طسم (آيت : 1) |
طٰسٓمّٓ کي سَمجھي، رَبُّ، سُڄاڻ، |
تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ المُبينِ (آيت : 2) |
لاشڪ پَڌري ليک جا، آهِن هِي اُهڃاڻ، |
لَعَلَّكَ بٰخِعٌ نَفسَكَ أَلّا يَكونوا مُؤمِنينَ (آيت : 3) |
ڪَر قاتِل پَنهنجِي جان جو، تون آهين اِنهئ ڪاڻ، ته هو نَه هِينين ساڻ، مَڃڻ وارا مُورهين. |
إِن نَشَأ نُنَزِّل عَلَيهِم مِنَ السَّماءِ ءايَةً فَظَلَّت أَعنٰقُهُم لَها خٰضِعينَ (آيت : 4) |
جي گُھرون، ته اُڀ کان اُنهن تي، اُتاريون اُهڃاڻ، پوءِ ڪَنڌ سَندنِ، تِنهن ڪاڻ نميل ٿِين نِياز سان. |
وَما يَأتيهِم مِن ذِكرٍ مِنَ الرَّحمٰنِ مُحدَثٍ إِلّا كانوا عَنهُ مُعرِضينَ (آيت : 5) |
۽ نه اَچينِ، نئـِي نصِحيت ڪا، پاران ڏيہ ڏاتار، مگر سي مَڪار، آهِن مُنهن موڙِيندڙ اُن کان. |
فَقَد كَذَّبوا فَسَيَأتيهِم أَنبٰؤُا۟ ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 6) |
ڪوڙهيَنِ ڪُوڙيون ڪوٺيون، پوءِ خُوب مِلندن خَبرون، جِنهن تان هرون ڀرون، ڪن خواريون خلق ۾. |
أَوَلَم يَرَوا إِلَى الأَرضِ كَم أَنبَتنا فيها مِن كُلِّ زَوجٍ كَريمٍ (آيت : 7) |
ڇا، ديکـئون نه ڌرتِئَ پار، ته ڪَئين اُڀاڙِياسون اُن ۾، سُهڻي سُهڻي قِسم جا، اوڀر عجب اِسرار، |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 8) |
بيشڪ آهي اُن ۾، نِيشانِي نِروار، ۽ وِسهندڙ نه آهِن وِترا، تنين مان تڪرار، |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 9) |
۽ تُنهنجو پالڻهار، سو آهي، سَٻر سَٻاجھو گھڻو. |
وَإِذ نادىٰ رَبُّكَ موسىٰ أَنِ ائتِ القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 10) |
۽ تُنهنجي مالِڪ مُوسٰى کي، جڏهن ڪئـِي پاڻ پُڪار، ته وَڃ ڪافِر قوم ڏي، |
قَومَ فِرعَونَ أَلا يَتَّقونَ (آيت : 11) |
قوم فِرعون فَجار، ته اُهي ڪِنهن آڌار، ڏَرن نٿا ڏاتار کان؟ |
قالَ رَبِّ إِنّى أَخافُ أَن يُكَذِّبونِ (آيت : 12) |
چي، مونکي ڊپ مون ڌڻِي، ته ڪُوڙو ڪَند ۾ ڪُفران، |
وَيَضيقُ صَدرى وَلا يَنطَلِقُ لِسانى فَأَرسِل إِلىٰ هٰرونَ (آيت : 13) |
۽ هَٻِڪي هِيئون مُنهنجو، ۽ نه کُليِمِ خُوب زبان، پوءِ موڪل حُڪم هارُون ڏي، مُون گڏ مِهربان!، |
وَلَهُم عَلَىَّ ذَنبٌ فَأَخافُ أَن يَقتُلونِ (آيت : 14) |
۽ مُون تي آهي اُنهن جو، بَدلو بي گمان، پوءِ آهيم اِهو اَرمان، ته ڪُهيمِ مَتان قِصاص ۾. |
قالَ كَلّا فَاذهَبا بِـٔايٰتِنا إِنّا مَعَكُم مُستَمِعونَ (آيت : 15) |
چي، خبردار، ته ٻئـِي وَڃو، مُنهنجا حُڪم کڻِي هيڪار، آءُ اوهان سان آهيان، ٻُڌندڙ ڳالھ ٻِيهار، |
فَأتِيا فِرعَونَ فَقولا إِنّا رَسولُ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 16) |
پوءِ وڃو ڦرِيل فرعون ڏي هِئ اکر چئو اظهار، ته اَسين اُماڻيل آهيون، پاران جُڳن پار، |
أَن أَرسِل مَعَنا بَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 17) |
پوءِ آجو اَسان گڏڪار، اِسرائـِيل جي اولاد کي |
قالَ أَلَم نُرَبِّكَ فينا وَليدًا وَلَبِثتَ فينا مِن عُمُرِكَ سِنينَ (آيت : 18) |
چي، ڪِ پاليوسون نَه پاڻ ۾، توکي ٻالڪ ٻار؟ اَسان ۾ پنهنجي عمر جا، ڪي ورھ رهئين وِينجھار! |
وَفَعَلتَ فَعلَتَكَ الَّتى فَعَلتَ وَأَنتَ مِنَ الكٰفِرينَ (آيت : 19) |
۽ پوءِ ڪيو تو ڪَم پَنهنجو، ڪئـِي جو ڪم ڪار، ۽ آهين تون اِظهار، بلڪل بي شُڪرن مان. |
قالَ فَعَلتُها إِذًا وَأَنا۠ مِنَ الضّالّينَ (آيت : 20) |
چي، ڪيمِ اُهو ڪم تڏهن، هُئسِ مُوڙهن مان مُور، |
فَفَرَرتُ مِنكُم لَمّا خِفتُكُم فَوَهَبَ لى رَبّى حُكمًا وَجَعَلَنى مِنَ المُرسَلينَ (آيت : 21) |
تڏهن ڊِنسِ توهان ڪنان، پوءِ ڀَڳسِ ڏيهان ڏُور، پوءِ بَخشِي مُون کي، مُون ڌَڻِي، پورِي رِيت پَرور، ۽ مونکي ڪَئـِين منظور، رَهبر ريٻارن مان. |
وَتِلكَ نِعمَةٌ تَمُنُّها عَلَىَّ أَن عَبَّدتَ بَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 22) |
۽ ڇا مون تي ٿورو ٿاڦين ؟ اِهو اي اَظلام! ته گولو ۽ غلام، ڪَيئهِ اسرائـِيل جي اولاد کي. |
قالَ فِرعَونُ وَما رَبُّ العٰلَمينَ (آيت : 23) |
فِرعون ڪَهيو ته، ڪير پالڻهار پِرٿڻِين؟ |
قالَ رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما إِن كُنتُم موقِنينَ (آيت : 24) |
اُڀ، ڀون، جنهن اُپايا، پڻ جي مَنجھنِ زبر زير، بِنا فرق ڦير، جي وِسهڻ وارا آهيو. |
قالَ لِمَن حَولَهُ أَلا تَستَمِعونَ (آيت : 25) |
