طسم (آيت : 1) |
طا سين ميم (هي حروف مقطعات آهن انهن جو اصل مقصد الله ۽ ان جو رسول ڄاڻن ٿا). |
تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ المُبينِ (آيت : 2) |
هي (حق کي) پڌرو ڪندڙ ڪتاب جون آيتون آهن. |
لَعَلَّكَ بٰخِعٌ نَفسَكَ أَلّا يَكونوا مُؤمِنينَ (آيت : 3) |
(اي نبي!) شايد تون پنهنجي جان ڏئي ويهين (هن غم ۾) جو اُهي ايمان آڻڻ وارا نه آهن. |
إِن نَشَأ نُنَزِّل عَلَيهِم مِنَ السَّماءِ ءايَةً فَظَلَّت أَعنٰقُهُم لَها خٰضِعينَ (آيت : 4) |
جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته انهن تي آسمان مان (اهڙي) نشاني نازل ڪيون ها جو انهن جا ڪنڌ ان جي اڳيان جهُڪيل رهن ها. |
وَما يَأتيهِم مِن ذِكرٍ مِنَ الرَّحمٰنِ مُحدَثٍ إِلّا كانوا عَنهُ مُعرِضينَ (آيت : 5) |
۽ انهن وٽ وڏي رحمان وٽان ڪابه نئين نصيحت نه ٿي اچي مگر هي ان کان منهن موڙيندڙ آهن. |
فَقَد كَذَّبوا فَسَيَأتيهِم أَنبٰؤُا۟ ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 6) |
پوءِ بيشڪ انهن ڪوڙو چيو پوءِ جلد انهن وٽ ان (عذاب) جون خبرون پهچنديون جنهن مٿان ٺٺولون ڪندا هئا. |
أَوَلَم يَرَوا إِلَى الأَرضِ كَم أَنبَتنا فيها مِن كُلِّ زَوجٍ كَريمٍ (آيت : 7) |
ڇا انهن زمين ڏانهن نه ڏٺو ته اسان ان ۾ ڪيترائي هر جنس جا عُمدا جوڙا ڄمايا آهن. |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 8) |
بيشڪ ان ۾ ضرور نشاني آهي. ۽ انهن مان گهڻا ايمان آڻڻ وارا نه آهن. |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 9) |
۽ بيشڪ تنهنجو پالڻهار ئي ته غالب وڏي ٻاجهه وارو آهي. |
وَإِذ نادىٰ رَبُّكَ موسىٰ أَنِ ائتِ القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 10) |
۽ (ياد ڪر) جڏهن تنهنجي پالڻهار موسى کي پُڪاريو ته:”تون ظالمن جي قوم وٽ وڃ. |
قَومَ فِرعَونَ أَلا يَتَّقونَ (آيت : 11) |
جا فرعون جي قوم آهي. ڇا اُهي (عذابِ الاهي کان) نه ٿا ڊڄن“. |
قالَ رَبِّ إِنّى أَخافُ أَن يُكَذِّبونِ (آيت : 12) |
(موسى) چيو: ”اي منهنجا پالڻهار! مون کي خدشو آهي ته اُهي مون کي ڪوڙو چوندا. |
وَيَضيقُ صَدرى وَلا يَنطَلِقُ لِسانى فَأَرسِل إِلىٰ هٰرونَ (آيت : 13) |
۽ منهنجو سينو سوڙهو ٿئي ٿو ۽ منهنجي زبان (رواني سان) نه ٿي هلي پوءِ هارون ڏانهن به (رسالت) موڪل. |
وَلَهُم عَلَىَّ ذَنبٌ فَأَخافُ أَن يَقتُلونِ (آيت : 14) |
۽ انهن جو مون تي (قبطي کي مارڻ جو) الزام به آهي سو مون کي انديشو آهي متان مون کي قتل ڪري ڇڏن“. |
قالَ كَلّا فَاذهَبا بِـٔايٰتِنا إِنّا مَعَكُم مُستَمِعونَ (آيت : 15) |
(الله) فرمايو: ”ائين نه ٿيندو. پوءِ اوهان ٻئي اسان جون نشانيون وٺي وڃو بيشڪ اسان اوهان سان گڏ (سڀ ڪجھه) ٻڌندڙ آهيون. |
فَأتِيا فِرعَونَ فَقولا إِنّا رَسولُ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 16) |
پوءِ فرعون وٽ وڃو پوءِ چئو ته بيشڪ اسان جهانن جي پالڻهار جا موڪليل رسول آهيون. |
أَن أَرسِل مَعَنا بَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 17) |
هن لاءِ ته تون بني اسرائيل کي (آزادي ڏئي) اسان سان وڃڻ ڏي“. |
قالَ أَلَم نُرَبِّكَ فينا وَليدًا وَلَبِثتَ فينا مِن عُمُرِكَ سِنينَ (آيت : 18) |
(فرعون) چيو: ”ڇا اسان توکي پاڻ وٽ ننڍڙو ڪري نه پاليو هيو؟ ۽ تو پنهنجي عمر جا ڪيترا سال اسان ۾ گذاريا. |
وَفَعَلتَ فَعلَتَكَ الَّتى فَعَلتَ وَأَنتَ مِنَ الكٰفِرينَ (آيت : 19) |
۽ پوءِ تون ڪري وئين جيڪو ڪري وئين ۽ تون وڏو احسان فراموش آهين“. |
قالَ فَعَلتُها إِذًا وَأَنا۠ مِنَ الضّالّينَ (آيت : 20) |
(موسى) چيو: ”مون اهو ڪم ان وقت ڪيو هيو جڏهن آءٌ بي خبرن مان هيس. |
فَفَرَرتُ مِنكُم لَمّا خِفتُكُم فَوَهَبَ لى رَبّى حُكمًا وَجَعَلَنى مِنَ المُرسَلينَ (آيت : 21) |
پوءِ جڏهن مون کي اوهان کان انديشو محسوس ٿيو ته آءٌ اوهان وٽان هليو ويس پوءِ منهنجي پالڻهار مون کي حڪمِ (نبوت) عطا ڪيو ۽ مون کي رسولن مان بنايائين. |
وَتِلكَ نِعمَةٌ تَمُنُّها عَلَىَّ أَن عَبَّدتَ بَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 22) |
۽ ڇا اها (به) ڪا ڀلائي آهي جنهن جو مون تي ٿورو ٿڦين ٿو هوڏهون تو بني اسرائيل کي غلام بنائي رکيو آهي“. |
قالَ فِرعَونُ وَما رَبُّ العٰلَمينَ (آيت : 23) |
فرعون چيو ته : ”جهانن جو پالڻهار ڇا (شيءِ) آهي“؟ |
قالَ رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما إِن كُنتُم موقِنينَ (آيت : 24) |
