| طسم (آيت : 1) |
|
ط- س- م |
| تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ المُبينِ (آيت : 2) |
|
هي آيتون آهن پڌري ڪتاب جون. |
| لَعَلَّكَ بٰخِعٌ نَفسَكَ أَلّا يَكونوا مُؤمِنينَ (آيت : 3) |
|
متان تون پاڻ کي گهٽي مارين، جو (ڪافر) مسلمان نٿا ٿين! |
| إِن نَشَأ نُنَزِّل عَلَيهِم مِنَ السَّماءِ ءايَةً فَظَلَّت أَعنٰقُهُم لَها خٰضِعينَ (آيت : 4) |
|
جيڪڏهن اسين گهرون، ته جيڪر مٿن آسمان کان ڪا اهڙي نشاني موڪليون، جنهن اڳيان سندن ڪنڌ جُهڪي پون. |
| وَما يَأتيهِم مِن ذِكرٍ مِنَ الرَّحمٰنِ مُحدَثٍ إِلّا كانوا عَنهُ مُعرِضينَ (آيت : 5) |
|
۽ ٻاجهاري الله کان جيڪا به نئين نصيحت وٽن ٿي اچي، ان کان ٿا منهن موڙين- |
| فَقَد كَذَّبوا فَسَيَأتيهِم أَنبٰؤُا۟ ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 6) |
|
پوءِ بيشڪ ڪوڙ ڀانئي چڪا، ان ڪري اجهو ٿيون وٽن اهي خبرون اچن، جن بابت ٺٺوليون ڪندا هئا. |
| أَوَلَم يَرَوا إِلَى الأَرضِ كَم أَنبَتنا فيها مِن كُلِّ زَوجٍ كَريمٍ (آيت : 7) |
|
ڇا، زمين ڏي نٿا ڏسن، ته منجهس هر ڪنهن جنس جا ڪيترائي سٺا اوڀڙ ڄمايا سون؟ |
| إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 8) |
|
بيشڪ انهيءَ ۾ نشاني آهي- پر منجهانئن گهڻا مڃڻ وارا نه آهن. |
| وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 9) |
|
۽ بيشڪ تنهنجو ڌڻي ئي غالب ۽ مهربان آهي. |
| وَإِذ نادىٰ رَبُّكَ موسىٰ أَنِ ائتِ القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 10) |
|
۽ (ياد ڪر) جڏهن تنهنجي ڌڻيءَ موسيٰ کي سڏيو ته ”ظالمن جي قوم ڏي وڃ.“ |
| قَومَ فِرعَونَ أَلا يَتَّقونَ (آيت : 11) |
|
(يعني) فرعون جي قوم ڏي- (۽ چوِين ته) ڇا اوهين نيڪ نه ٿيندا؟“ |
| قالَ رَبِّ إِنّى أَخافُ أَن يُكَذِّبونِ (آيت : 12) |
|
چيائين ”اي ڌڻي! مون کي ڊپ آهي، ته هو مون کي ڪوڙو سمجهن. |
| وَيَضيقُ صَدرى وَلا يَنطَلِقُ لِسانى فَأَرسِل إِلىٰ هٰرونَ (آيت : 13) |
|
منهنجو سينو تنگ ٿو ٿئي ۽ منهنجي زبان به ٺيڪ نٿي اٿلي، ان ڪري اهو حڪم هارون ڏي موڪل. |
| وَلَهُم عَلَىَّ ذَنبٌ فَأَخافُ أَن يَقتُلونِ (آيت : 14) |
|
۽ هنن جو مون تي ڏوهه به آهي، ان ڪري ڊڄان ٿو ته مون کي ماري نه وجهن. |
| قالَ كَلّا فَاذهَبا بِـٔايٰتِنا إِنّا مَعَكُم مُستَمِعونَ (آيت : 15) |
|
چيائين ”هرگز نه- ڀلي ٻئي ڄڻا منهنجيون آيتون کڻي وڃو، اسين به اوهان سان گڏ ٻڌندڙ آهيون. |
| فَأتِيا فِرعَونَ فَقولا إِنّا رَسولُ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 16) |
|
پوءِ فرعون وٽ وڃي کيس چئو ته، ”اسين جهانن جي ڌڻيءَ جو حڪم رسائيندڙ آهيون.“ |
| أَن أَرسِل مَعَنا بَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 17) |
|
ته ”اسان سان گڏ بني اسرائيل کي روانو ڪر.“ |
| قالَ أَلَم نُرَبِّكَ فينا وَليدًا وَلَبِثتَ فينا مِن عُمُرِكَ سِنينَ (آيت : 18) |
|
(فرعون) چيو ”ڇا، اسان توکي ٻار ڪري نه نپايو هو؟ ۽ اسان ۾ سندءِ عمر جا ڪيترائي ورهيه گذاريئي. |
| وَفَعَلتَ فَعلَتَكَ الَّتى فَعَلتَ وَأَنتَ مِنَ الكٰفِرينَ (آيت : 19) |
|
۽ تو اهو ڪم ڪيو، جو ڪري چُڪين ۽ تون بي شڪر آهين.“ |
| قالَ فَعَلتُها إِذًا وَأَنا۠ مِنَ الضّالّينَ (آيت : 20) |
|
چيائين ”مون جڏهن اهو ڪم ڪيو هو، تڏهن آءٌ اڻ ڄاڻ هوس. |
| فَفَرَرتُ مِنكُم لَمّا خِفتُكُم فَوَهَبَ لى رَبّى حُكمًا وَجَعَلَنى مِنَ المُرسَلينَ (آيت : 21) |
|
پوءِ جڏهن اوهان کان ڊنس ته اُٿي ڀڳس- پوءِ منهنجي رب مون کي سياڻپ بخشي ۽ مون کي رسول بنايائين. |
| وَتِلكَ نِعمَةٌ تَمُنُّها عَلَىَّ أَن عَبَّدتَ بَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 22) |
|
سندءِ انهي نعمت جو مون تي احسان رکي، سمورن بني اسرائيل کي ٻانهو بنائي ٿو رکين؟“ |
| قالَ فِرعَونُ وَما رَبُّ العٰلَمينَ (آيت : 23) |
|
فرعون چيو، ”ڇا آهي جهانن جو ڌڻي؟“ |
| قالَ رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما إِن كُنتُم موقِنينَ (آيت : 24) |
|
چيائين، .اهو، جو آسمانن ۽ زمين ۽ جيڪي به سندن وچ ۾ آهي، ان جو ڌڻي آهي_ جي يقين اچيوَ ته“ |
| قالَ لِمَن حَولَهُ أَلا تَستَمِعونَ (آيت : 25) |
|