چيائين، جي چوڌار، حاضر هُئا اُن جي، ڇا سُڻو نٿا سالار! اُبتڙ جواب اُن جو؟ |
قالَ رَبُّكُم وَرَبُّ ءابائِكُمُ الأَوَّلينَ (آيت : 26) |
چي، اَوهان جو پرور، پڻ اوهان جي پهرين پِئن جو، |
قالَ إِنَّ رَسولَكُمُ الَّذى أُرسِلَ إِلَيكُم لَمَجنونٌ (آيت : 27) |
چي، هِي جو اوهان ڏي مُڪو ويو، سو اَهنجو پيغمبر، بِلڪُل بي خبر، پاڳل آهي پَڌرو. |
قالَ رَبُّ المَشرِقِ وَالمَغرِبِ وَما بَينَهُما إِن كُنتُم تَعقِلونَ (آيت : 28) |
چي، اولھ ۽ اوڀر جو، پڻ جيڪا ٻنهِي وِچ جوڙ، ڌڻِي توڙان توڙ، جي عقل رکندڙ آهيو |
قالَ لَئِنِ اتَّخَذتَ إِلٰهًا غَيرى لَأَجعَلَنَّكَ مِنَ المَسجونينَ (آيت : 29) |
چي موسىٰ! تون مون سوا، جي ڌارِيندين ڌڻِي، ته کِہ ۾ کَڏ کڻِي، ڪندوسِين قيدين مان. |
قالَ أَوَلَو جِئتُكَ بِشَيءٍ مُبينٍ (آيت : 30) |
چي، توڻي آندِم تو اڳيان، ثابت ڪي سُهڃاڻ، |
قالَ فَأتِ بِهِ إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 31) |
چي، پوءِ اُهوئـِي آڻ، جي سَچ پَچ سچن مان آهِيين. |
فَأَلقىٰ عَصاهُ فَإِذا هِىَ ثُعبانٌ مُبينٌ (آيت : 32) |
پوءِ اُڇلئـِين لَٺ پَنهنجِي، پوءِ اِجھو اَرڙ اظهار، |
وَنَزَعَ يَدَهُ فَإِذا هِىَ بَيضاءُ لِلنّٰظِرينَ (آيت : 33) |
۽ ڪڍئـِين هَٿ ٻَهار، ته نُورِي ناظِريَنِ لاءِ. |
قالَ لِلمَلَإِ حَولَهُ إِنَّ هٰذا لَسٰحِرٌ عَليمٌ (آيت : 34) |
ڪچهرِئَ کي تنهن ڪَهيو، جي چُونڊ سَندسِ چوڌار، هي جادوگر جُونجھار، آهي وڏو اُستاد ڪو! |
يُريدُ أَن يُخرِجَكُم مِن أَرضِكُم بِسِحرِهِ فَماذا تَأمُرونَ (آيت : 35) |
آھِ اِرادو اُن جو، ته ڪَنيان، ديس پَنهنجي کان ڌار، سَندسِ اَ کر آڌار، پوءِ ڪِهڙي صلاح ڏيوم ٿا؟ |
قالوا أَرجِه وَأَخاهُ وَابعَث فِى المَدائِنِ حٰشِرينَ (آيت : 36) |
چي، اُن ۽ اُن جي ڀاءُ کي، ڏئي مُهلت مُوچارِي، ۽ موڪل ماڻهو مُلڪن ۾، ته چونڊي چوڌارِي، |
يَأتوكَ بِكُلِّ سَحّارٍ عَليمٍ (آيت : 37) |
ڪارٖي اکر جا ڪارِي، ڪوٺي ڪَٺي ڪَن ڪُل کي. |
فَجُمِعَ السَّحَرَةُ لِميقٰتِ يَومٍ مَعلومٍ (آيت : 38) |
پوءِ ماندا سڀ ميڙيا وِيا، ڪنهن سَندنِ جي وار، ۽ ڦيريو ويو ماڻهن ۾، اِهو اِشتهار، |
وَقيلَ لِلنّاسِ هَل أَنتُم مُجتَمِعونَ (آيت : 39) |
۽ اَهين ڪِ اسان سان آهيو، هيڪاندا هيڪار؟ |
لَعَلَّنا نَتَّبِعُ السَّحَرَةَ إِن كانوا هُمُ الغٰلِبينَ (آيت : 40) |
جيڪس پُٺ جادوگرين، لڳنداسون لاچار، جادُوءَ ۾ جُونجھار، صَحِي سوڀارا، جي ٿيا. |
فَلَمّا جاءَ السَّحَرَةُ قالوا لِفِرعَونَ أَئِنَّ لَنا لَأَجرًا إِن كُنّا نَحنُ الغٰلِبينَ (آيت : 41) |
پوءِ جڏهن اَچِي جمع ٿيا، جادوگر جُونجهار، فسادِي فِرعون کي، ٻولائيون ٻِيهار، چي، جي ڪَڙَ ٿِيا سون، ته ڪِهڙو اَجر اسان هار؟ |
قالَ نَعَم وَإِنَّكُم إِذًا لَمِنَ المُقَرَّبينَ (آيت : 42) |
چي، اوهِين اُنهِئ وار، هُوندا حُضورين مان. |
قالَ لَهُم موسىٰ أَلقوا ما أَنتُم مُلقونَ (آيت : 43) |
اُتو مُوسٰى اُنهن کي، ته هِڪدم اُڇليو هاڻ، اَٿوَ، جو اُڇلڻو، |
فَأَلقَوا حِبالَهُم وَعِصِيَّهُم وَقالوا بِعِزَّةِ فِرعَونَ إِنّا لَنَحنُ الغٰلِبونَ (آيت : 44) |
پوءِ پهرين اُڇليو پاڻ، سَندنِ نوڙيون ۽ لوڙهيون، پوءِ آکيون اِن اُهڃاڻ، چي، اَسِين غالب آهيون، سَگھ فِرعون جي ساڻ، |
فَأَلقىٰ موسىٰ عَصاهُ فَإِذا هِىَ تَلقَفُ ما يَأفِكونَ (آيت : 45) |
پوءِ اُڇلِي عَصا پنهنجِي، مُوسٰى مَت سُڃاڻ، پوءِ مانڊين جا مانڊاڻ، اِجھا ڳِيهٖي پيئي، اُنهن کي. |
فَأُلقِىَ السَّحَرَةُ سٰجِدينَ (آيت : 46) |
پوءِ ساحِر پِيا سُجود ۾، چيؤن عَلى الاعلان، |
قالوا ءامَنّا بِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 47) |
ته مَڃيوسون مُورهِين، صاحِب سڀ جھان، |
رَبِّ موسىٰ وَهٰرونَ (آيت : 48) |
سوئـِي ربُّ، سُبحان، مُوسٰى ۽ هارُون جو. |
قالَ ءامَنتُم لَهُ قَبلَ أَن ءاذَنَ لَكُم إِنَّهُ لَكَبيرُكُمُ الَّذى عَلَّمَكُمُ السِّحرَ فَلَسَوفَ تَعلَمونَ لَأُقَطِّعَنَّ أَيدِيَكُم وَأَرجُلَكُم مِن خِلٰفٍ وَلَأُصَلِّبَنَّكُم أَجمَعينَ (آيت : 49) |
چي، ڇا، مَڃيانِس مَهندتِنْيان، ته موڪل ڏيانِيان مُور؟ هِي آهي وَڏو اَوهان جو، جادُوگر ضرور، جنهن اوهان کي سيکاريو، مَنڊ سَندو مَذڪور، وَهلو پوءِ وَهلور!، سڀ سَمجِھي وِيندا سِگھڙٖي. چي، وَڍِيندسِ اَهنجا پير، هَٿ، پاسي کان ڌار، پوءِ ڪندسِ اوهان ڪُل کي، سُورِي سِرسُوار، |
