طسم (آيت : 1) |
طا ــ سين ــ ميم |
تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ المُبينِ (آيت : 2) |
هي کولي بيان ڪندڙ ڪتاب جون آيتون آهن. |
لَعَلَّكَ بٰخِعٌ نَفسَكَ أَلّا يَكونوا مُؤمِنينَ (آيت : 3) |
(اي نبي ﷺ!) شايد تون پنھنجو پاڻ کي انهن ماڻهن جي ايمان نه آڻڻ جي فڪر ۾ ڳاري ڇڏيندين. |
إِن نَشَأ نُنَزِّل عَلَيهِم مِنَ السَّماءِ ءايَةً فَظَلَّت أَعنٰقُهُم لَها خٰضِعينَ (آيت : 4) |
جيڪڏهن اسان چاهيون ته انهن جي مٿان آسمان مان ڪا اهڙي نشاني نازل ڪريون جنھن سان هنن جا ڪنڌ ان جي اڳيان جهڪي پون. |
وَما يَأتيهِم مِن ذِكرٍ مِنَ الرَّحمٰنِ مُحدَثٍ إِلّا كانوا عَنهُ مُعرِضينَ (آيت : 5) |
(پر ڳالهه هي آهي ته) انهن ماڻهن وٽ رحمان جي طرف کان جڏهن به ڪا نئين نصيحت آئي آهي ته هو اُن کان منھن موڙي ڇڏيندا آهن. |
فَقَد كَذَّبوا فَسَيَأتيهِم أَنبٰؤُا۟ ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 6) |
بيشڪ (هاڻي) هي ماڻهو ڪوڙو ڪري چڪا آهن. کين جلد ئي ان شيءِ جي اصل حقيقت جي خبر پئجي ويندي جنھن تي هي ٺٺوليون ڪري رهيا آهن. |
أَوَلَم يَرَوا إِلَى الأَرضِ كَم أَنبَتنا فيها مِن كُلِّ زَوجٍ كَريمٍ (آيت : 7) |
ڇا انهن ماڻهن ڪڏهن زمين ڏانھن نظر نه ڪئي آهي ته ڏسن ته اسان ان ۾ ڪيتريون ئي مختلف قسم جون بھترين جنسون جوڙو جوڙو ڪري پيدا ڪيون آهن. |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 8) |
بيشڪ ان ۾ هڪ نشاني آهي پر گهڻا ماڻهو (ان تي) ايمان ئي نٿا آڻين. |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 9) |
بيشڪ تنھنجو پالڻھار زبردست ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
وَإِذ نادىٰ رَبُّكَ موسىٰ أَنِ ائتِ القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 10) |
۽ جڏهن تنھنجي پالڻھار موسى ($) کي سڏيو ته ”تون ظالم قوم ڏانھن وڃ“ |
قَومَ فِرعَونَ أَلا يَتَّقونَ (آيت : 11) |
فرعون جي قوم ڏانھن ته ڇا اهي ماڻهو (اڃا به) پرهيزگاري اختيار نه ڪندا؟ |
قالَ رَبِّ إِنّى أَخافُ أَن يُكَذِّبونِ (آيت : 12) |
موسى ($) چيو ته: اي منھنجا پالڻھار! مون کي ڀؤ آهي ته اُهي متان مون کي ڪوڙو نه ڪري وجهن. |
وَيَضيقُ صَدرى وَلا يَنطَلِقُ لِسانى فَأَرسِل إِلىٰ هٰرونَ (آيت : 13) |
منھنجي سيني ۾ دم ناهي ۽ منھنجي زبان ۾ فصاحت به ناهي. تون هارون کي رسول ٺاهي موڪل. |
وَلَهُم عَلَىَّ ذَنبٌ فَأَخافُ أَن يَقتُلونِ (آيت : 14) |
۽ مون اُنهن جو هڪ ڏوهه به ڪيو آهي، بس! مون کي اهوئي خوف ٿو ٿئي ته متان هو مون کي (ان ڏوهه ۾) قتل نه ڪري وجهن. |
قالَ كَلّا فَاذهَبا بِـٔايٰتِنا إِنّا مَعَكُم مُستَمِعونَ (آيت : 15) |
الله تعالى فرمايو ته: هرگز نه! توهان ٻئي اسان جون نشانيون کڻي وڃو، اسان توهان سان ئي گڏ آهيون ۽ اسان سڀ ڪجهه ٻڌنداسين. |
فَأتِيا فِرعَونَ فَقولا إِنّا رَسولُ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 16) |
بس! توهان فرعون ڏي وڃو ۽ کيس چؤ ته:ۡ بيشڪ اسان کي رب العالمين موڪليو آهي. |
أَن أَرسِل مَعَنا بَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 17) |
(اچڻ جو مقصد هي آهي ته) بني اسرائيل کي اسان سان گڏ هلڻ جي اجازت ڏي. |
قالَ أَلَم نُرَبِّكَ فينا وَليدًا وَلَبِثتَ فينا مِن عُمُرِكَ سِنينَ (آيت : 18) |
فرعون چيو ته ڇا اسان توکي پاڻ وٽ ننڍڙو ڪري نه پاليو هو؟ ۽ تون عمر جا ڪيترائي سال اسان وٽ گذاريا آهن. |
وَفَعَلتَ فَعلَتَكَ الَّتى فَعَلتَ وَأَنتَ مِنَ الكٰفِرينَ (آيت : 19) |
پوءِ جيڪو تو (جرم) ڪيو آهي سو اهو تون ڪري چڪين، (بھرحال) تون وڏو احسان وساريندڙ ماڻهو آهين. |
قالَ فَعَلتُها إِذًا وَأَنا۠ مِنَ الضّالّينَ (آيت : 20) |
موسى ($) چيو ته: (ٺيڪ آ) اهو جُرم مون کان ٿي ويو هو، پر اهو جُرم مون کان بي خبري ۾ ٿي ويو هو . |
فَفَرَرتُ مِنكُم لَمّا خِفتُكُم فَوَهَبَ لى رَبّى حُكمًا وَجَعَلَنى مِنَ المُرسَلينَ (آيت : 21) |
پوءِ مان تنھنجي ڀؤ کان ڀڄي ويس (هاڻي ته) منھنجي پالڻھار مون کي سمجهه عطا ڪئي آهي ۽ مون کي رسول سڳورن ۾ شامل ڪيو آهي. |
وَتِلكَ نِعمَةٌ تَمُنُّها عَلَىَّ أَن عَبَّدتَ بَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 22) |
۽ باقي رهيون اُهي مھربانيون جن جا تون مون کي مِھڻا ڏئين ٿو (ان جو سبب هي هو ته) تون منھنجي قوم بني اسرائيل کي باندي (يعني قيدي ) بڻائي ويٺو هئين (سو هو منھنجي پالنا ڪيئن ڪن ها؟) |
قالَ فِرعَونُ وَما رَبُّ العٰلَمينَ (آيت : 23) |
فرعون چيو ته: ڀلا اهو رب العالمين آهي ڪير؟ |
قالَ رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما إِن كُنتُم موقِنينَ (آيت : 24) |
موسى ($) چيو ته: آسمانن، زمين ۽ انهن جي وچ ۾ رهندڙ مخلوق جو پالڻھار آهي. جيڪڏهن توکي حقيقت سمجهه ۾ اچي. |