انهي تي سندس درٻارين کي چيائين ته، ”ٻڌو ٿا، ڪه نه؟“ |
| قالَ رَبُّكُم وَرَبُّ ءابائِكُمُ الأَوَّلينَ (آيت : 26) |
|
موسيٰ چيو ”هو اوهان جو ڌڻي آهي ۽ اوهان جي اڳين وڏن جو به ڌڻي آهي.“ |
| قالَ إِنَّ رَسولَكُمُ الَّذى أُرسِلَ إِلَيكُم لَمَجنونٌ (آيت : 27) |
|
چيائين ”هي اوهان ڏي موڪليل رسول ته ضرور چريو آهي.“ |
| قالَ رَبُّ المَشرِقِ وَالمَغرِبِ وَما بَينَهُما إِن كُنتُم تَعقِلونَ (آيت : 28) |
|
موسيٰ چيو ”هو اوڀر ۽ اولهه ۽ جيڪي سندن وچ ۾ آهي، ان جو ڌڻي آهي_ جي اوهين سمجهه ڪريو“ |
| قالَ لَئِنِ اتَّخَذتَ إِلٰهًا غَيرى لَأَجعَلَنَّكَ مِنَ المَسجونينَ (آيت : 29) |
|
چيائين، ”جيڪڏهن تو مون کان سواءِ ڪنهن کي سائين سمجهيو آهي ته ضرور جيل ۾ وجهندوسانءَ!“ |
| قالَ أَوَلَو جِئتُكَ بِشَيءٍ مُبينٍ (آيت : 30) |
|
چيائين ”جيتوڻيڪ توکي ڪا چٽي چيز ڏيکاريان ته به؟“ |
| قالَ فَأتِ بِهِ إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 31) |
|
چيائين ”جي سچو آهي، ته اها ڏيکار،“ |
| فَأَلقىٰ عَصاهُ فَإِذا هِىَ ثُعبانٌ مُبينٌ (آيت : 32) |
|
انهي تي سندس لٺ اڇلائي وڌائين، ته هڪدم اها صفا نانگ ٿي پيئي. |
| وَنَزَعَ يَدَهُ فَإِذا هِىَ بَيضاءُ لِلنّٰظِرينَ (آيت : 33) |
|
۽ پنهنجو هٿ ڪڍيائين، ته اوچتو اهو ڏسندڙن کي چمڪندڙ نظر آيو. |
| قالَ لِلمَلَإِ حَولَهُ إِنَّ هٰذا لَسٰحِرٌ عَليمٌ (آيت : 34) |
|
هن سندس درٻاري سردارن کي چيو، ”پڪ سان هي ڪو قابل جادوگر آهي. |
| يُريدُ أَن يُخرِجَكُم مِن أَرضِكُم بِسِحرِهِ فَماذا تَأمُرونَ (آيت : 35) |
|
جو چاهي ٿو ته اوهان کي اوهان جي ملڪ مان سندس جادوءَ سان ڪڍي، هاڻي ڪهڙي صلاح ٿا ڏيو؟“ |
| قالوا أَرجِه وَأَخاهُ وَابعَث فِى المَدائِنِ حٰشِرينَ (آيت : 36) |
|
چيائون ”کيس ۽ ڀاڻس کي ترساءِ، ۽ شهرن ڏي ڪوٺيندڙن کي موڪل. |
| يَأتوكَ بِكُلِّ سَحّارٍ عَليمٍ (آيت : 37) |
|
ته هو تو وٽ هر ڪنهن قابل جادوگر کي آڻين.“ |
| فَجُمِعَ السَّحَرَةُ لِميقٰتِ يَومٍ مَعلومٍ (آيت : 38) |
|
پوءِ هڪ مقرر ڪيل ڏينهن جي انجام تي جادوگر گڏ ڪيا ويا. |
| وَقيلَ لِلنّاسِ هَل أَنتُم مُجتَمِعونَ (آيت : 39) |
|
۽ ماڻهن کي چيو ويو ته ”ڇا اوهين به گڏ اچي ٿيندؤ. |
| لَعَلَّنا نَتَّبِعُ السَّحَرَةَ إِن كانوا هُمُ الغٰلِبينَ (آيت : 40) |
|
ته جيڪڏهن جادوگر کَٽن، ته اسين سندن تابعدار ٿيون.“ |
| فَلَمّا جاءَ السَّحَرَةُ قالوا لِفِرعَونَ أَئِنَّ لَنا لَأَجرًا إِن كُنّا نَحنُ الغٰلِبينَ (آيت : 41) |
|
پوءِ جڏهن جادوگر آيا، ته فرعون کي چيائون ”جيڪڏهن اسان کَٽيو ته اسان لاءِ ڪو انعام به آهي؟“ |
| قالَ نَعَم وَإِنَّكُم إِذًا لَمِنَ المُقَرَّبينَ (آيت : 42) |
|
چيائين ”ها_ ۽ تڏهن اوهين مون وٽ وڏي عزت پائيندا.“ |
| قالَ لَهُم موسىٰ أَلقوا ما أَنتُم مُلقونَ (آيت : 43) |
|
موسيٰ چين ”اوهان کي جيڪي اڇلڻو هجي سو اڇليو.“ |
| فَأَلقَوا حِبالَهُم وَعِصِيَّهُم وَقالوا بِعِزَّةِ فِرعَونَ إِنّا لَنَحنُ الغٰلِبونَ (آيت : 44) |
|
تنهن تي هنن سندن رسيون ۽ لٺيون اڇلايون ۽ چيائون ”فرعون جي عزت جو قسم! اڄ اسين ضرور کٽينداسون!“ |
| فَأَلقىٰ موسىٰ عَصاهُ فَإِذا هِىَ تَلقَفُ ما يَأفِكونَ (آيت : 45) |
|
تڏهن موسيٰ به لٺ اڇلي، ته اها يڪدم سندن ٺاهيل ٺاهه کي ڳهي ويئي. |
| فَأُلقِىَ السَّحَرَةُ سٰجِدينَ (آيت : 46) |
|
انهي تي جادوگر سجدي ۾ ڪري پيا. |
| قالوا ءامَنّا بِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 47) |
|
چوڻ لڳا ”اسان جهانن جي ڌڻيءَ تي ايمان آندو. |
| رَبِّ موسىٰ وَهٰرونَ (آيت : 48) |
|
يعني موسيٰ ۽ هارون جي ڌڻيءَ تي!“ |
| قالَ ءامَنتُم لَهُ قَبلَ أَن ءاذَنَ لَكُم إِنَّهُ لَكَبيرُكُمُ الَّذى عَلَّمَكُمُ السِّحرَ فَلَسَوفَ تَعلَمونَ لَأُقَطِّعَنَّ أَيدِيَكُم وَأَرجُلَكُم مِن خِلٰفٍ وَلَأُصَلِّبَنَّكُم أَجمَعينَ (آيت : 49) |
|
فرعون چيو، ”اوهان منهنجي موڪل ڏيڻ بنا ڇو ان تي ايمان آندو؟ هي ضرور اوهان جو سردار آهي، جنهن اوهان کي جادو سيکاريو آهي، هاڻي اجهو ٿي خبر پويوَ- آءٌ ضرور اوهان جا هٿ ۽ پير ابتڙ سبتڙ ڪپيندس ۽ اوهان سڀني کي ڦاسيءَ چاڙهيندس.“ |
| قالوا لا ضَيرَ إِنّا إِلىٰ رَبِّنا مُنقَلِبونَ (آيت : 50) |