قالوا لا ضَيرَ إِنّا إِلىٰ رَبِّنا مُنقَلِبونَ (آيت : 50) |
حَرج نه اسان کي اُن ۾، ٻوليائون ٻِيهار، پَنهنجي پَرور پار، اَسِين مُورهِين موٽڻا. |
إِنّا نَطمَعُ أَن يَغفِرَ لَنا رَبُّنا خَطٰيٰنا أَن كُنّا أَوَّلَ المُؤمِنينَ (آيت : 51) |
اَسِين رکون ٿا آسرو، ته اسان جو اَلله، مَرهِينيون مِهر سان، اسان جا عيب، گُناه، جَن جو واحد ۾ ويساھ، پهرين تن مان، پاڻ هُجون. |
وَأَوحَينا إِلىٰ موسىٰ أَن أَسرِ بِعِبادى إِنَّكُم مُتَّبَعونَ (آيت : 52) |
۽ موڪليون سون مُوسٰى ڏي، وَحِي، پاسي وِير، ته ڀَلا! سَندمِ بَندن سان، لنگھ سَنجھي ئـِي سِير، اَوهان پُٺيان اَمِير!، فِرعون ڪاهِيندو فوج سان. |
فَأَرسَلَ فِرعَونُ فِى المَدائِنِ حٰشِرينَ (آيت : 53) |
فرعون ماڻهون فوج لئي، مُڪا مُلڪن پار، |
إِنَّ هٰؤُلاءِ لَشِرذِمَةٌ قَليلونَ (آيت : 54) |
ٿورڙِي ٻارِي هِي ٻِيهار، |
وَإِنَّهُم لَنا لَغائِظونَ (آيت : 55) |
ته ڏَمر ڏِينئون، |
وَإِنّا لَجَميعٌ حٰذِرونَ (آيت : 56) |
۽ تِيرن سان تيار، اَسِين هرگز حاضِر آهيون. |
فَأَخرَجنٰهُم مِن جَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 57) |
پوءِ باغن، کوهن مان، ڌِڪي ڪيا سون دُور، |
وَكُنوزٍ وَمَقامٍ كَريمٍ (آيت : 58) |
کاڻين مان، پڻ ماڙين مَنجھان مُور، اِنپر کيل خَتم ٿيو. |
كَذٰلِكَ وَأَورَثنٰها بَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 59) |
اِنپر اِسرائـِيلن کي، ڏِنيون سون مَڏيون، مال، |
فَأَتبَعوهُم مُشرِقينَ (آيت : 60) |
پوءِ اُڀري سج جو، اُن پُٺيان، پياسي پئمال، |
فَلَمّا تَرٰءَا الجَمعانِ قالَ أَصحٰبُ موسىٰ إِنّا لَمُدرَكونَ (آيت : 61) |
پوءِ جڏهن ٻِن جوڙين، ڏٺو هِڪ ٻئي جو حال، مُوسٰى ساٿِيُن، موسٰى کي، چيو اِهڙي چال، ڀانيو ٿا بَحال، ته پُٺيان اسان کي پُهچڻا. |
قالَ كَلّا إِنَّ مَعِىَ رَبّى سَيَهدينِ (آيت : 62) |
مُوسٰى چيو ته، نه مُورهِين، مون سان سانيَمِ سُنهارو، سِگھو سَگھارو، سُونهون ٿِيند مِ سِير ۾. |
فَأَوحَينا إِلىٰ موسىٰ أَنِ اضرِب بِعَصاكَ البَحرَ فَانفَلَقَ فَكانَ كُلُّ فِرقٍ كَالطَّودِ العَظيمِ (آيت : 63) |
پوءِ موڪليوسون مُوسٰى ڏي، وَحِي اِنهِئَ وير، هڻ پَنهنجِي لَٺ پاڻي ۾، پوءِ ڦاٽو بنا ڦير، پوءِ ويڇو وِچ ڪنان، ڪَر وَڏو ڪو ڍِڳه ڍير، |
وَأَزلَفنا ثَمَّ الءاخَرينَ (آيت : 64) |
۽ پُٺيان تن جي پير، اُتي ٻِئا به ڪياسون اوڏڙا. |
وَأَنجَينا موسىٰ وَمَن مَعَهُ أَجمَعينَ (آيت : 65) |
۽ مُوسٰى ۽ ساٿِي اُن جا، ڪُل ڪياسون پار، |
ثُمَّ أَغرَقنَا الءاخَرينَ (آيت : 66) |
واري سڀ ويرين کي، ٻوڙياسون مَنجھ ٻار، |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 67) |
نِيشانِي نِروار، ڪا پَڪ اِنهئَ ۾ پَڌرِيْ. ۽ گھڻا مُنجھيل اُنهن مَنجھان، هئا نه مَڃِيندڙ مُور، |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 68) |
۽ تُنهنجو رَبُّ ضرور، سَٻر ۽ سَٻاجھو گھڻو. |
وَاتلُ عَلَيهِم نَبَأَ إِبرٰهيمَ (آيت : 69) |
۽ پَڙِهي ٻُڌاءِ اُنهن کي، اِبراهِيم جو اَحوال، |
إِذ قالَ لِأَبيهِ وَقَومِهِ ما تَعبُدونَ (آيت : 70) |
جَڏَهن پِئَسِ ۽ سَندسِ پَنٿ کي، چيائين اهڙي چال، ته اوهين ڪريو ڪِنهن جِي؟ پُوڄا اي پيمال!، |
قالوا نَعبُدُ أَصنامًا فَنَظَلُّ لَها عٰكِفينَ (آيت : 71) |
چي، ڏِيون ڏَن، چالِيها، ٿانن مَٿي ٿالھ، پوءِ سَدا صديون سال، مَٿِن مُجاور آهيون. |
قالَ هَل يَسمَعونَكُم إِذ تَدعونَ (آيت : 72) |
چي، اَهنجِي ڪُوڪ ڪڏهن، ڪا سُڻنِ، جڏهن سَڏيونِ ٿا، |
أَو يَنفَعونَكُم أَو يَضُرّونَ (آيت : 73) |
يا نفعو ڏِين اَوهان کي، يا وِجھن حَرج هَڏهن، |
قالوا بَل وَجَدنا ءاباءَنا كَذٰلِكَ يَفعَلونَ (آيت : 74) |
چي، اُٽلو ڏِٺاسون جڏهن، اَبا اسان جا اِيئن ڪَندي. |
قالَ أَفَرَءَيتُم ما كُنتُم تَعبُدونَ (آيت : 75) |
چي، ڀورا! ڪِيئن ٿا ڀانيو، جن کي پُوڄيو پاڻ، |
أَنتُم وَءاباؤُكُمُ الأَقدَمونَ (آيت : 76) |
يا پِيءَ اوهان جا پِهريان، |
فَإِنَّهُم عَدُوٌّ لى إِلّا رَبَّ العٰلَمينَ (آيت : 77) |
آهيو عدو مون ڪاڻ، سوا ربَّ سُڄاڻ، جو پالڻهار پِرٿڻِين. |
الَّذى خَلَقَنى فَهُوَ يَهدينِ (آيت : 78) |
جِنهن مون کي جوڙيو، پوءِ ڏِيندم ڏَس ڏاتار، |
وَالَّذى هُوَ يُطعِمُنى وَيَسقينِ (آيت : 79) |
۽ کارائـٖيمِ ۽ پيارٖيمِ جو، سارِي سَڀ ڄمار، |