قالَ لِمَن حَولَهُ أَلا تَستَمِعونَ (آيت : 25) |
فرعون پنھنجي چوڌاري ويٺل درٻارين کي چيو ته: ڇا توهان غور سان نٿا ٻڌو؟ (هي ڇا ٿو چوي؟) |
قالَ رَبُّكُم وَرَبُّ ءابائِكُمُ الأَوَّلينَ (آيت : 26) |
موسى ($) چيو ته: (نه رڳو) توهان جو پالڻھار آهي بلڪه توهان جي گذريل ابن ڏاڏن جو به پالڻھار آهي. |
قالَ إِنَّ رَسولَكُمُ الَّذى أُرسِلَ إِلَيكُم لَمَجنونٌ (آيت : 27) |
فرعون (ماڻهن ڏانھن تڪيندي) چيو ته: بيشڪ توهان جو رسول جيڪو توهان ڏي موڪليو ويو آهي اهو ته صفا چريو ٿو لڳي. |
قالَ رَبُّ المَشرِقِ وَالمَغرِبِ وَما بَينَهُما إِن كُنتُم تَعقِلونَ (آيت : 28) |
موسى ( $ وڌيڪ دليل ڏيندي) چيو ته: اوڀر ۽ اولهه ۽ انهن جي وچ ۾ جيڪا رهندڙ مخلوق آهي هُو ته انهن سڀني جو به پالڻھار آهي. جيڪڏهن توهان ٿورو عقل تي زور ڏيو (ته ڳالهه آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي ويندي) |
قالَ لَئِنِ اتَّخَذتَ إِلٰهًا غَيرى لَأَجعَلَنَّكَ مِنَ المَسجونينَ (آيت : 29) |
فرعون چيو ته: (اي موسى ٻڌ!) جيڪڏهن تو مون کانسواءِ ڪنھن ٻئي کي معبود مڃيو ته پوءِ تون به انهن ماڻهن ۾ شامل ٿي ويندين جيڪي قيدخاني ۾ سڙي رهيا آهن. |
قالَ أَوَلَو جِئتُكَ بِشَيءٍ مُبينٍ (آيت : 30) |
موسى ($) چيو ته: جيڪڏهن مان تنھنجي سامهون پڌري نشاني آڻيان (پوءِ به تون قيد ۾ وجهندين؟) |
قالَ فَأتِ بِهِ إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 31) |
فرعون چيو ته: جيڪڏهن تون سچو آهين ته پيش ڪر. |
فَأَلقىٰ عَصاهُ فَإِذا هِىَ ثُعبانٌ مُبينٌ (آيت : 32) |
موسى ($) فوراً پنھنجي لٺ کي اڇلايو ته هوءَ سچ مچ ۾ هڪ وڏو نانگ ٿي پئي. |
وَنَزَعَ يَدَهُ فَإِذا هِىَ بَيضاءُ لِلنّٰظِرينَ (آيت : 33) |
وري پنھنجو هٿ (بغل ۾ وجهي) ٻاهر ڪڍيو ته اهو سڀني جي سامهون چمڪي رهيو هو. |
قالَ لِلمَلَإِ حَولَهُ إِنَّ هٰذا لَسٰحِرٌ عَليمٌ (آيت : 34) |
ان تي فرعون پنھنجي چوڌاري ويٺل سردارن کي چيو ته: هي ماڻهو ته ڪو وڏو ماهر جادوگر ٿو لڳي. |
يُريدُ أَن يُخرِجَكُم مِن أَرضِكُم بِسِحرِهِ فَماذا تَأمُرونَ (آيت : 35) |
توهان کي پنھنجي جادوء جي زور تي ديس نيڪالي ڏيڻ چاهي ٿو. توهان جو ان باري ۾ ڇا مشورو آهي؟ |
قالوا أَرجِه وَأَخاهُ وَابعَث فِى المَدائِنِ حٰشِرينَ (آيت : 36) |
(سردارن) چيو ته: هن کي ۽ هن جي ڀاءُ کي (ڪجهه ڏينهن) ترسايو ۽ سڀني شھرن ۾ اعلان ڪرڻ وارن کي موڪليو. |
يَأتوكَ بِكُلِّ سَحّارٍ عَليمٍ (آيت : 37) |
(ته جيئن هو) وڏن ماهر جادوگرن کي تنھنجي سامهون حاضر ڪن. |
فَجُمِعَ السَّحَرَةُ لِميقٰتِ يَومٍ مَعلومٍ (آيت : 38) |
پوءِ هڪ ڏينھن مقرر وقت تي جادوگرن کي گڏ ڪيو ويو. |
وَقيلَ لِلنّاسِ هَل أَنتُم مُجتَمِعونَ (آيت : 39) |
۽ سڀني ماڻهن کي چيو ويو ته: هن مقابلي کي ڏسڻ لاءِ سڀ اُن ۾ ضرور شريڪ ٿين. |
لَعَلَّنا نَتَّبِعُ السَّحَرَةَ إِن كانوا هُمُ الغٰلِبينَ (آيت : 40) |
ته جيئن اسان (جادوگرن جي ڪاميابي جي صورت ۾) انهن جي دين تي مضبوط رهون. |
فَلَمّا جاءَ السَّحَرَةُ قالوا لِفِرعَونَ أَئِنَّ لَنا لَأَجرًا إِن كُنّا نَحنُ الغٰلِبينَ (آيت : 41) |
پوءِ جڏهن جادوگر ميدان ۾ آيا ته فرعون کي چيائون ته: اسان جيڪڏهن (هي) مقابلو کٽي ورتو ته ڇا اسان کي ڪو انعام اڪرام ملندو؟ |
قالَ نَعَم وَإِنَّكُم إِذًا لَمِنَ المُقَرَّبينَ (آيت : 42) |
فرعون چيو ته: بلڪل! انعام اڪرام سان گڏوگڏ توهان (هميشه لاءِ) منھنجا قربائتا به ٿي ويندا. |
قالَ لَهُم موسىٰ أَلقوا ما أَنتُم مُلقونَ (آيت : 43) |
موسى ($) (جادوگرن کي) چيو ته توهان کي جيڪو ڪجهه اُڇلڻو آهي سو اُڇليو. |
فَأَلقَوا حِبالَهُم وَعِصِيَّهُم وَقالوا بِعِزَّةِ فِرعَونَ إِنّا لَنَحنُ الغٰلِبونَ (آيت : 44) |
پوءِ انهن هڪدم پنهنجون رسيون ۽ لٺيون اڇلايون ۽ چيائون ته: فرعون جي عزت قسم! بيشڪ اسان ئي غالب ٿينداسين. |
فَأَلقىٰ موسىٰ عَصاهُ فَإِذا هِىَ تَلقَفُ ما يَأفِكونَ (آيت : 45) |
پوءِ موسى ($) پنھنجي لٺ اُڇلائي ته اها لٺ هڪدم انهن جي تماشي کي ختم ڪندي وئي (يعني انهن جي اثر کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ ماڻهو موسى $ جي اڇلايل لٺ مان ٿيندڙ نانگ کي آخر تائين غور سان ڏسندا رهيا) |
فَأُلقِىَ السَّحَرَةُ سٰجِدينَ (آيت : 46) |
اهو ڏسي سڀ جادوگر بي اختيار سجدي ۾ ڪري پيا. |
قالوا ءامَنّا بِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 47) |
۽ چيائون ته: اسان رب العالمين تي ايمان آندو. |
رَبِّ موسىٰ وَهٰرونَ (آيت : 48) |
موسى ۽ هارون (ؐ) جي پالڻھار تي. |
قالَ ءامَنتُم لَهُ قَبلَ أَن ءاذَنَ لَكُم إِنَّهُ لَكَبيرُكُمُ الَّذى عَلَّمَكُمُ السِّحرَ فَلَسَوفَ تَعلَمونَ لَأُقَطِّعَنَّ أَيدِيَكُم وَأَرجُلَكُم مِن خِلٰفٍ وَلَأُصَلِّبَنَّكُم أَجمَعينَ (آيت : 49) |