|
چيائون ”پرواهه ناهي_ اسين به پڪ پنهنجي ڌڻيءَ ڏي موٽنداسون. |
| إِنّا نَطمَعُ أَن يَغفِرَ لَنا رَبُّنا خَطٰيٰنا أَن كُنّا أَوَّلَ المُؤمِنينَ (آيت : 51) |
|
۽ اسان کي پڪي اميد آهي ته جڏهن اسين پهريان مومن ٿيا آهيون، ته اسان جو ڌڻي به اسان جا گناهه بخشيندو.“ |
| وَأَوحَينا إِلىٰ موسىٰ أَن أَسرِ بِعِبادى إِنَّكُم مُتَّبَعونَ (آيت : 52) |
|
۽ اسان موسيٰ کي حڪم موڪليو ته منهنجي ٻانهن کي وٺي راتو واهه نڪر، جو (فرعوني) ضرور اوهان پٺيان پوندا. |
| فَأَرسَلَ فِرعَونُ فِى المَدائِنِ حٰشِرينَ (آيت : 53) |
|
پوءِ فرعون شهرن ۾ ماڻهو گڏ ڪندڙ موڪليا. |
| إِنَّ هٰؤُلاءِ لَشِرذِمَةٌ قَليلونَ (آيت : 54) |
|
ته ”هي شخص ٿوري ٽولي آهن. |
| وَإِنَّهُم لَنا لَغائِظونَ (آيت : 55) |
|
هنن اسان کي سخت ڪاوڙايو آهي. |
| وَإِنّا لَجَميعٌ حٰذِرونَ (آيت : 56) |
|
۽ اسين با هٿيار جماعت آهيون.“ |
| فَأَخرَجنٰهُم مِن جَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 57) |
|
پوءِ (الله فرمائي ٿو ته) اسان کين باغن ۽ چشمن مان ڪڍي ڇڏيو. |
| وَكُنوزٍ وَمَقامٍ كَريمٍ (آيت : 58) |
|
۽ خزانن ۽ سٺن هنڌن مان. |
| كَذٰلِكَ وَأَورَثنٰها بَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 59) |
|
اهڙيءَ طرح- ۽ انهن جو مالڪ بني اسرائيلن کي ڪيوسون. |
| فَأَتبَعوهُم مُشرِقينَ (آيت : 60) |
|
پوءِ هو سج اڀرندي ئي سندن پٺيان پيا. |
| فَلَمّا تَرٰءَا الجَمعانِ قالَ أَصحٰبُ موسىٰ إِنّا لَمُدرَكونَ (آيت : 61) |
|
جنهن وقت ٻنهي ٽولن هڪ ٻئي کي ڏٺو، تڏهن موسيٰ جي سنگتين چيو ”هو اسان ڏي اچي رسيا!“ |
| قالَ كَلّا إِنَّ مَعِىَ رَبّى سَيَهدينِ (آيت : 62) |
|
چيائين ”هر گز نه! منهنجو ڌڻي پڪ مون سان آهي، هو اجهو ٿو مون کي رستي لڳائي.“ |
| فَأَوحَينا إِلىٰ موسىٰ أَنِ اضرِب بِعَصاكَ البَحرَ فَانفَلَقَ فَكانَ كُلُّ فِرقٍ كَالطَّودِ العَظيمِ (آيت : 63) |
|
انهي تي اسان موسيٰ کي حڪم موڪليو ته ”پنهنجي لٺ کي سمنڊ ۾ هَڻ“ ته چير جي پيو ۽ هر ڪو حصو وڏي جبل جهڙو ٿي پيو. |
| وَأَزلَفنا ثَمَّ الءاخَرينَ (آيت : 64) |
|
۽ پوين کي به اتي ويجهو ڪيوسون. |
| وَأَنجَينا موسىٰ وَمَن مَعَهُ أَجمَعينَ (آيت : 65) |
|
۽ موسيٰ ۽ سندس ساٿين سڀني کي بچايوسون. |
| ثُمَّ أَغرَقنَا الءاخَرينَ (آيت : 66) |
|
وري پوين کي ٻوڙي ڇڏيوسون_ |
| إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 67) |
|
بيشڪ انهي ۾ نشاني آهي، پر انهن مان گهڻا مڃڻ وارا ناهن. |
| وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 68) |
|
۽ بيشڪ تنهنجو ڌڻي ئي غالب مهربان آهي. |
| وَاتلُ عَلَيهِم نَبَأَ إِبرٰهيمَ (آيت : 69) |
|
۽ کين ابراهيم جي خبر پڙهي ٻڌاءِ. |
| إِذ قالَ لِأَبيهِ وَقَومِهِ ما تَعبُدونَ (آيت : 70) |
|
جڏهن سندس پيءُ ۽ قوم کي چيائين ”ڪنهنجي بندگي ٿا ڪريو؟“ |
| قالوا نَعبُدُ أَصنامًا فَنَظَلُّ لَها عٰكِفينَ (آيت : 71) |
|
چيائون ”بندگي ڪندا آهيون بتن جي، جن تي سارو ڏينهن ويٺا هوندا آهيون.“ |
| قالَ هَل يَسمَعونَكُم إِذ تَدعونَ (آيت : 72) |
|
چيائين ”ڀلا جڏهن کين سڏيو ٿا، تڏهن هو ٻڌن ٿا؟ |
| أَو يَنفَعونَكُم أَو يَضُرّونَ (آيت : 73) |
|
يا اوهان کي فائدو يا ڏک رسائين ٿا؟“ |
| قالوا بَل وَجَدنا ءاباءَنا كَذٰلِكَ يَفعَلونَ (آيت : 74) |
|
چيائين ”بلڪ اسان ته پنهنجن وڏن کي ائين ڪندي ڏٺو.“ |
| قالَ أَفَرَءَيتُم ما كُنتُم تَعبُدونَ (آيت : 75) |
|
چيائين ”تن کي ڏسو ٿا نه؟ جن جي بندگي ڪريو ٿا،“ |
| أَنتُم وَءاباؤُكُمُ الأَقدَمونَ (آيت : 76) |
|
”اوهين خواهه اوهان جا اڳيان وڏا “ |
| فَإِنَّهُم عَدُوٌّ لى إِلّا رَبَّ العٰلَمينَ (آيت : 77) |
|
”ته اهي بيشڪ منهنجي لاءِ دشمن آهن، سواءِ جهانن جي ڌڻيءَ جي“ |
| الَّذى خَلَقَنى فَهُوَ يَهدينِ (آيت : 78) |
|
جنهن مون کي خلقيو، پوءِ اهو ئي مون کي سنئين واٽ ڏيکاري ٿو. |
| وَالَّذى هُوَ يُطعِمُنى وَيَسقينِ (آيت : 79) |
|
هو ئي اهو آهي، جو مون کي کارائي پياري ٿو. |
| وَإِذا مَرِضتُ فَهُوَ يَشفينِ (آيت : 80) |
|
جڏهن بيمار ٿيندو آهيان، ته اهو ئي مون کي چڱو ڀلو ڪري ٿو. |
| وَالَّذى يُميتُنى ثُمَّ يُحيينِ (آيت : 81) |