(موسى) چيو: ”آسمانن ۽ زمين ۽ جيڪي ڪجهه انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي (سڀ جو) پالڻهار آهي. جيڪڏهن اوهان يقين ڪرڻ وارا آهيو“. |
قالَ لِمَن حَولَهُ أَلا تَستَمِعونَ (آيت : 25) |
(فرعون) پنهنجي آس پاس وارن کي چيو: ”ٻڌو ٿا؟“ |
قالَ رَبُّكُم وَرَبُّ ءابائِكُمُ الأَوَّلينَ (آيت : 26) |
(موسى) چيو: ”اُهو اوهان جو پاليندڙ آهي ۽ اوهان جي اڳين ابن ڏاڏن جو پاليندڙ آهي“. |
قالَ إِنَّ رَسولَكُمُ الَّذى أُرسِلَ إِلَيكُم لَمَجنونٌ (آيت : 27) |
(فرعون) چيو: ”بيشڪ اوهان جو رسول جيڪو اوهان ڏانهن موڪليو ويو آهي سو پڪ سان مجنون آهي“. |
قالَ رَبُّ المَشرِقِ وَالمَغرِبِ وَما بَينَهُما إِن كُنتُم تَعقِلونَ (آيت : 28) |
(موسى) چيو ته: ”اوڀر ۽ اولهه ۽ جو ڪجهه انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي (سڀ جو) پاليندڙ اُهو آهي. جيڪڏهن اوهان سمجهو ٿا“. |
قالَ لَئِنِ اتَّخَذتَ إِلٰهًا غَيرى لَأَجعَلَنَّكَ مِنَ المَسجونينَ (آيت : 29) |
(فرعون) چيو: ”اگر مون کان سواءِ تو ڪنهن ٻئي کي معبود بنايو ته آءٌ ضرور تو کي قيدين ۾ شامل ڪندس“. |
قالَ أَوَلَو جِئتُكَ بِشَيءٍ مُبينٍ (آيت : 30) |
(موسى) چيو: ”توڙي جو آءٌ تو وٽ ڪا پڌري شيءِ (بطور معجزي جي) آڻيان“. |
قالَ فَأتِ بِهِ إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 31) |
(فرعون) چيو: ”اُها آڻ جيڪڏهن تون سچن مان آهين“. |
فَأَلقىٰ عَصاهُ فَإِذا هِىَ ثُعبانٌ مُبينٌ (آيت : 32) |
پوءِ (موسيٰ) پنهنجي لٺ اڇلائي ته اُها ٿَڏي تي ئي پڌرو نانگ ٿي پئي“. |
وَنَزَعَ يَدَهُ فَإِذا هِىَ بَيضاءُ لِلنّٰظِرينَ (آيت : 33) |
۽ پنهنجو هٿ (بغل ۾ وجهي) ٻاهر ڪڍيائين ته اُهو اُتي جو اُتي ئي ڏسڻ وارن لاءِ چمڪدار ٿي پيو. |
قالَ لِلمَلَإِ حَولَهُ إِنَّ هٰذا لَسٰحِرٌ عَليمٌ (آيت : 34) |
(فرعون) پنهنجي آس پاس وارن سردارن کي چيو: ”بيشڪ هي وڏو ڄاڻُو جادوگر آهي. |
يُريدُ أَن يُخرِجَكُم مِن أَرضِكُم بِسِحرِهِ فَماذا تَأمُرونَ (آيت : 35) |
جيڪو چاهي ٿو پنهنجي جادوءَ (جي زور) سان اوهان کي اوهان جي زمين مان ڪڍي، پوءِ اوهان ڇا ٿا راءِ ڏيو“؟ |
قالوا أَرجِه وَأَخاهُ وَابعَث فِى المَدائِنِ حٰشِرينَ (آيت : 36) |
چيائون: ”ان کي ۽ ان جي ڀاءُ کي ترساءِ ۽ شهرن ۾ جادوگرن کي گڏ ڪرڻ وارا موڪل. |
يَأتوكَ بِكُلِّ سَحّارٍ عَليمٍ (آيت : 37) |
جيڪي هر ماهر جادوگر کي تو وٽ وٺي اچن“. |
فَجُمِعَ السَّحَرَةُ لِميقٰتِ يَومٍ مَعلومٍ (آيت : 38) |
پوءِ سڀ جادوگرن کي هڪ مقرر ڏينهن جي طئي ٿيل وقت تي گڏ ڪيو ويو. |
وَقيلَ لِلنّاسِ هَل أَنتُم مُجتَمِعونَ (آيت : 39) |
۽ ماڻهن کي چيو ويو ته: ”ڇا اوهان (اجتماع ۾) گڏ ٿيندؤ؟ |
لَعَلَّنا نَتَّبِعُ السَّحَرَةَ إِن كانوا هُمُ الغٰلِبينَ (آيت : 40) |
شايد اسان انهن جادوگرن (جي دين) جي پيروي ڪيون اگر اُهي غالب ٿي ويا“. |
فَلَمّا جاءَ السَّحَرَةُ قالوا لِفِرعَونَ أَئِنَّ لَنا لَأَجرًا إِن كُنّا نَحنُ الغٰلِبينَ (آيت : 41) |
پوءِ جڏهن جادوگر آيا ته فرعون کي چيائون: ”اسان لاءِ ڪو انعام آهي؟ جيڪڏهن اسان (موسى ۽ هارون تي) غالب اچي وڃون؟“ |
قالَ نَعَم وَإِنَّكُم إِذًا لَمِنَ المُقَرَّبينَ (آيت : 42) |
(فرعون)چيو:”هائو ۽ بيشڪ اوهان ان وقت منهنجي(دربار جي) ويجهڙن (ماڻهن) مان ٿيندؤ“. |
قالَ لَهُم موسىٰ أَلقوا ما أَنتُم مُلقونَ (آيت : 43) |
موسى کين چيو: ”اڇلايو! جيڪو (جادو) اوهان اڇلائڻ وارا آهيو“. |
فَأَلقَوا حِبالَهُم وَعِصِيَّهُم وَقالوا بِعِزَّةِ فِرعَونَ إِنّا لَنَحنُ الغٰلِبونَ (آيت : 44) |
پوءِ انهن پنهنجون رسيون ۽ پنهنجون لٺيون اڇلايون ۽ چيائون: ”فرعون جي عزت جو قسم بيشڪ اسان ئي غالب آهيون“. |
فَأَلقىٰ موسىٰ عَصاهُ فَإِذا هِىَ تَلقَفُ ما يَأفِكونَ (آيت : 45) |
پوءِ موسى پنهنجي لٺ کي اڇلايو ته اُها اُتي جو اُتي (نانگ بڻجي) ڳِهَڻ لڳي جيڪو ٺاهه ٺاهيائون. |
فَأُلقِىَ السَّحَرَةُ سٰجِدينَ (آيت : 46) |
پوءِ جادوگر (سڀ) سجدي ۾ ڪِري پيا. |
قالوا ءامَنّا بِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 47) |
چيائون: ”اسان جهانن جي پالڻهار تي ايمان آندو. |
رَبِّ موسىٰ وَهٰرونَ (آيت : 48) |
جيڪو موسى ۽ هارون جو پالڻهار آهي“. |
قالَ ءامَنتُم لَهُ قَبلَ أَن ءاذَنَ لَكُم إِنَّهُ لَكَبيرُكُمُ الَّذى عَلَّمَكُمُ السِّحرَ فَلَسَوفَ تَعلَمونَ لَأُقَطِّعَنَّ أَيدِيَكُم وَأَرجُلَكُم مِن خِلٰفٍ وَلَأُصَلِّبَنَّكُم أَجمَعينَ (آيت : 49) |