فرعون چيو ته: (اهو وري ڪيئن؟) توهان منھنجي اجازت کان سواءِ ئي ايمان آڻي ڇڏيو. لڳي ٿو ته: هي (موسيٰ) توهان جو وڏو (ليڊر) آهي جنھن توهان کي جادو سيکاريو آهي. چڱو توهان کي هينئر ئي پتو پئجي ويندو. مان توهان جا (هڪ طرف جا) هٿ ۽ (ٻئي طرف جا) پير ڪٽائيندس ۽ توهان سڀني کي ڦاهيءَ تي لٽڪائيندس. |
قالوا لا ضَيرَ إِنّا إِلىٰ رَبِّنا مُنقَلِبونَ (آيت : 50) |
جادوگرن چيو ته ڪا پرواهه ناهي. بيشڪ اسان پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽڻ وارا آهيون. |
إِنّا نَطمَعُ أَن يَغفِرَ لَنا رَبُّنا خَطٰيٰنا أَن كُنّا أَوَّلَ المُؤمِنينَ (آيت : 51) |
۽ بيشڪ اسان کي اميد آهي ته اسان جو پالڻھار اسان جي خطائن کي معاف ڪندو ڇوته (هن مقابلي کان پوءِ) اسان ئي سڀني کان پھريان ايمان آندو آهي. |
وَأَوحَينا إِلىٰ موسىٰ أَن أَسرِ بِعِبادى إِنَّكُم مُتَّبَعونَ (آيت : 52) |
۽ اسان موسى ($) کي وحي موڪلي ته تون راتورات منھنجي ٻانهن (يعني بني اسرائيل) کي وٺي نڪري وڃ. بيشڪ (فرعون جي طرفان) توهان جو پيڇو ڪيو ويندو. |
فَأَرسَلَ فِرعَونُ فِى المَدائِنِ حٰشِرينَ (آيت : 53) |
پوءِ فرعون شھر ۾ ماڻهن کي گڏ ڪرڻ وارن کي موڪليو. |
إِنَّ هٰؤُلاءِ لَشِرذِمَةٌ قَليلونَ (آيت : 54) |
( کين اهو پيغام ڏنو ته هو ماڻهن کي چون ته موسى ۽ ان جا مڃيندڙ) تمام ٿورڙا ماڻهو آهن. |
وَإِنَّهُم لَنا لَغائِظونَ (آيت : 55) |
انهن اسان کي ڏاڍي ڪاوڙ ڏياري آهي. |
وَإِنّا لَجَميعٌ حٰذِرونَ (آيت : 56) |
بيشڪ اسان هڪ مسلح جماعت (يعني باقاعده فوج) آهيون. |
فَأَخرَجنٰهُم مِن جَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 57) |
اهڙي طريقي سان ئي اسان انهن کي باغن ۽ چشمن مان ٻاهر ڪڍيو. |
وَكُنوزٍ وَمَقامٍ كَريمٍ (آيت : 58) |
۽ خزانن ۽ عاليشان عمارتن مان به ڪڍيو. |
كَذٰلِكَ وَأَورَثنٰها بَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 59) |
پوءِ (غرق ٿيڻ کان پوءِ) اسان بني اسرائيل کي انهن شين جو وارث بنايو. |
فَأَتبَعوهُم مُشرِقينَ (آيت : 60) |
پوءِ صبح ٿيندي ئي هو (بني اسرائيل جي) پويان پيا. |
فَلَمّا تَرٰءَا الجَمعانِ قالَ أَصحٰبُ موسىٰ إِنّا لَمُدرَكونَ (آيت : 61) |
جڏهن ٻنهي جماعتن هڪ ٻئي کي پئي ڏٺو ته موسى ($) جي ساٿين چيو ته: سائين! هاڻي ته اسان پڪڙ ۾ اچي وياسين. |
قالَ كَلّا إِنَّ مَعِىَ رَبّى سَيَهدينِ (آيت : 62) |
موسى ($) چيو ته: ٿي ئي نٿو سگهي! بيشڪ منھنجو پالڻھار مون سان گڏ آهي، هو منھنجي رهنمائي ڪندو. |
فَأَوحَينا إِلىٰ موسىٰ أَنِ اضرِب بِعَصاكَ البَحرَ فَانفَلَقَ فَكانَ كُلُّ فِرقٍ كَالطَّودِ العَظيمِ (آيت : 63) |
پوءِ اسان موسى ($) کي وحي ڪئي ته تون ”پنهنجي لٺ سمنڊ تي هڻ“ (لٺ هڻڻ سان ئي) سمنڊ ان وقت چيرجي ويو ۽ ان جو هڪ هڪ حصو جبل وانگر (ٻنهي طرفن) بيهجي ويو. |
وَأَزلَفنا ثَمَّ الءاخَرينَ (آيت : 64) |
پوءِ اسان ٻي جماعت کي (يعني فرعون ۽ ان جي لشڪر کي موسى $۽ ان جي لشڪر جي) ويجهو آندو. |
وَأَنجَينا موسىٰ وَمَن مَعَهُ أَجمَعينَ (آيت : 65) |
پوءِ موسى ($) ۽ ان سان گڏ سڀني ماڻهن کي بچايو. |
ثُمَّ أَغرَقنَا الءاخَرينَ (آيت : 66) |
جڏهن ته ٻي ڌُر کي اسان غرق ڪري ڇڏيو. |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 67) |
بيشڪ هن واقعي ۾ هڪ نشاني آهي پر ماڻهن مان گهڻا ماڻهو مڃڻ وارا ئي نه آهن. |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 68) |
بيشڪ تنھنجو پالڻھار زبردست ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
وَاتلُ عَلَيهِم نَبَأَ إِبرٰهيمَ (آيت : 69) |
(اي نبيﷺ!) انهن ماڻهن کي ابراهيم ($) جو واقعو ٻڌاءِ. |
إِذ قالَ لِأَبيهِ وَقَومِهِ ما تَعبُدونَ (آيت : 70) |
جڏهن هُن پنھنجي پيءُ ۽ قوم کي چيو ته: توهان هي ڪنھن جي عبادت ڪري رهيا آهيو؟ |
قالوا نَعبُدُ أَصنامًا فَنَظَلُّ لَها عٰكِفينَ (آيت : 71) |
انهن چيو ته: اسان بتن جي پوڄا ڪريون ٿا ۽ انهن جي ئي خدمت ۾ لڳا پيا آهيون. |
قالَ هَل يَسمَعونَكُم إِذ تَدعونَ (آيت : 72) |
(ابراهيم $) چيو ته: جڏهن توهان انهن کي سڏيندا آهيو ته ڇا هي توهان جي سڏ کي ٻڌندا آهن؟ |
أَو يَنفَعونَكُم أَو يَضُرّونَ (آيت : 73) |
يا هو توهان کي ڪو فائدو يا نقصان پھچائيندا آهن؟ |
قالوا بَل وَجَدنا ءاباءَنا كَذٰلِكَ يَفعَلونَ (آيت : 74) |
انهن چيو ته: (ايئن ته نه آهي) باقي پنھنجي ابن ۽ ڏاڏن کي اسان ايئن ڪندي ڏٺو آهي. |
قالَ أَفَرَءَيتُم ما كُنتُم تَعبُدونَ (آيت : 75) |
ابراهيم ($) چيو ته: ڇا توهان ڪڏهن غور ڪري ڏٺو آهي ته: هي توهان ڪنھن جي پوڄا ڪري رهيا آهيو؟ |
أَنتُم وَءاباؤُكُمُ الأَقدَمونَ (آيت : 76) |