|
هو ئي مون کي ماريندو، وري جيئاريندو. |
| وَالَّذى أَطمَعُ أَن يَغفِرَ لى خَطيـَٔتى يَومَ الدّينِ (آيت : 82) |
|
۽ مون کي آسرو آهي ته هو ئي قيامت ڏينهن منهنجيون خطائون بخشيندو. |
| رَبِّ هَب لى حُكمًا وَأَلحِقنى بِالصّٰلِحينَ (آيت : 83) |
|
اي منهنجا ڌڻي! تون مون کي دانائي بخش، مون کي نيڪن ۾ شامل ڪر. |
| وَاجعَل لى لِسانَ صِدقٍ فِى الءاخِرينَ (آيت : 84) |
|
۽ پوين ۾ مون لاءِ چڱي يادگيري بناءِ. |
| وَاجعَلنى مِن وَرَثَةِ جَنَّةِ النَّعيمِ (آيت : 85) |
|
مون کي نعمت واري بهشت جو وارث بناءِ. |
| وَاغفِر لِأَبى إِنَّهُ كانَ مِنَ الضّالّينَ (آيت : 86) |
|
بابي کي بخش ڪر، جو هو گمراهه آهي_ |
| وَلا تُخزِنى يَومَ يُبعَثونَ (آيت : 87) |
|
۽ مون کي ان ڏينهن شرمسار نه ڪج، جڏهن ماڻهو جيئرا ٿيندا. |
| يَومَ لا يَنفَعُ مالٌ وَلا بَنونَ (آيت : 88) |
|
جنهن ڏينهن نڪي مال مان فائدو نڪو پٽن مان. |
| إِلّا مَن أَتَى اللَّهَ بِقَلبٍ سَليمٍ (آيت : 89) |
|
فقط (ان کي فائدو ٿيندو) جو الله وٽ سٺي دل آڻيندو.“ |
| وَأُزلِفَتِ الجَنَّةُ لِلمُتَّقينَ (آيت : 90) |
|
۽ بهشت نيڪن کي ويجهو ڪبو. |
| وَبُرِّزَتِ الجَحيمُ لِلغاوينَ (آيت : 91) |
|
۽ دوزخ به گمراهن لاءِ ظاهر ڪبو. |
| وَقيلَ لَهُم أَينَ ما كُنتُم تَعبُدونَ (آيت : 92) |
|
۽ کين چئبو ”جن جي بندگي ٿي ڪيوَ سي ڪٿي آهن؟“ |
| مِن دونِ اللَّهِ هَل يَنصُرونَكُم أَو يَنتَصِرونَ (آيت : 93) |
|
”الله کان سواءِ ڏين ٿا اوهان کي ڪا مدد؟ يا بدلو وٺي سگهن ٿا؟“ |
| فَكُبكِبوا فيها هُم وَالغاوۥنَ (آيت : 94) |
|
پوءِ اهي خواهه کين گمراهه ڪندڙ ، ان منجهه اونڌا ڪري اڇلائبا |
| وَجُنودُ إِبليسَ أَجمَعونَ (آيت : 95) |
|
۽ ابليس جا لشڪر سڀيئي)به) |
| قالوا وَهُم فيها يَختَصِمونَ (آيت : 96) |
|
اهي منجهس پاڻ جهڳڙندي پيا چوندا. |
| تَاللَّهِ إِن كُنّا لَفى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 97) |
|
الله جو قسم! اسين ته پڪ سان صفا گمراهيءَ ۾ هئاسون. |
| إِذ نُسَوّيكُم بِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 98) |
|
جڏهن اوهان کي جهانن جي ڌڻيءَ سان برابر ٿي ڪيوسون. |
| وَما أَضَلَّنا إِلَّا المُجرِمونَ (آيت : 99) |
|
۽ اسان کي رڳو ڏوهارين ٿي گمراهه ڪيو. |
| فَما لَنا مِن شٰفِعينَ (آيت : 100) |
|
هاڻي نڪو اسان جو ڪو پارت ڪرڻ وارو آهي. |
| وَلا صَديقٍ حَميمٍ (آيت : 101) |
|
۽ نڪو غم ٽار دوست! |
| فَلَو أَنَّ لَنا كَرَّةً فَنَكونَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 102) |
|
هاڻي جي اسان کي وري هڪ وجهه ملي، ته جيڪر اسين مؤمن بنجون.“ |
| إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 103) |
|
بيشڪ انهي ۾ نشاني آهي، پر منجهانئن گهڻا ايمان نٿا آڻين. |
| وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 104) |
|
۽ بيشڪ تنهنجو ڌڻي ئي غالب مهربان آهي. |
| كَذَّبَت قَومُ نوحٍ المُرسَلينَ (آيت : 105) |
|
نوح جي قوم رسولن کي ڪوڙو سمجهيو. |
| إِذ قالَ لَهُم أَخوهُم نوحٌ أَلا تَتَّقونَ (آيت : 106) |
|
جڏهن سندن ڀاءُ نوح چين ته ”ڇو نٿا ڊپ رکو؟ |
| إِنّى لَكُم رَسولٌ أَمينٌ (آيت : 107) |
|
بيشڪ آءُ اوهان لاءِ ايماندار رسول آهيان. |
| فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 108) |
|
پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجو چيو مڃيو. |
| وَما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِن أَجرِىَ إِلّا عَلىٰ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 109) |
|
آءُ انهي تي اوهان کان ڪو اجورو ڪونه ٿو گُهران، منهنجو اجو رو ته فقط جهانن جي ڌڻيءَ تي آهي. |
| فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 110) |
|
پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجو چيو مڃيو.“ |
| قالوا أَنُؤمِنُ لَكَ وَاتَّبَعَكَ الأَرذَلونَ (آيت : 111) |
|
چيائون ”اسين ڪيئن توتي ايمان آڻيون، جو تنهنجا پوئلڳ نيچ آهن.“ |
| قالَ وَما عِلمى بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 112) |
|
چيائين ”مون کي سندن ڪمن جي ڪهڙي خبر؟ |
| إِن حِسابُهُم إِلّا عَلىٰ رَبّى لَو تَشعُرونَ (آيت : 113) |