(فرعون) چيو: ”اوهان ان تي ايمان آندو آهي ان کان اڳي ئي جو آءٌ اوهان کي موڪل ڏيان، بيشڪ اهو (موسى) اوهان جو وڏو آهي جنهن اوهان کي جادو سيکاريو آهي. پوءِ جلدي اوهان ڄاڻندؤ آءٌ ضرور اوهان جا هڪ پاسي جا هٿ ۽ ٻئي پاسي جا پير وڍيندس ۽ ضرور اوهان سڀني کي سوريءَ تي چاڙهيندس“. |
قالوا لا ضَيرَ إِنّا إِلىٰ رَبِّنا مُنقَلِبونَ (آيت : 50) |
چيائون: ”ڪو نقصان ناهي، بيشڪ اسان پنهنجي پالڻهار جي حضور ۾ موٽڻ وارا آهيون. |
إِنّا نَطمَعُ أَن يَغفِرَ لَنا رَبُّنا خَطٰيٰنا أَن كُنّا أَوَّلَ المُؤمِنينَ (آيت : 51) |
بيشڪ اسان اميد رکون ٿا ته اسان جو پالڻهار اسان جون خطائون معاف ڪندو انڪري جو اسان سڀ کان پهريان ايمان آڻڻ وارا آهيون“. |
وَأَوحَينا إِلىٰ موسىٰ أَن أَسرِ بِعِبادى إِنَّكُم مُتَّبَعونَ (آيت : 52) |
۽ اسان موسى ڏانهن وحي موڪلي ته: ”منهنجي ٻانهن کي وٺي راتو رات نڪري وڃ، بيشڪ اوهان جو پيڇو ڪيو ويندو“. |
فَأَرسَلَ فِرعَونُ فِى المَدائِنِ حٰشِرينَ (آيت : 53) |
پوءِ فرعون شهرن ۾ (فوجين کي) گڏ ڪرڻ وارا (قاصد) موڪليا. |
إِنَّ هٰؤُلاءِ لَشِرذِمَةٌ قَليلونَ (آيت : 54) |
(چيائين): ”بيشڪ اهي (بني اسرائيل) ٿورڙي جماعت آهن. |
وَإِنَّهُم لَنا لَغائِظونَ (آيت : 55) |
۽ بيشڪ اهي اسان کي ڪاوڙ ڏياريندڙ آهن. |
وَإِنّا لَجَميعٌ حٰذِرونَ (آيت : 56) |
۽ بيشڪ اسان چوڪس رهڻ واري جماعت آهيون“. |
فَأَخرَجنٰهُم مِن جَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 57) |
سو اسان انهن (فرعونين) کي (سندن) باغن ۽ چشمن مان ٻاهر ڪڍيو. |
وَكُنوزٍ وَمَقامٍ كَريمٍ (آيت : 58) |
۽ خزانن ۽ عزت وارين جاين مان (به ٻاهر ڪڍيو) |
كَذٰلِكَ وَأَورَثنٰها بَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 59) |
اهڙي طرح (ڪيوسين). ۽ اسان بني اسرائيل کي (انهن شين جو) وارث ڪيوسين. |
فَأَتبَعوهُم مُشرِقينَ (آيت : 60) |
پوءِ ڏينهن روشن ٿيندي ئي (فرعوني) انهن جي پٺيان پيا. |
فَلَمّا تَرٰءَا الجَمعانِ قالَ أَصحٰبُ موسىٰ إِنّا لَمُدرَكونَ (آيت : 61) |
پوءِ جڏهن ٻنهين جماعتن هڪ ٻئي کي سامهون ڏٺو ته موسى جي ساٿين چيو ته: ”بيشڪ اسان پڪ سان پڪڙجي پياسين“. |
قالَ كَلّا إِنَّ مَعِىَ رَبّى سَيَهدينِ (آيت : 62) |
(موسى) چيو: ”ائين هرگز نه ٿيندو، بيشڪ مون سان گڏ منهنجو پالڻهار آهي سو سگھو ئي مون کي راهِ (نجات) ڏيکاريندو. |
فَأَوحَينا إِلىٰ موسىٰ أَنِ اضرِب بِعَصاكَ البَحرَ فَانفَلَقَ فَكانَ كُلُّ فِرقٍ كَالطَّودِ العَظيمِ (آيت : 63) |
پوءِ اسان موسى ڏانهن وحي موڪلي ته: ”پنهنجي لٺ سمنڊ تي هڻ“. پوءِ (پاڻي) چيرچي پيو ان جو هر ڀاڱو زبردست جبل جهڙو ٿي پيو. |
وَأَزلَفنا ثَمَّ الءاخَرينَ (آيت : 64) |
۽ اسان ٻين (يعني فرعونين) کي به اتي ويجهو ڪيو. |
وَأَنجَينا موسىٰ وَمَن مَعَهُ أَجمَعينَ (آيت : 65) |
۽ اسان موسى کي نجات ڏني ۽ جيڪي به ساڻس گڏ هئا تن سڀني کي (به). |
ثُمَّ أَغرَقنَا الءاخَرينَ (آيت : 66) |
پوءِ ٻين (يعني فرعونين) کي ٻوڙيوسين. |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 67) |
بيشڪ ان (قصي) ۾ وڏي نشاني آهي. ۽ انهن مان گھڻا ايمان آڻڻ وارا نه هئا. |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 68) |
۽ بيشڪ تنهنجو پالڻهار ئي غالب وڏي رحم وارو آهي. |
وَاتلُ عَلَيهِم نَبَأَ إِبرٰهيمَ (آيت : 69) |
۽ انهن کي ابراهيم جي خبر پڙهي ٻڌاءِ. |
إِذ قالَ لِأَبيهِ وَقَومِهِ ما تَعبُدونَ (آيت : 70) |
جڏهن ان پنهنجي پيءُ ۽ سندس قوم کي چيو ته : ”اوهان ڪهڙي شيءِ جي عبادت ڪيو ٿا؟“ |
قالوا نَعبُدُ أَصنامًا فَنَظَلُّ لَها عٰكِفينَ (آيت : 71) |
چيائون: ”اسان بتن جي پوڄا ڪيون ٿا پوءِ اسان انهن جا (مجاور بنجي) ڄمي ويهڻ وارا آهيون“. |
قالَ هَل يَسمَعونَكُم إِذ تَدعونَ (آيت : 72) |
(ابراهيم) چيو: ”ڇا اهي اوهان جي ٻڌن ٿا؟ جڏهن اوهان (انهن کي) سڏيو ٿا؟ |
أَو يَنفَعونَكُم أَو يَضُرّونَ (آيت : 73) |
يا اوهان کي نفعو ڏين ٿا يا نقصان پهچائن ٿا“؟ |
قالوا بَل وَجَدنا ءاباءَنا كَذٰلِكَ يَفعَلونَ (آيت : 74) |
چيائون: ”بلڪه اسان پنهنجي ابن ڏاڏن کي ائين ڪندي ڏٺو“. |
قالَ أَفَرَءَيتُم ما كُنتُم تَعبُدونَ (آيت : 75) |
(ابراهيم) چيو: ”ڇا اوهان انهن (جي حقيقت کي غور سان) ڏٺو آهي جن جي اوهان پوڄا ڪندا رهيا آهيو؟ |
أَنتُم وَءاباؤُكُمُ الأَقدَمونَ (آيت : 76) |
اوهان ۽ اوهان جا گذريل ابا ۽ ڏاڏا. |
فَإِنَّهُم عَدُوٌّ لى إِلّا رَبَّ العٰلَمينَ (آيت : 77) |
پوءِ بيشڪ اُهي (بت) منهنجا دشمن آهن (ڪو عبادت جي لائق ناهي) سواءِ جهانن جي پالڻهار جي. |
الَّذى خَلَقَنى فَهُوَ يَهدينِ (آيت : 78) |