توهان ۽ توهان جا گذريل ابا ڏاڏا ڪهڙين شين جي پوڄا ۾ لڳل آهيو؟ |
فَإِنَّهُم عَدُوٌّ لى إِلّا رَبَّ العٰلَمينَ (آيت : 77) |
(بھرحال مان توهان کي دل جي ڳالهه ٻڌائي ڇڏيان ٿو ته) رب العالمين کان سواءِ باقي سڀ منھنجا دشمن آهن. |
الَّذى خَلَقَنى فَهُوَ يَهدينِ (آيت : 78) |
ڇو ته ان پالڻھار مون کي پيدا ڪري سڌو رستو به ڏيکاريو. |
وَالَّذى هُوَ يُطعِمُنى وَيَسقينِ (آيت : 79) |
اهو ئي مون کي کارائي ۽ پياري ٿو. |
وَإِذا مَرِضتُ فَهُوَ يَشفينِ (آيت : 80) |
۽ جڏهن مان بيمار ٿي پوندو آهيان ته اهو ئي مون کي تندرست ڪندو آهي. |
وَالَّذى يُميتُنى ثُمَّ يُحيينِ (آيت : 81) |
اهو ئي مون کي ماريندو ۽ پوءِ وري ٻيھر جيئرو ڪري اٿاريندو. |
وَالَّذى أَطمَعُ أَن يَغفِرَ لى خَطيـَٔتى يَومَ الدّينِ (آيت : 82) |
۽ اهو ئي آهي جنهن ۾ مون کي وڏو آسرو آهي ته قيامت واري ڏينھن منھنجي خطائن کي معاف ڪندو. |
رَبِّ هَب لى حُكمًا وَأَلحِقنى بِالصّٰلِحينَ (آيت : 83) |
(ابراهيم $ دعا گهرندي فرمايو ته:) اي منھنجا پالڻھار! تون مون کي دانائي عطا ڪر ۽ مون کي نيڪ ماڻهن ۾ شامل ڪجانءِ. |
وَاجعَل لى لِسانَ صِدقٍ فِى الءاخِرينَ (آيت : 84) |
ايندڙ نسلن ۾ مون کي سچي شھرت عطا ڪجانءِ. |
وَاجعَلنى مِن وَرَثَةِ جَنَّةِ النَّعيمِ (آيت : 85) |
مون کي نعمتن واري باغ جي وارثن مان ڪجانءِ. |
وَاغفِر لِأَبى إِنَّهُ كانَ مِنَ الضّالّينَ (آيت : 86) |
منھنجي پيءُ کي به معاف ڪجانءِ. بيشڪ هو گمراهه ماڻهن مان آهي. |
وَلا تُخزِنى يَومَ يُبعَثونَ (آيت : 87) |
۽ جڏهن سمورن ماڻهن کي وري ٻيھر جيئرو ڪري اٿاريندين ته ان ڏينھن مون کي رسوا ٿيڻ کان بچائجانءِ |
يَومَ لا يَنفَعُ مالٌ وَلا بَنونَ (آيت : 88) |
(ڇو جو) ان ڏينھن نه مال ڪم ايندو ۽ نه اولاد ڪم ايندي. |
إِلّا مَن أَتَى اللَّهَ بِقَلبٍ سَليمٍ (آيت : 89) |
ان ڏينھن الله تعالى وٽ (گناهن کان پاڪ) مطمئن دل آڻيندڙ کي فائدو ٿيندو. |
وَأُزلِفَتِ الجَنَّةُ لِلمُتَّقينَ (آيت : 90) |
(ان ڏينهن) جنت کي پرهيزگارن جي ويجهو ڪيو ويندو. |
وَبُرِّزَتِ الجَحيمُ لِلغاوينَ (آيت : 91) |
۽ جھنم کي گمراهه ماڻهن جي سامهون ڪيو ويندو. |
وَقيلَ لَهُم أَينَ ما كُنتُم تَعبُدونَ (آيت : 92) |
۽ کين چيو ويندو ته ڪٿي آهن اُهي جن جي توهان پوڄا ڪندا هئا؟ |
مِن دونِ اللَّهِ هَل يَنصُرونَكُم أَو يَنتَصِرونَ (آيت : 93) |
الله تعالى کي ڇڏي (توهان) جن کي معبود مڃيندا هئا، ڇا هو توهان جي ڪا مدد ڪري سگهن ٿا؟ يا هو (خود) بدلو وٺي سگهن ٿا. |
فَكُبكِبوا فيها هُم وَالغاوۥنَ (آيت : 94) |
پوءِ انهن معبودن ۽ گمراهه ماڻهن کي (جھنم) ۾ اونڌي منھن اڇلايو ويندو. |
وَجُنودُ إِبليسَ أَجمَعونَ (آيت : 95) |
۽ ابليس جا سمورا لشڪر (به ان ۾ اڇلايا ويندا) |
قالوا وَهُم فيها يَختَصِمونَ (آيت : 96) |
پوءِ هو اُن جھنم ۾ (ويهي) هڪ ٻئي سان وڙهندي چوندا. |
تَاللَّهِ إِن كُنّا لَفى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 97) |
الله تعالى جو قسم! بيشڪ اسان ته وڏي گمراهيءَ ۾ پيل هئاسين. |
إِذ نُسَوّيكُم بِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 98) |
جو توهان کي پالڻھار جي برابر جو درجو ڏنو. |
وَما أَضَلَّنا إِلَّا المُجرِمونَ (آيت : 99) |
سو (هنن) ڏوهارين ئي اسان کي گمراهه ڪري وڌو هو. |
فَما لَنا مِن شٰفِعينَ (آيت : 100) |
(هاڻي ته) هتي اسان جو ڪير به سفارش ڪرڻ وارو نه آهي. |
وَلا صَديقٍ حَميمٍ (آيت : 101) |
۽ نه ئي ڪو غم هلڪو ڪندڙ پڳ مَٽ يار آهي. |
فَلَو أَنَّ لَنا كَرَّةً فَنَكونَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 102) |
بس! اسان کي وري هڪ ڀيرو (ٻيهر) واپس دنيا ۾ وڃڻ جو موقعو ڏنو وڃي ته پوءِ اسين ايمان آڻيندڙن مان ٿينداسين. |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 103) |
بيشڪ ان ۾ وڏي نشاني آهي پر (پوءِ به) گهڻا ماڻهو ايمان نٿا آڻين. |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 104) |
بيشڪ تنھنجو پالڻھار زبردست ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
كَذَّبَت قَومُ نوحٍ المُرسَلينَ (آيت : 105) |
نوح ($) جي قوم به رسولن کي ڪوڙو ڪيو. |
إِذ قالَ لَهُم أَخوهُم نوحٌ أَلا تَتَّقونَ (آيت : 106) |
جڏهن انهن کي سندن ڀاءُ نوح ($) چيو ته توهان ڇو نٿا ڊڄو؟ |
إِنّى لَكُم رَسولٌ أَمينٌ (آيت : 107) |
مان توهان وٽ ايماندار رسول جي حيثيت ۾ آيو آهيان. |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 108) |
الله تعالى کان ڊڄو ۽ منھنجي اطاعت ڪريو. |
وَما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِن أَجرِىَ إِلّا عَلىٰ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 109) |