|
جيڪڏهن اوهان کي پروڙ آهي، ته هنن جو حساب فقط ڌڻيءَ تي ڇڏيل آهي. |
| وَما أَنا۠ بِطارِدِ المُؤمِنينَ (آيت : 114) |
|
۽ آءُ مؤمنن کي ڪونه تڙيندس. |
| إِن أَنا۠ إِلّا نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 115) |
|
آءُ فقط پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان.“ |
| قالوا لَئِن لَم تَنتَهِ يٰنوحُ لَتَكونَنَّ مِنَ المَرجومينَ (آيت : 116) |
|
چيائون ”نوح! تون جيڪڏهن باز نه ايندين، ته توکي ضرور پٿر سٽيا ويندا.“ |
| قالَ رَبِّ إِنَّ قَومى كَذَّبونِ (آيت : 117) |
|
چيائين ”منهنجا ڌڻي! بيشڪ منهنجي قوم مون کي ڪوڙو سمجهيو. |
| فَافتَح بَينى وَبَينَهُم فَتحًا وَنَجِّنى وَمَن مَعِىَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 118) |
|
هاڻي مون ۽ سندن وچ ۾ چڱيءَ طرح فيصلو ڪر ۽ مون کي ۽ مون سان گڏ ايمان آڻيندڙن کي بچاءِ!“ |
| فَأَنجَينٰهُ وَمَن مَعَهُ فِى الفُلكِ المَشحونِ (آيت : 119) |
|
پوءِ کيس ۽ سندس ساٿين کي ڀريل ٻيڙيءَ ۾ بچايوسون. |
| ثُمَّ أَغرَقنا بَعدُ الباقينَ (آيت : 120) |
|
وري کانئن پوءِ ، رهيلن کي ٻوڙيوسون. |
| إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 121) |
|
بيشڪ انهي ۾ وڏي نشاني آهي ۽ منجهائن گهڻا مڃيندڙ نه هئا. |
| وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 122) |
|
۽ بيشڪ تنهنجو ڌڻي ئي غالب مهربان آهي. |
| كَذَّبَت عادٌ المُرسَلينَ (آيت : 123) |
|
”عاد“ جي قوم رسولن کي ڪوڙو سمجهيو. |
| إِذ قالَ لَهُم أَخوهُم هودٌ أَلا تَتَّقونَ (آيت : 124) |
|
جڏهن سندن ڀاءُ ”هود“ کين چيو ته ”ڇو نٿا ڊپ ڪريو. |
| إِنّى لَكُم رَسولٌ أَمينٌ (آيت : 125) |
|
بيشڪ آءُ اوهان لاءِ ايماندار رسول آهيان. |
| فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 126) |
|
پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجو چيو مڃيو- |
| وَما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِن أَجرِىَ إِلّا عَلىٰ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 127) |
|
آءُ اوهان کان انهي بابت ڪو به اجورو نٿو گهران_ منهنجو اجورو فقط جهانن جي ڌڻيءَ تي آهي. |
| أَتَبنونَ بِكُلِّ ريعٍ ءايَةً تَعبَثونَ (آيت : 128) |
|
اوهين هر ڪنهن دڙي تي اجايا نشان ڇو ٿا بنايو؟ |
| وَتَتَّخِذونَ مَصانِعَ لَعَلَّكُم تَخلُدونَ (آيت : 129) |
|
۽ محڪم جايون ٿا بنايو، جو ڄڻڪ اوهين هميشه رهندؤ. |
| وَإِذا بَطَشتُم بَطَشتُم جَبّارينَ (آيت : 130) |
|
۽ جڏهن ڪنهن تي حملو ڪريو ٿا، ته ظالم بنجي ٿا ڪريو. |
| فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 131) |
|
پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجو چيو ڪريو. |
| وَاتَّقُوا الَّذى أَمَدَّكُم بِما تَعلَمونَ (آيت : 132) |
|
۽ انهي (الله) کان ڊڄو، جنهن اوهان کي اهڙيون مددون ڏنيون جي ڄاڻو ٿا. |
| أَمَدَّكُم بِأَنعٰمٍ وَبَنينَ (آيت : 133) |
|
هن اوهان کي مدد ڏني آهي ڍورن ۽ پٽن جي. |
| وَجَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 134) |
|
۽ باغن ۽ چشمن جي. |
| إِنّى أَخافُ عَلَيكُم عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 135) |
|
بيشڪ مون کي اوهان تي وڏي ڏينهن جي عذاب جو ڊپ آهي.“ |
| قالوا سَواءٌ عَلَينا أَوَعَظتَ أَم لَم تَكُن مِنَ الوٰعِظينَ (آيت : 136) |
|
چيائون .تون اسانکي نصيحت ڪرين يا نه ڪرين ته به اسان لاءِ ڳالهه هڪجهڙي آهي. |
| إِن هٰذا إِلّا خُلُقُ الأَوَّلينَ (آيت : 137) |
|
اها تنهنجي عادت ساڳي اڳين (نبين) جهڙي آهي. |
| وَما نَحنُ بِمُعَذَّبينَ (آيت : 138) |
|
۽ اسان کي ڪڏهن به عذاب نه ٿيندو.“ |
| فَكَذَّبوهُ فَأَهلَكنٰهُم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 139) |
|
پوءِ کيس ڪوڙو سمجهيائون، تنهن ڪري کين ناس ڪيوسون- بيشڪ انهي ۾ نشاني آهي ۽ هنن مان گهڻا مڃڻ وارا نه هئا. |
| وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 140) |
|
۽ بيشڪ تنهنجو ڌڻي ئي غالب مهربان آهي. |
| كَذَّبَت ثَمودُ المُرسَلينَ (آيت : 141) |
|
”ثمودين“ رسولن کي ڪوڙو سمجهيو. |