وَإِذا مَرِضتُ فَهُوَ يَشفينِ (آيت : 80) |
۽ جي ڏُ که رَسٖيمِ ڏِيل ۾، ته صِحت ڏٖيمِ سَتار، |
وَالَّذى يُميتُنى ثُمَّ يُحيينِ (آيت : 81) |
۽ جو مارِيندمِ مَهل تي، وَرِي جِيارٖيمِ جَبَّار، |
وَالَّذى أَطمَعُ أَن يَغفِرَ لى خَطيـَٔتى يَومَ الدّينِ (آيت : 82) |
۽ آئون جنهن اَلله ۾، آهيان اُميدوار، ته بَخشٖيم بَديون بار، مَهندا مَحشر ڏِينهن ۾. |
رَبِّ هَب لى حُكمًا وَأَلحِقنى بِالصّٰلِحينَ (آيت : 83) |
مُون کي عِلم عطا ڪرِين، سانيمِ رَبّ، ستار! ۽ ڀيڙو نيڪ بَندن سان، ڪرين مَنجھ قطار، |
وَاجعَل لى لِسانَ صِدقٍ فِى الءاخِرينَ (آيت : 84) |
۽ ڏِينمِ زبان سچ جِي، پويَنِ منجھ پَچار، |
وَاجعَلنى مِن وَرَثَةِ جَنَّةِ النَّعيمِ (آيت : 85) |
۽ ڪرِينمِ ڪَرم سان، تن مان، جي جنت جا حقدار، |
وَاغفِر لِأَبى إِنَّهُ كانَ مِنَ الضّالّينَ (آيت : 86) |
۽ بابَمِ کي بَخشيِين، جو ڀُليل بَرقرار، |
وَلا تُخزِنى يَومَ يُبعَثونَ (آيت : 87) |
۽ خالِق! ڪِجٖينمِ نه خُوار، جنهن مَهل مُئا اُٿارِبا. |
يَومَ لا يَنفَعُ مالٌ وَلا بَنونَ (آيت : 88) |
وِيا ۽ نَه وَٿون ڏِين، ڪو وَٽابو جنهن وار، |
إِلّا مَن أَتَى اللَّهَ بِقَلبٍ سَليمٍ (آيت : 89) |
مگر اَلله وَٽ آئيو، جو قلب ساڻ قرار، |
وَأُزلِفَتِ الجَنَّةُ لِلمُتَّقينَ (آيت : 90) |
۽ بِهشت بِهاريو وِيو، نيڙي نيڪن هارِ، |
وَبُرِّزَتِ الجَحيمُ لِلغاوينَ (آيت : 91) |
۽ ڀُليَن خاطِر باھ کي، آندو وِيو اِظهار، |
وَقيلَ لَهُم أَينَ ما كُنتُم تَعبُدونَ (آيت : 92) |
۽ چَئـبُنِ ته آهِن اُهي ڪٿي؟، جَن پوڄيان |
مِن دونِ اللَّهِ هَل يَنصُرونَكُم أَو يَنتَصِرونَ (آيت : 93) |
ڌڻيا ڌار، ڪالَهنِيان سارسنڀار، يا سَگھنِ سَنڀاليو پاڻ کي. |
فَكُبكِبوا فيها هُم وَالغاوۥنَ (آيت : 94) |
جڏهن اُهي سَٽياوِيا اُن ۾، اُونڌي ڪَنڌ ڪُلال، |
وَجُنودُ إِبليسَ أَجمَعونَ (آيت : 95) |
۽ سارو لشڪر شيطان جو، ۽ پاپِي سڀ پئمال، |
قالوا وَهُم فيها يَختَصِمونَ (آيت : 96) |
۽ منجھسِ ڪن پيا پاڻ ۾، جڏهن جِنگ جدال، |
تَاللَّهِ إِن كُنّا لَفى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 97) |
چي، هُئاسون قَسم ڪرِيم جو، وَڏِي ڀُل ۾ بَحال، |
إِذ نُسَوّيكُم بِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 98) |
ڪريو نِيون پِياڪَمن ۾، جڏهن جوڙيوال، سچي صاحب نال، جو پالڻهار پِر ٿڻِين. |
وَما أَضَلَّنا إِلَّا المُجرِمونَ (آيت : 99) |
۽ ري ڏُوهاريَن ڏيھ ۾، نه مُنجھايوسون مُور، |
فَما لَنا مِن شٰفِعينَ (آيت : 100) |
پوءِ ڪونهي اَسان جو ڪارڻِي، |
وَلا صَديقٍ حَميمٍ (آيت : 101) |
نه دوست دِ لِي اَهڳور، |
فَلَو أَنَّ لَنا كَرَّةً فَنَكونَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 102) |
پوءِ جيڪر اسان لئي، جھان ڏي، موٽڻ ٿئي مَنظور، ته هُجون هُوند ضرور!، مَڃِيندڙن مان مُورهِين. |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 103) |
آهي اِنهئَ ڳالھ ۾، ڪا لِکيل خُوب خَبر، ۽ اَڪثر نه آهن، اُنهن منجھان، مُؤمن مُعتبر، |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 104) |
۽ سَچ پَچ سائـِين تُنهنجو، بلڪُل برابر، آهي زور زَبر، ۽ مِڙنيان مِهربان گھڻو. |
كَذَّبَت قَومُ نوحٍ المُرسَلينَ (آيت : 105) |
ڪُوڙا قوم نوح جي، ڪوٺيا مُرسل مِير، |
إِذ قالَ لَهُم أَخوهُم نوحٌ أَلا تَتَّقونَ (آيت : 106) |
جڏهن آکيو نوح اُنهن کي، سَندنِ ڀاءُ سُڌِير، ته سونڪو مَنجھ سَرِير، ڌاريو ڇو نه ڌڻِي کان؟ |
إِنّى لَكُم رَسولٌ أَمينٌ (آيت : 107) |
آئون اوهان لئي آهيان، مُرسل مُعتبر، |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 108) |
پوءِ ڌاريو ڊپ ڌَڻِئَ جو، ۽ پاريو مُنهنجِي پَر، |
وَما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِن أَجرِىَ إِلّا عَلىٰ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 109) |
۽ آئون نه اوهان کان ٿو گُھران، ڪو اُجُورو اِن سِر، مُنهنجو ناهي مُورهِين، ڪِنهن تي بار مگر، پورهيو سِر پَرور، جو صاحِبَ سَڀ جھان جو. |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 110) |
پوءِ ڪَنبو رَب قـهّار کان ۽ مَڃيو سَندمِ فَرمان، |
قالوا أَنُؤمِنُ لَكَ وَاتَّبَعَكَ الأَرذَلونَ (آيت : 111) |
چي، ڪِيئن مَڃون توکي؟ ۽ توکي مَڃِين نِڌر نادان، |