مان توهان کان سمجهائڻ جو ڪو اجر ته نٿو گهران، منھنجو اجر ته جھانن جي پالڻھار جي مٿان آهي. |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 110) |
توهان الله تعالى کان ڊڄو ۽ منھنجي اطاعت ڪريو. |
قالوا أَنُؤمِنُ لَكَ وَاتَّبَعَكَ الأَرذَلونَ (آيت : 111) |
انهن چيو ته اسان تنھنجي مٿان ڪيئن ايمان آڻيون؟ ڏتڙيل ۽ غريب ماڻهو ئي ته تنھنجي پيروي ڪن ٿا. |
قالَ وَما عِلمى بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 112) |
نوح ($) چيو ته مون کي انهن جي گذريل ڪمن جي باري ۾ ڪابه خبر نه آهي. |
إِن حِسابُهُم إِلّا عَلىٰ رَبّى لَو تَشعُرونَ (آيت : 113) |
اُنهن کان حساب وٺڻ ته منھنجي پالڻھار جي هٿ ۾ آهي. ڇا توهان ايتري ڳالهه به نٿا سمجهو؟ |
وَما أَنا۠ بِطارِدِ المُؤمِنينَ (آيت : 114) |
(ٻي ڳالهه ته) مان ايمان آڻيندڙن کي پاڻ وٽان ڇو تڙيان؟ |
إِن أَنا۠ إِلّا نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 115) |
مان ته رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان. |
قالوا لَئِن لَم تَنتَهِ يٰنوحُ لَتَكونَنَّ مِنَ المَرجومينَ (آيت : 116) |
انهن چيو ته اي نوح! جيڪڏهن تون (پنهنجي ڳالهه تان) نه هٽندين ته اسان توکي پٿرن سان ماري ڇڏينداسين. |
قالَ رَبِّ إِنَّ قَومى كَذَّبونِ (آيت : 117) |
نوح ($) چيو ته: اي منھنجا پالڻھار! بيشڪ منھنجي قوم مون کي ڪوڙو ڪيو آهي. |
فَافتَح بَينى وَبَينَهُم فَتحًا وَنَجِّنى وَمَن مَعِىَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 118) |
بس! هاڻي تون منھنجي ۽ انهن جي وچ ۾ چڱي طرح فيصلو ڪري ڇڏ ۽ مون کي ۽ مون سان گڏ جيڪي به ايمان وارا آهن تن سڀني کي نجات عطا فرماءِ. |
فَأَنجَينٰهُ وَمَن مَعَهُ فِى الفُلكِ المَشحونِ (آيت : 119) |
پوءِ اسان کيس ۽ جيڪي اُن سان گڏ ٻيڙي ۾ سوار هئا تن سڀني کي بچايو. |
ثُمَّ أَغرَقنا بَعدُ الباقينَ (آيت : 120) |
۽ باقي ٻين کي غرق ڪري ڇڏيو. |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 121) |
بيشڪ هن واقعي ۾ وڏي نشاني آهي پر (پوءِ به) انهن مان گهڻا ماڻهو ايمان نٿا آڻين. |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 122) |
بيشڪ تنھنجو پالڻھار زبردست ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
كَذَّبَت عادٌ المُرسَلينَ (آيت : 123) |
۽ عاد قوم به رسولن کي ڪوڙو ڪيو. |
إِذ قالَ لَهُم أَخوهُم هودٌ أَلا تَتَّقونَ (آيت : 124) |
جڏهن انهن کي سندن ڀاءُ هود ($) چيو ته توهان ڇو نٿا ڊڄو؟ |
إِنّى لَكُم رَسولٌ أَمينٌ (آيت : 125) |
بيشڪ مان توهان وٽ ايماندار رسول جي حيثيت ۾ آيو آهيان. |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 126) |
پوءِ توهان الله تعالى کان ڊڄو ۽ منھنجي اطاعت ڪريو. |
وَما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِن أَجرِىَ إِلّا عَلىٰ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 127) |
مان توهان کان سمجهائڻ جو ڪو اجر ته نٿو گهران، منھنجو اجر ته جھانن جي پالڻھار جي مٿان آهي. |
أَتَبنونَ بِكُلِّ ريعٍ ءايَةً تَعبَثونَ (آيت : 128) |
توهان هر مٿانهين جڳھه تي (ڪا نه ڪا يادگار طور) فضول عمارت ٺاهيو ٿا. |
وَتَتَّخِذونَ مَصانِعَ لَعَلَّكُم تَخلُدونَ (آيت : 129) |
۽ (ايڏا وڏا) مضبوط محل ٺاهيو ٿا ڄڻ توهان کي هميشه هتي رهڻو آهي. |
وَإِذا بَطَشتُم بَطَشتُم جَبّارينَ (آيت : 130) |
۽ جڏهن به توهان (ڪنهن کي) پڪڙيو ٿا ته انتھائي ڏاڍائي ۽ ظلم سان پڪڙيو ٿا. |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 131) |
توهان الله تعالى کان ڊڄو ۽ منھنجي اطاعت ڪريو. |
وَاتَّقُوا الَّذى أَمَدَّكُم بِما تَعلَمونَ (آيت : 132) |
۽ ڊڄو ان (هستي) کان جنھن توهان کي اهڙيون اهڙيون شيون ڏنيون آهن جن کي توهان چڱي ريت ڄاڻو ٿا. |
أَمَدَّكُم بِأَنعٰمٍ وَبَنينَ (آيت : 133) |
توهان کي ڍور ڍڳا ڏنا ۽ اولاد به ڏنو. |
وَجَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 134) |
باغ ۽ چشما ڏنا. |
إِنّى أَخافُ عَلَيكُم عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 135) |
(تنهن ڪري) مون کي ڀؤ ٿو ٿئي ته ڪٿي توهان جي مٿان هڪ وڏي ڏينھن جو عذاب نه اچي. |
قالوا سَواءٌ عَلَينا أَوَعَظتَ أَم لَم تَكُن مِنَ الوٰعِظينَ (آيت : 136) |
ماڻهن جواب ۾ چيو ته اسان لاءِ تنھنجي نصيحت ڪرڻ يا نه ڪرڻ ٻئي برابر آهن. |
إِن هٰذا إِلّا خُلُقُ الأَوَّلينَ (آيت : 137) |
اهڙيون (ڊيڄارڻ واريون ڳالهيون ڪرڻ) ته گذريل ماڻهن جي عادت هئي. |
وَما نَحنُ بِمُعَذَّبينَ (آيت : 138) |
اسان کي (ڪنهن به قسم جو) عذاب نه ڪيو ويندو. |
فَكَذَّبوهُ فَأَهلَكنٰهُم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 139) |