جنهن مون کي پيدا ڪيو پوءِ اُهو ئي مون کي هدايت ڏئي ٿو. |
وَالَّذى هُوَ يُطعِمُنى وَيَسقينِ (آيت : 79) |
۽ اُهو ئي آهي جيڪو مون کي کارائي ٿو ۽ پياري ٿو. |
وَإِذا مَرِضتُ فَهُوَ يَشفينِ (آيت : 80) |
۽ جڏهن آءٌ بيمار ٿيان ٿو ته پوءِ اُهو مون کي تندرستي ڏئي ٿو. |
وَالَّذى يُميتُنى ثُمَّ يُحيينِ (آيت : 81) |
۽ اُهو مون کي موت ڏيندو وري (دوباره) مون کي زنده ڪندو. |
وَالَّذى أَطمَعُ أَن يَغفِرَ لى خَطيـَٔتى يَومَ الدّينِ (آيت : 82) |
۽ ان ۾ ئي اميدوار آهيان جو انصاف واري ڏينهن منهنجي لغزش معاف ڪندو“. |
رَبِّ هَب لى حُكمًا وَأَلحِقنى بِالصّٰلِحينَ (آيت : 83) |
(پوءِ دعا گھريائين) ”اي منهنجا پالڻهار! مون کي حڪم عطا ڪر ۽ مون کي نيڪوڪارن سان ملاءِ. |
وَاجعَل لى لِسانَ صِدقٍ فِى الءاخِرينَ (آيت : 84) |
۽ منهنجي لاءِ پوءِ اچڻ وارن ماڻهن ۾ منهنجو ذڪرِ خير ۽ قبوليت جاري رک. |
وَاجعَلنى مِن وَرَثَةِ جَنَّةِ النَّعيمِ (آيت : 85) |
۽ مون کي نعمتن واري جنت جي وارثن مان بناءِ. |
وَاغفِر لِأَبى إِنَّهُ كانَ مِنَ الضّالّينَ (آيت : 86) |
۽ منهنجي پيءُ جي بخشش فرماءِ بلاشڪ اُهو گمراهن مان هيو. |
وَلا تُخزِنى يَومَ يُبعَثونَ (آيت : 87) |
۽ مون کي شرمسار نه ڪجانءِ جنهن ڏينهن ماڻهو جيئرا ڪري اٿاريا ويندا. |
يَومَ لا يَنفَعُ مالٌ وَلا بَنونَ (آيت : 88) |
ان ڏينهن نه مال نفعو ڏيندو ۽ نه پُٽ. |
إِلّا مَن أَتَى اللَّهَ بِقَلبٍ سَليمٍ (آيت : 89) |
سواءِ ان ماڻهو جي جيڪو الله جي حضور ۾ سالم دل کڻي آيو“. |
وَأُزلِفَتِ الجَنَّةُ لِلمُتَّقينَ (آيت : 90) |
۽ جنت پرهيزگارن جي قريب ڪئي ويندي. |
وَبُرِّزَتِ الجَحيمُ لِلغاوينَ (آيت : 91) |
۽ گمراهن اڳيان جهنم ظاهر ڪيو ويندو. |
وَقيلَ لَهُم أَينَ ما كُنتُم تَعبُدونَ (آيت : 92) |
۽ انهن کي چيو ويندو: ”ڪٿي آهن اُهي (بت) جن کي اوهان پوڄيندا هئا. |
مِن دونِ اللَّهِ هَل يَنصُرونَكُم أَو يَنتَصِرونَ (آيت : 93) |
الله کي ڇڏي ڇا اُهي اوهان جي مدد ڪن ٿا يا خود پاڻ کي بچائي سگھن ٿا“؟ |
فَكُبكِبوا فيها هُم وَالغاوۥنَ (آيت : 94) |
پوءِ اُهي (بت) ۽ گمراهه ماڻهو اونڌا ڪري ان (دوزخ) ۾ اڇلايا ويندا. |
وَجُنودُ إِبليسَ أَجمَعونَ (آيت : 95) |
۽ ابليس جا سڀئي لشڪر به . (جهنم ۾ اڇلايا ويندا). |
قالوا وَهُم فيها يَختَصِمونَ (آيت : 96) |
اُهي (گمراهه ماڻهو) ان (جهنم) ۾ هڪ ٻئي سان جهڳڙو ڪندي (معبودن کي) چوندا: |
تَاللَّهِ إِن كُنّا لَفى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 97) |
”الله جو قسم بيشڪ اسان پڌري گمراهي ۾ هئاسين. |
إِذ نُسَوّيكُم بِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 98) |
جڏهن اسان اوهان کي جهانن جي پالڻهار جي برابر قرار ٿي ڏنو. |
وَما أَضَلَّنا إِلَّا المُجرِمونَ (آيت : 99) |
۽ اسان کي نه گمراهه ڪيو سواءِ ڏوهاري ماڻهن جي. |
فَما لَنا مِن شٰفِعينَ (آيت : 100) |
پوءِ نه اسان جا ڪي سفارش ڪرڻ وارا آهن |
وَلا صَديقٍ حَميمٍ (آيت : 101) |
۽ نه محبت ڪرڻ وارا دوست آهن. |
فَلَو أَنَّ لَنا كَرَّةً فَنَكونَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 102) |
پوءِ هائو جي اسان جو (دنيا ۾) موٽي وڃڻ ٿئي ته اسان ايمان وارن مان ٿيون“. |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 103) |
بيشڪ ان (واقعي) ۾ وڏي نشاني آهي ۽ انهن مان گهڻا ايمان آڻڻ وارا نه آهن. |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 104) |
۽ بيشڪ تنهنجو پالڻهار ئي غالب ٻاجهارو آهي. |
كَذَّبَت قَومُ نوحٍ المُرسَلينَ (آيت : 105) |
نوح جي قوم وارن رسولن کي ڪوڙو چيو. |
إِذ قالَ لَهُم أَخوهُم نوحٌ أَلا تَتَّقونَ (آيت : 106) |
جڏهن انهن کي سندن ڀاءُ (يعني هم قبيله ) نوح چيو ته: ”ڇا اوهان (الله کان) نه ٿا ڊڄو؟ |
إِنّى لَكُم رَسولٌ أَمينٌ (آيت : 107) |
بيشڪ آءٌ اوهان لاءِ امانتدار رسول (بنجي آيو) آهيان. |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 108) |
پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪيو. |
وَما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِن أَجرِىَ إِلّا عَلىٰ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 109) |
۽ آءٌ اوهان کان هن (تبليغ دين) تي ڪو معاوضو نه ٿو گهران، منهنجو معاوضو ته صرف جهانن جي پالڻهار مٿان آهي. |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 110) |
پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪيو“. |
