰجِكُم بَل أَنتُم قَومٌ عادونَ (آيت : 166) |
۽ اوهان جي پاليندڙ جيڪي اوهان لاءِ اوهان جون زالون پيدا ڪيون آهن تن کي ڇڏيو ٿا، پر اوهين حد کان لنگهندڙ قوم آهيو. |
قالوا لَئِن لَم تَنتَهِ يٰلوطُ لَتَكونَنَّ مِنَ المُخرَجينَ (آيت : 167) |
انهن چيو ته اي لوط! جيڪڏهن (ان ڳالھ کان) تون باز نه ايندين ته ضرور ڪڍي ٻاهر ڪيو ويندين. |
قالَ إِنّى لِعَمَلِكُم مِنَ القالينَ (آيت : 168) |
(لوط) چيو ته بيشڪ آءُ اوهان جي ڪم کان نفرت ڪندڙن مان آهيان. |
رَبِّ نَجِّنى وَأَهلى مِمّا يَعمَلونَ (آيت : 169) |
(۽ دعا گهريائين) پالڻهار! جيڪي هي ماڻهو ڪن ٿا تنهن کان مون کي ۽ منهنجي گهروارن کي بچائي! |
فَنَجَّينٰهُ وَأَهلَهُ أَجمَعينَ (آيت : 170) |
پوءِ ان کي ۽ ان جي سڀني گهروارن کي بچايوسون. |
إِلّا عَجوزًا فِى الغٰبِرينَ (آيت : 171) |
(پر لوط جي) هڪ ٻڍڙي زال کان سواءِ جا پٺتي رهجي ويئي (۽ هلاڪ ٿي). |
ثُمَّ دَمَّرنَا الءاخَرينَ (آيت : 172) |
پوءِ اسان انهن ماڻهن کي بربراد ڪيو. |
وَأَمطَرنا عَلَيهِم مَطَرًا فَساءَ مَطَرُ المُنذَرينَ (آيت : 173) |
۽ انهن تي اسان (پٿرن جو) مينهن وسايو. ته جن ماڻهن کي (خدا جي عذاب کان) ڊيڄاريو ويو هو تن تي ڪهڙي نه بچڙي بارش هئي! |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 174) |
بيشڪ هن واقعي ۾ هڪ وڏي عبرت آهي. ۽ انهن مان گهڻا ايمان وارا ئي نه هئا. |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 175) |
۽ بيشڪ تنهنجو پروردگار (سڀ تي) غالب (۽) نهايت رحم وارو آهي. |
كَذَّبَ أَصحٰبُ لـَٔيكَةِ المُرسَلينَ (آيت : 176) |
(اهڙي طرح) جهنگ جي رهڻ وارن (منهنجي) پيغمبرن کي ڪوڙو ڪيو. |
إِذ قالَ لَهُم شُعَيبٌ أَلا تَتَّقونَ (آيت : 177) |
جڏهن شعيب انهن کي چيو ته اوهين (خدا کان) ڇو نه ٿا ڊڄو؟ |
إِنّى لَكُم رَسولٌ أَمينٌ (آيت : 178) |
بيشڪ آءُ اوهان جي واسطي امانت دار پيغمبر آهيان، |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 179) |
پوءِ خدا کان ڊڄو ۽ منهنجو چوڻ مڃو. |
وَما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِن أَجرِىَ إِلّا عَلىٰ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 180) |
۽ آءُ اوهان کان (تبليغ رسالت) جو اجورو نه ٿو گهران، منهنجو اجورو رڳو جهان جي پاليندڙ تي آهي. |
أَوفُوا الكَيلَ وَلا تَكونوا مِنَ المُخسِرينَ (آيت : 181) |
ماڻ پورو ڀريو ۽ گهٽ مئيندڙن مان نه ٿيو. |
وَزِنوا بِالقِسطاسِ المُستَقيمِ (آيت : 182) |
۽ توهين (تور ۾) سڌي ترازيءَ سان توريو، |
وَلا تَبخَسُوا النّاسَ أَشياءَهُم وَلا تَعثَوا فِى الأَرضِ مُفسِدينَ (آيت : 183) |
۽ ماڻهن کي سندن شيءَون گهٽ نه ڏيو ۽ زمين ۾ فسادي ٿي بگيڙيو نه وجهو. |
وَاتَّقُوا الَّذى خَلَقَكُم وَالجِبِلَّةَ الأَوَّلينَ (آيت : 184) |
۽ ان کان ڊڄو جنهن اوهان کي ۽ اڳئين خلق کي پيدا ڪيو. |
قالوا إِنَّما أَنتَ مِنَ المُسَحَّرينَ (آيت : 185) |
انهن چيو ته تون انهن مان ئي آهين جن تي جادو ڪيل آهي. |
وَما أَنتَ إِلّا بَشَرٌ مِثلُنا وَإِن نَظُنُّكَ لَمِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 186) |
۽ تون رڳو اسان جهڙو ماڻهو آهين ۽ بلا شڪ اسين تو کي ڪوڙن مان خيال ڪريون ٿا. |