پوءِ اُنهن ماڻهن کيس ڪوڙو ڪيو ته اسان کين تباهه ڪري ڇڏيوسين. بيشڪ ان واقعي ۾ وڏي نشاني آهي پر پوءِ به انهن مان گهڻا ماڻهو ايمان نٿا آڻين. |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 140) |
۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار زبردست ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
كَذَّبَت ثَمودُ المُرسَلينَ (آيت : 141) |
ثمود قوم به رسولن کي ڪوڙو ڪيو. |
إِذ قالَ لَهُم أَخوهُم صٰلِحٌ أَلا تَتَّقونَ (آيت : 142) |
جڏهن اُنهن کي سندن ڀاءُ صالح ($) چيو ته توهان ڇو نٿا ڊڄو؟ |
إِنّى لَكُم رَسولٌ أَمينٌ (آيت : 143) |
بيشڪ مان توهان وٽ ايماندار رسول جي حيثيت ۾ آيو آهيان. |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 144) |
پوءِ توهان الله تعالى کان ڊڄو ۽ منھنجي اطاعت ڪريو. |
وَما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِن أَجرِىَ إِلّا عَلىٰ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 145) |
مان توهان کان سمجهائڻ جو ڪو اجر ته نٿو گهران. منھنجو اجر ته جھانن جي پالڻھار جي مٿان آهي. |
أَتُترَكونَ فى ما هٰهُنا ءامِنينَ (آيت : 146) |
ڇا توهان کي هتي دنيا جي شين ۾ مزي سان ڇڏيو ويندو؟ |
فى جَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 147) |
باغن ۽ چشمن ۾. |
وَزُروعٍ وَنَخلٍ طَلعُها هَضيمٌ (آيت : 148) |
آباد فصلن ۽ کجين جي ڀريل ڇُڳن ۾. |
وَتَنحِتونَ مِنَ الجِبالِ بُيوتًا فٰرِهينَ (آيت : 149) |
۽ توهان فخر سان جبلن کي ٽُڪي وڏي ڪاريگري سان گهر ٺاهيو ٿا. |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 150) |
الله تعالى کان ڊڄو ۽ منھنجي اطاعت ڪريو. |
وَلا تُطيعوا أَمرَ المُسرِفينَ (آيت : 151) |
حد کان لنگهندڙ ماڻهن جي اطاعت نه ڪريو. |
الَّذينَ يُفسِدونَ فِى الأَرضِ وَلا يُصلِحونَ (آيت : 152) |
جيڪي ملڪ ۾ رڳو فساد ڦھلائين ٿا ۽ اصلاح جو ڪم ته هرگز نٿا ڪن. |
قالوا إِنَّما أَنتَ مِنَ المُسَحَّرينَ (آيت : 153) |
اُنهن ماڻهن چيو ته بيشڪ تون ته جادو ڪيل ماڻهو آهين. |
ما أَنتَ إِلّا بَشَرٌ مِثلُنا فَأتِ بِـٔايَةٍ إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 154) |
۽ تون اسان جھڙو ئي انسان آهين. پر جيڪڏهن تون سچو آهين ته ڪا نشاني آڻي ڏيکار. |
قالَ هٰذِهِ ناقَةٌ لَها شِربٌ وَلَكُم شِربُ يَومٍ مَعلومٍ (آيت : 155) |
صالح ($) چيو ته هي ڏاچي نشاني آهي. هڪ ڏينھن هيءَ (سموري علائقي جو) پاڻي پيئندي ۽ هڪ ڏينھن توهان سڀني جي لاءِ پاڻي پيئڻ مقرر ڪيو ويو آهي. |
وَلا تَمَسّوها بِسوءٍ فَيَأخُذَكُم عَذابُ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 156) |
(خبردار!) هن کي (ڪنھن به قسم جي) تڪليف ڏيڻ کان پاسو ڪجو ورنه توهان تي هڪ وڏي ڏينھن جو عذاب ايندو. |
فَعَقَروها فَأَصبَحوا نٰدِمينَ (آيت : 157) |
(پر افسوس!) انهن ماڻهن اُن (ڏاچيءَ) کي لولو لنگڙو ڪري (ماري) ڇڏيو پوءِ ته اچي پشيمان ٿيڻ لڳا. |
فَأَخَذَهُمُ العَذابُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 158) |
پوءِ کين عذاب پڪڙيو. بيشڪ ان واقعي ۾ هڪ وڏي نشاني آهي. پر پوءِ به انهن مان گهڻا ماڻهو ايمان نٿا آڻين. |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 159) |
۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار زبردست ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
كَذَّبَت قَومُ لوطٍ المُرسَلينَ (آيت : 160) |
لوط ($) جي قوم به رسولن کي ڪوڙو ڪيو. |
إِذ قالَ لَهُم أَخوهُم لوطٌ أَلا تَتَّقونَ (آيت : 161) |
جڏهن انهن کي سندن ڀاءُ لوط ($) چيو ته توهان ڇو نٿا ڊڄو؟ |
إِنّى لَكُم رَسولٌ أَمينٌ (آيت : 162) |
مان توهان وٽ ايماندار رسول جي حيثيت ۾ آيو آهيان. |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 163) |
پوءِ توهان الله تعالى کان ڊڄو ۽ منھنجي اطاعت ڪريو. |
وَما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِن أَجرِىَ إِلّا عَلىٰ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 164) |
مان توهان کان سمجهائڻ جو ڪو اجر ته نٿو گهران، منھنجو اجر ته جھانن جي پالڻھار جي مٿان آهي. |
أَتَأتونَ الذُّكرانَ مِنَ العٰلَمينَ (آيت : 165) |
دنيا ۾ توهان اڪيلي قوم آهيو جيڪي (بدفعليءَ لاءِ ) مردن ڏانھن وڃو ٿا. |
وَتَذَرونَ ما خَلَقَ لَكُم رَبُّكُم مِن أَزوٰجِكُم بَل أَنتُم قَومٌ عادونَ (آيت : 166) |
توهان جي پالڻھار توهان جي لاءِ گهر وارين جي شڪل ۾ (محبت جي جيڪا) ڪشش رکي آهي توهان ان کي ڇڏي ڏيو ٿا. حقيقت ۾ توهان ليڪا لنگهندڙ قوم آهيو. |
قالوا لَئِن لَم تَنتَهِ يٰلوطُ لَتَكونَنَّ مِنَ المُخرَجينَ (آيت : 167) |
انهن چيو ته اي لوط! جيڪڏهن تون (پنهنجي ڳالهه تان) نه هٽندين ته (اسان جي طرفان) توکي به ٻين ماڻهن وانگر (ديس) نيڪالي ڏني ويندي. |