قالوا أَنُؤمِنُ لَكَ وَاتَّبَعَكَ الأَرذَلونَ (آيت : 111) |
چيائون: ”ڇا اسان تو تي ايمان آڻيون حالانڪه تنهنجي تابعداري ڪرڻ وارا پسمانده ماڻهو آهن“. |
قالَ وَما عِلمى بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 112) |
(نوح ) چيو: ”مون کي ڪهڙي خبر ته اُهي (اڳ ۾) ڪهڙا ڪم ڪندا هئا. |
إِن حِسابُهُم إِلّا عَلىٰ رَبّى لَو تَشعُرونَ (آيت : 113) |
انهن جو حساب وٺڻ ته صرف منهنجي پالڻهار مٿان آهي هائو جي اوهان سمجهو. |
وَما أَنا۠ بِطارِدِ المُؤمِنينَ (آيت : 114) |
۽ آءٌ ايمان وارن کي ڌڪارڻ وارو نه آهيان. |
إِن أَنا۠ إِلّا نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 115) |
آءٌ ته رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان“. |
قالوا لَئِن لَم تَنتَهِ يٰنوحُ لَتَكونَنَّ مِنَ المَرجومينَ (آيت : 116) |
چيائون: ”اي نوح جي تون (ان ڪم کان) باز نه ايندين ته ضرور تون سنگسار ڪيلن مان ٿيندين“. |
قالَ رَبِّ إِنَّ قَومى كَذَّبونِ (آيت : 117) |
(نوح) چيو: ”اي منهنجا پالڻهار! بيشڪ منهنجي قوم مون کي ڪوڙو چيو. |
فَافتَح بَينى وَبَينَهُم فَتحًا وَنَجِّنى وَمَن مَعِىَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 118) |
پوءِ منهنجي ۽ انهن جي وچ ۾ چڱي طرح فيصلو ڪر ۽ مون کي نجات عطا ڪر ۽ مؤمنن مان جيڪي مون سان گڏ آهن“. (تن کي به). |
فَأَنجَينٰهُ وَمَن مَعَهُ فِى الفُلكِ المَشحونِ (آيت : 119) |
پوءِ اسان کيس نجات ڏني ۽ انهن کي (به) جيڪي ڀري ٻيڙي ۾ ساڻس گڏ هئا. |
ثُمَّ أَغرَقنا بَعدُ الباقينَ (آيت : 120) |
پوءِ ان کان پوءِ اسان باقي بچيلن کي ٻوڙي ڇڏيو. |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 121) |
بيشڪ ان (قصي) ۾ وڏي نشاني آهي. ۽ انهن مان اڪثر ماڻهو ايمان آڻڻ وارا نه هئا. |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 122) |
۽ بيشڪ تنهنجو پالڻهار اُهو ئي غالب ٻاجهارو آهي. |
كَذَّبَت عادٌ المُرسَلينَ (آيت : 123) |
عاد (جي قوم) رسولن کي ڪوڙو چيو. |
إِذ قالَ لَهُم أَخوهُم هودٌ أَلا تَتَّقونَ (آيت : 124) |
جڏهن کين سندن ڀاءُ (هم قبيله) هود چيو: ”ڇا اوهان (الله کان) نه ٿا ڊڄو؟ |
إِنّى لَكُم رَسولٌ أَمينٌ (آيت : 125) |
بيشڪ آءٌ اوهان لاءِ امانتدار رسول آهيان. |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 126) |
پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪيو. |
وَما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِن أَجرِىَ إِلّا عَلىٰ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 127) |
۽ آءٌ ان (تبليغِ دين) تي اوهان کان ڪو معاوضو نه ٿو گهران. منهنجو معاوضو ته صرف جهانن جي پالڻهار تي آهي. |
أَتَبنونَ بِكُلِّ ريعٍ ءايَةً تَعبَثونَ (آيت : 128) |
ڇا اوهان هر مٿاهين زمين تي هڪ يادگار (عمارت) بي فائده بنايو ٿا؟ |
وَتَتَّخِذونَ مَصانِعَ لَعَلَّكُم تَخلُدونَ (آيت : 129) |
۽ اوهان مضبوط محل بنايو ٿا ان اميد تي ته اوهان (دنيا ۾) هميشه رهندؤ. |
وَإِذا بَطَشتُم بَطَشتُم جَبّارينَ (آيت : 130) |
۽ جڏهن ڪنهن کي پڪڙيو ٿا ته زبردست بنجي پڪڙيو ٿا. |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 131) |
پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪيو. |
وَاتَّقُوا الَّذى أَمَدَّكُم بِما تَعلَمونَ (آيت : 132) |
۽ ان (الله) کان ڊڄو جنهن توهان جي مدد ڪئي ان شين سان جي توهان ڄاڻو ٿا. |
أَمَدَّكُم بِأَنعٰمٍ وَبَنينَ (آيت : 133) |
توهان جي مدد ڪيائين چوپاين ۽ پُٽن سان |
وَجَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 134) |
۽ باغن ۽ چشمن سان. |
إِنّى أَخافُ عَلَيكُم عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 135) |
بيشڪ آءٌ اوهان تي هڪ زبردست ڏينهن جي عذاب کان ڊڄان ٿو“. |
قالوا سَواءٌ عَلَينا أَوَعَظتَ أَم لَم تَكُن مِنَ الوٰعِظينَ (آيت : 136) |
چيائون: ”اسان لاءِ برابر آهي جي تون نصيحت ڪرين يا نصيحت ڪرڻ وارن مان نه بنجين. |
إِن هٰذا إِلّا خُلُقُ الأَوَّلينَ (آيت : 137) |
ناهي هيءَ (اسان واري رَوَش) مگر عادت اڳين جي. |
وَما نَحنُ بِمُعَذَّبينَ (آيت : 138) |
۽ اسان کي عذاب نه ڪيو ويندو“. |
فَكَذَّبوهُ فَأَهلَكنٰهُم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 139) |
پوءِ ان (هود) کي ڪوڙو چيو پوءِ اسان انهن کي هلاڪ ڪيو. بيشڪ ان (قصي) ۾ وڏي نشاني آهي. ۽ انهن مان گھڻا ماڻهو مؤمن نه هئا. |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 140) |