فَأَسقِط عَلَينا كِسَفًا مِنَ السَّماءِ إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 187) |
پوءِ جيڪڏهن تون سچن مان آهين ته اسان تي آسمان جو ڪو ٽڪر ڪيرائي. |
قالَ رَبّى أَعلَمُ بِما تَعمَلونَ (آيت : 188) |
شعيب چيو ته جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي منهنجو پالڻهار گهڻو ڄاڻندڙ آهي. |
فَكَذَّبوهُ فَأَخَذَهُم عَذابُ يَومِ الظُّلَّةِ إِنَّهُ كانَ عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 189) |
مطلب ته شعيب کي ڪوڙو ڪيائون ته کين ڇانو ڪندڙ (ڪڪر) جي عذاب اچي پڪڙيو. بيشڪ هي (به) هڪ وڏي (سخت) ڏينهن جو عذاب هو. |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 190) |
هن ۾ شڪ نه آهي ته هن ۾ (سمجھ وارن جي لاءِ) هڪ وڏو سبق آهي ۽ انهن مان گهڻا ته ايمان آڻڻ وارا ئي نه هئا. |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 191) |
۽ بيشڪ تنهنجو پروردگار يقينا (سڀ تي) غالب ۽ نهايت رحم وارو آهي. |
وَإِنَّهُ لَتَنزيلُ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 192) |
۽ (اي رسول) بيشڪ هي (قرآن) سموري خدائيءَ جي پالڻهار (خدا) جو نازل ڪيل آهي. |
نَزَلَ بِهِ الرّوحُ الأَمينُ (آيت : 193) |
جنهن کي روح الامين (جبرائيل) کڻي نازل ٿيو، |
عَلىٰ قَلبِكَ لِتَكونَ مِنَ المُنذِرينَ (آيت : 194) |
تنهنجيءَ دل تي، هن ڪري ته تون به (ٻين پيغمبرن وانگر ماڻهن کي) ڊيڄارين. |
بِلِسانٍ عَرَبِىٍّ مُبينٍ (آيت : 195) |
پڻ صاف عربي زبان ۾، |
وَإِنَّهُ لَفى زُبُرِ الأَوَّلينَ (آيت : 196) |
۽ بيشڪ ان جي خبر اڳين (پيغمبرن جي) ڪتابن ۾ (به موجود) آهي. |
أَوَلَم يَكُن لَهُم ءايَةً أَن يَعلَمَهُ عُلَمٰؤُا۟ بَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 197) |
ڇا انهن لاءِ هيءَ نشاني (ڪافي) نه آهي جو ان ڳالھ کي بني اسرائيلن جا عالم ڄاڻن ٿا. |
وَلَو نَزَّلنٰهُ عَلىٰ بَعضِ الأَعجَمينَ (آيت : 198) |
۽ جيڪڏهن اسين ان (قرآن) کي ڪنهن ٻي زبان تي نازل ڪريون ها، |
فَقَرَأَهُ عَلَيهِم ما كانوا بِهِ مُؤمِنينَ (آيت : 199) |
۽ اهو انهن عربن جي اڳيان هي (قرآن) پڙهي ٻڌائي ها، تڏهن به ان تي اهي ماڻهو ايمان آڻڻ وارا نه ٿين ها. |
كَذٰلِكَ سَلَكنٰهُ فى قُلوبِ المُجرِمينَ (آيت : 200) |
اهڙيءَ طرح اسان (ڄڻ ته پاڻ) ان (انڪار) کي ڏوهارين جي دلين ۾ وڌوسون، |
لا يُؤمِنونَ بِهِ حَتّىٰ يَرَوُا العَذابَ الأَليمَ (آيت : 201) |
ته اهي ماڻهو (ايستائين) نه مڃيندا جيستائين دردناڪ عذاب نه ڏسندا. |
فَيَأتِيَهُم بَغتَةً وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 202) |
جو مٿن اوچتو اچي ۽ کين خبر به نه پوندي، |
فَيَقولوا هَل نَحنُ مُنظَرونَ (آيت : 203) |
(پوءِ جڏهن عذاب نازل ٿيندو) چوندا ته ڇا اسان کي (هن وقت ڪجھ) مهلت ڏني ويندي؟ |
أَفَبِعَذابِنا يَستَعجِلونَ (آيت : 204) |
ڇا پوءِ هي اسان جي عذاب جي تڪڙ ڪن ٿا. |
أَفَرَءَيتَ إِن مَتَّعنٰهُم سِنينَ (آيت : 205) |
پوءِ ڀلا تو ڏٺو ته جيڪڏهن اسين انهن کي ڪيترائي ورهين آسودو رکون. |
ثُمَّ جاءَهُم ما كانوا يوعَدونَ (آيت : 206) |
وري جيڪو وعدو ساڻن ڪيو پيو وڃي سو وٽن اچي پهتو. |
ما أَغنىٰ عَنهُم ما كانوا يُمَتَّعونَ (آيت : 207) |
ته سندن آسودو هجڻ انهن کي ڪجھ ڪم نه ايندو. |