قالَ إِنّى لِعَمَلِكُم مِنَ القالينَ (آيت : 168) |
(لوط $) چيو ته: مون کي توهان جي ان (بُري) ڪم کان ڏاڍي بُڇان ٿي لڳي. |
رَبِّ نَجِّنى وَأَهلى مِمّا يَعمَلونَ (آيت : 169) |
اي منھنجا پالڻھار! مون کي ۽ منھنجي گهر وارن کي هنن جي بُري عمل کان نجات ڏيار. |
فَنَجَّينٰهُ وَأَهلَهُ أَجمَعينَ (آيت : 170) |
پوءِ اسان اُن کي ۽ سندس گهر وارن سڀني کي نجات ڏني. |
إِلّا عَجوزًا فِى الغٰبِرينَ (آيت : 171) |
سواءِ اُن پوڙهيءَ جي جيڪا پوئتي رهندڙن ۾ شامل هئي. |
ثُمَّ دَمَّرنَا الءاخَرينَ (آيت : 172) |
پوءِ اسان سڀني پوئتي رهندڙن کي ملياميٽ ڪري ڇڏيو. |
وَأَمطَرنا عَلَيهِم مَطَرًا فَساءَ مَطَرُ المُنذَرينَ (آيت : 173) |
اسان انهن جي مٿان (پٿرن جو) مينھن وسايو پوءِ ڊيڄاريل ماڻهن جي مٿان (وَسايل) مينھن ڪيڏو نه بُرو هو. |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 174) |
بيشڪ ان واقعي ۾ وڏي نشاني آهي، پر پوءِ به انهن مان گهڻا ماڻهو ايمان نٿا آڻين. |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 175) |
بيشڪ تنھنجو پالڻھار زبردست ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
كَذَّبَ أَصحٰبُ لـَٔيكَةِ المُرسَلينَ (آيت : 176) |
ايڪه وارن به رسولن کي ڪوڙو ڪيو. |
إِذ قالَ لَهُم شُعَيبٌ أَلا تَتَّقونَ (آيت : 177) |
جڏهن کين شعيب ($) چيو ته توهان ڇو نٿا ڊڄو؟ |
إِنّى لَكُم رَسولٌ أَمينٌ (آيت : 178) |
بيشڪ مان توهان وٽ ايماندار رسول جي حيثيت ۾ آيو آهيان. |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 179) |
پوءِ توهان الله تعالى کان ڊڄو ۽ منھنجي اطاعت ڪريو. |
وَما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِن أَجرِىَ إِلّا عَلىٰ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 180) |
مان توهان کان سمجهائڻ جو ڪو اجر ته نٿو گهران منھنجو اجر ته جھانن جي پالڻھار جي مٿان آهي. |
أَوفُوا الكَيلَ وَلا تَكونوا مِنَ المُخسِرينَ (آيت : 181) |
پوري تور ڪندا ڪريو. گهٽ تور وارن مان نه ٿيو. |
وَزِنوا بِالقِسطاسِ المُستَقيمِ (آيت : 182) |
۽ سڌي تارازي سان صحيح تور ڪندا ڪريو. |
وَلا تَبخَسُوا النّاسَ أَشياءَهُم وَلا تَعثَوا فِى الأَرضِ مُفسِدينَ (آيت : 183) |
ماڻهن کي انهن جون (خريد ڪيل) شيون گهٽ ڪري نه ڏيو ۽ زمين ۾ فساد نه ڦھلائيندا وتو. |
وَاتَّقُوا الَّذى خَلَقَكُم وَالجِبِلَّةَ الأَوَّلينَ (آيت : 184) |
ان پاڪ هستيء کان ڊڄو جنھن توهان کي ۽ توهان کان اڳ گذريل مخلوق کي پيدا ڪيو. |
قالوا إِنَّما أَنتَ مِنَ المُسَحَّرينَ (آيت : 185) |
انهن چيو ته بيشڪ تون جادو ٿيل ماڻهو لڳين ٿو(توتي ڪنھن جادو ڪري ڇڏيو آهي) |
وَما أَنتَ إِلّا بَشَرٌ مِثلُنا وَإِن نَظُنُّكَ لَمِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 186) |
۽ تون اسان جھڙو ئي انسان آهين پر اسان توکي ڪوڙن ماڻهن مان سمجهون ٿا. |
فَأَسقِط عَلَينا كِسَفًا مِنَ السَّماءِ إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 187) |
(ها باقي) جيڪڏهن تون سچو آهين ته اسان جي مٿان آسمان جو ڪو ٽڪرو ڪيرائي ڏيکار. |
قالَ رَبّى أَعلَمُ بِما تَعمَلونَ (آيت : 188) |
(شعيب $) چيو ته منھنجو پالڻھار ئي توهان جي ڪمن کان خوب واقف آهي. |
فَكَذَّبوهُ فَأَخَذَهُم عَذابُ يَومِ الظُّلَّةِ إِنَّهُ كانَ عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 189) |
پوءِ اُنهن ماڻهن کيس ڪوڙو ڪيو ۽ جُهڙ جي ڏينھن واري عذاب کين پڪڙيو. بيشڪ اهو وڏي ڏينھن وارو عذاب هو. |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 190) |
بيشڪ ان واقعي ۾ وڏي نشاني آهي پر پوءِ به انهن مان گهڻا ماڻهو ايمان نٿا آڻين. |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 191) |
بيشڪ تنھنجو پالڻھار زبردست ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
وَإِنَّهُ لَتَنزيلُ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 192) |
۽ بيشڪ هي قرآن جھانن جي پالڻھار جي طرفان نازل ڪيل آهي. |
نَزَلَ بِهِ الرّوحُ الأَمينُ (آيت : 193) |
ان کي روح الامين (يعني جبرائيل $ ) لاٿو آهي. |
عَلىٰ قَلبِكَ لِتَكونَ مِنَ المُنذِرينَ (آيت : 194) |
تنھنجي دل تي نازل ڪيو ته جيئن تون (به) ماڻهن کي ڊيڄاريندڙن ۾ شامل ٿئين. |
بِلِسانٍ عَرَبِىٍّ مُبينٍ (آيت : 195) |
(هي قرآن) صاف عربي ٻولي ۾ آهي. |
وَإِنَّهُ لَفى زُبُرِ الأَوَّلينَ (آيت : 196) |
اُن جي اچڻ جي خبر پھريان نازل ڪيل ڪتابن ۾ موجود آهي. |
أَوَلَم يَكُن لَهُم ءايَةً أَن يَعلَمَهُ عُلَمٰؤُا۟ بَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 197) |