قالَ وَما عِلمى بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 112) |
چي، جيڪي ڪَن ڪَمڙا، تِنهنجي ڪَل مون کي ڪانه، |
إِن حِسابُهُم إِلّا عَلىٰ رَبّى لَو تَشعُرونَ (آيت : 113) |
۽ حرف حِساب اُنهن جو، سانيمِ تي سُبحان، جيڪر مُنهنجِي ڳالھ تي، دلِجو ڏِيو ڌِيان، |
وَما أَنا۠ بِطارِدِ المُؤمِنينَ (آيت : 114) |
۽ آءٌ نه تڙِيندسِ توڙ کان، ڪِنهن مُؤمن مُسلمان، |
إِن أَنا۠ إِلّا نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 115) |
آهيان آءٌ عيان، ڄاڻوئـِي ڄيري سَندو. |
قالوا لَئِن لَم تَنتَهِ يٰنوحُ لَتَكونَنَّ مِنَ المَرجومينَ (آيت : 116) |
چيائون، ته نُوح نبي!، جي ماٺ نه ڪَندِين مُور، ته هُوندِين تون حُضور!، سِگھو سَنگسارن مان. |
قالَ رَبِّ إِنَّ قَومى كَذَّبونِ (آيت : 117) |
چي، سانيمِ رَبَّ ستار! ڪوٺيَمِ، ڪوڙو قوم مُون، |
فَافتَح بَينى وَبَينَهُم فَتحًا وَنَجِّنى وَمَن مَعِىَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 118) |
پوءِ مُون ۽ اُنهن جي وِچ ۾، ڪر صَفائـِي سرڪار!، ۽ مون کي آجوڪار، پڻ ڪي مؤمن، مُون سان. |
فَأَنجَينٰهُ وَمَن مَعَهُ فِى الفُلكِ المَشحونِ (آيت : 119) |
پوءِ بَچايوسون ٻِيڙي ڀَرت ۾، اُو ۽ جي اُن ساڻ، |
ثُمَّ أَغرَقنا بَعدُ الباقينَ (آيت : 120) |
پويان، تنهن پُڃاڻ، ٻوڙي ڇڏيانسون ٻوڏ ۾ |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 121) |
آهي ڪا اِن ڳالھ ۾، لِکيل خُوب خبر، ۽ اَڪثر نه هُئا اُنهن مَنجھان، مُؤمن مُعتبر، |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 122) |
۽ سَچ پَچ سائـِين تُنهنجو، بِلڪل برابر، آهي زور زبر، پڻ مِڙنيان مِهربان گھڻو. |
كَذَّبَت عادٌ المُرسَلينَ (آيت : 123) |
ڪُوڙا قوم عاد جي، ڪوٺيا مُرسل مِير، |
إِذ قالَ لَهُم أَخوهُم هودٌ أَلا تَتَّقونَ (آيت : 124) |
جڏهن آکيو هُود اُنهن کي، سَندنِ ڀاءُ سُڌِير، ته سونڪو مَنجھ سَرِير، ڇونه ڌَڻِئَ کان ڌاريو؟ |
إِنّى لَكُم رَسولٌ أَمينٌ (آيت : 125) |
آءٌ اوهان ڏي آهيان، مُرسل معتبر، |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 126) |
پوءِ ڏَرو ڏيھ ڏاتار کان، پاريو مُنهنجي پَر، |
وَما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِن أَجرِىَ إِلّا عَلىٰ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 127) |
آءٌ نه اوهان کان ٿو گُھران، ڪو اُجُورو اِن سر، مُنهنجو ناهي مُورِهين، ڪِنهن تي بار مگر، پورهيو سِر پَرور، جو پالڻهار پرٿڻِين. |
أَتَبنونَ بِكُلِّ ريعٍ ءايَةً تَعبَثونَ (آيت : 128) |
هر مَٿاهِين مَڪان تي، ٺاهيو ٺُل نِيشان، ۽ کِلون ڪريو تِنهن تان، جو مَٽي اُن مڪان، |
وَتَتَّخِذونَ مَصانِعَ لَعَلَّكُم تَخلُدونَ (آيت : 129) |
۽ ڪَلون ٺاهيو، ڪَر سَدا، جِيندا مَنجھ جھان، |
وَإِذا بَطَشتُم بَطَشتُم جَبّارينَ (آيت : 130) |
۽ جڏهن پَڪريو، ته پَڪڙيو سَخت ٿِي، ڪَهل ڪِهن تي ڪانه، |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 131) |
پوڌاريو ڊَپ دَيَّان، ۽ هَلو سَندمِ حُڪمن تي. |
وَاتَّقُوا الَّذى أَمَدَّكُم بِما تَعلَمونَ (آيت : 132) |
۽ ڏَرو جِنهن کان، جِنهن ڏِنِي، اوهان کي آڌار، جِنهن کي سَمجھو پاڻ ٿا، |
أَمَدَّكُم بِأَنعٰمٍ وَبَنينَ (آيت : 133) |
ڌَڻ، ڄَڻ وِئ وَلهار، |
وَجَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 134) |
۽ تازا تڙ، ترايون، |
إِنّى أَخافُ عَلَيكُم عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 135) |
ڀانيان ڀَئو بِسيار، اَوهان تي آزار، ڪنهن ڏاڍي وَڏي ڏِينهن جو. |
قالوا سَواءٌ عَلَينا أَوَعَظتَ أَم لَم تَكُن مِنَ الوٰعِظينَ (آيت : 136) |
چي، آهِن ٻَئـِي اَسان تي ڳالهيون برابر، چَڱِي چَوِين، نه چَوِين، اي مُرسل مُعتبر!، |
إِن هٰذا إِلّا خُلُقُ الأَوَّلينَ (آيت : 137) |
هِي دعوٰى خالِي ڌُرڪنان، مَهندين جِي مُقرّر، |
وَما نَحنُ بِمُعَذَّبينَ (آيت : 138) |
ناهي اَسان کي اَچڻِي، ڪا سزا مٿي سِر، |
فَكَذَّبوهُ فَأَهلَكنٰهُم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 139) |
پوءِ ڪُوڙو ڪوٺيون اُن کي؛ اُنِهئَ تان آخِر، ساري سربسر، مارياسون مُورهِين. اَوس آهِن اِن ۾، پَڌرائـِي پيغام، ۽ اَڪثر نه هُئا اُنهن مان، مَڃِيندڙ مدام، |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 140) |