۽ بيشڪ تنهنجو پالڻهار ئي غالب وڏي ٻاجهه وارو آهي. |
كَذَّبَت ثَمودُ المُرسَلينَ (آيت : 141) |
ثمود (جي قوم به) رسولن کي ڪوڙو چيو. |
إِذ قالَ لَهُم أَخوهُم صٰلِحٌ أَلا تَتَّقونَ (آيت : 142) |
جڏهن کين سندن ڀاءُ (هم قبيله) صالح چيو ته: ”ڇا اوهان نه ٿا ڊڄو؟ |
إِنّى لَكُم رَسولٌ أَمينٌ (آيت : 143) |
بيشڪ آءٌ اوهان ڏانهن امانتدار پيغام آڻيندڙ آهيان. |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 144) |
پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪيو. |
وَما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِن أَجرِىَ إِلّا عَلىٰ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 145) |
۽ آءٌ اوهان کان ان (تبليغِ دين) تي ڪو اجورو ڪونه ٿو گهران، منهنجو اجورو ته صرف جهانن جي پالڻهار تي آهي. |
أَتُترَكونَ فى ما هٰهُنا ءامِنينَ (آيت : 146) |
ڇا اوهان هتي جي شين ۾ امن سان رهندڙ ڇڏيا ويندئو؟ |
فى جَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 147) |
(يعني) باغن ۽ چشمن ۾. |
وَزُروعٍ وَنَخلٍ طَلعُها هَضيمٌ (آيت : 148) |
۽ (انهن) پوکُن ۽ کجين ۾ جن جا ڇُڳا نرم ۽ نازڪ آهن. |
وَتَنحِتونَ مِنَ الجِبالِ بُيوتًا فٰرِهينَ (آيت : 149) |
۽ ڪاريگري سان جبلن کي ڪٽي ڪوري گهر بنايو ٿا. |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 150) |
پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪيو. |
وَلا تُطيعوا أَمرَ المُسرِفينَ (آيت : 151) |
۽ حد کان لنگهي وڃڻ وارن جو حڪم نه مڃو. |
الَّذينَ يُفسِدونَ فِى الأَرضِ وَلا يُصلِحونَ (آيت : 152) |
جيڪي زمين ۾ فساد ڪن ٿا ۽ (سماج جو) سڌارو نه ٿا ڪن“. |
قالوا إِنَّما أَنتَ مِنَ المُسَحَّرينَ (آيت : 153) |
چيائون: ”تون ته صرف جادو ٿيل ماڻهن مان آهين. |
ما أَنتَ إِلّا بَشَرٌ مِثلُنا فَأتِ بِـٔايَةٍ إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 154) |
تون ته رُڳو اسان جهڙو بشر ئي آهين، پو ءِ ڪا نشاني (معجزو) آڻ جي تون سچن مان آهين“. |
قالَ هٰذِهِ ناقَةٌ لَها شِربٌ وَلَكُم شِربُ يَومٍ مَعلومٍ (آيت : 155) |
(صالح ) چيو: ”هيءَ ڏاچي (معجزو) آهي ان لاءِ پاڻي پيئڻ جو هڪ وارو آهي ۽ توهان لاءِ (به) هڪ مقرر ڏينهن جو وارو آهي. |
وَلا تَمَسّوها بِسوءٍ فَيَأخُذَكُم عَذابُ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 156) |
۽ ان کي برائي (جي ارادي) سان هٿ نه لائجو نه ته توهان کي هڪ زبردست ڏينهن وارو عذاب پڪڙيندو“. |
فَعَقَروها فَأَصبَحوا نٰدِمينَ (آيت : 157) |
پوءِ ان جا پير وڍي (ان کي ماري ڇڏيائون) پوءِ اُهي پشيمان ٿيا. |
فَأَخَذَهُمُ العَذابُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 158) |
پوءِ انهن کي عذاب پڪڙيو. بيشڪ ان (واقعي) ۾ وڏي نشاني آهي. ۽ انهن مان اڪثر ايمان آڻڻ وارا نه هئا. |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 159) |
۽ بيشڪ تنهنجو پالڻهار اُهو ئي غالب ٻاجهارو آهي. |
كَذَّبَت قَومُ لوطٍ المُرسَلينَ (آيت : 160) |
لوط جي قوم رسولن کي ڪوڙو چيو. |
إِذ قالَ لَهُم أَخوهُم لوطٌ أَلا تَتَّقونَ (آيت : 161) |
جڏهن انهن کي سندن ڀاءُ (هم قبيله) لوط چيو ته: ”ڇا توهان (الله کان) نه ٿا ڊڄو؟ |
إِنّى لَكُم رَسولٌ أَمينٌ (آيت : 162) |
بيشڪ آءٌ اوهان ڏانهن امانتدار پيغام رسان آهيان. |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 163) |
پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪيو. |
وَما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِن أَجرِىَ إِلّا عَلىٰ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 164) |
۽ آءٌ اوهان کان ان (تبليغِ دين) تي ڪو معاوضو نه ٿو گهران. منهنجو معاوضو ته رُڳو جهانن جي پالڻهار تي ئي آهي. |
أَتَأتونَ الذُّكرانَ مِنَ العٰلَمينَ (آيت : 165) |
ڇا اوهان (نفساني خواهش پوري ڪرڻ لاءِ) جهان وارن مان مردن وٽ ئي اچو ٿا؟ |
وَتَذَرونَ ما خَلَقَ لَكُم رَبُّكُم مِن أَزوٰجِكُم بَل أَنتُم قَومٌ عادونَ (آيت : 166) |
۽ پنهنجي زالن کي ڇڏي ڏيو ٿا جيڪي اوهان جي پالڻهار اوهان لاءِ پيدا ڪيون آهن. بلڪه اوهان حد پار ڪندڙ قوم آهيو“. |
قالوا لَئِن لَم تَنتَهِ يٰلوطُ لَتَكونَنَّ مِنَ المُخرَجينَ (آيت : 167) |
چيائون: ”اي لوط جيڪڏهن تون (ان ڳالهين کان) بس نه ڪندين ته تون ضرور شهر بدر ٿيلن مان هوندين“. |
قالَ إِنّى لِعَمَلِكُم مِنَ القالينَ (آيت : 168) |