| إِذ قالَ لَهُم أَخوهُم صٰلِحٌ أَلا تَتَّقونَ (آيت : 142) |
|
جڏهن سندن ڀاءُ صالح کين چيو ته ”ڇو نٿا ڊپ رکو؟ |
| إِنّى لَكُم رَسولٌ أَمينٌ (آيت : 143) |
|
بيشڪ آءُ اوهان لاءِ امانتدار رسول آهيان. |
| فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 144) |
|
ان ڪري الله کان ڊڄو ۽ منهنجو چيو مڃيو. |
| وَما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِن أَجرِىَ إِلّا عَلىٰ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 145) |
|
۽ آءُ اوهان کان انهي جو ڪو اجورو ڪو نه ٿو گهران- منهنجو اجورو فقط جهانن جي ڌڻيءَ تي آهي. |
| أَتُترَكونَ فى ما هٰهُنا ءامِنينَ (آيت : 146) |
|
ڇا، اوهان کي جيڪي هتي اٿو، تنهن ۾ بي ڊپو ڇڏي ڏبو؟ |
| فى جَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 147) |
|
(يعني) باغن ۽ چشمن ۾. |
| وَزُروعٍ وَنَخلٍ طَلعُها هَضيمٌ (آيت : 148) |
|
۽ پوکن ۽ نرم گوشن وارين کجين ۾؟ |
| وَتَنحِتونَ مِنَ الجِبالِ بُيوتًا فٰرِهينَ (آيت : 149) |
|
۽ ڪاريگر ٿي جيڪي جبل ٽڪي جايون ٿا ٺاهيو؟ |
| فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 150) |
|
پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجو چيو مڃيو. |
| وَلا تُطيعوا أَمرَ المُسرِفينَ (آيت : 151) |
|
۽ حد کان لنگهندڙن جو چيو نه مڃيو. |
| الَّذينَ يُفسِدونَ فِى الأَرضِ وَلا يُصلِحونَ (آيت : 152) |
|
جي ملڪ ۾ ڦيٽاڙو وجهندا آهن ۽ سڌارو نه ڪندا آهن.“ |
| قالوا إِنَّما أَنتَ مِنَ المُسَحَّرينَ (آيت : 153) |
|
چيائون ”تون ته صفا جادوءَ هيٺ آيل آهين. |
| ما أَنتَ إِلّا بَشَرٌ مِثلُنا فَأتِ بِـٔايَةٍ إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 154) |
|
تون ته فقط اسان جهڙو ماڻهو آهين، جي سچو آهين، ته ڪا نشاني آڻ.“ |
| قالَ هٰذِهِ ناقَةٌ لَها شِربٌ وَلَكُم شِربُ يَومٍ مَعلومٍ (آيت : 155) |
|
چيائين ”هيءَ ڏاچي آهي؛ انهي جي پيئڻ ۽ اوهان جي پيئڻ جا واري جا ڏينهن ٺهرايل آهن. |
| وَلا تَمَسّوها بِسوءٍ فَيَأخُذَكُم عَذابُ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 156) |
|
اوهين کيس ڪو بُرو هٿ نه لڳائجو، نه ته اوهان کي وڏي ڏينهن جو عذاب اچي وٺندو.“ |
| فَعَقَروها فَأَصبَحوا نٰدِمينَ (آيت : 157) |
|
پوءِ سندس کچون ڪپي وڌائون، پوءِ وري پيشيمان به ٿيڻ لڳا. |
| فَأَخَذَهُمُ العَذابُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 158) |
|
پوءِ کين عذاب اچي ورتو- بيشڪ انهي ۾ وڏي نشاني آهي- ۽ منجهائن گهڻا مڃڻ وارا نه هئا. |
| وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 159) |
|
بيشڪ تنهنجو ڌڻي ئي غالب مهربان آهي. |
| كَذَّبَت قَومُ لوطٍ المُرسَلينَ (آيت : 160) |
|
”لوط“ جي قوم رسولن کي ڪوڙو سمجهيو. |
| إِذ قالَ لَهُم أَخوهُم لوطٌ أَلا تَتَّقونَ (آيت : 161) |
|
جڏهن انهن کي سندن ڀاءُ لوط چيو ته ”ڇو نٿا ڊڄو؟ |
| إِنّى لَكُم رَسولٌ أَمينٌ (آيت : 162) |
|
بيشڪ آءُ اوهان لاءِ امانتدار رسول آهيان. |
| فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 163) |
|
پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجو چيو مڃيو. |
| وَما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِن أَجرِىَ إِلّا عَلىٰ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 164) |
|
آءُ اوهان کان ڪو اجورو ڪو نه ٿو گهران_ منهنجو اجورو ته فقط جهانن جي ڌڻيءَ تي آهي. |
| أَتَأتونَ الذُّكرانَ مِنَ العٰلَمينَ (آيت : 165) |
|
اوهين ڇو ٿا ائين ڪريو، جو دنيا جي نرن ڏي وڃو ٿا. |
| وَتَذَرونَ ما خَلَقَ لَكُم رَبُّكُم مِن أَزوٰجِكُم بَل أَنتُم قَومٌ عادونَ (آيت : 166) |
|
۽ جيڪي اوهان جون زالون اوهان لاءِ توهان جي ڌڻيءَ بنايون آهن، سي ڇڏي ٿا ڏيو؟ بلڪ اوهين حد کان لنگهندڙ قوم آهيو.“ |
| قالوا لَئِن لَم تَنتَهِ يٰلوطُ لَتَكونَنَّ مِنَ المُخرَجينَ (آيت : 167) |
|
چيائون ته ”اي لوط! جيڪڏهن تون باز نه ايندين، ته ضرور هتان لوڌبين.“ |
| قالَ إِنّى لِعَمَلِكُم مِنَ القالينَ (آيت : 168) |
|
چيائين ”بيشڪ آءُ اوهان جي ڪم جو دشمن آهيان. |
| رَبِّ نَجِّنى وَأَهلى مِمّا يَعمَلونَ (آيت : 169) |
|