۽ سَچ پَچ سائين تُنهنجو، آھِ اُهو عَلام، طاقتمند تمام مِڙنيان مِهربان گھڻو. |
كَذَّبَت ثَمودُ المُرسَلينَ (آيت : 141) |
ڪُوڙا قوم ثمود جي، ڪوٺيا مُرسل، مِير، |
إِذ قالَ لَهُم أَخوهُم صٰلِحٌ أَلا تَتَّقونَ (آيت : 142) |
آکيو صالح اُنهن کي، جڏهن سَندنِ ڀاء سُڌِير، ته سونڪو مَنجھ سَرِير، ڌاريو ڇو نه ڌڻئ کان ؟ |
إِنّى لَكُم رَسولٌ أَمينٌ (آيت : 143) |
آءٌ اوهان ڏي آهيان، مُرسل مُعتبر، |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 144) |
پوءِ ڌاريو ڊپ ڌڻِي کان، پاريو مُنهنجي پَر، |
وَما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِن أَجرِىَ إِلّا عَلىٰ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 145) |
آءٌ نه اوهان کان ٿو گُھران، اُن تي نياز نذر، مُنهنجو ناهي مُورِهين، ڪِنهن تي بار مگر، پورهيو سِر پَرور، جو پالڻهار پر ٿڻِين. |
أَتُترَكونَ فى ما هٰهُنا ءامِنينَ (آيت : 146) |
ڇا، هِت ڇَڏبان اِن ۾، سَرها سَڀ ڄمار؟ |
فى جَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 147) |
باغن، بَهارن ۾، ۽ چِشما پڻ چوڏار، |
وَزُروعٍ وَنَخلٍ طَلعُها هَضيمٌ (آيت : 148) |
کٖيٽن ۽ کَجيَن ۾، جَن جا ڇُڳا نَرم نِبار، |
وَتَنحِتونَ مِنَ الجِبالِ بُيوتًا فٰرِهينَ (آيت : 149) |
۽ ماڙيون مَڻيادار، جبلن مَنجھان، جي جوڙيو. |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 150) |
پوءِ ڪَنبو ڀَر قهار، هلو سَندمِ حُڪمن تي، |
وَلا تُطيعوا أَمرَ المُسرِفينَ (آيت : 151) |
۽ مَڃيو نه اَمر اُنهن جو، جي حَد کان هَلنِ ٻَهار، |
الَّذينَ يُفسِدونَ فِى الأَرضِ وَلا يُصلِحونَ (آيت : 152) |
۽ ڀُون بگيڙِين بَدڪار، ۽ ڪَن نه چڱِي ڪار، |
قالوا إِنَّما أَنتَ مِنَ المُسَحَّرينَ (آيت : 153) |
چي، تون آهين تن مان، جن کي لڳت جي لغار، |
ما أَنتَ إِلّا بَشَرٌ مِثلُنا فَأتِ بِـٔايَةٍ إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 154) |
تون ته ماڻهو مُورهين، اَسان جي آچار، پوءِ ڪا ڏيکارِي ڏيکار، جي صفا سچن مان آهيِين. |
قالَ هٰذِهِ ناقَةٌ لَها شِربٌ وَلَكُم شِربُ يَومٍ مَعلومٍ (آيت : 155) |
چي، هِي مُنهنجِي اُٺڻِي، وارو اُن جو ڌار، پڻ اَهنجو آواڙي مَٿي، وارو ٻَڌل ٻِي وار، |
وَلا تَمَسّوها بِسوءٍ فَيَأخُذَكُم عَذابُ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 156) |
۽ اُن کي ڪِنهن آزار سان، هَٿ نه ڇُهو هيڪار، پوءِ اوهان کي آزار، ڪو وٺي وَڏي ڏِينهن جو. |
فَعَقَروها فَأَصبَحوا نٰدِمينَ (آيت : 157) |
پوءِ گُڏيائونسِ گوڏن کان، پوءِ ٿِيا پريشان پِرھ، |
فَأَخَذَهُمُ العَذابُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 158) |
پوءِ وڏي ڪِنهن وِرھ، پُورو اُنهن کي پَڪڙيو. آهِن بيشڪ اُن ۾، پَڌرا پَٽ پَرياڻ، ۽ هرگز نه هُئا اُنهن مان، اَڪثر مَڃِيندڙ آڻ، |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 159) |
۽ سائـِين سَندئـِي سُڄاڻ، سَٻر، سَٻاجھو گھڻو. |
كَذَّبَت قَومُ لوطٍ المُرسَلينَ (آيت : 160) |
ڪُوڙا قوم لُوط جي، ڪوٺيا مُرسل مِير، |
إِذ قالَ لَهُم أَخوهُم لوطٌ أَلا تَتَّقونَ (آيت : 161) |
جڏهن آکيو لُوط اُنهن کي، سَندنِ ڀاءُ سُڌِير، ته سونڪو مَنجھ سَرِير، ڌاريو ڇو نه ڌڻِئَ کان؟ |
إِنّى لَكُم رَسولٌ أَمينٌ (آيت : 162) |
آءٌ اوهان ڏي آهيان، اُماڻيل اَمِين، |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 163) |
پوءِ رکو خوف خدا جو، ٿيو تابِع سَندمِ تَلقِين، |
وَما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِن أَجرِىَ إِلّا عَلىٰ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 164) |
اُن جو اجر اَوهان کان، پڻ گُھران ڪميَتْ ٻِي ڪِين، مُنهنجو بِل بِاليقين، ڏيهن جي ڏاتار تي. |
أَتَأتونَ الذُّكرانَ مِنَ العٰلَمينَ (آيت : 165) |
ڇا؟ اَچو جُدا جھان وِچان، نَرن تي نادان!، |
وَتَذَرونَ ما خَلَقَ لَكُم رَبُّكُم مِن أَزوٰجِكُم بَل أَنتُم قَومٌ عادونَ (آيت : 166) |
۽ پِٽيل! ڇَڏيو پَنهنجون، جويون خُوب جوان، جَن کي اوهان لئي جوڙيو، اَهنجي ڌَڻِئَ دَيَان، بَلڪ بي فرمان، آهيو قوم ڪا ڍور ڪا. |
قالوا لَئِن لَم تَنتَهِ يٰلوطُ لَتَكونَنَّ مِنَ المُخرَجينَ (آيت : 167) |
چيائون ته چوڻ کان، جيڪڏهن، لُوط ! نه ٿيِندين بَند ته نِڪتل گھر ۽ گام کان، هُوندين ٻئي ڪِنهن هَند، |