(لوط) چيو:” بيشڪ آءٌ اوهان جي عمل کان نفرت ڪندڙن مان آهيان“. |
رَبِّ نَجِّنى وَأَهلى مِمّا يَعمَلونَ (آيت : 169) |
اي منهنجا پالڻهار! تون مون کي ۽ منهنجي گهروارن کي نجات ڏي جيڪي اُهي ڪن ٿا. |
فَنَجَّينٰهُ وَأَهلَهُ أَجمَعينَ (آيت : 170) |
پوءِ اسان ان کي ۽ سندس سڀ گهراڻي کي نجات ڏني. |
إِلّا عَجوزًا فِى الغٰبِرينَ (آيت : 171) |
سواءِ هڪ ڪراڙي عورت جي جا پوئتي رهجي وڃڻ وارن مان هئي. |
ثُمَّ دَمَّرنَا الءاخَرينَ (آيت : 172) |
پوءِ اسان ٻين کي هلاڪ ڪيو. |
وَأَمطَرنا عَلَيهِم مَطَرًا فَساءَ مَطَرُ المُنذَرينَ (آيت : 173) |
۽ اسان انهن تي (پٿرن جو) مينهن وسايو، پوءِ ڊيڄاريل ماڻهن جو مينهن ڏاڍو بڇڙو هيو. |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 174) |
بيشڪ ان (واقعي) ۾ هڪ وڏي نشاني آهي. ۽ انهن مان گهڻا ايمان آڻڻ وارا نه هئا. |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 175) |
۽ بيشڪ تنهنجو پالڻهار اُهو ئي غالب ٻاجهارو آهي. |
كَذَّبَ أَصحٰبُ لـَٔيكَةِ المُرسَلينَ (آيت : 176) |
ايڪه (جهنگل) وارن رسولن کي ڪوڙو چيو. |
إِذ قالَ لَهُم شُعَيبٌ أَلا تَتَّقونَ (آيت : 177) |
جڏهن کين شعيب چيو ته: ”ڇا اوهان نه ٿا ڊڄو؟ |
إِنّى لَكُم رَسولٌ أَمينٌ (آيت : 178) |
بيشڪ آءٌ اوهان ڏانهن امانتدار رسول (بنجي آيو) آهيان. |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 179) |
پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪيو. |
وَما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِن أَجرِىَ إِلّا عَلىٰ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 180) |
۽ آءٌ ان (تبليغ) تي توهان کان ڪا اُجرت نه ٿو گهران، منهنجي اُجرت ته جهانن جي پالڻهار مٿان ئي آهي. |
أَوفُوا الكَيلَ وَلا تَكونوا مِنَ المُخسِرينَ (آيت : 181) |
۽ ماڻ پورا ڀريو ۽ گهٽ ماپيندڙن مان نه ٿيو. |
وَزِنوا بِالقِسطاسِ المُستَقيمِ (آيت : 182) |
۽ سنئين تارازيءَ سان توريو. |
وَلا تَبخَسُوا النّاسَ أَشياءَهُم وَلا تَعثَوا فِى الأَرضِ مُفسِدينَ (آيت : 183) |
۽ ماڻهن کي سندن شيون (ماپ ۽ تور ۾) گهٽائي نه ڏيو ۽ زمين ۾ فساد مچائيندا نه وتو. |
وَاتَّقُوا الَّذى خَلَقَكُم وَالجِبِلَّةَ الأَوَّلينَ (آيت : 184) |
۽ ان (الله) کان ڊڄو جنهن اوهان کي ۽ پهرين امتن کي پيدا ڪيو“. |
قالوا إِنَّما أَنتَ مِنَ المُسَحَّرينَ (آيت : 185) |
چيائون: ”تون ته صرف جادو شده ماڻهن مان ئي آهين. |
وَما أَنتَ إِلّا بَشَرٌ مِثلُنا وَإِن نَظُنُّكَ لَمِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 186) |
۽ تون ته رڳو اسان جهڙو بشر ئي آهين. ۽ بيشڪ اسان تو کي ڪوڙن مان سمجهون ٿا. |
فَأَسقِط عَلَينا كِسَفًا مِنَ السَّماءِ إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 187) |
پوءِ تون اسان تي آسمان جو ڪو ٽڪرو ڪيراءِ جيڪڏهن تون سچن مان آهين“. |
قالَ رَبّى أَعلَمُ بِما تَعمَلونَ (آيت : 188) |
(شعيب) چيو: ”منهنجو پالڻهار چڱي طرح ڄاڻندڙ آهي جيڪي توهان عمل ڪيو ٿا“. |
فَكَذَّبوهُ فَأَخَذَهُم عَذابُ يَومِ الظُّلَّةِ إِنَّهُ كانَ عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 189) |
پوءِ کيس ڪوڙو چيائون ۽ انهن کي ڇانوَ ڪندڙ (ڪڪر) واري ڏينهن جي عذاب پڪڙيو. بيشڪ اُهو هڪ زبردست ڏينهن جو عذاب هيو. |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 190) |
بيشڪ ان (واقعي) ۾ وڏي نشاني آهي. ۽ انهن مان گھڻا ايمان آڻڻ وارا نه هئا. |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 191) |
۽ بيشڪ تنهنجو پالڻهار اُهو ئي غالب ٻاجهارو آهي. |
وَإِنَّهُ لَتَنزيلُ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 192) |
۽ بيشڪ اهو (قرآن) جهانن جي پالڻهار جو نازل ڪيل آهي. |
نَزَلَ بِهِ الرّوحُ الأَمينُ (آيت : 193) |
ان کي روح الامين (جبرائيل) لاهي آندو آهي. |
عَلىٰ قَلبِكَ لِتَكونَ مِنَ المُنذِرينَ (آيت : 194) |
تنهنجي دل تي ته جيئن تون ڊيڄاريندڙن مان بنجين. |
بِلِسانٍ عَرَبِىٍّ مُبينٍ (آيت : 195) |
صاف صاف عربي زبان ۾ آهي. |
وَإِنَّهُ لَفى زُبُرِ الأَوَّلينَ (آيت : 196) |
۽ بيشڪ اُهو اڳين امتن جي صحيفن ۾ (ذڪر ٿيل) آهي. |
أَوَلَم يَكُن لَهُم ءايَةً أَن يَعلَمَهُ عُلَمٰؤُا۟ بَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 197) |
ڇا انهن لاءِ هيءَ نشاني نه آهي جو بني اسرائيل جا عالم ان کي ڄاڻن ٿا. |
وَلَو نَزَّلنٰهُ عَلىٰ بَعضِ الأَعجَمينَ (آيت : 198) |