اي منهنجا ڌڻي! هنن جي ڪم جي عذاب کان مون ۽ منهنجي گهر وارن کي بچاءِ!“ |
| فَنَجَّينٰهُ وَأَهلَهُ أَجمَعينَ (آيت : 170) |
|
پوءِ کيس ۽ سندس سڀني ڀاتين کي بچايوسون. |
| إِلّا عَجوزًا فِى الغٰبِرينَ (آيت : 171) |
|
سواءِ ٻڍڙيءَ جي، جا پوين ۾ رهجي ويئي. |
| ثُمَّ دَمَّرنَا الءاخَرينَ (آيت : 172) |
|
پوءِ ٻين جي پاڙ پٽي ڇڏي سون. |
| وَأَمطَرنا عَلَيهِم مَطَرًا فَساءَ مَطَرُ المُنذَرينَ (آيت : 173) |
|
۽ انهن تي مينهن وسايوسون، پوءِ جن شخصن کي خبردار ڪيل هو، تن تي ڪهڙو نه بُرو مينهن هو! |
| إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 174) |
|
بيشڪ انهي ۾ نشاني آهي ۽ انهن مان گهڻا مڃڻ وارا نه هئا. |
| وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 175) |
|
۽ بيشڪ تنهنجو ڌڻي ئي غالب مهربان آهي. |
| كَذَّبَ أَصحٰبُ لـَٔيكَةِ المُرسَلينَ (آيت : 176) |
|
”اَيڪَهۡه“ (ڳوٺ) وارن رسولن کي ڪوڙو سمجهيو. |
| إِذ قالَ لَهُم شُعَيبٌ أَلا تَتَّقونَ (آيت : 177) |
|
جڏهن انهن کي شعيب چيو ته ”ڇو نٿا ڊڄو؟ |
| إِنّى لَكُم رَسولٌ أَمينٌ (آيت : 178) |
|
بيشڪ آءُ اوهان لاءِ امانتدار رسول آهيان. |
| فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 179) |
|
پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجو چيو مڃيو. |
| وَما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِن أَجرِىَ إِلّا عَلىٰ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 180) |
|
آءُ اوهان کان انهي تي ڪو به اجورو ڪو نه ٿو گهران_ منهنجو اجورو ته فقط جهانن جي ڌڻيءَ تي آهي. |
| أَوفُوا الكَيلَ وَلا تَكونوا مِنَ المُخسِرينَ (آيت : 181) |
|
اوهين ماڻ پورو ماپيو ۽ نقصان لڳائيندڙن مان نه ٿيو. |
| وَزِنوا بِالقِسطاسِ المُستَقيمِ (آيت : 182) |
|
سچيءَ ساهميءَ سان توريو. |
| وَلا تَبخَسُوا النّاسَ أَشياءَهُم وَلا تَعثَوا فِى الأَرضِ مُفسِدينَ (آيت : 183) |
|
۽ماڻهن کي سندن شيون گهٽ نه ڏيو ۽ ملڪ ۾ فسادي ٿي ڦيٽارو نه وجهو- |
| وَاتَّقُوا الَّذى خَلَقَكُم وَالجِبِلَّةَ الأَوَّلينَ (آيت : 184) |
|
۽ انهي کان ڊڄو، جنهن اوهان کي خواهه اڳين خلق کي خلقيو.“ |
| قالوا إِنَّما أَنتَ مِنَ المُسَحَّرينَ (آيت : 185) |
|
چيائون ته تون ”بلڪل جادوءَ جو ماريل آهين. |
| وَما أَنتَ إِلّا بَشَرٌ مِثلُنا وَإِن نَظُنُّكَ لَمِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 186) |
|
۽ تون فقط اسان جهڙو ئي ماڻهو آهين ۽ اسين ته توکي ڪوڙو ئي ٿا ڀانيون. |
| فَأَسقِط عَلَينا كِسَفًا مِنَ السَّماءِ إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 187) |
|
پوءِ جي سچو آهين ته اسان تي آسمان مان ڇپ ڪيراءِ.“ |
| قالَ رَبّى أَعلَمُ بِما تَعمَلونَ (آيت : 188) |
|
چيائين ”اوهان جي ڪمن کي منهنجو ڌڻي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو.“ |
| فَكَذَّبوهُ فَأَخَذَهُم عَذابُ يَومِ الظُّلَّةِ إِنَّهُ كانَ عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 189) |
|
پوءِ ان کي ڪوڙو ڀانيائون، ان ڪري ڇانو واري ڏينهن جي عذاب کين اچي ورتو- بيشڪ اهو انهي وڏي ڏينهن جو عذاب هو. |
| إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 190) |
|
بيشڪ انهي ۾ نشاني آهي ۽ انهن مان گهڻا مڃڻ وارا نه هئا. |
| وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 191) |
|
۽ بيشڪ تنهنجو ڌڻي ئي غالب مهربان آهي. |
| وَإِنَّهُ لَتَنزيلُ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 192) |
|
۽ بيشڪ هي قرآن جهانن جي ڌڻيءَ کان لاٿل آهي. |
| نَزَلَ بِهِ الرّوحُ الأَمينُ (آيت : 193) |
|
جنهن کي ايماندار روح لاٿو. |
| عَلىٰ قَلبِكَ لِتَكونَ مِنَ المُنذِرينَ (آيت : 194) |
|
تنهنجي قلب تي ته تون ماڻهن کي ڊيڄارين |
| بِلِسانٍ عَرَبِىٍّ مُبينٍ (آيت : 195) |
|
صاف عربيءَ ٻوليءَ ۾ آهي |
| وَإِنَّهُ لَفى زُبُرِ الأَوَّلينَ (آيت : 196) |
|
۽ بيشڪ اهو پهرين ڪتابن ۾ به آهي. |
| أَوَلَم يَكُن لَهُم ءايَةً أَن يَعلَمَهُ عُلَمٰؤُا۟ بَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 197) |
|
ڇا، هنن لاءِ اها نشاني ناهي ته ان کي بني اسرائيل جا علما ڄاڻن ٿا؟ |