وَما أَهلَكنا مِن قَريَةٍ إِلّا لَها مُنذِرونَ (آيت : 208) |
۽ اسان ڪوئي ڳوٺ (تيستائين) برباد نه ڪيو مگر ان جي سمجهائڻ لاءِ (اڳ ۾) ڊيڄاريندڙ (پيغمبر موڪليا) هئا. |
ذِكرىٰ وَما كُنّا ظٰلِمينَ (آيت : 209) |
نصيحت (ڏيڻ) لاءِ، ۽ اسين ظالم نه هئاسون. |
وَما تَنَزَّلَت بِهِ الشَّيٰطينُ (آيت : 210) |
۽ هن قرآن کي شيطانن وٺي نه لاٿو آهي. |
وَما يَنبَغى لَهُم وَما يَستَطيعونَ (آيت : 211) |
۽ نه انهن جي لائق آهي ۽ نه ڪي اهي (ائين) ڪري سگهن ٿا. |
إِنَّهُم عَنِ السَّمعِ لَمَعزولونَ (آيت : 212) |
ڇو ته شيطان (وحي جي) ٻڌڻ کان محروم آهن. |
فَلا تَدعُ مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ فَتَكونَ مِنَ المُعَذَّبينَ (آيت : 213) |
ته (اي رسول) تون خدا سان گڏ ڪنهن ٻئي معبود کي نه سڏ نه ته تون به عذاب ڪيلن مان ٿيندين. |
وَأَنذِر عَشيرَتَكَ الأَقرَبينَ (آيت : 214) |
۽ (اي رسول) پنهنجن ويجهن مائٽن کي (خدا جي عذاب کان) ڊيڄار. |
وَاخفِض جَناحَكَ لِمَنِ اتَّبَعَكَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 215) |
۽ جن ايمان وارن تنهنجي تابعداري ڪئي آهي تن جي اڳيان پنهنجا بازو جهڪائي (بلڪل نرمي ڪر!) |
فَإِن عَصَوكَ فَقُل إِنّى بَريءٌ مِمّا تَعمَلونَ (آيت : 216) |
پوءِ جيڪڏهن ماڻهو تنهنجي نافرماني ڪن ته تون (کين صاف صاف) چئي ڏي ته آءُ اوهان جي ڪرتوتن کان بيزار آهيان. |
وَتَوَكَّل عَلَى العَزيزِ الرَّحيمِ (آيت : 217) |
۽ تون ان (خدا) تي جو (سڀ کان) غالب (۽) نهايت مهربان آهي ڀروسو ڪر. |
الَّذى يَرىٰكَ حينَ تَقومُ (آيت : 218) |
جيڪو تو کي ڏسي ٿو جڏهن تون تهجد نماز ۾ اٿين ٿو. |
وَتَقَلُّبَكَ فِى السّٰجِدينَ (آيت : 219) |
۽ سجدي ڪندڙن ۾ تنهنجي اٿڻ ويهڻ کي ڏسي ٿو. |
إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 220) |
بيشڪ اهو ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. |
هَل أُنَبِّئُكُم عَلىٰ مَن تَنَزَّلُ الشَّيٰطينُ (آيت : 221) |
ڇا آءُ اوهان کي خبر ڏيان ته شيطان ڪنهن تي نازل ٿين ٿا؟ |
تَنَزَّلُ عَلىٰ كُلِّ أَفّاكٍ أَثيمٍ (آيت : 222) |
(ته ٻڌ) اهي سڀ ڪنهن ڪوڙي گنهگار تي نازل ٿين ٿا. |
يُلقونَ السَّمعَ وَأَكثَرُهُم كٰذِبونَ (آيت : 223) |
جو اهي (فرشتن جي ڳالهين تي) ڪن لڳائي ٻڌندا رهن ٿا (ته من ڪجھ ٻڌون) هوڏانهن انهن مان گهڻا ته (بلڪل) ڪوڙا آهن. |
وَالشُّعَراءُ يَتَّبِعُهُمُ الغاوۥنَ (آيت : 224) |
۽ شاعرن جي پيروي ته گمراھ ماڻهو ڪندا. |
أَلَم تَرَ أَنَّهُم فى كُلِّ وادٍ يَهيمونَ (آيت : 225) |
ڇا تون نه ٿو ڏسين ته اهي ماڻهو سڀ ڪنهن جهنگ ميدان ۾ رلندا ڦرن ٿا. |
وَأَنَّهُم يَقولونَ ما لا يَفعَلونَ (آيت : 226) |
۽ اهي ماڻهو (زبان سان) اهي ڳالهيون چون ٿا جيڪي ڪڏهن نه ٿا ڪن. |
إِلَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَذَكَرُوا اللَّهَ كَثيرًا وَانتَصَروا مِن بَعدِ ما ظُلِموا وَسَيَعلَمُ الَّذينَ ظَلَموا أَىَّ مُنقَلَبٍ يَنقَلِبونَ (آيت : 227) |
پر (هاءُ) جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ۽ خدا کي گهڻو ياد ڪيائون ۽ مٿن ظلم ٿيڻ بعد بدلو ورتائون. ۽ جن ماڻهن ظلم ڪيو آهي تن کي جلد ئي خبر پوندي ته ڪهڙي موٽڻ جي هنڌ موٽايا ويندا. |