قالَ إِنّى لِعَمَلِكُم مِنَ القالينَ (آيت : 168) |
چي، ڪَندڙ اَهنجي ڪم کي، آهيان نِپٽ ناپَسند، |
رَبِّ نَجِّنى وَأَهلى مِمّا يَعمَلونَ (آيت : 169) |
مون ۽ مُنهنجي ڀاتِيئَن رَکه، سَندمِ خداوند! تِنهن اڳرايان آڳند، جنهن جون دَم دَم ڏِين ڌَمڪيون |
فَنَجَّينٰهُ وَأَهلَهُ أَجمَعينَ (آيت : 170) |
پوءِ آجو ڪيو سون اُن کي، پڻ اُن جو مِڙئـِي عَيال، |
إِلّا عَجوزًا فِى الغٰبِرينَ (آيت : 171) |
ڌران ڌَڃاڻِي پوڙهڙِي، پوين ۾ پئمال، |
ثُمَّ دَمَّرنَا الءاخَرينَ (آيت : 172) |
موٽي ٻِيا مَتوال، مارياسون مُورهِين. |
وَأَمطَرنا عَلَيهِم مَطَرًا فَساءَ مَطَرُ المُنذَرينَ (آيت : 173) |
۽ وَسايو سون اُنهن تي، پوءِ ڪَڪَر ڪَڪَّرِيُن نال، بُڇڙو ٿيو بَحال، وَسڪارو واقفئـِيَن. |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 174) |
بيشڪ پَڌرو اُن ۾، آهي ڪو اُهڃاڻ، ۽ مُؤمن نه هُئا مُورهِين، اَڪثر اُهي اَڄاڻ، |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 175) |
۽ سائـِين سَندئي سُڄاڻ، سَٻر، سَٻاجھو گھڻو. |
كَذَّبَ أَصحٰبُ لـَٔيكَةِ المُرسَلينَ (آيت : 176) |
ايڪه وارن ڪوٺيا، ڪُوڙا مُرسل مِير، |
إِذ قالَ لَهُم شُعَيبٌ أَلا تَتَّقونَ (آيت : 177) |
شُعيب شاھ اُنهن کي، جَڏهن وَراڻيو وَيَر، سو نڪو مَنجھ سَرِير، ڌاريو ڇو نه ڌَڻِئَ کان؟ |
إِنّى لَكُم رَسولٌ أَمينٌ (آيت : 178) |
آءٌ اوهان ڏي آهيان، مُرسل مُعتبر، |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 179) |
پوءِرکو خوف خُدا جو، پاريو مُنهنجي پَر، |
وَما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِن أَجرِىَ إِلّا عَلىٰ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 180) |
۽ مُنهنجو ڪِنهن تي مُورهين، ناهي با مگر، پورهيو سِر پَرور، جو پالڻهار پِرٿڻِين. |
أَوفُوا الكَيلَ وَلا تَكونوا مِنَ المُخسِرينَ (آيت : 181) |
ڀَريو برابر ماڻ، ۽ ڪُسانگن مان ڪِين ٿيو، |
وَزِنوا بِالقِسطاسِ المُستَقيمِ (آيت : 182) |
تور برابر توريو، پُورو پُڙ پُڙ ساڻ، |
وَلا تَبخَسُوا النّاسَ أَشياءَهُم وَلا تَعثَوا فِى الأَرضِ مُفسِدينَ (آيت : 183) |
۽ ماڻهن جي مال ۾، رَکو نه ڪائـِي ڪاڻ، ڀُون ۾ بگيڙ ساڻ، مُورکه نه گُھمو مُورهِين. |
وَاتَّقُوا الَّذى خَلَقَكُم وَالجِبِلَّةَ الأَوَّلينَ (آيت : 184) |
۽ ڊِڄو اُن کان، جنهن جوڙيان، پڻ جيڪا اَڳــئين، جوڙ |
قالوا إِنَّما أَنتَ مِنَ المُسَحَّرينَ (آيت : 185) |
چي، تون آهِين توڙ، جادؤَ جَھليلن مان. |
وَما أَنتَ إِلّا بَشَرٌ مِثلُنا وَإِن نَظُنُّكَ لَمِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 186) |
۽ نه آهِين تون مگر، ماڻهو اَسان مِثال، ۽ توکي نه اَسِين ڪُوڙن مان ڀايون ٿا بَحال، |
فَأَسقِط عَلَينا كِسَفًا مِنَ السَّماءِ إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 187) |
پوءِ اُڀ کان، ڇِپ اَسان تي، ڪيراءِ ڪمال!، نبِي! نيڪ نِهال، جي صَفا سَچن مان آهِين. |
قالَ رَبّى أَعلَمُ بِما تَعمَلونَ (آيت : 188) |
چي، سانيَمِ سَمجھندڙاُن کي، ڪريو جي ڪم ڪار، |
فَكَذَّبوهُ فَأَخَذَهُم عَذابُ يَومِ الظُّلَّةِ إِنَّهُ كانَ عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 189) |
پوءِ ڪُوڙو ڪوٺِيؤن اُن کي، پوءِ سزا سَخت اَپار، ڏِينهن ڇَمر ۽ ڇانوڙي، ڪيْئَنْ گِرفتار، اُهو ڏِينهن آزار، ويتر هو وَڏاندرو. |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 190) |
آهي نِشاني اُن ۾، ڪا کُليل خُوب خبر، ۽ اَڪثر نه هُئا اُنهن مان، مُؤمن مُعتبر، |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 191) |
۽ بِلڪُل آهي تُنهنجو، اُهو رَبُّ رهبر، زوراورزَبر، ۽ مِڙنيان مِهربان گھڻو. |
وَإِنَّهُ لَتَنزيلُ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 192) |
۽ هي اتارا اهار، ڏيهن جي ڏاتار کان، |
نَزَلَ بِهِ الرّوحُ الأَمينُ (آيت : 193) |
اتارئو روح ان کي، جو اماني اهار، |
عَلىٰ قَلبِكَ لِتَكونَ مِنَ المُنذِرينَ (آيت : 194) |
تنهنجي هِيـين تي هوشيار!، ته هُجِين ڄاڻوين مان ڄام تون. |
بِلِسانٍ عَرَبِىٍّ مُبينٍ (آيت : 195) |
عَربِي، سَولِي، صاف هِي، قادِر جو قرآن، |
وَإِنَّهُ لَفى زُبُرِ الأَوَّلينَ (آيت : 196) |
بِلڪُل هِي بيان، مَنجھ اوتارن اڳين جي. |