| وَلَو نَزَّلنٰهُ عَلىٰ بَعضِ الأَعجَمينَ (آيت : 198) |
|
۽ جيڪڏهن اسين ان کي ڪنهن غير عرب تي لاهيون ها. |
| فَقَرَأَهُ عَلَيهِم ما كانوا بِهِ مُؤمِنينَ (آيت : 199) |
|
پوءِ اهو ان کي مٿن پڙهي ها، ته ان کي به ڪو نه مڃين ها. |
| كَذٰلِكَ سَلَكنٰهُ فى قُلوبِ المُجرِمينَ (آيت : 200) |
|
اهڙيءَ طرح اسان گنهگارن جي دلين ۾ اهو انڪار وڌو. |
| لا يُؤمِنونَ بِهِ حَتّىٰ يَرَوُا العَذابَ الأَليمَ (آيت : 201) |
|
هو مٿس ايمان نه آڻيندا، جيسين ڏکوئيندڙ عذاب نه ڏسندا. |
| فَيَأتِيَهُم بَغتَةً وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 202) |
|
پوءِ اهو وٽن اوچتو ايندو ۽ کين خبر به نه هوندي. |
| فَيَقولوا هَل نَحنُ مُنظَرونَ (آيت : 203) |
|
پوءِ چوندا (هاڻي) ”ڪا اسان کي مهلت ملي سگهندي؟“ |
| أَفَبِعَذابِنا يَستَعجِلونَ (آيت : 204) |
|
پوءِ ڇا، اسان جي عذاب سان تڪڙ ٿا ڪن؟ |
| أَفَرَءَيتَ إِن مَتَّعنٰهُم سِنينَ (آيت : 205) |
|
تون ڏسين ٿو ته جيڪڏهن اسين انهن کي ڪي ورهيه سک ڏيون. |
| ثُمَّ جاءَهُم ما كانوا يوعَدونَ (آيت : 206) |
|
پوءِ اهو انجام ڏنل وٽن اچي. |
| ما أَغنىٰ عَنهُم ما كانوا يُمَتَّعونَ (آيت : 207) |
|
ته سندن سکيائي کين ڇا بچائي سگهندي؟ |
| وَما أَهلَكنا مِن قَريَةٍ إِلّا لَها مُنذِرونَ (آيت : 208) |
|
اسان ڪنهن به ڳوٺ کي ڊيڄاريندڙ (موڪلڻ) کان سواءِ ناس نه ڪيو. |
| ذِكرىٰ وَما كُنّا ظٰلِمينَ (آيت : 209) |
|
جو نصيحت ڏيڻ لاءِ (هجي) ۽ اسين ظالم نه هئاسون. |
| وَما تَنَزَّلَت بِهِ الشَّيٰطينُ (آيت : 210) |
|
۽ قرآن کي شيطان نازل نه ڪيو آهي_ |
| وَما يَنبَغى لَهُم وَما يَستَطيعونَ (آيت : 211) |
|
هو نڪي ائين ڪندا آهن ۽ نڪي ڪري سگهندا آهن- |
| إِنَّهُم عَنِ السَّمعِ لَمَعزولونَ (آيت : 212) |
|
بيشڪ هو ٻڌڻ جي جاءِ کان بلڪل هٽايل آهن. |
| فَلا تَدعُ مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ فَتَكونَ مِنَ المُعَذَّبينَ (آيت : 213) |
|
پوءِ الله سان گڏ ڪنهن به ٻئي سائين کي نه سڏ، نه ته توکي عذاب ٿيندو. |
| وَأَنذِر عَشيرَتَكَ الأَقرَبينَ (آيت : 214) |
|
۽ پنهنجن ويجهن عزيزن کي ڊيڄار. |
| وَاخفِض جَناحَكَ لِمَنِ اتَّبَعَكَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 215) |
|
۽ مؤمنن مان تنهنجي تابعدارن لاءِ نوڙت ڪر. |
| فَإِن عَصَوكَ فَقُل إِنّى بَريءٌ مِمّا تَعمَلونَ (آيت : 216) |
|
پوءِ جيڪڏهن تنهنجي نافرماني ڪن، ته چئو ته ”آءُ اوهان جي ڪمن کان بيزار آهيان.“ |
| وَتَوَكَّل عَلَى العَزيزِ الرَّحيمِ (آيت : 217) |
|
۽ انهي غالب مهربان تي ڀروسو ڪر. |
| الَّذى يَرىٰكَ حينَ تَقومُ (آيت : 218) |
|
جيڪو (عبادت لاءِ) بيهڻ وقت توکي ڏسي ٿو. |
| وَتَقَلُّبَكَ فِى السّٰجِدينَ (آيت : 219) |
|
۽ سجدي ڪندڙن ۾ تنهنجي اٿڻ ويهڻ کي پڻ. |
| إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 220) |
|
بيشڪ اهو ئي ٻڌندڙ ڄاڻيندڙ آهي. |
| هَل أُنَبِّئُكُم عَلىٰ مَن تَنَزَّلُ الشَّيٰطينُ (آيت : 221) |
|
ڇا اوهان کي سڌ نه ڏيان ته ”شيطان ڪنهن تي لهندا آهن؟“ |
| تَنَزَّلُ عَلىٰ كُلِّ أَفّاكٍ أَثيمٍ (آيت : 222) |
|
اهي هر ڪنهن ٻٽاڪيءَ بدڪار تي لهندا آهن. |
| يُلقونَ السَّمعَ وَأَكثَرُهُم كٰذِبونَ (آيت : 223) |
|
جي ٻُڌل ڳالهه کيس چوندا آهن ۽ منجهائن گهڻا ڪوڙا آهن. |
| وَالشُّعَراءُ يَتَّبِعُهُمُ الغاوۥنَ (آيت : 224) |
|
۽ شاعرن ۾ انهن جي تابعداري گمراهه ئي ڪندا آهن. |
| أَلَم تَرَ أَنَّهُم فى كُلِّ وادٍ يَهيمونَ (آيت : 225) |
|
تو نه ڏٺو آهي ته هو هر ڪنهن ميدان ۾ ڀٽڪندا رهندا آهن. |
| وَأَنَّهُم يَقولونَ ما لا يَفعَلونَ (آيت : 226) |
|
۽ بيشڪ اُهي اُهو ئي چوندا آهن، جو ڪندا نه آهن. |
| إِلَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَذَكَرُوا اللَّهَ كَثيرًا وَانتَصَروا مِن بَعدِ ما ظُلِموا وَسَيَعلَمُ الَّذينَ ظَلَموا أَىَّ مُنقَلَبٍ يَنقَلِبونَ (آيت : 227) |
|
سواءِ انهن جي، جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ۽ الله کي گهڻو ياد ڪيائون ۽ مٿن ظلم ٿيڻ کانپوءِ بدلو ورتائون ۽ ظالمن کي اجهو ٿي خبر پوي، ته ڪهڙي موٽڻ جي هنڌ ٿا موٽن! |