ڇا (مڪي وارن لاءِ) اها نشاني نه آهي جو هن (قرآن جي سچائي) کي بني اسرائيل جا عالم (چڱي ريت) ڄاڻن ٿا. |
وَلَو نَزَّلنٰهُ عَلىٰ بَعضِ الأَعجَمينَ (آيت : 198) |
پر جيڪڏهن اسان هن (قرآن) کي ڪنھن عجمي (يعني غير عرب) تي نازل ڪيون ها. |
فَقَرَأَهُ عَلَيهِم ما كانوا بِهِ مُؤمِنينَ (آيت : 199) |
پوءِ اهو (غير عرب ماڻهو) انهن کي پڙهي ٻڌائي ها تڏهن به هي ماڻهو ان تي ايمان نه آڻين ها. |
كَذٰلِكَ سَلَكنٰهُ فى قُلوبِ المُجرِمينَ (آيت : 200) |
اهڙي طرح اسان ڏوهارين جي دلين ۾ اهو انڪار وڌيڪ پڪو ڪري ڇڏيو. |
لا يُؤمِنونَ بِهِ حَتّىٰ يَرَوُا العَذابَ الأَليمَ (آيت : 201) |
هي ماڻهو ايستائين ايمان نه آڻيندا جيستائين هو دردناڪ عذاب نه ڏسندا. |
فَيَأتِيَهُم بَغتَةً وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 202) |
اهو عذاب انهن جي مٿان اچانڪ ايندو جو کين خبر به نه پوندي. |
فَيَقولوا هَل نَحنُ مُنظَرونَ (آيت : 203) |
پوءِ هو چوندا ته ڇا اسان کي (ٿوري گهڻي) مھلت ملي ويندي؟ |
أَفَبِعَذابِنا يَستَعجِلونَ (آيت : 204) |
ڇا هي ماڻهو اسان جي عذاب لاءِ تڪڙ لڳائي ويٺا آهن؟ |
أَفَرَءَيتَ إِن مَتَّعنٰهُم سِنينَ (آيت : 205) |
سوچڻ جي ڳالهه هي آهي ته جيڪڏهن اسان اُنهن کي گهڻن سالن تائين خوشحال به رکون. |
ثُمَّ جاءَهُم ما كانوا يوعَدونَ (آيت : 206) |
پوءِ انهن جي مٿان اها شيءِ اچي جنھن جو انهن سان وعدو ڪيو ويو آهي. |
ما أَغنىٰ عَنهُم ما كانوا يُمَتَّعونَ (آيت : 207) |
پوءِ اها خوشحالي ته انهن کي بچائي نه سگهندي. |
وَما أَهلَكنا مِن قَريَةٍ إِلّا لَها مُنذِرونَ (آيت : 208) |
اسان هر شھر کي ڊيڄاريندڙ موڪلڻ کان پوءِ ئي تباهه ڪيو آهي. |
ذِكرىٰ وَما كُنّا ظٰلِمينَ (آيت : 209) |
نصيحت ڪرڻ لاءِ اسان ته ذري جيترو به ظلم نه ڪندا آهيون. |
وَما تَنَزَّلَت بِهِ الشَّيٰطينُ (آيت : 210) |
(يقين ڪريو ته) هن قرآن کي شيطانن نه لاٿو آهي. |
وَما يَنبَغى لَهُم وَما يَستَطيعونَ (آيت : 211) |
۽ نه ئي انهن ۾ اهڙي ڪا طاقت آهي ۽ نه ئي اُهي هن ڪم جي لائق آهن. |
إِنَّهُم عَنِ السَّمعِ لَمَعزولونَ (آيت : 212) |
انهن کي ته (نازل ٿيڻ وقت) ان جي آواز کان به پري رکيو ويو آهي. |
فَلا تَدعُ مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ فَتَكونَ مِنَ المُعَذَّبينَ (آيت : 213) |
(اي نبيﷺ!) الله تعالى کان سواءِ ٻئي ڪنھن کي به معبود نه سڏجانءِ، ورنه تون به عذاب وارن مان ٿي ويندين. |
وَأَنذِر عَشيرَتَكَ الأَقرَبينَ (آيت : 214) |
پنھنجي ويجهي مائٽن کي ڊيڄار. |
وَاخفِض جَناحَكَ لِمَنِ اتَّبَعَكَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 215) |
مؤمنن مان جيڪي به ماڻهو تنھنجي پيروي اختيار ڪن تن سان نرمي وارو رويو رکجانءِ. |
فَإِن عَصَوكَ فَقُل إِنّى بَريءٌ مِمّا تَعمَلونَ (آيت : 216) |
پر جيڪڏهن هو تنھنجي نافرماني ڪن ته کين چؤ ته مان توهان جي عمل کان بيزار آهيان. |
وَتَوَكَّل عَلَى العَزيزِ الرَّحيمِ (آيت : 217) |
تون اُن هستي تي ڀروسو رک جيڪا زبردست ۽ وڏي رحم ڪندڙ آهي. |
الَّذى يَرىٰكَ حينَ تَقومُ (آيت : 218) |
هو توهان جي (رات جي عبادت لاءِ) اٿڻ کي به ڏسي ٿو. |
وَتَقَلُّبَكَ فِى السّٰجِدينَ (آيت : 219) |
توهان کي سجدو ڪندڙ ماڻهن ۾ به ڏسي ٿو. |
إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 220) |
بيشڪ هو خوب ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. |
هَل أُنَبِّئُكُم عَلىٰ مَن تَنَزَّلُ الشَّيٰطينُ (آيت : 221) |
ڇا مان توهان کي ٻڌايان ته شيطانَ ڪھڙن ماڻهن تي لهندا آهن؟ |
تَنَزَّلُ عَلىٰ كُلِّ أَفّاكٍ أَثيمٍ (آيت : 222) |
هو هر ڊاڙي (۽ لٻاڙ هڻندڙ) گنهگار تي نازل ٿيندا آهن. |
يُلقونَ السَّمعَ وَأَكثَرُهُم كٰذِبونَ (آيت : 223) |
هو (ان جي ڪن ۾) رڳو ٻڌل ڳالهيون ڀريندا آهن، انهن مان گهڻائي ڪوڙن جي آهي. |
وَالشُّعَراءُ يَتَّبِعُهُمُ الغاوۥنَ (آيت : 224) |
شاعرن جي پويان ته رڳو گمراهه ماڻهو ئي هوندا آهن. |
أَلَم تَرَ أَنَّهُم فى كُلِّ وادٍ يَهيمونَ (آيت : 225) |
ڇا تو نه ڏٺو ته اهي شاعر سدائين هر جڳھه تي ڀٽڪندا وتندا آهن. |
وَأَنَّهُم يَقولونَ ما لا يَفعَلونَ (آيت : 226) |
هميشه اهڙيون ڳالهيون چوندا آهن جن تي هو خود عمل نه ڪندا آهن. |
إِلَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَذَكَرُوا اللَّهَ كَثيرًا وَانتَصَروا مِن بَعدِ ما ظُلِموا وَسَيَعلَمُ الَّذينَ ظَلَموا أَىَّ مُنقَلَبٍ يَنقَلِبونَ (آيت : 227) |
سواءِ انهن شاعرن جي جن ايمان آندو، نيڪ عمل ڪيا ۽ الله تعالى کي گهڻو ياد ڪيو. جڏهن به انهن تي ڪنھن ظلم ڪيو ته انهن صرف اوترو ئي بدلو ورتو. (اهڙا شاعر گمراهه نه آهن) ظالمن کي عنقريب خبر پئجي ويندي ته اهي ڪهڙي (خوفناڪ) جڳهه ڏانهن موٽڻ وارا آهن؟ |