۽ جيڪڏهن اسان ان (قرآن) کي عجمين (غير عربين) مان ڪنهن تي نازل ڪيون ها. |
فَقَرَأَهُ عَلَيهِم ما كانوا بِهِ مُؤمِنينَ (آيت : 199) |
پوءِ اُهو کين اهو (قرآن) ٻڌائي ها ته به اُهي ان تي ايمان آڻڻ وارا نه ٿين ها. |
كَذٰلِكَ سَلَكنٰهُ فى قُلوبِ المُجرِمينَ (آيت : 200) |
اهڙي طرح اسان ان (انڪار) کي ڏوهارين جي دلين ۾ پختگي سان وڌو. |
لا يُؤمِنونَ بِهِ حَتّىٰ يَرَوُا العَذابَ الأَليمَ (آيت : 201) |
ان تي تيسين ايمان نه آڻيندا جيسين دردناڪ عذاب (نه) ڏسن. |
فَيَأتِيَهُم بَغتَةً وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 202) |
پوءِ اُهو (عذاب) انهن مٿان اوچتو اچي پوي ۽ انهن کي خبر به نه پوي. |
فَيَقولوا هَل نَحنُ مُنظَرونَ (آيت : 203) |
پوءِ چوندا ته : ”ڇا اسان کي مهلت ملندي“. |
أَفَبِعَذابِنا يَستَعجِلونَ (آيت : 204) |
ڇا پوءِ اسان جي عذاب گُهرڻ ۾ تڪڙ ڪن ٿا. |
أَفَرَءَيتَ إِن مَتَّعنٰهُم سِنينَ (آيت : 205) |
ڀلا ٻڌاءِ ته اگر اسان انهن کي سالها سال آسودو رکون. |
ثُمَّ جاءَهُم ما كانوا يوعَدونَ (آيت : 206) |
پوءِ انهن کي اُهو (عذاب) اچي جنهن جو وعدو ڪيا وڃن ٿا. |
ما أَغنىٰ عَنهُم ما كانوا يُمَتَّعونَ (آيت : 207) |
ته اهو سامان انهن کي ڪهڙي ڪم ايندو؟ جنهن مان فائدي وٺڻ جي کين مهلت ڏني وئي هئي. |
وَما أَهلَكنا مِن قَريَةٍ إِلّا لَها مُنذِرونَ (آيت : 208) |
۽ اسان ڪنهن بستي کي هلاڪ نه ڪيو سواءِ ان جي جنهن لاءِ ڊيڄارڻ وارا (اچي چُڪا) هئا.. |
ذِكرىٰ وَما كُنّا ظٰلِمينَ (آيت : 209) |
(هيءَ)نصيحت آهي.. ۽ اسان نا انصافي ڪندڙ نه هئاسين. |
وَما تَنَزَّلَت بِهِ الشَّيٰطينُ (آيت : 210) |
۽ هن (قرآن) کي شيطانن نه لاٿو آهي. |
وَما يَنبَغى لَهُم وَما يَستَطيعونَ (آيت : 211) |
۽ نه انهن جي لائق آهي ۽ نه اُهي ڪري سگهن ٿا. |
إِنَّهُم عَنِ السَّمعِ لَمَعزولونَ (آيت : 212) |
بيشڪ اُهي (ته هن ڪلام جي) ٻڌڻ کان روڪيا وڃن ٿا. |
فَلا تَدعُ مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ فَتَكونَ مِنَ المُعَذَّبينَ (آيت : 213) |
پوءِ (اي مخاطب) تون الله سان گڏ ٻئي معبود جي پوڄا نه ڪر نه ته تون عذاب يافتن مان ٿي پوندين. |
وَأَنذِر عَشيرَتَكَ الأَقرَبينَ (آيت : 214) |
۽ (اي نبي) پنهنجي ويجهن رشتيدارن کي ڊيڄار. |
وَاخفِض جَناحَكَ لِمَنِ اتَّبَعَكَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 215) |
۽ پنهنجون ٻانهون (شفقت سان) وڇاءِ انهن ايمان وارن لاءِ جن تنهنجي پيروي اختيار ڪئي آهي. |
فَإِن عَصَوكَ فَقُل إِنّى بَريءٌ مِمّا تَعمَلونَ (آيت : 216) |
پوءِ جيڪڏهن اُهي تنهنجي نافرماني ڪن ته چؤ ته : ”آءٌ انهن عملن کان بيزار آهيان جيڪي توهان ڪيو ٿا“. |
وَتَوَكَّل عَلَى العَزيزِ الرَّحيمِ (آيت : 217) |
۽ ڀروسو رک غالب ٻاجهاري (الله) مٿان. |
الَّذى يَرىٰكَ حينَ تَقومُ (آيت : 218) |
جيڪو تو کي ڏسي ٿو جيڏي مهل تون (تهجد نماز) لاءِ بيهين ٿو. |
وَتَقَلُّبَكَ فِى السّٰجِدينَ (آيت : 219) |
۽ سجدي ڪندڙن ۾ تنهنجو اچڻ وڃڻ به ڏسي ٿو. |
إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 220) |
بيشڪ اُهو ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. |
هَل أُنَبِّئُكُم عَلىٰ مَن تَنَزَّلُ الشَّيٰطينُ (آيت : 221) |
ڇا اوهان کي انهن جي خبر ڏيان جن تي شيطان لهن ٿا؟ |
تَنَزَّلُ عَلىٰ كُلِّ أَفّاكٍ أَثيمٍ (آيت : 222) |
اُهي هر ٻَٽَاڪِي بدڪار تي لهن ٿا. |
يُلقونَ السَّمعَ وَأَكثَرُهُم كٰذِبونَ (آيت : 223) |
اُهي ٻڌل ڳالهيون (انهن جي) ڪنن ۾ وجهن ٿا ۽ انهن مان اڪثر ڪوڙا آهن. |
وَالشُّعَراءُ يَتَّبِعُهُمُ الغاوۥنَ (آيت : 224) |
۽ شاعرن جي پيروي گمراهه ماڻهو ئي ڪن ٿا. |
أَلَم تَرَ أَنَّهُم فى كُلِّ وادٍ يَهيمونَ (آيت : 225) |
ڇا تو نه ڏٺو ته اُهي (شاعر) هر (خيال جي) وادي ۾ سرگردان ڀٽڪندا رهن ٿا. |
وَأَنَّهُم يَقولونَ ما لا يَفعَلونَ (آيت : 226) |
۽ بيشڪ اُهي (اهڙيون ڳالهيون) چون ٿا جيڪي (پاڻ) نه ٿا ڪن. |
إِلَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَذَكَرُوا اللَّهَ كَثيرًا وَانتَصَروا مِن بَعدِ ما ظُلِموا وَسَيَعلَمُ الَّذينَ ظَلَموا أَىَّ مُنقَلَبٍ يَنقَلِبونَ (آيت : 227) |
سواءِ انهن (شاعرن) جي جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيائون ۽ الله جو گهڻو ذڪر ڪيائون ۽ مٿن ظلم ٿيڻ بعد (شعرن ذريعي) بدلو ورتائون. (ته اهي بڇڙا نه آهن) ۽ جن ظلم ڪيو سي جلدي ڄاڻي وٺندا ته ڪهڙي موٽڻ جي هنڌ موٽن ٿا! |