أَوَلَم يَكُن لَهُم ءايَةً أَن يَعلَمَهُ عُلَمٰؤُا۟ بَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 197) |
ڇا، نه آهي نِيشاني تَن لئي؟ ته سَمجھنسِ سالِم، اَڪابِر عالِم، اِسرائـِيل جي اولاد مان. |
وَلَو نَزَّلنٰهُ عَلىٰ بَعضِ الأَعجَمينَ (آيت : 198) |
۽ ٻِي ٻولِي وارن مان، ڪِنهن تي، اُتاريوسون جيڪر، |
فَقَرَأَهُ عَلَيهِم ما كانوا بِهِ مُؤمِنينَ (آيت : 199) |
پوءِ پڙهائـِين تَن سر، ته مَڃِيندڙ نه هُئسِ مُورهِين. |
كَذٰلِكَ سَلَكنٰهُ فى قُلوبِ المُجرِمينَ (آيت : 200) |
اِنْ پر پاپِيُن مَن ۾، سو وِڌو سون اِنڪار، |
لا يُؤمِنونَ بِهِ حَتّىٰ يَرَوُا العَذابَ الأَليمَ (آيت : 201) |
نه وِسهن، تان ويکين سي، اهکو ڪو آزار، |
فَيَأتِيَهُم بَغتَةً وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 202) |
۽ نه پَوينِ سُڌ سَنڀار، پوءِ اچي مَٿنِ اوچتو. |
فَيَقولوا هَل نَحنُ مُنظَرونَ (آيت : 203) |
ٻولِين، پوءِ ٻيهار، ڪا مُهلت اَسان کي مِلڻي ؟ ڇا، |
أَفَبِعَذابِنا يَستَعجِلونَ (آيت : 204) |
تڪڙ ڪن تڪرار، اسان جي عذاب تي؟ |
أَفَرَءَيتَ إِن مَتَّعنٰهُم سِنينَ (آيت : 205) |
پوءِ ڪيئـي ڪو خيال ؟ ته سُکيو رکونِ سال ڪي، |
ثُمَّ جاءَهُم ما كانوا يوعَدونَ (آيت : 206) |
پوءِ اَچينِ، ڏِجي اُنهن کي، وَعدو جنهن وَبال، |
ما أَغنىٰ عَنهُم ما كانوا يُمَتَّعونَ (آيت : 207) |
پوءِ ميڙِين جيڪِي مال تنهن اَصل آسُودا نَه ڪيا. |
وَما أَهلَكنا مِن قَريَةٍ إِلّا لَها مُنذِرونَ (آيت : 208) |
۽ ناس نه ڪيو سون ڳوٺ ڪو، ته هُئا نه اُنهِئ هارِ، خوف ڏِيندڙ خابرُو، |
ذِكرىٰ وَما كُنّا ظٰلِمينَ (آيت : 209) |
ڪارڻ سار سَنڀار، ۽ نه هُئا سون هاڃي ڪار، مارڻ سَندن ۾ مُورهين |
وَما تَنَزَّلَت بِهِ الشَّيٰطينُ (آيت : 210) |
۽ اُتريا ڪِين اُنهِئَ سان، شامتِي شيطان، |
وَما يَنبَغى لَهُم وَما يَستَطيعونَ (آيت : 211) |
۽ نه ايڏو اُنهن جو شان، ۽ نه ڪا طاقت تن کي. |
إِنَّهُم عَنِ السَّمعِ لَمَعزولونَ (آيت : 212) |
اُهي تَڙيل آهِن توڙ کان، سڻڻ کان سڄاڻ! |
فَلا تَدعُ مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ فَتَكونَ مِنَ المُعَذَّبينَ (آيت : 213) |
اُهکِئ سُهکِئ سَڏ نه ٻِيو، سائـِين، سائـِينءَ ساڻ، پوءِ ٿئـِين تون پاڻ، سخت سزا وارن مان. |
وَأَنذِر عَشيرَتَكَ الأَقرَبينَ (آيت : 214) |
۽ پَنهنجن عَزِيزن، اوڏڙن کي، ڍوليا! تون ڊِڄار، |
وَاخفِض جَناحَكَ لِمَنِ اتَّبَعَكَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 215) |
۽ ٻَهون ٻانهون پَنهنجيون، ڪر هيٺ تَنِين هارِ، جيڪي اِيماندار، لالڻ! لڳل لَڙھ تُنهنجي. |
فَإِن عَصَوكَ فَقُل إِنّى بَريءٌ مِمّا تَعمَلونَ (آيت : 216) |
پوءِ جي ڦِرن توکان، پوءِ چِٽو ٻول ٻِيهار، آءٌ ڀڳل اُن کان، ڪريو جي ڪم ڪار، |
وَتَوَكَّل عَلَى العَزيزِ الرَّحيمِ (آيت : 217) |
۽ بَرسِر رک تون بار، ڏاڍي ۽ ڏاتار تي. |
الَّذى يَرىٰكَ حينَ تَقومُ (آيت : 218) |
جو ڏسي توکي جڏهن، ٿئـِين تهجّد لاءِ تيار، |
وَتَقَلُّبَكَ فِى السّٰجِدينَ (آيت : 219) |
پڻ ڦِرڻ تُنهنجو نَمندڙن ۾، ڏِسي سو ڏاتار، |
إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 220) |
سُڻندڙ، سَمجھدار، اِهو اَللهُ جَلَّ جلالہٗ. |
هَل أُنَبِّئُكُم عَلىٰ مَن تَنَزَّلُ الشَّيٰطينُ (آيت : 221) |
چئو لَهن شيطان ڪِن تي؟ تن جا پورا ڏِيان پار، |
تَنَزَّلُ عَلىٰ كُلِّ أَفّاكٍ أَثيمٍ (آيت : 222) |
هَر ڪُوڙي ڪانهياري مَٿي؛ ٻُڌل ڳالھ ٻِيهار، |
يُلقونَ السَّمعَ وَأَكثَرُهُم كٰذِبونَ (آيت : 223) |
اُڇلِينِ ڪَنن پارِ، ۽ اَڪثر ڪُوڙا اُنهن مان. |
وَالشُّعَراءُ يَتَّبِعُهُمُ الغاوۥنَ (آيت : 224) |
هَلن پُٺيان شاعِرن، ڀُليل بي شُعور، |
أَلَم تَرَ أَنَّهُم فى كُلِّ وادٍ يَهيمونَ (آيت : 225) |
نه ڏِٺئـِي ته هر ڏَهر ۾، وڃيو پَون وَهلور، |
وَأَنَّهُم يَقولونَ ما لا يَفعَلونَ (آيت : 226) |
۽ چونِ سو، جو ڪِين ڪن؛ |
إِلَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَذَكَرُوا اللَّهَ كَثيرًا وَانتَصَروا مِن بَعدِ ما ظُلِموا وَسَيَعلَمُ الَّذينَ ظَلَموا أَىَّ مُنقَلَبٍ يَنقَلِبونَ (آيت : 227) |
پَر مَڃيو جن مَذڪُور، پڻ ڪيائون ڪوڏ مان، نيڪ ڪمايون نُور، ۽ ساريئون سائـِينءَ کي گَھڻو، ۽ مَدد ڪيائون مُور، جِنهن بَعد ڏکويا پاڻ وِيا، ۽ ڪيا جن ڪَلُور، پَوندنِ جَلد پَرُوڙ، ته موٽِن ڪهڙي ماڳه تي؟ |